سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1971ع

مضمون:

صفحو :15

سلوڪ ۽ عرفان:

خلافت جي خرقہ ڍڪڻ بعد ذات عوام ۽ خواص جو مرجع بڻجي پئي. اڳ ۾ رڳو منقول ۽ معقول جا طالب فيض حاصل ڪرڻ ايندا هئا، هاڻي سلوڪ ۽ عرفان جا متلاشي به اچڻ لڳا ۽ پنهنجي ظرف ۽ اهليت آهر رُشد ۽ هدايت کان مستفيض ٿيندا رهيا.

وري ڀليڏني آباد ۾:

1915ع ۾ مرحوم و مغفور شهيد الله بخش سومري وزير اعظم سنڌ جي والد ماجد ۽ پنهجي پير ڀائي جناب حاجي محمد عمر سومري جا استدعا ۽ مسلسل اصرار تي دوباره ڀائيڏني آباد کي وڃي وسايائون ۽ مدرسي جي باني اوستي ڪريمڏني جي زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ يعني 1924ع تائين بدستور تعليم ۽ تدريس جي مشغلي ۽ ذڪر فڪر جي سلسلي تي جاري رکيائون.

رتيديري ۾:

اوستي ڪريمڏني جي وفات بعد سندس عزيزن جي درميان ملڪيت تي تڪرار ٿي پيو، جنهنڪري مدرسي جو انتظارم درهم برهم ٿيڻ لڳو. مولانا صاحب جن ان ڳالهه کان بيحد متاثر ٿيا ۽ مخلص دوستن ۽ معتقدن جي مشوري سان ڀليڏني آباد کي خيرباد چئي، رتيديريءَ ۾ وڃي قيام پذير ٿيا ۽ اتي پنهنجو مدرسو قائم ڪري. توڪل جو تُرهو ٻڌي ۽ حضرات انبياء ڪرام عليهم الصلواة والسلام جي اصول ”اِن اجري الاعلي الله“ کي نصيب العين بڻائي، خدمت دين ۽ خدمت خلق ۾ مصروف ٿي ويا.

وفات:

آخري علم، عرفان، رشد ۽ هدايت جو هيءُ آفتاب ٽيٽيهن سالن جي عرصي تائين مسلسل ۽ متواتر دين جي بي لوث ۽ بيغرض خدمت ڪرڻ ۽ الله جي مخلوق کي ظاهري ۽ باطني فيض ڏيڻ بعد 15- شوال 1348هه (مطابق 15- مارچ 1930ع)  تي ٽيهٺ ورهين جي عمر ۾ هزارها شاگردن، معتقدن، دوستن ۽ پسماندن کي روئندو ڇڏي، پاڻ مرڪندو وڃي الله جي حضور ۾ حاضر ٿيو، انا الله وانااليہ راجعون مون پدري شفقت کان مرحوميءَ ۽ سندن دائمي جدائيءَ تي رت ڦڙا روئندي، هيٺينءَ ريت پنهنجي درد دل جو اظهار ڪيو آهي.

شڪوهه  گويم  ز گردش ايام

نيــست حاصل به ڪس ثبات و دوام

آه   خــادم   حســـين   عــــلامـہ

بيڪران   بحـر در علوم تمام

عالــمءُ   جـــيّد   عديم   المثل

همہ احـڪام  دين  شده  الهام

صاحبِ ذڪر و فڪر واهل الله

زهد  و  تقويٰ  اسيرِ  ڪرده  بدام

بي شـبهه   نقشــبنـد  در  عالم

فيض  حق  شـد بذات ان انعام

احسن  الخُلق،  خلـقہ  الـــقرآن

در  عمل  شد  مجسم  اسلام

از جتوئي قبيلہ يافـــت  ظهور

بــود  مــقبول  در  همہ  اقوام

شصت و سہ سال داشت عمر عزيز

زيست  در  اتباع  خــير  انــام

شب  يڪشنبہ   پانزده   شوال

سوي جنات عـدن  تافت  زمام

موت عالم ز موت  عالِم  شد

فرش تا  عرش  شد  همہ  اَلام

مستفيضانِ فيض اَن   حضرت

از   فراقش   بمثل  ماه  تـمام

درد  اَگـينِ   دل حزينِ   ’نذير‘

اَه   برلب  هميشہ   در   ماتام

متّصل   مسـجدِ   جِــنده   ديــره

مرقدش مرجمع  اسـت خاص و عام

سال رحلت ز  غيب  هاتف گفت:

”قد وصل في جناب ذي اڪرام“.

1348هه

مولانا مرحوم جن جي بهترين ۽ مخلص ترين دوست حضرت علامہ مفتي و قاضي مولانا محمد قاسم رحمة الله عليہ به هڪ قطعہء تاريخ لکيو هو، جنهن جا فقط هيٺيان ٽي بيت دستياب ٿي سگهيا آهن ۽ انهن مان آخري مصرع مادهء تاريخ آهي.

اَه خادم حسين  بس   مغفور   عالــم  و  فاضل  و  سراپا  نور

شب يڪشنبہ بود ليل وصال   ڪہ  بوصلِ  خدا شد او مسرور

سال تاريخ  او  چو  پرسيدم   گفت هاتف سنش ”زهي مغفور

1348هه

راقم الحروف سندن وفات جو سال هيٺين مصرعن مان ڪڍيو آهي. پهرين مصرع مان هجري سال نڪري ٿو ۽ ٻيءَ مان عيسويءَ:

(1) ”پوشيد   آفتابِ   هدا   را   سحاب   مرگ“

1348هه

(2) ”منتشر شد يڪ ورق از مصحفِ دينِ هدا“

1930ع

اهڙيون نامور ۽ زنده جاويد شخصيتون، جن جي حياتيءَ جي هڪ- هڪ گهڙي الله جي بندگي، دين جي تبليغ ۽ خلق جي خدمت لاءِ وقف ٿيل هجي، ان کي برقعي مٽائڻ بعد مئل تصور ڪري نٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته انهن عظيم انسانن قدم قدم تي پنهنجي زندگي۽ موجودگيءَ جو ثبوت ڏنو ۽ زماني کان پنهنجي وجود جي اهميت ۽ عظمت کي بار بار تسليم ڪرايو. هي اهي باڪمال انسان آهن، جن جو ذڪر خير تاريخ جي اوراق جي زيب ۽ زينت جو باعث هوندو آهي ۽ جن جي لازوال ۽ بيمثال ڪارنامن بيان ڪرڻ کان سواءِ تاريخ نه صرف مڪمل نه ٿيندي آهي، پر تاريخ صحيح معنيٰ ۾ تاريخ ئي بنجي نه سگهندي آهي. اهڙن ئي اولواللعزم خليل القدر انسانن کي پنهنجي دؤر جو نقيب، بلڪ ”تاريخ ساز انسان“ سڏيو ويندو آهي ۽ سندن برقعي مٽائڻ سان اهو دؤر ۽ انهيءَ دؤر جي تاريخ جو هڪ باب مڪمل ٿي ويندو آهي؛ تنهنڪري بظاهر موت سان همڪنار ٿيڻ جي باوجود هو زنده ۽ پائنده آهن ۽ سندن ڪارناما تاريخ جو هڪ مستقبل باب بنجي چڪا آهن:

ثبت است بر جريدهُ عالم دوام ما

مولانا جن کي سندن وصيت موجب جندي ديري ۾ مسجد شريف جي ڀرسان، سندن پهرين استاد مولانا جان محمد صاحب ڀٽي مرحوم و مغفور جي مزار جي پاسي ۾ دفنايو ويو. نور الله مرقده

مسلڪ ۽ مشرب:

مولانا خادم حسين مرحوم و مغفور جن اهل السنت و الجماعت جي حق پرست طبقي سان تعلق رکندا هئا. سڄي عمر ”مان انا عليہ واصحابي“ تي عمل پيرا رهيا. انتها درجي جا نيڪوڪار  ۽ ”امر بالمعروف“ ۽ ”نهي عن المنڪر“ جا پابند هئا. پنهنجا شاگردن ۽ معتقدن کي به هميشہ حضور رسول صلي الله عليہ وسلم جن جي متابعت جي تلقين ڪندا هئا ۽ حضور جن جي متابعت کي ئي دنيا ۽ عقبيٰ جي فلاح ۽ نجات جو ذريعو سمجهندا هئا.

زهد ۽ تقويٰ:

مولانا جن ڏينهن جو تبليغ ۽ تعليم و تدريس ۾ مشغول رهندا هئا ۽ رات جو عبادت ۽ رياضت ۾. حضرت چشموي صاحب جن جي هٿ تي بيعت ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي سندن اهو دستور هو. مگر بيعت کان پوءِ جيئن ته پير طريقت جي رهبريءَ ۾ کين سلوڪ جا منازل طئي ڪرڻا هئا، ان ڪري هميشہ جي دستور کان زياده ذڪر فڪر ۾ مشغول رهڻ لڳا. سياري خواهه اونهاري ۾ چادر ويڙهيندا هئا ۽ هلڪي جهُنڊ ڪندا هئا. جهُنڊ ڪرڻ جو مقصد غالباً هيءُ هوندو هو ته ڪنهن اهڙي شئي تي نظر نه پوي، جنهن مان دل ۾ برائي جو خيال پيدا ٿئي هڪ دفعي پنهنجي هڪ فرزند کي تنهائي ۾ سڏي، نهايت ئي رازداريءَ جي انداز ۾ نصيحت ڪرڻ لڳا ته ”بابا، هاڻي منهنجي پڇاڙي ٿي آهي، ان ڪري توکي هن ڳالهه ٻڌائڻ ۾ ڪو هرج نٿو سمجهان ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان مون هن وقت تائين پاڻ کي هر قسم جي گناهه کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنهنڪري تون به منهنجي نقش قدم تي هلجانءِ ۽ اها ڪوشش ڪجانءِ ته توکان ڪو گناهه سرزد نه ٿئي.“

ان ڳالهه مان، جنهن مان، جو انڪشاف سندن انتقال کان پوءِ ٿيو، سندن زهد، تقويٰ ۽ عالم باعمل هجڻ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

جمال ۽ جلال جو امتزاج:

مولانا مرحوم جن انتها درجي جا وجيہ، شڪيل ۽ مردانه حسن و جمال جو مڪمل نمونا هئا. سرخ و سفيد رنگ، سرو قد، ڪشادو، پيشاني، ڊگهونڪ، خوبصورت ۽ چيريون اکيون، ٻٽيهي موتين جي لڙهي ۽ مينديءَ رتل چاپئين ڏاڙهي. اها شاهاني شباهت ۽ مردانه وجاهت آخري عمر تائين قائم رهي. جهڙا پاڻ سهڻا هئا، ڪپڙا به اهڙا ئي سهڻا ۽ اڇا اجرا پائيندا ۽ باطني صفائيءَ سان گڏ ظاهري صفائي ۽ پاڪيزگيءَ جو خاص خيال رکندا هئا.

انهيءَ ظاهري حسن ۽ جمال ۾ باطني جلال جي آميزش به هئي. نهايت ئي غيور ۽ خوددار هئا. نشت برخاست ۽ رفتار ۽ گفتار ۾ شاهانه وقار ۽ سنجيدگي هئي. ڪوبه شخص سندن مجلس ۾ دمزني ڪرڻ ۽ ڏاڍيان ڳالهائڻ جي جرات ڪري نه سگهندو هو. باطل ۽ فاسد عقيده وارو ماڻهو ته سندن اڳيان اچڻ کان ئي گهٻرائيندو هو. مگر ايڏي رعب ۽ جلال جي باوجود بيحد شفيق ۽ خليق هئا ۽ زنده دل ۽ ظريف. پنهنجي شخصيت کان متاثر ۽ مرعوب ٿيندڙ ماڻهن سان خاص طور تي شفقت ۽ مروت سان پيش ايندا هئا ۽ سندن دلجوئي ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا هئا.

حق گوئي ۽ بيباڪي:

مولانا مرحوم جن جي طبيعت ۾ ڪمال درجي جي بي نيازي ۽ بيباڪي هئي. انهيءَ ڪري حق جي ڪلمي چوڻ ۾ پنهنجي بي نياز ۽ بيباڪ طبيعت جو پورو پورو مظاهرو ڪندا هئا، حقگوئيءَ جي رستي ۾ پنهنجي دؤر جي وڏي شخصيت ۽ ڪنهن به قسم جي دنياوي مصلحت کي حائل ٿيڻ نه ڏيندا هئا ۽ جڏهن به حق جي ڪلمي چوڻ جو موقعو ايندو هو ته پوري پوري جرائتمندي ۽ بلند حوصلگي سان چوندا هئا ۽ پنهنجي انهيءَ حق پسندي ۽ حقگوئيءَ تي هميشہ قائم رهندا هئا.

آزاديءَ جي جدوجهد:

تحريڪ خلافت جو بنياد بظاهر ترڪن جي حمايت تي رکيو ويو هو، پر اصل اها تحريڪ هن برصغير جي آزاديءَ جي تحريڪ هئي. مولانا مرحوم جن حريت پسند عالم هئا ۽ برطانوي سامراج جا شديد مخالف، تنهنڪري هن تحريڪ ۾ شامل ٿي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتائون.

مولانا جن اعليٰ پايي جا فصيح اللسان ۽ جادو بيان مقرر هئا. پنهنجي سحر طرازي ۽ رنگين بيانيءَ سان ٻڌندڙ جي دل ۽ دماغ کي پوريءَ طرح پنهنجي گرفت ۾ آڻيندا هئا. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جي مخلتف شهرن ۾ جيڪي خلافت ڪانفرنسون منعقد ٿيون، انهن ۾ شرڪت ڪرڻ پنهنجو قومي فريضو سمجهندا هئا ۽ انهن عظيم اجتماعن ۾ جيڪي بيشمار انسان شريڪ ٿيندا هئا، انهن جي خون ۾ پنهنجي شعله نوائي ۽ آتش بيانيءَ سان آزاديءَ جي حرارت پيدا ڪرڻ ٿيندا کي جهاد تصور ڪندا هئا. مولانا مرحوم جن انهيءَ جهاد ۾ خوب بهسرو ورتو ۽ پنهنجو فرض منصبي پوري جوش و خروش  ۽ انتهائي ديانتداريءَ ۽ استقامت سان بجا آندائون.

انهيءَ تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ ڪن قومي ڪارڪن کان ڪي بشري ڪمزوريون سر زد ڏسي، کين دلي رنج ۽ افسوس ٿيو. جنهنڪري بعد ۾ پنهنجي پوئلڳن کي جتي قومي ڪمن ۾ پهري وٺڻ جي تلقين ڪندا هئا، اُتي کين ديانتداري ۽ بيغرضيءَ سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪرڻ به ضروري سمجهندا هئا.

مولانا جو علمي مقام:

مولانا مرحوم جن پنهنجي دؤر جا جيّد ۽ ذهين عالم هئا. همعصر علماءِ ڪرام سندن تقويٰ ۽ باوقار شخصيت جي ڪري سندن احترام ڪندا هئا ۽ سندن بيپناهه علميت ۽ وسعت مطالعي جي ڪري هر علمي نڪتي ۽ شرعي مسئلي ۾ سندن راءِ کي قطعي ۽ مستند سمجهندا هئا. انهي ڪري کين پنهنجن همعصرن ۾ نمايان مقام حاصل هو. قدرت جي طرفان کين غير معمولي ذهانت سان گڏ قوت حافظہ به غير معمولي عطا ڪئي ويئي هئي. متداول ڪتاب، جي سالها سال تائين پڙهايا هئائون، سي ته کين برزبان ياد هئا، پر غير متداول ڪتاب، جي فرصت جي اوقات ۾ مطالعي هيٺ رکندا هئا، انهن جا مطالب ۽ معاني به پوريءَ طرح سندن ذهن ۾ محفوظ رهندا هئا، جنهنڪري مختلف علوم و فنون ۾ سندن وسعت معلومات جو هيءُ عالم هو جو جنهن به مسئلي تي بحث ڪندا هئا، ان جي هر پهلوءَ تي حاوي ٿي ويندا هئا ۽ ان جي مالہ وما عليہ بيان ڪرڻ وقت ڪوبه نڪتو تشنہ  ۽ غير مڪمل نه ڇڏيندا هئا.

مولانا مرحوم جن نه صرف اعليٰ پايي جا معلم ۽ مدرس هئا، پر عديم المثال محقق ۽ مفتي به قدرت کين ”صاحب البيان و البينان“ پيدا ڪيو هو، يعني قوت تقرير سان گڏ قوت تحرير به عطا ڪئي هئي. فقهي ۽ شرعي مسائل ۾ پوري تحقيق ۽ تدقيق سان فتويٰ ڏيندا هئا. فتويٰ جو انحصار هميشہ متفق عليہ يا ڪم ازڪم مرجع قول تي رکندا هئا. تحرير جو هر لفظ توريل تڪيل هوندو هو، ان ڪري سندن هر تحرير قطعيت جو درجو رکندي هئي ۽ ان کي هر حلقي ۾ بنان پس و پيش جي تسليم ڪيو ويندو هو. سندن زندگي ۾ يا بعد ۾ اهڙو هڪڙو مثال به ملي نٿو سگهي جو ڪڏهن به سندن فتويٰ جو دَرُ يا نقض لکيو ويو هجي.

هت ان ڳالهه جو ذڪر به غير ضروري نه سمجهيو ويندو ته مولانا جن ڪن پيشہ ور فتويٰ بازن وانگر ڪفر ۽ گمراهيءَ جون فتوائون هرگز نه ڏيندا هئا. وعظ، نصيحت ۽ دين جي تبليغ سندن شيوو هو، مگر حق پسنديءَ حقگوئيءَ جي باوجود ان کي ”اَدع اليٰ سبيل ربڪ بالحڪمة والموعظہ الحسنة“ تائين محدود رکندا هئا. البت بد اعتقاديءَ کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا هئا ۽ ان جي اصلاح لاءِ حتي المقدور ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ ضروري سمجهندا هئا، ڇاڪاڻ ته کين انديشو رهندو هو ته بد اعتقادي ڦهلجڻ ڪري مسلمانن جي سيرت ۾ تبديلي ايندي ۽ آخرڪار سرور ڪائنات جو قائم ڪيل اسلامي معاشرو بگڙجي ويندو.

اعلاي ڪلمة الحق:

تحريڪ خلاف جي هنگامہ خيزيءَ بعد سنڌ ۾ هڪ عجيب و غريب مذهبي فتنو کڙو ڪيو ويو، جنهن جو مقصد اسلامي عقائد ۾ تحريف ۽ مسلمانن ۾ انتشار پيدا ڪرڻ هو انهيءَ زمانيءَ ۾ ’ترڪي خلافت‘ جي خلاف مولوي فيض الڪرام جي هڪ ڪتاب جي اشاعت ايڏو هنگامو برپا ڪيو، جو سنڌ جا مسلمان ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا ۽ هر شهر جي ميدان محشر ۽ هر گهر فتني جو مرڪز بڻجي پيو.

انهيءَ محشر خيزيءَ جي دؤر ۾ حق پرست گوءِ علماءِ ڪرام ميدان جهاد ۾ ٽپي پيا ۽ هن دجالي فتنہ جي بيخڪنيءَ لاءِ پوري پوري جدوجهد ڪرڻ لڳا. مولانا مرحوم جن به حق پرست طبقي ۾ شامل هئا ۽ ڏينهن رات هن فتني جي سرڪوبي ڪندا ٿي رهيا.

مولانا جن بهترين مناظر هئا. غير علميت ۽ قوّت تقرير کان علاوه علم الڪلام ۽ منطق ڪبريٰ جي باقاعد مطالع، سندن مناظرانه صلاحيت ۾ زبردست اضافو ڪيو هو. انهيءَ فتني جي سرڪوبيءَ وقت کين بارها مناظرا ڪرڻا پيا ۽ هر مناظري ۾ پنهنجي حق پرستيءَ جي بدولت فتحياب ٿيا.

مناظرن ۾ مولانا جن جي هٿان بار بار شڪست کائڻ سبب باطل پرست گروه جي دلين تي ايڏي هيبت طاري ٿي ويئي، جو مولانا جن جو نالو ٻڌي لرزه اندام ٿي ويندا هئا ۽ ”جاءِ الحق وزهق الباطل“ جي مصداق راه فرار اختيار ڪرڻ ۾ ئي خيريت سمجهندا هئا.

انهن ڏينهن ۾ ديني حميت ۽ غيرت جي جوش سبب مولانا جن جي جلالي حالت ڏسڻ وٽان هوندي هئي. هر وقت باطل پرستن جي سرڪوبيءَ لاءِ تيار رهندا هئا ۽ سندن کڙي ڪيل فتني جي بُطلان تي بحث ڪندا هئا. مناظرا جي ميدان ۾ ايڏي جوش و خروش سان اعلاي ڪلمة الحق ڪندا هئا، ڄڻ ٻيلي ۾ شينهن گجي رهيو آهي، يا ميدان جهاد ۾ ڪر سرفروش سان مجاهد ٻه- مُنهن ترار هٿ ۾ کڻي رجز پڙهي رهيو آهي.

شاگرد، خليفا، احباب ۽ اقربا:

مولانا مرحوم جن جي شاگردن ۽ خليفن جي فهرست تمام طويل آهي، جن سالها سال سندن خدمت بابرڪت ۾ رهي، کانئن ظاهري ۽ باطني فيض حاصل ڪيو ۽ پوءِ ملڪ جي ڪند ڪڙڇ ۾ پهچي ، علم ۽ عرفان جي پياسن کي سيراب ڪيائون، اهڙيءَ ريت همعصر علماء ڪرام، جن سان سندن دوستانه ۽ برادرانه  تعلقات هئا ۽ ساڻن خط و ڪتابت ۽ ملاقات جو رستو هو، انهن جي اسماءگراميءَ جي فهرست به وڏي آهي، جن جي گنجائش هن مختصر مقالي ۾ ٿي نه سگهندي، تاهم چند نالا هت درج ڪيا وڃن ٿا:

شاگرد:

(1) مولانا عبّدالله دُرخاني، مشڪاف، بلوچستان. (2) مولانا قاضي عبدالعزيز مستونگ، بلوچستان. (3) مولانا قاضي حبيب الله، لسٻيلو، بلوچستان. (4) مولانا مولاداد، مستونگ، بلوچستان. (5). مولانا فتح محمد، مستونگ بلوچستان، (6) مولانا محمد حسين، مڪران، بلوچستان. (7) مولانا قاضي رسول بخش، جهل مگسي، بلوچستان، (8) مولانا الحاج الهداد،    سبي بلوچستان. (9) مولانا مفتي صاحبداد، سلطان ڪوٽ، سنڌ. (10) قاضي نور محمد صاحب مٺڙي، بلوچستان. (11) مولوي ڪريم بخش، ڀاڳ، بلوچستان. (12) مولوي شاه محمد بلوچ، مانجهي پور ضلعو جيڪب آباد. (13) مولوي غلام رسول کوسو،  جيڪب آباد. (14) مولوي عبدالرحمان کوسو، جيڪب آباد. (15) مولوي عبدالواحد مري، جيڪب آباد. (16) مولوي عبدالواحد کوسو، جيڪب آباد. (17) مولوي در محمد، ٺل ضلعو جيڪب آباد (18) مولوي عبدالمجيد لاشاري، شڪارپور. (19) مولوي رحيم بخش سومرو شڪارپور. (20) مولوي عبدالحڪيم سومرو، شڪارپور (21) مولوي عبدالحڪيم ڪنڌر، ڳڙهي ياسين، (22) مولوي قاضي عطا محمد، ڳڙهي ياسين (23) مولوي قاضي گل محمد، ڳڙهي ياسين. (24) مولوي محمد مبارڪ، ڳڙهي ياسين. (25) دين محمد  وفائي، ڳڙهي ياسين. (26) مولوي عبدالعزيز اُڍو، رتوديرو (27) مولوي عبدالغفور مهر، سکر (28) مولوي شهاب الدين بلوچ، خيرپور. (29) مولوي عبدالڪريم عباسي مفتي، خيرپور. (30) مولوي محمد عثمان ڀٽو، گهوٽڪي. (31) مولانا اميد علي صدر مدرس مدرسہ قاسم العلوم، گهوٽڪي. (32) مولوي نور محمد، گهوٽڪي. (33) مولوي عبدالرحمان ضيائي، ميرپور ماٿيلو. (34) مولوي عبدالغفور، رحيم يارخان، بهاولپور. (35) مولوي محمد عارف، ملتان. (36) مولوي عبدالله بلوچ، لارڪاڻو. (37) مولوي سلطان احمد جتوئي، (داماد مولانا خادم حسين رحه). (38) مولوي عبدالعزيز صدر مدرسہ عزيزيه، رتو ديرو. (39) مولوي محمد يعقوب، رتوديرو. (40) مولوي عبدالڪريم ڀٽي، رتوديرو. (41) مولوي الاهي بخش، ميروخان. (42) مولوي نظام الدين بلوچ، قنبر. (34) مولانا مولوي محمد عظيم ’شيدا‘ نصيرآبادي، وڳڻ. (44 مولوي عبدالغزيز  مڪراني، وارهه (45) مولوي ڪريم بخش وارهه،  (46) مولوي محمد سليمان ميمڻ، دادو. (47) محمد سليمان واعظ، ٿرڙي محبت- ميهڙ (48) مولوي نثار احمد سيتائي، دادو. (49) مولوي عبدالرزاق، دادو. (50) مولوي فتح علي جتوئي، صدر مدرسہ هاشميہ سجاول. (51) مولوي محمد يوسف ميمڻ، سجاول. (52) مولوي محمد صاحب. سجاول.

خلفاء:

هيٺ ذڪر ڪيل حضرات سندن شاگرد به هئا ۽ طريقت ۾ خليفا به هئا.

(1) مولانا الحاج غلام عمر صاحب، خليفہء اول، تونسہ شريف. (2) مولانا الحاج محمد هاشم صاحب، خليفہء  دوم، نوابشاهه. (3) مولانا الحاج امير احمد شاهه، خليفہء، سوم، نوابشاهه. (4). مولانا محمد سليمان ميراڻي، خليفہء چهارم، سکر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com