سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1996ع

مضمون

صفحو :21

هن جي اکين مان ٻيهر آبشار اٿلي پيو.”مون اها ئي وڏي ۾ وڏي غلطي ڪئي، هن کي محرومي جي ڌٻڻ مان ڪڍندي مون اهو به نه سوچيو ته ڪجهه پردا اهڙا به هوندا آهن، جيڪي شاديءَ کان پهرين هٽائڻ سان ماڻهن پنهنجي ويليو ئي ڪيرائي ڇڏيندو آهي، عجيب ڪرائيٽ ايريا آهي..... اسان جي سوسائٽي جو .....

”ها يار! تون ٺيڪ ٿي چوين هو پاڻ واري دوست هئي ته فلاسافيءَ واري اڌ چري، امبرين.... جنهن ڪمپيوٽر سائنس جي هڪ ڇوڪري سان ڪورٽ ميرج ڪئي هئي، انهيءَ جي به ڪجهه هفتا اڳ ڊائيورس ٿي وئي.....

انهيءَ ڪري مان چوندي ‌آهيان ته پڙهيل لکيل ڇوڪري کي لو ميرج ڪرڻ ئي نه گهرجي، بلڪ ميرج ئي نه ڪرڻ گهرجي، زندگي ڊبل بيڊ تي سمهڻ کانسواءِ به ته گذاري سگهجي ٿي، هروڀرو ڇو مٿي ۾سور وجهجي، خير تون  ٻڌاءِ اولاد وغير ٿيو يا......؟ آشي پنهنجي اکين ۾ چمڪ آڻيندي پڇيو؟هن سامهون ديوار تي لڳل معصوم ٻارڙي جي پوٽريٽ ڏسندي سرد آهه ڀريندي چيو“  

ڪاٿي يار! هڪ بيگناهه حياتي کي موت جي  ڪرڻ کانپوءِ لڳي ٿو قدرت اسان جي رحمت جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن.چيڪ اپس وغيره ڪرايو، متان ڪا ڳڙ ٻڙ هجي، هر شيءِ نارمل آهيپر مٿي رکيل رجسٽر ۾ لڳي ٿو، اسان لاءِ ٽئين وجود جي انٽري هميشه لاءِ بند ڪئي وئي آهي  مان ته سوچي سوچي چري ٿي  وئي آهيان، هاڻ ته هن وٽ به مونکي ڏيڻ لاءِ وقت ڪونهي، گل جهڙو ٻارڙوهجي ته من وندريو پيو هجي پڇتاءُ جو احساس سندس انگ انگ ۾ ڪيولين جيان سرڻ لڳي ٿو، وندر کپي ته ڪاٿان ڪوئي ٻارڙو اڊاپٽ ڪيو آشي جي صلاح ٻڌي هوءَ ٿڌو ساهه ڀري چوي ٿي :”هو راضي ناهي “.

آشي شام تائين ساڻس ڳالهيون ڪندي رهي ٿي، هلڪي اوندهه ڇائنجڻ کانپوءِ آشي ساڻس ٻيهر ملڻ جو واعدو ڪري ٿي وڃي.هوءَ ٻيهر ساڳي اداسيءَ جي ور چڙهي  ٿي وڃي! اڪلائي جو ساڳيو ڏک کيس چهنڊڙيون پائڻ لڳي ٿو.

ٻاهر هلڪي هلڪي اوندهه وڌڻ لڳي آهي، هوءَ بيڊ تان اٿي اي سي آف ڪري ڪمري جي درين تان پردا هٽائي دريون ۽ بالڪونيءَ ڏانهن کلندڙ دروازوکولي ٿي، سندس نظرن جي سامهون ساڳيو اداس اٻاڻڪو ۽ ويران باغيچو، ساڳيا خال خالي پينگها... ساڳيون پکين جون ڳنڀير ٻوليون، ڪمري ۾ ڪنهن جي قدمن جا آواز ٻڌي، هوءَ مڙي دروازي ڏانهن ڏسي ٿي، نوڪرياڻي دروازي جي پردي کي پڪڙي هيٺ نظرون ڪري کيس چوي ٿي:”بيگم صاحبه! صاحب فون تي ٻڌايو هو ته پاڻ ڪنهن پارٽي ۾ ويندو انهيءَ ڪري رات دير سان گهر موٽندو“.

”ٺيڪ آ..... تون وڃ چانهن جو ڪوپ ٺاهي کڻي اچي، هوءَ بالڪوني مان موٽي ڪمري ۾ پسار ڪرڻ لڳي ٿي، ڊيڪ تي سلو ميوزڪ هلائي اچي بيڊ تي ويهي ٿي رهي، نوڪرياڻي کيس چانهه پيش ڪري هلي ٿي وڃي، ڊيڪ تي هلندڙ سلو ميوزڪ کيس مزو نه ٿي ڏئي،  هوءَ ڊيڪ آف ڪري وهاڻي هيٺان ڊائري کڻي پنا اٿلائيندي چانهه جا سپ ڀريندي ٿي رهي.

چانهه پيئڻ کانپوءِ ڊائري ۽ پين کڻي بالڪونيءَ ۾ اچي بيهي ٿي، آسمان تي شروعاتي تاريخن جو چنڊ ۽ تارا چمڪي رهيا هيا، هوءِ اڄوڪي تاريخ جي پيج تي لکي ٿي.آسمان تي  چمڪندڙ تارا اهي معصوم ٻارڙا آهن، جيڪي اسان جهڙن بدنصيب ماڻهن جي اڱڻ ۾ لهڻ بدران آسمان جي پاڪ آغوش ۾مرڪي رهيا آهن ۽ اسان جون جهوليون خالي آهن، سٽون لکندي کيس لڳو ڄڻ سندس دماغ جي رڳ ٺڪاءُ ڏئي ڦاٽي پئي آهي، کيس ڪجهه ڏينهن اڳ ڏنل ڊاڪٽر جي ايڊوازئيز ياد ٿي اچي، ”اوهان گهڻو پريشان نه  رهندا ڪريو، گهڻو سوچيندا به نه ڪريو، گهڻوسوچڻ هائيپر ٽينشن جو سبب بڻجي ٿو، جيڪو اوهان لاءِ هاڃيڪار آهي.

يا خدا هي مون کي  ڇا پيو ٿئي ۽ برين هيمرج.... هوءَ لوندڙين کي ٻنهي هٿن سان دٻائيندي ڪمري ڏانهن هلي ٿي اچي، پرس مان XANX جون گوريون ڪڍي پاڻي سان وٺي ٿي، ڪجهه دير کانپوءِ هلڪي رليڪس ٿئي ٿي پر سندس ذهن هاڻ مڪمل ڪانشس نه هيو، ڌڙڪندڙ هٿن سان   ڊائري کڻي بي ربط لفظن ۾ لکڻ لڳي ٿي.

”زندگي ..... رات سان ٺاهه ڪري..... ڇڏيو....... مان اڌ چنڊ ئي رهيس...... تون جيڪو مون لاءِ اجرو صبح هئين..... منهنجو نه رهين..... نه رهين...... نه....... نه ..... “ کيس لڳو سندس دماغ ڦاٽي پوندو، هوءَ بي ترتيب هٿن سان پرس ۾ پيل سموريون ٽرنڪو لائيزر ڪڍي ٻڪ ڀري وات ۾ وجهي ٿي، پاڻيءَ جو گلاس خالي ڏسي ... ٿڙندي ٿاٻڙجندي باٿ روم ڏانهن وڌي ٿي ۽ ڏڪندڙ هٿن سان واش بيسن کولي ٿي.آڌيءَ رات جو افتخار جهومندو  جهوگاريندو ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو، سڄوڪمرو باٿ روم جيان وهندڙ پاڻي سان ڀريو پيو آهي، هو بيڊ تان کليل ڊائري کڻي پڙهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ٻئي لمحي ٽڪ ٻڌي باٿ روم ڏانهن ڏسندو رهجي ٿو وڃي.

حاجي محمد ڪنڀر

امان! بادشاهه ڪڏهن    ايندو؟

موڏن چونئرن واري وانڍئي ۾ڪيترن ئي چوڙن وارين رٻارين جا آندر گوندر گاري احساس سانڍڻ کان ئي چٽ ڪري ڇڏيا هئا، پوءِ به مورن جا ٽُهوڪا ٿيندا هئا، تڏهن کهراڻ ڀريل هئيان جا ڪڙا ٽوڙيندي چونديون هيون.

”مڌرا ٽُهوڪن ور، ميٺا ٻولين من ري “

”مورن جا ٽهوڪا، من جي ڳالهه ٻڌائن ٿا “

اهي ۽ انهيءَ جهڙا اکر روز ڪنهن نه ڪنهن حيلي وسيلي جِيتو اوڙي پاڙي ۾ رڍن جي اُن مان ٺهيل ڪارن وڳن ۾ ويڙهيل لاسو،ميگهي ۽ پنهنجي ماءُ پالي واتان ٻڌندي هئي، جن جي سُونهن کي ڪڙلا، ڪانٻيا، هاڙلا، واڙلا ۽ امر چوڙا پهرائي قيد ڪيو ويو هو ۽ جيتُو انهن جو ڇڙواڳ جُسو هروڀرو کڙ پيل پٽيلن جي ابتن فيصلن جي ٻليدان چاڙهڻ کانپوءِ ڍلن  ۽ ويڪرن ارهن کي ڪارن وڳن ۾ اکين اڳيان نمندي ڏٺو هو، جن جي احساسن جا ڪوٽ وهان ڪرڻ مهل سائي ڪپڙي ۾ ٻن ڏونگهين کي ويڙهي گڙ ڀريل مٺاڻ جي ”ها يا نه “ تي ڪرائڻ لاءِ پئنچات گهاٽ گهڙندي هئي.

تنهن هوندي به انهن جي اندر ۾ اباڻن اگڻن گهاريل ڏينهڙا  ساجهر کان سارو ڏينهن مورن جي پيهون پيهون سان وڙُوٽا کائيندا هيا، جيڪي مور فطرت ۾ آزادي جو مزو ماڻن لاءِ ڍيلن سان رمندي، رنگ جا اڻکٽ نمونا ڌرتي تي اوتيندا هئا ته جيتُو جي من ۾ اهڙو واءَ گهُگهٽ ڪندو هو، جنهن واءَ ۾ جيتُو جهڙيون ڪئي جوانڙيون پنهنجي مُلوڪپائي جي هٺ سبب پرڻجڻ مهل ڪارن ڪپڙن ۾ سرٻاٽ ڪندي، ساهرن اڱڻ وک وڌائڻ  کانپوءِ پنهنجووجود ڌرتي تي بار محسوس ڪنديون هيون.

اهڙا جيون گهاريندڙ ڏينهڙا جيتو ڪئي ٻين عورتن جا وانڍائي ۾ ڏٺا هئا، جن جا نرڙ تاجوئن سان ڀريل هوندي تيج وڃائي چڪا  هئا، تن تاجوئن کي ڏسي ريچڪ ڪندي جيتُو پنهنجي سونهن وڌائڻ ۽ فطرت

کي پنهنجي اڳيان گوڏا کوڙائڻ لاءِ تاجوئا کڻائيندي  هو نيڻ مٿي کڻندي هئي ته فطرت جي پيرن ۾ ڏڪار جا ڏاڻ ٽٽندي محسوس ٿيندا هئا ۽ جيتون جون اڇلون کائيندڙ حُسن پالي ڏسندي هئي، تڏهن هو به پنهنجي جواني جا وڃايل رستا ڄمار جي  پيچرن مان  ڳولڻ لڳي هئي ته آندر ۾ الاهئي واچوڙا  چوڏس کان هن طرف ان ڏينهن کان آيا ٿي، جڏهن مڙس ڏوڏو ڪنڊي تان سنگريون لاهيندي ڪرڻ کانپوءِ سورن جا سٽ نه سهندي اکين اڳيان کڙيون گسائيندي جڳ ڇڏيڻ لاءِ زبان تي لفظ آڻڻ کان اڳ ٿڪو ٿي نستي ماهه کي ”اگني سنسار “  ڪرڻ لاءِ ٻين  جي هٿن ۾ڏنو هو، تڏهن پالي ”امر چوڙو “ پٿر تي ڀڄندي مڙس سان گڏ محبت جي ڀيٽا طور ڏنو هو، تنهن ڏينهن کا ن ئي ڪارونجهر ڏهاڳڻ پالي ڏانهن محبت واري مهاڙ ڪرڻ ڇڏي ڏني هئي، پرپالي جيتو جي منهن تي پاٻوهه مان هٿ ڦيريندي،ڪاري ويس سان ڏونگر ڏانهن ڏٺو هو، تڏهن جبل کي پنهنجي طرف نه ڏسندي معيار ڏني هيائين.

”ڏونگر يا ڏور ڀلا، آگڙ جائو تو پاڻا “.

ماءُ جي انهن لفظن جي ڪڙاڻ جيتو ٻڌندي چيو هو.

”ماءُ توکي ڏونگر مٺو لڳي ٿو، ائين ٿي چوين نه “؟.

جيتو ڄڻ ته لفظن جا رسالا پالي جي ڍري ٿيندڙ عمر جي جُسي تي وجهندي ئي وڪڙ ڏيڻ شروع ڪيا هئا، تنهن مهل پالي ”نه .... نه “ ڪندي منهن مان نڪتل لفظن تي ڦرندي جيتو جي وارن کي پنهنجي هٿن ۾ چوٽي ڪرڻ لاءِ وٽ ڏنا ٿي، جيتو پنهنجي ئي بدن مان وٽ نڪرندي رڙ ڪئي هئي.

”او هو .... امان ڍرو وٽ ڏي نا “

پر جيتُو کي اها سڌ نه هئي ته ماءُ جا ڪجهه وقت اڳ چيل لفظن پالي جا پوڙهاپڻ طرف مڙندڙ هڏن تي وڇوئن وانگي ڏنگ هڻڻ شروع ڪيا هئا، تڏهن پالي جيتُو کي سمجهائيندي چيو  جيتُو!“.

”هان!“ جيتو هلڪو جواب ڏنو هو.

ماءُ چيو:”جيتُو جانچ ڪر ڪارونجهر پري کان اوٺي رنگ ۾ ويڙهيل ڪهڙو خوبصورت لڳي ٿو، پر توکي خبر آهي ؟“

”نا “ جيتُو انڪار ڪندي وراڻيو.

پالي وري چيو:”انهيءَ جبل کي ويجهو ويندو ته انهيءَ ۾ رڳو پٿر نظر ايندا “.

اهي لفظ  چوندي پالي جي احساسن ۾ پورو ٿر لهي آيو هو ۽ جيتُو ماءُ جي نيڻن سان نيڻ ملايا هئا ته اکين جون  ماڻڪيون ڄڻ چرڻ کان معذور ٿي ويون هجن، تڏهن به جيتو ڳچي ۾ ڪنٺي ۽ لوندڙين مٿان رنگين مڻين جا گول ڌٻڪ ٻڌي   مرگهي نيڻ ۾ سرمي جو سمنڊ کڻندي وک وک تي ڪڏندي،  سرامڻ ٽيج تي هيڏن ۾ لڏندڙ هڪ جيڏين ڏانهن ويندي ڪارونجهر به جيتو کي ڏسي ورتي هيائين، ڏونگر پنهنجي پٺن تي فطرت جي کنيل پٺارڪ لاهڻ جو بهانو ڪندي جيتُو جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ لوئڻوهنيو هو ته چوٽيون چٿرون ۽ کلڪوڙا ڪندي ٻين چوٽين کي چوڻ لڳيون، .

”اي! توهان ڏٺو؟ نيٺ کڳ به پنهنجي آندر ۾ سونهن جا جهٽڪا نه سهڻ تي لوئڻا هڻڻ لڳو آهي “.

انهيءَ ٻولا چالي مان لڳو ٿي  ڄڻ چوٽين کي اها ٻڙڪ ڪو نه هئي ته ڪارونجهر ۽ جيتُو  جي اک اک سان ملائڻ واري حرڪت ڪڏهن شروع ٿي هئي پر وڻن هوا جي ڪروڌي سُوساٽن تي جهنڊا پٽ ختم ڪندي چوٽين کي لڪ ڇپ ۾ چيو .

”اي ٻڌو ته سهي !“

چوٽين پنهنجو نرڙ اچو ڪندي وڻن ڏانهن ڏٺو ته وڻن ”کارئي آن  ڇڄي “ وارو پيار محسوس ڪندي انهن کي چوڻ لڳا.

اوها کي خبر آهي؟

”نه ”“  چوٽين هڪ ئي رڌم ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيو هو.

چوٽين جي انڪار تي وڻن وري چڇيو ”سچي ڳالهه جي اعتبار هجي ته اها آهي ڏونگر ۽ جيتُو جي عليڪ سليڪ انوقت ٿي هئي، جڏهن جيتو جون پولڪي ۾ ڇاتيون اڀيون ٿيڻ لڳيون هيون، وجود ۾ارڻي جي گلن جهڙي خوشبو اوتجڻ لڳي هئي، گلن تي ليار وانگي موهيڙا ڦٽڻ لاءِ آتا هئا، سرير گولاڙن وانگي پچي جوابي جي لامن ۾ لڏڻ لڳو هو ۽  فطرت  هن کي پنهنجين اکين ۾ سرمي جيئن پائڻ شروع ڪيو هو.”هان ته اها ڳالهه آهي“ چوٽين اچرج مان اهڙو ته هان ڪيو ڄڻ انهن جي چپن تي پٿر جون اکريون اچي ويون هجن.

پوءِ به سڄي ماحول ۾ روز گڻڻ کان مٿي هڪ جيڏين سان گڏجي مرڪون ورهائيندڙ جيتو جي ڊگهي ”سيلري “ وانگي ڳچي اهڙي چترڪار ٺاهي هئي، جنهن جا  هٿ  ٺاهڻ مهل پترڪي پوندا هئا، هن تي نقش چٽا ڪندي ملوڪپائي جا رنگ اوڍايا ويا هئا، اهي ٻين کان الڳ ٿلڳ هئا، هن جي نرڪتي ادائن ۽ سونهن جون شاهديون الاڄاڻي ڪٿي ڪٿي پڳيون هيون، جنهن تي ڏندين ڪريل پٽيل ڏوڏي جون ٻارش لاءِ ٿڌي پاڻي جون ٿڌيون لوٽيون ڀريندي ئي جيتو جي  وهان  مطلق گگون ڪرڻ لڳا هئا، پر ماءُ ڪنهن کي به هٿ جيتو طرف ڪرڻ نه ڏنو هو، جنهن مان لڳو ٿي ته پالي ”تڏهن به زال ”سهائي تڏهن به رات “  وانگي هئي، پوءِ به وانڍئي ۾ رڍون ڪترندي ڪي الهه لڳي ڳالهه ڪندا هئا.

”بلي ! رڏول رن ڏسين ته اڀ ۾ ٿي ڪڏي، ڄڻ راڄ سڄي کي انهيءَ کان سواءِ گرهه ئي هيٺ ڪو نه لهندو“

اهو پالي انهيءَ لاءِ ڪندي هئي ته وانڍئي ۾ ”ڪڏڻي کي گهنڍي “ ٻڌڻ وارا ڪئي هئا پر ميگهراج پٽيل جي تاب اهڙي هوندي هئي جو ”ڇڪين جو ڇيهه “ اچي ويندو هو، انهيءَ ڏينهن به اوهان ڪرڻ لاءِ ڀانت ڀانت جا اليڪرا سليڪرا پٽيل چاندي جون ڪوٽيون، ٺوسيا ۽ سفيد ڪڙيا پائي وهان لاءِ گگون ڪرڻ لڳا هئا، تڏهن ميگهراج ڊگهي ڏي وٺ کانپوءِ چيو هو.

”توهان وٽ عزازت واري ڳالهه ڪونهي،  رڳو آ ڪنڃري وارو کر، هر ڪنهن کي ڀڳوان اڀرو سڀرو پنهنجو ڏنوآهي، پوءِ به پالي جو ڪنڌ موڙي سڪي ۾ ٽٻي ڏياريو ٿا توهان پنهنجي دل تي هٿ رکي ڏسو ته سهي “.انهيءَ  ڳالهه کي  ڪنهن سنڌو ڏيندي نرم لهجي ۾ چيو هو.

”ميگهراج! وڙٽ جي م ڪر، سردا منجهه ڪم نبري ته ڀلو آ“

ميگهراج جي ٺيٺا ٺيٽ انڪار کانپوءِ به ڪيترائي راڄن جا ماڻهو جهوڪ ڄمائي ويٺا، پر پالي اهڙا سينگ ڀرايا جو سڀني کي ڏندين آڱريون اچي ويون، ڪيترن ئي مٿا هيلا هنيا،  نيٺ ڪُڏي ڪُڏي ٿڪا، تڏهن هر ڪو ”اليوڀمر “ ڪندي هليو ويو پرويندي ويندي اهو چئي ويا ته .

”پالي! تو سڀني کي ٺونٺن چاڙهي ڇڏيا آهن، رڳو ڇوري کي پوٺي چهاڙ ته خبر پوي “.تڏهن پالي هڪ ئي جواب ڏنو هو.

”موچڙو آ منهنجو، توهان سڀئي گڏجي ههڙيون الائي اڃا ڪيتريون ڪندا “ پر پالي ” گنات ڪر جي جاڻيو، پاڻي پئجي ڇاڻيو “ وارن اصولن جي قائل هئي، تنهن جيتُو کي ڪنهن ٻڙڌڪ ۾ ڦاسائي هن جي وجود ۾ ڪو به خزان جو ڀوئنچال مچائڻ کان اڳ هن کي فطرت، ڪارونجهر ۽ جواني جي رستن تي رمڻ لاءِڇوٽ ڏئي ڇڏي هئي، جيئن هو وڌي ويجهي، جواني ۾ سونهن جو نشو ڀرجي، مٽجندڙموسمون انگ انگ ۾ سرور ڀرين، پر جيتوُ لاءِ وجود ۾ ڪنهن به بهار جي ڪا به ضرورت ڪو نه هئي پوءِ به ماءُ کي هڪ ڀيري چيو هيائين.”امان هڪ ڳالهه ٻڌ “” سونهن جي اڏندڙ پکين جا پر ڪٽڻ جا اختيار پٽيلن هٿن آهن ڪ “.

جيتو ڄڻ ته ماءُ اندر ۾ ڏوڏي جي مرڻ کانپوءِ محبت جو ڪاڳر ٻيهر اٿلائيندي چيو هو، تڏهن پالي انڪاري ڪندي چيو .

نه...... ڌيءَ....... نه “.

نه نه پالي جي تصور ۾ آيل سارس سڪل ٽوڀن تان اڏامڻ لڳا هئا، جن احساسن جا الا الائي ڪيترا او اونچا ۽ احساستي هئا، تڏهن به پالي جي اکين جون ماڻڪيون يادن جي هندوري ۾ مٽ مٽ ڪرڻ لڳيون هيون، جڏهن وانڍئي ۾ دهل جي دٻڪ دٻڪان سان ڪنهن گهر وهان هوندو هو ته جيتو جي اندر جو ماٺو ۽ احساسن سان ڀريل وٽو ڇلڪندي ان مهل رڪجي پوندو هو، جڏهن ڪاري وڳي ۾ ويڙهيل ڪنوار سڏڪا ڪندي زندگي جي ڪنهن اونهائي ۽ ويڪري رڻ ڏ انهن ڌڪڻ لاءِ اوڙي پاڙي جا ننڍا وڏا مائٽ مٿي تي هٿ رکندي اڪارڻ جو گڏجي فيصلو ڪندا هئا، جيتو اهي ڪارا اوني وڳا جڏهن ڏسندي هي تڏهن پنهنجو تن هن کي ڪنواري هوندي تندور محسوس ٿيندو هو ۽ رات جو سمهڻ مهل هوپنهنجي بدن تي ڪارن وڳن جو تصور ايندي هٿ ڦيريندي هئي ته رون رون اڀو ٿيندي سونهن جي نيلامي تي ڪرب اندر ۾ ڦوٽون آڻي ڇڏيندو هو، تڏهن هڪ دفعه ماءُ کان پڇي ورتائين.

امان ،......؟

” وري ڇا ٿيو “ پالي سواليا لهجي ۾ چيو هو.

ماءُ.... هي ڪارا  ڪپڙا توهان  ڇو ٿيون پايو !“؟

پالي کي جيتو ڄڻڪنڊن واروپاسو بدلائڻ لاءِ چيو هيائين.

”ائين ئي رسم آهي “ پالي زندگي کي هارايل بازي واري تصور ۾ ٻڏندي چيو هو.

”پر .... امان .... اهو ته انسان جو ساهه گهٽجي هرو ڀرو اگني سنسار ڪرڻو آ“.

”ڌيءَ هوندو! پر اسين ته ڄايون ئي انهن رسمن جي رکوالي لاءِ .

پالي جي ڄڻ ته هٿ لڪيرن کان ويندي نرڙ جي گهجن تائين وري ڪو دورو دهرائجڻ شروع ٿيو هجي، تنهن هوندي جيتو جي اندر جو اسرار هو ته انهيءَ رسم جي کوجنا ڪجي، جنهن خوبصورت جسمن کي اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيو هو، پوءِ به جيتو ٻيهر ضد ڪندي ماءُ کان پڇيو.

”امان  ڪا ڳالهه ته هوندي ڪ ... خام خا ڪارا ويس ڪيا آ هن“.

ماءُ جي ڊگهي نظرن هن جي ڳالهه تاڙي اهو پڇڻ کسڻ جي جرئت  ڪندي چيو : تون ڇو ٿي پڇين ”  انهن لفظن ۽ جيتو  جي سواليا نظرن پالي جي اوني گڀن ۾ ڍڪيل جسم کي ڦڙڪڻ سان  سانوڻ ۾ امنگن جا دکندڙ ڏيئا وسائي جذبن جي پنن کي ڇاڻڻ شروع ڪيو هو، تڏهن کان ئي وجود جي وڻ جون پاڙون سڪندي محسوس ٿيڻ لڳيون هيون،پوءِ به ٻئي هڪ ئي ڏوهه ۾ هڪ جيڏن، هڪ جهڙن ۽ هڪ رخ ۾ ٺهيل چوئرن ۾ بي ڏهي قيد ٿيل هيون، تنهن قيد کي هلڪو ڪندي جيتو وري ماءُ کان پڇيو.

امان!

”هاڻ وري ڇا ٿيو “ پالي  اونهي پيڙا مان ڪنڌ موڙيندي چيو هو،

جيتو پالي جي اندر ۾ سالن کان آيل وڪڙ کولڻ جي همٿ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندي چيو” امان ... اوهين هي ڪارا وڳا ڇو ٿيون پايو “؟.

”اهي ڪارا وڳا “؟ پالي جهجهي جگر تي هر ستم سهڻ جي الهامي طاقت جو سهارو وٺندي پاٻوهه مان جيتو جي خوبصورت نرڙ تي چپ رکيا ته جيتو پنهنجو ڪنڌ پالي جي سٿر تي رکندي ڪنهن ڊگھي وارتا  ٻڌڻ لاءِ سوچ جي رستن تي لهڻ جي ڪيائين ته پالي  چيو.

”اهي ڪارا وڳا انهيءَ لاءِ جو دودي ۽ چنيسر جي ويڙهه ۾ اسان جو پٽيل ڪسجي ويو هو، تنهن ڏينهن کان ئي ڪارا ويس ڪيا آهن“.

”پوءِ امان اهي لاهي ڦٽا ڇو نه ڪيا ٿا وڃن، جيتو پاڻ ڪارن وڳن ۾ آزاد ٿيڻ لا‌ءِ هن معاشري کي منٿ ڪندي  چيو هو.

پالي انڪار ڪندي چيو ته”نه .... نه...... ڌيءَ...... نه “اهو ته دودي يا چنيسر جو وارث ئي ڪري سگهي ٿو.

پر اهي ته بادشاهه هيا، امان تون پاڻ ئي چوندين آهين ته بادشاهه وڏو ماڻهو هوندو اهي، جنهن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن جا مٿا ٽڪرائبا آهن، جيتو ماءُ جي وساريل يادن جي ڪٿا وري کولڻ شروع ڪئي هئي.

تنهن مهل پالي چيو ” ٺيڪ ته چوندي آهيان“

جيتو بحث کي ڊگهو ڪندي ڳالهه ڪئي ”پر اها ته سراسري جيون سان جٺ آهي امان “.

پالي پنهنجي اندر کي وري اپٽڻ شروع ڪندي  چيو.

”اهي جٺون هت روز گڻڻ کان مٿي ٿين ٿيون، ڌيءَ تون ڪنهن ڪنهن رستي کي روڪڻ جي ڪنديئن، خود تنهنجي جيون به ڦاهي جي ڦندي ۾ آهي “.جيتو اميد جو سهارو وٺندي چيو.

”اهو ته ٺيڪ آ پر  امان چاچو ميگهراج هٿ هٿ تي ڏيئي ويٺو آهي، هو ڪنهن گڙنگ ماڻهو پويان لڳي پوي ته ڇا ڇا ٿي نه ٿو سگهي “.

پالي چيو:”ڌيءَ انهي جي وس ۾ ڪجهه به ناهي، سواءِ پنهنجو پاڻ ۽ راڄ جون ڪي نياڻيون “.

”امان ..... هڪ ڳالهه ٻڌ! مون  کي ڪارا ڪپڙا پارائڻ کان اڳ ته بادشاهه اچي ويندو “؟”.

جيتو جي سوال پالي جي اندر ۾ احساسن جي لهرن کي اهڙا لوڏا ڏنا، جنهن کي چئني طرفن کان پنچائت کڙا هڻڻ شروع ڪيا هئا، تن پٿرن کي هن جي انڪاري هٿن روڪي ورتا هئا، تڏهن به  اڄ جيڪو کڙو انهيءَ جي گهر ڏانهن اچڻ وارو هو، اهو ميگهراج جي هٿن ۾ هو، جنهن جي هٿن ۾ ايتري طاقت  هئي جو حياتي جي ول جو چونٽوٽوڙڻ جون ٽلو ٻن ڏونگهين کي سائي ڪپڙي ۾ ويڙهڻ کانپوءِ اچي وينديون هيون، تنهن مهل ڪارونجهر جيڪو جيتُو جي مرڪڻ تي مست ٿيو هو، تنهن ميگهراج جي جتي جي چيچاٽن تي ڪئي سوال ڪيا هئا پر  هو سڀني کي لتاڙي فطرت جي دي جون سونهن وارون تندون ٽوڙي، انهن کي ڪڙلن،ڪاٻين، هاڙلن ۽ واڙلن ۾ قابو ڪرڻ لاءِ ڪي ٽڪساٽ پنهنجي ذهن جي ڄار ۾ ڦاسائي پالي جي اوٽي چڙهيو هو، ته پالي جيتُو جي حياتي واري گهرٽي ۾ اهڙو ڦيرو ڏيڻ جي ڳالهه ميگهراج جي منهن مان ٻڌي هئي، جيڪو ڦيرو مرڻ گهڙي تائين رڪجڻ جو نالو نه وٺڻ جو عهدنامو ڪنڌ جي لوڏن ۾ ڪرڻ جو هو، تڏهن مورن ماٺ ڪئي، ڄڻ انهن کي اها سڌ اڳ ئي پئجي چڪي هئي، تنهن ماٺار تي سرنگهو جي وڻن پنهنجيون ٽاريون اڀيون ڪري ميگهراج اڳيان احتجاج ڪيو پر راڄ جون جواني واريون لامون ڪٽي ڀيمي سان  ڳنڍڻ جا اختيار هٿو هٿ ڪري سرهائي سان ويندي جيتُو جي جواني واري آئيني جي چوخير وقت جو اهڙو ڪٽ چاڙهي ويو هو، جنهن ۾ ڪا به چمڪ نه هئي، تنهن هوندي به جيتُو وري پالي کي چيو.

”امان دل جو روڳ ڇا ٿيندو آهي “؟.

پالي ٿڌو ساهه ڀري احساسن جي پکين کي اڏاريندي چيو.

”ڌيءَ! ڪهڙو روڳ پُڇين ٿي؟ هت اسين سڀ درد جي پاڃاري ۾ جوٽيل آهيون، جنهن جي واڳ هڪ رخ هڪ طرف ۽ هڪ دنگ ڏانهن مڙي ٿي، ڄڻ قسمت جا  ڪاڳر ڪورا هجن “.پالي ڊگهي ڳالهه ڪندي جيتُو جو ذهن  موڙڻ چاهيو ٿي پر جواني جي رستن کي رڻ ۾ بدلائڻ واري تصور هن جي من ۾ هورا کوري پيدا ڪري  مانءُ کان وري پڇڻ تي مجبورڪيو.”امان... اهو ڪارا ڪپڙا لهرائي، رنگين ڪپڙا ڏيڻ وارو بادشاهه آئون ڏسنديس “؟

پالي هٻڪندي هٻڪندي ڪجهه چوڻ بجاءِ رڪي وئي ڄڻ هن جي زبان ڳالهائيڻ وقت ٺوٺ ٿي ويئي هجي. پوءِ به ڌيءَ کي دلداري ڏيندي چيائين.

”ها .... ڌيءَ ڇو نه ڏسندئين “.

جيتو ڊگهي انتظار کي ڪٽيندي چيو.

”امان ! بادشاهه ڪڏهن ايندو “؟

”ڌيءَ بادشاهه مرضي جا  مالڪ  هوندا آهن، جڏهن دل چاهيو ته رعيت طرف منهن ڪندا پر ايندو ضرور.... تنهنجي .....؟

جيتُو جي مک تي سرهائي اهڙي راند رچائي هئي جو ڪارونجهر به ڏسي ورتي، تنهن سرهائي جي موٽ مورن ٽهوڪن جي صورت ۾ ڏني ۽ جيتُو وري به سونهن جي سفر تي هڪ جيڏين سان نڪتي ته انهن مان ڪنهن مهڻو ڏيندي چيو:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com