سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1996ع

مضمون

صفحو :10

انگريزي اخبارون ۽ رسالا 1:

اڻويهين صديءَ جي اڌ کان وٺي آخر تائين جتي يورپي ماڻهو اخبارون ۽ رسالا شايع ڪندا رهيا، اتي ڏيهي ماڻهو پڻ انهيءَ ميدان ۾ گهڙي آيا، 1847ع ۾ نيپيئر جي خير آباد چوڻ کانپوءِ  سندس  سرپرستي ۾ نڪرندڙ اخبار ”Kurrachee Advertiser“هڪ پارسي ارد شير رستمجي خريد ڪري ورتي هئي،”Sind Kossid “ ته اڳيئي پارسين جي ملڪيت هئي، بهرحال ڏيهي ماڻهن سنڌ ۾ اخبار نويسيءَ جي ابتدا پارسين ڪئي.

1875ع ۾ ڪراچي جي ٻن انگريزي اخبارن ”Sind Advertiser “ ۽ ”Kurrachee Crier “ جو حوالو ملي ٿو، انهن ٻنهي اخبارن جي باري ۾ ڄاڻ نه ٿي ملي ته ڪڏهن جاري ٿيون هيون، انومان آهي ته ” Sind Advertiser “ 1860ع جي ڏهاڪي ۾ ” Kurrachee Advertiser “ جي جاءِ ورتي هوندي، هيءَ اخبار هفتي ۾ ٻه ڀيرا سومر ۽ خميس تي شايع ٿيندي هئي، انهيءَ اخبار جا مالڪ نوروجي نسروان جي پوچا جي ۽ دوراب جي نانا ڀائي، ٻه پارسي سيٺ هئا ۽ نوروجي اينڊ ڪمپني جي نالي سان انهيءَ فرم جو ڪاروبار هلائيندا هئا، اندازوآهي ته اها 1882ع تائين رهي، اها اخبار ”Sind Times “ جي ميدان ۾ اچڻ کانپوءِ جهڪي پئجي وئي، جڏهن انهيءَ

سال انهن اخبار شروع ڪئي.” Kurrachee Crier “ هفتي ۾ ٻه ڀيرا شايع ٿيندي هئي ۽مال لادو ببن جي هو، اندازو آهي ته يورپي اخبار ''Our Paper'' هن ئي اخبار ۾ضم ٿي هوندي، 1876ع ۾ ” Kurrachee Crier “ اخبار ”Sind and Punjab Times “ بڻجي وئي ۽ساڳئي ئي سال بند ٿي ويئي.

1884ع ۾ ” Sind Times “ جو اجرا ٿيو، جيڪا پنهنجي وقت جي ڪامياب اخبار ثابت ٿي، اها اخبار هفتي ۾ ٻه ڀيرا هر اڱاري ۽ آچر تي شايع ٿيندي هئي، هن اخبار جي مالڪ نوروجي اينڊ ڪمپني هئي، پرشروع۾ ادارتي ذميداري ”سنڌ سڀا “ وارن جي هئي، جيڪا اُن وقت جي سماجي ۽ نيم سياسي تنظيم هئي، ”سنڌ سڀا “ ادارت جي ذميداري ساڌوهيرانند شوقيرام  آڏواڻي کي ڏني، جيڪو ان وقت تازو ڪلڪتي مان گريجوئيشن ڪري آيو هو، هو ساڳئي وقت هڪ ٻئي سنڌي هفتيوار اخبار ”سنڌ سڌار “ جي ادارت پڻ سنڀاليندو هو، ڪجهه مهينن کانپوءِ هن محسوس ڪيو ته هو ٻئي اخبارون هڪ ئي وقت نه پيو سنڀالي سگهي، توڙي جو ديوان ديارامگدومل ايڊيٽوريل پڻ لکندو هو۽ ٻئي ڪم ۾ پڻ هٿ ونڊائيندو هو، انهيءَ جي باوجود هن پنهنجي ڪلڪتي جي دوست ناگيندرناٿ گپتا کي ” Sind Times “ جي جوائنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لاءِ گهرائي ورتو ۽ پنهنجي مقرر ماهوار پگهار 175 رپين مان کيس 100 روپيا ماهوار ڏيندورهيو، 1885ع ۾ ڏيارام گدومل کي سيوهڻ جو ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو ته کيس ڪراچي ڇڏڻي پئي، جنهن ڪري ان کانپوءِ ” Sind Times “ توڙي ”سنڌ سڀا “لاءِ ڪو ڪم ڪري نه سگهيو، هيرانند ۽ گپنا جي محنت سان ” Sind Times “ مقامي پڙهندڙن ۾ مقبول  ٿي وئي ۽ موجوده صديءَ ۾ پڻ جاري رهي، هيرانند 1887ع ۾ ڪراچي ڇڏي وڃي پنهنجو اباڻوشهر وسايو، ناگيندر ناٿ گپتا، جيڪو مهيني لاءِ ڪلڪتي ويو هو، جڏهن واپس آيو ته خبر پيس ته اخبار جي مالڪن ڪراچي جي اينگلو انڊين اخبار”Sind Gazette “ جي مالڪي ۾ حصيدار بڻجي ان جو ايڊيٽر هڪ اينگلو انڊين رٽائرڊ فوجي آفيسر کي مقرر ڪيوآهي، جيڪو سندن ٻين اخبارن ۾ حصيدار هو، انهيءَ انتظام کائنس ” Sind Times “ جي ادارت ڇڏائي.

ان کانپوءِ اڻويهين صديءَ جي آخر تائين ” Sind Times “ جا ٽي ايڊيٽر ٿيا، پهريون ڀواني چرڻ بئنر جي (سوامي برهم بانڌو اُپاڌيا ) هو، جيڪو برهمڻ هو ۽ پوءِ عيسائي ٿيو، ٻيوکيم چند امرت راءِ هو، جيڪو هندو هو ۽ عيسائي ٿيو ۽ ٽيون هڪ عامل هندو خانچند ريلومل هو .1

Sind Times “ کي ڇڏڻ کانپوءِ ناگيندر ناٿ گُپتا سنڌ ۾ رهي پيو ۽ پنهنجن دوستن ۽ گهڻ گهرن جن ۾ ڏيارام گدو مل، نولراءِ شوقيرام، پروفيسر برجور جي پادشاه، ڪوڙومل، چندن مل، دولت رام ڄيٺمل، ڊاڪٽر مرزا، ٽهلرام کيم چند، جعفر فدو ۽ هرچند راءِ وشن داس ڀارواڻي اچي وڃن ٿا، جي مدد سان فند ڪٺو ڪيائين ۽ باقي اڌ رقم پنهنجي گهڻگهري خواجي واپاري جعفر فدو جي ڀائيواري سان 1888ع ”Phoenix “ اخبار شروع ڪيائين، اها اخبار هفتي ۾ ٻه ڀيرا شايع ٿيندي هئي، ٿورن مهينن ۾ ” Sind Times “ جو کاپو ڏينهون ڏينهن گهٽبو ويو ۽ ”Phoenixx “ جو کاپو ” Sind Times “ کان ٽيڻو ٿي ويو.11

1889ع ۾ جڏهن ناگيندر ناٿ گپتا ” Phoenix “ اخبار جو ايڊيٽر هو ته مٿس بدناموسي جو مقدمو هليو، انهيءَ مقدمي جي فيصلي ۾ ٻه مهينا بنا پورهئي قيد جي سزا ۽پنج سئو رپيا ڏنڊ پيس، کيس شڪارپور جيل ۾ ڏهن ڏينهن کانپوءِ سزا رد ٿي ۽ ڏنڊ قائم رهيو، سندس مقدمي ۾ ٽهلرام کيم چند ۽ هم چند راءِ وشن داس ڀارواڻي جوساٿي رهيو، ناگيندر ناٿ گپتا ” Phoenix “ اخبار و 9 مئي1891ع تائين ايڊيٽر ٿي رهيو، پوءِ وڃي روزانه ”Tribune“ جوايڊيٽر ٿيو، ۽ ” Phoenix “ ڪراچي جي نوجوان واپاري ۽ گپتا جي دوست ۽ڀائيوار خواجه جعفر فدوءَ  جي هٿ چڙهي، جنهن کيم چند امرت راءِ کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو.

1-      جنوري 1901ع تي هڪ نئون ايڊيٽر مقرر ٿيو، پر حقيقت ۾ ايڊيٽر بئنر جي هو، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ آيل آهي. ” Phoenix “ موجوده صديءَ ۾ پڻ جاري رهي ۽ نيشنل ڪانگريس پارٽي جي سرپرستي ۾ هلندي 1رهي 1893ع  ۾ ڪراچي مان انگريزيءَ ۾ هڪ مخزن ”Sophia “ شايع ٿي، جيڪا کيم چند امرت راءِ جي ادارت ۾ نڪرندي هئي، کيس بئنر جي مدد ڪندو هو، جيڪو پوءِ عيسائي ٿيو، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي، اها مخزن اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ بند ٿي وئي، اها مخزن ڪجهه عرصي لاءِ حيدرآباد مان شايع ٿيندي هئي. 2

19 صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ آخري  ڏيهي انگريزي اخبار جيڪا ڪراچي مان شايع ٿي سا هئي ”Chronicle Karachi“ انهيءَ اخبار جو اجرا 1896ع ۾ ٿيو ۽ آسن مل ريجهو مل جي ادارت ۾ موجوده صديءَ ۾ پڻ شايع ٿيندي رهي 3ويهن ورهين جي وقفي کانپوءِ سکر مان ٽي ڏيهي انگريزي اخبارون شايع ٿيون، منجهانئن سڀ کان پهرين 1882ع ۾ ”Indus valley state Railway Advertiser “ شايع ٿي پوءِ ”Commercial Gazette“ شايع ٿي، جيڪا Mancher Ji. B.N.A.جي ملڪيت هئي، 1894ع ۾ اها اخبار شيخ محمد سليمان ۽ سندس پٽن جي هٿن ۾ هلي ويئي ۽ موجوده صديءَ ۾ به هلندي رهي، Commercial Gazette جي ادارت شيخ عبدالعزيز محمد سليمان سنڀاليندو هو 1سکر جي ٽين اخبار ”Mercantile Gazette “ هئي، جا 1890ع ۾ شايع ٿي، اها اخبار حاجي عبدالرحمان ۽ سندس پٽن جي ملڪيت هئي، 1893ع ۾ هن اخبار جو ايڊيٽر ويرومل بيگراج هو، جيڪو ان وقت 30 رپيا پگهار تي مقرر ٿيل هو، هي اخبار موجوده صديءَ ۾ شايع ٿيندي رهي.2

گجراتي اخبارون ۽رسالا3:

       بمئبي ۽ ڀر وارين ڪڇ ۽ ڪاٺيا واڙ رياستن مان سنڌ ۾ آيل ماڻهو گجراتي ڳالهائيندا هئا، انگريزن جي اچڻ کان اڳ اها ٻولي صفا اڻ ڄاتل هئي، 1850ع جي ڏهاڪي ۾ ڪراچي جي آبادي وڌي، بندرآباد ٿيو۽ گجراتي آباد ٿيڻ لڳا، جيڪي گهڻو ڪري واپاري ۽ دڪاندار هئا، اڻويهين صديءَ جي پڇاڙي تائين ڪراچي حيدرآباد جي ضلعن ۾ سندن آبادي وڌي ۽ڪراچي ۾ گجراتي زبان ايڏي اهميت حاصل ڪئي جو انهن لاءِ جدا خانگي اسڪول قائم ٿيا. پارسين گجراتي ڳالهائيندڙ ماڻهن لاءِ ڪراچي  ۾ پريسون قائم ڪيون ۽انگريزي ۽ گجراتيءَ جون مقامي سڀ اخبارون سندن ئي ملڪيت هيون، انهيءَ پسمنظر ۾ پهرين گجراتي اخبار ”سنڌ سماچار “ هئي، جيڪا 1856ع ۾ يا ان کان اڳ جاري ٿي، اها اخبار پهرين آچر تي شايع ٿيندي هئي ۽ پوءِ سومر تي شايع ٿيڻ لڳي.

ٻارنهن سالن جي عرصي کانپوءِ جڏهن ”سنڌ سماچار “ بند ٿي وئي ته هڪ ٻي گجراتي اخبار ”پرجا متر “ 1890ع ۾ جعفر فدو ” Phoenix “ جو مالڪ جنهن جو ذڪر اڳ۾ اچي چڪو آهي، جاري ڪئي ۽ هڪ پارسي نوجوان نؤروجي فريم جي بليموريا ايڊيٽر مقرر ٿيو، 1896ع م اها اخبار هفتي ۾ ٻه ڀيرا شايع ٿيڻ لڳي ۽ موجوده صديءَ ۾ 1914ع ۾ بند ٿي وئي.

انهيءَ زماني ۾ گجراتي ادب ڇاپيندڙ رسالو ”دنيان ساگر“ شايع ٿيو، جيڪو رامجي پيٿا ڀائي ڪڍندو هو، اهو رسالو ٿوري وقت لاءِ شايع ٿيو ۽ 1897ع ۾ پليگ جي بيماري ڦهلجڻ سبب بند ٿي ويو.

اردو اخبارون ۽ رسالا1:

      اڻويهين صديءَ دوران اردو ڳالهائيندڙ آبادي جو ڳاڻيٽو جيڪو رڳو ڪراچي تائين محدود هو، حيرت انگيز حد تائين گهٽ هو، پنجاب ۽هندستان جي اتر اولهه صوبي جي ٻين اردو ڳالهائيندڙ علائقن مان لڏي آيل مسلمان ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙ چئبا هئا، انهن لاءِ يا جن کي اردو زبان ۾ دلچسپي هئي تن لاءِ هڪ مقامي اردو اخبار جي ضرورت هئي. انهن حالتن ۾ پهرين اردو هفتيوار اخبار ” دوربين “ 1893ع ۾ ڪراچي مان ”مفرح القلوب “ گروپ جي مرزا خاندان جاري ڪئي، انهيءَ اخبار جي ادارت جو ذموسنڌ آرٽس ڪاليج ڪراچي جي فارسي جي پروفيسر مرزا محمد جعفر جي ڪلهن تي هو، 1896ع ۾ پليگ جي بيماري سبب هن اخبار کي ٻن سالن لاءِ بند ڪرڻو پيو، لڳي ٿو ته 1901ع کان ٿورو پوءِ هيءَ اخبار شايع ٿيڻ بند ٿي وئي.

باب پنجون

پڄاڻي:

       ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ ۾ انگريزي راڄ جي شروعات ڏيهي حڪومت جو خاتمو ۽ ان جو برطانوي سلطنت ۾ شامل ٿيڻ تاريخي طرح هڪ دُکدائڪ واقعو ۽ نهايت اگرو حادثو هو، پر هن تاريخي تبديلي سبب سچ ته هن ملڪ اهم تبديلين کي ڏٺو، نئين صورتحال ۽ ان جي للڪار سان منهن ڏنو ۽ جديد هنر، فن توڙي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي هتي روشناس ٿيڻ جوموقعو مليو، سنڌ جي فرسوده انتظامي  ڍانچي جي جاءِ تي هڪ جاندار، مؤثر ۽ مضبوط انتظامي جوڙجڪ بنايو ويو، مواصلات جو سرشتو بيڪار ۽ فرسوده ٿي چڪو هو، ان جي جاءِ تي نئين حڪومت روڊن ۽ پلين، رستن ۽ ريلوي توڙي بحري آمدرفت جي طريقن کي رائج ڪيو، سنڌ جي فاتح ۽ پهرين گورنر سر چارلس نيپيئر (1843- 1827ع) جي حڪم سان سڄي سنڌ ۾ ڪچن رستن ۽ انهن تي اچ وڃ لاءِ پُلين ۽ مورين جي اڏاوت ٿي،ڪاردار ۽ مختيارڪار مقرر ڪيا ويا، 1847ع ۾نيپيئر جي سنڌ کي خير آباد چوڻ سان سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي سان ڳنڍي مٿس  ڪمشنر مقرر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، پهرين ڪمشنر پرنگل (1847-1851ع) هو ۽ پوءِ سر بارٽل فريئر (1851-1859ع) ڪمشنر ٿي آيو، سندس زماني ۾ ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين ريلوي جي لائين وڇائڻ جو ڪم جاري ٿيو، سنڌو درياهه تي پهرين ڪوٽڙي ۽ پوءِ سکر وٽ پُلين جي تعمير ٿي، روينيو جي انتظام کي سڌاريو ويو ۽ تار ۽ ٽيليگراف جي سرشتي کي رائج ڪيو ويو، درياهي رستن تي آگبوٽ کي هلايو ويو، هي نئون سرشتو به فريئر جي حڪم سان عمل ۾آيو ۽ 1852ع ۾ ”سنڌ  ڊسٽرڪٽ ڊاڪ“ نالي سان ننڍي کنڊ جي پهرين ٽپال ٽڪلي جاري ڪئي وئي. انهن سمورن سڌارن کانسواءِ انگريزن جي دور ۾ جيڪا مثبت ۽ نئين توڙي سدا ياد رهندڙ تبديلي آهي، اها هئي تعليم کاتي جو قيام، سنڌي رسم الخط جو سڌارو، پريسن ۽ ڇاپخانن جو جاري ٿيڻ، نيپيئر يا پرتگال جي زماني ۾ ڏسجي ٿو ته هن ڏس ۾ ڪو انتظامي قدم نه کنيو ويو، پر هن شعبي جي تنظيمڪاريءَ جو سڄو سهرو بارٽل فريئر جي سرتي آهي، جيڪو سچ پچ ته سنڌ جو گهڻگهرو ۽ هر دلعزيز ڪمشنر ۽ حاڪم هو.1

سنڌ جي فتح ٿيڻ سان مدرسا ختم ٿيڻ شروع ٿيا، جن جو تعداد ان وقت ڇهه سئو کن هو، ڇو ته انهن کي مالي امداد ملڻ بند ٿي وئي، 1845ع ۾ حيدرآباد جي ڪليڪٽر رٿبورن انگريزي تعليم لاءِ سرڪار کان ٽي هزار روپيا سالياني گرانٽ گهري، پر ڪو لائق استاد  ملي نه سگهيو ۽ اها تجويز ختم ٿي وئي، ڪراچي جي ڪليڪٽر پريڊي پنهنجي هڙان خرچ ڪري اتي اسڪول کوليا، جنهن ۾ مفت ۽ عيسائي مذهب جي تعليم ڏيڻ ۾ ايندي هئي، اهو اسڪول 1846 کان 1852ع تائين هڪ ڪاميٽي جي هٿ ۾ هو، پر پوءِ ”چرچ مشن سوسائيٽي “ جي حوالي ٿيو ته اها عيسائين جو بائيبل  ضرور پڙهائيندي 2اهڙي طرح جديد تعليم لاءِ مختلف طريقن کان ڪوششون وٺڻ  ۾ آيون. انهن سمورين ڪوششن جي باوجود سنڌ ۾ مقرر طور طريقن تي تعليم جو بندوبست اڃا به ٿي نه سگهيو هو، جنهن لاءِ وڏي رڪاوٽ خود سنڌي ٻوليءَ مقرر رسم الخط  جو نه هجڻ هو، ان ڏس ۾ فريئر ٺوس قدم کنيو ۽ فيصلو ٿيو ته آئينده سنڌ ۾ فارسي بدران سنڌي زبان سرڪاري ۽ تعليمي حيثيت ماڻيندي ۽ سموري لکپڙهه سنڌي ۾ هلندي، سمورا غير ملڪي عملدار سنڌي لکلندا ۽ امتحان پاس ڪندا، سنڌي اسڪول کوليا ويندا ۽ انهن جي سرپرستي ڪئي ويندي.1

ان سموري حاصلات جي رڪاوٽ ۾ وڏو حصو مقرر سنڌي آئيوٽيا جو نه هجڻ هو، ڪيپٽن رچرڊ برٽن، جيڪو خود به وڏو اسڪالر هو، رٿ ڏني ته سنڌي لاءِ عربي رسم الخط کان ڪم وٺجي جڏهن ته جارج اسٽئڪ جيڪو ڊپٽي ڪليڪٽر هو وري ديوناگري جي فائدي ۾ هو، ان طرح هڪ علمي مسئلي کي فرقيوار رنگ اچي ويو، نيٺ فيصلو ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڊائريڪٽرن جي ڪورٽ نبيريو ۽ انهن  عربي جي فائدي ۾ فيصلوڏنو، ان بعد تعليمي ڪمن لاءِ ِ10 هزار روپيا منظور ٿيا ۽ ان ريت تعليمي ڪم شروع ٿيو.2انهيءَ تاريخي فيصلي بعد سرڪار سنڌي ساهت جي سرپرستي ڪئي ۽ سنڌي نثر ۾ ڪتاب جوڙي ڇپائڻ جي رٿا ٺاهي وئي، رڳو هڪ سال 1854ع ۾ ڏهه ڪتاب ترجمو ڪري شايع ڪياويا، ان طرح آهستي آهستي جدا جدا اسمن تحت علمي ڪم ڪيو ويو، ٻاراڻا ڪتاب،درسي ڪتاب، قصن ڪهاڻين جا ڪتاب، شعر و شاعري، مضمون، ناٽڪ، مطلب ته جديد ادب جي اوسر جو بنيادي ۽ اهم ڪم سرڪاري سرپرستي ۾ اسري نروار ٿيڻ لڳو، ان مقصد  لاءِ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ پريسون ۽ ڇاپخانا جاري ٿيا، سکر، شڪارپور، حيدرآباد، ڪراچي کانسواءِ سنڌي ڪتاب بمبئي ۽ لاهور مان ڇپجڻ شروع ٿيا، هن ڪم لاءِ نه رڳو سرڪار تعاون ڪيو پر وڏيون رقمون به رکيون ۽ مصنفن توڙي مترجمن کي انعام اڪرام به ڏنا ويا.1

جيئن جيئن سنڌ ۾ جديد حڪومتي سرشتو پکڙجندو ويو تيئن تيئن هتي پريسن ۽ اخبار توڙي رسالن جي ضرورت محسوس ٿي ۽اڳتي هلي ان جي گهڻي شدت سان اهميت مڃي وئي، حڪومت کي پنهنجي اعلانن، فرمانن، احڪامن، نوٽيفڪيشنن کي مشتهر ڪرڻ ۽روزمرهه جي واقعن کي ڄاڻڻ لاءِ، هن ملڪ ۾ اخبارون ڪڍڻ جو خيال هو، ان کانسواءِ پڙهيل لکيل ماڻهن جي طبقي، جن بمبئي، ڪلڪتو، پونو، لاهور ۽ لنڊن کي پنهنجي اکين سان ڏٺو هو، انهن کي بيروني دنيا ۾ ايندڙ تبديلين، علمي، ساهتي ۽ صحافتي سرگرمين ۽ وڏي ڳالهه ته اخباري دنيا جي اهميت جو ڀرپور احساس هو، ان پسمنظر ۾ وڌيڪ تعليم پکيڙڻ، ڄاڻ جي خزانن کي عام ماڻهو تائين پهچائڻ، سنڌ جي اندر روز مرهه جي ٿيندڙ واقعن کان کين واقف ڪرڻ ۽ انهن کي محفوظ ڪرڻ جو خيال تيز ٿيندو ويو، انگريزي اخبارن جو نمونو برطانيا کان گهڻو مختلف هو، شروعاتي دور ۾ ڪا به نيوز ايجنسي نه هوندي هئي پر هر اخبار جا اهم شهرن ۾ خاطو هوندا هئا، جن جي موڪليل مواد سان گڏ ننڍي کنڊ جي ٻين همعصر اخبارن مان چونڊ خبرون کڻي اخبار ۾ پيش ڪيون وينديون هيون،انگريزي اخبارون پڙهندڙ طبقو گهڻو ڪري يورپي هوندو هو، تنهن ڪري ننڍي کنڊ جي مختلف علائقن جون سياسي اهميت جون خبرون ڏنيون وينديون هيون، ن سان گڏ مقامي يورپي باشندن جي سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين جون خبرون پڻ هونديون هيون، مقامي ماڻهن ۾ انهن جي سماجي ۽ سياسي مسئلن جي خبرن جي ڪمي سبب هڪ عام انگريز کي سنڌ جي عام ماڻهو جي باري ۾ ايتري سُڌ نه ٿي پيئي جيتري خبر پوڻ گهرجي ها، 1857ع جي آزادي جي جنگ ۾هن ملڪ جي ماڻهن جون همدرديون انگريزن سان نه پر آزادي لاءِ وڙهندڙ ڏيهي ماڻهن سان هئڻ جو هڪڙوسبب اهو هو ته عام ماڻهو انگريزن کي ڌاريو سمجهيو ٿي.

فارسي ۽ سنڌي اخبارن انگريزي اخبارن جي طريقيڪار  کي اپنايو هو، پر ان ۾ ڪجهه سڌارا ۽ واڌارا آندا ويا هئا، منجهن خبرن جو روايتي انداز به هو ته شعر وشاعري کي گهڻي جاءِ ڏني ويندي هئي، ان کانسواءِ مقامي ۽ صوبائي خبرون سرس هونديون هيون، پر انگريز عملدارن جون سرگرميون ۽ انتظامي ڍانچي جا واقعا انهن اخبارن ۾ خصوصي جاءِ والاريندا هئا، خاص ڳالهه ٻڌائڻ جيڪا ٻڌائڻ جوڳي آهي سا سائنس ۽ٽيڪنالاجي جي ان وقت جي اوسر جي آهي، جيڪا اخبارن ۾ مقامي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڏني ويندي هئي، ان سلسلي ۾ تعليمي سرگرمين کي خاص اهميت سان شايع ڪيو ويندو هو، شروع ۾ فارسي اخبارون ماڻهن ۾مقبول هونديون هيون، پر پوءِ سنڌي زبان جي سرڪاري حيثيت وڌي وڃڻ ڪري آهستي آهستي بند ٿي ويون ۽ سنڌي اخبارن کي وڏي هٿي ملي. شهري آباديءَ ۾ گجراتي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جو واڌارو آيو ته گجراتي ۽ اردو اخبارون پڻ شايع ٿيون، حيرت جي ڳالهه آهي ته اڻويهين صديءَ جي آخر تائين اردو ۾فقط هڪ اخبار جاري ٿي، جيڪا پڻ جلد بند ٿي ويئي. اڻويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي جي پوئين اڌ ۾ڪراچي ۾ پليگ جي بيماري پکڙجي وئي، جنهن اخباري دنيا کي گهڻو ڇيهو رسايو، گهڻيون اخبارون ۽ رسالا ته نڪرندا ئي ڪراچي مان هئا انهن مان  ڪيترائي بند ٿي ويا، ڪيتريون ئي جانيون انهيءَ بيماري جو بک بڻيون ۽ڪاروبار متاثر ٿيو، پريسون ۽ اخبارون بند ٿي ويون، جنهن ڪري ڪاروبار کي ڌڪ لڳو ڪي اخبارون مفرح القلوب فارسي ۽”دوربين “ اردو ڪجهه وقت لاءِ بند رهيون جڏهن ته ٻيون معاون ۽ اڪليل ٻيهر ڪڏهن به شايع نه ٿي سگهيو.

مقامي اخبارون صديءَ جي پڇاڙيءَ واري ڏهاڪي ۾ فرقيوار بنياد تي تقسيم ٿي چڪيون هيون، اهي اخبارون هندو هيون يا مسلمان انهيءَ تقسيم پوءِ ملڪ ۾ اندروني تنازعو ۽ ڇڪتاڻ پيدا ڪئي، اصل ۾  انگريزن جي اچڻ سان مسلمانن جي يارهن صدين جي حڪمراني جوخاتمو ٿيو هو، نتيجي ۾مسلمانن انگريزي تعليم حاصل ڪئي ۽ انهن کان ٿورا يونيورسٽي تائين پهتا، مسلمانن جي آدمشماري جو 3

ڀاڱي 4 هئي، انهيءَ نسبت سان مسلمانن ۾ تعليم گهٽ هئي، پر مسلمانن جي ڀيٽ ۾ هندو اڳڀرو هئا، سندن آدمشماري سموري آدمشماري جو 1 ڀاڱي 5 حصو هئي، جيڪا گهڻو ڪري شهرن ۾ آباد هئي، انهن انگريزي تعليم حاصل ڪئي، سرڪاري نوڪرين ۾ گهڙيا، وڏن وڏن عهدن تي رسيا ۽ انگريز انتظاميا جو اڻٽر حصو بڻجي ويا.

ٻنهي ڌرين ۾ رساڪشي هلندڙ هئي، جنهن جو ظاهري ثبوت 1880ع جي ڏهاڪي ۾ مليو، جڏهن انگريزي پڙهيل مسلمانن سرڪاري نوڪرين ۾ پنهنجو حصو گهريو، سنڌ جي پهرين سماجي ۽ سياسي تنظيم ”سنڌ سڀا “ مان جنهن ۾ هندو مسلمان ۽ پارسي گڏ هئا، مسلمان ڌار ٿي ويا ته اخبارون متاثر ٿيون، جيڪي فرقيوارانه گروهبندي ۽ مذهبي جذباتيت جو شڪار ٿيون، اهڙي طرح سنڌ جي مقامي پريس ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، يعني هندو پريس ۽ مسلمان پريس ” Phoenix “ ” Mercantile Gazette ۽ ”آفتاب سنڌ“ تجارتي اخبارون هيون پر ”مفرح القلوب “ جي گروپ ۽ ”معاون “ اخبارن اسلامي قدرن جو پرچار ڪيو، ساڳي طرح هندن جون ”پرڀات “ ۽ ”خيرخواهه “ هندن جي نقطئه نظر کي پيش ڪنديون هيون، انهن اخبارن پنهنجي پنهنجي موقف تي هلي اهڙو ماحول پيداڪيو جو اڳتي هلي ملڪ جي ماڻهن جو مستقبل هميشه لاءِ ورهائجي ويو.

علمي کوجنا جو مقصد:

        هن مقالي جي موضوع جي کوجنا ٻن مقصدن کي ذهن ۾ رکي ڪئي وئي آهي: اڻويهين صديءَ ۾ سنڌ جي اخبار جي اوسر کي تاريخ جي ورقن ۾ سانڍڻ ۽ ان جو جائزو وٺڻ اڀياس ۽ کوجنا ڪيترن نتيجن کي نروار ڪيو آهي، جن ۾ هيٺيان ذڪر آهن:

1.      اڻويهين صديءَ جي يورپي انگريزي اخبارن، سنڌ جي اخبارن لاءِ مغربي پريس جي طرز جو طريقيڪار ڏنو، جيڪو سنڌ ۾ موجود روايتي  وقائع نگاريءَ کان جديد ۽ مؤثر هو.

2.      يورپي انگريزي اخبارن مقامي ماڻهن کي اخباري دنيا ۾ آندو،  جنهن جي نتيجي ۾ فارسي، سنڌي، انگريزي، گجراتي ۽ اردو اخبارون شايع ٿيڻ لڳيون.

3.      فارسي اخبارن ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جاءِ مخصوص ڪئي وئي، جنهن ڪري اڳتي هلي سنڌي اخبارن لاءِ راهه هموار ٿي.

4.      مذهبي فرقيوارانه گروهبندي سبب مقامي پريس ”هندو پريس ۽ ”مسلمان پريس “ ۾ ورهائجي وئي، جنهن ڪري نفاق ۽ نفرت وڌي، هندو پريس سياسي طور تي آل انڊيا نيشنل  ڪانگريس جي حمايت ڪرڻ لڳي ۽ مسلمان پريس مسلم ليگ جي پٺڀرائي  ڪرڻ لڳي، نتيجي ۾ اڳتي هلي هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ هندن جي اڪثريت کي سنڌ مان لڏڻو پيو ۽ هندستان جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي سنڌ ۾ آئي. جيئن ته موضوع جي اڀياس ۽ کوجنا هڪ مخصوص دائري اندر هئي، ان ڪري هن موضوع سان لاڳاپيل ٻيا ڪيترائي موضوع وضاحت کان رهجي ويا آهن، جن تي لڳ الڳ اڀياس ۽کوجنا ڪري سگهجي ٿي، اهي موضوع هيٺيان ٿي سگهن ٿا.

1.      ٽالپر حڪومت جو خاتمو ۽ انگريزي راڄ جي شروعات، ان وقت جي اخبارن جي روشني ۾.

2.      1857ع جي آزادي جي جنگ \غدر ۾ سنڌ جو حصو- اخبارن جي روشني ۾.

3.      1853ع ۾ سنڌي رسم الخط جي تنازعي ۾ اخبارن جو ڪردار.

4.      سنڌ جي پهرين سماجي-سياسي تنظيم ”سنڌ سڀا “ جو بنياد پوڻ، سندس حاصلات ۽ خاتمو اخباري اکين ۾.

5.      سنڌ ۾ هندو-مسلم کي فرقن ۾ ورهائڻ ۾ اخبارن جو ڪردار.

6.      سنڌي اخبارن جي اوسر ۽ فارسي اخبارن جو ڪردار.

7.      اڻويهين صديءَ ۾ سنڌي ادب جي اوسر ۾ اخبارن جو ڪردار.

8.      اخباري نقطئه نظر کان سنڌ ۽انگريز سرڪار جا لاڳاپا.

9.      اڻويهين صديءَ ۾ سنڌ جي سماجي، اقتصادي، سياسي، مذهبي ۽ ثقافتي ميدانن ۾‌:

الف يورپي انگريزي اخبارن جو ڪردار.

ب: ڏيهي انگريزي اخبارن جو ڪردار.

ت: سنڌي اخبارن جو ڪردار.

ث:فارسي اخبارن جو ڪردار

10.    اڻويهين صديءَ دوران سنڌ ۾ مختلف ٻولين جي اخبارن جو تجارتي ڪاروبار.


1         Dr. Allah Rakhio Butt: ''The Nineteenth Century Book Trade in Sindh'': Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988.

 

1 .موتي رام- ايس-راموتي:”سنڌ ۽ اسان جو ورثو “ ساردا پرڪاشن، بمبئي، 1987ع ،ص ص -88-99.

 

1 ايضاً

 

1 موتي رام- ايس –راموتي: ”سنڌ ۽ اسان جو ورثو “ ساردا پرڪاشن بمبئي 1987ع ص ص 88-99

 

2 Dr. Allah Rakhio Butt: ''The Nineteenth Century Book Trade in Sind'': Ph.d Thesis, (for the university Of wales) 1988

 

3  Ibid

------------------------------------------------------------------------------------

1 .     Ibid

 

2      Ibid

3 .     Ibid

----------------------------------------------------------------------------------

1  Dr. Allah Rakhio Butt: ''The Nineteenth Century Book Trade in Sind'': Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988

------------------------------------------------------------------------------------

1         لطف الله بدوي:”فريئر صاحب جون خدمتون “ (مقالو) ٽماهي، مهراڻ، 1-2-1966ع ۽ 1-1867ع سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.

 

2 ڀيرومل مهر چند آڏواڻي؛ ” سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ “ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1972ع ص 256.

------------------------------------------------------------------------------------

1 ايضاً، ص -259.

2         ايضاً

-------------------------------------------------------------------------------------

1 محمد صديق ميمڻ:”سنڌ جي ادبي تاريخ “ (جلد 2 ) _آر ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد 1951ع

--------------------------------------------------------------------------------------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com