سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1971ع

مضمون:

صفحو :5

”تاج“بلوچ

اوندهه جو ڪليجو چيرَ ڪري، چانڊاڻ کڻي آيو آهيان،

هِنَ جُڳَ جي لئي مان نور نرالو ساڻ کڻي آيو آهيان.

 

مستي ته ڏسو، هستي ته ڏسو، انداز ڏسو شهزوريءَ جو،

ان جيئن ڇُلي، اکين ۾ سڄو مهراڻ کڻي آيو آهيان.

 

پيشاني لهوءَ ۾ لال اٿم، سينو به ڦٽيل ۽ جسم ڌڪيل،

غاصب کان پلئه جيڪي به پيم، تو ڪاڻ کڻي آيو آهيان.

 

مقتل ڏي هلو، پٺتي نه ڏسو، هي رسم ادا هر بار ڪيو،

’دودي‘ جي ڏسيا، ’دريا‘ جي ڏنا، اهڃاڻ کڻي آيو آهيان.

 

سرمست هئا، سرويچ هئا، رت ريج ڏنو جن ڌرتيءَ کي،

ان پاڪ مٽيءَ مان مُٺِ ڀري، ڳاڙهاڻ کڻي آيو آهيان.

 

وارن کي ڇنڊي، خوشبو کي پکيڙي، ’تاج‘ ڀلي محبوب نه ڪو،

پورهيت جي پسيني مان جا ملي، سرهاڻ کڻي آيو آهيان.

عبدالقيومصائب

اسان جي اڄ گلا، ڪهڙي ڪري، ڪهڙي ڪبي،

ڪنهن ستمگر جي نلا، ڪهڙي ڪري، ڪهڙي ڪبي.

 

ڪيئن قفس ۾ قيد ڪاٽي، ساهه صدقي ويا ڪري،

سا بيان اڄ ماجرا، ڪهڙي ڪري، ڪهڙي ڪبي.

 

دل ڏيان، دنيا ڏيان، سر ساهه سڀڪي گهوريان،

چيز دلبر تان فدا، ڪهڙي ڪري، ڪهڙي ڪبي.

 

ڪنهن سراپا ناز لئه شب روز ويڳاڻو وتان،

دانهن تو در اي خدا، ڪهڙي ڪري، ڪهڙي ڪبي.

 

چنڊ چهرو، چشم نرگس، گل بدن، مٺڙي زبان،

بي صفت ان جي ڀلا، ڪهڙي ڪري، ڪهڙي ڪبي.

 

قد نمايان، ڪونج ڳچڙي، چيلهه سنهڙي، ڊيل چال،

ناز نينن جي پڇا، ڪهڙي ڪري، ڪهڙي ڪبي.

 

لعل لب، ڳاڙهيون اکيون، مينديءَ رتا هٿڙا هجن،

خون دل جي پو سخا، ڪهڙي ڪري، ڪهڙي ڪبي.

 

وار جن واسينگ ٿيا ۽ لوڏ لهرو لاجواب،

ڳالهه تن جي جابجا، ڪهڙي ڪري، ڪهڙي ڪبي.

 

سونهن ۾ سرس ٿيا ۽ نينهن نرمل آهه جن،

نوڪري تن جي ادا، ڪهڙي ڪري، ڪهڙي ڪبي.

 

قرب، نوڙت ۽ حياتي ناز جنهن کي ٿو رهي،

تنهنن جي اي ”صائب“ ثنا، ڪهڙي ڪري، ڪهڙي ڪبي.

 

ولي محمد ”وفا“

حيات، موت کان گهٽ ڪا ستم شعار نه آ،

غمِ زمانه کان ممڪن اڃا فرار نه آ.

 

ڪَٽي به ڪيترا آخر تون غم ڪٽي سگهندين،

الاهي! منهنجي غمن جو ڪوئي شمار نه آ.

 

اٿئون جي غم ته پرين! تنهنجي ڪج ادائيءَ جو،

زمانو غير هو، غيرن تي ڪا ميار نه آ.

 

خزان جي خوف کان پڙمرده ٿي نظر آيا،

هتي ته ڪوئي به غنچه- بدن بهار نه آ.

 

سڪونِ قلب ڦُري وئي نگاهِ ناز، ’وفا‘،

شڪسته دل کي ڪنهين پَر ڪٿي قرار نه آ.

 

سومرو محمد اسحاق ”راهي“

حرم ٺهندو اُتي جاتي سڄڻ منهنجي جو در آهي،

خدا جو گهر آ ڪعبہ، منهنجو ڪعبہ ان جو گهر آهي.

 

زبان تي ورد آهي ذڪر مون کي يار جو پيهم،

نه ٻئي جي ياد ڪا آهي نه ڪنهن جي ڪا پچر آهي.

 

سرِ تسليم خم آهيان درِ محبوب تي بيٺو،

ٿيو مون تي نگاهن جي ادائن جو اثر آهي.

 

ڪئي تائيد فطرت، حسنِ معنيٰ جي سراسر آ،

ويو شرمائجي دلبر اڳيان شمس و قمر آهي.

 

نگاههِ ناز ۽ خندان لبي سان حال پرسان ٿئي،

مريضِ عشق کي خوشتر ڪندي ان جي نظر آهي.

 

اها ڪهڙي آ دل جيڪا رهي ٿي عشق کان خالي،

اگر آهي ته گويا سا ڦِٽل برباد گهر آهي.

 

محبت پنهنجي واپس وٺ، هينئر آ نزع جو عالم،

اسان جي زندگي جو ”راهي“ بس پويون پهر آهي.

نثار”بزمي“

غم ڏِئين ٿو ته ڪجهه خوشي به ته ڏي،

جو وڃائين، اهو لهي به ته ڏي.

 

مان پيئڻ کان ڪيو ڪٿي انڪار،

تون ڪٿان زهر ڍوڪ وٺي به ته ڏي.

 

تنهنجو مِهڻو ته ڪهڙو آهه مٺڙو،

جانِ من! اچ اهو وري به ته ڏي.

 

عشق جو لاش پاڻ ئي ٿو کڻان،

گهر کان ٻاهر مگر ڪڍي به ته ڏي.

 

ڪنهن کي سچ جو کپي نٿو سودو،

جو ڏئين ڪجهه، اهو ٺهي به ته ڏي.

 

مان نه اکين جي ڳالهه ٿو سمجهان،

وات سان ڪجهه نه ڪجهه چئي به ته ڏي.

 

تون سَهي يا مان، راهِ الفت ۾،

فيصلو هي ڪٿان پُڇي به ته ڏي.

 

ڀروسو پيو ٽُٽي آه ”بزمي“ جو،

وات سان ٿو چوين، لِکي به ته ڏي.

”وفا“ناٿنشاهي

سانوڻ جي برسات، وسن ٿا ٽانڊا،

ڇاڻيون ٿا انسان، ڇڻي ٿي دنيا.

 

مانڊو آهيان، ن پڇڻ ڄاڻان ٿو،

ورنه ڏاڍا چَڪَ هڻي ٿي دنيا.

 

هاڻي ٻُڏڻو- تَرڻو توکي پوندو،

مون کي ڀي ميهار! وَڻي ٿي دنيا.

 

پيرن ۾ زنجير، هٿن تي ميندي،

ڪهڙي جُڳ جا ٻار ڄڻي ٿي دنيا.

 

سچ چوي ٿو سچ، ”وفا“ جو شاعر،

ڪُوڙ هڻي ٿي، ڪوڙ هڻي ٿي دنيا.

 

”نشتر“ ناٿنشاهي

روشني مان روشني پيدا ڪجي،

زندگي مان زندگي پيدا ڪجي.

 

ڪيترو رهبو اسيرِ غم اڃا،

سوچيو، غم مان خوشي پيدا ڪجي.

 

گل جي قسمت ۾ خزان ئي آ لکيل،

ان ۾ هڪدم دلڪشي پيدا ڪجي.

 

دوستيءَ مان دوستي ٿيندي مگر،

دشمنيءَ مان دوستي پيدا ڪجي.

 

مردني ۾ هرڪو آهي متبلا،

بي دلي مان دل لڳي پيدا ڪجي.

 

حسن ساڳيو، آ اهو جلوو نه آهه،

حسن ۾ جلوه گري پيدا ڪجي.

 

قصرِ شاهي جيئن ڀري ان جو سلام،

اهڙي ’نشتر‘ جهوپڙي پيدا ڪجي.

 

گل حسن ”گل“ ٻُرڙو

دستور زمانا تنهنجو عجب،

ڪٿي چور سُڃا، ڪٿي ڍور سُڃا،

چَئو تون ئي چَئو ڇا آهه سبب،

ڪٿي چور سُڃا، ڪٿي ڍور سُڃا.

 

ڏس ويٺل ديوَ خزانن تي،

ڄڻ ڪاري نانگڻ آنن تي،

هڪڙن کي حاصل عيش و طرب،

ٻيا زنده ئي درگور سُڃا.

 

ڪٿي ڏسجن وسنديون آباديون،

ڪٿي ڏسجن بلڪل برباديون،

اهو تُنهنجي گردش جو آ غضب،

ٿيا بابل ۽ ڀنڀور سُڃا.

 

ڏس ڪن جي سر تي تاج ٿيا،

ڪي مانيءَ لئه محتاج ٿيا،

بيداد انهيءَ جو ڇا مطلب،

ڪمزور غني، شهزور سُڃا.

 

ايجاد هزارين قهر ڪرين،

برباد هزارين شهر ڪرين،

آ هيڻن جو آرام سلب،

ڪيڏانهن وڃن ڪمزور سُڃا.

 

”گُل“ ڪوماڻو ڇو بهارن ۾،

ڇو ناهه مزو گلزارن ۾،

بلبل ڀي ڏسجي جان بلب،

ڪٿي جهنگ سُڃا، ڪٿي مور سُڃا.

 

مهيسر ”خادم“ رفيقي

ڪهڙي صورت ۾ ڇا ۽ ڇو ٿيندو؟

درد منهنجي جو ڪو بِلو ٿيندو!

 

دل جلي ٿي، جلي وڃي بيشڪ،

غم جو ٿورو مفاصلو ٿيندو!

 

آه لب تي اچڻ چڱي ناهي،

ساري دنيا ۾ سلسلو ٿيندو!

 

هو به محفل ۾ ٿو اچي اي دل،

ڇا؟ انهيءَ سان مقابلو ٿيندو!

 

هڪ گهڙيءَ ۾ مرڻ، مري جيئڻ،

بند هي ڪين سلسلو ٿيندو!

 

تون وسارين ته ڀل وساري ڇڏ،

عزم وڌندو ۽ ولولو ٿيندو!

 

ڀل جفا تي جفا رکو جاري،

گهٽ وفا جو نه حوصلو ٿيندو!

 

دل کي زخمن جا گل مليا ’خادم‘،

ڇونه ايثار جو صلو ٿيندو!

 

”منير“ سولنگي

غم جو افسانو ٻڌائڻ ٿو گهران،

رنگ محفل ۾ ڄمائڻ ٿو گهران.

 

دُود الفت جو دکائڻ ٿو گهران،

هن ستمگر کي مڃائڻ ٿو گهران.

 

بيوفا کان وصل جي آهي اميد،

محل واريءَ جو اڏائڻ ٿو گهران.

 

اي پرين! هڪوار اچ منهنجي تڏي،

نيڻ رستي ۾ وڇائڻ ٿو گهران.

 

دل ۾ حسرت ۽ لبن تي مرڪ آهه،

مينهن اکڙين مان وسائڻ ٿو گهران.

 

ميڪدي جو در کليو آ، دوستو!

بخت پنهنجو آزمائڻ ٿو گهران.

 

ڇا ٿيو جي ٿيو زمانو برخلاف،

اک زماني سان ملائڻ ٿو گهران.

 

مان خوشيءَ مان داءُ دل جو دوستو،

اڄ ته مقتل ۾ لڳائڻ ٿو گهران.

 

پيار جون ڳالهيون ڪري توسان ’منير‘،

رات هي ڪاري کٽائڻ ٿو گهران.

 

مير محمد پيرزاده

اجها اڄ به آڌي لڙي پئي لڙي،

جدائيءَ جون جاٽون جڙي پئي جڙي.

 

اهو چيٽ جي چنڊ جو ڦوهه جوڀن،

جواني ڳلن مان ڳڙي پئي ڳڙي.

 

اتر کان ته آڌيءَ اڪيلي جا ڪونج،

رُئي ۽ رئاري رڙي پئي رڙي.

 

اهو سڏ سڻي سير سهڻي وئي هئي،

لڳي لار جيڪا چڙي پئي چڙي.

 

اهي آخري اونگ چهنڊن سين چونڊي،

وجهي ڇار ڇڄ ۾، ڇڙي پئي ڇڙي.

 

الاجي ڪندو ڪانڌ ڪٿ منهنجي ڪڏهين؟

ڪيئي گهاٽ گويا گهڙي پئي گهڙي.

 

اڇايل اکيون آب سين اڌ- ڀريل،

ڀڃي بند رُئانءِ ٿي، اڙي پئي اڙي.

 

ڪيئي ڪانڌ پنهنجا ورائي وريون،

ڏسي تن کي سچ پچ سڙي پئي سڙي.

 

نڪا اک لڳي ٿي نڪو سک کڻان،

وڃان ننڊ ويجهو تڙي پئي تڙي.

 

جدائي اصل کان جفائون ڏئي،

ڪري ڪلف قابو ڪڙي پئي ڪڙي.

 

رُلي روز تنهن جا پٺيان چنڊ چارا،

نهاري چڙهي دڳ، دڙي پئي دڙي.

 

افسانا

”شل اسان سڀني جو اصول هجي: پنهنجو، پنهنجي ملڪ جو، ۽ سموري قوم جو فائدو، ۽ اها ئي تمنا هجي ته شل ڌڻيءَ جي مهر سان منهنجو ملڪ هن زمين تي هڪ شاندار سياڻپ، صلح، بهادريءَ ۽ روشنيءَ جو منارو هجي، جنهن ڏانهن سڄي دنيا جون قومون محبت جي نظرن سان نهارين.“

- ڊينٽيل ويڊسٽر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com