سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1996ع

مضمون

صفحو :4

     هن وقت تائين شاهه جي ڪلام جا سترهن سُر شرح ۽ معياري متن سان اچي چڪا آهن، ڊاڪٽرصاحب جن جو اهو پيار جو پورهيو ٽيهن سالن جي اڻٿڪ محنت جو نتيجو آهي.

”تحقيق ۽ شرح جا سلسلا “

شاهه جي رسالي جي تحقيق ۽ شرح جي حوالي سان هن وقت اهل سنڌ وٽ دنيا جي هن مهان شاعر جي ڪلام جي شرح جا ٻه سلسلا موجود آهن.

1.      ڊاڪٽر گربخشاڻي جو رسالي جي تحقيق ۽ شرح وارو سلسلو.

2.      ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي شاهه جي رسالي جي تحقيق ۽ شرح وارو سلسلو.

ڊاڪٽر گربخشاڻي جي شرح وارو سلسلو به نامڪمل آهي ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي شرح وارو سلسلو به اڃا پورو نه ٿيو آهي، گربخشاڻي جي شرح ۾ سُر، پورب، آسا، ڪلياڻ ۽ گهاتو نه آهن،۽ ڊاڪٽر بلوچ جي شرح ۽ تحقيق ۾ سسئي جا پنج سر ، ليلان چنيسر ، مومل راڻو، ڪاموٽ ، سورٺ ۽ مارئي رهيل آهن ، شرح جي انفرادي سلسلن کي ڇڏي اسان يڪي نظر سان ڏسنداسين ته ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ڪيل شرح ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي ڪيل شرح سان اسان وٽ شاهه جي رسالي جي اڪثر سرن جي شرح اچي وڃي ٿي، جيڪا گربخشاڻي ۽ بلوچ صاحب علمي پورهئي جو ڦل آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جنهن تندهي ۽ جاکوڙ سان رسالي جي تحقيق ۽ شرح جي ڪم کي سرانجام ڏيئي رهيا آهن، ان لاءِ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته پاڻ رسالي جي تحقيق ۽ شرح واري سلسلي کي جلدکان جلد ختم ڪرڻ جا خواهشمند آهن، وڌيڪ سڀ ڳالهه رب جي اختيار ۾ آهي، رب العٰلمين کين حياتي بخشي جو پنهنجي هن شروع ڪيل علمي ۽ تحقيقي ڪم کي پنهنجي حياتي ۾ پورو ڪن، جيڪا آئون سمجهان ٿو ته علمي ۽ تحقيقي طور تي نهايت وڏي ڳالهه ٿيندي، مون هت رسالي جي تحقيق ۽ شرح جي حقائق کي ان ڪري بيان ڪيو آهي ته اسان جي اهل علم ۽ عوامي حلقن آڏو هن ڪم جي سڄي وچور جو صورتحال سامهون اچي، اسان جا ڪي دانشور دوست چوندا آهن ته رسالي جي شرح ڪو اهڙو وڏو مسئلو نه آهي، ڀلا جيڪڏهن رسالي جي تحقيق ۽ شرح ايڏو وڏو مسئلو نه آهي ته پوءِ انهيءَ سلسلي ۾ هنن پاڻ ڪهڙا گل موکيا آهن ۽ ڪهڙو ڪارج سڌ ڪيو آهي، زباني چوڻ بلڪل سولو آهي، پر ان تي عملي صورت ۾ ڪم ڪرڻ ٻي ڳالهه آهي، درياءَ جي ڪناري تي بيهي چوڻ ته پاڻي آهي، ٻيو ڇا آهي، پر جڏهن ان ۾ لهبو ته تانگهي، تار ۽ تک جي خبر پوندي آهي.

       شاهه جو ڪلام صوري ۽ معنوي لحاظ کان نهايت وڏي پد وارو آهي، تحقيق ۽ ان جي شرح جومسئلو ته پري پر رسالي جي بيتن جو تعداد انهن جي صحيح صورت ۽ پڙهڻي سرن جو انداز ۽ شاهه جي سوانح، ان دور جا تاريخي حالات، ثقافتي رويه وغيره پنهنجي جاءِ تي اهل علم لاءِ هڪ وڏو مسئلو رهيا آهن، انهن سڀني نڪتن کي شرح کان اڳ نچوڙي نروار ڪرڻ، مختلف روايتن ۽ سوانح نگارن جي بيان ڪيل ڳالهين کي صحيح صورت ڏيڻ لاءِ علمي ۽ تحقيقي  اصول قائم ڪري، سڄي مواد کي ڇنڊي ڇاڻي پيش ڪرڻ، پنهني جاءِ تي خود هڪ وڏو تاريخي ۽ تحقيق طلب ڪم هو،ڊاڪٽر بلوچ صاحب جنهن عرق ريزي ۽ علمي بصيرت سان اهو ڪم سرانجام ڏنو، اهو هڪ تاريخي ڪارنامو آهي، لطيف جي سوانح جي سلسلي ۾ شروع کان وٺي ڪيترائي اختلافي نڪتا رهيا آهن، اهي سانگي وٽ به آهن، قليچ وٽ به آهن، گربخشاڻي وٽ به آهن، علامه دائود پوٽي ۽ مولانا دين محمد وفائي وٽ به آهن، آئون ٻين سڀني ڳالهين کي ڇڏي ڪري هڪ نڪتي جو ذڪر ڪندس، اهو آهي”شاهه سائين جي پڙهيل يا اڻ پڙهيل هئڻ جو “جناب ڊاڪٽربلوچ صاحب رسالي جي مقدمي ۾ شاهه سائين جي پڙهيل هئڻ لاءِ برجستا دليل ڏئي جيڪو نتيجو اخذ ڪيو آهي ته ”شاهه سائين جيتوڻيڪ عالم نه هئا پر علمي طور تي وڏي سڌ رکندڙ هئا “ ڊاڪٽر صاحب جن جي تحقيق ۽ راءِ انهن سڀني خدشن ۽ خيالن کي دور ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي هن کان اڳ شاهه سائين جي ڪن سوانح نگارن آڏو هئا يا علمي حلقن ۾ انهن کي ثقه سمجهيو ٿي ويو يا ڪي حلقا تردد جو شڪار هئا، اهڙي ريت لطيف جي سوانح جي سلسلي ۾ ڪن فرضي ڳالهين ۽ اختلافي مسئلن کي ڊاڪٽر صاحب نهايت سهڻي انداز ۾ تحقيقي طور تي نڀايوآهي ۽ علمي حلقن ۾شاهه جي سوانح تحقيقي انداز سان آئي آهي، جيڪڏهن ڪن حلقن ۾ اڃا به ڪو آچار ويچار آهي ته کين انهن نڪتن کي علمي انداز سان پيش ڪرڻ گهرجي، تحقيق جو ميدان وسيع آهي ڪو به فرد ان ۾ حرف آخر نه آهي، پر جڏهن حقيقتون ڪر کڻي بيهن ٿيو تڏهن اهي پنهنجي وفود کي منطقي طور تي مڃائڻ جو پنهنجودليل پاڻ هونديون آهن.

 ”متن جي تصحيح “

ان کانپوءِ ٻيو نڪتو آهي رسالي جي بيتن جي تصحيح، انهن جي تعداد ۽ وجود جو لطيف کان هئڻ، اسان وٽ هن ڳالهه تي پختو يقين ڪيو وڃي ٿو ته لطيف پنهنجو ڪلام پنهنجي هٿن سان ڪراڙ ڍنڍ جي حوالي ڪري ڇڏيو، لطيف سائين جو اهو عمل ڪيتري قدر قرين قياس آهي، نهايت توجه طلب مسئلو آهي، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب علمي نموني سان نڀايو آهي، ان هڪڙي نڪتي کي جواز بڻائي ڳنڍ ٻڌڻ ته لطيف جو ڪلام جيڪو هن وقت رسالي جي صورت ۾ آهي، ان کان ڪيئي حصا وڌيڪ لطيف جو ڪلام هو، ان لاءِ ڪڇ يا سنڌ جي هيٺين حصي يا ٻين هنڌان بيت گڏ ڪري شاهه جو ڪلام قرار ڏيڻ ڪيتري قدر صحيح آهي، ان لاءِ اسان جي عالمن، ڏاهن لاءِ سوچڻ ضروري آهي،گنج ۾ڪلام جو جيڪو ذخيرو آهي، اهو سڀني نسخن جي ڀيٽ ۾ غالباً وڌيڪ آهي، ٻيو ته جڏهن به اسان وٽ انهيءَ صورتحال سان ڪو ڪلام آيوآهي ته ان ٽن حصن کان وڌيڪ گنج وارا بيت ئي آهن ۽ باقي شاذو نادر نوان بيت نظر اچن ٿا، تن لاءِ پڻ لطيف جا بيت هئڻ جا ڪي اصول مقرر هئڻ گهرجن، جن جي آڌار تي پرک ۽ ڀيٽ بعد راءِ ڏني وڃي، پر اسان وٽ ائين نه ٿيو آهي، ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو هر تحقيقي شيءِکي ان قسم جي سوچ رکندڙ صاحب نامڪمل تصور ڪن ٿا، جڏهن انهن کان اهو سوال ڪيو وڃي ٿو ته لطيف جي ڪلام جي پرک لاءِ ڪهڙا معيار هئڻ گهرجي؟ ته ان جو وٽن ڪو مصدقه جواب نه هوندو آهي، صرف اهو چوڻ ته جن بيتن ۾ لطيف جو نالو آهي سي هن سلسلي جي بيتن جون ڪڙيون آهن، اهو چوڻ ته علمي حقائق وٽان آهي نه وري تحقيق جي اصولن وٽان آهن.

       ڊاڪٽر گربخشاڻي به رسالي جي متن جي تحقيق ۽ شرح لاءِ ڪي اصول مقرر ڪيا، جن جي بنياد تي هن ڇنڊ ڇاڻ ڪئي، ساڳئي ريت ڊاڪٽر بلوچ پڻ ڪي علمي اصول مقرر ڪري پوءِ تحقيق ۽ شرح  جو فرض سرانجام ڏنو آهي،يقين آهي ته هن ڪم ۾ گربخشاڻي جا اصول به سندن نظر ۾ رهيا هوندا ۽ پاڻ ادبي دنيا جي علماءِ متقدمين جي اصولن کي به نظر ۾ رکيو هوندائون، ڊاڪٽر بلوچ شرح وارن سرن جي متن ۾ جيڪي بيت ڏنا آهن، انهن تي غور ڪندا ته سندن ڪلام جي پيشڪش ۾ گربخشاڻي جي پيش ڪيل ڪلام کان ڪيترا بيت واڌو نظر ايندا، ٻيو ته هڪ سُر جابيت جيڪي ٻئي سر ۾ هئا، انهن کي اتان کڻي ساڳئي سُر ۾ سموهيو ويو آهي، جيڪا هڪ نئين ۽ اهم ڳالهه آهي ته جيئن سرن جي بيتن ۾جيڪو اختلاخ جو سلسلو آهي، کي صاف ڪجي ۽ جيڪو بيت جنهن سُر جو آهي اهو پنهنجي سُر  سان سلهاڙيل رهي، جيئن معنيٰ ۽ مقصد ۾ واضح صورت بيهي.

     ڊاڪٽر صاحب ٻيو جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو آهي شاهه جي ڪلام ۾ ٻين جن به همعصر يا متقدمين شاعرن جو ڪلام آهي، ان کي الڳ ڪيو ويوآهي، جنهن لاءِ رسالي جي پرک وارن اصولن کي ڪم آندو ويو، اهڙي قسم جي ڪلام وارن ڪن بيتن ۾ يا ته انهن شاعرن جا نالا هئا يا انهن جي ڪلام کي انهن جي رسالن سان ڀيٽ ڪري الڳ ڪيو ويو، جيئن ميئين عيسيٰ جا بيت، عبداللطيف ڪيسر جا بيت، شاهه عنايت، قاضي قادن يا ميئين ڪريم جا بيت، اهڙي ريت انهيءَ قسم جي بيتن جو چڱو خاصو تعداد شاهه جي ڪلام ۾ هو، اهڙي قسم جي ڪلام کي جدا هڪ جلد جي صورت ڏني وئي آهي.

”رسالي کان ٻاهر ڪلام جو مسئلو “:

لطيف جي ڪلام جو رسالي جي ڪلام کان ٻاهر هئڻ وارو معاهدو علمي ۽ ادبي حلقن ۾ توڙي عوامي حلقن ۾شدت سان بيان ڪيو وڃي ٿو ۽ ان لاءِ آڱريون اڀيون ڪيون وڃن ٿيون، مختلف خيال ۽ رايا پيش ڪيا وڃن ٿا، اهڙي قسم جي ڪلام کي جيڪي حلقا لطيف جو ڪلام قرار ڏين ٿا، انهن کي به ڪلام جي پرک لاءِ ڪي اصول ڪم آڻڻا پوندا، جن تي انهيءَ ڪلام کي پرکجي، جنهن ۾ موضوع، هئيت يا فارم، ردم،حسن محتيٰ ۽ حسن صورت، ڪلام جو اعجاز، ٻوليءَ جي نحوي ۽صرفي بناوت، تحريري يا روايتي  شهادت وغيره کي خيال ۾ رکڻوپوندو ۽ رکيو ويو هوندو،جيڪي تحقيقي ۽ علمي طور تي ضروري آهن.

      لطيف جي نالي ۾ اسان وٽ بيتن جي گهاڙيٽي جا ٽڪسال موجود رهيا آهن،جيئن وضعي حديثن لاءِ ڪوفه ۽ بغداد ۾ موجود هئا، حديثن جو تعداد ايترو وڌي ويو ۽ وڌي رهيو هو جو المئه حديثه کي ان لاءِ فن اصول حديث وضع ڪرڻو پيو، جنهن ۾ فن ”اسماءِ الرجال “ وجود ورتو، ۽ روايت با معنيٰ ۽ روايت متواتر لاءِ به اصول مقرر ڪرڻا پيا ۽ روايت لاءِ درايت جو طريقو اختيار ڪرڻو پيو ۽ حديث جي ثقه هئڻ لاءِ ان کي ان مان گذارڻوپيو، ان حد تائين جو راوين جي ثقه هئڻ لاءِ طريقيڪار اختيار ڪيو ويو، اسان کي به لطيف جي ڪلام لاءِ اهڙي قسم جو طريقو اختيار ڪرڻو پوندو، جيڪو لطيف جي ڪلام جي ثقه ۽ مصدقه صورت ظاهرڪري، ڇاڪاڻ ته لطيف جي نالي ۾ اڳئين وقت کان وٺي ڪيترن ٻين ڪلام چيو آهي،جيڪو انهن ٽڪسالن جي پيداوار آهن.

     ڪچهري جو ڪيرت سنڌ جي زندگي جو هڪ اهم ۽ قديم رويو رهيو آهي، جيڪو هزارها سالن کان هلندو پيو اچي، ڪچهرين جي انهيءَ سلسلي جو جتي زندگي جي ٻين معمولات تي اثر رهيو، اتي شاعري يا ائين چئجي ته انهيءَ وجداني ڪيفيت جي پرورش به انهن ڪچهري ۾ قدري ٿي آهي، جتي مقبول ۽ معروف شاعرن جي ڪلام، انهن جي نصيحت وارن نڪتن جي اثر پذيري سبب انهن جا حلقا پيدا ٿيا ۽ انهن جي شعرن ۽ نڪتن کي ياد ڪندڙ ۽ سانڍيندڙ ماڻهو وجود ۾ آيا، انهيءَ روش اهڙي قسم جي حلقن ۾ ويهندڙ، ٻڌندڙ ۽ دلچسپي رکندڙ فردن ۾ پڻ هڪ قسم جو ذوق ۽ تجسس پيدا ڪيو، جنهن جي بنياد تي انهن ماڻهن انهن نڪتن ۽ شعرن جي ڀران پنهنجا شعر ۽ بيت پڻ چيا، ائين انهن جو به هڪ حلقو پيدا ٿيندو ويو ۽ هڪٻئي جي خيالن جي پرک لاءِ عظيم شاعرن جي فڪري نڪتن جي اوٽ ۾ به اسان جي انهيءَ قسم جي ماڻهن بيت چيا ۽ پنهنجي بيتن جي مقبوليت لاءِ ڪن بيتن ۾ پنهنجو نالو به استعال ڪيو ۽ ڪن وري ناميارن شاعرن جي نالي جي اوٽ ورتي ته ڪن پنهنجي نالي کي خير باد ڪيو ۽ پنهنجن انهن بيتن کي ڪچهرين ۾ عظيم شاعرن جي ڪلام سان گڏيندا ويا، انهيءَ سلسلي ۾شاهه جي  ڪلام جي حافظن وڏو ڪم ڪيو آهي، هڪ ته انهن کي  لطيف جو ڪلام تمام گهڻو ياد هوندو هو، ٻيو وٽن ڪلام جي پکر لاءِ ڪو مصدقه معيار موجود نه هيو ۽ روايت تي درايت جي عمل کان وانجهيل هئا، ڪهچري يا مجلس ۾ جڏهن بيت پڙهڻ جوسلسلو هلندو هو ته ان ۾ هڪ ٻئي کي مات ڏيڻ لاء ڪلام پيش ڪرڻ ۾ لطيف جا توڙي ٻين جا بيت چئي ويندا هئا ۽ محفل ۾ انهيءَ سڄي ڪلام کي لطيف جو ڪلام تصور ڪيو ويندوهو ۽ ٻڌندڙ لاءِ اهو سڄو سرمايو لطيفي لات هوندو هو، اهڙي تيت اهي ريت زبان زد ۽ عام ٿيندا ويا ۽ ماڻهن جي سينن ۾ محفوظ رهيا ۽ پيڙهي کان ٻئي پيڙهي تائين هلندا آيا، ان مان ڪي وسري ويا ته ٻيا نوان ميدان تي  ايندا ويا، اهو سلسلو نه صرف اڳ هو پر هن  وقت به جاري آهي.

      ان جو اندازو لڳائڻ ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه نه آهي، بنا سوچ سمجهه ۽ بنا ڪنهن علمي تحقيق جي اهو چوڻ ته علمي حلقا شاهه جي ڪلام سان ظلم ڪري رهيا آهن، صحيح نه آهي، اهڙي قسم جو رويو جيڪو ظن ۽ قياس تي هجي ان کي وزنائتو تصور ڪرڻ لطيف دشمني جي برابر آهي، پوءِ ان جو اظهار ڀل اسان مان ڪير به ڇو نه ڪري.

بيتن جي تحقيق جو طريقئه ڪار:

بيتن جي تحقيق لاءِ صحيح متن واسطي جيڪو طريقو اختيار ڪيو ويو، اهوهيٺين ريت ڪيو ويو، سُر ڪارايل جي داستان پهرئين جو بيت متن ۾ تحقيق کان پوءِ هن ريت ڏنل آهي.

وحده وائي ڪري چڙهندي چيائين

سولڙ لنگهيائين، جتي پارک پکيان

بيت جي ڀيٽ يا پرک لاءِ اختيار ڪيل طريقيڪار مختلف نسخن جي علامتن سان هن ريت ڏنل آهي.

ص ڻ-2 مد نص هه پ ظ ٺ ٽ مص ح ع د حس ن س ق=

وحدهُ وائي چڙهندي چيائين.

ف س ٽ ڻ 2- ش ب غ = وحدهُ وائي ڪڍي چڙهندي چيائون

ل گ ٺ- اٺ 2 ن پ لدنق= وحدهُ وائي چڙهندي چيائون

ط=وحدهُ وائي چڻندي چيائون

ن- 1= چڙهندي چيائون وحدهُ وائي

(2) ڻ 2- مد نص هه پ ظ ٺٽ مص ح ع ي د حس ن ڀل ج ق ک ٽ و ر م ايئن

ص= سولڙ لنگهيائين جتي پارک ٿيندي پکيان

ط ل گ ٺ اٺ 2 سٽ ش ٺٽ ب فق ع =سولڙ  لنگهيائون جتي پارک پکيان

ف= سولڙ لنگهيائون جتي پارنکن پکيان

ڻ-1= سولڙ لنگهيائون جتي پير نه پکيان

ڻ-2= سولڙ لنگهيائون چئي پتکيئان

لد=سولڙ لنگهيائون جتي پارک پکڻا

سڄاڻي. ا ص ڻ – 2 نص هه پ ظ ٺٽ مص ح ع ي د حس ن ڀل س ج ق ک ت و ر م رسالن ۾ هن بيت جي اهائي پڙهڻي آهي، جيڪا متن ۾ رکي وئي آهي، چيائين مان مراد منجهه چيو، يعني مٿي اڏامڻ سان وحدهُ جي ٻولي (وائي) ڪيائين

2- هي بيت رسالي ڻ –ا ۾ هيٺين  پڙهڻي سان سُر سري راڳ هيٺ رکيل آهي.

چڙهندي چيائون، وحدهُ وائي  ڪري،

سولڙ لنگهيائون جتي پير نه پکيا.

اها پڙهڻي سُر سري راڳ جي موضوع سان لڳي ٿي.

2- ط ف ل گ ٺ اٺ 2 سٽ ش ٺٽ لد ب فق ت ۽ پوئين دور جي رسالن ۾ بيت جي پڙهڻي هيٺين طور آهي.

وحدهُ وائي ڪري چڙهندي چيائون

سولڙ ننگهيائون جتي پارک پکيان.

هن پڙهڻي مان به وحدهُ وائي ڪري وڻجارن جو ٻيڙين ۾ چڙهڻ واري معنيٰ ٿي، جيڪڏهن چيائون مان مراد جمع ۾  منجهن معنيٰ وٺجي ته اها به صحيح ٿيندي پر پوءِ ٻين لاڳيتن بيتن ۾ گهڻ منجهه بدرانهڪ منجهه جو ذڪر آهي.

لفظي معنيٰ

(1) وحده  = الله پاڻ واحد آهي-وحده وائي ڪري _الله وحده چئي-پڙهندي= اڏامڻ ۾ مٿي مٿي چڙهندي

(2) لڙ= لڙيل پاڻي، ميري گندي پاڻي جو تلاءُ-لنگهيائين= مٽيائين(رات لٿو ڪو نه پر مٽي ويو )

پارک=پرکا-پکيان= پکين جي

رسالي جي متن جي جاچ ۽ تصحيح لاءِ جن ڳالهين  ۽ اصولن کي مدنظر رکيو ويو آهي اهي قابل غور آهن،

جنهن ۾ شاهه جي رسالن جي مختلف نسخن جي قدامت، انهن ۾ ڪلام جي بيهڪ، سٽاءُ ۽ پڙهڻي جي صورت، ٻوليءَ جو لهجو وغيره، سڀ کان پهرين گنج آهي ان ۾ اهو بيت ڪيئن آهي، ان بعد ٻين آڳاٽن قلمي نسخن ۾ ترتيبوار بيت جي صورت ڪهڙي آهي، هر بيت جي صحت جي تصديق لاءِ (47) يا (48) قلمي نسخا، بمبئي ڇاپي وارا 8 رسالا، ارنسيٽ ٽرمپ وارو نسخو 1900ع عيسوي وارو شاهه جي رسالي جو سرڪاري ڇاپو، مرزا قليچ بيگ وار رسالي جو 1913ع وارو ڇاپو ۽شاهه جي ڪلام جي راڳاين جي روايت کي متن جي ڀيٽا لاءِ ڪم آندو ويو آهي، انهيءَ سڄي ڳالهه ۾ لفظن جي صحت، بيت ۾ لفظ جي معنوي حيثيت ۽ گرامر جي اصولن جي پوئواري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ زمان، حال، ماضي، مستقبل، مضارع، اسم تصغير، صفاتي ۽ فعلي صورتن تي ڏيان ڏنل آهي ۽ ان لفظ جي معنوي صورت کي نظرانداز نه ڪيو ويو آهي، ان بعد جتي به کين سقم نظر آيو آهي، ان کي واضح ڪيو اٿن ۽ مختلف پڙهڻين جي ڀيٽا سان بيت جي پڙهڻي کي واضع ڪيو اٿن ۽ مٿي ڄاڻايل رسالن جي تعداد کي ڪم آندو اٿم، جيڪي( 06 12 هجري) کان وٺي (1340 هجري ) تائين ۽ (1866ع کان وٺي (1913) جي دورن جا آهن، جن جي قدامت مسلمه ۽ مصدقه آهي، هر بيت کي انهيءَ مان گذاري پوءِ متن ۾ ڏنو ويو آهي.

غور ڪبو ته اهو نهايت  اوکو ۽ وڏي سوچ وارو تحقيقي عمل آهي، هر ماڻهوءءَ جي حوصلي جي جاءِ نه آهي، ان لاءِ هڪ بيت جي ڀيٽا لاءِ رڳو وقت جو اندازو ڪجي ٿو ته ڪيترو وقت صرف ٿيو هوندو، اهڙي ريت رسالي جي سڀني سرن جي بيتن کي انهيءَ انداز سان پرکڻ ۽ پيش ڪرڻ نهايت وڏي ڳالهه آهي، مون اڳ ۾ به عرض ڪيو ته پاڻي ۾ لهڻ کان پوءِ ئي خبر پوندي آهي ته ڪيترو اونهو آهي ۽ تکي تار ڪيتري اٿس، پير پکن ٿا يا نه، اسان مان ڪو چوي ته ڊاڪٽر صاحب بيت ڪڍي ڇڏيو آهي، يا هن جون هي سٽون ڇو ڪڍيون آهن، ان لاءِ اسان کي مٿئين صورتحال مان گذري پوءِ فيصلو ڪرڻ گهرجي ته آيا سندن اهو قدم صحيح آهي يا غلط، جيڪڏهن تحقيقي اصولن مطابق سندن پورهيو صحيح آهي ته پوءِ اسان کي انهيءَ کي قبول ڪرڻ گهرجي، يا تحقيق جي سلسلي ۾ انهيءَ کان وڌيڪ ٻيا ڪي ڪارگر ۽ بهتر اصول آهن ته اهي اسان کي پيش ڪرڻ گهرجن، جن تي انهن اختلافي بيتن يا بيتن جي پڙهڻين جي پرکي ڪري صاحب تحقيق آڏو رکڻ ۽ آڻڻ گهرجن ته ڳالهه اصل ۾ هيئن ٺهندي، جيڪو عمل  ادبي ۽ تحقيقي صداقت لاءِ ضروري آهي، انهيءَ ساري مامري ۾ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي تحقيقي عمل کي ڪٿي به مڙهيندي نظر نه ٿااچن، پر ان جو فيصلو قاري تي ڇڏين ٿا ته هو انهيءَ ڀيٽا بعد خود اندازو ڪري ته علمي ۽  عملي طور تي جو ڪجهه پيش ڪيو ويو آهي، ان ۾ ڪيتري صداقت آهي، تحقيق جا اهي اصول ڊاڪٽر صاحب جا خود ساخته نه آهن پر اهي علمي ۽ فڪري طور تي مڃيل تحقيقي اصول آهن، جن کي دنيا جي هر ٻوليءَ جي ادبي تحقيق ۾ ڪم آندو وڃي ٿو.

شاهه جي  ڪلام جي جاچ ۽ ان جي صوري ۽ معنوي حيثيت جي اوجر لاءِ ڪي اصول ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب واضح ڪيا، ڪي ڊاڪٽر گربخشاڻي ترتيب ڏنا، ڪي علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جوڙيا، انهن صاحبن  به عالمي ادب جي مڃيل اصولن کي نظر ۾ رکيو ۽ انهيءَ جي روشني ۾ پنهنجي پرک لاءِ قاعدا جوڙيا، ڊاڪٽر بلوچ جي اصولن تي نظر ڪبي ته سندن تحقيق جا اصول ڪجهه واڌاري سان انهن مڙنئي اصولن جو مجموعو آهن ۽ علمي ۽ تحقيقي تقاضائن کي پورو ڪندي نظر اچن ٿا.

           هن هيڏي وڏي ڪم ۾ ڪن سهون جو ٿي وڃڻ انساني فطرت جي تقاضا آهي، اهڙين ڪن جزوي ڳالهين کي وٺي انهن کي ڊاڪٽر صاحب  جي عمدا ً راءِ قرار ڏيڻ منهنجي خيال ۾ صحيح نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪو به انسان فرشتو ۽ مافوق العقل فرد نه آهي، هو سماجي مخلوق آهي، اسان کي بجاءِ تنقيد جي ڪم ڪندڙ جي پورهئي ۽ ان جي محنت کي نظر ۾ رکڻ گهرجي، ڊاڪٽر صاحب ڪٿي به اها دعويٰ نه ڪئي آهي ته  جو ڪجهه پيش ڪيو ويو آهي هو حرف آخر آهي، سندن انهيءَ ڪم جي نوعيت تحقيقي چاڙهي جي ڏاڪي جي آهي، پهريون ڏاڪو ڊاڪٽر گربخشاڻي جن رکيو، ان بعد ٻيو ڏاڪو ڊاڪٽر بلوچ جن رکيو آهي، منزل اڃا پري آهي، تحقيق جو ميدان وسيع رهيو آهي، جنهن تي ڪا روڪ ڪانه آهي، هي هڪ هلندڙ تاريخي عمل آهي، جيڪو عملي، فڪري ۽ تحقيقي دنيا جو ڏاج آهي، اڄ هڪڙي ڪئي آهي، سڀاڻي ٻيا ڪندا، جيڪڏهن ڪنهن ۾ سمرٿي آهي ته اڳتي وڌي  ٽيون ڏاڪو جوڙي.مون کي يقين آهي ته هن بعد جيڪو به صاحب ايندو ۽ تحقيق جي ميدان ۾ قدم رکندو، اهو انهن ٻنهي ڏاڪن تي پير رکي چاڙهه چڙهندو، انهن کي اورانگهي قدم نه رکي نه سگهندو، ڇو ته هر پيش رو، پويان ايندڙ لاءِ سونهي جو ڪم ڏيندڙ آهي، پنهنجي سونهي کي پٺي ڏيئي ڪير به چاڙهي چڙهي نه سگهيو آهي، هر ايندڙ محقق کي انهن اصولن جو اڀياس ڪرڻو پوندو آهي ۽ انهن جي بنياد تي هو اڳتي وڌي سگهندو، خلا ۾ هن جو پير کپي نه سگهندو، تحقيق جي سلسلي ۾ انهن ڏاڪن جي انهن قدمن جي، انهيءَ تحقيقي مواد جي مسلمه حيثيت آهي ۽ رهندي، جيستائين ٻيو ڪو اڳتي وڌي ان کان وڌيڪ وزندار اصول ۽ حقائق پيش ڪري.

شاهه سائين جي ڪلام جي انهيءَ طرح سان سٽاءُ لاءِ آئون هڪ مثال پيش ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو، ” سر رامڪلي “ جو هڪ مشهور بيت آهي:

جامع سڀ جهان، منهن محراب پرين جو- الخ

ڇپيل رسالن ۾ اهو بيت چئن سٽن سان آيل آهي ۽ اسان پاڻ پنهنجي مضمونن ۾ انهيءَ بيت کي چئن سٽن سان استعمال ڪيو آهي ۽ ان  تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آهي، پر جڏهن مون انهيءَ بيت کي رسالي جي تحقيق ۽ شرح واري جلد ڇهين ۾ ڏٺو ته اهو ٻن سٽن وارو نظر آيو:

جامع سڀ جهان، منهن محراب پرين جو،

سڀوئي سبحان، ڪيڏانهن ڪري نيتيان.

مون کي خود حيرت ٿي جڏهن ڊاڪٽر صاحب جي تحقيقي اصولن کي ڏٺم جنهن ۾ پاڻ مختلف قلمي ۽ آڳاٽن ڇپيل رسالن ۾ اهو بيت شروع کان وٺي ڪيئن آهي، ان لاءِ  پيش ڪيل دليلن تي غورڪيو ويو ته محسوس ٿيو ته ڊاڪٽر صاحب جنهن آڌار تي اهو بيت ٻن سٽن وارو ڪيو آهي، ان ۾ پنهنجي جاءِ تي ڪو نه ڪو وزن آهي، اهڙي ريت اسان چئون ته اهي ٻه سٽون.

اڏامي ات ويو عقل ۽ عرفان

ڦرهي تان فرقان جي ڪاٽيائون قرآن

بيت  ۾ هئڻ گهرجن ته اسان کي ان لاءِ ثبوت پيش ڪرڻا پوندا پر جي روايتن جي بنياد تي اسان انهن ٻن سٽن کي بيت جو حصو قرار ڏيون ته انهيءَ روايت جي تسلسل جا اسان وٽ ڪهڙا دليل آهن، انهيءَ روايت جي دليلن کي اسانکي دراين جي عمل مان گذرڻو پوندو ۽ روايت جي ثقه هئڻ لاءِ روايت متواتر يا روايت با معنيٰ  کي پوءِ قبول ڪرڻو پوندو، باقي اسٽيج تي اچي اهو چئي وڃون ته ڊاڪٽر صاحب رسالي جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي، ڪلام جا ڀاڱا ڪڍي ڇڏيا آهن، اهو سطحي عمل آهي، اسان مان جن عالمن، دانشورن، رسالي جي حافظن يا ڪلام جي ڳولها ڪندڙ ۽ ڄاڻن کي ڪٿي ڪو به اختلاف آهي ته ان کي اسان کي علمي صورت ۾ پيش ڪرڻ گهرجي، دليل جواب دليل هئڻ گهري، ڇاڪاڻ ته لطيف جو ڪلام ڪا معمولي ڳالهه ڪانه آهي، پر لطيف هڪ اتهاس جو نمائندو شاعر آهي، هو زندگي جو شاعر آهي، فڪر ۽ فهم جو شارح شاعر آهي، هو ٻوليءَ جو راکو ۽ ان جي وجود جو ضامن شاعر آهي، هن جي عظمت ۽ مهانتا دنيا ۾ مٿانهين آهي، هو قومي وجود جي بقا جو ضامن شاعر آهي، اسان مان هر ڪنهن کي پنهنجي نقطئه نظر پيش ڪرڻ جو يقيناً حق آهي ليڪن ان حق جي حقيقت لاءِ اسان کي حقائق جي وڏي ضرورت آهي، جيڪي اسان کي مضبوط دليلن سان تلاش ڪري انهيءَ سلسلي ۾ پيش ڪرڻ گهرجن، تڏهن اسان پنهنجي نقطئه نظر کي واضح ڪري سگهنداسين.

           رسالي جي شرح ۾ ڪي بيت جيئن جو تيئن ڏنا ويا آهن، ان لاءِ ڪو چوي ته اتي انهيءَ اصول کي روا نه رکيو ويو آهي ڇا” ان لاءِ عرض ڪندس ته ائين نه آهي، شاهه جي رسالي جي هر بيت کي انهيءَ عمل مان گذاريو ويو آهي، جنهن به بيت جي صورت سڀني نسخن ۾ ساڳي آهي، ان کي انهيءَ صورت ۾ رهڻ ڏنو ويو آهي، پر جن بيتن جي صورت ۽ سٽاءُ ۾ نسخن جي ڀيٽا ۾ گهٽ وڌائي آهي، انهيءَ جون اهي مختلف  پڙهڻي جون صورتون ڏنيون ويون آهن، جنهن ۾ ڪثرت راءِ واري صورت کي ترجيح ڏني وئي آهي، اسان ڏسنداسين ته اهڙن بيتن جو تعداد به تمام گهڻو آهي، شاهه جو هر ٻيو ۽ ٽيون بيت يا بيت جي هر ٻي يا ٽين سٽ انهيءَ عمل مان گذري آهي، ڊاڪٽر صاحب انهن سڀني صورتن کي نروار ڪري ان بعد ئي بيت جي صحيح صورت ڏانهن قدم وڌايو آهي.

”ڏکين لفظن جي معنيٰ “

شرح ۾ بيت جي صحيح صورت حاصل ڪري ڏيڻ بعد ڏکين لفظن جي معنيٰ ڏني وئي آهي، جنهن کي لغت جي اصولن مطابق بيان ڪيو ويو آهي، ڪن لفظن جا مصدر انهن جون فعلي صورتون پڻ ڏنيون ويون آهن، لفظن جي معنيٰ بيت جي مطلب کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڏيندڙ آهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com