سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1996ع

مضمون

صفحو :25

”حيدرآبادي سنڌ “  کي معياري محاورو يا  ڀاشا چوڻ درست ناهي،  حيدرآباد ٻولي، وچولي جو لهجو Accent   آهي، اهڙي طرح شڪارپوري، لاڙڪاڻائي ٻوليون، اترادي يا سري جي محاوري جون مقامي ٻوليون يا  آهن، ڊاڪٽر هدايت انهيءَ  نڪتي کي ظاهر ته ڪيوآهي پر ان کي اڳتي وڌائي ڪنهن حتمي فيصلي تي پهچي ڪو نه سگهيو آهي، ڪتاب جي مهاڳ (ص 7) ۾ اهڙو بحث ڪيو اٿس،ڪتاب و عنوان اترادي ٻولي لکڻ جي باوجود به ڪتاب ۾ هر هنڌ ”اترادي لهجو “ (محاورو ) ڪري لکيو اٿس، (نوٽ: اسان جي بحث کي سامهون رکي اداري کي انهيءَ سلسلي ۾ وضاحت ڪرڻ گهرجي.

اترادي ٻولي جي حدن کي سمجهڻ لاءِ به اسان کي محاورن جو اڀياس ڪرڻو پوندو.ڪاڪي ڀيرو مل صرف ڇهه محاورا ڪتاب سنڌي ٻولي جي تاريخ ۾ ڳڻايا آهن، ارنيست ٽرمپ ٽي محاورا لکيا آهن 1-لاڙِ -2 سري ۽ 3- ٿري، ٿري کي به نج محاورو نه ٿو سمجهي، ابراهيم  گريئرسن سنڌي ٻولي جا ڇهه محاورا مڃي ٿو، پر اترادي کي پوءِ به محاورو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، سندس ڇهه محاورا هن طرح آهن، وچولي، سرائڪي، لاسي، لاڙي ٿريلي ۽ ڪڇي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي سنڌ کي ٽن طبعي حصن  ۾ورهائي اترپاسي کي سرو ۽ ڏاکڻي کي لاڙ سڏيو آهي، وچولي ۽ اوڀرين پاسيکي ساهتي سڏيوآهي، وچولي سنڌ جون حدون گهڻو ڪري لاڙڪاڻي ۽ ان ي آس پاس کان وٺي حيدرآباد ۽ اني جي ويجهي پسرگدائي تائين ڄاڻايون آهن(آفتاب ادب ) 1974ع ص 116)ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهي ڪتاب ”سبي ٻولي “ ۾ ٻارنهن محاورا لکيا آهن، معياري اترادي، ماڇڪي، جغدالي، فراڪي، کيتراڻي، ڪوهستاني، لاسي، جدگالي، لاٰڙي،ڪڇي، ۽ ٿري، ابراهيم گريئر سن جو اترادي محاوري کي محاوراتي درجو نه ڏيڻ واري صورتحال تي سندس  ئي حوالن مان ڊاڪٽر هدايت اهو ثابت ڪيو آهي ته اترادي هڪ وڏو محاورو آهي ۽ جيڪو هڪ لساني علائقي ۾ ڳالهايو وڃي ٿو.

 اسان جي خيال ۾ ڊاڪٽر هدايت پريم کي هن ئي باب ۾ محاورن جي ڇنڊ ڇاڻ سان گڏ انهن جي علائقائي بيهڪ مطابق ورڇ به ڪرڻ گهربي هئي.انهيءَ بحث کي تڪميل تي پهچائڻ لاءِ  لساني حدبندي ڪري محاورن جي ڳڻپ ڪري سگهجي ٿي، انهيءَ لحاظ  کان ڏسبو ته ڀيرو مل، ٽرمپ، گريئرسن ۽ فتح محمد سيوهاڻي محاورن جي حد بندي ڪندي، ٻولي جي وسيع تر ڪينواس کي سامهون رکيوآهي، جڏهن ته ڊاڪٽر داد محمد وري محاوراتي حد بندي جي گهيري کي گهٽائي،مقامي ٻولين کي به محاورو ڪوٺيو آهي،  جهڙي طرح هن جغدالي، کيتراڻي ۽ فراڪي (جيڪي مقامي ٻوليون آهن ) کي محاورا سڏيو آهي پر حقيقت ۾ اهي ”جدگالي محاوري “ جا ننڍا لهجا ۽ ٻوليون آهن.ڊاڪٽر هدايت پريم اترادي محاوري جي حد بندي ڪندي محترم فاضل شيخ جي ڪتاب ”ماٿيلي، اٻاوڙي جي ٻولي “ مان حوالو ورتوآهي ۽ ان جي راءِ کي درست تسليم ڪيو اٿس، مان شيخ صاحب جي راءِ ۾ ڪجهه تبديليون پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ اها ٻولي جي واڌاري لاءِ ضروري به آهي، شيخ فاضل صاحب لکي ٿو ته ”خيرپور ضلعي جي اوڀر واري وسيع ايراضي، توڙيِ روهڙي ميرپور ماٿيلي ۽ اوٻاوڙي تعلقي جي اوڀرندي طرف واري وڏي پٽي ۾ سنڌي جو سنئون سڌو ٿري محاورو ڳالهايو وڃي ٿو، ٻئي طرف جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعن جي اولهندي پاسي بلوچستان  شورڻ ۽ سبي وارن علائقن ۾به اترادي محاورو رائج آهي، اٻاوڙي تعلقي جي اتر ۾وري ماڇڪي ٻولي جو گهڻو اثرآهي، اتان جي ٻولي کي سرائڪي سنڌي ته چئي سگهجي ٿو پر ان کي اترادي ٻولي يا سريلي ٻولي ۾ شمار ڪري نه سگهبو “ (ص -11)محترم فاضل شيخ جو اهو رايو ته مڃي سگهجي ٿو ته ماڇڪي ٻولي هڪ جدا محاوري جي پد تي پهستل آهي، پر اهو چوڻ ته ماٿيلي ۽ اٻاوڙي جي ٻولي، لهجو نه بلڪه محاورو آهي، مڃڻ جي قابل ناهي، اڳتي هلي شيخ فاضل صاحب پنهنجي راءِ کي حتمي ڪو نه ٿو سمجهي پر صرف انهيءَ ڳالهه تي زور ڏي ٿو ته ماٿيلي ۽ٌ اوٻاوٰڙي جي ٻولي تي ٿري محاوري جو اثرآهي، سندس انهيءَِ راءَِ کي درست مڃي سگهجي ٿو.

محترمه فاضل شيخ جي انهيءَ سان به سهمت ناهيون ته بلوچستان جي شورڻ ۽ سبي وارن علائقن ۾ ”اترادي محاورو “ رائج آهي، ڊاڪٽر داد محمد بروهي ان علائقي جي محاوري کي فراڪي، وطني، ڄٽڪي، جتڪي ۽ ملڪي سڏيو آهي (ڏسو ”سبي جي ٻُولي “ ص -29-30) محترم ڊاڪٽر هدايت پريم مٿئين نڪتي تي به ڪنهن قسم جو بحث ڪو نه ڪيو آهي، جيڪو ٿيڻ گهربو هو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سبي پاسي رائج لهجي کي ٽن ننڍن لهجن ۾ ورهايو آهي، فڙڪي، پڻڪي ۽ حسڪڻي، ڊاڪٽر داد محمد انهن ٽنهي لهجن کي فراڪي محاوري جا ننڍا ايڪا يا لهجا ڪري مڃي ٿو (ڏسو سبي جي ٻُولي ص 31)

ڊاڪٽر داد محمد، جغدالي، کيتراڻي کي به سنڌي ٻولي جا محاورا ڪوٺيو آهي، اصل ۾ اهي ٽئي ”جدگالي محاوري “ جا لهجا آهن، انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ ڪافي وزندار آهي، هو لکي ٿو:معياري سنڌي جي اثر واري دائري کان ٻاهر، اندروني بلوچستان وارن ڇڙوڇڙ سنڌي باشندن جي ٻولي ڪڇي رهي، جيڪا اڄ تائين سندن خاص بستين ۾ خام ”جدگالي محاوري “ جي صورت ۾رائج آهي، انهيءَ طرف سنڌ جي پکيڙ سان ”مغربي بلوچي “ ۽ سنڌ ي جو هڪ ٻئي جي لغات تي اثر پيو،سنڌ جي طاقت وڌڻ ڪري جيڪب آباد،سبي۽ ڪڇي ضلعن وارا علائقا سنڌ جي سياسي اثر هيٺ آيا، جنهن ڪري انهن علائقن ۾ سنڌي ٻولي رائج ٿي، سنڌي قبيلن جو اثر سبي توڙي اولهه طرف مڪران بلوچستان ۾وڃي ويهڻ واري صدين دوران مسلسل عمل سان بلوچي زبان جا ڪيترا لفظ سنڌي جا جز بڻيا ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ “   ص   160.ڊاڪٽر بلوچ ساڳي ڪتاب ۾ اڳتي هلي لکي ٿو ته ”ستين صدي ۾ جتي قبيلا سنڌ مان وري مڪران، ايران ۽مغرب طرف ويا ۽ سنڌي ٻولي  پاڻ سان اتي کڻي ويا، بلوچستان ۽ ايران جي حدن ۾ ان ٻُولي کي جدگالي (جتن جي ڳالهه - ٻولي ) سڏيائون، صديون پوءِ سڀ جدگالي ڳالهايندڙ پڻ اتي جدگال سڏجڻ لڳا.انهيءَ بحث جو مقصد اهو ثابت ڪرڻ هو ته سبي، ڪڇي، ۽مڪران ضلعن وارن علائقن ۾ جيڪي ٻوليون مستعمل آهن، اهي سڀ لهجا ”جدگالي محاوري “ جي دائري اندر ڳالهايا وڃن ٿا.اسان جي خيال ۾ انهيءَ محاوراتي تفصيلي بحث کانپوءِ  سنڌي زبان جا ڏهه محاورا ڳڻي سگهجن ٿا، جيڪي سنڌ جي  جاگرافيائي حدن اندر يا ڀرپاسي ۾مروج آهن، انهن جو وچور هي آهي.معياري محاورو، اترادي محاورو، ماڇڪي محاورو، ڪوهستاني محاورو، لاسي محاورو، جدگالي محاورو، لاڙي محاورو، ڪڇي محاورو، ٿري محاورو ۽ ڪاٺيا واڙي يا ميمڻڪي محاورو 1       

 انهيءَ سڄي لساني بحث مان جيڪي اهم نتيجا سامهون آيا، اهي هن طرح آهن.

1.      اهو معلوم ٿيو ته ٻولي ڀاشا ۽ معياري محاورو ٻه جدا جدا ٻولي جا اصطلاح آهن، هيئن چوڻ بهتر ٿيندو ته ڀاشا عوامي ٻولي آهي ۽ معياري محاورو ادبي ٻولي.

2.      معلوم ٿيو ته لهجي ۽ محاوري ۾ واضح فرق آهي، پهرين کي  Accent     ۽ ٻئي کي  Dailect    چئجي ٿو.

3.      لهجي ۽ محاوري جي جدا حيثيت کي سمجهندي اها به  ڄاڻ ملي ته اترادي محاوري جون حدون ڪيتريون وسيع آهن.

4.      اهو به طئي ٿيو ته سنڌي ٻولي (ڀاشا) جا هن وقت ڏهه محاورا مستعمل آهن.

5.      اهو به طئي ٿيو ته  بحث هيٺ آيل ڪتاب جو نالو ”اترادي ٻولي “ بدران ”اترادي  محاورو“ وغيره هجڻ گهربو هو.

مذڪوره ڪتاب جو باب ٻيو ”اترادي لهجي جي صوتياتي ڇنڊڇاڻ “ جي عنوان  هيٺ آهي“ جنهن ۾ ڊاڪٽر هدايت پريم نهايت باريڪ بيني سان  اترادي محاوري جي صوتياتي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، اها ڇنڊ ڇاڻ مناسب موقعن تي مناسب مثالن ذريعي ڪيل آهي، هن باب ۾ مون کي جتي اختلاف نظر آيو آهي، ان جي وضاحت ڪئي اٿم، جهڙي طرح ڊاڪٽر هدايت لکي ٿو ته اترادي لهجي ۽ معياري لهجي جي سرن ۾

 وسر گائي ۾ ۽ گهڻائپ ۾ ياغنائپ ۾ ڪٿي ڪٿي فرق موجود آهي ۽ ان جا مثال ڏنا اٿس:

معياري لهجو(محاورو) منهنجو تنهنجو ڪنهن جو

اترادي لهجو(محاورو) مان جو تون جو ڪينجو (ص -33)

ڊاڪٽر هدايت لکي ٿو ته اترادي محاوري ۾ ”هه “ آواز حذف ڪيل آهي پر اسان جي خيال ۾ اها تبديلي هن طرح ٿيڻ گهرجي ڇو ته هتي صرف ”هه “ حذف ٿيل ناهي ۽ نه ڪي اهو قاعدي مطابق اترادي محاوري جو تلفظ آهي.

مثال ڏسو:

معياري محاورو:منهنجو تنهنجو ڪنهن جو

اترادي محاورو: مهنجو        هنجو     ڪهنجو

اسان اترادي محاوري  موجب پهريون ”ن “ حذف ڪيو آهي، ڪاڪي ڀيرو مل به ساڳي ڳالهه ڪئي آهي هو انهيءَ سلسلي ۾ لکي ٿو ته حقيقتون اتر وارا صحيح آهن جو اصل ۾ هو اچار آهي ئي ڪو نه، اترادي ”پڻهس “ بدران عام طرح  چون ”پڻس “ (سنڌي ٻولي جي تاريخ ص -116) هتي جو اچار حذف ڪيل آهي، جيڪو بلڪل درست طريقو آهي.

مٿي ڊاڪٽر هدايت  جيڪا ڦير گهير اترادي محاوري ۾ ڪئي آهي،اها سبي جي علائقي ۾ ڳالهائيندڙ ٻولي جو نمونو آهي، جنهن جو  واسطو جدگالي محاوري سان آهي.

باب ٽين ۾ صوفياتي ڇنڊ ڇاڻ ڪيل آهي، هن باب ۾ به ڪافي وزندار حوالاتي بحث ڪيل آهي، اهڙي طرح

ذريعي سڀني عالمن جا رايا سامهون اچن ٿا ۽ ڪنهن حقيقي راءِ تي پهچڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي.

هن باب ۾ مون کي صرف اها ڳالهه وڌائڻي آهي ته بقول ڊاڪٽر هدايت پري ”س “ پچاڙي معياري لهجي ۾ ضمير غائب واحد لاءِ ڪم اچي ٿي، ان ي جاءِ تي اترادي ۾ ”هنس “ پڇاڙي ۾ ڪم اچي ٿي ( ص 54) اهڙو مثال ڏيندي لکي ٿو.

معياري لهجو (محاورو) اترادي لهجو (محاورو )

پٽس            پٽهنس

ڄاٽس           ڄاٽهنس

اصل ۾ اترادي محاوري ۾ ٽ (ٽر) جي اچار مطابق اها  تبديلي هن طرح ٿيندي.

معياري محاورو اترادي محاورو

پٽس           پٽنس(پٽرنس)

ڄاٽس          ڄاٽنس (ڄاٽرنس )

اترادي محاوري موجب اهڙن الفاظن ۽ اچارن مان ”هه “ حذف ٿيل هوندي آهي ۽ ننڍي ”ر “ جو اضافو ٿيل هوندو آهي.

باب چوٿين ۾ هدايت پريم اترادي لهجي جي نحوياتي نکيڙ ڪئي آهي، هن باب ۾ نحو جي وصف لاءِ انسائيڪلو پيڊيا آمريڪانا مان حوالو  ورتو ويو آهي، شريمتي پوپٽي جي خيالن کي به وڏي وقتعت ڏني اٿس، مختلف لساني ماهرن جا رايا ڏئي، سنڌي زبان جي مختلف محاورن مان جملن جا مثال ڏيئي عالمانه بحث ڪيو ويو آهي، انهيءَ لحاظ سان هي باب نهايت جامع ۽ڀرپور آهي.

ڪتاب جو پنو باب سرائڪي، بلوچي ۽ براهوي ٻُولين جي اثر قبولڻ متعلق آهي، هن باب ۾ هر هڪ ٻولي تي جدا جدا بحث ڪري اترادي محاوري تي سرائيڪي جي اثر کي قبوليندي شريمان ڀيرومل، محترم مهر عبدالحق، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ابراهيم گريئرسن ۽ ڊاڪٽر داد محمد جي ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن، دراصل هن موضوع تي  اڃا به وڌيڪ تفصيل سان بحث ٿيپئي سگهيو مسٽرظامي جي ڪتابن جا حوالا به وٺڻ گهربا هئا.

ٻين ٻولين ۽ بلوچي ۽ براهوي ٻولين و اترادي محاوري تي ڪافي اثر آهي، انهيءَ سلسلي ۾ ڀيرو مل جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته ويند واري زماني کان وٺي سنڌ ۽ قنڌار جي ماڻهن جي پاڻ ۾ گهڻي  لهه وچڙ هئي، انهيءَ کانپوءِ به هندن جي صاحبي ۾ افغانستان ۽ بلوچستان  جا ڪجهه  ڀاڱا سنڌ جي حڪومت هيٺ هئا، انهن سببن ڪري سنڌي تي بلوچي ۽ پشتو جو  گهڻو اثر پيو ( ص -89). گرئيرسن جي حوالي سان   بلوچي جا ٻه مکيه لهجا مغربي ۽ مشرقي ڳڻايا اٿس، بلوچي سان گڏ سرائڪي ۽ ملتاني ٻولين جا اترادي محاوري تي جيڪي اثرات پيا آهن، انهن جا مثال لفظن جي هڪ جهڙائي آهي، ڊاڪٽر مهر عبدالحق اهڙن لفظن جو وچور  ڏيندي لکي ٿو ته اهڙا لفظ ٻين هند آريائي ٻولين ۾ ڪونهن ( ص 9) ڊاڪٽر هدايت پريم اترادي محاوري تي براهوي جي اثر جي حوالي سان به ڀرپور بحث ڪيو آهي، هو لکي ٿو ته سنڏي زبان جي صورتخطي ۽ براهوي زبان جي الف بي ۾ ڪافي هڪ جهڙايون آهن، اهڙا مثال ڊاڪٽر عبدالرحمان براوهي جي ترتيب ڏنل الفابيٽ مان ڏنا اٿس،  سنڌي ۽ براهوي جي سرن جي هڪ جهڙائي متعلق به لفظن جي لڙهي ڏئي، اترادي محاوري ۽ معياري محاوري تي انهن جا اثر ڏيکاريا ٿس، ڊاڪٽر هدايت انهيءَ سلسلي ۾ جتي ٻولين جي هڪ جهڙائي متعلق پنهنجا وزندار مثال ڏنا آهن، اتي ساڳي وقت ٻولي ماهرن جا حوالا به ڏنا آهن، ڊاڪٽر بلوچ حوالو ڏيندي لکي ٿو: قديم دور جي منڊا دوراوڙي ٻولين توڙي موجوده دور جي پاڙيسري ٻولي بروهڪي جا ڪي الفاظ سنڌي  ۾ رائج ٿي چڪا آهن(ص 95) بهرحال ڪتاب جو هي باب نهايت مثالي ۽ قابل  ستائش آهي.

باب ڇهين ۾ ڊاڪٽر هدايت پريم اترادي محاوري ۾لوڪ ادب جي حصي جي باري ۾ پنهنجا رايا ڏنا آهن، اهڙن عالمن ۽ سگهڙن جي نالن جي لسٽ به ڏني اٿس، جن صاحبن هن فن تي تحقيق ۽ جستجو ڪئي آهي، هن علائقي جي لوڪ ادب ۽ پهاڪن وغيره تي ٻين ٻولين سان گڏ بلوچي، براهوي جو به ٿوررو گهڻو اثر آهي، پر خاص طور تي سرائڪي جو اثر وڌيڪ آهي، ان جا  ڏيندي ڊاڪٽر هدايت پريم ”سرور “، ڏور، ڇلڙو ۽ لولي (ليلڙي ) جا سرائڪي نمونا به ڏنا آهن، اترادي شاعرن ۾ واقعاتي لولي،  ليئڪو ۽ رومال اهڙا گيت آهن، جنهن ۾ وڇوڙي ۽ بيقراري سان گڏ محبوب جي تعريف ۽ گڻ رس جا به مضمون شامل آهن، اهي صنفون به  ڏنل آهن.

ستين باب ۾ اترادي محاوري جي خاص لفظن جي لڙهي الف ب وار ڏني اٿس، جنهن ۾  تقريبن 290 لفظ ۽ انهن جون معنائون ڏنيون اٿس

.باب اٺين ۾ 196 اترادي محاوري جون چوڻيون ۽ پهاڪن جي ميڙا چونڊي ڪئي اٿس، هي هڪ بهترين تحقيقي ڪم آهي.

باب ستين جھ شروعات ۾ جيڪڏهن خاص لفظن جي اهميت ۽ ڌاتو متعلق ڄاڻ ڏني وڃي ها ته هي باب وڌيڪ جامع ۽ ڪارائتو ٿئي ٿا، باب اٺين ۾ به ساڳي طرح پهاڪن ۽ چوڻين جو پس منظر بيان ڪيو وڃي ها ته ڪتاب ۾ وڌيڪ بهتري پيدا ٿئي ها ۽ چوڻين وغيره کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ سولائي ٿي ها.

ڪتاب جي لوڪ ادب واري باب ۾ جيڪڏهن اترادي محاوري جا ”ٻاراڻا ٻول “ ۽ انهن جا مثال ڏجن ٿا ته اهو باب پاڻ وڌيڪ جامع ٿي پوي ها، ٻاراڻا ٻول خاص طور تي ٻار راند روند جي موقعي تي استعمال ڪندا آهن، رات جو سمهڻ مهل گهرن جون وڏيون ٻارن کي ريجهائڻ لاءِ ٻاراڻا ٻول ٻڌائينديون آهن، اهڙا اضافا ڪتاب جي جاميعت ۽ رونق لاءِ اهم ثابت ٿين ها.

حاصل ڪلام ته هي ڪتاب اٺن بابت ۽ 143 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز ۾ڇپيل ۽ بهترين ٽائيٽل سان سنواريل آهي،مضمون جي لحاظ کان مجموعي طور اترادي محاوري تي تمام سٺو، پيرائتو ۽ لساني اصولن تي صوتي، صرفي ۽ نحوي قاعدن پٽاندڙ بحث ڪيو ويوآهي، محاوراتي بحث ايترو آسان به ناهي ڇاڪاڻ جو صرف اترادي محاوري جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ وقت ليکڪ کي تمام گهڻي ٽيڪنيڪل پيچيدگين سان منهن ڏيڻو پيو هوندو، ڇو ته اترادي محاوري  جي ارد گرد ٻيا محاورا ۽ ٻوليون مستعمل آهن، جيئن ته خيرپور ضلعي جي اوڀرين پاسي جي وڏي ايراضي ۾ روهڙي ميرپور ماٿيلي ۽ اوٻاوڙي تعلقن جي اوڀرندي پاسي هڪ وڏي گهيري ۾ ”ٿري محاورو “ رائج آهي، اولهندي پاسي کان وري سبي، نصير آباد ۽  جعفر آباد ضعلن ۾ جدگالي محاورو، ڳالهايو وڃي ٿو، سکر ضلعي جي اتر ۾ ۽ جيڪب آبادي ضلعي جي اوڀر يعني ڪشمور لڳ ماڇڪي جي ٻولي ۽ اڀي جي  ٻولي جو اثر آهي.

اهي سڀ پيچيدگيون لساني ميل ميلاپ ۽ ماڻهن جي لڏ پلاڻ جي ڪري مقامي ٻولين جو  ٽڪراءُ  ٿيندو رهي ٿو ۽ ان جي نتيجي ۾ هر ڏهن سالن کانپوءِ مقامي ٻولي جي ذاتي اچار ۾ ڪافي فرق پيدا ٿيندو رهي ٿو اهڙو فرق صرف ڪو لساني ماهر (Isoglasses) ذريعي پرکي سگهي ٿو، بهرحال محاوري جي لساني حد بندي ڪرڻ  نهايت ٽيڪنيڪل ڪم آهي، جنهن کي ڊاڪٽر هدايت پريم بخوبي نڀايو آهي، ڊاڪٽر هدايت مٿين سڀني  حقيقتن کي سامهون رکي اڳتي وڌيو آهي، مون کي يقين آهي ته سندس  اها سوچ ۽ تحقيق سنڌي ٻولي جي واڌاري جو سبب بڻبي ۽ هي ڪتاب اترادي محاوري کي سمجهڻ لاءِ  سنڌي ادب ۽ ٻولي جي حوالي سان اهم جاءِ والاريندو.

ڊاڪٽر الياس عشقي

شاهه لطيف جي بيتن جو وزن ۽ سنڌي اچار جا مسئلا

(علمي خط)

    سن 1991ع جي آخر ڌاري  پنجابي زبان جي برک ليکڪ، ناقد ۽ محقق محترمه دوست محمد آصف خان، ايڊيٽر ٽماهي پنجابي ادب لاهور مون کي هڪ خط ۾ لکيو  ته ”اوهان جي مضمونن مان مون کي معلوم ٿيو آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن جو وزن دوهي تي ٻڌل آهي ۽ انهن جي جوڙ جڪ دوهي ۽ سورٺي جي ميلاپ سان ٺهي آهي، پر مون کي بيتن جي  مصراعن ۾ وزن گهٽ وڌ نظر آيو آهي، تنهن ڪري مون ڪن سنڌي شاعرن ۽  اديب دوستن کان ان باري  پڇا ڪئي هئي پر ڪنهن  به مون کي خاطري جوڳو جواب نه ڏنو، هاڻي مهرباني ڪري اوهين ٻڌايو ته شاهه جي مصراعن جي وزن ۾ اها گهٽ وڌ ڇو آهي، جيڪڏهن اوهين  مثال  ڏئي ۽ تقطيع ڪري ان فرق کي واضح ڪندا ته شڪر گذار رهندس رهندس، اهو مسئلو مون کي پريشان ڪري رهيو آهي “ان زماني ۾  مون شاهه لطيف جي شاعريءَ جي فن تي هڪ مضمون پئي لکيو، جنهن ۾ شاهه جي بيتن جو وزن به ويچار هيٺ هو، تنهن ڪري ان موقعي  مان فائدو وٺندي شاهه لطيف جي ڪن بيتن جي تقطيع ڪري پنهنجي دوست کي سندس سوال جو جواب لکي موڪليو، منهنجو جواب پوءِ هڪ  مضمون جي صورت ۾ ”شاهه جي شاعري ۾ فن جي اُپٽار “ جي سري هيٺ ٽماهي مهراڻ جنوري جون 1992ع ۾ ڇپيو، بعد ۾ مهراڻ جولاءِ-سيپٽمبر 1992ع ۾ برادر محترم ڊاڪٽر تنوير عباسي جو هڪ مختصر خط شايع ٿيو، جنهن ۾ موصوف لکيو ته ”عشقيءَ جو  مضمون پڙهيم “ ان ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ جو ڇيد (تقطبع ) غلط ڪيو اٿائين، ان ڪري بيت جي سٽن ۾ ڇهن ماترائن جو فرق آهي، ان باري ۾ مضمون لکان پيو جلد موڪليندس “. مون کي ان مضمون جو انتظار رهيو، جيڪو پوءِ ٽماهي مهراڻ آڪٽوبر –ڊسمبر 1992ع ۾ شايع ٿيو.

اهو مضمون پڙهڻ کانپوءِ مون محسوس ڪيو ته ان جي ڪري بيت جي وزن بابت ادب دوستن ۾ غلط فهميون پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي، تنهن ڪري مون پنهنجن خيالن کي هڪ مختصر خط ۾ لکي ايڊيٽر ”مهراڻ “ ڏانهن موڪليو، پر انهن ڏينهن ۾ ”مهراڻ “ جي عملي جي تبديليءَ جي ڪري منهنجو اهو خط ڇپجي نه سگهيو، مان وري ٻين ڪمن ۾ مصروف ٿي ويس پر ٻٽي ڏينهن ٿيا ته ڊاڪٽر تنوير جو ان موضوع تي لکيل مضمون نظر آيو،مون اهو غور سان پڙهيو ۽ آئون وري  به ان نتيجي تي پهتس ته ان مضمون جي ڪري شاهه لطيف جي بيتن جي وزن بابت غلط فهمي پيدا ٿيندي ۽ ضروري سمجهم ته ان سلسل ۾ هڪ مختصر مضمون لکان.حقيقت ۾ ڇند وديا (پنگل) جو معاملو ايترو سولو ڪونهي، جو ڄيٺمل ڀاوناڻي جو ڪتاب ”سنڌي شعر “ يا ڪو ٻيو ڪتاب پڙهي وزن جو صحيح اڀياس ڪري سگهجي وزن ۾ بنيادي ڳالهه ته ماترائن جي ڳڻپ جي آهي پر اهڙي ڳڻپ ڪرڻ وقت ڪن ٻين ضروري ڳالهين جو خيال رکڻ به ضروري هوندو آهي، جن جي مفصل بيان جو هي موقعو نه آهي، منهنجي مضمون۾ وزن جي بنياد بابت غورڪندي Prosody جي اصطلاح Vowel Sounds جو ذڪر ڪرڻ ضروري هو،   ڇاڪاڻ ته  عروض ۾ سبب، وتر ۽ فاصلا ۽ پنگل ۾ ننڍيون وڏيون ماترائون ۽ واول سائونڊز مختلف زبانن جا اصطلاح آهن، پر ڳالهه ساڳي آهي، هر زبان ۾ شاعري ۽ موسيقي جو بنياد انهن واول سائونڊز تي هوندو آهي، اهي آواز جا ننڍي ۾ ننڍا ماپا هوندا آهن، منهنجي ان مضمون ۾ محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي هڪ مضمون جي حوالي سان تلفظ جو مسئلو به زير بحث آندو ويو هو، انهن ٻنهي ڳالهين جي فرق جو خيال شايد برادر محترم تنوير عباسي کي نه هو، جنهن سبب هن Prosody جي هڪ اصلاح Syllable جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جو سنئون سڌو اچار سان تعلق نه آهي، ساڳي وقت ان علم جي ٻين اصلاحن جهڙوڪ: ”Iambus“، ”Anapest “، ”Trochee“جو اچار سان تعلق سمجهي انهن جوذڪر ڪيو ويو آهي.

ظاهر ۾ عروض، پنگل Prosody ۾ ڪو فرق نظر نه ٿو اچي، پر زبانن جو فرق هڪ وڏو فرق آهي، انگريزي ۽ ٻيون مغربي زبانون جن جي موزونيت جو فن Prosody آهي، Long، Short، Un-streessed)) Stress جون زبانون آهن، جڏهن ته مشرقي (خاص ڪري ننڍي کنڊ جون ٻوليون) اهڙيون زبانون نه آهن، مغربي زبانن ۾ لفظن جي ڪن سليبلز تي Strees))  يا (Accent ) مقرر هوندا آهن، ۽ ڪنهن به صورت ۾تبديل ٿي نه ٿا سگهن، پر اسان جي ٻولين ۾ زور يا Strees، Accent لفظ جي ڪنهن مقرر   حصي تي نه هوندو آهي، ان جو مدار ڳالهائڻ واري جي موڊ يا جذباتي ڪيفيت تي هوندو آهي، ان ڪري ئي اسان جي ٻولين ۽ انگريزي ۽ ٻين مغربي ٻولين جي Rythm ۾ فرق آهي، جيڪو انهن زبانن جي موزنيت ۽ وزن ۾ ظاهر ٿئي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو ٻه اڍائي سئو سالن تائين  انگريزي ادب ۽ شاعري پڙهڻ کانپوءِ به اسين اڄ  تائين نه انگريزي شاعري جي وزن کي محسوس ڪري سگهون ٿا نه انگريزي شاعري کي موزون پڙهي سگهون ٿا، مطلب ته اسان کي موزونيت جي سلسلي ۾ Prosody جي انهن  اصطلاحن تي اکيون ٻوٽي ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي، اچار جي ڳالهه ته Long، Short واولز Accented، Stressed ۽ Nonaccented  Un-streessed))  سليبلز جي نوعيت مان ظاهر ٿي چڪي آهي.


1ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ پنهنجي مقالي ۾ لکيو آهي ته ڪاٺياواڙي ميمڻي پاڻ ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائيندا آهن، ان کي ڪاٺياواڙي يا ميمڻي سڏبو آهي، هي ڪا جدا ٻولي نه آهي، پر اصل ۾  سنڌي زبان جو هڪ  محاورو آهي، جنهن تي گجراتي زبان ۽ ٻين ٻولين جو گهرو اثر آهي(مقالا ادبي بورڊ

1988ع ص 11).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com