سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1971ع

مضمون:

صفحو :6

ايران ڪئنڪر

مترجم: امر جليل

ٻار ۽ ٻڍا

هر رات، سمهڻ کان اڳ، ٻار پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا هئا. هڪ ويڪري بخاري جي ڀر ۾ ويهي، جيڪي ڪي سندن سمجهه ۾ ايندو هو، چئي ڏيندا هئا. هر رات ائين ٿيندو هو، جو سانجهيءَ جا پاڇا، دريءَ جي ڪاوَن مان سندن ڪوٺيءَ ۾ ننڊا کڙو ماحول کڻي ايندا هئا، ۽ انهن پاڇن ۾ هونديون هيون ڀانت جون انوکيون ڪهاڻيون!

جيڪي ڀانءِ ۾ پوندو هئن، تنهنجي باري ۾ ڳالهائيندا هئا. پر سندن ذهن ۾ فقط سج جهڙيون سندر ۽ سهڻيون ڪهاڻيون ئي اينديون هيون، جن ۾ پيار ۽ اميد جا جذبا سمايل هوندا هئا. مستقبل هنن لاءِ هڪ طويل، بي انت، لمبو موڪل جو ڏينهن هوندو هو هنن لاءِ ايسٽر ۽ ڪرسمس ۾ ڪوبه فرق نه هو.

اُتي زندگي گلن وارن پردن جي پويان، خاموشيءَ سان ٿڙڪندي، ترڪندي، ڪڏندي روشنيءَ جي دائري ۾ روشنيءَ جا ڪرڻا ملائيندي هئي. اکر سر گوشين ۾ اُڪليا ويندا هئا، جن کي سمجهڻ به مشڪل هو. سندن ڪنهن به ڪهاڻيءَ جي نه شروعات هوندي هئي ۽ نه ڪا پڄاڻ. ڪنهن ڪنهن ڪهاڻيءَ جي ته ڪا شڪل به ڪانه هوندي هئي. ڪڏهن ته چارئي ٻار هڪ مهل ڳالهائڻ لڳندا هئا، پر تڏهن به ڪو ڪنهن کي نه مُنجهائيندو هو. سڀيئي اُن پاڪ ۽ صفا روشنيءَ کي گهورڻ ۾ محو هوندا هئا، جتي هڪ هڪ لفظ چَٽو ۽ حقيقي هوندو هو.

ٻار شڪل شبيہ ۾ هڪجهڙا هئا. ايتريقدر جو جهونجهڪڙي ۾ سڀ کان ننڍي ٻار، چئن سالن جي ٽنچڪ ۽ ڏهن سالن جي لازڪا ۾ ڪوبه فرق محسوس نه ٿيندو هو. سڀني جا چهرا سنهڙا ڊگها، ۽ اکيون وڏيون ۽ ويڪريون هيون.

هڪ شام، سنجها ڌاري، ڪنهن اڻڄاڻ طرف کان، اڻڏٺي طاقت جي بيرحم هٿ جنت جي روشنيءَ ۾ جرڪندڙ موڪلون، ڪهاڻيون ۽ قصا منتشر ڪري ڇڏيا: خط رستي کين خبر ملي ته سندن پيءُ اٽليءَ جي جنگ ۾ شهيد ٿي ويو هو. ان خبر سندن آڏو هڪ عجيب، نئون، بلڪل مُنجهيل خيالن جو جسم کڙو ڪيو. جسم بلند قامت، ويڪري هاٺيءَ سان هو، پر نه هئس وات، نه اکيون‘ اهو خيالن جو ديوتا نه ته گرجا ۽ گهٽين جي هنگامن مان آ هو، ۽ نه ئي ڪمري ۾ ڦهلجندڙ جهونجهڪڙي مان اُڀريو هو.

سندن خيالن ۾ نه ته خوشيءَ جا خزانا هئا ۽ نه ئي ڪا غمگين ڪٿا- ڇو ته سندن هو، هن ۾ اُڪريل خيالن جو ديوتا مُردن وانگر هو، جنهن کي نه اکيون هيون، نه وات خيالن جو ديوتا پيدا ٿيل حالتن اڳيان نمائيءَ ۽ بيڪسيءَ جي حالت ۾ بيٺو رهيو، ڄڻ ته ڪنهن عظيم ڀت آڏو بيٺو هو، جا سڪت هئي، خاموش هئي، گونگي هئي. خيالن جو ديوتا ڀت ڏانهن وڌيون ۽ حيرت ۾ خاموش بيهي رهيو.

”پر بابا ڪڏهن موٽندو؟“ ٽنچڪ عجب مان پڇيو.

لازڪا ٺونٺ هئي کيس گهوريندي چيو: ”هو مري ويو آهي، هينئر ڪيئن موٽندو!“ سڀ ٻار خاموشيءَ ۾ ٻڏي ويا. هو اُن عجيب ڀت آڏو بيٺا رهيا، جنهن جي پٺيان هو ڪجهه به نه ٿي ڏسي سگهيا.

”مان به جنگ تي ويندس.“ ستن سالن جي مچي اوچتو چئي ڏنو.

”تون اڃا ننڍڙو آهين.“ چئن سالن جي ٽنچڪ کيس صلاح ڏني.

ملڪا، جيڪا سڀني ٻارن ۾ سنهڙي ۽ بيمار ٿي ڏٺي ۽ جنهن پنهنجي ماءُ جي شام ويڙهي هئي، تنهن پنهنجي نٻل آواز ۾ پڇيو ”جنگ ڇاهي؟ اسان کي جنگ جي باري ۾ ٻڌاءِ، مچي!“

مچي سمجهاڻي ڏني، ”جنگ هيئن هوندي آهي ته ماڻهو هڪٻئي کي ماريندا آهن چاقو هڻندا آهن، تلوارن سان هڪٻئي کي ڪٽيندا آهن ۽ بندوقن سان هڪٻئي تي گوليون هلائيندا آهن. جيترا گهڻا ماڻهو مرندا آهن، اوترو بهتر. توهان جنگ ۾ ماڻهو ماريندا وڃو ڪوبه توهان کي نه روڪيندو، جنگ ۾ ائين ئي ڪبو آهي!“

”پر ماڻهو هڪٻئي کي ڇو ماريندا آهن؟“ ملڪان پڇيو.

”بادشاهه جي لاءِ،“ مچيءَ کيس ٻڌايو. سڀ خاموش رهيا. سندن آڏو ڇانيل ڌنڌلڪي مان انسانيت جي ڪامرانيءَ جا ڪِرڻا اڀرندا آيا، جن ۾ جوت به هئي ۽ قوت به هئي. هو سانتيڪا ويٺا رهيا. ساهه به خيال سان ٿي کنيائون، ڄڻ ته چرچ ۾ مهان اُپديش ٻڌي رهيا هئا

مچي ماٺ ٽوڙيندي چيو، ”مان به جنگ تي ويندس، دشمن سان وڙهندس.“

”دشمن ڪنهن جهڙو هوندو اهي؟ کيس مٿي تي سڱ  پڇيو.

”ها، دشمن کي مٿي تي سڱ هوندا آهن، ورنه دشمن کي ڪيئن سڃاڻي سگهبو!“ ننڍڙي تنچڪ غصي ۾ چيو. صحيح جواب جي سُڌ مچيءَ کي به نه هئي.

”مان نٿو سمجهان ته دشمن کي مٿي تي سڱ هوندا آهن.“ هن آهستي، هٻڪندي چيو

”دشمن کي سڱ وري ڪيئن هوندا! هو ته اسان جهڙو انسان هوندو آهي.“ لازڪا چيو ۽ وري پنهنجي جواب تي ويچار ڪندي چيائين. ”فقط کيس روح نه هوندو آهي.“

طويل خاموشيءَ کان پوءِ ٽنچڪ پڇيو، ”پر جنگ ۾ ماڻهو ڪيئن شهيد ٿيندا آهن؟ هيئن، پوئتي—“ ۽ هن پنهنجو جملو، پوئتي ڪِرندي، سمجهايو.

”کيس ماري ماري شهيد ڪيو ويندو آهي.“ مچيءَ سمجهايو.

”بابا مون کي بندوق وٺي ڏين جو انجام ڪيو آهي.“

”پر هو توکي بندوق ڪيئن وٺي ڏيندو، هو ته شهيد ٿي ويو آهي!“

”ها، ۽ هنن دشمنن کيس ماري به ڇڏيو آهي.“

”ها، هو مري ويو آهي.“

سندن معصوم مکڙن مان ۽ خاموشيءَ جهاتي پائي.

ساڳئي وقت، گهرجي ٻاهران پيل بئنچ تي، ٻارن جا ڏاڏو ۽ ڏاڏي ويٺا هئا. سج جا رتول ڪرڻا وڻن مان ڇڻندا ٿي آيا. سانجهي خاموش هئي، اچانڪ ان قبرستان جهڙي خاموشيءَ ۾ هڪ سڏڪو گونجيو- سڏڪو واڙي مان آيو هو، جتي هڪ نوجوان وڌوا، يتيم ٻارن جي ماءُ مال کي گاهه وجهي رهي هئي.

ٻيئي پيرسن، ضعيف عورت ۽ مرد، خيالن ۾ ڪٻا ٿي ويا هئا. هنن هڪٻئي جو هٿ سوگهو ڪري جهليو، ڄڻ اڳ تائين ڪڏهجن به نه ڪيو هئائون. هو ٻيئي سانجهيءَ جي اُجهامندڙ ڪرڻن کي گهوري رهيا هئا. سندن اکين ۾ نه لڙڪ هئا ۽ نه ئي چپن تي ڪي لفظ.

محبوب علي جوکيو

گل جي گفتار

[نوٽ: گل ڳالهائيندا ڪونه آهن. ڳالهائڻ جي ڏات صرف انسانذات کي عطا ٿيل آهي. انسان کي انهيءَ نعمت سان گڏ اها صلاحيت پڻ بخشي وئي آهي ته هو پنهنجي عقل سيلم ۽ فڪر جي قوت سان انهن شين جي ڪيفيت يا انهن مخلوقن جي دلين جا راز ۽ اسرار به پروڙي سگهي، جيڪي ڳالهائي پنهنجو راز ڏئي نٿيون سگهن. اسين انهن مخلوقن جا راز ايتري حد تائين سمجهي سگهون ٿا، جيتري حد تائين هو هوندو ڳالهائڻ سان مَس سمجهائي سگهن.

هت گل جي دل جي اها ڪيفيت ذڪر ڪئي وئي آهي، جيڪا هو جيڪر ان حالت ۾ بيان ڪري سگهي، جڏهن ته کيس ڳالهائڻ جي وقت حاصل هجي. گل جي زبان مان ڪيترن ئي نڪتن تي مختصر بحث ڪيو ويو آهي، جن مان خاص هي آهن: حسن جي ڄاڻ ۽ ڪيفيت، رحم ۽ همدرديءَ جو جذبو، چرب زباني جو اثر، ڏکن ۽ سکن! جي ضرورت ۽ اهميت، گوشہ نشينيءَ مان فائدا ۽ نقصان وغير. م.ع. جوکيو].

ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾.

جڏهن شانائتي شاهه جي بيت جي هيءَ پهرين سِٽ، ڪنهن دکويل دل جو ٿڌو ساهه ۽ ڪنهن جون سورن ڀريون سِسِڪيون منهنجي ڪن پيون تڏهن دل  ۾ تڙپ پيدا ٿي ۽ هلندي هلندي قوت قدم رڪجي ويا. اهي سسڪيون ۽ ۽ ٿڌو ساهه نه هو، پر منهنجي دل لاءِ تَکا تير هئا، جي سنئون سيني ۾ چڀي ويا.

هيڏانهن هوڏانهن نهاريم، پر ڪوبه ساهوارو نظر نه چڙهيو. اڳتي هلڻ جي ڪيم، پر پير پنڌ ڪرڻ کان پڙ ڪڍي ڪندي  بيٺا. اڃا هنيون هنڌ ٿئي ئي ٿئي، ته وري به سورن جو سڏ ٿيو ۽ لاکيڻي لطيف جو هي بيت ڪن پيو:

سورَ،  مَ  ڏي  ڌوڻ.  آءٌ اڳيـئي ڪانهري،

جا پَر پاڻيءَ لوڻ، سا پرَ منهنجي جندڙي.

بس، انهيءَ بيت ته هوش گنوائي ڇڏيو. انسان فطرتاً حساس آهي. رحم جو جذبو منجهس فراوانيءَ سان ڀريو ويو آهي. درد ڀري دانهن، انسان جي دل تي اثر ڪندي، اوترو ٻئي ڪنهن ساهواري جي جي دل تي نه ڪندي بشرطيڪ انسان ڪنهن مَٺي ماحول هيٺ اچي، اها جبلت وڃائي نه ويٺو هجي. ورنه انسان جو ڇا وس، جو ڀر ڪو سورن جو ستايل سڏڪا پيو ڀري، ۽ پاڻ ڪن لاٽار ڪري اڳتي وڌي سگهي.

وري به نگاهون چؤطرف اڇلايم، پرڪوبه ساهوارو نظر نه آيو. اتي منجهي بيهي رهيس ۽ سوچڻ لڳس ته هي ڪهڙو ڪرشمو آهي. ڪنائيندو رهيس. منهنجي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن ڏٺم ته اهي سسڪيون ۽ سڏڪا هڪ گلاب جي ڪومائل گل مان اچي رهيا هئا، جنهن ويچاري جو ڪوپن ڪاٿي پيو هو ته ڪو ڪاٿي. پاڻ ڏس ته ذري گهٽ مِٽي ورائي وئي اٿس. ويچاري جا حال هيڻا، رنگ زردو، ڳري ڪنڊا ٿي ويو آهي. ماس صفا ورڙجي ويو اٿس، اهو حسن ۽ رونق، خوشبوءِ ۽ ڪشش پٽيءَ ڪانه هيس. ويچاري جو هي حال ڏسي روح کان رهيو نه ٿيو، جهٽ وڃي کنيومانس، ۽ ڇنڊي ڦوڪي، اڇو اجرو ڪري، رومال تي ويهاريومانس. منهنجي همدردي ڏسي، ويچاري جي دل ڀرجي آئي ۽ اچي روئڻ ۾ ڇُتڪيو. هي حال ڏسي مون کان رهيو نه ٿيو، ۽ ازخود لُڙڪ لڙيا پيا. اتي سوچيم ته هيئن ٺيڪ نه ٿيندو. پنهنجي دل ڏاڍي ڪيم ۽ منهن ڦيرائي ڳوڙها اگهيم. اتي هن به روئي دل جو بار هلڪو ڪيو، جڏهن ڏٺم ته ڳالهائڻ ٻولهائڻ جهڙو ٿيو آهي، تڏهن پهريون سوال هي ڪيومانس:

”اي حسن جا حامي، خوشبوءِ، جا خزانا، سونهنجا سرچشہ! تون ايترو ملول ۽ اداس ڇو اهين؟ تنهنجا ههڙا حال ڇو ٿيا آهن؟ تون ته باغن لاءِ بهاري، زمين لاءِ زينت ۽ حسينن جي هارن جو سينگار ۽ سامان آهين. پنهنجا حال ته ڏس، تنهنجو اهو حسن ۽ خوشبوءِ ڪيڏانهن ويئي، جنهن تي بلبل بانولي هوندي آهي ۽ ڀونئر بيحال. تنهنجي اها سونهن ڪٿي آهي، جا معشوق جي من کي به مست ڪندي آهي. تون ته گلن جي راڻي آهين، پوءِ تنهنجون ٻانهيون ۽ سهيليون ڪٿي؟ تون ته باغن جو چنڊ آهين، پوءِ تنهنجا ستارا ڪٿي؟ اهو هردي کي حيران ڪندڙ حسن ڪٿي ۽ خاطر کي خماريندڙ خوشبوءِ ڪٿي؟ واسطي وڃايل حسن جي، صدقي کويل خوشبوءِ جي، مون کي ٻڌاءِ ته توتي ڪهڙيون مصيبتون گذريون آهن، جن تنهنجا اهڙا هيڻا حال ڪيا آهن. سونهن جا سردار! ٻڌاءِ ته توتي ڇا گذري آهي، هن حال کي ڪيئن پهتو آهين؟ ڏس، مون کي نا اميد نه ڪج، نٽاءِ نه، منهنجون دعائون کٽ، من آخرت ۾ روح کي راحت رسيئي. حال اورڻ سان دل جو بار هلڪو ٿيندو آهي، من تان مونجهه لهندي آهي. مهرباني ڪري پنهنجا سور سڻاءِ ۽ سربستي ڪهاڻي ٻڌاءِ ته منهنجي من جي اڻتڻ پڻ لهي.“

ويچارو گل، منهنجو هي سوال ٻڌي، وسميءَ ۾ پئجي ويو. ڄڻڪ سُتا سُور جاڳايامانس، چاڪ چڪايامانس يا مِڙيل ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيومانس. وري کڻي رئڻ جي راند شروع ڪيائين. اتي آءُ به گھٻرائجي ويس ته ناحق ويچاري کي ڇيڙيم. نيٺ هوش ۾ آيو. مون ڏانهن مهُڙ ڪري، چوڻ لڳوته”ڀائو، اهو سوال ڪري، مون کي بيحال ڪري ڇڏيئه، هي وڏو سورن جو داستان آهي، خوشيءَ جو خزانو نه آ هي. جو تون به ٻڌي خوش ٿيندي، منهنجو حال ٻڌندين ته روئي ويهندي. پر، پر ٻڏ . هرو ڀرو جي دل گهر ئي ٿي ته ڪَن لائي ٻڌ. دل ڏاڍي ڪجانءَ، متان اڌ ۾ روئي ويهين، ۽ مونکي به حالن کان بيحال ڪرين.“

ايئن چئي، ٿڌو ساهه کنيائين ۽ پنهنجا نماڻا نيڻ مون ڏانهن کڻي چپ چوريائين؛

”جهڙيءَ طرح ڪوبه انسان ٻڌائي ڪونه ٿو سگھي ته ڄمڻ کان اڳ سندس روح ڪٿي هو، اهڙيءَ طرح مون کي به پتو نه  آهي ته گلاب جي ٻوٽي ۾ ڦٽڻ کان اڳ آءُ ڪٿي هوس. نه وري ننڍي هوندي وارا ڏينهن ئي ياد اٿم جو توکي ٻڌائي سگھان ته مون ٻاراڻي اوستا ڪيئن گذاري. سو جڏهن کان سانڀر اٿم توکي سڻايان ٿو.“

”مون کي ياد آهي ته جڏهن آءُ گوگڙو مثل شئي ۾ بند هوس، تڏهن ڏاڍو آرام ۾ هوس. دنيا و مافيها کان بلڪل بيخبر، پنهنجي موج ۾ مگن، سدائين سکن ۾ هوس، نه ڳڻتي نه ڳاراڻو، نه فڪر نه ڦيري . اهڙيءَ گوشه نشينيءَ ۾ بڪل خوش هوس. نه ڪنهن کي ڏيڻ وٺڻ، زماني جي گردش کان پري، دنيوي دوکن کان محفوظ. اهڙي نويڪلائيءَ جي زماني ۾ پنهنجي خوشبوءِ جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان، پنهنجي خوشبوءِ ۾ پاڻ مست هوس، پنهنجي حسن تي پاڻ نازان، منهنجي حسن جي روشني چؤ طرف چانداڻ لائي ڇڏي هئي.

”جلدي ڇا ڏسان ته جنهن شئي ۾ ويڙهيل سيڙهيل هوس، تنهن جي وٿين مان اندر روشني اچڻ لڳي، جا آهستي آهستي وڌندي رهي. اڃا کڻي ڪنايان ته چوڌاري ڀون ڀون ۽ ٽِڪڙو ٽِۡڪڙو جو آواز پيو اچي. اتي البت دل ۾ خيال ٿيم ته جيڪڏهن هن ڪال ڪوٺڙيءَ مان ٻاهر نڪري ڏسان ته اهو آواز يا روشني ڇاجي آهي. پر وري خوف به ٿيم پئي ته متان اهي راڪاس هجن ۽ ٻاهر نڪرڻ سان نهوڙي نين. سوکڻي صبر ڪيم ۽ قدرت جا ڪرشمه اندزان ڏسان رهيس. اتي گھَڙ        پل مس گذري  ته صبح جي مٺڙي هير آئي ۽ ڪَن ۾ اچي چوڻ لڳي ؛ ”ادا گل، تون اڃا اندر بستر ۾ ويٺو آهين، ٻاهر ته نهار ته ڪيئن نه سچ به رات جي پردي مان نڪري ٻاهر آيو آهي ۽ بلبليون پنهنجن آشيانن کي الوداع چئي، تنهنجي حسن جي جلوي پسڻ لاءِ ٻاهر انتظار ڪري رهيون آهن. هوڏانهن ڀونئرن ڏانهن  ته  نهار، هو به تنهنجي خوشبوءِ جا شيدائي آهن. تون ڇو اڃان تائين اندر لڪو ويٺو آهين؟“

”مون کي حيرت وٺي ويئي ته هيءَ آهي ڪير، جا مون سان ائين پئي ڳالهائي، ڄڻڪ اڳ جي واقف آهي. منهنجو نالو هن کي ڪيئن آيو، سو خيال ڪيم ته پڇانس ته مائي، تون آهين ڪير؟‘ ته هڪدم دانهن ڪري ٻڌايو ته ’ادا، تون مون کي ڪونه ٿو سڃاڻين؟ سچ ته تنهنجو ڏوهه به ڪونهي. پنهنجي وڏن ڀائرن يا پيءُ- ماءُ کان پڇ ته منهنجي سموري واقفيت ڏينديءِ. مون کي صبح جي هير چوندا آهن. آءٌ روزانو هت باغ ۾ ايندي آهيان ۽ پنهنجي ڀائرن کي اگهور ننڊ مان اچي اٿاريندي آهيان. هيءَ صبح جي مهل آهي، سو ايئن منهن ڍڪي سمهيو رهڻ البت بدسوڻ آهي، صبح جو سمهڻ نڀاڳ جي نشاني سمجهي ويندي آهي. ٿورو ٻاهر ليئو ته پاءِ، ڏس ته ڪهڙا نه مزا لڳا پيا آهن! جيڪڏهن ٻاهرينءَ دنيا جي لطف جي خبر هجئي ته هوند جهٽ اٿي کڙو ٿئين!

”مائي هير جون اکيون اهي ڳالهيون ٻڌي، منهنجي دل به ڪجهه سرڪي. سو، اڃا منهن ٻاهر ڪڍيم ته مار، هِت ته رنگ لڳا پيا آهن! ڏسان ته ڪيترائي منهنجا ڀائر آهن، جيڪي خوشيءَ ۾ جهومي رهيا آهن ۽ هڪٻئي کي پيار ۽ محبت وچان ڀاڪر پائي پيا ملن. مون کي بستري مان ٻاهر نڪرندو ڏسي، سڀ خوش ٿيڻ لڳا ۽ منهنجي اوڏڙو اچي، مون کي پيار ڪرڻ لڳا. اتي آءٌ به ڏاڍو خوش ٿيس ۽ چاهيم ته بستري کي کڻي هڪ پاسي ڦٽو ڪيان! اڃا انهيءَ ويچار ۾ هوس ته مٿان بلبل ’ٽڪڙو- ٽڪڙو‘ ڪندي آئي  مون کي کِلندو ڏسي، خوشيءَ ۾ گد گد ٿيڻ لڳي. ائين ڪندي ته ڀؤنر به ’ڀون ڀون‘ ڪندي اچي سهڙيو. مون کي انهن جي اها گهرائپ ڪانه وڻي. سو ڇا ڪيم جو جيئن هو منهنجي ويجهو اچڻ لڳا، تيئن پنهنجا ڪنڊا ويجهو ڪري، ٺڪاءُ ڪريامان. ويچارا دانهون ڪندا رهيا هليا ويا ۽ وري نه آيا، اتي البت افسوس ٿيم ته ناحق ويچارن کي ڏکويم. الائجي صبح جي محل دل مان ڪهڙي آهه نڪرندن. آءُ غريبان، قهر خدائي.

جلد ئي ڀائرن جي گفتگو ۽ کَل خوشيءَ ۾ اهو خيال ئي ويندو رهيو. اتي پاڻ ڏانهن جو کڻي نهاريان ته مکڙيءَ مان ڦري گل ٿي پيو آهيان. منهنجي خوشبوءِ چوڌاري پکڙجي وئي آهي ۽ منهنجي حسن جو چوطرف چرچو آهي. پريان ڏسان ته مالهي آهي، جو مون کي جوان ڏسي، خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نه پيو ماپي. اڃا کن ڪانه گذري ته وري هير جو جهوٽو آيو ۽ کلي مون کي چوڻ لڳي: ’ادڙا، ڏي خبر. منهنجي ڳالهه سچي آهي نه، ڪهڙو نه لطف آهي ٻاهر‘ اندر پرن ۾ ساهه ڪونه پيو گهٽجئي؟ هو ڏس، تنهنجا ڀائر آهن ۽ پريان موتيون، سنبل، نرگس ۽ ٻيا گل آهن، جي سڀ حسن خواه خوشبوءِ جي لحاظ کان تنهنجا غلام سونهن تنهنجو حسن انهن جي حسن کان سوايو آهي. اڃا گهڙي کن ترس ۽ ڏس ته تنهنجي سونهن جا سوداگر ڪيئن نه اچي ٿا سهڙن. پر خبردار، رعب ۽ ماڻو متان ڇڏيو اٿئي. نه وري ڪنهن سان وڃڻ جي ڪجانءِ. متان ڪنهن جي پڏائڻ تي ڀنڀلجي وڃين ۽ مت مُنجهي پوئي. ڏس، هي جي ڪنڊا آهن، سي تنهنجا هٿيار آهن، تنهنجي رکوالي ڪندا. ضرورت پوئي ته اهي استعمال ڪجانءِ. چڱو، هاڻ آءٌ هلان ٿي، وقت مليو ته اجهو ٿي اچان!‘

”بس، مائي هير ته رمندي رهي. مائي هير کي ڪهڙي خبر ته مون اهي هٿيار ڪتب به آندا آهن ۽ انهن جي استعمال ڪري پيشمان به ٿيو آهيان. خير، مائي هير ته هوڏانهن هيڏانهن پئي ڦري، پر شايد ڪنهن ڪم ۾ رڌل هئي، جنهنڪري خاموش هئي. آءٌ پنهنجن ڀائرن ۽ دوستن سان گفتگو ۾ لڳي ويس ۽ هڪٻئي کي حال احوال ڏناسون روتاسون. مالهي اسان جي حسن ۽ خوشبوءِ کان ڏاڍو خوش پئي نظر آيو ۽ وقت ڪوڏر ٻني تي رکي، اسان جي سامهون ويهي رهيو ٿي ۽ اسان ڏانهن گهوريندو رهيو ٿي. ڪا گهڙي ته اسان جي حسن جي منڊ ۾ اهڙو سوگهو ٿي ويو، جو چرڻ پرڻ ئي وسري ويس ۽ گهڙيءَ پلڪ لاءِ پڊ پاهڻ ٿي ويو. نيٺ ويچارو پاڻ سنڀالي ويندو رهيو ۽ وڃي پنهنجي ڪم سان لڳو.

”يار، اهي ته هيون منهنجي خوشيءَ جون گهڙيون. هاڻي وري منهنجي دردن جو داستان به ٻڌ ۽ ڏس ته اهو حسن ۽ خوشبوءِ، جن تي مون کي ناز هو ۽ جن جي انڌ ۾ مون بلبل ۽ ڀؤنر کي به ايذائي هٽائي ڇڏيو، سي ڪيئن  نه منهنجي لاءِ مصيبت جو باعث ٿا ٿين. اهو حسن نه هو، پر منهنجي لاءِ سورن جو سنيهو هو. جنهن منهنجي زندگي تباهه ڪئي ۽ مصيبتن جي منهن ۾ ڏنو.

”پري کان ڏٺم ته هڪ شخص آهي، جو لُڏندو لمندو پيو اچي، ۽ اچي مالهيءَ سان ٻه منٽ ڳالهايائين. پاڻ ۾ ڪهڙي گفتگو ڪيائون، تنهن جو پتو ته ان وقت ڪونه پيو، پر پوءِ سمجيم ته اسان جو خريدار ٿي آيو هو ۽ هن کان اجازت پئي ورتائين. مالهيءَ ويچاري ته کڻي ’ها‘ ڪئي، پوءِ ته سڌو اُلر ڪري آيو پاڻ واري ٻوٽي تي. اچڻ سان تڙ تڪڙ ۾ جيئن جو مون کي پَٽڻ جي ڪيائين ته ٺڪاءُ ڪرايومانس ڪنڊو هٿ ۽ هڪل ڪئيمانس ته خبردار! متان اڳتي وڌيو آهين. اچي ويچارو ششدر ٿيو ۽ آڱر مهٽڻ لڳو. جڏهن سُور ڪجهه ٿڌو ٿيس، تڏهن وري مون ڏانهن نهاريائين ۽ ٿورو مشڪي چوڻ لڳو.

’اي گلن جا بادشاهه، اهڙو بيرحم ڇو ٿيو آهين؟ جيترو حسين، اوترو ظالم! ڇا، انهن ارم پنکڙين جي اندر ڪا پٿر جي دل لڪل آهي؟ ڏس ته آءٌ ڪيترو پنڌ ڪري، تنهنجي حسن جي ڪشش کان ڇڪجي هٿ آيو آهيان. آءٌ تنهنجي حسن جو پوڄاري آهيان ۽ تنهنجي سونهن جو سڪايل. پري کان توکي جهومندو ۽ رقص ڪندو ڏسي، دل چاهيو ته توسان مِلان ۽ وصال حاصل ڪريان، پر افسوس جو تو مون کي انهيءَ شوق ۽ چاهه جو اهو اجورو ڏنو اي حسن جا حاڪم، سونهن جا سردار، ڪجهه رحم کاءُ، منهنجي دل کي نه ستاءِ، آءٌ تنهنجي حسن جي بيک مڱڻ آيو آهيان، مون کي نا اميد نه ڪر.‘

اتي مون به وات کي کوليو، ۽ چَپَ چوريم: اي انسان جا ٻچڙا، مون کي افسوس آهي جو توکي ستايم، ان لاءِ آءٌ توکان معافي ٿو گهران. باقي هي ته ٻڌاءِ ته تون منهنجي حسن جو پوڄاري ۽ سونهن جو سڪايل آهين، سو ته ڏاڍو سٺو. پر پوءِ به مون کي هن بوٽي کان الڳ ڪري، پنهنجي هٿ ۾ جهلي ڇا ڪندين؟ ڪنهن جي حسن مان لطف وٺڻ جو ته اهو طريقو نه آهي. تون ته پاڻ سياڻو ۽ سجهو آهين آهين. تو شايد اهو نه ٻڌو آهي ته Beauty is to see, not touch, ”ڪنهن جي حسن مان لطف يا حظ حاصل ڪرڻ جو صحيح طريقو آهي ان کي ڏسڻ، پر نه ڇهڻ.“ حسن ته ڏسڻ لاءِ آهي، نه ڇهڻ لاءِ. ڇهڻ سان ته ڪنهن شئي جي نرمي، کهرائي يا گرمي سردي محسوس ڪري سگهبي آهي. ڇهڻ سان اهو اندازو ته لڳائي نٿو سگهجي ته هيءَ شئي حسين آهي يا قبيح، سهڻي آهي ڪوجهي. جيڪي اکين جي نمعت کان وانجهيل آهن، سي حسن جو اندازو ڇهڻ سان لڳائي ڪونه سگهندا آهن يا حسن جو لطف حاصل ڪري نه سگهندا آهن. حسن کي ڏسڻ يا ان مان حظ حاصل ڪرڻ لاءِ قدرت ڏسڻ جو حواس عطا فرمايو آهي، سو، جيڪڏهن تون سچ پچ منهنجي حسن جو شائق آهين ته اتي ويهه ۽ مون ڏانهن گهوريندو رهه ۽ منهنجي حسن جا ڍڪ ڀريندو رهه. جڏهن تنهنجون اکيون سير ٿين، تڏهن هليو وڃي. باقي، جيڪڏهين مون کي ڇهڻ جي خواهش رکين ٿو، پوءِ چئبو ته تون منهنجي حسن جو پوڄاري نه آهين. ڇهڻ سان هڪ ٻيو انديشو به پيدا ٿئي ٿو. اوهان نه ٻڌو آهي ته

جيءَ اندر جا لوچ، مڇڻ ملڻ سين ماٺي ٿئي

”اتي وري هن ڳالهايو: پيارا گلاب جا گل! تون سچو آهين، پر هيءَ ڳالهه ٻڌي ڇڏ. تو موتي ته ٻڌا هوندا، اهي سپن جي پيٽ ۾ پيدا ٿيندا آهن، ۽ اهي سپون سمنڊ جي تري ۾ رهنديون آهن. جيڪڏهن اهي موتي سمند جي تري ۾ ئي پيا رهن ته پوءِ تون سمجهين ٿو ته انهن جي قدر ڪرڻ وارو ڪير هوندو! ڪوبه نه اهي موتي ائين ئي گمنام پيا هوندا. جڏهن اتان ٻاهر نڪرندا آهن ته انسان انهن جو ايترو ته قدر ڪندو آهي ۽ انهن جي ايتري حفاظت ۽ عزت ٿيندي آهي، جا پهريان ته انهن کي خواب خيال ۾ به نه هوندي. ساڳي حالت هيرن ۽ جواهرن جي آهي. سون به ائين آهي. ٻيو ته ٺهيو پر اوهان جي ٻيا ذاتڀائي، گل، جيڪي جهنگلن ۾ پيدا ٿين ٿا، سي بنا ڪنهن جي ساراهڻ جي قدرت ڪرڻ جي سڙيو فنا ٿيو وڃن پوءِ انهن جو حسن ڪهڙي ڪم جو. قدرت حسن پيدا ڪيو آهي ته چار اکيون ان کي ڏسن، ساراهين ۽ ان مان حظ حاصل ڪن. سو، تون به جيڪڏهن هت باغ جي چوديواريءَ اندر پيو هوندين ته ان مان ڇا ٿيندو. اجايو پنهنجي جواني ۽ حسن رائيگان ڪندين. هتان ٻاهر نڪر ته تنهنجو قدر ٿئي. پنهنجو گهر ٻار ڇڏ ته تنهنجو حسن ساراهيو وڃي، باقي جي منهنجن اکين ڏٺئه ته ڇا ٿيو؟

”اتي مون چيومانس: ادا، اها ڳالهه برابر آهي، پر اجائي ساراهه مان ڇا ورندو گهر ٻار ڇڏي دربدر ٿيان، صرف انهيءَ لاءِ ته منهنجي ساراهه ٿئي! اها ته سراسر هلڪڙائي آهي ۽ مون کي پسند نه آهي. جيڪڏهن ڪنهن وٽ هلي وڃبو ته قدر جي بدران بيقدري ٿيندي شمع تي پروانا هلي ايندا آهن ۽ اچي سر ڏيندا آهن، پر شمع وٽن ڪانه ويندي آهي ته اٿي مون تان صدقي ٿيو. آءٌ سمجهان ٿو ته انسان منهنجي حسن جو سچو مطلب نه آهي. منهنجا عاشق ڏسين ته پاڻهي مڃين. جڏهن آءٌ اڃا ٻار هوس ۽ زماني جي هيٺ- مٿاهينءَ جي خبر ڪانه هئي، تڏهن بلبليون ۽ ڀونئر منهنجي چوطرف طواف ڪري رهيا هئا. کين ايذايم، تڏهن به پري نه ويا. هيڏانهن نهار ته ڪيئن نه پري کان پيا نهارين، رڳو تنهنجي ڊپ کان ويجهو نٿا اچن. هاڻي مهرباني ڪري پنهنجو رستو وٺ، ته هو مون وٽ اچن ته پرچايان.

”هن وراڻيو: ’اي گل گلاب جا گل، تون ته ڪهڙو نه اياڻو آهين. تنهنجو عقل بلڪل ڪَچو ۽ سمجهه اڻپوري اٿئي. دوست ۽ دشمن جي وچ ۾ امتياز ڪري ڪونه ٿو سگهين: ڀونئر ته تنهنجي رس پيئڻ آيو آهي. بلبل ته توکي کائڻ جي شئي سمجهي ويٺي آهي. جڏهين خبر پيس ته تون صرف ڏسڻ جو ڏيل آهين، ته پوءِ ويجهو به ڪانه ايندي. قدرت توکي رڳو ته ٻوٽي ۾ رهڻ لاءِ ڪونه پيدا ڪيو آهي. توکي ته ڪنهن جي گلي جو هار ٿيڻو اهي. توکي ته ڪنهن جي هٿن جو سينگار ٿيڻو آهي. ڪجهه سوچ، ويچار ڪر. هروڀرو پنهنجي عقل جي پٺان نه لڳ. ڪنهن ٻئي همدردي جي صلاح به وٺ. هتان ٻاهر نڪر ته عزت ۽ مانُ پائين، نه ته اتي اجهو ٿو پوڙهو ٿي سُڪي سڙي وڃين. پوءِ ته ڪير نهاريندءِ به ڪونه. ڄاڻي ڇڏ ته هي حسن هميشہ نيہ نه هوندو آهي. اهو ته چل- پل جو چٽڪو آهي. بي بقا پاڇو آهي. ان تي گهڻو ناز ۽ گهنڊ نه ڪر. اُٿ ۽ هلي ڪي دليون راضي ڪر. ٻڌو ڪونه اٿئي ته ڪنهن جي دل راضي ڪرڻ حج اڪبر جي برابر آهي. انهيءَ حسن مان عزت پراءِ، ورنه اهو حسن بيسود وڇائي ويهندين ۽ پوءِ هٿ هڻندين.‘

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com