سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1996ع

مضمون

صفحو :7

         اهو به تاريخ کان اڳ وارو دور هو، پر هندو ڌرم ۽ ٻُڌ ڌرم جي دورن ۾ هتي ڇا وهيو واپريو هوندو، انهن جي باري ۾ پڻ تاريخ  گونگي آهي، يا سندس وات تي پٽو چڙهيل آهي، ان کانپوءِ وري اسلامي دور کي پڻ اسان کي دوربين سان ڏسڻوپوي ٿو، ته  تاريخ ۾ اسانڪٿان ڪٿان گذريا آهيون ۽ اسان جي قدمن جا نشان باقي ڪٿي ڪٿي آهن، اهي سڀ دور ۽ انهن جا مختلف پهلو تحقيق طلب آهن.

       هيءُ تحقيقي مقالو(Thesis)  سنڌ يونيورسٽي جي شعبه ابلاغء عامه The Department Of mass Communication جي ايم اي فائنل جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ 1990ع ۾ لکيو ويو هو، جنهن ۾ اڻويهين صديءَ جي تاريخي پسمنظر ۾ اخبار نويسي جي جائزي وٺڻ جي تحقيقي جستجو ڪيل آهي، سنڌ جي تاريخ ۾ اڻويهين صديءَ جو وچ هڪ اهڙو موڙ آهي، جتان اسان جو ملڪ هڪ نئين راهه اختيار ڪري جديديت ڏانهن گامزن ٿئي ٿو، جتي ڏيهي حڪمران ٽالپرن جو حڪومتي دور ختم ٿيڻ جو واقعو رونما ٿئي ٿو، اتي انگريزي راڄ اچڻ سان جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ قدم رکڻ لاءِ پيش رفت جي شروعات ٿئي ٿي، مواصلات ۽ابلاغ عامه جا وسيلا متعارف ٿين ٿا، جيڪي اڳتي هلي اسان کي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽سيٽلائيٽ جي دور ۾  وٺي هلن ٿا، انهن سڀني ۾ اخبار نويسي جو ڪردار هند ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ اهم ۽ فيصله ڪُن ثابت ٿئي ٿو.

      سموري دنيا ۾ اخبار نويسي جي تاريخ جا محقق ٻن گروهن ۾ ورهايل آهن، هڪڙي گروهه جو خيال آهي ته اخبار نويسي جي تاريخ ۾رڳو اخبار  نويسي جي فن جي اوسر جو داستان قلمبند ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته ٻئي گروهه جو نقطه نظر آهي ته اخبار نويسيءَ  راءِ عامه جو هڪ موثر ادارو آهي، انهيءَ ڪري جڏهن اخبار نويسيءَ جي تاريخ لکي وڃي ته راءِ عامه جي تاريخ مرتب ڪئي وڃي، مثال طور اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته اخبار نويسي، سياسي ۽ سماجي سوچ ۽ راين کي ڪيئن تبديل ڪيو ۽ راءِ جي آزادي کان ڪيئن فروغ ڏنو[1]. آئون ٻئي گروهه جي راءِ سان سهمت آهيان، پر جڏهن تحقيق هيٺ موضوع تي ڪم هٿ ۾ کنيو ويو ته اهو دور ايڏو وسيع، ڦهليل ۽ گهڻ پاسائون هو، جو محسوس ٿيو ته مقالي جي دائره ڪار جي تنگ داماني سبب موضوع سان انصاف نه ٿي سگهندو، انهيءَ ڪري موضوع ۽ ان جي دائره ڪار کي اڻويهين صديءَ ۾ انگريزن جي آمد کان اڳ واري دور جي اخبار نويسي جي پس منظر ۽ ان کان پوءِ جاري ٿيل اخبار نويسي جي ارتقا تائين رکيو ويو، جنهن ۾ پهلو بچائڻ جي احتياط جي باوجود لاڳاپيل موضوعن کي ڇهڻ اڻٽر هو، جيڪي مستقبل جي تحقيق لاءِ اڇوتا ڪري رکيل هئا، اهي موضوع تاريخي تحقيق ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ هميشه ڪشش جو  ڪارڻ رهندا.

      هن مقالي ۾ اڻويهين صديءَ ۾ سنڌ جي اخبار نويسي جو مختصر جائزو پيش ڪيو ويوآهي، انهيءَ دور ۾ سنڌ جي جديد طرز تي تشڪيل جي شروعات ٿي هئي، جنهن ۾ اخبار نويسي جو چڱو خاصو عمل دخل رهيو هو، انهيءَ جي پس نظر موضوع جو اڀياس  ٻن مکيه مقصدن کي ذهن ۾ رکي ڪيو ويو آهي:           

  1. انگريزن جي آمد سان، سنڌ ۾ مختلف ٻولين جي اخبارنويسي جي اوسر کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ ۽                                 

     2  . ان جو مختصر جائزو وٺڻ

انهن مقصدن کي ماڻڻ لاءِ مقالي کي مکيه چئن بابن ۾ ورهايو ويوآهي، جن جو اختصار هن ريت ٿئي ٿو:

      1843ع ۾ انگريزن جي آمد کان اڳ سنڌ ۾ وقائع نويسيءَ جي روايت رهي آهي، جنهن عربن جي دور کان وٺي ميرن جي دور تائين ٻارنهن صدين ۾ مختلف ارتقائي مرحلا طئه ڪري اها صورت اختيار ڪئي هئي.

        اهو سمورو دور بادشاهن ۽حڪمرانن جو دور هو، جنهن ۾ انهن جا فرمان ۽ اعلان مختلف طريقن ۽ وسيلن سان عوام تائين پهچايا ويندا هئا ۽رعايا جون خبرون چارون حڪمرانن تائين پهچايون وينديون هيون، حڪمرانن جا پگهاردار ملازم درٻار ۾ مقرر ۽ موجود هوندا هئا، جيڪي حڪمرانن جي سموري ڏينهن جي سرڪاري روئداد قلمبند  ڪندا هئا، انهيءَ سموري دور ۾ حڪمران اهم هو ۽ عوام کي سندس خوشنودي ۽ خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙڻو هو، عوام جون خبرون عوامي سطح، عوام کي نه ٿي پهتيون، پر حڪمرانن تائين پهچنديون هيون، جنهن لاءِ ان وقت جي ملڪي ڍانچي ۾ انتظام  ٿيل هوندا هئا، اهي سڀ سهولتيون ۽ بندوبست حڪمرانن پنهنجي انتظامي ڍانچي کي مضبوط ۽ منظم ڪرڻ لاءِ ڪري رکيا هئا ته جيئن اهي بي کٽڪي حڪومت ڪري سگهجن.

      اڻويهين صدي جي وچ ڌاري جڏهن انگريزن ميرن کي شڪست ڏئي سنڌ جون واڳون پنهنجي هٿن ۾ ورتيون ته   هنن حڪومت جي سموري انتظامي ڌانچي کي تبديل ڪرڻ جا جيڪي اقدام ڪيا، انهن ۾ مواصلات جا ذريعا اهم آهن. روڊن ۽ رستن جي حالت سُڌاري وئي،سموري ملڪ جي سروي ڪري ان کي حصن ۾ ورهائي هڪ اهڙو  Infra Structure جوڙيو ويو، جيئن کين انتظام هلائڻ ۾ سهولت ٿئي، ٽپال جو سرشتو نئين سر سنواريو ويو، ريلوي کي متعارف ڪرايو ويو، اڳوڻي سرڪاري طور رائج ٻولي فارسيءَ کي ختم ڪيو ويو ۽ ان جي جآءِ تي ڏيهي ٻولي سنڌي، جيڪا عوام جي ٻولي هئي، ان جي لپيءَ کي سنواري سڌاري کيس باقائديس مقررشڪل ڏيئي ذريعه تعليم جي حيثيت ڏني وئي ۽ انگريزي زبان کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ  اسڪول کليا ۽ تعليم عام ڪرڻ جا انتظام ڪيا ويا.

      سنڌ جي مقامي علمي، انتظامي، سماجي ۽ ثقافتي روايتن جي ڀيٽ ۾ انگريزن کي يورپ جي جديد ۽ ترقي يافته تعليمي، علمي ۽ انتظامي ڄاڻ جو پس منظر هو، سندن حڪمراني شروع ٿيڻ جي ٻن سالن کانپوءِ يعني 1945ع ۾ انگريزي زبان جي پهرين اخبارAdvertiser Kurrachee جو اجراءَ ٿيو، جنهن کي خود سنڌ جي فاتح انگريزي زبان جي چارلس نيپيئر جي سرپرستي  حاصل هئي، اهڙي طرح سنڌ ۾ جديد اخبار نويسيءَ جي شروعات ٿي ۽ اهو سلسلوپوءِ يورپي توڙي ڏيهي ماڻهو جاري رکندا آيا، ان طرح هي ملڪ يورپ جي ترقي يافته خيالن، فڪري لاڙن ۽ نين سرحدن سان هم ڪنار ٿيڻ لاءِ پيش قدمي ڪرڻ لڳو.

      جيئن ته انگريزن جي اچڻ کان اڳ هن سرزمين تي ٻارنهن صديون کن مسلمانن جي حڪومت قائم هئي ۽ فارسي زبان کي هڪ ڊگهي عرصي لاءِ سرڪاري زبان هجڻ جي حيثيت حاصل هئي،تنهن ڪري انگريزي زبان توڙي سنڌي زبان رائج ٿيڻ جي باوجود شُرفا طبقي ۾ علم، ادب، دانش جي زبان فارسيءَ کي سمجهيو ويندو هو، انهيءَ جي پيش نظر جلد ئي انگريزي جديد اخبار نويسي جي طرز تي 1855ع ۾ فارسي اخبار نويسي جي شروعات ٿي، پرپوءِ سنڌي زبان جنهن کي عام ڳالهه ٻولهه واهپي ۽ سرڪاري سطح تي حيثيت حاصل هئي ۽ فارسي جي جاءِ وٺي رهي هئي، فارسي اخبارن ۾ جزوي طور تي جاءِ وٺڻ لڳي، جلد ئي اهو سلسلو پڻ بند ٿي ويو ۽ 1856ع ۾ سنڌي زبان جي پهرين مڪمل اخبار ”سنڌ سُڌار “ شايع ٿيڻ لڳي، جنهن کي سرڪاري سرپرستي حاصل هئي، اخبار نويسي جي دنيا ۾ سنڌي زبان جي حوالي سان اهو هڪ Break Through هو.

        اها اخبار پوءِ سنڌ جي پهرين سماجي سياسي، تنظيم ”سڌار سڀا “ جي حوالي ٿي، جيڪا هندو، مسلمان ۽ پارسي طبقن جي روشن دماغ ماڻهن تي مشتمل هئي، انهيءَ تنظيم ”سڌار سڀا “ اخبار کي عوام جي حقن لاءِ استعمال ڪيو، پر پوءِ رڳو چئن ورهين جي عرصي ۾ اها تنظيم هندو-مسلمان ڏڦيڙ جوشڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ تنظيم ۽ اخبار ٻئي بند ٿي ويون ۽ سنڌ جي سماجي زندگي ٻن مختلف ڌارائن ۾ ورهائجي وئي، جنهن اڳتي هلي پاڪستان کي جنم ڏنو.

      انهيءَ ڇڪتاڻ ۾ سنڌي اخبارن، ٻن گروهن ۾ ورهائجي باقاعده فرقيوارن نفرت کي هوا ڏني، ڇو جو ان وقت اخبارون پنهنجي مالڪن جي شخصي خيال، مڪتبه فڪر يا سياسي يا مذهبي پارٽين جي سرپرستي هيٺ انهن جي نظرين ۽ موقفن کي عام ڪنديون هيون.

جتي اهي اخبارون فرقيوارانه گروهه بندي جو شڪار ٿيون، اتي جديد اخبار نويسي جي اصولن ۽ قدرن جي به آبياري ٿي، ڪيتريون ئي انگريزي ۽ سنڌي اخبارون ۽ رسالا شايع ٿيڻ لڳا، جن نه رڳو سماجي ذميداري جا فرض سرانجام ڏنا، پر ادب کي پڻ جديد بنيادن تي بيهڻ لاءِ پنهنجي صفحن ۾ جاءِ ڏئي راهه هموار ڪئي، اهڙي طرح اڻويهين صديءَ جي پوين پنجونجاهه سالن ۾ يورپي ماڻهن طرفان ڏهه اخبارون ۽ پنج رسالا جاري ڪيا ۽ پوين پنجيتاليهه سالن ۾ ڏيهي ماڻهن طرفان ٻه فارسي ۽ ٻه فارسي-سنڌي گڏيل، پندرهن مڪمل سنڌي، چار گجراتي، هڪ اردو ۽ نو انگريزي اخبارون شايع ٿيون ۽ بند ٿينديون رهيون، پر ڪي ته ويهين صديءَ ۾ جاري رهيون.

     جيئن ته مقالي جو سڌو سنئون واسطو اڻويهين صدي سان آهي، ان ڪري پهريون باب تعارفي آهي، جنهن ۾ عربن جي دور کان وٺي ٽالپرن جي حڪمراني جي دور تائين اخبار نويسيءَ جي اوائلي صورت وقائع نويسي ۽ ان جو پس منظر بيان ڪيو ويو آهي.

        مقالي جي ٻئي باب ۾ 1843ع ۾انگريزن جي سنڌ ۾آمد ۽ سندن پهرين ٽن انگريزي اخبارن جي اجرا کان سواءِ ڏيهي باشندن جي انگريزي اخبار نويسي جو تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي، سنڌ جي تاريخ ۾ اڀياس هيٺ آيل دور ئي هڪ اهڙو دور هو، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ”سرڪاري ٻولي “ جو درجو مليو ۽ خود وقت جي سرڪار، ٻولي،علم، ادب ۽ اخبارنوييسي جي اوسر لاءِ ڪوششون ورتيون، جنهن ڏيهي اخبار نويسي جا مضبوط بنياد مهيا ڪيا.

       مقالي جو ٽيون باب سنڌ جي فارسي اخبار نويسي جي باري ۾آهي، جنهن سنڌي اخبار نويسي لاءِ هڪ ڏاڪي جو ڪردار ادا ڪيو، دراصل فارسي اخبارن ۾ سنڌيءَ کي پڻ جوڳي جاءِ ڏني ويندي هئي، پر پوءِ اهو وقت آيو جو فارسي اخبارن جي مالڪن سنڌيءَ ڏانهن (Switch Over) ڪيو ۽ اهڙي طرح سنڌي اخبار نويسي لاءِ راهه کلي پئي.

        مقالي جو چوٿون باب مقامي اخبار نويسيءَ جي دنيا جي اوسر تي ٻڌل آهي، اها دنيا ڏيهي ماڻهن جي سنڌي، انگريزي، گجراتي ۽ اردو اخبار نويسي سان آباد آهي، جنهن جي اهميت توڙي افاديت کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، دراصل ڏيهي اخبار نويسي جنهن دور ۾ پروان چڙهي هئي، ان  سياسي ۽ سماجي طرح تمام وڏا واقعا رونما ٿيا هئا، جهڙوڪ سنڌ جي هندو مسلمان جي گڏيل پهرين سماجي سياسي جماعت ”سنڌ سڀا “ جو وجود ۾ اچڻ، ان ۾ ڦيٽارو ٿيڻ، مسلمانن جو نئين جماعت ٺاهڻ، ”نيشنل ڪانگريس “ ۾ ”سنڌ سڀا “ جو ضم ٿيڻ وغيره، انهن واقعن سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن کي ٻن مخالف ڌرين ۾ ورهائي ڇڏيو، جن ۾ سنڌ جي اخبار نويسي وڏوڪردار ادا ڪيو، ان کانسواءِ جديد ادب جون پاڙون پڻ ان وقت جي اخبارنويسي ذريعي پختيون ٿي رهيون هيون، جنهن جي ذريعي اڄ اسان پنهنجي ادب کي دنيا جي ادب سان ڀيٽي سگهڻ جي جرئت ڪريون ٿا.

        مقالي جي پڄاڻي واري حصي ۾ چئني بابن جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي ۽ پوءِ ضروري ڄاتو ويو ته تحقيقي  مقالي(Thesis)  جي آڌار تي اخذ ڪيل نتيجن جو خاڪو چٽي ڇڏجي، ان ڪري اهي ڳالهيون پڻ پڄاڻي جي پڇاڙيءَ ۾ پيش ڪيون ويون آهن.

      انهيءَ کانسواءِ هن مقالي ۾ اڻويهين صديءَ ۾شايع ٿيل يورپي ۽ ڏيهي اخبار نويسيءَ جا انگ اکر ضميمن جي صورت ۾ پڻ ڏنا ويا آهن، جيڪي انهن جو هڪ طائرانه منظر پيش ڪن ٿا.

      مختلف بابن ۾ اهڙين اخبارن ۽ رسالن جوذڪر اچي ٿو، جيڪي اڄ ڪالهه اڻ لڀ آهن ۽ ورلي دستياب آهن، انهن اخبارن مان جيڪي ملي سگهيون تن جي سرورق ۽پهرين صفحي جا عڪس هن مقالي ۾ شامل ڪيا يا آهن، جيڪي پڪ سان دلچسپي جو سبب بڻيا.

         هن تحقيقي مقالي لکڻ جي تياري لاءِ مواد گڏ ڪري، ترتيب ڏيڻ ۾ ڪيترائي ڪتاب، رسالا، اخبارون، تحقيقي مضمون، Ph .D لاءِ پيش ڪيل، ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل مقالا(Thesis) نظر مان ڪڍيا ويا آهن، انهن مان ڪن جي فاضل مصنفن ۽ محققن، اخبار نويسيءَ جي اوسر جي مدد سان سنڌ جي سياسي، سماجي مسئلن جا نتيجا ڪڍڻ کان قطع نظر، ڪجهه اخبارن، رسالن جو ذڪر به نه ڪيو آهي، جيڪڏهن انهن جو ذڪر ملي ٿو ته منجهن تاريخ ۽ سن صحيح ڏنل نه آهي، ڪن محققن ته ڪافي سارو مواد کڻي، حوالو درج ڪرڻ کانسواءِ ئي اهو مواد پنهنجو ڪري پيش ڪيو آهي، هن مقالي ۾ انهن سڀني رسالن، تحقيقي مضمونن ۽ مقالن کي ڀيٽي، رهجي ويل اخبارن ۽ رسالن کي شامل ڪري انهن جا سن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

       پڄاڻي ۾ هتي اردو ۽ انگريزي جي اخبار نويسيءَ جي تاريخي تحقيق تي ٻڌل انهن ڪتابن جو ذڪر ڪرڻ پڻ ضروري آهي، جن ۾ ننڍي کنڊ جي اخبار نويسيءَ جي داستان لکڻ جي دعويٰ ڪيل آهي، پر منجهن رڳو اردو ۽ جزوي طور تي انگيزي اخبار نويسيءَ جو داستان ته آهي پر سنڌيءَ اخبار نويسي جو ڪٿي به ذڪر نه ٿو ملي،انهن جا مثال ڊاڪٽر عبدالسلام خورشيد جو ڪتاب ”صحافت پاکستان و هند مين “ (جيڪا سندس پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي) ۽ ايم ايس ناز جو ”اخبار نويسي ڪي مختصر ترين تاريخ “ آهن، اهڙا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب آهن، جن سنڌي اخبار نويسيءَ جو ڪو به  ذڪر نه ٿو ملي، اڀياس هيٺ دور ۾، سنڌ مان اردو زبان ۾ رڳو هڪ هفتيوار اخبار ”دوربين “ شايع ٿي هئي، پر هن مختصر مقالي ۾ڪوشش ڪري اڻويهين صدي ۾ سنڌ ۾ جاري ٿيل سڀني ٻولين جي اخبارن ۽ رسالن جو تذڪرو ڪري کين تاريخي حصار ۾ ورتو ويو آهي، ته جيئن هيءُ مقالو آئنده جي تحقيقي ڪم لاءِ مددگار ثابت ٿئي پر انهيءَ حقيقت جو احساس آهي ته هيءَ مقالو ان سلسلي ۾ حرفِ آخر ناهي، هيءَ تي   1   خلوص ۽ محنت جو ڦل آهي ۽ پيار جو پورهيو آهي.

        آئون پنهنجي دوست ۽ استاد هربخش ماکيجاڻيءَ، ڊپارٽمينٽ آف ماس ڪميونيڪيشن جو نهايت ٿورائتو آهيان، جنهن هن تحقيقي مقالي جي موضوع جي چونڊ ڪرڻ ۾منهنجي مدد ڪئي ۽ پنهنجي مصروف شيڊيول جي باوجود هيءَ مقالو لکڻ لاءِ منهنجو سونهون ٿيڻ قبول ڪيو، وقت بوقت پنهنجي قيمتي صلاح مشورن سان نوازيندو رهيو ۽ گڏوگڏ پنهنجي ذاتي لائبريري جا ڪتاب اڌارا ڏئي منهنجي مقالي جي مواد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪيائين.

       شروعات ۾ مواد گڏ ڪرڻ ۽ ان کي ترتيب ڏيڻ ۾ دقت پيش آئي پر دوست ۽ استاد محترم عبادالله راشدي، چيئرمين ڊپارٽيمينٽ آف ماس ڪميونيڪيشن 2 جي مشوري موجب محترم ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي جي ”علم تحقيق “ ۽ محترم ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ  جي ”تحقيق جو فن “ جي اڀياس ڪرڻ ۽ گڏوگڏ تحقيق جي ڏس ۾ سندس ٻڌايل رهنما نقطن تي غورڪرڻ کانپوءِ هيءَ مقالو لکي سگهيون آهيان  آئون سندس وڙ وساري نه ٿو سگهان.   

      محترم ڊاڪٽر الهرکي ٻُٽ، استاد شعبه لائبريري سائنس ۽ مانواري دوست محترم غلام محمد لاکي، استاد پاڪستان اسٽڊي سينيٽر مواد جي فراهميءَ ۾ منهنجي مدد ڪري هيءَ مقالو لکڻ جو ڪم سولو ڪري ڏنو، جنهن لاءِ سندن جيترا ٿورا ڳائجن اوترا ٿورا.

   محترم ڊاڪٽر ديدار حسين شاهه رضوي، پروفيسر فار ايسٽ اينڊ سائوٿ ايسٽ ايشيا اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي سان تحقيق جي موضوع تي وقت بوقت گفتگو منهنجي لاءِ اتساهه جو سبب رهي، سندس مشورن لاءِ آئون مشڪور آهيان.

    آئون محترم گل محمد مغل، لئبريرين، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي1 جو احسان وساري نه ٿو سگهان، جنهن ناياب ۽ اڻ لڀ ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون ميسر ڪري ڏنيون2 نه ته جيڪر انهن جي غير موجودگي ۾ هيءَ مقالوڪڏهن به مڪمل

نه لڳي ها. 

     پڇاڙي ۾ آئون محترم شاهجهان سلاوٽ، مائڪرو فارم آفيسر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽انهن سڀني مهربان سڄڻن جو ٿورائتو آهيان، جن هن مقالي لکڻ ۾ سڌي توڙي اڻ سڌي طرح مددڪئي، خاص ڪري محمد هاشم قمبراڻي جا وڏا وڙ، جنهن هن مقالي جي مسودي کي غلطين کان سواءِ ٽائيپ ڪري ڏنو.

(ولي رام ولڀ)

باب پهريون

تعارف: وقائع نگاري-سنڌ ۾ اخبار

نويسي جي اولين صورت

      سنڌ ۾ خبرن ڏيڻ وٺڻ، پيغام کڻي وڃڻ توڙي انساني جياپي بابت مواصلات ذرعي مختلف ڪم ڪار اڪلائڻ جي ريت رسم ايتري پراڻي آهي جيتري خود سنڌ جي تاريخ، سنڌ ”موهن جي دڙي “ جي عظيم الشان تهذيبي دور ۾ هجي يا هندو ٻُڌ ڌرم جي گهراڻن جي تابع رهي هجي، يا اڃا وچين دور جي مسلمان حڪمرانن جي حڪومت مان گذري هجي، هر دور ۽ هر صورتحال کان واقف ٿيڻ، خبرن جي ڏي وٺ ۽ مٽا  سٽا جو هتي بهتر بندوبست رهيل نظر اچي ٿو . ان مقصد لاءِ اخبارن، ريڊين، ريل گاڏين ۽ ٻين جديد ذريعن جو متعارف ٿيڻ ۽ ڪتب ۾اچڻ اڃا ڪالهوڪي ڳالهه آهي، پر ماضيءَ ۾ ان لاءِ مختلف سلسلن ۽ صورتن ۾ بندوبست هوندو هو، ڪنهن زماني ۾ ان ڪم لاءِ ته پکي به استعمال ٿيندا هئا، سنڌ ۾ عام ٻهراڙي جي ماحول کان وٺي ڪلاسيڪي شاعري ۽ لوڪ ادب ۾ ”ڪانءُ“ جي حيثيت تسليم ٿيل آهي، جنهن لاءِ ڪيئي مثال ڏئي سگهجن ٿا.

       دنيا هميشه تبديلين جومحور رهي آهي، اسلامي دور ۾، ان مقصد لاءِ ڪي خاص انتظام ڪيا ويا ۽ مواصلات جي شعبي کي خاص اهميت ڏيئي مضبوط ۽ موثر ڪيو ويو، انهيءَ ڏس ۾ مولائي شيدي لکي ٿو:

      ”عربن جي ڏينهن ۾ ٽپال کاتو ”بريد “ سڏبو هو، هر هڪ منزل تي ٻارنهن ميلن کانپوءِ حڪومت پاران تيز رفتار گهوڙا مقرر هوندا هئا، صوبن جو احوال، قاصدن ذريعي مرڪزي حڪومت کي ملندو هو، فتح سنڌ  جو نقشو حجاج بن يوسف ئي رٿيو هو، غازي محمد بن قاسم سندس احڪام جي پيروي ڪندو رهيو، ان قسم جا احڪام وٽس ٽپال رستي پهچندا هئا، ٽپال کاتي جو وڏو عملدار ” صاحب بريد “سڏبو هو، عباسي دور ۾ ٽپال جو ڪم ڪبوترن جي ذريعي به هلندو هو، ڪبوترن جو رواج خليفي العتصم جي وقت ۾ رائج ٿيو“.1ظاهر آهي ته سنڌ پهرين صديءَ ۾ ئي اسلامي دنيا ۾، عرب فتوحات ذريعي شامل ٿي وئي هئي، سنه 711ع ۾ محمد بن قاسم پهتو ۽ سنڌ فتح ڪيائين، لڳ ڀڳ ٽن صدين تائين عربن هتي حڪومت ڪئي ۽ سنڌ هڪ صوبي جي حيثيت ۾ پهرين دمشق ۽ پوءِ بغداد سان لاڳاپيل رهي، اڳتي هلي مقامي عربن سنڌ کي مرڪز کان ڇني جا رياست جو روپ ڏنو، اهي هباري خاندان جا عرب هئا ۽ 855ع ۾ انهن اهو قدم کنيو، ان طرح وري به هيءَ ملڪ سن    

1010ع تائين عربن جي تابع رهيو، ظاهر آهي ته عرب دنيا جي هڪ حصي طور رهندي، سنڌ ۾ به ”بريد “ جو شعبو کوليو ويو ۽ ان کي ڀرپور نموني ڪتب آندو ويو، محمد بن قاسم ۽ حجاج بن يوسف جي وچ ۾ سنڌ جي فتح دوران سوين خط جو تبادلو ٿيو، جنهن جا تفصيل ڪتابن ۾ موجود آهن.1 ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته بريد جو نظام عرب دور جي شروع ۾ ئي منظم ڪيو ويو هو.

سنڌ ۾ 1010ع کان 1350ع تائين يعني 320 سال سومرا برسر اقتدار رهيا، ان بعد سمن جو راڄ شروع ٿيو، جيڪو 1351ع کان هلي 1520ع ۾ ختم ٿيو، سومرن وارودور وڏي ڇڪتاڻ وارو زمانو ٿوڏسجي، هڪ طرف سومرن جو حڪم هليو ٿي ته ٻئي طرف صرف سنڌ جي گهڻن حصن تي غزنوي، غوري، غلام، خلجي ۽ تغلق خاندانن جا گورنر قابض رهيا، جن جا تفصيل تاريخن ۾ موجود آهن 2هن پس منظر ۾ ڏسجي ٿو ته سنڌ جي انتظامي  صورتحال ۽نقشي تي دهلي ۽ افغانستان جي جوڙجڪ جو پاڇو به پيل هو، توڙي جو سومرن جي راڄ ۾ ڀٽ، ڀان ۽ چارڻ قديم زماني کان پروپئگنڊا جا اهم ذريعا هونداهئا،

جي پنهنجي بيتن ۽ ٻين طريقن سان حڪمران ڌر ۽ عوام ۾ ڳانڍاپو پيدا ڪرڻ جا وسيلا ٿي ڪم ايندا هئا، نشر و اشاعت جوذمو به سندن سر تي هوندو هو،1 انهن جي زمانن ۾ ملڪ جون خبرون چارون ڀٽن ۽ ڀانن ذريعي درٻار تائين اينديون هيون ۽ درٻار جا فيصلا ۽ حڪم احڪام انهن جي ذريعي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙبا هئا، اڄ به اهي ڳالهيون انهن جي ذريعي محفوظ آهن ۽ سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم باب جوڙين ٿيون، مثال طور دودو چنيسر ۽ علائوالدين خلجيءَ (1300) جي وچ ۾ ٿيل جنگ جا تفصيل تاريخ جي ڪنهن به ڪتاب ۾نه ٿا ملن، پر ڀٽن ۽ ڀانن ذريعي اها تاريخي ڪٿا اڄ به محفوظ آهي ۽ سنڌ جي تاريخ جي هن باب کي اسان تائين پهچائڻ ۾ مددگار بڻي آهي.

        ”تغلق سلطانن جي ڏينهن ۾ ٽپال جو پورو انتظام هو، ان جهڙو انتظام اڳ ڪڏهن به نه ٿيو هو، ٽپال جا چار قسم هئا، پهريون: اولاق يعني گهوڙي سوار ٽپالي، ٻيو: شتر سوار ٽپالي، ٽيون: پياداٽپالي،چوٿون: ڪبوتر “ 2 ابن بطوطه جيڪو پنهنجي سفر جي دوران محمد بن تغلق جي زماني ۾ سنه(843 هه 1333ع )۾ سنڌ ۾ به آيو هو، پنهنجي سفرنامي ۾سنڌ بابت به احوال لکيو اٿس، جنهن مان سنڌ جي قديم حالتن تي روشني پوي ٿي، هو اُن وقت جي ٽپال جي سرشتي بابت لکي ٿو:

       ”جڏهن اسان هتي پهتاسين ته بادشاهه جا پرچه نويس اسان وٽ آيا،1 اسان جي اچڻ جي خبر هڪدم ملتان جي حاڪم قطب الملڪ ڏانهن  موڪليائون، انهن ڏينهن ۾ بادشاهه جي طرفان سنڌ جو امير تيز  هو، هي شخص بادشاهه جو غلام ۽ فوج جو سپهه سالار به هو،جڏهن اسان سنڌ پهتاسون ته امير سيوهڻ ۾ رهيل هو، سيوهڻ کان ملتان تائين ڏهن ڏينهن جو فاصلو آهي ۽ ملتان کان دهلي تائين پنجاهه ڏينهن جو پنڌ آهي، جيڪي پرچه نويس بادشاهه ڏانهن خبر موڪليندا آهن، اها ٽپال جي ذريعي فقط پنجن ڏينهن ۾ پهچي ويندي آهي، ٽپال کي هن ملڪ ۾ ”بريد “ چوندا آهن، ٽپال ٻن قسمن جي ٿيندي آهي، هڪ گهوڙي واري، ٻي پيادلن جي، گهوڙن واري ٽپال کي ”اولاق “ سڏيندا آهن، چئن چئن ڪوهن کان پوءِ گهوڙو بدلائيندا آهن، گهوڙا بادشاهه جي طرفان موجود رهندا آهن “.[2]ان سلسلي ۾ مولائي شيدائي، ابن بطوطه جي سفرنامي جي حوالي سان وڌيڪ لکي ٿو:

       ”دولت آباد ۾ قيام جي زماني ۾ روزانو بادشاهه وٽ ٽپال رستي پيئڻ لاءِ گنگا جو پاڻي ايندو هو، ٽپال لاءِ چوڪيون مقرر هيون، جي چبوترن وانگر هونديون هيون، ٽپالين معرفت  بادشاهه وٽ خُراسان جا تر ۽ تازا ميوا پهچندا هئا، عربي ۽ پارسي ۾ تحرير جو رواج هو، هر هڪ امير ۽ سرڪاري وڏي عملدار وٽ بادشاهه پاران غلام رهندو هو، جو اميرن ۽ عملدارن جون خبرون سرڪاري مخبر کي پهچائيندو هو، اميرن جي گهرن جون مخفي خبرون نوڪرياڻيون ڀنگياڻين معرفت سرڪاري مخبرن کي پهچائينديون هيون، اهڙي طرح بادشاهه کي ملڪي خبرن کانسواءِ، اميرن ۽ عملدارن جون ذاتي خبرون دارلخلافه دهلي تائين پهچنديون هيون “.1هلي ۾ مسلمانن جو قبضو 1206ع ۾ ٿيو ۽ بابر جي فتح تائين يعني 1526ع تائين هتي غلام، خلجي، سيد ۽ لوڌي خاندانن حڪوت ڪئي، تاريخ ۾ هن سموري عهد کي ”دهلي سلطنت “ جي نالي سان سڏيو ويندوآهي، هن سموري عرصي ۾مواصلات جي هن طريقي جي باري ۾مولائي شيدائي پنهنجي هڪ ٻئي ڪتاب ۾ وڌيڪ تفصيل ڏنا آهن.2 جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ به هر طرح اسلامي خطي جو حصو هئي، تنهن ڪري غلام سنڌ يا خودمختيار سنڌ ۾ ٿيندڙ تبديلين جو اثر پوڻو هو.


[1] .1ڊاڪٽر عبدالسلام خورشيد: ”صحافت پاڪستان و هند مين “، (پيش لفظ) مجلس ترقي ادب لاهور 1963ع.

1 رحيمداد خان مولائي شيدائي: ”جنت السنڌ “ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1958ع ص 161.

 

2 مخدوم امير احمد (مترجم): ”فتح نامو سنڌ عرف چچ نامو“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1976ع ص 57

 

1 Panhwar M H ''The Chronological Dictionary  of Sindh'', Singhology, jamshoro 1983،pp .206-310

2 عبدالله خان مگسي: ”سمن جي دور جو سياسي، سماجي ۽ اقتصادي نظريو”مقالو“، ٽماهي مهراڻ 2، 1986ع سنڌي ادبي بورڊڄامشورو،ص 95

1 رحيمداد  خان مولائي شيدائي; ”جنت السنڌ“ ، سنڌي ادبي بورڊ،حيدرآباد 1958ع، ص162

--------------------------------------------------------------------------------------

1 مخدوم  امير احمد  (مترجم ) ”فتح  نامو عرف چرچ  نامو “سنڌي ادبي بورڊ ، حيدرآباد،   1976ع ، ص 57

2 Panhwar, M.A, ''The Chronological Dictionary Of Sindh,'' Sindhology, Jamshoro, 1988, PP. 205-310.

 

1         عبدالله خان مگسي: ”سمن جي دور جو سياسي، سماجي ۽ اقتصادي نظريو “ (مقالو) ٽماهي مهراڻ، 1، 1986ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص 95.

2         رحيمداد خان مولائي شيدائي: ”جنت السنڌ “ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1976ع ص 298.

1 ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي:  قديم دور ۾ سنڌ ۾ آيل عالم ۽ مذهبي پيشوا (مقالو) ٽماهي مهران، جلد 35، نمبر 2، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1986ع ص57.

1 رحيمداد خان، مولائي شيدائي:”جنت السنڌ “ سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي حيدرآباد 1958، ص 299.

2 رحيمداد خان، مولائي شيدائي: ”تاريخ تمدن سنڌ “ سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد 1959، ص 237

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com