سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1971ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 4/ 1971ع

غلام محمد گرامي

گذارش

ڪمال ۽ زوال جا اسباب

’انساني تاريخ ۽ ان جي ارتقا‘، باهمي جدوجهد ۽ ڪشمڪش، جنگ ۽ جدال جو هڪ اهو خونچڪان داستان آهي، جنهن ۾ هاريل خون مان هوند سمنڊ اٿلي هلن! اهي جنگيون ڏاڍي ۽ هيڻي جي وچ ۾ ٿيون آهن. اهوئي ڪارڻ آهي جو اهل فڪر ۽ باشعور ماڻهو اڃا تائين نااميد آهن. پيغمبرن ۽ ولين، صالحن ۽ نيڪ ماڻهن جي منڍ کان وٺي اها تعليم رهندي آئي آهي ته انسانيت جي وسيع دائري ۾ مساوات، اخوت، صلح ۽ امن جو دؤر آڻڻ گهرجي ۽ ظلم ۽ تشدد جو زمانو ختم ڪيو وڃي. فسلفي، سائنس ۽ اخلاقي اثر جي ڪري، ڪيئي سجاڳ ۽ باشعور فرد ۽ قومون پيدا ٿيا آهن، پر انهن جو تعداد ۽ اثر ايترو ته گهٽ آهي، جيئن اٽي ۾ لوڻ. اهڙين باشعور ۽ باڪمال قومن تي به اڳتي هلي، زوال جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ٿا وڃن؛ ۽ اهي ذلت ۽ نڪيت، غلاميءَ ۽ بيڪسيءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙجي ٿيون وڃن. جمال الدين افغانيءَ کان جڏهن قومن جي ڪمال ۽ زوال متعلق پڇا ڪئي وئي، تڏهن فرمايائين:

”اسان ڪيتريون ئي اهڙيون قومون ڏٺيون آهن، جي عدم کان وجود ۾ آيون، ترقي حاصل ڪيائون، عروج جي ماڙيءَ ٽي ٽلندي نظر آيون. دنيا ۾ سندن اوج ۽ اقبال جو ڏونڪو وڄڻ لڳو، ماڻهن جي دلين مان سندن زوال جو خيال به محو ٿي ويو- پر وري اوچتو ئي اوچتو سندن عزت جو آفتاب غروب ٿيڻ لڳو ۽ هو ذلت جي تاريڪين ۾ مبتلا ٿي ويون، ڇو ته سندن هر فرد خود غرض ٿي ويو. جن جي هٿ ۾ اقتدار هو، تن مان اها سمجهه نڪري وئي ته مملڪيت جي دائري ۾ استحصال ۽ استبداد هيٺ جيڪڏهن عوام کي پيڙيو ويندو ته پوءِ ان مملڪت جا بنياد ڪمزور ٿيندا. اقتدار وارن اهو ڪڏهن به نه سوچيو ته هر فرد کي زندگيءَ جي ضرورت آهر خود ڪفيل بنائڻو آهي ۽ عوام جي ساٿ کي مملڪت سان وابستہ رکڻو آهي. عوام جي وابستگيءَ ۾ ئي مملڪت جي استحڪام جو راز سمايل آهي. ڇالاءِ ته مملڪت جو روح آهي ئي خوشحال عوام. مملڪت هڪ لاغر جسم کان وڌيڪ ڪابه حيثيت نٿي رکي. ان طرح هلڻ سان، هڪ طرف صاحبِ اقتدار ذاتي ۽ شخصي استبداد ۽ عياشيءَ ۾ رهن ٿا ته ٻئي طرف مظلوم ۽ مفلوڪ الحال عوام، مملڪت ۽ ان جي صاحبِ اقتدار طاقتن جي خلاف آزاديءَ جي جنگ ٿو جوٽي. نيٺ مستقبل مان نااميد عوام. سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ تائين پهچندي، پنهنجن بنيادي حقن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿو ٿئي. تاج ۽ تخت کي اونڌي منهن ڪيرائي، عوامي حڪومت جو بنياد وڌو ٿو وڃي.

ان حقيقت سان وابسته ٻيو پهلو هي ٿو رهي جو عوام جي جدوجهد ۽ ڪوشش جي دور ۾، صاحبِ اقتدار قوتن تي عيش ۽ غفلت جي ننڊ ڇانئجي ٿي وڃي. منجهن ڍورن ۽ ڍڳن وانگر قناعت پيدا ٿي ٿئي، ۽ هو ايندڙ انقلاب جي صور اسرافيل کان ڪنن کي بند ڪرڻ ۾ پنهنجي عاقبت موچاري ٿا سمجهن. پنهنجي پست ۽ ذليل طريقِ ڪار تي راضي ٿي ويهي ٿا رهن. اگر منجهائن ڪو سجاڳ به ٿئي ٿو ته پوءِ سندن ٻيا ساٿي، کين خيالي پلاءَ کارائي، خاموش رهڻ تي مجبور ٿا ڪن. ان افراتفريءَ جي عالم ۾ هڪ طرف سندن دشمن، مٿن شبِ خون هڻڻ ۾ ڪامياب ٿو ٿئي ته ٻئي طرف عوام، کين انقاب جي آڳ ۾ سڙندي، پري کان تماشبينن وانگر گهوريندو ٿو رهي. نتيجو اهو ٿو نڪي جو نه مملڪت ٿي رهي ۽ نه سنسد عياش ۽ غافل حڪمران!“

جمال الدين افغانيءَ جو مٿيون تجزيو، تاريخي ۽ عملي دنيا ۾ جا اهميت ۽ افاديت ٿو رکي، ان کان ڪوبه دانشور انڪار ڪري نٿو سگهي. اهي حالتون اڄ به هرهنڌ موجود آهن. ڪيئي عياش ۽ غافل قومون بامِ عروج تان ڪِري چڪيون آهن.

غور سان ڏٺو ويندو ته مملڪت ۽ عوام جي باهمي رابطي جي ٽٽڻ کان پوءِ، مملڪت ۽ ان جي سربراهن جي بلڪل اها حالت بنجي ٿي، جا جمال الدين افغانيءَ بيان ڪئي آهي.

افسوس هي آهي ته خود وطن عزيز پاڪستان ۾ قائداعظم جي وفات کان پوءِ ڪابه اهڙي عوامي قيادت پيدا نه ٿي، جا مملڪت جي خوشحاليءَ ۽ سالميت جي سلسلي ۾ تعميري خيال کان ڪم ڪري سگهي هجي. نه فقط عوام جو استحصال ڪيو ويو، پر ان سان گڏ مملڪت جي بنيادن کي به ڪمزور ڪيو ويو. نتيجو اهو نڪتو جو عوام جي ڪابه وابستگي ۽ دلچسپي نه رهي، ويتر نفرت ۽ اشتعال، انتقام ۽ حقارت جي باهه ڀڙڪي اٿي، جنهن هر حال ۾ پاڪستان جي تشڪيل ۽ مقصد کي نقصان پهچايو آهي. دعا آهي ته شال گذريل دؤر جي پيدا ٿيل غلطين جي تلافي ڪئي وڃي، جنهن ۾ ئي سالميت ۽ استحڪام جو راز سمايل آهي.

آزاديءَ جي نعمت:

آزادي هڪ نعت آهي، جنهن ۾ رهي انسانذات جي خوشحاليءَ ۽ روهاني ترقيءَ جو سامان پيدا ٿئي ٿو. اهي قومون بخت واريون آهن، جي آزاديءَ جي نعمتن سان مالامال آهن. آزاد قومن تي الله جي رحمت وسي ٿي ۽ اهي فطرت جون لاتعداد نعمتون ۽ نوازشون ماڻين ٿيون. انساني تاريخ جي هڪ عظيم ۽ عجيب واقعي کي بيان ڪندي، جيمس جارج فريزر جهڙي بين الاقوامي شهرت يافته عالم ۽ ماهر لکيو آهي ته:

”1993ع جي اپريل ڌاري سسليءَ جي ٻيٽ ۾ پاڻيءَ جي قلت سبب ماڻهن ۾ غمگيني ڇانيل هئي. اهو ٻيٽ اڃا غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هو. ماڻهن جو خيال هو ته خدا جي طرفان غلاميءَ جي عذاب سان گڏ هي ٻيو عذاب قحط ساليءَ جي صورت ۾ آيل آهي، ان ڪري جيستائين خدا جي ديوتائن کي راضي نه ڪبو، تيستائين برسات ڪانه وسندي. اٽڪل ڇهن مهينن کان برسات ڪانه پيئي هئي. هر روز دستور موجب سج اڀرندو هو ۽ شام ڌاري نيري آسمان ۾ غروب ٿي ويندو هو. ’ڪونڪا ڊي اورو‘ جا سرسبز باغ ۽ من موهيندڙ کيت؛ جيڪي ’پالرمو‘ کي چوڌاري سائي رنگ جي ڏهڪار سبب ماڻهو حيران پريشان! مينهن وَسائڻ جا سڀ حيلا وسيلا آزمايا ويا، پر آسمان هڪ بوند به نه وسائي. ماڻهن مذهبي رسمن کي ادا ڪندي به ڇيهه ڪري ڇڏيو. مرد، زالون ۽ ٻار سڄيون سڄيون راتيون مقدس ديوتائن جي بتن اڳيان آزيون ۽ نيزاريون ڪندا رهيا. ديوالن جون پاڪ شمعون رات ڏينهن ٻرنديون رهيون. ’پام سنڊي‘ جي مقدس ڏينهن تي، وظيفن ۽ دعائن سان دَم ڪيل کجين جون ٽاريون به وڻڻ ۾ ٻڌيون ويون. ’سولا پاروٽا‘ ۾ هڪ تمام پراڻيءَ رسم موجب مقدس ديولن جي مِٽيءَ کي ڏاڍي احترام سان ٻنين ۾ پٿاريو ويو. هونءَ ته رواجي وقتن تي ديولن مان سڙيل مٽي، فصلن کي جيت جڻئي کان محفوظ رکندي آئي هئي، پر سچ پڇو ته ان سان ان مقدس مِٽيءَ مان به ڪو کڙتيل نه نڪتو ’نڪوسيا‘ جي شهري ماڻهن، مٿي پيرين اگهاڙو ٿي، صليبن کي ڪلهن تي کڻي، شهر جي هرهڪ محلي ۾ جلوس ڪڍي ڦيرايو ۽ انجيل مقدس جي آيتن کي وڏي ۽ دلگداز آواز ۾ اُچاريو. راڳيندڙن ڏاڍي سوز سان نغما ڳايا، سازن وارن به پنهنجي فن جي مظاهري ڪندي ڪا ڪسر نه ڇڏي- پر مينهن جي ڪا ڦڙي وَسي، سا اصل نه! آخر هڪ ٻي نهايت پراڻي ۽ خطرناڪ رسم ادا ڪندي، هڪ ٻئي کي لوهه جي نئين سان مارون ڪڍيائون. اصل هڪ ٻئي جا مٿا ڦاڙي رکيائون. هر ماڻهو رت ۾ وهنجي نڪتو، پر آسمان ۾ ڪا ڪاري ڪڪري به ڪانه اُڀري!

خود ’پاٽولو‘ وارو عظيم ديوتا ’سينٽ فرانسز‘، جو هر سال مينهن وسائڻ جو معجزو ڏيکاريندو هو، ۽ جنهن کي ڏاڍي پاٻوهه مان هر سال بهار جي موسم ۾ ڪلهن تي چاڙهي، شهر جي باغيچن ۾ ڦيرايو ويندو هو، ان سال ان به ڪو معجزو نه ڏيکاريو. هُو يا ته بنهه عاجز ۽ بيڪار ٿي چڪو هو، يا هنن غلامن جي مدد ڪرڻ لاءِ آماده نه هو.

آخرڪار اجتمائي عبادتن، دعائن، وظيفن، خيراتن، راڳ جي محفلن، چراغان ۽ آتشبازيءَ جي چهچٽن ان تي ڪوبه اثر نه ڪيو. ديوتا جو بُت ائين پنڊپاهڻ ٿي تماشبين وانگر، پنهنجين بي ساهين اکين سان نهاريندو رهيو.

نيٺ ڪڙمين ۽ ڪاسبين جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ڇلڪڻ لڳو. غلام ۾ انتقام جي جوش ڀڙڪو کاڌو، اصل چريا ٿي پيا، نه فقط پراڻي رسم موجب هڪ ٻئي کي مارڻ شروع ڪيائون، پر ان سان گڏ پاڪ جاين جي بيحرمتي ڪرڻ به شروع ڪيائون. اول ته ملڪ جي سڀني ديوتائن کي پاڙئون پٽي، جلاوطن ڪري وڃي جهنگ ۾ سٽيائون. ’پالمو‘ ۾
’سينٽ جوزف‘ جو بُت ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري کڏ ۾ اونڌي منهن ڇلايائون. وڏي ديول جي بُت کي اتاهون پٽي اچي چوراهي تي کڙو ڪيائون، جيئن ڏڪر جي حالتن کي پنهنجي بي نور اکين سان ڏسندو رهي. سڀني گڏجي قسم کنيو ته جيسين مينهن نه وٺو آهي، تيسين ڀلي اهو بت اتي نٽهڻ ۾ پيو سڙي ۽ سُڪي. ٻين ديوتائن جو منهن ڪارو ڪري، ڦيرائي، ڀتين ڏانهن ڪيو ويو ۽ سندن نڪ ڀڳا ويا. اهي بت، جي هر وقت قيمتي لباسن ۾ ملبوس رهندا هئا، تن جا ڪپڙا ڦاڙي کين ننگو ڪيو ويو. ’ڪانٿا نيسيٽا‘ وٽ عظيم فرشتي ’سينٽ ميڪائيل‘، جو برسات جو فرشتو سڏبو هو، تنهن جي سونن پَرَن کي مروڙي اڇلايو ويو ۽ ان جي جاءِ تي کيس دفتريءَ جا پَر کوڙي ڇڏيائون. سندس جسم تان قرمزي ريشم جون سونين تارن وارو اڻيل جبو لاهي، کيس کهري ۽ ٿلهي ڳوڻ جو ڳوٿرو پارايو ويو. ’ليڪيٽا‘ وٽ، اتي جي پاسبان ۽ نگهدار ديوتا ’سينٽ اينگلو‘ سان به ڪا گهٽ جٺ نه ڪيائون ان کي اول ته اگهاڙو ڪيائون، پوءِ مٿس ٿُڪن جو مينهن وسايائون. پوءِ کيس گاريون ڏئي ڍئو ڪيائون. ان کان پوءِ کيس زنجيرن ۾ جڪڙي، اهو دڙڪو ڏنائون ته اگر مينهن نٿو وسي ته پوءِ توکي پاڻيءَ ۾ ٻوڙينداسونءِ ۽ آخر ۾ ڦاسيءَ تي لٽڪائينداسونءِ. ڪاوڙيل هجوم سنسد مُنهن تي مڪون هڻي گرجدار آواز ۾ چيو: ’مينهن وساءِ نه ته ڦاسي قبول ڪر.‘ انهن اشتعال انگيز تقريبن کان پوءِ، هڪ پوڙهي کين سمجهايو ته ’اجهو غلاميءَ جي لعنت جو اهو نتيجو اٿوَ. ديوتائون به ڪرامت کان خالي رهجي ويا. خوشحاليءَ ۽ برڪت جو مدار آهي آزاديءَ تي! اوهان آزادي حاصل ڪريو ته پوءِ آوَس مينهن وسندو، نه ته نه.“

انساني تاريخ جي مٿئين مثال ۾ قومن جي لاءِ عبرت ۽ موعظمت جو سامان آهي. بيشڪ غلامي هڪ لعنت آهي ۽ آزادي اها برڪت آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جو راز سمايل آهي.

اديب جو ڪردار:

اديب ۽ فنڪار جو ذميدارانه ڪردار هر دؤر ۾ تاريخ- ساز ٿئي ٿو، هڪ اهڙي قسم جي فڪري ۽ علمي جدوجهد ۽ ذهني خدمت ۽ ان جو عملي اظهار، جنهن جي ملڪ ۽ عوام کي ضرورت آهي، سو ذرا ڏکيو ۽ جوکم جهڙو ڪم آهي ۽ ان سان گڏ اها عام انسانن خاص طرح سان دانشورن لاءِ هڪ عظيم آزمائش آهي.

اهي دانشور ۽ فنڪار، جي ان قسم جي علمي ۽ ذهني خدمت ڪندي دماغي صلاحيتن جي قرباني ڏين ٿا، سي سدائين ان جدوجهد ۾ ڪي نه ڪي تڪليفون ۽ مشڪلاتون به ڏسن ٿا، ۽ آينده به ضرور ڏسندا ايندا، ڇالاءِ ته جسم جيڪڏهن ويم جي سورن ۽ دردن کي برداشت ڪر کان پوءِ ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ روحاني خوشحاليءَ واري دنيا ته ان کان به وڌيڪ سورن ۽ تڪليفن سان ٿي پيدا ٿئي. بيشڪ مفڪر، دانشور ۽ فنڪار کي وک وک تي ڪيئي ڪشالا ڪڍڻا پون ٿا، ڇالاءِ ته سندن دل جو مقصد توڙي فن جي مراد، عوام ۽ ملڪ لاءِ خوشبختيءَ ۽ خوشحاليءَ جو ڪارڻ آهي- تنهنڪري کين خوش رهڻ گهرجي.

جڏهن ته عوام ڏکن ۾ ڏتڙيل آهي ۽ ڪروڙين ماڻهو تڪليفن کي سهندي سهندي مري کپي ٿا وڃن، ظاهر آهي ته انهن جي خدمت ڪرڻ جي سلسلي ۾ جا جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪئي ويندي، تنهن ۾ نه آهي آرام ۽ نه آهي عيش. تڏهن ته چيو ويو آهي ته مفڪر ۽ فنڪار ڪڏهن به عيش ۽ آرام جي سيج تي نٿو سمهي، جيئن اڪثر ڪري ٿوري ذهن وارا سوچين ٿا مفڪر ۽ فنڪار ته هميشہ حيران ۽ پريشان، منتظر ۽ بيقرار رهڻ واري هستي آهي، ممڪن آهي ته سندس بيقرار روح مان ڪا اهڙي دانهن نڪري، جا عوام کي ابدي نعمتن سان همڪنار ڪري سگهي. اها آهي صحيح فنڪار جي مقصد جي تشريح.

پر اهي اٻوجهه ۽ ناواقف فنڪار ۽ اديب، جي فني دؤر جي فني مقتضياب کي اڃا تائين سمجهي نه سگهيا آهن ۽ اڃا تائين پنهنجن پراڻن ۽ منگهڙت خيالي دائرن ۾ پيا ننڊون ڪن، سي گويا سمجهن ٿا ته موجوده سماجي نظام هڪ دائم ۽ قائم نظام آهي، ان ۾ نه ڪا تبديلي ايندي ۽ نڪو منجهسن ڪو انقلاب ايندو. اهي اهو نٿا سمجهن ته سندن هيءُ محبوب نظام پڻ فطرت جي اٽل قانونن جي ماتحت تبديليءَ ۽ انقلاب ڏانهن مائل آهي، ۽ هر گهڙيءَ ڪنهن نه ڪنهن پهلوءَ تي تبديل ٿي رهي. هر رجعت پنهنجو دؤر پورو ڪري، ترقيءَ لاءِ ميدان خالي ٿي ڪري. انفرادي حالت ۾ اهو ته روزمره ڏسندا ٿا رهن ته وڏن مان اجتماعي حالت ۾ پنهنجي اڻٽر عمل کي به دهرائيندو ٿو رهي، ان کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ لاءِ اهي ڪڏهن به تيار نٿا ٿين. ان اتيري حشر خيز فطري انقلاب کان بلڪل بيخبر ۽ لاپرواهه ٿي، ڪنڌ هيٺان وهاڻا ڏيو، بيخوف ۽ بيخطر، اگهور ننڊ ۾ ستا پيا آهن. اهو به نٿا ڄاڻن ته اگر سماج جي اها بدترين حالت اها ٻه- چار ڏينهن باقي رهي ته پوءِ انهن جي ايندڙ اولاد سندن آينده واري معاشري کي ڪهڙي قسم جي عجيب و غريب، خطرناڪ ۽ موتمار لڙائي سان روشناس ٿيڻو آهي، سو ائين ته کين ڪڏهن به نه سمجهڻ گهرجي ته سندن اولاد ۽ ايندڙ نسل وارا فطرت جي اهڙين ناگهاني چيره دستين ۽ ستم ظريفين کان ڪو محفوظ رهجي ويندا. کين خيال رکڻ گهرجي ته سندن هن بوسيده ۽ بيمار، پاروٿي ۽ پراڻي سماج جي بدڪردار وجود جو پيمانو لبريز ٿي چڪو آهي ۽ سندن سياه ڪارين جي حساب جو وقت في الواقع قريب آهي. کين اهو به ياد رکڻ گهرجي ته اهي ۽ اسان اڄڪلهه هڪ از غيبي انقلاب جي بنهه ڪناري تي بيٺا آهيون.

اڄڪلهه جي اديب ۽ دانشور تي اهو فرض پڻ عائد ٿو ٿئي ته هو هن دؤر جي جديد ۽ عظيم تقاضائن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ۽ ان لاءِ صحتمند ۽ جديد اصولن جي ماتحت جدوجهد ڪري. اگر خدانخواستہ هن دؤر جي اديب ۽ فنڪار، اڃا به انهن پراڻن قدرن ۽ بوسيده معيارن کي اڳيان رکي، ڪجهه لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪيو ته پوءِ هي دؤر صدين تائين پوئتي رهجي ويندو ۽ اسان جو وخن، ڪڏهن به هن دؤر جي جديد ۽ فني ترقيءَ سان همڪنار ٿي نه سگهندو. هي دؤر سائنس جو دؤر چيو وڃي ٿو. انسان چنڊ کي به مسخر ڪري چڪو آهي. اهڙين حالتن ۾ انسان جو ڳاٽ اوچو ٿيڻ گهرجي ڇو ته رڳو زمين ۾ چَڪ هڻي پئجڻ سان ته ڪجهه به نه ورندو. اسان جا دانشور ۽ فنڪار ڪنهن رواجي ۽ پست طبقي ۾ شمار ٿيڻ جهڙا ناهن. سندن سوچ ۽ سمجهه، ساده دل عوام ۽ رجعت پسند خواص کان گهڻو مٿي هئڻ گهرجي. لطيف جي چوڻ موجب:

اک  الٽي  ڌارِ،  وَنءُ  الٽو  عام  ســــين،

لهوارو لوڪ وهي، تون اوچو وَهه اوڀار.

قائداعظم ۽ پاڪستان:

اخباريين ۽ ملڪي مسئلن جا ڄاڻو ڄاڻن ٿا ته پاڪستان نهايت سياسي پيچيدگين ۽ اڻٽر مشڪلاتن واري ماحول ۾ قائم ٿيو. پاڪستان جي آزادي تاريخ جي هڪ اهڙي دلگداز ۽ المناڪ دؤر مان اُڀري ٿي، جنهن ۾ باهمي اختلاف ۽ نظرياتي تصادم جي آگ ساري برصغير کي جلائي چڪي هئي. ان دؤر جي سياسي ۽ نظرياتي اختلافن کي جنهن مخلصانه بصيرت سان قائداعظم حل ڪيو، ان جو داد دنيا جي وڏن سياستدانن ۽ عالمن پڻ دل کولي ڏنو آهي.

پاڪستان بيشڪ قائداعظم جي جدوجهد ۽ سياسي بصيرت جي پيداوار آهي. مگر افسوس جي آهي ته بانيءَ پاڪستان جي تصورات ۽ خيالات تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ جي ڪابه عملي ڪوشش نه ڪئي ويئي. قائداعظم جي سياسي تصورات کي اگر غور سان مطالع ڪيو وڃي ها ته پوءِ پاڪستان جي موجوده ڪيفيت نه رهي ها. قائداعظم پاڪستان کي ڪهڙن اصولن، انقلابي نظرين، اخلاقي آدرشن ۽ اصلاحي نصب العين جي ماتحت تشڪيل ڏيڻ ٿي گهري، اهو سندس تقريرن ۽ تحريرن مان واضح آهي. قائداعظم جي ارشادات کي غور سان پڙهڻ کان پوءِ هر دانشمند ماڻهو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته قائداعظم برصغير جي تفسير فقط ان ڪري قبول ڪئي، جيئن پاڪستان ۾ هڪ اهڙو نظام حڪومت رائج ڪري سگهجي، جنهن جو بنياد جديد انقلابي تصورات ۽ اخلاقي توڙي اصلاحي نصب العين تي هجي، جنهن ۾ اهڙو اقتصادي نظام پيدا ڪيو وڃي، جو انسان کي بنيادي ۽ سماجي ضرورتن ۽ گهُرجن جي دائري ۾ خود ڪفيل بنائي سگهي. قائداعظم جي جدوجهد ۽ سياسي نصب العين جو بنيادي مقصد اهو هو ته پاڪستان ۾ هڪ اهڙو معاشرو پيدا ڪيو وڃي، جو حق ۽ انصاف، مساوات ۽ برادريءَ، راءِ جي آزاديءَ ۽ امن پسندانه ماحول ۾ ترقي ڪري سگهي، جنهن جو هر فرد امن ۽ خوشحاليءَ، جي ماحول ۾ پنهنجين صلاحيتن جي نشو و نما حاصل ڪري سگهي.

جڏهن ته قائداعظم مرحوم 11- سيپٽمبر 1948ع ۾ وفات فرمائي آهي، لهذا ان نسبت سان، هن صحبت ۾ قائداعظم جي تصورات کي پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪنداسون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com