سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1996ع

مضمون

صفحو :8

         سنه 1526ع ۾ هندستان ۾، مغل شهنشاهيت جو قيام عمل ۾ آيو،ان کان ڇهه سال اڳ سنه 1520ع ۾ سمن جي حڪومت پوري ٿي، هي سنڌ جو ملڪ 1520ع ۾ ارغونن، پوءِ 1556ع  ۾ ترخانن ۽ 1592ع کان مغل شهنشاهن جي قبضي ۾ اچي ويو، اهي ڪنهن طرح هتي 1737ع تائين قابض رهيا، جڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙو ٺٽي تي قبضو ڪري سڄو سنڌ ملڪ پنهنجي هٿ ۾ ڪيو .“1

مغل دور ۾ شهنشاهن ٽپال، خبر چارن، حالن احوالن ۽ درست حالتن ڄاڻڻ لاءِ شعبه مواصلات کي بهتر نموني منظم ڪيو ۽ رٿابنديءَ سان پکيڙيو، جنهن کي ”وقائع نگاري “ سڏيو ويو، هي طور طريقو اصل ۾ جديد اخبار نويسيءَ جو ابتدائي قسم هو، جنهن لاءِ مولانا غلام محمد گرامي مرحوم لکي ٿو:

        ”سنڌي زبان جي صحافت جي تاريخ به انگريزن جي دور ۾شروع ٿي آهي، ان کان اڳ عربن جي دور ۾ منادي ۽ اعلان خطبي ۽ تقرير ۽ عربي زبان ۾ خط  و ڪتابت سان ئي پنهنجا خيال ٻين تائين پهچايا  ويندا هئا، ان کان پوءِ مسلم راڄ ۾وقائع نگاريءَ جو فن پيدا ٿيو، جنهن کي صحافت جو بنياد چئي سگهجي ٿو، مغلن جي دور ۾ اهو فن ذري گهٽ اخبارن جي حيثيت وٺي چڪو هو، حڪومت جا اهم اعلان ۽ مواصلا توڙي خبرون چارون قلمبند ڪرائي دور دراز منزلن تي آفيسرن ۽ فوج ۾ ورهايا ويندا هئا .....“ 

گرامي صاحب وڌيڪ لکي ٿو:

    ”سنڌ ۾ وقائع نگاريءَ جو دور مغل خاندان آندو، سندن گورنر سنڌ جي حالات ۽ واقعات کي روزانو ڊائريءَ وانگر لکائي، بروقت بادشاهه ڏانهن موڪليندا هئا، ان سلسلي ۾ بکر، سيوستان، ٺٽو وقائع نگاري جا مرڪز هوندا هئا، جي مغل سرڪار جا پگهاردار هوندا هئا.1 صحافت جي هن ابتدائي روپ يعني وقائع نگاري متعلق ڪجهه وڌيڪ تفصيل به ملن ٿا، حقيقت ۾ هن طور طريقي جا بنياد اڪبر جي دور ۾ يعني سورهين صديءَ ۾ پيا، انهيءَ باري ۾ هاڪاري مورخ ابو الفضل لکيوآهي:

            ”سلطنت جي واقعن جو قلمبند ڪرڻ نه فقط حڪوت جي ترقي ۽ انتظام لاءِ ضروري آهي پر هر طبقي ۽ هر مجلس جي رونق کي بحال رکڻ لاءِ ضروري آهي، جيتوڻيڪ قديم زماني ۾ به انهيءَ طريقي جو پتوپوي ٿو، پر ان جي اصل حقيقت کان اهل زمانه کي هن مبارڪ عهد (اڪبر جي وقت ) ۾ آگاهي ٿي .“ 2

        هن بابت وڌيڪ تفصيل ڏيندي ڊاٽر ميمڻ عبدالمجيد ميمڻ سنڌي لکيوآهي:

      ”مغلن جي عروج سان گڏ اخبار نويسيءَ جو فن به ترقي ڪندو رهيو، اورنگزيب جي زماني ۾ ته سڄي مڪ ۾ اهڙي قسم جي اخبار نويسن جو ڄار وڇايل هو، اهي ئي سبب آهي جو ان زماني جي تاريخن

۾ اخبار نويسن ۽ واقائع نويسن جو ذڪر ڪثرت سان ملي ٿو، انهيءَ ڪري ڪن مورخن کي غلط فهمي ٿي آهي ته اورنگزيب جي زماني ۾ اخبار جاري ڪئي ويندي هئي.....

      ”حقيقت ۾ مغلن جي ڏينهن ۾ هڪ اخبار شاهي محل مان جاري ڪئي ويندي هئي، جنهن جو نالو ”اخبار دربار معليٰ “ هوندو هو، اها اورنگزيب کان گهڻو اڳ جاري هئي، شاهجهان جي ڏينهن ۾ ان جو نالو ”اخبار دارالخلافه شاهجهان آباد “ هو، ان اخبار جي اشاعت فقط شاهي محل تائين محدود نه هئي پر ان جا نقل ڪري دور دراز علائقن جي اميرن تائين پهچايا ويندا هئا، مغلن جي زماني جون اهڙيون ڪيتريون ئي قلمي اخبارون لنڊن جي رائل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي لائبريري ۾محفوظ آهن “.......پر انهن اخبارن تي تبصرو ڪندي ميمڻ صاحب لکي ٿو.

”اهي اخبارون صحيح معنيٰ ۾ اخبارون چئي نه ٿيون سگهجن، ڇاڪاڻ ته انهن جي حيثيت فقط اهڙي خبرنامي جي هوندي هئي، جيڪي حڪومت پاڻ لکائي پنهنجي اميرن ۽ سپه سالارن ڏانهن موڪليندي هئي، انهن خبرنامن ۾ شروع ۾ بادشاهه جو روزنامچو هوندو هو ۽ پوءِ مختلف علائقن جون خبرون هونديون هيون “. 1

سنڌ تاريخي طور تي 1592ع ۾ مغلن جي قبضي ۾ آئي، ان کان اڳ جڏهن ارغونن سنڌ کي فتح ڪيو، تڏهن انتظامي طرح هيءَ ملڪ ڇهن ڊويزنن۾ تقسيم ڪيو ويو هو، جنهن کي ان وقت ”سرڪار “ سڏبو هو، اهي سرڪارون هي هيون: 1-بکر، 2- سيوهڻ، 3- نصرپور، 4-چاچڪان،5- چاڪر هالا.2 انهيءَ انتظامي جوڙجڪ کي مغل شاهي برقرار رکيو ۽  وڌيڪ مضبوط ڪيو، اهڙي سرشتي هيٺ بکر، ٺٽي ۽ سيوهڻ کي اهم حيثيت حاصل ٿي، اتي گورنر يا فوجدار عملدار مقرر ٿيندا هئا، خبرن چارن جي رس ۽ ملڪي صورتحال بابت اطلاع ڏيڻ لاءِ پڻ هنن شهرن ۾عملدار مقرر ڪيا ويا، جن کي سرڪاري زبان ۾ وقائع نگار سڏيو ويندو هو، اهي عملدار صحيح منعيٰ ۾ نامه نگار يا انفارميشن آفيسر جو رتبوماڻيندا هئا، ملڪي صورتحال بابت خبرون گڏ ڪرڻ لاءِ سندن مختلف طريقا هئا، هو پاڻ به گهمي ڦري خبرون جهٽيندا هئا، ته عوام به اچي کين پنهنجن مسئلن توڙي مشڪلاتن بابت ڄاڻ ڏيندا هئا ۽ پوءِ اهي خبرون ترتيب ڏئي بادشاهه جي درٻار کي موڪليندا هئا.1انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو وڌيڪ وضاحت ڪندي لکي ٿو:

”وقائع نويس کي هر هڪ واقعو پنهنجي حڪومت کان تصديق ڪرائڻو پوندو هو يا تصديق ٿيل واقعا سرڪاري مهر سان وقائع نويس ڏانهن موڪليا ويندا هئا “.2مغل زوال واري وقت ۽ ڪلهوڙن جي پهرين حاڪم ميان يار محمد ڪلهوڙي جي حڪومت جي دور ۾ بلگرامي سادات، بکر ۽ سيوهڻ ۾ مرڪز طرفان وقائع نگار جي حيثيت سان مقرر ٿيل هئا، انهن ۾ سيد عبدالجليل بلگرامي، سيد محمد بلگرامي ۽ سيد غلام علي ”آزاد “ بلگرامي خاص شهرت رکن ٿا “3

مير شفيق احمد ”اوج “ علوي لکي ٿو:

”مرحوم فتح محمد سيوهاڻي وٽ روزنامه ”وقائع سرڪار سيوستان “ جي قلمي اخبار جا ڪيئي فائيل موجود هئا، مٿين روزنامه  جو دفتر                

اڙل درياءَ جي ڪپ تي واقع هو، اخبار شايع ٿيڻ جو نمونو هيئن هو: ڪيئن خوشنويس گڏ ويهارياويندا هئا، جن کي وقائع نگار مضمون لکائيندو ويندو هو ۽ اهي لکندا ويندا هئا، مضمون ختم ٿيڻ تي ڪئين پرچا تيار ٿي ويندا هئا، جي خاص ماڻهن ۾ تقسيم ڪيا ويندا هئا “1

بلگرامي وقائع نويسن جو سنڌ سان تعلق اڌ صدي جو آهي، ابتدا ۾ سيد عبدالجليل (1116-1155هه) ساڳئي عهدي تي رهيو، ان بعد سندس فرزند سيد محمد (1133-1155هه)  به ڪجهه وقت لاءِوقائع نويس ٿي رهيو، انهن بزرگن بحيثيت وقائع نگار جي ڪهڙيون خدمتون انجام ڏنيون يا ڪهڙو مواد ڇڏيو، انهن جا تفصيل سنڌ جي تاريخ لاءِ بيحد اهميت رکن ٿا.

سيد محمد بلگرامي ڊائري يا روزنامچي جي صورت ۾ هڪ ڪتاب ”تبصرته المناظري “ فارسي زبان ۾ رکيو، انهيءَ ۾آيل مواد ۽واقعا خود سنڌ جي ڪنهن به همعصر تاريخ ۾ لکيل نه ٿا ملن، سيد حسام الدين راشدي مرحوم سيد محمد جي وقائعنگاري جي صنف ۾لکيل هن ڪتاب تي تنقيدي نگاهه وجهندي، ان جي اهميت هن ريت ڄاڻائي آهي:

        ”پڙهندڙ ڏسندا ته ٻارهين صديءَ جي پهرئين اڌ اندر، سنڌ ۾ ٿيل بغض نهايت ئي اهم واقعا، پهريون دفعو هن ڪتاب جي ذريعي اسان جي سامهون آيا آهن ۽ ڪيترن ئي

 واقعن جو نئون راز، بلڪه سچو پچو تفصيل اسان کي معلوم ٿئي ٿو، ڪن واقعن جون صحيح تاريخون پڻ هن ڪتاب جي طفيل مليون آهن، خاص ڪري سنڌي ڪارندن سنڌ ۾ رهي جيڪي ڪارناما ڪيا، انهن جو اهڙو واضع نقشو ڏنو ويو آهي، جو ان کي پڙهندي هڪ طرف ته لونءِ لونءِ  ڪانڊارجيو ٿيووڃي، ته ٻئي طرف وري بدقسمت سنڌ جي سخت جانيءَ مٿان اچرج اچي ته سنڌي قوم ڪهڙي نه مضبوط، سنگين، بهادر ۽ ڳنڀير آهي، جو اهڙن طوفانن ۽ قيامتي ماجرائن مان پار پئجي به نه فقط اڄ تائين پنهنجي جاءِ تي جيئن جو تيئن قائم ۽ دائم آهي بلڪه مستقبل جي مصيبتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پڻ هميشه وقت تيار ۽ تنومند رهي ٿي. “1

جي اسين سيد محمد جي واقعات نگاريءَ جي هن ڪتاب جو اڀياس ڪيون ٿا ته خبر پوي ٿي ته نادري لشڪر ڪهڙي حد تائين سنڌي ماڻهن سان جبر ڪيو ۽ ڦرلٽ ڪئي:

       ”جڏهن مغل سنڌ ۾ رهيا ته هر شهر ۽ لشڪر تي ڪاهه ۽ ڏاڍ، ڏمر ۽ قهر جاري رکيائون، جتي ڪو ڀلو گهوڙو ٿي ڏٺائون ته اتي پهچي ان کان اهو گهوڙو کسيائون، ويچاروگهوڙي جو ڌڻي بيوس ٿي انهن      

سان ڪنهن به طرح بچي نه ٿي سگهيو، اهڙي طرح ڪنهن وٽ ڪا چڱي تلوار يا شال يا سٺو ڪپڙو هو ته اهو به زوري ڦري ٿي ورتائون، اهڙي ظلم ۽ ستم، شور ۽ زور جي ڪري بنده راقم سيد مير محمد بلگرامي جي دل ڀڄي پئي جو آئون به بااهل عيال اتي سنڌ ۾ هوس“.1

        ٻئي طرف ڪجهه وقت لاءِ 1143-1147 هه) دوران جڏهن سيد مير غلام علي آزاد بلگرامي، سيوهڻ لاءِ وقائع نويس رهيو ته هن به ڪجهه واقعن کي قلمبند ڪيو، ميانيار محمد جي وقت ۽ پنهنجي وقت جو نهايت بااثر ماڻهو امتياز خان ” خالص “ جڏهن اصفهان وڃڻ لاءِ سيوهڻ کان لنگهيو ته هتي قتل ٿي ويو، چون ٿا ته سندس قتل ۾ ڪلهوڙي حاڪم يار محمد جو هٿ شامل هو، هن ڏس ۾ هڪ ذميدار وقائع نويس جي حيثيت ۾آزاد لکيو آهي:

      ”سيد حسين امتياز خان اصفهاني، جنهن جو تخلص ”خالص “ هو، هندستان کان ايران وڃي رهيو هو جڏهن سيوستان پهتو ته سنڌ جي زميندار خدا يار خان سنه 1122هه (1710ع) ۾ ان کي قتل ڪرائي ڇڏيو ۽لکن جي مال تي قابض ٿي ويو، خدا يار خان، علامه عبدالجليل کي پيغام موڪليو ته هيءَ واقعو جهڙي طرح پيش آيو آهي تهڙي طرح سوانح ۾ بيان نه ڪيو وڃي، ان لاءِ ٻه هزار سونيون     

اشرفيون پيش ڪيائين، جي چوڏهن هزار روپين جي برابر ٿين ٿيون، علامه مرحوم هيءَ پيشڪش رد ڪري ڇڏي ۽ چيائين ته خدا جي عنايت سان مون وٽ دولت آهي، محتاج نه آهيان، جيڪڏهن اڄ هن واقعي کي صحيح صورت ۾ پيش نه ڪريان ته سڀاڻي رب العزت جي حضور ۾ ڪهڙو جواب ڏيندس .“ 1

هن واقعي جي صداقت يا ان ۾ سنڌ جي حاڪم جي ملوث هجڻ بابت البته گهڻو مونجهارو موجود آهي، تاهم ارڙهين صديءَ جي وقائع نگارن جو ڇڏيل تحريري مواد بهرحال تاريخ سنڌ جي اهم ڪڙين کي ملائي ٿو، ان ڪري ان جي تمام گهڻي اهميت ٿي وئي آهي، هن دور ۾ ٻيا به ڪيترائي مورخ هئا، ليڪن ان نوعيت جو مواد نه ته هولکي سگهيا ٿي ۽ نه وري لکيائون.

     وقائعنگاريءَ جي اها صورت انگريزن جي دور اچڻ تائين جاري رهي، جيڪا ننڍي کنڊ جي سمورين اخبارن گهڻي حد تائين استعمال ڪئي ۽ نيٺ ان جي جاءِ تي جديد صحافت والاري ورتي، ڊاڪٽر عبدالسلام خورشيد انهيءَ ڪڙيءَ کي هيئن ٿو ملائي:

      ”وقائع نگاريءَ جي مواد ۾ سياسي،سماجي، اقتصادي، تجارتي ۽ زراعتي خبرون هونديون هيون جن ۾ لٰشڪري مهمن جي معلومات شامل هئي، اها صنف عام ماڻهن لاءِ انهيءَ ڪري سودمند ثابت ٿي جو جيڪي ظالم گورنر ۽ امرا ماڻهن سان ظلم ۽ بي انصافيون ڪندا هئا، انهن جي سُڌ بادشاهه تائين انهيءَ وقائع نگاري ذريعي پهچندي هئي ۽ هو انهيءَ تي ماڻهو جا اهنج ايذاءُ دور ڪندو هو، اهڙي طرح وقائع نگاري ماڻهن جي داد رسيءَ جو ذريعو هئي، جيڪو جديد اخبار نويسيءَ جي اهم فرضن مان هڪ آهي. 1

گرامي مرحوم ان ڏس ۾لکي ٿو:

”انگريزن جي دور ۾ نه رڳو وقائع نگاريءَ جو پراڻو فن به هلندو آيو، پر ان فن ۾ اخبار نويسيءَ ۽ صحافت جا آثار ۽ اصول به ملايائون، انگريزن جي دور ۾ صحافت فقط وقائع نگاري ڪو نه هئي، پر ان سان گڏ تنقيدي حيثيت به حاصل ڪئي، واقعات کي بيان ڪرڻ کانپوءِ ان تي تبصرا به ڪيا ويندا هئا ۽ ان جا نتيجا به بيان ڪيا ويندا هئا.... ان طرح سنڌي زبان جي صحافت جي تاريخ به انگريزن جي دور ۾شروع ٿي. “2

باب ٻيو

انگريزن جي سنڌ ۾ آمد ۽ جديد

اخبار نويسيءَ جي ابتدا

      سنڌ، جيڪو هاڻي پاڪستان جو صوبو آهي، لاڳيتو مغلن جي راڄ هيٺ رهيو: ايران جي نادر شاهه جي تابعداري ڪيائين: ۽ سندس موت کانپوءِ هڪ عرصي لاءِ افغانستان جي ماتحت رهيو، 1701ع کان 1783ع تائين ڪلهوڙن جو راڄ رهيو، 1783ع ۾ هالاڻي جي ڀرسان ڪلهوڙن ۽ٽالپرن ۾ فيصله ڪن لڙائي لڳي، جنهن ۾ ڪلهوڙن هار کاڌي ۽ ٽالپر سوڀارا ٿيا، ٽالپرن جو پهريون حاڪم مير فتح علي خان ٿيو، جنهن جو صدر مقام هالن جي ڀرسان خداآباد هو، ميرن ٽالپرن جو ذهن جنگجو هو ۽ کين ڇيڙيون نبيريون ڪرڻ ۾ به قبيلائي پسمنظر  هجڻ ڪري دقت محسوس ٿيندي هئي، ان ڪري سنڌ کي ٽن رياستن ۾ تقسيم ڪيو ويو، 1- خيرپور تي سهراباڻي ميرن جو راڄ قائم ٿيو. 2- حيدرآباد کي مرڪزي حڪومت جو رتبو حاصل ٿيو. هيءَ سرڪار شهداداڻي سڏبي هئي. 3- اهو حصو ميرپور خاص جو هو، جتي مير ٺارو خان حاڪم ٿيو.1

 هن قدم سبب سنڌ جي قومي وحدت ڪمزور ٿي وئي ۽ ملڪي اتحاد ختم ٿي ويو، ارڙهين صديءَ جي خاتمي تي سنڌ ۾ انگريزن جو عمل دخل وڌندو ويو ۽ 1809ع  ٽالپرن سان معاهدو ڪيائون ته ٽالپر پنهنجي ملڪ ۾ فرينچن کي آباد ٿيڻ نه ڏيندا، 1831ع ۾ ميرن اها ڳالهه ڏاڍي  ڏکيائي سان مڃي ته سنڌو درياهه هندستان جي واپارين ۽ تاجرن لاءِ کوليو ويندو، پر منجهائنس ڪو به جنگي سامان يا لشڪر جهاز پار ڪري سندن ملڪ جي سرزمين تي نه نيو ويندو، ڪجهه مهينن کانپوءِ حيدرآباد ۾ انگريزي ريزيڊنٽ جي رهڻ جي اجازت ورتي وئي.

      جڏهن افغان جنگ ڇڙي ته ميرن کي چيو ويو ته هن نازڪ وقت ۾ سنڌو درياءَ کي استعمال ڪرڻ جي بندش وارو معاهدو ختم ڪيو وڃي ۽ 1839ع ۾ کانئن معاهدو صحيح ڪرايو ويو، جنهن موجب ميرن کي انگريزي فوج جي سنڌ ۾ رهڻ ۽ گذارڻ لاءِ ساليانو ٽي لک روپيا ڏيڻا پيا، افغان لڙائي جي ڏکين ڏينهن دوران ٽالپر پنهنجي معاهدي تي قائم هئا، پر مٿن عدم اعتماد جو اظهار ڪيو ويو ۽ معاملي کي حيدرآباد ۾ مقرر ٿيل انگريزي ريزيڊنٽ  جيمس آئوٽرام تي ڇڏڻ بدران 1842ع ۾ سر چارلس نيپيئر کي شهري ۽ فوجي اختيار ڏئي سنڌ تي چاڙهي موڪليو ويو، جيمس آئوٽرام کي سنڌ جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ هئي ۽ هو هڪ معقول شخص هو پر نيپيئر کيس ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، يارنهن مهينن جي عرصي ۾ هن ٽالپرن سان ڪيل سمورا معاهدا ٽوڙي ڇڏيا ۽ مٿن جنگ

مڙهي کين جلاوطن ڪري آگسٽ 1843ع ۾ سنڌ تي انگريزي راڄ قائم ڪيائين.1 اهڙي طرح ميرن جي سادگي ۽ اٻوجهائي سنڌ جي انگريزن جي مڪارين ۽ فريبڪارين سان پُرسياست ۽ سفارتڪاري کان محفوظ نه رکي سگهي.

سنڌ جي فتح مڪمل ٿيندي ئي سرچارلس نيپيئر ان جو  پهريون گورنر مقرر ٿيو ۽ هي ملڪ برطانوي هند جي تابه هڪ صوبي جي صورت ۾ شامل ٿيو، ان وقت لارڊس ايلنبرو هند جو گورنر جنرل هو، نيپيئر سنڌ اندر انتظاميه جي نئين تشڪيل ڪئي،خيرپور جي رياست مير علي مراد خان کي انگريزن سان وفاداري جي عيوض ڏني وئي، باقي سڄو ملڪ ٽن حصن ۾تقسيم ڪري انهن مان هر هڪ کي ڊسٽرڪٽ يا ضلعو سڏيو ويو، شڪارپور ضلعو، حيدرآباد ضلعو ۽ ڪراچي ضلعو نيپيئر سنڌ جي گاديءَ جو هند حيدرآباد بدران ڪراچي کي مقرر ڪيو، نيپيئر کي ڪم ڪار لاءِ ڪي نائب ۽ مددگار به ڏنا ويا، جن کي اهم سياسي فوجي ۽ مالي اختيار به حاصل هئا.

        ان کانسواءِ ڪراچي لاءِ ميجر هينري پريڊي، حيدرآباد لاءِ ڪيپٽن رٿيون ۽ شڪارپور لاءِ ڪئپٽن گولڊنيءَ کي ترتيبوار ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو، اڳتي هلي ميجر جان جيڪب کي اهم

ديواني ۽ فوجي اختيارن سان خانڳڙهه تي مقرر ڪيو، جو شهر بنيو ۽ آخرڪار ”جيڪب آباد “ سڏيو ويو، ٿر علائقي تي وري ڪيپٽن تروٽ کي پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ بنايو ويو، نيپيئر سنڌ تي 1847ع تائين رهيو.

اهو سمورو عرصو يعني 1943ع کان وٺي 1947ع تائين سر چارلس نيپئر سنڌ جي سفيد و سياهه جومالڪ هو، هو مقدمي هلائڻ کانسواءِ ئي ڪنهن کي ماري يا جياري سگهيو ٿي، هن ڪيترن ئي ماڻهن کي ڦاهي چاڙهيو ۽ ڪيترن کي کلي عام ڦٽڪا لڳرايا، انهن ڪارنامن سندس نالو ”شيطان جو ڀاءُ “ مشهور ڪري ڇڏيو.1

انگريزن سنڌ جي حڪمران خاندان ٽالپرن کان سنڌ کسي ۽ بيعزتو ڪري جلاوطن ڪيو هو، ان ڪري نه رڳو مير سڌي طرح متاثر ٿيا هئا ۽ سندن دلين ۾ انگريزن خاص ڪري نيپيئر لاءِ نرم گوشو باقي نه هو، پر معقول ۽ انصاف پسند پرڏيهي باشندا جيڪي بمبئي، ڪلڪتي ۽ لنڊن ۾ هئا به انهيءَعمل مان خوش نه هئا، جيمس آئوٽرام، جنهن نيپيئر سان گڏجي ٽالپرن سان لڙائي ۾ حصو ورتو، ٽالپرن جو همدرد هو ۽ نيپيئر  جي ظالماڻي رويي جو مخالف هو، هو پوءِ سگهو ئي سنڌ جا وڻ ڇڏي بمبئي کان وڃي نڪتو ۽ پنهنجي هم خيال دوستن جو  حلقو ٺاهيائين،  منجهائن سر فهرست ”بمبئي ٽائيمز “ جو ايڊيٽر ڊاڪٽر بوئسٽ به هو، جيڪو اڳيئي نيپيئر جي عملن خلاف پنهنجي اخبارن ۾ خبرون ۽ ليک ڇپيندو هو، جيمس آئوٽرام جي ساٿ پاڻ کيس وڏي هٿي ڏني ۽ ”بمبئي ٽائمز“ نيپيئر جي ڪک جو ڪان بڻجي وئي.

نيپيئر  ۽ سندس خاندان ۾ مخالفن جي تنقيد ٻڌي ماٺ ٿي ويهڻ جي عادت ڪا نه هئي، خاص ڪري مخالف پريس کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ هو هر وقت آتا هوندا هئا.1 نيپيئر کي برطانوني پس منظر ۾ اخباري اهميت جي خبر هئي، تنهن ڪري فوجي حڪمران هئڻ جي باوجود پنهنجي هم وطنين سان اخباري محاذ تي مقابلو ڪري راءِ عامه کي پنهنجي فائدي ۾ ڪرڻ لاءِ اخباري سهارو وٺڻو پيس.

پهريون اخبارون:

    هندستان جي برطانوي اخباري دنيا جي پروپئگنڊا کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪراچي مان پهرين انگريزي اخبار ''Kurrachee Advertiser''  جاري ڪئي وئي، سنڌ ۾ چارلس نيپيئر جا مخالف جڏهن اهو پڇندا هئا ته اها اخبار ڪنهن جي سرپرستي هيٺ ٿي نڪري ۽ جڏهن حقيقت جي خبرپوندي هئن ته ماٺ ٿي ويندا هئا، ڇو جو اهي ۽ ٻيا سڀ انهيءَ نقطي تي متفق هئا ته انهيءَ جو سرپرست سر چارلس نيپيئر هو، جيمس آئوٽرام پنهنجي مشهور ڪتاب The Conquest Of Scinde A Contemporar  ۾ لکي ٿو:

”مون..... ''Kurrachee Advertiser'' اخبار جو 10 سيپٽمبر جو شمارو ڏٺو آهي، جيڪا سنڌ حڪومت جو ترت هٿيو سمجهي وڃي ٿي، اهوانومان صحيح آهي يا نه پر انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سر چارلس نيپيئر جي منظوري کانسواءِ اها هڪ ڏينهن به نه هلندي، ڇو جو اوڀر ۾ رڳو سنڌ ئي آهي جتي اسان جي حڪومت آهي، جنهن تائين پريس جي آزادي نه ٿي پهچي، ان ازنسواءِ اها Young Egypt جي هڪ ڪليڪٽر جي پريس مان شايع ٿئي ٿي، جنهن کي سر چارلس نيپيئر مقرر ڪيو آهي.

”حقيقت ۾ نيپئر جي مخالفين توڙي حمايتين کي برطانوي هند جا مفاد هڪ جيترا عزيز هئا، پر اصل جهيڙو انهيءَ ڳالهه تي هو ته سنڌ کي فتح ڪرڻ جي صورت ۾ مالِ غنيمت تي نيپيئر گهڻو مارو ڪيو هو ۽ بمبئي پريزيڊنسي جي اهلڪارن جو حصونه رکيوهئائين.1 ڊاڪٽر ٻٽ هن اخبار جي اجراءَ بابت لکي ٿو:

       ”اها حقيقت ظاهر ٿي وئي آهي ته ” Kurrachee Advertiser “ نيپئير ۽ ان جي دوستن پاران فاتح جنرل جي دفاع ۾ ڪڍي وئي هئي، هن اخبار ۾ ڇپيل مواد ان ڳالهه جو زنده ثبوت آهي ته فاتح جنرل ڪنهن به قسم جي مخالفت يا تنقيد ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو ۽ پنهنجي ڪردار جي باري ۾ ٿيل تنقيد جي جواب ۾ هو پنهنجي مخالفين سان گڏ سنڌ جي هٽايل حاڪمن جي ڪردار تي ڪن اڇلائيندو رهيو،” Kurrachee Advertiser“  ميجر آئوٽرام سنڌ جي ميرن ۽ بمبئي ٽائيمز  تي اهڙا نازيبا حملا ڪيا، جن صحيح سوچ رکڻ وارن کي حيران ڪري ڇڏيو، وڏي ڳالهه ته ان وقت هندستان ۾ موجود، انگريزن کي گروهه بندي ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو، اخبار جي اهڙي رويي جي ڪري سندس ڪيتراپڙهندڙ کانئس بيزار ٿيڻ لڳا “1

سر چارلس نيپيئر جي انڪار ڪرڻ جي باوجود اها ڳالهه جلدي پڌري ٿي پئي ته انهيءَ اخبار ۾ ڪهڙا انگريز عملدار باقاعده لکندا هئا، انهن مان هڪ ته نيپيئر جو ڀائيٽو وليم نيپيئر هو، جيڪو''Aid-de-camp'' هو، جنهن سندس ننڍي ڌيءَ ايمليءَ سان شادي ڪئي هئي، ۽ ٻيو راٿبورن هو، جنهن نيپيئر جي بچاءَ ۾ ميرن جي خلاف بيحد متضاد مضمون لکيا هئا، جن هن اخبار کي نه رڳو سنڌ ۾ پر انگلينڊ تائين مشهور ڪري ڇڏيو، ڪيپٽن رٿبورن حيدرآباد جو ڪليڪٽر هئڻ سان گڏوگڏ لکڻ ۾ پريس جو انتظام پڻ سنڀاليندو هو، هن اخبار جو ٽيون سهڪاري مشهور علمي ۽ ادبي شخصيت رچرڊ برٽن هو، هن اخبار ۾ ڇپيل مواد مان چونڊ ٽڪرا لنڊن مان شايع ٿيندڙ

اخبار ”ٽائيمز “ ۾ پڻ شايع ٿيندا هئا..1

بچاءُ ڪيو ٿي ته حملا به ڪيا ٿي، ته جيئن سندس شخصيت ۽ ڪردار برطانوي حڪومت جي ڍانچي ۽ نشاني کان بچيو رهي، پر مجموعي طور تي هن اخبار جا ايڊيٽوريل ۽ ٻيا ليک پسند نه ڪياويندا هئا، نيپير جو حريف آئوٽرام انهن کي گندا، وحشي ۽ ميرن جي خلاف گم نام بدناموسيءَ جي تهمت ٿو ڪوٺي، ايتري قدر جو سرچارلس جو پرستار ڪئپٽن ڪيٿ ينگ جيڪوٽيمپر جو ماتحت جج ايڊووڪيٽ جنرل هو، اوميگا........... جي ليکڪن کي لکي ٿو:

      ”اهو سچ هجي يا ڪوڙ، پر کيس انهن جي لکڻ تي ڪڏهن به فخر نه ٿيو هوندو، ساڳي طرح جديد تاريخدان ايڇ-ٽي –لئمبرڪ............. جي راءِ آهي ته سر چارلس نيپيئر جو مفاد سنڌ ۾ سندس گهروڇڪتاڻ جي سرگرمي جي ڪري پڻ مجروح ٿيو .“ 2

Kurrachee Advertiser“ سنڌ توڙي پاڪستان اندر شايع ٿيندڙ پهرين اخبار هئي، جنهن جو اجراءَ  جنوري 1845ع ۾ يعني ميرن جي شڪست کان  رڳو ٻه ورهيه کن پوءِ ٿيو هو، اها اخبار ليٿوگراف تي ڪڏهن سنگل ته ڪڏهن ڊبل فل اسڪيپ ڪاغذ تي هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڪراچي گورنمينٽ پريس مان شايع ٿيندي هئي، انهيءَ اخبار جا ڪالم مقامي اشتهارن لاءِ مخصوص ٿيل هوندا هئا، منجهس عام خبرن کانسواءِ مضمون، خط، سرڪاري اعلان ۽ پڌرنامه شايع ٿيندا رهندا هئا .“1 ڊاڪٽر ٻٽ انهيءَ اخبار جي شايع ٿيڻ جي عرصي بابت لکي ٿو:”هي سرڪاري پرچو اٽڪل ٻه سال نيپيئر ۽ ساٿين ڪاميابي سان هلايو، پر پهرين آڪٽوبر 1847ع تي نيپيئر جڏهن سنڌ کي هميشه لاءِ خير آباد چيو ته هيءَ اخبار يورپي قبضي مان نڪري ارد شير رستمجي نالي هڪ پارسيءَ جي مالڪي هيٺ آئي، ارد شير هن اخبار کي مزيدچار پنج سال هلائيندو رهيو، پر ڏيهي ماڻهوءَ جي هٿ ۾ اچڻ کانپوءِ هن اخبار جا ڏکيا ڏينهن شروع ٿيا، ارد شير جي ايڊيٽريءَ هيٺ هن اخبار مقامي باشندنجي بيباڪ ترجماني ڪئي.“ 2

ڊاڪٽر ٻٽ ان جي مثال جو حوالو ڏيندي لکي ٿو:

1851ع ۾ ٻن ڪونڪني نوجوان ڇوڪرن هر هڪ نالي رام عمر ويهه سال ۽ پرشوتم عمر 18 سال کي ريهي ريبي عيسائي ڪيو ويو، هن اخبار ان فعل جي خلاف احتجاجي آواز اٿاريو، سنڌ چرچ مشنري سوسائٽي جي پادرين هن اخبار خلاف خوب باهه ٻاري ۽ کيس ڪافي ڇيهو رسايو، پر هي بي ڊپائيءَ سان پنهنجوڪم ڪندي رهي، 1853ع ۾ ڪراچي مان هڪ يورپي اخبار Sindian جاري ٿي، ته هن ذريعي اخبار جا ترا نڪرڻ شروع ٿي ويا، انهن ئي ڏينهن ۾ سنڌ جي هيءَ پهرين اخبار پنهنجا ڏينهن پورا ڪري راهه رباني وٺي ويئي …1

 ڊاڪٽر عبدالسلام خورشيد پنهنجي مضمون The Earliest News Paper ۾ هن اخبار جي باري ۾ وڌيڪ وضاحت ڪندي لکي ٿو:

         ” Kurrachee Advertiser“ جا فائيل ڪٿي به موجود ڪونهن، گهٽ ۾ گهٽ مصنف جي علم ۾ ناهن. اها اخبار شايع ٿيڻ ڪڏهن بند ٿي ان جو پتو ناهي پر اها پڪ آهي ته اها اخبار مارچ 1850 تائين شايع ٿيندي رهي هئي، ڇو جو انهيءَ جو حوالو Indian News and Chronicle Of Eastren Afairs ۾ ڏنل آهي. 2ساخبار بند ٿيڻ جا ڪارڻ ڄاڻائيندي ڊاڪٽر ٻٽ لکي ٿو:

ان وقت انگريزي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيندڙ اخبارن جا پڙهندڙ ۽ خريدار گهڻي ڀاڱي يورپي هئا، جن ” Kurrachee Advertiser“ جي

خريدار گهڻي ڀاڱي يورپي هئا، جن ” Kurrachee Advertiser“ جي مقابلي ۾ Sindian کي پنهنجو سمجهي ترجيح ڏني، ٿي سگهي ٿو ته مواد ۽ بيهڪ جي لحاظ کان ” Kurrachee Advertiser“ اخبار Sindian کان ڪمزور اخبار هجي ۽ مقابلو نه ساري ميدان ڇڏي ويئي هجي. 1

Kurrachee Advertiser“ جي خاتمي کان اڌ سال پوءِ ڪراچي مان انگريزي جي ٻي نمبر اخبار Sindian هئي، جا هفتي ۾ ٻه دفعا اربع ۽ ڇنڇر جي صبح جو شايع ٿيندي هئي، اها اخبار وڏي سائيز ۾ چئن صفحن تي مشتمل هوندي هئي ۽ هر هڪ صفحو پنجن ڪالمن ۾ ورهايل هوندو هو، ساليانو چندو 26 روپيا پر في ڪاپي هڪ روپئي ۾ وڪامندي هئي.2

ڊاڪٽر عبدالسلام خورشيد Sindian اخبار جي مالڪي ۽ اجرا جي باري ۾ لکي ٿو:

”انهيءَ اخبار جا مالڪ ٻه خوشحال پارسي سيٺ پوچا جي ۽ سي دورابجي هئا، جن ڪن انگريزن جي مدد سان پرنٽنگ پريس برآمد ڪري، اها اخبار 1852ع ۾شروع ڪئي، جنهن جو ايڊيٽر اي-بي

اسٽرينج............ مقرر ڪيائون“3

ان سلسلي ۾ ڊاڪٽرميمڻ عبدالغفور سنڌي انهيءَ اخبار جي جاري ٿيڻ جو سال 1854ع ٻڌائي ٿو1  ۽ مولانا خير محمد اوحدي پڻ اهو سال 1854ع ڄاڻائي ٿو ۽ پاليسيءَ جي لحاظ کان غير سرڪاري هجڻ جي باوجود  نيم سرڪاري سڏڻ بهتر ٿو سمجهي.2

پر ڊاڪٽر ٻُٽ لکي ٿو ته اها اخبار 1853ع ۾ جارج بيز.......... جي مالڪي هيٺ نڪتي.... جيڪو مئنيجنگ پروپرائٽر هو، سندس پهريون ايڊيٽر هينري جان برگس.......... هو، جنهن جڏهن 1854ع ۾ Sindian کي خيرآباد چئي ڪراچي مان پنهنجي اخبار Sind Kossid ڪڍي ته Sindian جا ايڊيٽر مٽبا رهيا، فئبر، ڪئوناگ ۽ ائڊورڊ وليم اسٽرينج چند سالن ۾ هن جا ايڊيٽر رهيا، سن 1862ع ۾ هينري جيڪب هن اخبار جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ فرائض پئي سرانجام ڏنا ته ايڊورڊ وليم اسٽرينج هن اخبار جي مئنيجري پئي سنڀالي، اڳتي هلي 1877ع جڏهن Sindian جو نالو بدلجي”Beacon“  ٿيو ته ٽي-ڊبليو-بي جئفريز هن اخبار جو

ايڊيٽر هو.1

ڊاڪٽر ٻُٽ جي مٿئين وضاحت مان پڪ ٿي ٿئي ته  Sindian اخبار 1853ع ۾ جارج بيز جي مالڪي هيٺ نڪتي هئي، جيڪا پوءِ مٿي ڄاڻايل پارسي سيٺين خريد ڪري پاءُ صدي تائين جاري رکي.

هن اخبار، سنڌ جي ٻئي نمبر ڪمشنر سربارٽل فريئر (1851-1859ع) جي دور دوران ڏاڍي ترقي ڪئي.

       سرڪاري ڇپائيءَ جو ڪم انهيءَ اخبار جي پريس ۾ ڇپيو هو،مضبوط مالي بنيادن تي بيٺل هن اخبار اڳتي هلي هن ملڪ ۾ اخبار نويسي جا بنياد مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پر اخبار جي مالڪ جارج بيز جي گهرو زندگي ۾ 30 نومبر 1858ع تي هڪ دکدائڪ واقعو رونما ٿيڻ ڪري سندس مخالف اخبارSind Kossid لاڳيتو ڪجهه وقت تفصيلي طرح بيان ڪرڻ ڪري کيس بيحال ڪري ڇڏيو، جنهن جو احوال ڊاڪٽر ٻُٽ هيئن بيان ڪيو آهي:

”اهو واقعو جارج بيز پاران سندس زال کي شوٽ ڪرڻ جوهو، 30 نومبر واري رات هن  جوڻس کي اعتراض جوڳي حالت ۾ سندس پاڙيسري فوسٽر سان پڪڙي ورتو ۽ غيرت ۾ اچي ٻنهي کي شوٽ ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ مسز بيز فوت ٿي وئي ۽ فوسٽر زخمي ٿي

پيو.1

      ڊاڪٽر عبدالسلام خورشيد انگريزي زبان جي ٽيون نمبر اخبار Sind Kossid جي باري ۾ لکي ٿوته اها هفتيوار اخبار ڪراچي مان گهڻو ڪري 1855ع ۾ جاري ٿي،2جڏهن ته ڊاڪٽر ٻُٽ قطعي تاريخ ٻڌائيندي لکي ٿو ته هيءَ اخبار 6 جون 1854ع ۾ جاري ٿي ۽ هفتي ۾ ٻه ڏينهن اڱاري ۽ جمعي جي صبح تي شايع ٿيندي هئي، هن اخبار جو مالڪ ۽ ايڊيٽر هينري جان برگس هو، جيڪو Sindian جو پهريون ايڊيٽر رهي چڪو هو ۽ 1854ع ۾ اها اخبار ڇڏي پنهنجي اخبار ڪڍي هئي، پريس جا انچارج جار راڊرج، وليم رولنڊ ۽ جي –ڊي پيريرا وغيره هئا،3 مٿين بيانن مان ڊاڪٽر ٻُٽ جو تفصيل وڌيڪ ڀروسي جوڳو آهي.


1  مخدوم امير احمد(مترجم): ”تحفته الڪرام “ (ترجمو) سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1976ع ص 267.

 

1 غلام محمد گرامي: ”سنڌي لٿو گراف“ (مقالو) ٽماهي مهراڻ،جلد 13، نمبر 1، 1964ع سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ص 151

 

2         ابوالفضل: ”آئين اڪبري“ (اردو) عثمانيه،ص 381.

 

1 ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”سنڌ ۾ فارسي اخبار نويسي “ (مقالو) ٽماهي مهراڻ، جلد نمبر 3، 1970ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ص 92-93.

 

2         نياز همايوني (مترجم) ”تاريخ مظهر شاهجهاني “ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1979ع ص 107.

 

1 ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”سنڌ ۾ فارسي اخبار نويسي “(مقالو) ٽماهي مهراڻ 3، 1970ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص 92.

2 ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو: ”شڪارپور جو بنياد “ (مقالو) سنڌ-اونهارو 1983ع حيدرآباد ص 115

3 حوالو ساڳيو

1 مير شفيع احد ”اوج“ علوي:” سنڌي صحافت جي تاريخ“ اطلاعات سنڌ 5-6_1954ع.

1 سيد حسام الدين راشدي: ”منشور الوصيت و دستور الحڪومت“ (مقدمو) سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1964ع ص 27.

--------------------------------------------------------------------------------------

1 عبدالرسول قادري(مترجم): ٽماهي مهراڻ جلد نمبر 4، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1987 ص 126.

--------------------------------------------------------------------------------------

1 غلام رسول مهر: ”تاريخ ڪلهوڙا “ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1963ع ص 268.

 

1 Dr. Abdus Salam Ksurshid: Journalism in Pakistan Publishers United Limited,Lahore 1964,PP 11-12

2         غلام محمد گرامي: ”سنڌي لٿو گراف “ (مقالو) ٽماهي مهراڻ، جلد نمبر 1، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1964ع ص -152

 

1         رحيمداد خان مولائي شيدائي ”جنت السنڌ “ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1958ع ص-591

--------------------------------------------------------------------------------------

1 Dr, Abdus Salam Khurshid  Journalism in Pakistan. Publishers united limted Lahore, 1964, pp . 6-7

------------------------------------------------------------------------------------

1 خداداد خان، ”لب تاريخ سنڌ“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1989ع ص ص -187-189

--------------------------------------------------------------------------------------

1 ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ: ”ڪراچي جون اوائلي ٽي انگريزي اخبارون“ (مقالو) ٽماهي مهراڻ 1-2-1992ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص 18.

--------------------------------------------------------------------------------------

1 Dr. Abdus Salam Ksurshid: Journalism in Pakistan United Limited.    ، 1964   P 11-12

--------------------------------------------------------------------------------------

1 ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ: ”ڪراچي جي اوائلي ٽي انگريزي اخبارون،“ (مقالو) ٽماهي مهراڻ،1-2-1992ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص 18.

1 حوالو ساڳيو

 

2         Dr. Abdus Salam Ksurshid: Journalism in Pakistan  Publishers United Limited. Lahore 1964,PP 11-18

 

1 Ibid.P.ll

2          ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ:” ڪراچي جون اوائلي ٽي انگريزي اخبارون“ (مقالو) ٽماهي مهراڻ،1-2-1992ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص 181.

 

1 ساڳيو حوالو

 

2  Dr. Abdus Salam Ksurshid: Journalism

in Pakistan Publishers United Limited.Lahore, 1964,PP 11-18

 

1 ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ: ”ڪراچي جون اوائلي ٽي انگريزي اخبارون،“(مقالو) ٽماهي مهراڻ،1-2-1992ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص182 .

 

2 Dr. Abdus Salam Ksurshid: Journalism in Pakistan, Publishers United Limited.Lahore      1964,P -19

3 Ibid.P.49  

1 ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي ”اڻوهين صديءَ جا نثر نويس “ ”پي ايڇ ڊي“ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ پيش ڪيل تحقيقي مقالو1983ع

 

2 مولانا خير محمد اوحدي: ”سنڌي صحافت جي مختصر تاريخ“  مهراڻ مجلس سنڌي ادبي سوسائيٽي اسلاميا ڪاليج، سکر 1969ع

 

1 ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ: ”ڪراچي جون اوائلي ٽي انگريزي اخبارون “مقالو ٽماهي مهراڻ 1-2-1992ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص 182.

--------------------------------------------------------------------------------------

1 ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ: ”ڪراچي جون اوائلي ٽي انگريزي اخبارون“ (مقالو) ٽماهي مهراڻ،1-2-1992ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص 183.

2 Dr. Abdus Salam Ksurshid: Journalism in Pakistan , Publishers United  Limited.Lahore, 1964,P -49

3 ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ: ڪراچي جون اوائلي ٽي انگريزي اخبارون، (مقالو) ٽماهي مهراڻ،1-2-1992ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص 183.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com