سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1996ع

مضمون

صفحو :16

مغربي تحريڪ:

مغرب ۾ عورت جي جدوجهد جو سلسلو سترهين، ارڙهين صديءَ عيسوي ڌاران شروع ٿي، برطانيا ۾ صنعتي انقلاب جي نتيجي ۾ گهر ۾ ٿيندڙ ڪم، فيڪٽرين ۾ ٿيڻ لڳا، نتيجي ۾ عورتن کي به فيڪٽرين ۾ اچڻو پيو، پر ڪارخانن ۾ ساڳئي ڪم جي اجرت عورت کي گهٽ ملندي رهي ۽ مرد کي وڌيڪ، عورت هن ٻه اکيائي خلاف احتجاج ڪيو، اهڙي طرح دنيان جي بدلجندڙ حالتن جو اثر  فرانس تي پيو، 1789ع ڌاري فرانس  ۾ بادشاهي ۽ جاگيردارانه نظام خلاف انقلاب برچا ٿيو ۽ اهو انقلاب عورتن خلاف ٿيندڙ غير برابري لاءِ به جدوجهد جو پيش خيمو ثابت ٿيو، 1791ع ۾ فرانسيسي انساني ۽ شهري حقن جي دستور جي منڍ ۾ لکيل آهي:” جيئن ته سڀ انسان پيدائشي آزاد آهن، تنهن ڪري برابري وارا حق ماڻڻ جا مجاز آهن “.برطانيا ۾ عورتن جي حقن جي حاصلات جو باضابطا آغاز 1792ع ۾ ميري وولسٽون ڪرافٽ جي مرتب ڪيل دستاويز سان ٿيو، جنهن دنيا جي عورتن کي ذهني طور سجاڳ ڪيو، هن دستاويز ۾ عورت جي نوڪري، ڪاروبار ۽ ووٽ جو حق مطالبو هو(انسائيڪلو پيڊيا آف سوشالاجي)1848ع جولاءِ تي نيويارڪ ۾ عورتن جي حقن جي حاصلات لاءِ ڪنوينشن منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ عورتن پنهنجي حقن جي باري ۾ ڳالهايو.

1887ع ۾ عورتن کي پنهنجي ذاتي جائيداد، ڌنڌي  ڌاڙي جي اجازت ملي، 1918ع ۾ عورتن کي ووٽ جو به حق حاصل ٿيو، سڀ کان پهرين برطانيا اهو حق تسليم ڪيو ۽ 1920ع ۾آمريڪا جي عورتن کي به اهو حق ڏنو ويو.

ان کانسواءِ آمريڪا جي صدر جان ايف ڪينيڊ، عورتن جي مسئلن ۽ حقن جي سلسلي ۾  سنجيدگي سان قدم کنيا ۽ 1966ع ۾ بيٽي فريڊن جي اڳواڻي هيٺ نيشنل آرگنائيزيشن فار وومين بڻائي وئي ۽ 1973ع ۾ هن تنظيم هڪڙي وڏي جماعت جو روپ اختيار ڪيو ۽ اڄ سوڌو عورتن جون ڪيتريون ئي جماعتون  ۽ انجمنون عورتن جي حقن جي حاصلات ۽ برابري لاءِ جدوجهد ڪري رهيون آهن ۽ انهن لاءِ هنن Feminist Humanism جو اصلاح پڻ ايجاد ڪيو آهي(سرتيون 139-129).

برصغير ۾ تحريڪ:

برصغير ۾ عورتن جي حوالي سان جيڪا تحريڪ نظر اچي ٿي، اها برهمو سماج واري تحريڪ آهي، هن تحريڪ جو باني رام موهن راءِ هو، جنهن جو جنم 1772ع ۾ هڪڙي برهمڻ گهراڻي ۾ ٿيو، 39 ورهين جي ڄمار ۾ ملازمت کي خير آباد  چئي ڪلڪتي ۾ رهائش اختيار ڪيائين ۽ هن پنهنجن نظرين جو پرچار ڪيو .رام موهن راءِ ذات پات جي فرق جو مخالف هو، ستيءَ جهڙي خطرناڪ رسم جو خاتمو به سندس ئي ڪوششن سان ٿيو، ٻالڪپڻي وارين شادين ۽ گهڻين شادين جي به هن مخافت ڪئي.هن ئي مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ٻيو سماج سڌارڪ ڪشيب چندرسين به هو، جيڪو 1857ع ۾ برهمو سماج ۾ شامل ٿيو، ننڍپڻ جي شادين جي دستور سان گڏ بيوه عورتن جي ٻي شادي جي رواج لاءِ به ڪوششون ورتائين، ساڳي وقت مختلف فرقن ۾ شادين جو قائل هو (چ غ213)

اسلام هونئن ته عورتن کي ڪافي حق ڏنا، پر برصغير ۾ مسلمان عورتون انهن بنيادي حقن کان به محروم هيون، ڇاڪاڻ ته برصغير ۾ ثقافتي ڦهلاءَ واري فضا قائم  هئي، هندو مذهب سان تعلق رکندڙ ڪيترائي طبقا اتان جي ثقافت تي حاوي هئا ۽ مذهبي قانونن بجاءِ لوڪ ريتن ۽ رسم و وراجن کي اهميت حاصل هئي ۽ انگريزن جڏهن هندستان تي قبضو ڪيو ۽ قانون بنايا ته اهي به اتان جي لوڪ ريتن ۽

رواجن ۽ رائج معمولن کي آڏو رکندي بنايا، نتيجي ۾ مسلمان عورتون پنهنجن مذهبي حقن کان به محروم ٿيون، هڪ طرف حقن کان محرومي ۽ ٻئي طرف ثقافتي  روين ۽ معمولن جي پابندي، عورت کي ويتر  ئي قابو ڪيو ۽ عورتن مذهبي حقن جي حاصلات  جي سلسلي ۾ جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ انگريز سرڪار ڪن قانونن ۾ ترميم ۽ تبديلي ڪئي.

1937ع ۾ ”ايڪٽ اطلاق قانون شخصي(شريعت) مسلمانانِ 1937 جو ڇويهون قانون “ مرتب ڪيو ويو ۽ سموري ملڪ ۾  رائج ڪيو ويو، سواءِ صوبه سرحد جي جتي اڳواٽ انهيءَ قسم جوقانون رائج هو.

۽ انهيءَ قانون بابت هنن لفظن ۾ وضاحت ڪئي وئي:” نام هناد، رواجي قانون تحت مسلمان عورتن جي حيثيت بس ذليل آهي، ان ڪري مسلمان عورتن جي سڀني انجمنن رواجي قانون جي مذمت ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته رواجي قانون سندن بنيادي حقن تي خراب اثر مرتب ڪري ٿو ۽ سندن مطالبو آهي ته مسلم قانون شخصي شريعت هڪڙي حقيقي مجموعي جي صورت ۾ موجود آهي ۽ ايترو ته معروف آهي جو ان ۾ ڪنهن به شڪ ۽ شبهي جي گنجائش ناهي “.)پ ر 69).

باوجود هن قانون جي مسلمان عورتن جي اها داد رسي نه ٿي ۽ نه اهو مقصد ۽ مطلب حاصل ٿيو، جنهن موجب اسلام عورت کي حق ڏنا هئا، خاص طرح سان ملڪيت ۽ وراثت جي معاملي  عورت اڃان به پٺتي هي ۽ خاص طرح زرعي ايراضي جي دفعي ٻئي ۾ اهو به تحرير ٿيل  هو:”جيڪڏهن سمورا فريق مسلمان هجن ته به زرعي ايراضي سان لاڳو سوالن کي ڇڏي انهن سڀني معاملن ۾مسلم قانون شخصي شريعت جي اصول تحت فيصلو ٿيندو، جيڪي ڪنهن وصيت جي غير موجودگي جي صورت ۾ جا نشيني يا عورتن جي خصوصي ملڪيت جي باري ۾ اڀرندا “(پ ر-70).اهڙي طرح 1939ع ۾ ”قانون انفساخ ازدواج مسلمانا “ مرتب ٿيو، هن قانون مسلمان عورتن کي رواجي قانون ۽ زال پاران نڪاح ختم ڪرائڻ جي معاملي ۾ مسلم قانون جي غلط تعبير ۽ غلط اطلاق کان ڪنهن حد تائين نجات ڏياري پر عملي طور وري به هيءَ قانون پنهنجي اصلي روپ ۾ هو“(پر 65).

ان حقيقت جي باوجود ته برطانوي دور ۾ رواجي قانونن سان گڏ مسلم قانون به رائج هئا پر حڪمران جيئن ته انگريز هئا ان ڪري قانون جي گڏيل صورت بڻي ۽ جنهن قانون جنم ورتو هو ”اينگلو محمدن لا“ ڪوٺيو وڃڻ لڳو، ”جنهن ۾ مسلم قانون جي نام   نهاد تعبير اهڙي نموني ڪيل هوندي هئي جو اسلامي قانون جي روح ۽ مافيه کان قطعي متضاد  هوندي هئي ۽ انهن نام نهاد تشريحن جي اثر هندستان ۾ مسلمان عورتن جي حالت کي ويتر برو بڻايو(پ ر 72).

پاڪستان جيئن ته مسلمان مردن ۽ عورتن جي گڏيل محنت جو نتيجو هو ان ڪري پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ قانونن ۾ به سڌارا آندا ويا ۽ ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن عورتن کي پنهنجا بنيادي حق ملي سگهن.مغربي پاڪستان جو ايڪٽ اطلاق قانوني شريعت 1948 هن سلسلي جو پهريون قدم هو، جنهن جي دائره عمل کي وڌائي وراثت جي مسئلي کي به شامل ڪيو ويو، 1951ع ۾ هن جي وسعت کي وڌيڪ اڳتي وڌايو ويو ۽ ترميم شده ايڪٽ نمبر ٻه ۾ هن ريت وضاحت ڪئي وئي :”رسم رواج يا معمولات جا کڻي ڪهڙا به قائده هجن پر طلاق، مهر، پٽيلو، نابالغي، ولد الحلال، ولد الزنا، رشتن ناتن وصيت، ترڪو، هبه، مذهبي معمولات يا ادارن جي سوالن جي باري ۾ هن ۾ اوقاف، توليت، توليتي ملڪيت شامل آهي، جتي فريق مسلمان هوندا اتي فيصلو مسلم قانون شخصي (شريعت) پٽاندر ٿيندو “اهڙي طرح ايڪٽ شخصي قانون (شريعت) ۾ زرعي ايراضي ۽ وصيتي ورثا پڻ شامل ڪيا ويا، جن سان عورتن جي حقن کي ڪي قدر تحفظ مليو “(پ ر -53).

1961ع ۾ عورتن جي تنظيمن جي مسلسل دٻاءُ  جي باعث مسلم عائلي قانون جو آرڊيننس نافذ ڪيو ويو، هي قانون عورتن لاءِ هلڪ سوکڙي مثل ها، عورتن جي حالت ڪافي حد تائين مضبوط بنائڻ ۾ معاون ۽ مددگار ثابت ٿيا، 1964ع ۾ عائلي ڪيس نيڪال ڪرڻ لاءِ عائلي ڪورٽون به بنايون ويون ته جيئن جلدي ڪيس نيڪال ٿين.1973ع ۾ عورتن کي برابري  وارا حق مليا ۽ 1981ع ۾ عورتن جي سماجي حالت سڌارڻ واسطي وومين ڊويزن جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن جي ذمي عورتن جي هيٺين مقصدن جي حاصلات جو ڪم هو.

1.      عورتن جي خاص ضرورتن لاءِ عام مصلحت ۽ قانون جوڙڻ.

2.      خواتين جي انجمنن کي رجسٽر ڪرائي امداد  فراهم ڪرڻ.

3.      خواتين لاءِ خاص سهوليتون فراهم ڪرڻ جا منصوبا بنائڻ.

4.      عورتن لاءِ خاص حالتن ۽ مسئلن تي تحقيقاتي منصوبا بنائڻ.

5.      عورتن جي مسئلن کي منهن ڏيندڙ تنظِمن ۽ ٻين ملڪن سان ٻه طرفا لاڳاپا قائم ڪرڻ ۽ ملڪي نمائندگي بين الاقوامي تنظيمن ۾ حاصل ڪرڻ

.6.     انهيءَ ڳالهه جو يقين ڪرڻ ته حڪومتي ادارن ۽ٻين ادارن ۾ عورتن جي مفادن جو خاص خيال رکيو وڃي.

7.      قومي زندگي جي سمورن حلقن ۾ عورتن جي مڪمل شرڪت، تعليم ۽ ملازمت لاءِ مساوي موقعا فراهم ڪرڻ ( پ ر 54).

       وومين ڊويزن جي ڪوششن ڪري اڄ ملڪ ۾ ڪيتريو ن ئي عورتن جون تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن ،پر ڇا انهيءَ سموري جدوجهد مان ، جيڪا عورت صدين کان پنهنجي وجود جي شناخت ۽ سڃاڻ ڪرائڻ جي سلسلي  ۾ وٺي رهي آهي ،ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ؟......

حاضر آهي نتيجو - ڀيٽاڻو اڀياس-  ”سماج ۾ عورت ڪلهه۽ اڄ“

”سماج ۾ عورت ڪلهه۽ اڄ“

(نتيجو)

ان حقيقت جي باوجود به ته عورت صدين کان انساني برابري ۽ حقن جي حاصلات لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، ڪيتريون ئي انجمنون، ڪيتريون ئي تنظيمون ان ڏس ۾ ڪوششون وٺي رهيون آهن، پر ڇا عورت ان سلسلي ۾ ڪا ڪاميابي ماڻي سگهي يا اڄ به  ان دور ۾ آهي جتان هن هلڻ شروع ڪيو؟ هن سلسلي ۾ ڪالهه ۽ اڄ جي عورت وچ ۾ ڀيٽاڻو اڀياس حاضر آهي، عورت جا نياڻي به آهي ته زال به، ماءُ به ته ڀيڻ به ..... ۽”ڪاري“ اڄ جي عورت جو وڏو الميو، جنهن مان عورت جي سماجي حيثيت جو بخوبي اندازو ٿئي ٿو ۽ ڀيٽاڻي اڀياس ۾ ڪتب آندي وئي آهي، تواريخ ۽ اخبار، تواريخ جا علامت آهي ماضي جي ۽ اخبار جا عڪاس آهي اڄ جي.

عورت، ٻارڙي جي روپ ۾:

شادي کان جهل واري فانون مجريه 1929ع جي ايڪٽ نمبر ٻه تحت هر اها نينگري جيڪا سورنهن  سالن کان گهٽ  ڄمار جي هوندي سا ٻارڙي ڪوٺبي (چ ش-الافلاح)

ٻارڙي جا عورت جو اوائلي روپ آهي،  عورت جي زندگي جو جائزووٺبو ته ٻالڪپڻ بلڪه ڄائي ڄم کان عورت معاشرتي ٻه اکيائي جو شڪار آهي نه رڳو ڪلهه پر اڄ به ”رگ ويد ۾آهي : ته ڌيون ڏک جو ڪارڻ آهن “ ۽ اٿرويد ۾ ايشور کان آراڌنا ڪيل آهي ته ”اي ڀڳوان ڌيءَ ٻين کي ڏجانءِ ۽هت اسان جي گهر پٽ ڏجانءِ “ (آڀ 228ع) اهوئيسماجي تسلسل اڄ به قائم آهي، اڄ به سماجي ۽ ثقافتي رويا ۽ چوڻيون ڌيءَ  جي حوالي سان ناڪاري آهن، سنڌ ۾ ڌيءَ کي ”پرائوڌڻ “ تصور ڪيو وڃي ٿو، ڇو ٿي ڄڻيه ڌيرا مان، جا آلاپ اچاريا

وڃن ٿا، جڏهن ته بنگلاديش ۾ ڌيءَ کي ”پرائي آڳر جو وڻ “ سمجهيو وڃي ٿو، پٽ جو استقبال خوشين سان ڪيو وڃي ٿو ۽ ڌيءَ جو رسمي ڀلي ڪار سان، ٽين چوٿين ڌيءَ هوندي ته هر ڪو تعزيت ڪندو، ٽيون چوٿون پٽ هوندو ته هرڪو پيو رشڪ ڪندو.

”پٽ جي خواهش دنيا ۾ هڪ عالمگيرت اختيار ڪندي پئي وڃي، خاص طرح سارڪ ملڪن ۾ ستاويهه ترقي پذير ملڪن جن ۾ پاڪستان، بنگلاديش، نيپال وغيره شامل آهي، ڪجهه سال اڳ هڪڙي سروي ڪئي وئي هئي جنهن موجب ٽيانوي سيڪڙو مائرون ٿيندڙ ٻار لاءِ پٽ جي تمنا ڪئي،  جڏهن ته ڇٽيهه سيڪڙو عورتن ڌيءَ جي تمنا  به مڪمل طور رد ڪئي ”(ج ع –الافلاح)

”آمريڪا“ جي اٺهٺ سالا هليري  ڪلنٽن گذريل ڏينهن ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته هوءَ ڊگهي عرصي تائين پٽ جي تمنا ڪندي رهي آهي ۽ عمر جي هن حصي ۾ هن فيصلو ڪيو ته هڪ نينگر پي پٽيلو بنائي پٽ جي تمنا پوري ڪندي، ڇاڪاڻ ته سندس ڌيءَ چيلسيا کي بهرحال هڪ ڀاءُ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ هن ۽ سندس ور ڪلنٽن سموريون قانوني تقاضائون پوريون ڪري ورتيون آهن “(ع آ –جولاءِ 3-96).

تاريخ واري دور جو جائزو وٺبو ته هڪڙو دور اهڙو به هئو جڏهن نياڻين کي جيئري دفن ڪيو ويندو هو، ماڻهن جوطرز فڪر هو:” نياڻين کي دفن ڪرڻ خانداني عزت جي تحفظ  جو ذريعو آهي “ اهو ئي طرز فڪر اڄ سماج ۾ به موجود آهي، اڄ به نياڻين کي ڄمندي ئي مارڻ جا ڪيترائي واقعا اسان آڏو ٿين ٿا.”ڀارت ۾ نياڻين کي ڄمڻ شرط مارڻ لاءِ مختلف طريقا ڪتب آندا ويندا آهن، ٻارڙي جي وات ۾ واريءَ ٻڪ وڌو ويندو آهي، يا لوڻ جو ٻڪ وات ۾ وڌو ويندو آهي، يا وري کٽ جو پائو سندس نڙي تي رکيو ويندو آهي، ان کان سواءِ آفيم کارائي به کيس ماريو ويندو آهي ته جيئري ئي ڪنهن ميدان ۾ اڇليو ويندو آهي “ (ج ا-الفلاح) ٻارڙين کي مارڻ جو سلسلو نهايت قديم آهي، ان ڪري هندستان ۾ ٻارڙين جي طفل ڪشي خلاف قاعدا پڻ بنايا ويا، 1870ع ۾ انهيءَ ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏنو ويو ۽ 1878ع ۾ اهڙن قانون کي احاطه بمبئي جي احمد آباد ۽ ڪريال ضلعن ۾ لاڳو ڪيو ويو ۽ پوءِ اڃا به انهن قانون جو دائرو وسيع ڪري پنجاب جي ”جاٽن “ تي به انهيءَ جو نفاذ ڪيو ويو (پ ر 99).

انهن قانون جي باوجود به اڄ سوڌو هندستان ۾نياڻين جي هلاڪت عام ٿي رهي آهي”ٽائيمز آف انڊيا “جي هڪ رپورٽ موجب ڀارتي رياست  راجسٿان ۾ انهيءَ قسم جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن ( ج ا –الفلاح) ان کان سواءِ ڀارت ۾ نياڻين کي قتل ڪرڻ جو سائنسي ۽ سولو طريقو پڻ مروج ٿي رهيو آهي، الٽرا  سونو گرافي نالي هڪڙي ٽيسٽ عام طرح حمل دوران پيدا ٿيندڙ خرابين جي نشاندهي لاءِ ڪتب آندي ويندي آهي، ان مان پيدا ٿيندڙ ٻار جي جنس جو آساني سان پتو لڳائي سگهبو آهي، هڪڙي رپورٽ موجب: ”سرحد پار جنس ٻڌائڻ  جون ڪيتريون ڪلينڪون  ڪم ڪري رهيون آهن ۽ ستانوي سيڪڙو فرد، ڇوڪرين جي صورت ۾ ٻار ڪيرائڻ کي ترجيح ڏين ٿا، (شي -17غ) جيئن ته پاڪستان ۽ هندستان جا سماجي رويا ساڳيا آهن، ان ڪري هت به انهيءَ صورتحال جو جنم وٺڻ ناممڪن ناهي، هڪڙي مقامي اخبار جي خبر مطابق ڪراچي جي علائقي معمار ڪامپليڪس لڳ هڪڙي افغاني بستي ۾ هڪڙي شخص کي ڇهين ستين ڌيءَ جي خار آئي ۽ ان شخص اڳواٽ ئي زال کي چئي ڇڏيو هو، هاڻي ڌيءَ ڄائي ته ان کي ڪهي ڇڏيندو“ ۽ ڌيءَ جي پيدائش تي ان خارباز ۽ وحشي صفت پيءُ کيس پريشر ڪڪر ۾ وجهي ساڙي ماري ڇڏيو( ع آ-مئي 24-96).

اسان جي سماج ۾ جيئن جيئن نياڻي جي عمر وڌندي ويندي آهي، تيئن هو وڌيڪ مسئلن جي منهن ۾ ڌڪبي ويندي آهي، گهر کان وٺي پاڙي پتي تائين، سماجي ٻه اکيائي ۽ غير متوازي سلوڪ جي شڪاربڻبي آهي، نه رڳو کاڌ خوراڪ ۽ تعليم جي معاملي ۾ کيس گهٽ ڪيو ويندو آهي، پر ڪم جي معاملي ۾ به ساڻس ناانصافي روا رکي ويندي آهي، نه رڳو گهر پر جي سندس تعلق لوئر مڊل ڪلاس سان آهي ته گهر کان ٻاهر ٻين گهرن ۾ به پورهيو ڪري مائٽن جي مالي مدد پئي ڪندي آهي ۽ ساڳئي وقت گهر يا گهر کان ٻاهر جنسي غير اخلاقين جو شڪار پڻ بڻجندي آهي ۽ سماجي روين ۽ قدرن سبب انهن ڳالهين جي دانهن به مائٽن کي ڏيڻ جي قابل نه هوندي آهي ۽ ذهني تڪليف ۽ پيڙا پئي ڀوڳيندي آهي.

هڪڙي اخباري رپورٽ موجب: پاڪستان ۾ هر سال ٻه هزار عورتون جنسي تشدد جو شڪار، ننڍي عمر وارين ڇوڪرين کي جنسي حوس جو کاڄ بڻائي قتل ڪرڻ واري انگ ۾ سو سيڪڙو واڌ (ع آ -جون 7-96)

هن قسم جا انيڪ وحشتناڪ واقعا  اخباري صفحن تي جا بجا ٽڙيل پکڙيل صورت ۾ اسان کي نظر ايندا آهن، جنهن ۾ مختلف عمرين سان تعلق رکندڙ نياڻين کي مختلف سببن ڪري ظلم ۽ تشدد جو شڪار بڻايو وڃي ٿو ۽ موت جي منهن تائين به پهچايو وڃي ٿو.

•       گهارو سينيما لڳ هڪ گهر ۾ گهڙي ماءُ جي گود ۾ ستل پنج سالا معصوم نياڻي کي اغوا ڪري گهر کان ڪجهه مفاصلي تي جنسي ڏاڍ ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو (ع آ مئي 30-96ع)

•       پريالو مان ست سالا گم ٿيل نياڻي کي عيد ڏينهن دفنايو ويو، معصوم نياڻي جو نڪ وڍيل، اکيون نڪتل ۽ ڪپڙا ليڙون ليڙون هئا .(ع آ-فيبروري 24-96)

•       ساڳي اخبار جي ٻي خبر: مدرسي سان موٽندڙ ٻارنهن سالا نياڻي جي اجتماعي لڄالٽ .

•       ننڍڙين نياڻين کي اغوا ڪري اسمگ ڪرڻ جو سلسلو به جيئن جو تيئن وڌندڙ آهي.

•       ڪنڌڪوٽ مان گم ٿيل نياڻي جو ڪو به ڏس نه مليو، ارڙهن ڏينهن کان گم نياڻي جي امڙ کي بيهوشي جا دورا(ع آ-فيبروري 24-96).

ايڊز جي وڌندڙ مرض ڪري ننڍڙين نياڻين ۽ڇوڪرين کي فحاشي جي اڏن تي استعمال ڪرڻ جو رجحان به ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي.

” بي بي سيءَ جي هڪ رپورٽ موجب بنگلاديش مان ٻارن ۽ عورتن کان بدڪاريءَ جو ڪم وٺڻ لاءِ کين اغوا ڪيو وڃي ٿو، ان کانسواءِ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جو به اهو کليو وهنوار آهي، هڪ اندازي موجب ”بنگلاديش مان هر مهيني چار سئو کان مٿي عورتون ٻاهر اماڻيون وڃن ٿيون، جن ۾ انهن نياڻين جو وڏو انگ هوندو آهي، جن جون عمريون ستن سالن تائين هونديون آهن، جيئن ته اڄ ڪلهه دنيا ۾ ايڊز پکڙيل آهي، ان ڪري بدڪاريءَ لاءِ ننڍي ڄمار وارين نياڻين جي گهڻي گهرجي آهي، منظم گهروهه ۽ انهن جا ايجنٽ سندن گهر وارن کي لالچائي مناسب روزگار ۽ مناسب مٽين جا خواب ڏيکاري کين سولائي سان اسمگل ڪن ٿا “(ع آ-آڪٽوبر 25-95).

اهڙي هڪڙي ٻي رپورٽ موجب: گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن جي تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته آمريڪا ۽ ايشيا ننڍي عمر وارين ڇوڪرين جا عصمت فروشي جا مرڪز بڻجي ويا آهن، رپورٽ موجب ايشيا ۾ ڏهن لکن کان وڌيڪ ٻار هن ڌنڌي سان لاڳاپيل آهن، اوڀر يورپ ۽ روس ۾ ٻارن جي جنسي استحصال جون مارڪيٽون قائم آهن، ڪمبوڊيا ۾ عصمت فروش عورتن ۾ پنجٽيهه سيڪڙو عورتون ٻارنهن کان سترنهن سالن جون ڇوڪريون آهن(ع آ-مارچ 7-96).

نياڻين جو وڪرو به نياڻين تي ظلم جو وڏو مظهر آهي ۽ اهو وڪرو به وڏوتاريخي پسمنظر رکي ٿو، غير مهذب دور کان مهذب دور تائين مختلف  نالن ۽ محرڪن هيٺ نياڻي کي وڪيو وڃي ٿو.”وومينز ڊويزن جي هڪ رپورٽ موجب پاڪستان جي قحبه خانن ۾ سٺ سيڪڙو پيشه ور طوائفون ”ولوار “ ذريعي حاصل ڪيون وڃن ٿيون، هن دستور موجب ڇوڪري جو پيءُ کين وڪرو ڪري پرڻائي ڏيندو آهي ۽ پوءِ وري ڇوڪري جو مڙس قحبه خانن ۾ کين وڪرو ڪري ڏيندو آهي(عورت جلد 2-9) اهڙي طرح سنڌ ۾ به نياڻين جي وڪري جو عام دستور آهي، نه رڳو مائٽ پر ڳوٺ جا وڏيرا به پنهنجي رعايا جي نياڻين کي وڪري جو حق رکندا آهن.

•       ٽنڊو غلام علي ڀرسان جي گولاڙچي ڳوٺ ۾ هڪ مسڪين هاري جي نون سالن جي صغير ڌيءَ جي وڪري، شادي ۽ شادي کانپوءِ کيس ناحق قيد ۾ بند ڪري مارڻ خلاف چار سئو ماڻهن احتجاج ڪيو(عبرت-اپريل 22 -96)

•       ويڳي پيءُ هٿان چوڏهن سالن جي ڌيءَ پوڙهي کي وڪرو، ڇوڪري پاران بغاوت، لکپتي پوڙهي سان شادي بجاءِ موت کي ترجيح ڏيندس(ع آ جولاءِ 7-96)

غيرت: نياڻي کي ختم ڪندڙ هڪڙووڏو محرڪ آهي ۽ اها غيرت ان وقت به جاڳندي آهي جڏهن ڇوڪري جي شادي ڀاءُ جي مرضي کانسواءِ ٿيندي آهي.

”ڪراچي، ڪورنگي جي علائقي ۾ هڪ ظالم ڀاءُ ٻن ڀينرن کي قتل ۽ ڌيءَ کي زخمي ڪري ڇڏيو، واقعي موجب ارڙهن سالا رضوانه جي شاديءَ جي تقريب هلندڙ هئي سندس ڀاءُ شفيق هن مٽيءَ کي ناراض هو، ميندي واري رات جو جڏهن سڀ گهر ڀاتي ستل هئا ته چاقوءَ جا وار ڪري شفيق ٻن ڀينرن ارڙن سالا رضوانه ۽ ٽيهه سالا فرزانه کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پندرهن سالا ڌيءَ کي زخمي ڪري ڇڏيو“(ع آ-مئي 17-96).

”جنوني نوجوان وحشت ۾ اچي پيءُ ۽ ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو، قتل جو ڪارڻ ماءُ پيءُ پاران ڌيءَ کي بدپيشي لاءِ استعمال ڪرڻ ٻڌايو وڃي ٿو“(برسات-اپري 19-96ع.

شادي زندگي جو اهم ۽ مقدس فريضو جنهن ۾ ڇوڪري جي مرضي کي مائٽن جي مرضي جي تابع رکيو وڃي ٿو ۽ ڇوڪري اهڙن فيصلن ۾ راءِ جي مجاز ناهي هوندي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري سئوٽ به ڇوڪري تي پنهنجو پيدائشي حق سمجهندا آهن، ڪنهن ٻئي سان ڇوڪريءَ جي شادي کي ناپسند ڪندي انتهائي قدم کڻي ويندا آهن.

”پريالو شادي رات اغوا کانپوءِ قتل ٿيندڙ ڪنوار اختيار بانو اوڍو جي قتل ۾ملوث مقتولا جي سئوٽ راڄوڻي فيصلي موجب ڏوهه باسيو ۽ مٿائنس 3 لک ڏنڊ وڌو ويو.“ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه کانپوءِ جوابدار آزاد!!(ع آ اپريل 19-96)

۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ويچاري نياڻي ٻئي جي پسند جي نتيجي ۾ به ناڪرده گناهن جي سزا ڀوڳيندي آهي.

•       ڪراچي گلشن حديد جي علائقي ۾ هڪڙي نوجوان  استاد کي  اسڪول جي شاگردياڻي پسند اچي وئي، ڇوڪري جي ريسپانس نه ڪرڻ تي نه رڳو ان ٽيچر ڇوڪري کي قتل ڪيو پر پاڻ کي به شوٽ ڪري ماري ڇڏيو .

•       سعيد بي بي جو تعلق پنجاب جي هڪ ضلعي وهاڙيءَ سان آهي شادي لاءِ سندس سڱ محمد حاجي اسحاق ڇڪرايو، سعيد بي بي جي پيءُ سندس سڱ پنهنجي برادري جي نوجوان کي ڏنو، نتيجي ۾ اسحاق تيزاب هاري نه رڳو سعيد بي بي جي شڪل شبيهه بگاڙي  پر هڪڙي اک جي روشني کان محروم ڪيو.(دي نيوز نومبر 4-94)

عورت زال جي روپ ۾:

اها ڇوڪري جا مرد سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي زال ڪوٺبي آهي، شادي، مرد ۽ عورت وچ ۾ اهڙو جنسي تعلق جنهن کي سماج ۽ مذهب قبول ڪري، شادي جي ارادي جي پسنظر تي نظر وجهبي ته هڪڙو اهڙو به دور نظر ايندو جڏهن زال جو رتبو ڪي قدر مرد کان برتر آهي، پر پدرانه سماجي سرشتي جي آمد سان ڇوڪريءَ کي وڪڻڻ جو سلسلو شروع ٿيو، بدو، وءُ يا ولوار  ڪنوار جي قيمت جا مختلف نالا آهن ۽انهيءَ ڊگهي عرصي کان هلندڙ دستور جي نتيجي ۾ زال جي حيثيت هڪ غلام يا ڍور جهڙي بڻي، ماڻهن جي اها ئي سماجي نفسيات مرتب ٿي، جنهن ۾ اڄ جي دور ۾ زال هڪ گهٽ حيثيت مخلوق آهي، زال کي مارڪٽ ڪرڻ هڪ عام دستور آهي، نه رڳو مڙس پر مڙس جا مائيٽ به زال کي مارڻ پنهنجو قانوني حق تصور ڪن ٿا، نه رڳو مارڪٽ پر زال کي ننڍين ننڍين ڳالهين تي موت جي منهن ۾ رسايو وڃي ٿو.

•       ٺٽي کان  ويهه ڪلوميٽر پير پٺو لڳ هڪ نوجوان محض ان ڪري زال جو خون ڪري ٿو جو زال پيڪن کان مليل ڍڳي سندس حوالي نه ٿي ڪري(ع آ  مئي 1-96)

•       نوابشاهه ۾ نوجوان مامي کي باهه ڏئي ساڙيو ۽ سندس سونا ڳهه ۽ سامان کڻي ويو(ع آ جنوري 11-96.)

•       ڳوٺ ڊرٻ ڄاڙي ۾ ڏير هٿان ڀاڄائي زخمي ۽ ڀاڄائي جي ماءُ قتل(ع آ مارچ 9-95)

•       اڃا به هڪقد م اڳتي ڀائٽي جي زال کي زنا بعد ماري دفن ڪندڙ چاچو گرفتار، لاش هٿ ڪيو ويو، رڪڻ ۾ پيش ايندڙ هڪ واقعو(ع آ مئي 7-93).

ڏاج: عورت لاءِ هڪڙو وڏو آزار جيڪو هندو معاشري مان منتقل ٿي مسلم معاشري جو به حصو بڻيو، بنيادي طرح هندو مذهب ۾ ملڪيت جي نه ڏيڻ  سببان ڪيترين ئي عورتن جون زندگيون تباهه ٿين ٿيون.

ڏاج جي نه هجڻ سببان ڪيتريون نياڻيون شادي نه ٿيون ڪري سگهن، ڏاج جي نه هجڻ يا گهٽ هجڻ جي ڪري ڪيترين پرڻيل عورتن کي طعنن سان زخمي ڪيو وڃي ٿو، مارڪٽ ڪئي وڃي ٿي ۽ نه رڳو ايترو پر ڪيتريون زالن کي ڏاج نه آڻڻ سببان ساڙي ماريو وڃي ٿو.

•       گهٽ ڏاج آڻڻ سبب نهرو ڪٽنب جي نياڻيءَ تي به تشدد ٿوري ڏاج آڻڻ ڪري مارڪٽ ڪري سندس ٻانهن ڀڳي وئي گارگند پڻ ڪئي وئي، راجيو گانڌي جي ڀائٽي راڌيڪا دهليءَ جي خاص عدالت ۾ مڙس خلاف شڪايت درج ڪرائي(ع آ نومبر 1-94).

•       هڪ طرف ته زال کي تشدد ڪري به ماريو وڃي ٿو ٻئي طرف اهڙيون گهرون حالتون پيدا ڪيون وڃن ٿيون جو عورت خودڪشي تي مجبور ٿئي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري کيس قتل ڪري خودڪشي جو نالو به ڏنو وڃي ٿو.

•       موري شهر جي وارڊ نمبر ويهه ۾ رهندڙ مسمان نوران ڳچي ۾ رسو وجهي خودڪشي ڪري ڇڏي، آپگهات جو سبب گهرو تڪرار ٻڌايو وڃي ٿو(ع آ مئي 31-96).

•       ڳوٺ حاجاڻو ۾ هڪ عورت نالي ايمڻان کوهه ۾ ٽپو ڏئي پنهنجو انت آندو، ٻڌايو وڃي ٿو ته ايمڻان جي مڙس سان تلخ ڪلامي ٿي هئي ۽ ان واقعي بابت متضاد اطلاع مليا آهن ته فوتڻ جي مڙس کيس ڪاوڙ ۾ گهٽا ڏئي ماريو ۽ پوءِ کوهه ۾ اڇلائي ڇڏيو(ع آ نومبر 14-94).

طلاق:

اهڙي تلوار جا هر وقت هڪڙي زال مٿان لٽڪيل رهي ٿي ۽ جنهن جي ڪرڻ جا هرپل هڪ زال کي خطرو رهي ٿو، طلاق جو حق  فقط مرد کي آهي ۽ انهيءَ ڏس ۾ عورت جي راءِ کي مدنظر نه ٿو رکيو وڃي ۽ گهڻي ڀاڱي عورت جي رضا ۽ مرضي کانسواءِ ٿين ٿيون.

•       وني منڊيلا جو طلاق وٺڻ کان انڪار، نيلسن منڊيلا جي وڪيل عدالت تي زور ڀريو ته جيڪڏهن وني طلاق جا ڪاغذ حاصل ڪرڻ کان نٽائي رهي آهي ته پوءِ ڪاغذ يا ته سندس وڪيل جي حوالي ڪيا وڃن يا سندس گهر جي در تي هنيا وڃن ته جيئن سندس اصيل کي آجو قرار ڏئي سگهجي، وني بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته هوءَپاڻ بابت طلاق  کي انتهائي برو تصور ڪري ٿي. (ع آ سپيٽمبر 10-95).

•       آمريڪا ۾ اڌ کان وڌيڪ شاديون ناڪام ٿي رهيون آهن، جڏهن ته هت طلاقت جو سيڪڙو ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، ذريعن موجب آمريڪا جي ڪن رياستن ۾ شادين جي وڌندڙ ناڪامي هڪڙو خطرو بڻجي وئي آهي ۽ ڪنهن اهڙي قانون جوڙڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن جنهن سان شادي جي خاتمي ۽ طلاق کي روڪي سگهجي(ع آ اپريل 25-96)

طلاق جي تلوار هڪ عورت کي ڪهڙي عمر ۾ زخمي ڪري سگهي ٿي، اسلام عورت کي ٻي شادي جو حق ڏنو آهي ۽ سماجي ۽ معاشرتي روين جي لحاظ سان شادي لاءِ خاص طرح عورت جي حوالي سان ننڍي عمر جي عورت جو تصور ڪيو وڃي ٿو، پر طلاق ڪڏهن ڪڏهن ته عورت کي عمر جي ان حصي ۾ ملي ٿي، جڏهن عورت عمر جا دروازا بند ڪيو ڇڏي.

”آغا ڪميونٽي جي روحاني پيشوا پنجويهن سالن کانپوءِ پنهنجي گهرواري کي سليمه بيگم کي طلاق ڏني “جڏهن ته حرن جي روحاني پيشوا سائين پير پاڳاري پوٽن جي معاملي تان پنهنجي شاديءَجي  پنجيتاليهن سال ۾ پنهنجي گهر واري رضيه سلطانه کي طلاق ڏني“ (ع آ-آڪٽوبر18-95).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com