سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1971ع

مضمون:

صفحو :19

مان جهموريت بحال ڪندس:

عزيز دوستو ۽ عزيز هموطنو! مان اڄ توهان سان توهان جي نمائندد جي حيثيت سان گفتگو ڪري رهيو آهيان ۽ توهان کي دل جي گهَراين سان يقين ٿو ڏياريان: منهنجو توهان سان اهو وعدو آهي ته مان جهموريت کي ضرور بحال ڪندس.

تهذيب جو مطلب سِول قانون:

مون کي صدر ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جا حق ڏنا ويا آهن. مارشل لا، جيستائين ان جي ضرورت ناهي، رهڻ ڏيندس، ان کان پوءِ هڪ ڏينهن، هڪ منٽ، هڪ سيڪنڊ به ضرورت کان وڌيڪ نه رهندو. مان چاهيان ٿو ته اسان جو وطن سرسبز، شاداب ۽ خوشحال هجي ۽ قومي مسئلن ۾ هر ڪم ۾ شروعات ڪرڻ جو اختيار عوام کي حاصل هجي. مان چاهيان ٿو ته هيءَ پوسٽ ختم ٿئي. عوام آزاديءَ جو شاهه پَٽي. مون کي احساس آهي ته آمريت جي بار هيٺ دٻيل رهڻ ۽ اهڙي خود غرض حڪومتن هيٺ زندگي گذارڻ ڇا معنيٰ ٿي رکي؟ جيڪي بنيادي حقن بابت به پنهنجي فيصلا ڪنديون رهن. مهذب ملڪن جا حڪام ايئن نه هوندا آهن، ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو سِول قانون، عوامي ادارا ۽ جهموريت بلڪ پاڪستان جو هر ادارو يا ته تباهه ڪيو ويو آهي يا تباهيءَ جي ويجهو پهچايو ويو آهي. انهيءَ ڪري اڄ اسان جي هيءَ حالت بني آهي. اسان کي جهموريت کي پنهنجي عوامي ادارن کي ۽ عوام جي اعتماد ۽ هڪ روشن مستقبل جي اميدن کي ازسرنو بيدار ڪرڻو آهي ۽ ترتيب ڏيڻي آهي. اسان کي اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻيون آهن جن ۾ هڪ عام ماڻهو به اٿي مون کي اهو چئي سگهي ته ”مان توکي نٿو مڃان، مان توکي پسند نٿو ڪريان، تو جهن، ۾ وڃ!“ اسان کي هڪ اهڙي حڪومت ٺاهڻي آهي، جيڪا عوام جي آڏو جوابدار هجي، ڇو ته جوابداريءَ کان سواءِ ڪجهه به حاصل نٿو ٿي سگهي. انهيءَ ڪري يقين ڪريو ته آءُ جمهوريت کي بحال ڪرڻ، عوام جي لاءِ آئين تيار ڪرڻ ۽ انهن کي قانون جي راڄ ڏيڻ جو پورو پورو ارادو رکان ٿو. مان اهو ڪري رهندس ۽ ضرور ڪري رهندس. مان قوم کي ڪنهن به قسم جي امتياز ۽ فرق جي، ذاتي حرص ۽ طمع جو شڪار ٿيندي نٿو ڏسي سگهان. اسان هن جي ڪافي سزا ڀوڳي چڪا آهيون، ۽ وڌيڪ برداشت نٿا ڪري سگهون. ليڪن ڇو ته هن وقت اسين هڪ تمام نازڪ مرحلي تي بيٺا آهيون. ان لاءِ مون کي اميدا آهي ته توهان مون کي انهيءَ منزل تي پهچڻ لاءِ پوري ۽ ضروري مهلت ڏيندا. ملڪي مفاد جو نقصان ڪندي يا انهيءَ ۾ ڪنهن جو هرج ڪري زياده وقت نه وٺندس. مون اوهان سان جيڪي به وعدا ڪيا آهن، انشاء الله پورا ڪيا ويندا.

قوم کي آئين ڏنو ويندو:

هڪ وعدو جمهوريت جي بحاليءَ جو آهي، انشاء الله جمهوريت کي بحال ڪيو ويندو ۽ قوم کي اعتماد ڏنو ويندو. مان تعميري پيش ڪندس، اهي اسڪيمون جي نظر انداز ٿي چڪيون آهن، ان طرح هر چوٿين مهيني هڪ نئين اسڪيم پيش ڪرڻ لاءِ اوهان کي خطاب ڪندس.

آءٌ صرف توهان کي انهيءَ وقت خطاب ڪندس جڏهن انهيءَ جي ضرورت پوندي ۽ جڏهن اسين جمهوريت جي بحاليءَ ڏانهن وڌنداسين. اڄ منهنجون دلي همدرديون سڀني دوستن جون دلي همدرديون، پنهنجي مشرقي پاڪستان جي عوام ۽ پنهنجي ڀائرن سان گڏ آهن.

مشرقي پاڪستان ناقابل تقسيم:

مشرقي پاڪستان، پاڪستان جو ناقابل تقسيم جزو آهي، انهيءَ کي ڪڏهن به پاڪستان کان جدا نٿو ڪري سگهجي. مشرقي پاڪستان جي دلير عوام پاڪستان جي قيام ۾ زبردست حصو ورتو. انهن جي امداد جي بغير پاڪستان ڪڏهن به قائم نه ٿي سگهي ها. هو اسان جي ملڪ جي اڪثريت آهن ۽ مون کي پورو پورو يقين آهي ته هو پاڪستان ۾ شامل رهڻ چاهين ٿا. مان انهن کي اپيل ٿو ڪريان ته اسان کي نه وسارين، پر جيڪڏهن اسان کان ڪي خطائون ٿيون آهن ته هو اسان کي معاف ڪن.

مڙسيءَ سان مقابلو ڪريو:

آءٌ پنهنجي دلير هٿيار بند فوجين کي، جن مشرقي پاڪستان ۾ شجاعت جا جوهر ڏيکاريا آهن، چوڻ ٿو چاهيان ته اسان جون دليون توهان سان ڌڙڪي رهيون آهن. اوهان جرئتمند رهو جيئن توهان هميشہ رهيا آهيو ۽ هنن وقت تڪليفن جو مڙسيءَ سان مقابلو ڪريو، جيستائين اسين پنهنجي عزت ۽ آبروءَ کي حاصل نه ڪريون.

اسين راتيون جاڳندا رهنداسون ۽ هڪ لمحي جي لاءِ به آرام سان نه ويهنداسون. توهان جي وابستگي اسان سان آهي. انهن علائقن سان توهان جي وابستگي آهي، جتي منهنجي پارٽيءَ کي وڏي اڪثريت حاصل ٿي آهي. اوهين اسان جي ويجهو آهيو، چاهي ڪيترو به فاصلو هجي. اوهان انهن ماڻهن کان به ويجها آهيو، جيڪي هن وقت منهنجي سامهون بيٺا آهن. همت بلند رکو، اسان جون دليون ۽ روح هر وقت ۽ هر لمحي توهان سان گڏ آهن. اوهان بهادر آهيو، دلاور ۽ جانباز آهيو. اسان توهان سان گڏ آهيون، خدارا ائين نه سمجهو ته اسين توهان کي ڇڏي چڪا آهيون.

اسان توهان جو ساٿ ڏينداسون، هميشہ توهان سان گڏ رهنداسون. جيڪڏهن توهان هارايو ته اسين توهان سان گڏ هارائينداسين. اسان کي جدا رهي، اڪيلي توهان جي هارڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي، ڄميا رهو.

منهنجا اهي لفظ ياد رکو ته جيڪي ڪجهه به اسان جي وس ۾ آهي، اسين ان ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪنداسين. مون تازو پنهنجي عهدي جي چارج ورتي آهي، مان انهيءَ پوري ڪوشش ڪندس ته حالتون آبرو مندانه طريقي تي وري معمول تي اچي وڃن ۽ اوهان جي عزت ۽ آبروءَ تي ڪو حرف نه اچي ڇو ته توهان جي بيعزتي اسان سڀني جي بيعزتي آهي، ۽ اوهان جا ٽوڙ ڪوشش ڪنداسين ته ان کي حاصل ڪرڻ ۾ هڪ لحظي جي به دير نه ٿئي. آءٌ هتي انهن تجويزن ۽ تدبيرن جي وضاحت نٿو ڪرڻ گهران، ڇو ته انهيءَ مان غيرن کي ڪجهه اشارا ملي ويندا.

ڪجهه غلطيون ضرور ٿيون آهن:

مشرقي پاڪستان ۾ جن ماڻهن نظريه پاڪستان جي حمايت ڪئي، انهن کي مون کي صرف اهو ئي چوڻو آهي ته توهان ثابت قدم رهو ۽ انهيءَ لاءِ بهادريءَ سان جدوجهد ڪندا رهو، ڇو ته نظريه پاڪستان روزبروز طاقتور ٿيندو ويندو. ڀاريتن جي غاصبانه قبضي کي شدت سان محسوس ڪيو پيو وڇي. توهان يقين ڪريو ته نظريه پاڪستان ئي مسلم بنگال جي سچي ۽ صحيح ترجماني ڪري ٿو. مسلم بنگال هميشہ پاڪستان جو حصو رهيو آهي ۽ هميشہ رهندو. برصغير ۾ هندن جي تسلط جي زير اثر مسلم بنگال ٻين صدين کان وڌيڪ مصيبتون ۽ ڏک سَٺا. مسلم بنگال پنهنجي ڪردار کي هميشہ برقرار رکندو ۽ اسين هر قيمت تي مسلم بنگال جو جزو بنيل رهڻ ڏينداسون. مشرقي ۽ مغربي پاڪستان جي وچ ۾ تعلقات جو ذڪر ڪندي آءٌ اهو ضرور چوندس ته انهيءَ ۾ اسان کان ڪجهه غلطيون ڪيون، مان هن موقعي تي انهن سڀني ڳالهين جا تفصيل نٿو ٻڌائي سگهان، پر جيڪڏهن غلطيون ٿيون به آهن ته انهيءَ جو اهو ملطب ته ڪونهي ته ملڪ جا ٽڪرا ٽڪرا ڪيا وڃن، يا انهيءَ کي تباهه ڪيو وڃي. مان بنگال جي ليڊرن ۽ عوام سان ملڻ لاءِ مناسب موقعي جي انتظار ۾ آهيان ته جيئن مشرقي ۽ مغربي پاڪستان جي وچ ۾ ڪا مفاهمت پيدا ڪري سگهجي ۽ بنان ڪنهن شڪ ۽ شهبي جي بيروني قبضي کان سواءِ هئڻ گهرجي.

اسان کي اهو موقعو ملڻ گهرجي ته جيئن اسين ٻن اهڙن ڀائرن وانگر پاڻ ۾ مفاهمت پيدا ڪري سگهون، جيڪي گذريل چوويهن سالن کان گڏ رهي رهيا آهن، ۽ پنهنجي مخصوص حالتن ۾ يقيناً قيامت تائين رهندا ايندا. پر انهيءَ لاءِ لازمي آهي ته اسان کي پاڻ ۾ مفاهمت لاءِ ڳالهه ٻولهه جو موقعو ضرور ڏنو وڃي. اهڙي مفاهمت جيڪا متحده پاڪستان جي بنيادن تي هجي. انهيءَ خاڪي ۾ ڀلي لچڪ هجي. خاڪي ۾ انهيءَ جي باوجود آءٌ وري به پاڪستان جي وحدت تي زور ڏيندس، ۽ انهيءَ ڳالهه تي به زور مفاهمت مشرقي ۽ مغربي پاڪستان جي ليڊرن ۽ عوام جي وچ ۾ هئڻ گهرجي. هتي آءٌ اهو وري واضح ڪري ڇڏيان ٿو ته اها مفاهمت ٻاهرين مداخلت ۽ غير ملڪي قبضي جي فضا ۾ نٿي ٿي سگهي.

هندستاني فوجن کي نڪرڻو پوندو:

جستائين هندستان جون فوجون منهنجي ملڪ جي هڪ حصي تي قابض آهن، مان هڪ قدم به اڳتي نٿو وڌي سگهان. هندستاني فوجن کي مشرقي پاڪستان کي خالي ڪرڻو پوندو ته جيئن اسان پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه جو سلسلو شروع ڪري سگهون.  اهو اسان جو پهريون شرط آهي. هندستان جي دعويٰ آهي ته هو قبضي ڄمائڻ لاءِ نه آيا آهن، پر بنگال کي آزاد ڪرائڻ آيو آهي، تنهنڪري ’مسلم بنگال‘ تان هندستان جو قبضو فورن ختم ٿيڻ گهرجي. دنيا جي هڪ سؤ چار ملڪن پاڪستان جي مؤلف جي پٺڀرائي ڪئي آهي.

منهنجا عزيز هموطنو، توهان انهيءَ جو خيال دل ۾ هرگز نه آڻيو ته اسان کي ڪنهن قسم جي شڪست پيش آئي آهي يا اسان کي فتح حاصل نه ٿي آهي. اسان کي فتح حاصل ٿي آهي. انهيءَ لاءِ ته سياسي فتح، فوجي فتح کي عظيم تر آهي. فوجي فتحون اينديون وينديون رهن ٿيون.  سياسي مصالحت بيروني قبضي کان وڌيڪ ثابت ٿيندي آهي. انهيءَ جا مثال ڏئي سگهجن ٿا.

عام چونڊون:

جيئن ته جرمن ماسڪو جي دروازي تائين پهچي ويا هئا ۽ جاپانين منچوريا ۽ چين حاصل ڪري ورتو هو. دنيا جي 104 ملڪن جي پٺڀرائي جي حق ۾ بين الاقوامي راءِ شماريءَ جي حيثيت رکي ٿي. هيءَ هڪڙيءَ طرح سان بين الاقوامي اليڪشن هئي. هندستان اسان جي 1970 ع وارين چونڊن جون ڳالهيون ڪري ٿو. آءٌ ته 1970ع وارين چونڊن تي شرمسار نه آهيان، ڇو ته انهن ئي چونڊن ۾ منهنجي پارٽي ملڪ جي هن حصي ۾ اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. هندستان مشرقي پاڪستان ۾ انهن چونڊن کي بهانو بنائي اتي جي عوام جي راءِ کي ته پنهنجي مرضي مطابق ڦيرائڻ چاهي ٿو، ليڪن بين الاقوامي راءِ تي ڪوبه توجهه نٿو ڏئي. مشرقي پاڪستان جي چونڊن کي هندستان هڪ حيلو بنائي رکيو آهي. هو لڏي ويلن جي آڙ ۾ منهنجي ملڪ تي حمله آور ٿيو آهي. اسان اهو ڪڏهين به ڪونه چيو ته اسين تازڪين- وطن کي واپس وٺڻ نٿا چاهيون. اسان ته اهو چيو هو ته اسان جا سمورا هموطني پنهنجي ملڪ ۾ واپس اچن، ليڪن هندستان انهن کي توبن، ٽئنڪن ۽ سنگينن تي ويهاري واپس آڻڻ چاهي ٿو ۽ واپس وٺي نه آين. هتي آءٌ پنهنجي مشرقي پاڪستان جي ڀائرن کي چوندس ته اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي ۽ انديشو آهي ته انهيءَ صورتحال ۾ اضافو ئي ٿيندو رهندو. هندستان فوجي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار ڪونه هو. هندستان فوجي فيصلو نه نٿي چاهيو. هو ته صرف سياسي فيصلو چاهيندڙ هو پر هن فوجي ٽڪراءَ جي راهه اختيار ڪئي. جيڪڏهن اسين ملڪ اندر فوجي فيصلي ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون ته اها ڳالهه به يقيني آهي ته هندستان ڪڏهين به پنهنجي حد کان ٻاهر فوجي فيصلي ڪرڻ ۾ ڪامياب نٿو ٿي سگهي. هندستان کي مشرقي پاڪستان ۾ ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پوندو هن کي اهو چڱيءَ طرح معلوم آهي ته پاڪستان جي عوام ۽ برصغير جي مسلمانن ۾ عارضي فوجي فتح سان بددلي نٿي پيدا ڪري سگهجي.

جنگ جاري رهندي:

هندستان کي رڳو انهيءَ ڳالهه ڪري فخر نه ڪرڻ گهرجي ته هن پنهنجي وڏي فوجي طاقت جي زور تي پاڪستان جي مشرقي حصي تي قبضو ڪري ورتو آهي. هندستان جي سامهون ۽ ملڪي سالميت لاءِ هميشہ وڙهندا رهنداسين. هيءَ پهرين جنگ نه آهي. هندستان جي سامهون ٻه رستا آهن: يا ته هو صداقت ۽ انصاف جي اصولن کي مڃي وٺي يا وري هميشہ هميشہ لاءِ هڪ جزي دشمن جي مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي عوام جي عزم و استقلال۽ همت جو سودو ڪنهن به قيمت تي نٿو ڪري سگهجي. ڀلي عارضي حالتون ڪجهه به هجن. اسان جي متحد پاڪستان لاءِ جنگ هميشہ جاري رهندي ۽ اسين مشرقي پاڪستان جي مسلمان بنگالي ڀائرن سان باعزت ۽ منصفانه مصالحت لاءِ تيار آهيون. اهڙي مصالحت لاءِ جنهن جو بنياد ملڪ جي ٻنهي حصن جي عوام جي خواهشن تي هجي پر شرط اهو ئي آهي ته اهڙي ڳالهه ٻولهه آزادنه طور تي اسان جي ٻنهي حصن جي وچ ۾ هجي.

عوامي آئين:

هاڻي آءٌ آئين بابت اوهان سان ڪجهه ڳالهيون ڪرڻ چاهيان ٿو. اسان کي پنهنجي ملڪ کي قانون جو تحفظ ڏيڻو آهي. اهو دستور منهنجو ٿاڦيل نه هوندو، ڇاڪاڻ ته آءٌ عوام جو چونڊيل نمائندو آهيان. آءٌ عوام جو خادم آهيان. آءٌ پاڪستان جي عوام کي سڃاڻان ٿو. آءٌ انهن سان گڏ رهان ٿو. ڳوٺن ۾، شهرن ۾، واهڻن ۾ هر جاءِ تي انهن جي ويجهو رهان ٿو، انهن جي جذبات کان واقف آهيان. آءٌ سکڻا وعدا نٿو ڪريان.

منهنجا عزيز دستون، ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ توهان کي يقين ٿو ڏياريان ته جيڪو دستور جلد ٿي ويندو، پر مون کي ٿوري مهلت ڏيو ته جيئن اسين ڪجهه ابتدائي مسئلا طئي ڪري سگهون ۽ ٻاهرين ملڪي صورتحال کي منهن ڏئي سگهون، ڇاڪاڻ ته جوابداري نه هئڻ ڪري ئي اسان کي انهن پريسانيءَ وارين حالتن گرفتار ڪيو آهي. اسان جنگ ڪانه هارائي آهي، اسين ناڪام نه ٿيا آهيون، اسان کي ناڪام بڻايو ويو آهي. اسان جا فوجي وڏي بهادريءَ سان وڙهيا آهن. اسان جو عوام وڏي دليريءَ سان وڙهيو آهي. اها ڳالهه نه آهي ته اسان جي فوجين ۽ عوام کي گهٽتائي هئي. اسان ته پنهنجي خرابيءَ جو شڪار ٿيا آهيون. اسان جي فوجين ۽ عوام کي مشرقي پاڪستان ۾ جيڪي ڪجهه پيش آيو، ڊنڪرڪ جو حادثو به انهيءَ جي سامهون تڇ آهي.

مغري پريس:

مغربي ملڪن جي پريس اسان جي خلاف آهي ۽ اڃا به اسان جي خلاف لکي رهي آهي. ليڪن اسان کي انهيءَ جي پرواهه ناهي. صداقت جو پلئه ڀاري رهندو. سچائي اها آهي ته پاڪستان جي سپاهه دنيا جي بهترين سپاهه مان آهي. هيءَ صرف منهنجي راءِ ناهي، هيءَ هڪ تمام وڏي برطانوي جرنيل جي راءِ آهي، جنهن اهو چيو آهي ته پاڪستاني سپاهي کان بهتر فوجي ڪٿي ڪونه ڏٺو ۽ ڪنهن به ڪونه ٻُڌو.

بدلو وٺنداسين:

همت نه هاريو- مان پنهنجي مسلح فوج جي جوانن سان وعدو ٿو ڪريان ته اسين توهان جي عزت بحال ڪري رهنداسين ۽ بدلو وٺنداسين ۽ خود توهان ڏسندؤ ته اسان انهيءَ عارضي هيٺائينءَ جي زخم کي ڪهڙي طرح ٿا ڇٽايون. اهو انهيءَ صورت ۾ ٿيندو، جيڪڏهن هندستان بدلي وارين ڪارواين کان باز نه آيو ۽ حق و انصاف جي تقاضائن کي نظر انداز ڪري پاڪستان جي حقن جي بحاليءَ ۾ رنڊڪون پيدا ڪندو هلندو رهيو. مون کي ائين چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ ناهي ته اسان جي قوم کي ڪوڙ ۽ لاسن تي سرچايو ويو آهي. فريبڪاري ساري قوم جي معمول ٿي چڪي هئي. اسان کي گمراهه ڪيو ويو آهي. آءٌ هن سلسلي ۾ ڪجهه ڇڏيندس. انهيءَ وسيلي به جنهن رستي تي هن وقت آءٌ اوهان سان مطاطب آهيان ۽ عوامي رابطي ذريعي به آءٌ هن سلسلي ڪري ڇڏيندس. انهيءَ وسيلي به جنهن رستي هن وقت آءٌ اوهان سان مخاطب آهيان ۽ عوامي رابطي ذريعي به آءٌ اهي سڀ حقيقتون اوهان جي سامهون يش ڪندس. منهنجا ڪجهه فيصلا شايد توهان پسند نه ڪريو، ليڪن مان انهن جي وضاحت ڪندس. مون کي يقين آهي ته توهان منهنجي فيصلن جي نوعيت ۽ اهميت کي ضرور سمجهندا. آءٌ قدم کڻڻ وارو آهيان، ڇاڪاڻ ته آءٌ سياسي خلا کي ڀرڻ ٿو چاهيان. انهيءَ سياسي خلا جي ڪري اڄ اسان جي ملڪ جي هڪ وڏي حصي تي غير ملڪي قبضو آهي ۽ انهيءَ بناء تي اسان کي مشرقي پاڪستان ۾ ذلت آميز طريقي تي آڻ مڃڻي پئي. اگر مشرقي پاڪستان جون اندروني حالتون صحيح نموني ۾ تيار ڪيون وڃن ها ته اڄ اسان کي هن خراب ڏينهن ڏسڻو نه پوي ها.

اقتصادي ۽ سماجي انصاف:

هن سلسلي ۾ اوهين يقين رکو ته جيستائين حڪومت جون واڳون منهنجي هٿن ۾ آهن ته مان تمام تيزيءَ سان قدم کڻندس. اقتصادي ۽ سماجي انصاف جي محاذ تي به مان جيترو جلد ٿي سگهيو، ڪاروائي شروع ڪندس ته جيئن عام ماڻهو جو بار هلڪو ٿئي ۽ معيشت ۾ نوازن قائم ڪري سگهجي. آءٌ انهيءَ ڳالهه جو جلد از بندوست ڪندس. ته جيئن بد ديانتي، اقربا پروري ۽ انتظاميه جي بدنظميءَ جو خامتو ڪري سگهجي. اهڙيون ڳالهيون به هن کان اڳ ۾ بيپرواهيءَ سان ڪيون وينديون رهيون آهن. ليڪن آءٌ بديانتيءَ جي خاتمي ڪرڻ لاءِ سختيءَ سان پڇا ڳاڇا ڪندس. مان افسر شاهيءَ کي خبر ملمع سازي ختم ڪرڻي پوندي. افسر شاهيءَ کي رويي ۾ تبديلي آڻڻي پوندي ۽ انهيءَ کي قوم جو خادم ٿيڻو پوندو.

بيوروڪريسي:

مان بيورو ڪريسيءَ جو مخالف ناهيان، پر مان هڪ اهڙي بيورو ڪريسي آڻڻ چاهيان ٿو جيڪا آزاد خيال هجي، ڪم ڪندڙ هجي ۽ عوام جي خادم هجي. برطانوي روايتن موجب قائم ڪيل بيورو ڪريسي اسان کي نه گهرجي. انگريز ته غير ملڪي هئا، ليڪن پاڪستان جي بيورو ڪريسي غيرماڪين تي مشتمل نه آهي. آءٌ توهان کي اهو به ٻڌايان ٿو ته آءٌ اوچتو دوري تي نڪرندس. آفيسن جو معائنو ڪندس. اڄ رحيم يار خان، سڀاڻي چترال، پرينهن ميرپورخاص پوءِ لائلپور. بهرحال آءٌ ڪٿي به وڃي سگهان ٿو. آءٌ اهي سڀ ڳالهيون ڪنهن دشمنيءَ جي سبب نٿو چوان.

پوليس:

جيڪڏهن ماضيءَ ۾ ڪنهن آفيسر مون سان بدسلوڪي ڪئي آهي يا قانون جي خلاف به ڪو ڪم ڪيو اٿس ته آءٌ انهي کي وساري چڪو آهيان. اڄ کان هڪ نئين باب جي شروعات ٿي رهي آهي. ملڪ جي فلاح ۽ بهبود لاءِ مون سان آفيسرن جو تعاون هئڻ ضروري آهي. ان سلسلي ۾ مان پوليس جي باري ۾ ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو.

پوليس ملامت جو نشانو ٿي رهي آهي. ان ۾ ڪنهن حد تائين صداقت به آهي ۽ نه به، جتي الزام غلط هجن اتي پوليس کي سهولت مهيا ڪري ڏيڻ جو بندوبست به ڪيو ويندو. مثال طور انهن جي ٻارن جي تعليم، رهڻ لاءِ گهر ۽ سندن ٻيا ضروري مسئلا پڻ حل ڪيا ويندا. ظاهر آهي ته وسيع اختيارن ۽ محدود پگهارن تي، ديانتدار پوليس ڪٿي ملي سگهندي ۽ اهڙو ڪو پوليس وارو ڪٿي ملي سگهندو. اسين انهيءَ مسئلي طرف مناسب وقت تي توجهه ڏينداسين. بيوروڪريسي (افسر شاهي) جو سڌارو به اسان جي نظر آڏو آهي. اسين انهن عملدارن جي عزت ۽ احترام ڪنداسين. جيڪي ذهين ۽ ايماندار آهن. ۽ جيڪي پاڪستان جي خدمت جذبي سان سرشار آهن. اسان کي اهڙن بد ديانت ۽ موقع پرست ماڻهن جي ضرورت نه آهي، جيڪي قوم جو تاڃي- پيٽو تباهه ڪرڻ گهرن ٿا. پوليس کي آءٌ اهو چوڻ چاهيان ٿو ته جن سببن ۽ عوامل اوهان کي بد ديانت بنايو آهي، اسين انهن سببن جي پاڙ پٽي ڇڏينداسين، پر توهين به پنهنجي ظلم ۽ زيادتيءَ وارو رويي کان به باز اچو. اوهان جو اهو فرض آهي ته هر شخص کي قانون جي حفاظت ملي، چاهي اهو ڪيترو ئي غريب ڇو نه هجي توهين عام ماڻهوءَ جي عزت ڪريو. غريب هاري ۽ مزور کي تمام گهڻو ذليل ڪيو ويو آهي.

بد عنوانيون:

اڄ سڄي قوم جي انهيءَ ڪري ذلالت ٿي آهي جو گذريل چوويهن سالن ۾ عام ماڻهن کي ذليل ڪيو ويو. آءٌ انهيءَ ذلت کي هڪدم ختم ڪرڻ گهران ٿو. هر شخص پنهنجي پنهنجي جاءِ تي احترام جي قابل آهي. آءٌ نٿو چاهيان ته ان کي سفارش جي ذريعي انصاف ملي. آءٌ ڪنهن به ڪابه سفارش نه مڃيندس. منهنجو ڪوبه عزيز اهو نٿو چئي سگهي ته آءٌ ڀٽي جو مائٽ آهيان. منهنجو ڪوبه ماڻهن منهنجن مائٽن جي ذريعي به سفارش نٿي ڪري سگهجي. آءٌ اهو ڪڏهين به برداشت نه ڪندس. ڇاڪاڻ جو منهنجو ڪٽنب پاڪستان جو سڄو عوام آهي. اها ٻي ڳالهه آهي. ته منهنجو سؤٽ پنهنجي جاءِ تي ڪنهن انفرادي حيثيت جو مالڪ هجي، ڇاڪاڻ جو اهو سمجهو آهي ۽ جيل نه وڃي چڪو آهي ۽ ان کي عوام جي خدمت جو حق پهچي ٿو. اها جدا ڳالهه آهي ته آڪسفورڊ جو تعليم يافته به آهي پر اوهين يقين رکندا ته منهنجي زال ۽ منهنجا ٻار منهنجي راهه ۾ ڪڏهين به حائل نه ٿيندا. جيڪڏهن منهنجي زال ۽ منهنجا ٻار به اهو سمجهڻ لڳن ته هو منهنجي عهدي جو غلط فائدو وٺي سگهن ٿا ته اها انهن جي ڀُل هوندي. انهن کي سڀن جيان پنهنجي اعمالن جو جواب ڏيڻو پوندو. اها ڳالهه سڀني کي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته سفارش، بدعنوانيءَ جو ۽ بدانظاميءَ جي پاڙ پٽي ويندي ۽ انهيءَ ڪم کي توڙ تائين پچائڻ ناممڪن نه آهي. آءٌ عوام ۽ پنهنجي پارٽيءَ مان اها اميد رکان ٿو ته هو انهن بدعنوانين کي ختم ڪرڻ لاءِ مون سان ڀرپور تعاون ڪن. پر اهو ضرري آهي ته اسين پنهنجي معاشرتي ۽ اقتصادي سرشتي ۾ ڪي بنيادي ڦيريون ڦاريون هڪدم عمل ۾ آڻيون.

روم هڪ ڏينهن ۾ نه ٺهيو هو:

اسان کي موجوده جنگ کي منهن ڏيڻو آهي ۽ انهيءَ جنگ ۾ اسان کي جيڪا ذلت ملي آهي سا صرف انهيءَ لاءِ ملي آهي، جو عوام کي پنهنجي سماجي ۽ اقتصادي سرشتي کي ٺيڪ ٺاڪ ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهيو.

اسين پنهنجي ملڪ سماجي ۽ اقتصادي سرشتي کي سڌارڻ گهرون ٿا. انهيءَ ۾ ڪجهه وقت لڳندو. ”روم هڪ ڏينهن ۾ نه اڏيو ويو هو“ پر انهيءَ صورتحال کان ڪنهن کي به خوامخواه پريشان به نه ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو مقصد عوام جي خدمت ۽ عوام جي ڀلائي آهي. اسان ڪنهن جي جان جي پويان نه آهيون. جيڪي ماڻهو پاڪستان جي ترقيءَ ۾ مدد ڏيئي رهيا آهن ۽ انهيءَ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، انهن کي گهرجي ته هو پنهنجو ڪوششون برابر جاري رکن. اسين چاهيون ٿا ته ملڪ جي پيداواري وڌي. مان ڪارخانن جا دروازا ڪڏهين به بند ٿيڻ نه ڏيندس. آءٌ مزورن سان بدسلوڪي ڪڏهين به برداشت نه ڪندس.

منهنجي اها به ڪوشش هوندي ته بنان سبب جي بيروزگاري پيدا نه ٿئي. آءٌ صنعتڪارن کي اپيل نه ڪندس پر انهن کي چوندس ته هو ڪارخانن جا دروازا مزورن لاءِ ڪڏهين به بند نه رکن. مزورن کي بيروزگار نه بنائين، ڇاڪاڻ جو اهيئي اسان جا مالڪ آهن. اهي ئي ڪارخانن جا مالڪ آهن.

محنت ڪش بلڪل بيڊپاٿي وڃن:

آءٌ مزور طبقي کي فقط ايترو چوندس ته هو ٿورو صبر ڪن ۽ تحمل کان ڪم وٺن اسين پوري ڪوشش ڪنداسين ته ملڪي وسيلا ملڪ جي دولت پيدا ڪندڙن جي هٿ ۾ ڏنا وڃن. انهيءَ ڪري ملڪ جي دولت پيدا ڪندڙن کي ڪنهن به قسم جو خوف ۽ خطرو نه هئڻ گهرجي. ملڪ جي ڪاريگرن ۽ محنت ڪندڙن کي مون کي اهو چوڻو آهي ته توهين بيڊپا ٿي وڃو. توهان جو پاڪستان اڄ کان وجود ۾ اچي چڪو آهي. انهن ماڻهن لاءِ هاڻي ڪوبه انديشو ۽ ڪوبه خطرو نه آهي، جيڪي محنت ڪن ٿا ۽ پنهنجو پگهر وهائي پنهنجي روزي ڪمائين ٿا، ۽ اها ڳالهه سڄي سماج جي هر طبقي تي لاڳو ٿئي ٿي.

هاري، قوم جي ڪرنگهي جي هڏي آهن:

آءٌ هارين کي چوان ٿو ته اوهين قوم جي ڪرنگهي جي هڏي آهيو، هاڻي ڪوبه زميندار يا وڏيرو توهان کي توهان جي زمينن مان بيدخل نٿو ڪري سگهي. توهان کي پنهنجا مڪمل ۽ پورا حق حاصل هوندا. آءٌ زرعي سڌارڻ آڻڻ گهران ٿو، پر اهي سڌارا ٻن مرحلن ۾ آندا ويندا. پهرئين مرحلي ۾ به ۽ پوءِ ٻئي مرحلي ۾ به. ٻئي مرحلي تي ان وقت اندا ويندا جڏهن جمهوريت بحال ٿي ويندي، ڇاڪاڻ جو فقط عوام جا نمائنده ئي زرعي سڌارن جي حد مقرر ڪرڻ جو حق رکن ٿا. پر آءٌ پهرئين مرحلي ۾ اهي سڌارا لاڳو ڪندس، جيڪي بيحد ضروري پنهنجي جاءِ تي نهايت اهم هوندا ۽ هر انهيءَ شخص کي سخت ترين سزا ڏني ويندي جيڪو انهن زرعي سڌارن کي چالاڪيءَ سان روڪڻ جي ڪوشش ڪندو. پهرئين مرحلي وارن زرعي سڌارن کي چالبازين سان ورڪڻ جي ڪنهن به تدبير کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏبو.

آءٌ مزورن جي ڀلائيءَ به سڌارا آڻڻ گهران ٿو. هارين ۽ مزورن جي ڀلائيءَ لاءِ اهي سڌارا جلد اچي ويندا. مون کي فقط ڪجهه مهلت ڏيو. پر انهيءَ سان گڏوگڏ زميندارن ۽ صنعتڪارن کي اهو به چوندس ته انهن سڌارن جي ڪري انهن تي ڪابه قيامت ڪانه ايندي قيامتون انهيءَ طرح ڪونه اينديون آهن، انهن کي اهو نه سوچڻ گهرجي ته انهن تي ڪو آسمان ڪِرندو. انهيءَ ڪري انهن کي پنهنجي پيداوار جي رفتار ۾ هرگز ڪمي آڻڻ نه گهرجي، پوءِ کڻي اها پيداوار زراعت جي هجي يا صنعت جي شعبي ۾، جيڪڏهن منهنجي سڌارن کي ناڪام بنائڻ لاءِ زرعي ۽ صنعتي پيداوار جي رفتار ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڪمي واقع ٿي ته آءٌ هڪدم اهڙين سمورين زمينن ۽ سمورين جائدادن کي عوام جي نالي تي قومي ملڪيت ۾ آڻي ڇڏيندس.

سڌارا روڪي نه سگهبا:

آءٌ انهن سڌارن کي لاڳو ڪرڻ جي باري ۾ سڀني واسطيدار ماڻهن مان ڀرپور ساٿ جي اميد رکان ٿو. انهن سڌارن کي ڪڏهن به روڪي نٿو سگهجي ۽ جيڪي ماڻهو انهن سڌارن کي ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪندا، تن کي پنهنجي انهيءَ ڏوهه جي تمام وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.

دولت واپس آڻيو:

ٻي ڳالهه جيڪا آءٌ اوهان کي چوڻ گهران ٿو اها آهي ته پاڪستان جي دولت کي ٻاهر نڪرڻ نه ڏيندس. پاڪستان جي دولت، پاڪستان جو رپيو، پاڪستان جو ناڻو، جيڪو پاڪستان جي رت ۽ پگهر سان پيدا ڪيو ويو آهي، تنهن کي جلد کان جلد پاڪستان ۾ واپس اچڻ گهرجي. آءٌ پاڪستاني دولت کي ملڪ کان ٻاهر ڪڍي وڃڻ جي باري ۾ جلد حڪم جاري ڪرڻ وارو آهيان پر جيڪڏهن پاڪستاني دولت کي رضا ڪارانه طور تي پاڪستان ۾ واپس نه آندو ويو ته ان جا جيڪي به نتيجا ڀوڳڻا پوندا تن جو الزام مون کي نه ڏجو!

سرحدون بند ڪيون وينديون:  

آءُ انهن سمورن ماڻهن کي اپيل ڪريان ٿو ته جيڪي غريب پاڪستان جي خون کي پاڪستان کان ٻاهر کڻي ويا آهن، تنهن رت کي جلد کان جلد پاڪستان ۾ واپس کڻي اچن. ڇاڪاڻ جو منهنجي عوام کي انهيءَ رت جي ضرورت آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوجن کي انهيءَ رت جي ضرورت آهي. انهيءَ دولت کي واپس آڻيو. انهيءَ کي واپس آڻڻو پوندو، نه ته آءٌ انهيءَ جا طريقا به ڄاڻان ٿو. آءٌ پاڪستان جي سرحدن کي بند ڪري ڇڏيندس. آءٌ ڪنهن به شخص کي پاڪستان کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏيندس. آءٌ انهن ماڻهن جي ڪٽنبن جي خلاف ڪاروائي ڪندس، ۽ ملڪي دولت کي ٻاهر کڻي وڃڻ تي سخت ترين سزائون ڏيندس. پاڪستاني دولت پاڪستان ۾ واپس اچڻ گهرجي. آءٌ اهرين سمورن ماڻهن کي مهلت ڏيان ٿو ته رضاڪارانه طور تي پاڪستاني دولت وطن واپس کڻي اچن. انهيءَ لاءِ آءٌ ڪابه ڪميشن ۽ ڪميٽيون مقرر نه ڪندس، جيڪي ٽي- ٽي مهينا ۽ ڇهه-ڇهه مهينا هلنديون رهنديون اهن! مون کي خبر آهي ته ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن ملڪ کان ٻاهر دولت جمع ڪري رکي آهي. آءٌ انهن کي سڃاڻان ٿو  اهو به ڄاڻان ٿو ته اهي انهيءَ کي واپس کڻي اچو، پنهنجي هٿياربند فوجن لاءِ واپس کڻي اچو. منهنجي فوجن کي هٿيار گهرجن، ٽئنڪون گهرجن، فوجن کي آبادڪاريءَ جا ڪم به ڪرڻا آهن. اسان جي فوجن پاڪستان جي سالميت ۽ خودمختياريءَ لاءِ جانيون قربان ڪيون آهن. انهيءَ لاءِ پاڪستان جي دولت پاڪسان ۾ ئي اچڻ گهرجي.

آءٌ شاگردن جو شڪرگذار آهيان:

۽ هاڻي آءٌ پنهنجي عزيز شاگردن سان ڳالهيون ڪرڻ گهران ٿو. شاگردن ئي مون کي هن اهم ذميواريءَ جي مرتبيءَ تي پهچايو آهي. ملڪ جي عوام به مون کي هن اهم درجي تي پهچايو آهي. انهن ئي مون کي هتي رسايو آهي. پر ان جا پهريان محرڪ منهنجا شاگرد ئي آهن.

جسيتائين مون کي ياد اچي ٿو، ايشيا ۽ آفريڪا جو ڪوبه ليڊر. جنهن کي ٻيهر ذميداريءَ جي عهدي تي آندو ويو هجي، اهڙو نه ٿيو جيڪو ڪنهن وڏي طاقت جي سازس جو شڪار نه ٿيو هجي. آءٌ به ٻين وڏين طاقتن جي سازشن جو شڪار بڻيو آهيان، پر مون کي پاڪستان جي عوام ئي ٻيهر ذميواريءَ جي عهدي تي آندو ويو هجيم اهڙو نه ٿيو جيڪو ڪنهن وڏي طاقت جي سازش جو شڪار نه ٿيو هجي. آءٌ به ٻن وڏين طاقتن جي سازشن جو شڪار بڻبو آهي. آءٌ توهان جو شڪر گذار آهيان. آءٌ توهان جو ٿورائتو آهيان، منهنجا شاگرد منهنجا ٻچا آهن، مون شاگردن جي جماعتن کي چئي ڇڏيو آهي ته اسين توهان جي اندروني سياست ۾ ڪڏهن به دخل نه ڏينداسين. شاگردن جي جماعتن ۾ اسان جي ڪابه پارٽي نه آهي، انهن جي جماعتن ۾ انهن جي چاهي ڪهڙي به پارٽي چونڊ کٽي ۽ ڪامياب ٿئي. اهو انهن جو پنهنجو ڪم آهي. اسين انهن جي جماعتن ۾ ڪابه سياسي دخل اندازي نه ڪنداسين.

مستقبل جا مالڪ شاگرد آهن:

اسين پنهنجي شاگردن جي جماعتن کي اُسرندي ڏسڻ گهرون ٿا، پنهنجا فيصلا هو خود پاڻ ڪن. هو بيدار ۽ داناءُ پاڪستان جي هر هڪ يونيورسٽيءَ ۾ ويندس، پر مهرباني ڪري مون کي ڪجهه ملت ڏيو، جو مون کي ڪيترن ئي غلط فهمين کي ختم ڪرڻو آهي، جيڪي پريس ۽ ٻين اهڙن اثرن ملڪ ۾ پيدا ڪري ڇڏيون هيون. آءٌ شاگردن جو هميشہ شڪرگذار رهندس.

تعليمي سرشتي ۾ سڌارا آندا ويندا:

آءٌ تعليمي سرشتي ۾ به ڪيترائي سڌارا آڻيندس. اهڙا سڌارا جيڪي اوهان کي پنهنجي تقدير جو مالڪ بنائي ڇڏيندا، ڇاڪاڻ ته اوهان جي تقدير ئي اصل ۾ پاڪستان جو مقدر آهي. مون کي اميد آهي ته اوهان جو طرز عمل ۽ رد عمل به اهڙو ئي رهندو.

صوبائي نظام:

صوبائي نظم و نسق جي باري ۾ آءٌ اڳ به چئي چڪو آهيان ۽ وري به چوان ٿو. صوبن جو جيستائين تعلق آهي، مون کي غلط نه سمجهيو وڃي، پر صوبائي نظم و نسق ۾ آءٌ ڪابه خلا باقي رهڻ نه ڏيندس.

 

سياسي بيداريءَ جي لهر:

سڀني صوبن ۾ سياسي بيداريءَ جي لهر پيدا ڪئي ويندي، پر ان لاءِ مون کي مهلت درڪار آهي. مون کي ٿوري مهلت ڏيو. آءٌ اهو سڀڪجهه ڪندس. في الحال آءٌ هڪ ڪابينه ٺاهيندس، جنهن ۾ اهڙن ماڻهن کي شامل ڪندس جي اهم ذميوارين کي پوري ڪرڻ جي صلاحيت ۽ لياقت رکن ٿا. ڪابينه عارضي هوندي. هن وقت ته سڀئي انتظام عارضي آهن، ڇاڪاڻ ته ڪابه شئي مستقل نه آهي. مستقل ته ان وقت ٿيندي، جڏهن عوام آئين ۽ دستور کي منظور ڪري چڪا هوندا، جيڪو عوام جو آئين هوندو. پائيداري ته صرف عوام جي آواز جي وسيلي ئي حاصل ٿي سگهي ٿي. آءٌ به ان آواز جو هڪ حصو آهيان. ان وقت تائين هرڪا شئي عارضي رهندي. خود منهنجي حيثيت به عارضي آهي ۽ جيڪي به انتظام آءٌ ڪري رهيو آهيان سي به سڀ عارضي آهن.

سڀني کي ٻئي هنڌ وڃڻو آهي:

ٻي ڳالهه اها ته مون کي ڪير غلط نه سمجهي. جيڪڏهن ڪنهن شخص کي ڪنهن خاص ڪم تي مقرر ڪيو وڃي، پوءِ  چاهي هو انتظاميه جو هجي، آفيسريءَ ۾ هجي، يا ڪنهن ٻئي شعبي ۾. هن وقت قوم اڄڪلهه جن حالتن مان گذري رهي آهي، تن کي نظر ۾ رکندي هي اسان جي قومي بقا جو مرحلو آهي. هن مرحلي تي، هن ڳالهه تي رنجيدگيءَ جي اظهار ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن شخص کي هڪ جڳهه کان هٽائي ٻي جڳهه تي لڳايو وڃي ته ان تي هرگز رنج نه ٿيڻ گهرجي يا ڪنهن جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي مقرر ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته اسان مان هر ڪنهن شخص کي ڪنهن ٻئي هنڌ وڃڻو آهي. ڇا، منهنجي جاءِ تي ٻيو نه آيو؟ ۽ ڇا اسان سڀني پنهنجي جاءِ نه ڇڏي آهي؟ اسان سڀني کي پنهنجون پنهنجون جايون ڇڏي آخرڪار وڃڻو ئي آهي. هن نظام ۾ هر شئي عارضي آهي. صرف باري تعاليٰ جي ذات ۽ ان جي ڪائنات کي بقا حاصل آهي.

آءٌ ڪم وارن جي ڳولا ۾ آهيان:

مون کي غلط نه سمجهو. آءٌ ڪڏهن به انتقامي جذبي هيٺ ڪوبه قدم نه کڻندس آءٌ صرف ملڪي ضرورتن جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کڻندس. انهيءَ مقصد سان ڦير ڦار به ڪئي ويندي آهي، تنهنڪري جنهن ڦير ڦار جي ضرورت پيش ايندي سا ضرور ڪئي ويندي. تنهنڪري مون کي اميد آهي ته انهيءَ ڦير فار کي ذميداريءَ جو احساس رکندي سڀئي ماڻهو قبول ڪندا. جنهن شخص تي به اها ذميداري عائد ٿئي ٿي، تنهن کي بنان ڪنهن هٻڪ جي ان کي قبول ڪرڻو پوندو.

ڪابه حجت نه ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ ته آءٌ هن وقت ڪم ڪرڻ وارن جي ڳولا ۾ آهيان پوءِ کڻي اهڙا ماڻهو ڇو نه هجن جي مون کي قبول نه ڪندا هجن ۽ چاهي انهن ماضيءَ ۾ منهنجي متعلق سٺن خيالن جو اظهار نه ڪيو هجي ۽ منهنجي خلابه ڳالهائيندا رهيا هجن آءٌ انهن ڳالهين کان بلند ۽ بالا آهيان. منهنجي اڳيان صرف قومي مفادات آهن ۽ آءٌ لياقت ۽ صلاحيت جو ڳولائو آهيان. آءٌ ملڪ جي اندروني انتظام لاءِ لائق ماڻهن کي موڪلڻ گهران ٿو. آءٌ لائق پاڪستانين کي ذميدارين وارا عهدا ڏيڻ گهران ٿو. ڪنهن سفارش يا اقربانوازيءَ جي بنياد تي نه، پر محض انهن جي پنهنجي ذاتي لياقت جي بنياد تي.

اڳتي وڌو ۽ منهنجي مدد ڪريو:

آءٌ لائق پاڪستانين کي اپيل ڪريان ٿو ته هو منهنجي مدد ڪن. آءٌ هڪ فرد آهيان ۽ سڄو ڪم آءٌ اڪيلو نٿو ڪري سگهان. آءٌ توهان سڀني کي چوان ٿو ته توهان اڳيان وڌو ۽ منهنجي مدد ڪريو. جيڪڏهن لائق ماڻهو مدد ڪن ته اسين جبلن کي به پنهنجي جاءِ تان لوڏي سگهون ٿا ۽ دشمن جو مقابلو ڪري سگهون ٿا. اسين سمورين مشلڪاتن تي حاوي ٿي سگهون ٿا.

فوجن بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن:

هاڻ آءٌ پاڪستان جي فوجن جي باري ۾ ڪجهه چوڻ گهران ٿو. پاڪستان جي فوجن کي چڱيءَ ريت معلوم آهي ته آءٌ هميشہ انهن جو مداح رهيو آهيان ۽ ماضيءَ ۾ جڏهين آءٌ وزير ۽ پرڏيهي وزير هئس ته هميشہ مون انهن جي حمايت ڪئي ۽ پاڪستان جي فوجن کي مضبوط ۽ مستحڪم بڻائڻ جي پوري پوري ڪوشش به ڪئي آهي. انهن پاڪستان جي زمين ۽ مادر وطن جو بچاءُ هميشہ نهايت ئي جرئتمنديءَ سان ڪيو آهي.

منهنجا عزيز جوانو، منهنجا عزيز آفيسرو، منهنجا ڀائرو، توهان سڀني ميدان ڪارزار ۾ بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن. توهان کي هرگز ڪنهن ڳالهه ۾ پريشان ٿيڻ نه گهرجي ۽ نه ڪنهن طور ڪنهن قسم جي ندامت محسوس ڪرڻ گهرجي. توهان دراصل هڪ غلط سرشتي جو شڪار ٿيا آهيو. اسين ان کي ٺيڪ ڪري ڇڏينداسين. آءٌ توهان سان سڌيءَ طرح رابطو رکندس. آءٌ اڪيلو هر شئي کي نٿو ڏسي سگهان، پر موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي آءٌ صدر ۽ چيف مارشل لا آئڊمنسٽريٽر جا عهدا به سنڀاليندس ۽ ان سان گڏ بچاءُ واري وزارت ۽ پرڏيهي معاملن واري وزارت جا کاتا به پاڻ وٽ رکندس. ضرورت پوڻ تي ٻِيا کاتا ٻين جي حوالي ڪيا ويندا ته جيئن اهي منهنجي مدد ڪري سگهن. توهان جي جيڪا به پريشاني هوندي تنهن کي ختم ڪرڻ ۾ اسين ڪابه گهٽتائي نه ڪنداسين. اڄ توهان جون دليون بلند حوصلو محسوس ڪري رهيون آهن، پر اسان جا ۽ توهان جا ذهن بيچين آهن. توهان سڀ انتقام وٺڻ گهرو ٿا. مهرباني ڪري ڪجهه توقف ڪريو ته جيئن اسين گڏجي ان جي ڪا راه ڳولي لهون. اهڙي راه، جيڪا اسان جي قومي عزت کي بلند ڪري ڇڏي ۽ اهڙي عزت ۽ آبروءَ ۾ ڪوبه فرق نه آهي. پاڪستان جون فوجون ۽ پاڪستان جو عوام هڪ آهي.

فوجون عوام سان وجود ۾ اچن ٿيون:

مشڪلاتون انهيءَ لاءِ پيدا ٿيون، جو پاڪستان جي فوجن کي ۽ پاڪستان جي عوام کي جدا جدا ورهائي ڇڏيو ويو. پاڪستان جون فوجون اصل ۾ پاڪستان جي عوام سان ئي وجود ۾ اچن ٿيون ۽ اهو عوام ئي هوندو آهي، جيڪو فوجن کي نشڪيل ڏيندو آهي. اسين پاڪتان جي فوجن ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ هم آهنگي، ربط ۽ مفاهمت پيدا ڪنداسين. ان لاءِ به مون کي اوهان جي مدد جي ضرورت آهي. توهان جون همدرديون گهرجن. پر ان سلسلي ۾ ڪي قدم کڻڻا آهن، جيڪي تمام ضروري آهن. اهو آءٌ خوشيءَ جي احساس سان نه بلڪ ڪنهن حد تائين غمگين ۽ ڏکويل دل سان چئي رهيو آهيان ته مون کي چند قدم هينئر کڻڻا پيا آهن، جن تي عمل درآمد هڪدم شروع ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ هي جنرل پنهنجي عهدن تان ريٽائر ڪيا ويا آهن.

سابق صدر رٽائرڊ:

سابق صدر ته اڳيئي رٽائر ٿي چڪو آهي. هن اڄ مون کي چيو ته هو رٽائر ٿي چڪو آهي. سابق صدر جنرل آغا محمد يحيٰ خان هاڻ پاڪستان جي فوجن ۾ نه رهيو آهي ۽ جنرل عبدالحميد خان اڄ رٽائر ٿي ويو، جنرل ايس. جي. ايم. ايم. پيرزادو به اڄ رٽائر ٿي ويو ۽ جنرل عمر به اڄ رٽائر ٿي ويو، جنرل خداداد خان به اڄ رٽائر ٿي ويو، جنرل ڪياني به اڄ کان رٽائر ٿي ويو. اهڙيءَ طرح جنرل مٺا به اڄ رٽائر ٿي ويو. اهي سڀ جنرل عوام ۽ پاڪستاني فوجن جي خواهشن جي مطابق رٽائر ڪيا ويا آهن. اهو منهنجو ذاتي فيصلو هرگز نه آهي. انهن مان ڪنهن کي ته آءٌ سڃاڻان به نٿو ۽ ڪي ته اهڙا به آهن. جن کي مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڏٺو به نه آهي. هڪٻئي جي گفتگو ۽ صلاح مشوري کان پوءِ اسان ان نتيجي تي پهتا آهيون ته عوام ۽ پاڪستان جي فوجن جي اها ئي خواهش هئي ۽ آءٌ پاڪستاني عوام جو خادم آهيان. پاڪستاني فوجن جي فيصلي ۽ جذبي جو احترام ڪيان ٿو. اڄ کان اهي سموريا جنرل رٽائر ٿي چڪا آهن ۽ پنهنجا فرض نٿا ڪري سگهن. انهن کي باعزت طور تي رٽائر ڪيو ويو آهي. انهن جي جاين کي ڀرڻ جا اتنظام به ڪري ڇڏيا ويا آهن. اهو منهنجو پهريون فيصلو آهي ۽ مون کي يقين آهي ته اهو فيصلو پاڪستان جي فوجن جي ننڍن وڏن آفيسرن جي جذبات کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. جيئن ته آءٌ اڳ ۾ ئي ٻڌائي چڪو آهيان ته هر شئي اڄڪلهه عارضي آهي. منهنجي پنهنجي حيثيت يعني پوزيشن به عارضي آهي، سمورا انتظام جيڪي به ڪيا پيا وڃن. سي سڀ عارضي آهن. مون جنرل گل حسن کي چيو آهي ته هو پاڪستاني فوجن جي قائم مقام ”ڪمانڊر انچيف“ جو عهدو سنڀالي ۽ هو جلدي ڪم شروع به ڪري ڏيندو. هن کي ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو. هو هڪ فوجي آهي پيشه ور فوجي. آءٌ نٿو سمجهان ته هو ڪن وانگر سياست ۾ هرڀرو ٽنگ ڙائيندو. آءٌ سمجهان ٿو ته جنرل گل حسن کي عوام ۽ بري فوجن جي پوري پوري حمايت حاصل ٿيندي. مون اهو فيصلو نهايت سوچي سمجهي ڪيو آهي. آءٌ عوام جي جذبات کان واقف آهيان. انهن انتظامن مان ڪنهن به قسم جي غلط پيدا ٿيڻ نه گهرجي. هي انظام عارضي طور تي ڪيا پيا وڃن. ڳتي هلي مستقل قدم کنيا ويندا. جڏهن اسان کين کي سنجيدگيءَ ۽ ڳالهين ٻولين سان حل ڪرڻ جو موقعو ملندو. مون اهي فيصلا انهيءَ لاءِ ڪيا آهن جو اهي نهايت ضروري هئا. جنرل گل حسن ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ئي ڪم ڪندو. آءٌ نٿو گهران ته ڪنهن کي غير ضروري ترقي ڏني وڃي.

اسان جو ملڪ غريب آهي:

اسان جو ملڪ غريب ملڪ آهي ۽ اسين نٿا چاهيون ته ماڻهو غير ضروري طور تي مالدار ٿي وڃن. اسان کي هي ڏينهن ڏسڻا پيا، انهيءَ جو هڪ سبب اهو به هو ته اسان تي عيش ۽ عشرت ڇائجي چڪي هئي، انهن ئي حالتن جي بنياد تي جنرل گل حسن کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي اهو ڪم ڪرڻو پوندو ۽ هن کي انهيءَ ڳالهه جي اميد نه رکڻ گهرجي ته هن عارضي انتظام جي ڪري هن کي جنرل جي عهدي جي ترقي ڏني ويندي. مون کي اميد آهي ته ليفٽيننٽ جنرل گل حسن کي ڪمانڊر انچيف جي حيثيت سان پاڪستان جي فوجن، عوام ۽ حڪومت جو مڪمل ساٿ حاصل هوندو ۽ اميد ڪريان ٿو ته هو وڏا وڏا ڪم خير خوبيءَ سان پورا ڪندو. هن کي پاڪستان جي فوجن کي نئين سر تشڪيل ڪرڻو آهي ۽  آزد عوام جي فوجن جي بنياد تي.

نعپ تان پابندي ختم:

آءٌ توهان کي اهو به ٻڌائڻ گهران ٿو ته آءٌ نيشنل عوامي پارٽيءَ تان پابندي هٽائي رهيو آهيان. مون کي معلوم آهي ته ان سلسلي ۾ بد گمانيون ۽ اختلاف راءِ پيدا ٿي سگهي ٿو. ليڪن آءٌ اهو بلڪل نيڪ نيتيءَ سان ڪري رهيو آهيان. آءٌ انهيءَ اميد سان ڪري رهيو آهيان ته اسين سڀ محب الوطن آهيون ۽ پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪرڻ چاهيون ٿا. ان ڪري آءٌ نيشنل عوامي پارٽيءَ تان پابندي هٽائي رهيو آهيان ۽ نيشنل عوامي پارٽيءَ جي رهنمائيءَ کي درخواست ڪريان ٿو ته هو جلد از جلد مون سان اچي ملن. انهيءَ سلسلي ۾ آءٌ ٻين سياسي پارٽين جي رهنمائن کي به سڏائڻ وارو آهيان. آءٌ ڪنهن جو به مخالف نه آهيان ۽ توهان يقين رکو ته آءٌ قومي سطح تي ڪڏهين به جانبدارانه فيصلو نه ڪندس. اهي سموريون ڳالهيون هاڻي ختم ٿي چڪيون آهن. موجوده ذميداريءَ سان گڏ اسان جي سياست جي اها منزل ختم ٿي  چڪي آهي. هر سياسي ليڊر ۽ هر سياسي پارٽي مطمئن رهي ته سمورا فيصلا غير جانبدارانه طور تي ڪيا ويندا.

ڪا به سياسي پارٽي انديشو نه ڪري:

ڪنهن به سياسي ليڊر يا سياسي پارٽيءَ کي اهو انديشو نه ٿيڻ گهرجي ته اسين انهن سان ڪا جانبدارانه روش اختيار ڪنداسين. آءٌ سڀني سان صلاح مشورو ڪندس ۽ مون کي اميد آهي ته اهڙيون ڳالهيون ضرور مفيد ثابت ٿينديون. جيڪڏهن بلا وجہ ڪا شرارت ڪئي وئي ته اها به هنن کي خبر آهي ته ان جو رد عمل نهايت شديد ٿيندو. پر آءٌ انهن سان ملي ڳالهين ذريعي طئي ڪندس. اسان کي پنهنجي پاليسيءَ کي به درست ڪرڻو پوندو ۽ ان جو ٻيهر جائزو وٺڻو پوندو ۽ ان کي نئين سر مرتب ڪرڻو پوندو.

 

پرڏيهي پاليسي آزاد هوندي:

اها قدرتي ڳالهه آهي ته اسان جي پرڏيهي پاليسي آداز هوندي، جنهن جا مقصد پاڪستان جي وسيع تر مفادات هوندا. اسين دنيا جي سڀني طاقتن سان دوستانه لاڳاپن رکڻ جا خواهشمند آهيون. اسان جي پرڏيهي پاليسي مثبت ۽ تعميري هوندي. آءٌ نازڪ مسئلي جي باري ۾ سردست وڌيڪ نٿو چوڻ چاهيان، مگر ايترو ضرور چوندس ته اسان جي پرڏيهي پاليسي تعميري هوندي.

ضمني چونڊيون رد:

اوڀر پاڪستان ۾ تازو جيڪي ضمني چونڊون ٿيون هيون، اهي ناقابل عمل هيون ۽ عوام جي لاءِ نهايت ئي شرمناڪ هيون. انهيءَ ڪري آءٌ اوڀر پاڪستان جي انهن ضمني چونڊن کي رد ٿو ڪيان.

آءٌ اوڀر پاڪستان جي ٻن چونڊيل نمائندن يعني جناب نورالامين ۽ چمڪا سردار راجا تري ديو راءِ سان ضروري صلاح مشورو ڪندس ۽ انهيءَ لاءِ تيار آهيان. چمڪا سردار اڄڪلهه ملڪ کان ٻاهر آهي، آءٌ چاهيان ٿو ته هو جلد واپس پاڪستان موٽي اچي ته جيئن ان سان ڳالهيون ٻولهيون ٿي سگهن. اهي ٻيئي مشرقي پاڪستان جا اهڙا رهنما آهن، جيڪي سال 1970ع جي چونڊن ۾ چونڊيا ويا هئا. آخر ۾ مون کي به ڳالهيون ٻيون به چوڻيون آهن: هڪ اها ته آءٌ پوري عزم ۽ خلوص سان اوهان جون خدمتون ڪندس. آءٌ ڪم ڪندو رهندس، چاهي اهڙيءَ طرح ڪم ڪرڻ ۾ منهنجي جان به هلي وڃي. آءٌ ڄاڻان ٿو ته پاڪستان عوام ڇا ٿو چاهي.

مون تي ڀروسو رکو:

آءٌ به انهن مان اهائي اميد رکان ٿو ڇاڪاڻ ته آءٌ به انهن مان ئي آهيان، ۽ هر نشيب ۽ فراز ۾ انهن سان گڏ رهيو آهيان، مون تي ڀروسو رکن. آءٌ ڄاڻان ٿو ته اوهان جي ساٿ سان آءٌ هماليه کان پري به ڏسي سگهان ٿو، ۽ توهان جي ساٿ بنان ڪجهه به نه آهيان. مون کي بندوق يا سنگين سان زير نٿو ڪري سگهجي. منهنجي دل البت اوهان جون دليون ئي جيتي سگهن ٿيون. آءٌ ڪڏهن به اوهان کي ڌوڪو نه ڏيندس. آءٌ عوام سان گڏ آهيان، ۽ عوام مون سان گڏ آهي. اسين هڪ مضبوط تر ۽ شاندار پاڪستان ڏانهن وڌي رهيا آهيون، ڇاڪاڻ جو اسلام تي اسان جو ايمان آهي، جيڪو زمين تي خدا جو آخري ۽ سچو پيغام آهي. اهو اسلام، جنهن دنيا کي اخوت، مساوات ۽ ڀائپيءَ جو پيغام ڏنو. اسلامي سوشلزم جو بنياد اخوت، مساوات، رواداريءَ ۽ سماجي ڀلائيءَ تي ئي قائم آهي. مون کي پورو يقين آهي ته اسين فتح ۽ ڪامرانيءَ طرح وڌندا وينداسين.

دل ننڍي نه ڪريو ۽ گڏجي عهد ڪريو:

ڀائرو ۽ ڀينرو! توهان هن ڏک ۽ رنج جي وقت دل ننڍي نه ڪريو. ڪمر ڪشيو ۽ حالتن جو ڄمي مقابلو ڪريو. حالتون جيتوڻيڪ ٺيڪ نه آهن، پر اسان کي انهن جو مقابلو ڪرڻو ئي ته آهي، آءٌ توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته ڪاميابي اسان جي ٿيندي. پاڪستان هڪ عظيم مقصد لاءِ وجود ۾ آيو آهي. ان جو هڪ عظيم نصب العين آهي. اهو نصب العين لافاني آهي. اهو زنده ۽ تابنده نصب العين آهي.

اچو ته اسين سڀ گڏجي اهو عهد ڪريون، صرف منهنجو ئي عهد نه آهي، پر اوهان سڀني جو عهد به ان ۾ شامل هئڻ گهرجي. اسان کي ڀرپور ڪوشش ڪرڻي آهي ته اسان جي عارضي شرمندگيءَ جو داغ  ڌوپجي وڃي، چاهي اهو داغ اسين پاڻ ڌوئون يا اسان جا ٻا، ڌوئن، يا اسان جي ٻارن جا ٻار.”پاڪستان زنده باد“

مهربان لکندڙن لاءِ خاص هدايتون

اداري جو هي خاص مقصد آهي ته ”مهراڻ“ هڪ بلند پايي جو ۽ معياري رسالو ٿئي، جنهن ۾ زندگيءَ جي هر ڪنهن شعبي تي مواد- شعر، افسانا، ڊراما، مضمون وغيره- هجي. تنهنڪري، پنهنجن ڪرمفرما لکندڙن کي عرض آهي ته اهي پنهنجي قيمتي مواد موڪلڻ وقت هيٺيون چند ڳالهيون خاص طور ڌيان ۾ رکن:

(1) مواد صاف ۽ سٺن اکرن ۾، مس سان، فلسڪيپ پني جي صرف هڪ پاسي لکيل پينسل سان پني جي ٽُڪر- ٽوٽڪن تي رهڙي موڪلين ٿا. جنهن مان شايد اهو ڏيکارڻ گهرن ٿا ته وتن ايترو وقت ناهي، جو اهي مواد جو مسودو مس سان لکي سگهن. اهڙن صاحبن کي ڄاڻڻ گهرجي ته اهڙِو مواد رد ڪيو ويندو.

(2) پنهنجي موڪليل مواد جي نقل پاڻ وٽ رکڻ گهرجي. ادارو آيل مواد موٽائڻ لاءِ ٻڌل نه رهندو.

(3) شاعرن کي خاص طور گذارش آهي ته هر ڪلام، هر نئين پني تي، حاشيو ڇڏي، لکڻ شروع ڪن. ائين نه ته هڪ ئي پني تي غزل، نظم، بيت ۽ ڪافيون لکجن.

پني جي ساچي پاسي کان حاشيو ڇڏڻ تمام لازمي آهي. ان طرح ويڪرين سيٽن ۽ ڪشادن اکرن سان مواد لکجي. جيئن ڳُهيل ۽ ردي اکرن واري مواد کي درست ڪرڻ لاءِ اداري کي اجائي تڪليف ڏيئي نه پوي.

(5) ڪيترائي صاحب مواد لکي ان تي ٻيهر نظر نٿا ڪن، جنهنڪري اداري جي ڪارپردازن کي اهڙي مواد جي اصلاح ڪندي سخت دقت پيش اچي ٿي. تنهنڪري لکندڙن کي عرض آهي ته پنهنجو مواد خيال سان درست ڪري، سنواري ۽ سُڌاري پوءِ موڪلين.

(6) ترجمي ڪندڙ صاحبن تي واجب آهي ته مواد جي مُهڙ ۾ اصل لکندڙ جو نالو ڄاڻائين. ان طرح ورتل مواد جو حوالو لکن ته اهو مواد ڪهڙي رسالي تان (سَن سميت) ترجمو ڪيو ويو آهي.

(7) تاريخي ۽ علمي مضمون لکندڙن کي استدعا آهي ته اهي پنهنجي تحقيقات کي علمي ۽ فني پيرايي ۾ پيش ڪن. ان طرح قلمي مطبوعہ ڪتابن جي مصنفن جا نالا ۽ سالن ۽ صفحن جا حوالا مضمون جي آخر ۾ يڪا تحرير ڪن. صفحي تي حوالن ڄاڻائڻ جي ضرورت ناهي.

(8) نثر نويسن کي گهرجي ته هو پنهنجو مواد صاف ۽ سليس سنڌيءَ ۾ لکن: ڀل ته عربي ۽ فارسي لفظ ڪم آڻين، پر عربي توڙي فارسي ترڪيبن خصوصاً زير اضافت جي استعمال کان پاسو ڪن.

(9) ڪنهن به مسئلي جي جواب طلبيءَ لاءِ جوابي لفافو اچڻ لازمي آهي.

(10) مهربان لکندڙن کي گهرجي ته پنهنجي پوسٽل ائڊريس، مواد جي آخر ۾ توڙي هر خط ۾ ڄاڻائڻ نه وسارين. ان طرح ان جي تبديليءَ جي حالت ۾ اداري کي آگاهه ڪن. اهڙيءَ طرح، اداري کي خط وڪتابت ڪرڻ ۾ آساني رهندي.

(11) جيئن ته موجوده معاشي حالتن جي پيش نظر پني جون قيمتون به چوٽ چڙهيل آهن. هلندڙ سال کان ”مهران“ باقائده اعليٰ، اُچي ۽ سفيد ڪاغذ تي ڇٻجي ٿو. ظاهر آهي ته ان صورت ۾ ان جو خرچ تمام گهڻو وڌيل آهي. ”مهراڻ“ پنهنجي بلند معيار جي حيثيت سان سنڌي ادب ۾ شروع کان ئي هڪ لافاني مقام جو حامل رهيو آهي. هر علم- دوست جي ڪتبخاني ۾ اُن جو موجود هجڻ ضروري آهي. لهذا، پنهنجي ڪرمفرما لکندڙن کي اداري جي استدعا آهي ته ”مهراڻ“ جي مالي حيثيت کي هٽي ڏيڻ لاءِ گهڻي ۾ گهڻا ساليانه خريدار ڪري موڪلين، ۽ اسان کي به ان جو اطلاع ڏيڻ فرمائين.

(12) ”مهراڻ“ جي چندن موڪلڻ توڙي بورڊ جي ٻين ڪتابن جي خريداري وغيره لاءِ ”مئنيجر بوڪ اسٽال، سنڌي ادبي بورڊ، امين منزل، گاڏي کاتو، حيدرآباد سنڌ“ سان سنڌي خط و ڪتابت ڪئي وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com