سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1971ع

مضمون:

صفحو :4

غلام نبي ”عاقل“ راڄپر

برٿر بوندون وسيون، گھڻيون ۽ گھاٽيون،

ٻُوچِيُنِ ٻَڙِ هَينِ ٻاجھريون، انن ۾ آٽيون،

ڪڙيا جوارن ڪڍيا، ڦولا سَرِ ڦاٽيون،

اڱڻ اڍيچن اڀنديا، مکڻ جون ماٽيون،

سِپَ نه جن کي کير جي، پين سي پاٽيون،

گھر گھر گِهَه ڄاٽيون، ٻارو پارن ٻاريون.

 

برٿر بوندون وسيون، ساجھِر سويلو،

ريڙيِ رِجائي رات ويو، رحمت جو ريلو،

بجير اوڍاڻو بَلاسِيو، وهندو نا ويلو،

بيجاڙا ڀٽن تي، ڄڻ ڇال ڏئي ڇيلو،

منهنجو پڻ ميلو، مِينهَنِ اٺي ٿيو محب سان.

 

برٿر بوندون وسيون، ڏاڍيون تي ڏهرن،

اريجون ”عاقل“ چئي، پيتيون منجھ پهرن،

بانسو آوَرُ بُڻيڇُ ٿيو، سرس ۾ صحرن،

گھڻن ۽ گَهَرَن، مِينهَن خوش مال ڪيا.

 

برٿر بونديون وسيون، هيل سڄوئي سال،

ميهو متيرو موڪ ٿيو، البت جھجھو آلُ،

سارنگ اُٺو سکي ٿيا، ماڻهو توڙي مال،

جھرجھنگ رب جلال، پياسن آب پياريو.

 

سارنگ اٺو سک ٿيا، ساري ڀونءِ ڀِنِي،

سيٺيون مينهن سي ڪيا، جن پاليو پيٽ پِنِي

سي ٿا کائن سترڇي، ڏٺي نه جوئر جني،

ڏيهه ڌڻيءَ ڏني، روٽي لنگوٽي لوڪ کي.

 

سارنگ اٺو سک ٿيا، وِگھِريون واهه وليون،

ويرانن ۾ وڇائيون، رنگ برنگ رليون،

ڍورنِ منجھ ڍڳن جون، ٽڻ- ٽڻ ڪن ٽليون،

ڀٽون ڏهر تليون، وسيو مينهن، وڻن پيا.

 

ويسا مينهن مندائتا، دوساري تي ڌُمَ،

وَلهَناري واهه جو، رؤنٿ ڪيائين رُمَ،

مِٺِڙِئي تي منجھند هئا، جھڙن سندا جھُمَ،

هاديءَ سان حڪم، ڀٽون ڏهر ڀڄائيا.

”خاڪي“ جويو

وندر وارا واٽ تي، ويٺا ڪن واڪا،

اوکي اڻانگي پنڌ جا، جھورن ٿا جھاڪا،

ڏاڍا آهن ڏاڍ جا، ڏونگر کي ڏاڪا،

ڪاهيندي ڪاڪا، ساهي سندرا سِڪ جا!

 

ڏکن مٿان ڏکپ، آهن اڄ انسان تي،

ساري هن سنسار ۾، سنڀري ڪي به نه سُک،

بيماري ۽ بک، گڏي رهي هر گام تي.

 

ڏکن ڏهي آ ڇڏيو، اڄوڪو انسانُ،

دنيا جي دستور کان، هرڪو آ حيران،

سُورن جو سامان، ساٿي سڀڪنهن جو  ٿيو!

 

دنيا جي دستور کان، هَر دو هر حيران،

مانجھاندي جي ماڳ تي، آهين تون مهمان،

ناحق ٿي نادانُ، وقت وڃاءِ نه ويسرا.

 

اڃا اڳاهون پنڌ، جوڳئيڙو جھان جو،

لهندين لاهوتي وڃي، هوري هوري هنڌ،

ساٿِي ڪر سنڌُ سنڌُ، ته رسين رهبر راهه کي!

 

محبوبيت جو ماڳ، اڃا اڳاهون ڪاپڙي،

پانڌي پسندين پاڻهئي، روح رچندو راڳ،

جوڳي جلدي جاڳ، ووڙي وڻ وڻڪار جا!

 

جوڳي تنهنجي جنگ، انسانيت جي اوج لئه،

ٻول ٻڌائي سچ جا، ڏاڍائيءَ کي ڏنگ،

ويڙهيچو هر ونگ، محبت جي مانڊاڻ ۾.

”عاجز“ اُڄڻ

 

ڄاڻ ٽُٽي تار، جانب مون جيئڻ جي،

تو ساريندي سپرين، لنگھيا جُڳ آپار،

”ڪل نفس ذائقة الموت“، مڃيم قول قرار،

پر مرڻا مهند محبوب جو، تون ڏاتر منهن ڏيکار،

 

ڪِري مان قدمن تي، هاريان لڙڪ هزار،

چُمان مان چشمن سان، پرينءَ جا پيزار،

متان روز محثر جي، ڏئي محب ميار،

ته ”عاجز اُڄڻ“ عشق ۾، تو ڪيو نه انتظار،

تيسين مولا جيار، جيسين پرين پرچڻ جون ڪري.

 

اُجھيون اميدون، ڄاڻ ته اجَل آئيو،

پَهي ڪَهجِ پرينءَ کي، نزع حالت مون،

سنيها سڄڻ کي ڏج ثابت ساکي تون،

ته مون نه ملهايو سپرين، اوهان ريءَ عيندون،

”عاجز اُڄڻ“ عشق ۾، جي مري تون ويندون،

ته به دوست لئه ديدونۡ، جيئريون رهنديون جڳ ۾.

 

اکين منجھ اڻيهه، تاب تليهئرون تڪڙو،

تِرو کڙيون تارن جون، ڏنگن ڪيئي ڏينهن

ڪُهڻ ۾ قريب جا، ڇپر ڪن ٿا ڇيهه،

”عاجز اُڄڻ“ اکين جو، جي وڍيو هجين ته ويهه،

ساجن جي ساڻيهه، ڪوڙين ڪُٺل ڪُنڍين جا.

 

اکين کي اميد، ته ڄاڻ مسافر موتيا،

ديکيندي دلبر ڏي، ڌنڌلي ٿي وئي ديد،

”عاجز اُڄڻ“ عجيب ريءَ، ڪهڙي عيد سعيد،

مرڻا موت بعيد، اکيون اوهان جي آسري.

 

ساجن سڀ ساڻيهه، پر جي اکيون آسيون،

”ولسوف يعطيڪ ربڪ فترضيٰ“، تون پنهنجو نينهن نبيهه،

”عاجز اُڄڻ“ عجيب جا، سور اندر ۾ سيهه،

ته ڏوٿيئڙن جي ڏيهه، تون مَرڪين مٿاهون منهن کڻي.

بشير احمد ”شاد“

 

چاهت ڪيو چُور، ساريان ويٺي سپرين،

جيڪا سانڍيم ساه ۾ نه محبت ملندءِ مور،

ساري عمر سور، رهندو منهنجي روح ۾.

ساري سانگيئڙن کي، روحُ ڪري راڙو،

پڇان پانڌيئڙن کان، پرينءَ جو پاڙو،

قرب جو ڪاڙهو، چرپر لائي چت ۾.

 

جنت جھڙي جاءِ، منهنجي ڪاڻ ملير،

ڪيو ڪوه ڪوٽن ۾ آڻي تو اسير،

عمر ڄام امير، ڪڍ بندياڻي بند مان.

 

ڪڍ بند ياڻي بند مان، منهنجو سڪي ساهه،

وڃي چونڊيان وَرَ سين، گولاڙا ۽ گاهه،

اکيون ۽ ارواح، مارن ريءَ ماندا ٿيا.

 

ڀلي قيد ڪريج، منهنجي جان جَسو،

مارن ريءَ ٿي ڀانئيان، سارو ملڪ ٻُسو،

غضب لاهه غصو، مارن ملي مارئي.

وايون

صوفي صادق فقير

متان موٽي ڪانڌ ڪو، پاهون پير ڏيئي.

جھڙ ۾ جھونجھارن جا، وه واه، بيرن رتا بنگ؛

هڻي ڪند بڙڇيون، وه واه، لال رتائين لنگ.

مانجھي مرڻ ۾، وه واه، اڀا گھُرن رنگ.

حافظ ”احسن“ چنا

محب مٺو منٺار- ايندو اڱڻ ۾، آس سڄڻ ۾.

ڏينهن ڏٺي ٿيا، سال لنگھي ويا، لهندو سار سنڀار:

ايندو اڱڻ ۾، آس سڄڻ ۾.

ڏکڙا ويندا، سکڙا ٿيندا، ويندو ڏينهون ڏڪار:

ايندو اڱڻ ۾، آس سڄڻ ۾.

ٿيندو اوطاقي، محب! ملاقي، ٿيندي پرت پچار:

ايندو اڱڻ ۾، آس سڄڻ ۾.

جنهن جي سدائين وات ۾ واٿي، رهندو نه مون کان ڌار:

ايندو اڱڻ ۾، آس سڄڻ ۾.

ڪانگ اڏايان، واٽون نهاريان، ايندو وصلل جو وار:

ايندو اڱڻ ۾، آس سڄڻ ۾.

دلبر ايندو، درشن ٿيندو، ”احسن“ ٿيندو بهار:

ايندو اڱڻ ۾، آس سڄڻ ۾.

 

رحيم بخش ”قمر“

مڙيا آهن مَڇ، الا- ننڊ نه ڪريو ناکئا!

مٺڙا مٺڙا ماڻهو ماري، قاتل ڀريا ڪڇ، الا:

ننڊ نه ڪريو ناکئا!

تيرن تي اڄ تير وَسايو، راس نه آهن رڇ، الا:

ننڊ نه ڪريو ناکئا!

’قمر‘ ڪنارو ڪونه ٿو ڏسجي، آه رڳوئي اَڇ، الا:

ننڊ نه ڪريو ناکئا!

 

بهاول خان لغاري

ايندو پاڻ آرياڻي- ڀينر! هن ڀنڀور ۾.

ڇني ڏير هليا ويا، ناتو ساڻ نماڻي.

ٻاروچو اچي ٻاجهه مان، سرهو سڱ سڃاڻي.

ڪيچي ڪيڏي ڪري ويا، پورهيت سان پڄاڻي.

’بهاول‘ چئي هُيس ڪا سورن لاءِ آئون ساماڻي.

 

”ميرل“ جويو

ٻانهپ جي توسان ٻولي، الا، آءٌ گولي آهيان اصل کان سائين!

سور مون سانڍيا ساهه سان، جهلي آهي مون جهولي، الا.

ڪهڙو ڏوهه ڪيو آ مون، رڻ ۾ رب تو رولي، الا.

ليڙون لٽا ٿيا لکن ۾، چيهاڙيون ٿي چولي، الا.

ٻنڌئن ۾ هن ٻانڀڻ کي، ڏکن ملي آ ڏولي، الا.

روهن ۾ ريهون ڪيان، ڇپرن ڇاتي ڇولي، الا.

”ميرل“ پنهنجي محب لئي، ڳوٺ ڳلي آهيان ڳولي، الا.

 

”الطاف“

منهنجي دل ديواني پائي سُورن منجهه سُرور!

سُورن منجهه سُرور!

چنڊ کي دل اوڏو ئي چاهي، جيڏو آهي دُور:

سُورن منجهه سُرور!

تولئه چاهه وڌي جيئن هي ماحول ڪري مجبور:

سُورن منجهه سُرور!

دل جا گهاءُ وڌن ٿا مون کي گهڙيءَ گهڙيءَ پئي گهُور:

سُورن منجهه سُرور!

تُنهنجي سهاري تڳان تڏهن ڀي مِلان نه توسان مُور:

سُورن منجهه سُرور!

جنهن جي جهولي خالي، تنهن جي دل سِڪ سان ڀرپور:

سُورن منجهه سُرور!

دل جيءَ دولت جي داتا کي غربت ۾ به غُرور:

سُورن منجهه سُرور!

 

 

بشير احمد ”شاد“

تنهنجي راه تڪيندي سائين! ويڙم رات وهامي-

سائين! تنهنجي راه تڪيندي.

تارا رات ڳڻيندي سائين! ويڙم رات وهامي-

سائين! تنهنجي راه تڪيندي.

گهرا گهاوَ جهليندي سائين! ويڙم رات وهامي-

سائين! تنهنجي راه تڪيندي.

پنهنجو ساهه پليندي سائين! ويڙم رات وهامي-

سائين! تنهنجي راه تڪيندي.

پور سان سور سليندي سائين! ويڙم رات وهامي-

سائين! تنهنجي راه تڪيندي.


 

گيت

”سليم“ ڳاڙهوي

منهنجي من جا ساجن سائين، منهنجي من جا ميت!

مان ڀي تنهنجو، من ڀي تنهنجو، تو لئه منهنجا گيت!

منهنجي من جا ميت!

 

تنهنجي منهنجي دل جي حالت ڇا ڄاڻي سنسار،

ظالم آهه زمانو سارو، ظلم جي ڄاڻي ڪار،

ڪوبه نه ڄاڻي، ڪوبه نه سمجهي رحم ڪرم جي ريت:

منهنجي من جا ميت!

 

جيڪي چاهي، سوئي ٺاهي، تنهنجو منهنجو سنگ،

راءُ ريجهايون گڏجي سڏجي، آءُ ته چوريون چنگ،

پاهڻ پٿر ميڻ بنائن سوز ڀريا سنگيت:

منهنجي من جا ميت!

 

هرهڪ رُت ۾ روئي روئي راه نهاري ڪير،

اوسيڙي جو پنڌ اڻانگو، ڪانگ اُڏاري ڪير،

نينهن نباهي ڇڏجي پنهنجو نيٺ ته ٿيندي نيت:

منهنجي من جا ميت!

 

 

احمد خان ”آصف“

ڳيرا! تُنهنج ڳٽ ڳٽڪار،

وڇڙيل ساٿي ياد ڏياريا.

 

آهين اڪيل آکيري ۾،

ڏسجين وياڪل واهيري ۾،

ڳيريءَ تي ڪيو ويريءَ وار،

ناهه وسئون ٿي توکان ڌار.

 

 

گڏجي چُڳيو چؤڻو- پاڻي،

توسان هاڃو ٿي ويو هاڻي،

آکيري جا تِنڪا چار،

تولئي بڻيا درد هزار.

 

 

سونهي جڳ ۾ جوڙو جوڙو،

جوڙي ۾ شل پئي نه وڇوڙو،

آهه وڇوڙو قهري ڪار،

شال نه ٿئي دل دل کان ڌار.

 

 

آهه قضا جو مالڪ قاضي،

آهه رضا تي رهڻو راضي،

ڳيرا! ڳالهه ڳڻي ڏس يار،

رهندو هرڪو دن ٽي- چار.

”ناشاد“

سپنن جو سنسار،

ڏسي ڪو سپنن جو سنسار!

جلوا ۽ جنسار:

ڇا ڇا نيڻن ٺار نظارا،

چوڌر چمڪن چنڊ ستارا،

سونهن جا ساگر، پيار جا دريا،

ساعت جا سينگار-

ڏسي ڪو سپنن جو سنسار!

چانڊوڪي هت رقص ڪري ٿي،

خوشبو ڀي هت خوب نچي ٿي،

جنت جي هت هير گهُل ٿي،

دل ٿئي باغ- بهار-

ڏسي ڪو سپنن جو سنسار!

 

آءُ سڄڻ! هي ديس وَسايون،

دنيا جا سڀ درد ڀُلايون،

نئون نرالو نينهن لڳايون،

سڀ کان ٿيون فرار-

ڏسي ڪو سپنن جو سنسار!

 

 


 

غزل

آغا عبدالنبي خان ”عليگ“

مان رسمِ محبت کي نباهيندو اچان ٿو،

سڀ جور و جفا تنهنجا ساريندو اچان ٿو.

 

دل ۾ جا لڳل آڳ غمِ عشق جي آهي،

لُڙڪن سان سرِ راه اجهائيندو اچان ٿو.

 

ديوانو هان تنهنجو ۽ گنهگارِ محبت،

مان سوز سندو ساز وڄائيندو اچان ٿو.

 

هر وقت رهيو دل ۾ تصور ته آ تنهنجو،

توکي ئي نگاهن ۾ سنڀاليندو اچان ٿو.

 

سرمست آهيان تنهنجو ۽ تنهنجي ئي ڳليءَ ۾،

هر گام تي ميخانو اڏائيندو اچان ٿو.

 

اڄ شوق سان گردن درِ دلبر تي جهڪائي،

ناڪاميءَ دوران کي مِٽائيندو اچان ٿو.

 

مان پنهنجو قدم راهِ محبت ۾ اي قاتل!

هربار ۽ هردم ته وڌائيندو اچان ٿو.

 

اڄ سوزِ غمِ يار کان مجبور ٿي آخر،

هي نارَ مان نيڻن مان وهائيندو اچان ٿو.

 

محشر ۾ گناهن جو کڻي بار اي ’آغا‘

الله جي رحمت کي سنڀاريندو اچان ٿو.

”خواب“ حيدرآبادي

غمِ دوران جي لذت جا عجب پيمانه گهرجن ٿا،

غمِ جانان جي جنت جا عجائب خانه گهرجن ٿا.

 

سرور و ڪيف مستي کان جي محرومِ نظر آهن،

انهن کي ديدهء بينا جا پُر پيمانه گهرجن ٿا.

 

پياسن، اهلِ دل پڻ زاهدن جي التجا آهي:

چُميا تو جنهن جا لب ساقي! اهي پيمانه گهرجن ٿا.

 

جواني، حسن، غمزه، ناز، شوخي سڀ اکين تي پر،

وفائن جا به ڪڏهين، عهد ۽ پيمانه گهرجن ٿا.

 

پچي پارس ٿين يا خاڪ مان اڪسير پيدا ڪن،

اُهي جي طور کي ڪن نُور، سي پروانه گهرجن ٿا.

 

مبارڪ مسجد و محراب، عابد کي ۽ زاهد کي،

اسان کي ابروئي محراب جا دوگانه گهرجن ٿا.

 

عروسِ شب جي چانڊوڪي چڪورن کي نه راس آئي،

شبِ هجران جي هيراڪن کي هنگاما، نه گهرجن ٿا.

 

نظر جو جام هڪ تنهنجو، زمانن کي ٿو بدلائي،

زماني کي انهيءَ اعجاز جا ميخانه گهرجن ٿا.

 

ادب ۽ شاعري، تنقيد، علم و فن جا شهپارا،

قلم جا معجزا دل کي رضاڪارانه گهرجن ٿا.

 

سفينهء گل کي خطرو آ خزان جي ٻوڏ جو هردم،

هتي ڪنهن ناخدا جا حوصله مردانه گهرجن ٿا.

 

ٻُڌي بيروح نغما هاڻ ٿي بيزار پيا آهيون،

مُئل جن سان جِين، سي نغمهء رندانه گهرجن ٿا.

 

جڏهن چُسڪي چپن جي هڪ سڪون ٿي عمر جون لاهي،

تعجب آ تڏهن رندن کي ڇو ميخانه گهرجن ٿا.

 

قلم جا معجزا، فڪر و نظر جا شوخ شهپارا،

ملوڪن جا هي ميڙا ’خواب‘ کي روزانه گهرجن ٿا.

”سليم“سرهندي

خوابَ ۾ مُکڙو پسائي چنڊ چمڪائي ويا،

زلف جي خوشبوءِ سان راتيون منهنجون مهڪائي ويا.

درد جون ڏئي دولتون، بخشي غمن جون خلعتون،

ويا هليا ۽ مون کي ساري عمر ورسائي ويا.

جَڳ ڏٺو منهنجي اڱڻ آيا پرين عيدون ٿيون،

پر ڏٺي ڪنهن ڪانه منهنجي جيءَ کي جا لائي ويا.

اڄ به لنؤ لنؤ تان پئي ڏي، جهولي جهولي روح پيو،

سال ٿيا هُو ساز دل تي گيت ڪو ڳائي ويا.

هڪ نظر جي بيک توکان دل جي جهوليءَ ۾ ڏٺي،

پيار جا پينو سڄي دنيا کي ٺڪرائي ويا.

دين ۽ دنيا کتي ويا سي کُٽل هڪ داءُ ۾،

دل جي بازي جيڪي توکان هوت هارائي ويا.

جڳ ٺريو، بادل وٺا، پر تنهنجي بادُن جا ڪَڪَر،

وِڄڙيون چمڪائي ٻيڻي باهه ڀڙڪائي ويا.

داغ ٻهڪيا، دَرد مهڪيا، گهاءِ گل ٿي پيا ”سليم“،

هڪ نظر سان دل جو اجڙيل باغ برسائي ويا.

مرزا غلام احمد خان چانڊيو

ساقيا، عشوه گرا، ديده ورا، الاچه،

مغيچا، ماه لقا، باده ڪشا، الاچه.

 

باغ ۾ آس نه اي بادِ صبا الاچه،

ناف ۾ ڦنڊ نه اي مشڪِ ختا الاچه.

 

شانه ۾ پيچ! تف اي زلف دوتا الاچه،

ابر ۾ نار! اف اي ماه، خطا الاچه.

 

دل کي تنبيهه ٻُرن ٿا جي چَڙا، الاچه،

تا اَبد شاهه جي ٿي واتِ صدا، الاچه.

 

دلبري دل لڳي سورٺ جي سچي خاڪ ڀڀوت،

منگتا ساز وڄا، سُور اُٺا، الاچه.

 

سو بسو سير ڪر اي نغمه سَرا الاچه،

ڪوبڪو ناچ ڪر اي ڪرنه ابا الاچه.

 

حبذا خوش ٿي ڳلي ٿا چَون مشهد، ٻڌ،

ياد ڪر دار ٻيو ڪرٽ دلا، الاچه.

 

هالڪ، گهنڊ جي فرياد ڪنين ڪانه پيئي!

ڪاش! اي بوئي چمن، رنگِ حنا الاچه.

 

ٿي وئينءَ پاڙ پَٽي! خاڪِ شڪار،

ايشيا خاڪ وتي! ٻي نه دوا، الاچه.

 

مرغ جو، موج جو، ۽ واءُ جو آلاپ اهو،

گنج اسرار اهو، ٻول سرا، الاچه.

 

نام هو تنهنجي جوانيءَ جو قيامت ليڪن،

وادي ’لا‘ کي ڇڏي، ڪلڪ نه را الاچه.

شيخ عبدالحيلم ”جوش“

مُرڪي مُرڪي گذارجي، سائين،

ڪُرڪي ڪُرڪي نه گهارجي، سائين!

جنهن سان ويڇا وڌن ۽ چاڪ چڪن،

ڳالهه اهڙي وسارجي، سائين!

زندگي ڀل هجي ڪشالن ۾،

شان سان ئي گذارجي، سائين!

زندگيءَ کي سڦل ڪرڻ جي گهرين،

سونهن تان ساهه وارجي، سائين!

تون ٻين تان کلين، انهيءَ کان اڳ،

پاڻ ڏي ڪجهه نهارجي، سائين!

آهي جنهن ۾ نه ”جوش“، همدردي،

دل ته اهڙي نه ڌارجي، سائين!

ا. ج. جئسنگاڻي ”سام“

رهي ٿي ستارن سان دل جي سڳائي،

جو آهي منجهن يار جي رونمائي.

 

ڏين ٿا سڄي رات هو روشنائي،

چمڪ ۾ سندن پَر ڪمي ناهه ڪائي.

 

مگر شامِ فرقت ڀي آ شامِ فرقت،

سندس تيرگيءَ ۾ ڪمي ڪجهه نه آئي!

 

رهيو ڀٽڪندو ڪاروان آرزوءَ جو،

سحر تائين تارن ڪئي رهنمائي.

 

رئڻ منهنجو، ٽمڪڻ انهن جو سڄي رات،

جدائيءَ ۾ ڄڻ هُو هئا حالڀائي!

 

مان سمجهان انهن ۾ وسي يار منهنجو،

ڏٺي ٿي انهن مون ۾ جلوه نمائي.

 

جدائي سندس جو اثر آهي ڪو ’سام‘،

جو هرجا بکي ٿي سندس هيڪڙائي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com