سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1971ع

مضمون:

صفحو :16

احباب:

(1) اعليٰ حضرت علامہ محمد قاسم ياسيني رحمةالله عليہ. (2) مولانا مفتي حافظ محمد ابراهيم ياسيني رحمةالله عليہ. (3) مولانا محسن علي شاهه صاحب، ميان جو ڳوٺ. (4) مولانا نبي بخش صاحب عودي. جيڪب آباد. (5). مولانا عطا محمد صاحب عباسي، رتوديرو. (6) مولانا عبدالله صاحب، بنگلديرو. (7). علامہ مولانا عبدالوهاب صاحب، اوسته محمد. (8) علامہ مولانا مير محمد صاحب جاگيراڻي، قنبر. (9) مولانا قمرالدين صاحب انڍڙ، پنوعاقل (10) مولانا عبدالعزيز صاحب عمراڻي، جيڪب آباد. 11) مولانا درمحمد صاحب لغاري صدر مدرس مولانا پير جهنڊو شريف. (12) مولانا قاضي گل حسن صاحب، ڪٽپار شريف، بلوچستان.

اولاد:

مولانا خادم حسين رحه هڪ شادي ڪئي هئي. جنهن مان کين هيٺيون اولاد ٿيو جو حال حيات آهي:

(1) الحاج مولوي نذير حسين جلالي (راقم مضمون) (2) ميان بشير حسين. (3) مسٽر امير حسين جتوئي ايڊووڪيٽ، سکر. (هڪ نياڻي)

شيخ عبدالرزاق ”راز“

رحيمداد خان مولائي شيدائي

آءٌ کيس ٻالجتيءَ کان سڃاڻندو آهيان. ۽ هل به مون کي ٻالپڻي جي عمر ۾ چڱيءَ طرح سان ملڻ ايندو هو. هو ڏاڏي مرحوم جي پيارن شاگردن مان هڪڙو هوندو هو. کيس نوجوانيءَ ۾ ئي علم و ادب ۽ تاريخ سان دلچسپي هوندي هئي. هن جي بزرگن جي منهنجي وڏن سان نهايت ڳوڙها ۽ ويجها تعلقات هئا، تنهنڪري به هو منهنجي بزرگن جو احترام ڪندو هو.

مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته هو وڏي بُجدار ٽوپي ۽ بند ڪالر واري ڪوٽ سان مليو هوندو هو. ان وقت هڪ تندرست، توانو ۽ مضبوط نوجوان هوندو هو. سندس چهري تي سرخي نظر ايندي هئي. سندس چپن مٿان مُڇن جي وارن جا ٻه ڇڳا، سندس حشمت ۽ جوانمراديءَ جي نشاندهي ڪندا هئا. سندس ڳالهيون عموماً پهاڙن، دريائن، ۽ بيابانن جي متعلق هونديون هيون. سندس گفتگوءَ جي دروازن انيڪ جهنگلي جانورن ۽ درندن جو ذڪر اچي ويندو هو. منهنجو ننڍڙو دماغ کيس ڪو وڏو شڪاري يا سيلاني سمجهندو هو. سندس اکين ۾ ڳاڙهاڻ هوندي هئي، جا منهنجي شڪ کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي هئي. ڏاڏي مرحوم جي احترام جي پيش نظر، سندس مُنهن تي گنڀرتا هوندي هئي. مان کيس ڏسندو هوس.

هن جو نالو مير رحيمداد خان آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ ادبي دنيا ۾ ”موئي شيدائي“ جي لقب سان مشهور ٿيو. هو شاهوڪاري هو نه سيلاني، پر ريلوي گارڊ هو. ڏاڏو مرحوم گذاري ويو هو، جنهنڪري هن اسان جي اوطاق تي اچڻ وڃڻ بند ڪري ڇڏيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ رحيمداد خان مان بدلجي هو ’مولائي شيدائي‘ بڻجي ويو ۽ ريلوي گارڊ بجاءِ هڪ اخباري ڪالم- نگار جي حيثيت سان سڃاڻپ ۾ آيو. آءٌ انهيءَ وقت ڇهون درجو انگريزي پڙهندو هوس. تنهن زماني ۾ پير علي محمد شاه راشديءَ سکر مان ”ستارهء سنڌ“ نالي هڪ روزاني اخبار شايع ڪرڻ شروع ڪئي. هن اخبار صوبي سنڌ جي صحافي زندگيءَ ۾ هڪ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. اها اخبار ٿوري ئي عرصي ۾ هڪ نامور اخبار بڻجي سڄي سنڌ تي ويئي. هي پهريون ڀيرو هو جو راشدي صاحب جي قلم جو زور اخبار جي ذريعي محسوس ڪيو ويو. راشدي برادرن جي اڻٿڪ محنتن ڪري اخبار هو معيار اوج تي پهتو.

رحيمداد هن اخبار جي شباب وقت منجهس ڪالم نگاريءَ سبب ”مولائي شيدائي“ بڻجي پيو خبر نه آهي ته اهو سندس لقب آهي يا تخلص. ڪجهه به هجي، ليڪن رحيمداد خان جي عرفيت ضرور آهي ۽ تنهنجي اها ئي دل جي قريب آهي. اها عنايت مٿس راشدي ڀائرن ڪئي هئي. هڪڙي ڀاءٌ کيس ’مولائي‘ سڏيو ته ٻئي ڀاءُ وري مٿس ’شيدائي‘ جو اضافو ڪيو ڀائنجي ائين ٿو ته سندس جسم جي مناسبت سان لقب به وزنائتو بڻايو ويو هو. ”مولائيءَ“ جي طبيعت ۾ ظرافت آهي. کيس ڪيترائي ٽوٽڪا ۽ ٽوڻا بر زبان ياد آهن. راشدي برادرن به سندس اهڙي بذلہ سنجيءَ کان ڏاڍا لطف اندوز ٿيندا هئا. مولائي بيباڪ اهي ۽ مناسب موقعي تي هر ڪنهن ماڻهوءَ سان چرچو ڪري وٺندو آهي.

مولائي شيدائيءَ مضمون نگاريءَ جي مشق پير حسام الدين راشديءَ جي سرپرستيءَ ۾ شروع ڪئي ۽ پير علي محمد راشديءَ کان صحافت جو فن سکيو. برادرن جي مشوري سان مولائي شيدائيءَ تاريخ جي شعبن ۾ ڪيترائي ڪارناما سر انجام ڏنا. ”ستارء سنڌ“ جي بند ٿي وڃڻ کان پوءِ هن سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترائي تاريخي مضامين لکيا. سندس مفامين وادي سنڌ جي ادبي اُفق تي اڀريو ۽ واديءَ مهراڻ جي عملي طبقي سان روشناس ٿيو.

مٿئين ذڪر ڪيل تعلقات جي بناء تي آءٌ سندس احترام ڪندو آهيان ۽ کيس پنهنجو بزرگ سمجهندو آهيان.

مٿئين ذڪر ڪيل تعلقات جي بناء تي آءٌ سندس احترام ڪندو آهيان ۽ کيس پنهنجو بزرگ سمجهندو آءُ سندس مضامين، مختلف ايڊيشن ۾ ڇاپي هڪ دلي مسرتّ محسوس ڪندو هوس. مو کي ويهه سال ساندهه ساڻس ملاقات جو موقعو ميسر نه ٿيو.نيٺ سال 1955ع ڌاري سکر ۾ ادبي سنگت جو آغاز ٿيو. سکر اديب قسم دوست هن انجمن ۾ شامل ٿيا. مولائي شيدائيءَ کي سندس بزرگيءَ سبب جماعت جو سربراهه چونڊيو ويو. پوءِ ته هن سلسلي جي ڪري ساڻس مسلسل ملاقاتون ٿينديون رهيون. هو اڪثر مونکي چوندو آهي ته ” اهو فيض تنهنجي گهر کان ئي مليو اٿم. اوهان جي ئي اوطاق تي وقت جي وڏن عالمن سان ملڻ جو اتفاق ٿيو، جنهن ڪري ٻالجتيءَ کان شعور پختو ٿيڻ لڳو.“

هڪ دفعي اسان کي شڪارپور ۾ ڪنهن ادبي محفل ۾ شامل ٿيڻو هو. سکر کان مولائي شيدائيءَ سان گڏجي، ٽيڪسيءَ ۾  روانا ٿياسون. سندس دلچسپ ۽ رنگين ڳالهين سبب ڪلاڪ جو سفر هڪ لحظي ۾ لنگھي ويو. پنجن دوستن مان هن ڪنهن کي به ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو. هو سمورو وقت اهڙي طرح ڪهچريءَ تي ڇانيل رهيو، جو اسان سڀ”ها،ها“ ڪندا، ڪنڌ لوڏيندا رهياسين. سندس شيرين گفتار کان لطف اندوز ٿيندا رهياسين. منتظمين تقريب ۾ آيل مهمانن لاءِ چاءِ پاڻي جو انتظام ڪيو هو. اسان کي سُڌ ڏيڻ لاءِ هنن گاڏيءَ جو وقت به اسان کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته گاڏي شڪارپور، کان ساڍي اٺين بجي رواني ٿيندي آهي. هن مان معلوم ٿيو ته مهمانن لاءِ رات جي مانيءَ جو انتظام ڪونه هو. اتفاق سان ان تقريب جي صدارت جو سهرو ”مولائي شيدائيءَ “ جي سِرَتي رکيو ويو. مولائي صدارتي تقرير دوران پنهنجي نظريات جي اپٽار ڪئي. منتظمين کي اها ڳالهه شايد پسند نه آئي، پر مولائي ته پنهنجي رنگ ڍنگ ۾ اسٽيج نان برابر ڳالهائيندو رهيو. ساڍا اٺ وڄي چڪا هئا. ٽيڪسي اسٽان تي آياسين. ڊرائيور سکر هلڻ کان نابري واري ويهي. منتطمين ته پنڊال ۾ ئي اسان کي الوداع چئي هليا ويا هئا، سو ٽانگي تي چڙهي اسٽيشن تي آياسين. پليٽفارم سنسان لڳو پيو هو. جاڏي تاڏي ’هَو‘ جي ڪيفيت لڳي پيئي هئي. هڪ به مسافر ٽلندو نظر ڪونه آيو، پر مولائيءَ جي چرچن ۽ گهٻن ۾ ڏکيو وقت ڪاٽيندا رهياسين. هو ڪلاڪ- سواءِ پنهنجي سرگذشت ۽ ملازمت جون هيٺانيهون ۽ مٿانهيون بيان ڪندو رهيو. ڳالهيون اهڙيون سلوڻيون هجن جو اسان جا ٽهڪڙا لڳا پيا هئا ۽ مولائي پنهنجي موجن ۾ مگن. ساڍي ڏيهن بجي تائين ڪنهن به گاڏي ءَ جو نالو نشان ڪونه هو. ڳالهيون ڪندي مولائي ٿڪجي پيو. کيس بک بيحال ڪري رهي هئي. منير ڪار وارن جو اهڙو حال ڏسي پليٽفارم تي هٿ پير هنياسين. پر اتي ڪي ڪين مليو. پوٽي يارهين بجي، عبدالمجيد ميمڻ ۽ نواز علي ’شوق‘ کي شهر ڏانهن اساڻيوسين. هو اڌ ڪلاڪ کن ۾ ڪنهن هوٽل تان بچيل ماني وٺي آيا. اسان گرهه گرهه کائي هانءَ. جهل ڪري ورتي. اُن ماني مان گهڻو حصو شيدائيءَ کي پيش ڪيوسين.

آءٌ ڪڏهن ڪڏهن مولائي شيدائيءَ جي جاءِ تي ويندو آهيان ۽ سندس لئبرري ڏسندو آهيان، جتي علمي ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود آهي، جن مان ڪي ڪتاب ته ناياب آهن. وٽس تاريخي مواد جهجهو آهي. زماني سندس قدر ڪين ڄاتو. مولائي صاحب ۾ لکڻ جو وڏو جذبو ۽ جوهر موجود آهي. هو ڪيترا مفيد ڪتاب لکي سگهي ها، جن مان ايندڙ نسل مستفيض ٿئي ها. هي هڪ فقير آشيانو اڏيو ويٺو آهي. ڏس ته ڪتابن جي روق گردانيءَ ۽ محبت جا گيت آلائيندو رهندو آهي. شريڪ حيات جي معذوريءَ سبب ورهين جا ورهيه سندس تيمارداريءَ کان بعد، هينئر خود پاڻ انهيءَ دؤر ۾ گهَڙي چڪو آهي. ٻڍاپي سبب قريباً معذور آهي. جوانيءَ جي دؤر وارا جذبات ۽ زنده دليءَ جون روايتون اڃا به هن پوڙهي جي سيني ۾ موجزن آهن. ڪسپمرسيءَ جي حالت ۾ به هو کلندو کِلائيندو رهندو آهي.  هنئير لکڻ پڙهڻ کان تقريباً لاچار آهي. ساري ڄمار ڪتابن جي ورق گردانيءَ ۾ گذاريائين. ليڪن لاحاصل! اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مضمونن ۽ مقالن جا ڍير ڇپجندا رهيا، جن مان گهڻا ته زماني جي ستم ظريفيءَ کان صفحہ هستيءَ تان مٽجي چڪا آهن. انهيءَ ذخيري کي ڪنهن به نه سهيڙيو ۽ نه سموهيو، ورنه سنڌي ادب ۾ اهي وڏو سرمايو هجن ها. هن ”جنتة السنڌ“ ۽ ”تمدن السنڌ“ جهڙيون ضخيم شاهڪار تصنيفون لکي اهل سنڌ تي عظيم احسان ڪري سندن ڪُلهار بار احسان سان جهڪائي ڇڏيا آهن. ازنسواءِ هن ”بلوچستان جي تاريخ“ ”سفينة النوح“ (اڻڇپيل) لکي، علمي دنيا کان پڻ خراج تحسين حاصل ڪيو آهي.

دعا آهي ته الله ڪريم کيس صحت ڪامل عطا فرمائي ته اسان لاءِ ڪجهه وڌيڪ ڪري ۽ کائنس اسان اڃا ڪجهه وڌيڪ حاصل ڪريون.

محمد يوسف ”شاڪر“ ابڙو

تعلقو شاهبندر

(سنڌ جي ماضيءَ جو هڪ ورق)

تمهيد:

هيءُ سر زمين جو ذڪر آهي، جتان ظالم ۽ خونريزي ڪرڻ کان پوءِ سڪندر يوناني ٻاهر روانو ٿي ويو؛ جتان عرب هدايت ۽ امن جو روشن چراغ کڻي ملڪ ۾ داخل ٿيا ۽ سنڌ ۽ هند کي اسلام جي نُور سان منور ڪيائين؛ جتي فاطمي خليفن جي داعين پنهنجا نعرا بلند ڪيا؛ جتي ڪڪراله جي ڄامن پنهنجي نوبت وڄائي؛ جتي عباسي ڪلهوڙن پنهنجي زهد ۽ رياضت جي خوشبوءِ سان ملڪ کي واسيو، جنهن جا اهڃاڻ ميين عثمان جي قبن ۽ اتان جي شاهي قبرستان مان اڄ به ملي سگهن ٿا. جتي اورنگابندر هو، جو مغلن جي مشهور شهنشاهه اورنگزيب عالمگير جو يادگار هو. جتي فرنگين جي ڳجهه جهڙي ڊگهي نظر پهتي ۽ کيس پنهنجي پهرين واپاري ڪوٺيءَ جي جاءِ لاءِ چونڊيائون. (ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي زماني ۾ انگريزن پهرين- پهرين واپاري ڪوٺي شاهبندر ۾ وڌي هئي.) جتي هن ائٽمي زماني ۾ آمدرفت لاءِ ڪوبه پڪو رستو نه آهي. سواءِ ويهن- پنجويهن ملين جي، جو ڪَچو رستو آهي، سوبه اهڙو رستو نه آهي جو سڄو سال آمدرفت جو ڪم ڏي.

مطلب ته هيءُ زمين جو ٽڪرو اهو آهي، جو سنڌ جي قديم تاريخ ۾ ڪڪراله جي نالي سان مشهور هو، جتي نه فقط سنڌ جو ماضي فن آهي، پر هڪ قوم جي پوري تهذيب جا آثار ميلن ۾ ٽڙيا پکريا پيا آهن. هيءُ تعلقو حيدرآباد ڊويزن جي ٺٽي ضلعي جو ڏاکڻو تعلقو آهي. ٺٽي ضلعي جي ٻن سب- ڊويزنن مان هڪ سب- ڊويزن جو نالو به شاهبندر آهي، جو پنهنجي اڳئين اوج جو مرحوم يادگار آهي.

بيهڪ ۽ پکيڙ:

شاهبندر تعلقي جي اتر ۽ اڀرندي ۾ جاتي تعلقو، الهندي ۾ سنڌوندي ۽ گهوڙا ٻاڙي تعلقو ۽ ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ آهي. عربي سمنڊ آهي. عربي سمنڊ جو پاڻي روزانو ٻه ڀيرا هن تعلقي جا پير ڌوئڻ ايندو آهي (سمنڊ جي ننڍي وير روز ٻه ڀيرا چڙهندي ۽ لهندي آهي. وڏي وير مهيني ۾ چڙهندي آهي، جنهن جو پاڻي- ڏهن- ٻارهن ميلن تائين پهچي ويندو آهي.)

جيڪڏهن پامير جي مٿانهين پٽ کي دنيا جي ڇت ٿو سمجهيو وڃي ته پوءِ هن تعلقي کي دنيا جي محلات جي دهليز (ڏيڍي) جي دروازي جي چاڙهي سمجهڻ کپي.

اَبڪلانيءَ جي موسم ۾ آسپاس تعلقن، خاص ڪري جاتي ۽ سجاول جو فالتو پاڻي سمورو اچيو هتي ڪڙڪو ڪري، ڇو ته هتي جون زمينون بلڪل هيٺانهيون آهن. اتر مان ڪٿان به پاڻي ڇڏيو ته سڌو هيڏانهن هليو ايندو. انهيءَ موسم ۾ هتي جيڪڏهن پنجويهه- ٽيهه وال سڪي زمين تان هلبو ته پنجاهه-سٺ گز واري پاڻيءَ مان جهاڳڻو پوندو. هيءُ تعلقو گهڻي ڀاڱي غيرآباد آهي. البت ڪن تپن ۾ ساريال جو فصل ڀلو ٿو ٿئي. ڪن ٿورين جاين تي جهڙو ڇڇ گولو يا چوهڙ جماليءَ جي آسپاس چيٽ ۾ مهرو، مٽر، ڪڻڪ، بصر، مانهن، ڄانڀو ۽ توريون جون پوکون چڱيون ٿينديون آهن. ڇڇ گولو ۾ ته ڪمند ۽ مرچن جا پڙا ڏاڏا ڀلا ٿيندا آهن.

هن تعلقي جي ايراضي اٽڪل پندرهن- سورهن سؤ چورس ميل ٿيندي. سندس مٿيون ڀاڱو سوڙهو آهي، ايتريقدر جو لاڏيون ۽ جنگون تپن وٽ سندس ويڪر ارڙهن- ويهه ميل کن ٿي ويندي. ڊيگهه کان اتر ڏکڻ طرف پنجٽيهه- چاليهه ميل کن ٿيندي.

طبعي ڀاڱا ۽ آبهوا:

هن تعلقي جي زمين اڪثر ڪلراٺي آهي. درياءَ جي ڀر ۾ گهڻا ٽڪرا چيڪي ۽ مٺي ڀلي زمين جا ڏسڻ ۾ ايندا. چوهڙ جماليءَ کان شاهبندر ڏي ويندڙ رستي تي چوهڙ جماليءَ کان اٽڪل ٽي- چار ميل پري ٽڪرائتي زمين به آهي، ”ابن شاه جا ٽَڪر“ جي نالي سان مشهور آهي. اهي چاليهه-پنجاهه ننڍيون ٽڪريون آهن، جي هڪٻئي کان ٿوري ٿوري مفاصلي ٿي بيٺل آهن. ڏاکڻو ٽڪرو سمنڊ جي ڀر ۾ هئڻ سبب گهڻو ڪري سدائين پاڻيءَ هيٺ بيٺل ٿو رهي، رڳو سياري جا ٻه- ٽي مهينا پاڻي گهٽجڻ سبب پاڻي سڪي ويندو آهي. هن حصي ۾ ڍنڍون، ڪُن، ڪوريون ۽ ڇڇ به جام آهن، جن مان مڇرداني عام طرح سڀڪنهن ماڻهوءَ وٽ ٿئي، شاهوڪار وٽ اوچي ته غريب وٽ سادي. جهنگن ۾ زمين تي سمهڻ وارن وٽ به مهاري ضروي هوندي.

آبادي ۽ ماڻهو:

هن تعلقي ۾ اٽڪل ساٺيڪو هزار ماڻهو رهن ٿا، جن ۾ ڪيترين قومن جا ماڻهو اچي وڃن ٿا. زمينداري ۽ اثر رسوخ جي لحاظ کان چانڊيا قوم زرو واري قوم آهي. چانڊيا پنهنجي هارين ۽ ويهن کي ڏاڍي سکي رکندا آهن، خاص ڪري سندن ٻُڪ (بٽئيءَ وقت هارين ۽ واهين جي ٻارن کي عطيہ طور ڏنل اناج، جو خرار کن کان گهٽ ڪونه هوندو آهي) گهڻو مشهور آهي. ڪيهر قوم پڻ هن علائقي ۾ آسوده حال آهي، ان طرح درگاه هوندي آهي) گهڻو مشهور آهي. ڪيهر قوم پڻ هن علائقي ۾ آسوده حال آهي، ان طرح درگاهه شا يقيق جا خليفا پڻ مشهور آهن. تعداد جي لحاظ کان ميربحر قوم هن علائقي ۾ گهڻي انداز ۾ رهندي آهي. هيءَ قوم سنڌ جي قديم قومن مان هڪ آهي. منجهس ڪيترين ذاتين جا ميربحر اچي وڃن ٿا، جي سڀ هن تعلقي جي ڪنهن نه ڪنهن ڀاڱي ۾ رهندڙ آهن، جهرو مانڌريا، اپلاڻا، گهُنا، ٿهيمور، مهاڻا، ٽوها، ٽويا، ڌانڌل، لاکاٽيا، تيتري، مڙهائي، لڙهائي، موڙائي، جهولائي، ونگائي، سانڌاڻي، پوترا، جهٻير، سَسِيا، منڇرا، ولاسيا، ماڇي، پارهيڙي، سوڍائي ۽ ڪي ٻيا. انهن جا گذران اڪثر ڪري ڍنڍن جي مڇين، پکين ۽ ٻيِءَ پيدائش تي آهي. ڪي ٿورا کيتيءَ جو ڪم به ڪندا آهن. چوهڙ جمالي، شاهبندر ۽ ڪن ٿورن وڏن ڳوٺن ميمڻ قوم به رهي ٿي، جي اڪثر واپار ڪن. هنڌن ساداتن جا گهر به آهن سيد سوڀن شاهه گهڻو مشهور ٿي گذريو آهي، سندس ڳوٺ جيئند زنگيجو ۽ باگاڻا جي وچ تي درياءَ جي ڪپ تي هو، جتي سندس ٺهرايل ڪاٺ جي عاليشان ۽ شاهي مسجد اڃا تائين ان وقت جي نمازين جي ياد ۾ نوحہ خوان آهي. هن وقت باگاڻا، جن سيد جلال شاه جي اثر رسوخ ڪري گهڻو نالو ڪڍايو آهي. شاهبندر ۽ آسپاس ۾ پندرهن- ويهه گهر جيلاني ساداتن جا آهن، جن مان ڪي ته ورهاڱي کان پوءِ ڪاٺياواڙ جي ڪن رياستن مان آيا اهن. هنن جو چوڻ اهي ته شاهبندر ۾ جنهن فتح علي شاهه جي مزار آهي سو سندن ڏاڏن مان آهي. ٿوري انداز ۾ ڀٽي، هالا، سما، سومرا، جتوئي، جمالي ۽ لغاري په ڪن ڳوٺن ۾ رهندا آهن. موليڏني هالي جي ڳوٺ جي ماڻهن ڳالهه ڪئي ته هنن جا وڏا اصل ۾ هالا شهر جي آسپاس مان لڏي آيل آهن. ڪن ڳوٺن ۾ زراعت پيشه مينگهواڙن ۽ ٻين قومن جا گهر ڏسڻ ۾ ايندا. ٽالپ بلوچن جو هڪ ڳوٺ به چوهڙ جماليءَ کان الهندي طرف ”گونگاڻي ٽالپر“ جي نالي سان آهي. هنن جو چوڻ آهي ته هنن جا وڏا اصل ۾ ٽنڊي ڄام کان آيل آهن، جتي اڃا تائين گونگاڻين جي کڏ مشهور آهي. سڄي تعلقي ۾ رڳو چوهڙ جماليءَ ۾ هندن جا گهر آهن جي باقاعدي پنهنجو ڌنڌو ڌاڙي ڪندا رهن ٿا. هتي جي ڪاراڻي سيٺين جي رائيس فيڪٽري پري پري تائين مشهور آهي. ڇڇ گولي ۾ خوجن جا به تائين مشهور آهي. ڇڇ گولي ۾ خوجن جا به ڳچ گهر آهن جي شايد اڳين مصري داعين جي مريدن منجهان آهن، هنن کي پنهنجي چڱي زمينداري به آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com