سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1996ع

مضمون

صفحو :24

ايليز بيٿ جي اڳيان هڪ قداور، نوجوان جنهن جي هٿ ۾ هڪ ڇڙي، مٿي تي هئٽ ۽  چپن تي مسڪراهٽ هئي، هڪ انداز سان اچي بيٺو ۽ ساڻس نئڙي مليو، حسين دوشيزه ايترو ته خوشي ٿي جو کيس ڪا جاءِ نه ٿي سجهي هتي برائوننگ کي ويهاري هي پهرين ملاقات هئي، ملاقات ته هڪ يا ٻه گهمرا  پوءِ به ٿي پر هنن ملاقاتن ۾ ڪو جادوءَ جو اثر هو، هائو بيشڪ جادو جو اثر هو، ڇو جو برائوننگ جي اچڻ جي ٻئي ڏينهن ايليز بيٿ جا انگستان جي سڀني ڊاڪٽرن جي لاٰءِ هڪ پنگلي عورت هئي ۽ اٿڻ ويهڻ کان عاجز هئي، سا هلڻ چلڻ لڳي، برائوننگ هن جي لاءِ مسيحا ٿي آيو هو، جنهن جي محض ديدار سان مريض اڌ  تندرست ٿي ويو بس پوءِ ته برائوننگ هر روز اچڻ لڳو، کيس يقين هو ته سندس اچڻ ڪري هڪ ڏينهن ايليز بيٿ بلڪل  چاق  ٿي ويندي ٿيو به ائين  رفته رفته هوءَ پنهنجي گهر کان وٺي باغ تائين پنڌ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي، برائوننگ کيس هٿ کان وٺي پنڌ ڪرائيندو هو سڀني کي تعجب لڳو ته هي ڪهڙي ڪمال آهي جو بغير ڪنهن دوا جي بلڪه بغير ڪنهن ڊاڪٽر جي مريض شفا پائيندو ٿواچي!.

آخرڪار هوءَ بلڪل ٺيڪ ٿي وئي، سندس جسم تندرست ۽ توانو ٿي ويو، ڳلن ۾ ڦڪاڻ جي بدران لالاڻ اچي وئي، نئون خون رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳو، هيءَ سڀ ڪجهه برائوننگ کي پڻ تعجب هو ته ڪيئن ٿيو! خود ايليز بيٿ کي به تعجب هو هي ڳالهه قدرت جو هڪ ڪرشمو هئي، آخرڪار هو سمجهي ويا ته ان جو سبب ڇا هئو، اها ڪهڙي شيءَ هئي، جنهن جادوءَ جهڙو اثر ڪيو، اها هئي سچي محبت جا هنن ٻنهي جي  درميان هئي.

جلد  ئي پوءِ برائونگ مسٽر بئريٽ کان سندس دختر جي سڱ جي گهرڪئي، مسٽر بئريٽ هڪ ضدي ۽ مغرور ماڻهو هئو پر هينئر اهو به سمجهي ويو ته سندس ڌيءَ ۽ برائوننگ جي محبت ڪا عام محبت نه هئي: جو سندن درخواست کي هو رد ڪري، تنهن ڪري شاديءَ جي اجازت ڏنائين، پڻ پنهنجي ملڪيت جو هڪ حصو پنهنجي پياري ڌيءَ ايليز بيٿ جي نالي  به ڪري ڇڏيوهئائين، هن ملڪيت مان هر سال هن نئين شادي شده جوڙي کي ايترو ته ملي ويندو هو جو سندس گذران کان به وڌيڪ هو: تنهن ڪري هتي ٻنهي پريمين هاڻي پنهنجي اباڻي وطن انگلينڊ کي خير آباد چئي، اٽلي کي آباد ڪرڻ جو عزم ڪيو، اٽلي خوش نصيب  پريمين جو بهشت ۽ هڪ  خوشنما ملڪ سڏبو آهي، هتي نه گهڻي گرمي ٿئي ۽ نه گهڻي سردي هتي انجيرن، انار، شهه توتن جون ڪوهن ۾ قطارون ڏسبيون آهن. هتي سرسبز چراگاهه آهن، هتي وسندڙ ۽ آباد ماٿريون آهن.

سڄا سارا پندرهن سال هيءَ جوڙو اهڙي بهشت برين ۾ رهيو هئو ڀاءِ ته باغ عدن ۾ آدم ۽ حوا جو جوڙو هئو، جنهن کي نه  ڏڪار جي ڳڻتي هئي ۽  نه سڪار جي خوشي، جتي هن ٻنهي لاءِ سواءِ محبت ۽ شاعريءَ جي ٻيو شغل ئي نه هئو: جتي برائوننگ پنهنجي بهترين شاعري قلمبد ڪئي.يڪا يڪ هن خوش جوڙي جي زندگي ۾ هڪ طوفان آيو، بربادي جو طوفان: جنهن هنن جي محبت جي شجر کي اصل پاڙ کان پٽي اڇلائي  ڦٽو ڪيو، جلد ئي ايليز بيٿ گذاري وئي، نوجوان شاعر تي ان جي موت ڪري جا چوٽ لڳي ان جو بيان لکڻ کان بيحد آهي، مگر اها حقيقت آهي ته پوءِ رابرٽ برائوننگ به گذاري ويو، ايليز بيٿ کانسواءِ هن لاءِ سڄي دنيا بلڪل غير آباد ۽ سنسان ٿي پئي هئي، سو ڪيئن ٿي زنده رهي سگهيو:  آخر هو به وڃي پنهنجي محبوب سان مليو.

منڌ نه منجهان تن، پسي لڪ لڏن جي.

جا پر کاهوڙين، سا پر سکي سسئي.

خزغيل او شالو موف

سنڌيڪار: محمد امين بلوچ

پُٽ

     هي زال مڙس هاڻي جڏهن به گهمڻ ڦرڻ لاءِ ويندا هئا، ته اڪثر ڪري گڏ ويندا هئا، هو خاموشي سان ۽ آهستي آهستي هلندا رهندا هئا، هنن جون پٺيون سندن عمرجي لحاظ سان مڙهيل هيون.

پوڙهو شخص قداور مضبوط سڌي ڪاٺي وارو هو، هن جي گهنجن واري ڪڻڪ رنگي چهري تي ٿلهيون ۽ ڀوري رنگ جون مڇون هيون، هو نهايت خبرداري سان پنهنجي پوڙهي زال جو  هٿ، هٿ ۾ جهلي وٺي ويندو هو،جڏهن به ڪنهن راهگير جي نظر هنن تي ٿي پيئي ته هو ڪجهه خفگي محسوس ڪري مشڪي هليو ويندو هو.

پوڙهي زال ننڍي قد واري، ڏٻري ۽ ضعيف عورت هئي جيڪا هلڻ کان لاچار هئي پر پنهنجي اعتماد ۽ ڀروسي واري ساٿي جي ٻانهن جي سهاري تي جهڪي ڪرڻ جي ڊپ کان هر وقت نظرون زمين ۾ کپائي هلندي رهندي هئي، جڏهن به ڪو هن ٻڍڙي جوڙي سان ملندو هو ته انهن جي دلين ۾ هنن لاءِ همدردي ۽ رحم  پيدا ٿيڻ قدرتي هو ۽ هي اهو محسوس ڪندو هو، هن جي دل ۾ عجيب قسم جو احساس ۽ جذبا پيدا ٿيندا هئا، ٿوري دير لاءِ هي ماضي ۾ گم ٿي ويندو هو ۽ پوءِ مشڪي کلي ڳالهه ٽاري هليو ويندو هو.

هي اڳ ڪڏهن به اهڙي طرح پنهنجي زال جي هٿ ۾ هٿ ڏئي ڪو نه هلندو هو، ڇاڪاڻ ته پهاڙي علائقن  جا ماڻهو ان ڳالهه کي خراب سمجهندا هئا پر هاڻي جيئن ته پوڙهي زال هلڻ کان لاچار هئي ته هن انهن رسمن رواجن کي پاسيرو ڪري ڇڏيو هو، پر تنهن هوندي به جڏهن به کيس ڪو ملندو هو ته ان لحاظ  ڏکيائي محسوس ڪندو هو.

هن کان اڳ هنن کي ورلي ڪو ٻاهر نڪرڻ جو موقعو مليو هوندو،  هو هڪ گهڻ ڪٽنبي بلڊنگ جي هڪ فليٽ ۾ ٽئين منزل تي رهندا هئا، هوءَ دم جي مريض هئي ۽ هن جون ٽنگو ن  تمام ڪمزور هيون، تنهن ڪري ٽئين منزل جي ڏاڪڻن تي چڙهڻ ۽ لهڻ  هن جي لاءِ تمام ڏکيو هو، اٽڪل مهينو اڳ هن پنهنجو ٻن ڪمرن وارو فليٽ ساڳئي بلڊنگ جي گرائونڊ فلور جي هڪ ڪمري واري فليٽ سان تبديل ڪرايو هو، ان ڪري هاڻي هي روزانو تازي هوا  کائڻ لاءِ سمنڊ جي ڀرواري پارڪ ۾ اچي ويهندا هئا.

هو اڪثر ڪري پنهنجي پسند واري بئنچ ڳولي هٿ ڪندا هئا ۽ ان تي ويهي قدرتي نظارن مان لطف اندوز ٿي پنهنجي اندر ۾ پيدا ٿيندڙ خواهشن تي مرڪندي نوجوان جوڙن کي خوبصورتي سان  هيڏانهن هوڏانهن گهمندي ڦرندي ۽ ننڍن ٻارن ۾ کي گوڙ شور سان کلندي   ڪڏندي راند روند ڪندي مطلب ته بهار جي موسم ۾ هنن جي پسگردائي ۾ ٿيندڙ هر ڳالهه کين موهي رهي هئي، ٻئي طرف پوڙهي زال پنهنجي پسگردائي ۾ ٿيندڙ هر ڳالهه کان بي نياز، سڄو وقت  چپ  چاپ، سڀني خوشين کان بالاتر ٿي خاموش ويٺي هوندي هئي، ان بعد ڪلاڪ ٻه تازي هوا ۾ ويهڻ بعد  جڏهن پارڪ جي سخت بئنچ تي ويهي ٿڪي پوندا هئا ته هو گهر جو رخ ڪندا هئا ۽ رستي تان کاڌ خوراڪ جو سامان پڻ وٺي ايندا هئا،  هوءَ هڪ گهٽ ڳالهائڻ واري عورت هئي پر هڪ ڀيري ۾ ڳالهه ٻُولهه ڪندي هن ڳالهه ڇيڙي:

”غازي تو منهنجي ڳالهه ٻڌي! توکي اسان جو فليٽ تبديل نه ڪرائڻ گهرجي ها خدا جو قسم “ هن پنهنجي مڙس تي هڪ ڀرپور نگاهه وجهندي ۽ ڏوراپو ڏيندي چيو، ان وقت ڇا ٿيندو جڏهن خدا جي مهرباني سان اسان جو پٽ موٽي ايندو، هن جي شادي ٿيندي، اسان کي پوٽا ۽ پوٽيون ٿينديون ته پوءِ اسان جو هڪ ڪمري واري فليٽ ۾ ڪيئن گذر ٿيندو “؟

غازي ٿورو هٻڪي دم پٽي ٿو، هن کي خبر  هئي ته هميشه وانگر فليٽ مٽائڻ واري ڳالهه جو مقصد پنهنجي پٽ جي باري ۾ ڳالهائڻ هو، ٻي صورت ۾ اهو ائين ڏسڻ ۾ اچي ها ته هنن پنهنجي پٽ کي وساري ڇڏيو آهي، الله ائين نه ڪري مگر هن کي خبر هئي ته هو جيئرو نه آهي، هن آهستگيءَ سان ٽيبل تي رکيل سگريٽ جي پاڪيٽ ۾ سگريٽ ڪڍي پنهنجي مڙيل ۽ ڳنڍيون ڳنڍيون ٿيل آڱرين ۾ ڦيرائيندي چيو ”شيڪر تون ڇا جي لاءِ پيئي پريشان ٿين، اسان فليٽ مٽائي صحيح ڪم ڪيو آهي، اهو اسان جي لاءِ تمام سٺو ۽ سهوليتن وارو آهي، اسان جو پٽ واپس گهر ايندو ته اسان ٻيو فليٽ به هٿ ڪري وٺنداسين، جيڪڏهن انسان جو مٿو آهي ته ان لاءِ ٽوپلو به ملي ويندو “ هن پنهنجو خيال ظاهر ڪندي  چيو.

هوءَ ڪاوڙ ۾  ٻڌندي وئي، ۽ هن کي جواب ڏيندي چيائين ”اسان ٻي فليٽ هٿ ڪري وٺنداسين “! توکي خبر آهي ته فليٽ هٿ ڪرڻ  اهڙو آسان نه آهي، مون کي اميد آهي ته منهنجي اکين جو تارو جلد ايندو هو هاڻي ڪنهن به ڏينهن تي ڪنهن به وقت اچي ويندو، آئون خاطري سان چوان ٿي، منهنجي دل ۽ منهنجا هڏا به اها ڳالهه محسوس ڪري رهيا آهن، توکي خبر آهي ته هڪ ماءُ جيڪا ڳالهه محسوس ڪري ٿي اهو سدائين سچ ثابت ٿيندو آهي.

غازي ۽ سندس زال جي وچ ۾ سندن پٽ جي باري ۾ اڳ به ڪافي ڀيرا ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ۽ هينئر ان باري ۾ وڌيڪ ٻڌڻ هن جي لاءِ آسان نه هو پر تنهن هوندي به هو هر وقت هن  جي ڳالهه رکڻ جي ڪوشش ڪندو هو ۽ ڪڏهن  به هن کي رد ڪرڻ يا هن جي دل آزاري ڪرڻ جو بهانو  نه بنائيندو هو، پر اڄ جنهن طريقي سان ۽ جنهن انداز ۾ هن پنهنجي پٽ جي باري ۾ ڳالهايو هو اهڙي طريقي سان هن اڳ ڪڏهن به نه ڳالهايو هو، جنهن ڳالهه هن پوڙهي مڙس کي منجهائي ڇڏيو.

هن پنهنجو دکايل سگريٽ اڌ ۾ ايشٽري ۾ رکندي نهايت خبرداري سان پنهنجي ڀر جي ويل گلي ۽ ڏک ڀري آواز ۾ پڇيو:

”توکي اها خاطري ڪيئن ٿي آهي “؟

”خاطري ڪيئن ٿي آهي ؟ اهو مون گذريل رات خواب ۾ ڏٺو هو “ هن جي چهري تي قدرتي چمڪ اچي وئي هئس ۽ هن جو گهنجن وارو چهرو خوشي وچان ٻهڪي رهيو هو “ مون خواب ۾ ڏٺو ته اسان ستيا پيا آهيون ته اچتو در کڙڪڻ جو آواز ٿيو.

امان !امان ! آئون اچي ويو آهيان ، دروازو کول!“

 هن جا چپ ڏڪي رهيا هئا، هو خاموش ٿي ويئي ۽ وڌيڪ ڪجهه به نه ڳالهائي سگهي، هن پنهنجي اک جي  هڪ ڳوڙهي کي مٿي تي پيل پنهنجي گرم شال جي هڪ ڪنڊ سان اگهيو، مگر هن جون اکيون خوشي وچان ساڳئي طرح چمڪي رهيو هيون.

غازي ٻڏتر ۾ پئجي ويو هو، هن پنهنجو مٿو جهڪائي ڇڏيو، هو ڪجهه به نه ڳالهائي رهيو هو ۽ پنهنجي جذبن کي لڪاڻ جي ڪوشش ڪري رهي هو، هن کي خوابن تي ڪڏهن به يقين نه هوندو هو ۽ هن کي اهو به يقين نه هو ته ڪو سندن پٽ خيريت سان آهي ۽ جيئرو آهي، ڪڏهن نه ڪڏهن واپس ورندو، پر اها ڳالهه هو پنهنجي زال کي ڪيئن سمجهائي جنگ کي ختم ٿئي30 سالن جو عرصو گذري چڪو آهي، هن کي سندس پٽ جي جيئر هئڻ جي ڪا به ثابتي نه ملي هئي، هاڻي خبر نه آهي ته ڪيئن  هن جي مغز ۾ اها ڳالهه اچي ويٺي  آهي ته هو اچڻ وارو آهي.

غازي پنهنجو ڪنڌ مٿي کنيو ۽ سوچيندي پنهنجي زال ڏانهن نهاريندي چيو:

”شيڪر توکي خبر آهي “ جيڪي ڪجهه هي سوچي رهيو هو، ان جي برعڪس هن چيو ”ڪڏهن ڪنهن خواب به سچا ثابت ٿيندا آهن، ٿي سگهي ٿو ته تنهنجو خواب به سچو ثابت ٿئي “.

هن جي اکين ۾ خوشي جا  ڳوڙها تري آيا، هن پنهنجو ڪنڌ  لوڏي ڄڻ ته هن جو احساس مند ٿيندي چيو ”اهو تمام سٺو ٿيو جو توکي به يقين اچي ويو ته هو جلد واپسي اچي ويندو “.

اونداهي رات ٿي ويئي هئي هر طرف سناٽو ڇانيل هو ۽ سڄو شهر ننڊ ۾ ستل هو، پوڙهي شخص غازي جو منهن  وهاڻي ۾ ڍڪيل هو ۽ هو ننڊاکڙو هو  پر ٻئي طرف هن پوڙهي عورت کي ننڊ نه اچي رهي هي، هن پنهنجي دل اندر جهاتي پاتي ۽ ماضي ۾ ٽٻي هئي ته هن کي سڄي زندگي جي فلم اکين اڳيان اچي ويئي، هن کي گذريل وقت ياد اچي ويو خاص ڪري اهو يادگار ڏينهن جڏهن هو 18 سالن جي نوجوان ڇوڪري هئي، پنهنجي ڳوٺ ۾ مائٽ جو گهر ڇڏي پنهنجي چاهيندڙ غازي سان گڏ شهر ۾ اچي رهي.

هن جي مائٽن هن جي شادي پنهنجي پري جي عزيزن ۾ ڪرائڻ جو انتظام به ڪري ڇڏيو هو، پر هن جو پيار غازي سان هو، هن جا مائٽ هاڻي ڪنهن به شڪ شبهي کان بچڻ خاطر هن جي شادي ڪرڻ جي تياري  ڪري رهيا هئا.

شيڪر هڪ ڏينهن صبح سوير عام رواجي طور هار   سينگار ڪري پاڻي جو جڳ هٿ ۾ کڻي چشمي مان ڀرڻ لاءِ پنهنجي پيءُ جي گهران نڪتي ٿورو ئي اڳيان تهاٽن وڻن ۽ ٻوٽن ۽ جهڳٽن ۾ لڪل غازي جنهن جي ڪلهن تي ويڪرو ۽ پشم وارو ڊگهوچوغو پاتل هو ۽ هو هڪ تيار ۽ گهوڙي تي هن جو انتظار ڪري رهيو هو، غازي کي سندس هن گستاخي واري عمل تي گهڻو ڪجهه ڀوڳڻو پوي ها ۽ هن جي زندگي کي به خطرو هو پر خوشقسمتي سان ڪو اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه آيو.

هن جي مائٽن جڏهن اهو محسوس ڪيو ته فرار ٿي ويل جوڙي جو هڪ ٻئي سان سچو پيار هو،  تنهن ڪري هنن نه  چاهيندڙ ناٺي کان ڪنهن به قسم جي انتقام وٺڻ جو خيال لاهي ڇڏيو، پر ساڳئي وقت سندن ڌيءَ جي هن قدم تي کين ڏک رسيو هو، جنهن ڪري هو هن کان  لا  تعلق ٿي ويا.

شروع شروع ۾ هن   فرار ٿي ويل جوڙي لاءِ هڪ اجنبي شهر ۾ رهڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو، ڇاڪاڻ ته ان شهر ۾ کين رهڻ لاءِ ڪا به جاءِ نه هئي ۽ کين سڃاڻڻ وارو ڪير به نه هو پر جيئن ته هي ٻي نوجوان هئا ۽ سندن هڪ  ٻئي سان تمام گهڻو پيار هو، تنهن ڪري سڀ تڪليفون ۽ مصيبتون هنن خوشي سان برداشت ڪيون، ڪجهه وقت ائين رهڻ بعد غازي هڪ ڪارخاني ۾ هيلپر طور وڃي ڪم ڪرڻ لڳو هو ۽ شيڪر هڪ ٽيڪسٽائيل مل ۾ وڃي ملازمت اختيار ڪئي هئي.

ان بعد گهڻين تبديلن اچڻ سبب ملڪ  لوڏي ۾ اچي ويو هو ۽ هڪ اهڙو انقلاب آيو جنگ عالمي جنگ ۾ تبديل ٿي ويو جنهن ۾ روس جي فتح ٿي، اهي نيون تبديليون ۽ روشن  مستقبل به هن  نوجوان جوڙي جي ذاتي زندگي تي ڪي اثر ظاهر نه ڪري سگهيا هئا پر تنهن هوندي به پورهيت طبقو اڳي کان وڌيڪ خوش نظر اچي رهيو هو.

پر جيئن ته خوشيون  جٽا دار نه  آهن ۽ خوشين پٺيان ڏک به ايندا آهن، ڪيترائي سال گذري ويا هئا، مگر کين ڪو به اولاد نه ٿيو، شيڪر ڪجهه ائين محسوس ڪري رهي هئي ته هن جو مڙس هاڻي هن مان خوش نه آهي، جنهن ڪري هو احساس ڪمتري جو شڪار هئي، جنهن جو ڀوت هر وقت هن تي سوار هو، جنهن ڪري هو گوشه نشيني ۾ رهڻي لڳي ۽ عجيب قسم جا سوال هن جي ذهن ۾ اڀري  ٿي آيا.

ڇا غازي ڪنهن ٻئي خاطر هن کي ڇڏيندو؟ ڇا  هي اهو به وساري ڇڏيندو ته ڪيئن ۽ ڪهڙي ماحول ۾ مون صرف هن جي پيار خاطر ماٽن جو آشيانو ڇڏي  ۽ هنن جون دعائون ۽ نيڪ تمنائون به حاصل نه ڪري سگهيس، ڇا هي اهو به وساري ڇڏيندو ته مون سان پيار خاطر هن پنهنجي جان به  جوکي ۾ وڌي هئي؟.

شيڪر کي اهو غم کائي رهيو هو ته جيڪڏهن کيس ٻار نه ٿيو ته  اهو بدبخت ڏينهن به شايد اچي وڃي،  هو اذيت محسوس ڪري رهي هئي پر هن جي قسمت  چڱي هئي، جو شادي کانپوءِ ستن سالن بعد هن کي پٽ ڄائو جنهن جو نالو هن پيءُ  نالي سان يوسف رکيو، جيتوڻيڪ سندس پيءُ جو پنهنجي ڌيءَ سان اڃا ڪو راضي نامو نه ٿيو هو.

پر جڏهن هن جي پيءُ کي خبر پيي ته سندس ڌيءَ کي هڪ خوبصورت پٽ ڄائو آهي ۽ هن جو نالو به سندس نالي سان رکيو ويو آهي ته هن جي دل ۾ سندس ڌيءَ لاءِ رحم ۽  پيار جاڳيو، هن يڪدم ڪجهه سوکڙيون پاکڙيون خريدڪيون ۽ تيار ٿي پنهنجي زال کي ساڻ ڪري پنهنجي ڌيءَ ۽ ناٺي سان صلح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو.

شيڪر کي پنهنجي ننڍڙي پٽ جي اها پهرين مُشڪ ياد اچي ويئي جيڪا هن سندس معصوم ۽ ٻهڪندڙ چهري تي ڏٺي هي، شيڪير کي اهو ڏينهن به ياد اچي ويو جڏهن هن خوشي مان گد گد ٿي پنهنجا ننڍڙا خوبصورت گول مول هٿ هلڻ لاءِ پنهنجي ماءُ طرف وڌايا ۽ پنهنجي ڪمزور ۽ ٿڙڪندڙ ٽنگن تي بيهڻ جي ۽ وک وڌائڻ جي  ڪوشش ڪئي، شيڪر کي ان کان به  وڌيڪ اهو ڏينهن چمڪندڙ انڊلٺ وانگي هن جي ذهن تي نقش ٿي ويو هو ۽ هن کي ياد آيو ته اها ڄڻ ڪا تازي ڳالهه هئي، جو ڪيئن هڪ نوجوان عورت، گلاب جي گلن جو گلدستو هٿ ۾ کڻي فخر ۽  خوشي وچان پنهنجي پٽ کي پهرين ڏينهن اسڪول وٺي ويئي هئي.

غازي جي خواهش هئي ته ننڍڙي يوسف کي ڪو ڀاءُ يا ڀيڻ هجي مگر جيڪي ڪجهه انسان چاهيندو آهي هو پورو ٿيڻ ناممڪن هوندو آهي ۽ صرف ننڍڙو يوسف ئي هنن جو اڪيلو پٽ رهجي ويو، يوسف اڃا 15 سالن جو مس هو ته جنگ شروع ٿي ويئي هئي، ڪيترن مائرن جا نوجوان پٽ انهيءَ جنگ ۾ قربان ٿي ويا هئا مگر جنگ اڃا  تائين ختم نه ٿي هئي ۽ اهو وقت اچي ويو هو جو هن کي به سپاهين واري پوشاڪ پائڻي پيئي ۽ هي رضاڪارانه طور تي اڳين صفن ۾ بيهڻ لاءِ تيار ٿي ويو هو، ان وقت شيڪر کي اهو به حق نه هو جو هو پنهنجي پٽ کي اوڏانهن وڃڻ کان روڪي جيتوڻيڪ هي صرف هن جو اڪيلو ئي پٽ هو.

جنگ اڃا هلي رهي  هئي ۽ ڪيتريون ئي مائرون اڳ ئي پنهنجي جوان پٽن جي موت تي ماتم ڪري رهيون هيون، ڌرتي ماءُ جي بچاءُ خاطر ۽ دشمن کي تڙي ڪڍڻ لاءِ هر ڪرندڙ سپاهي جي جاءِ ٻئي سپاهي وڃي ٿي والاري.

جڏهن هن پنهنجي پٽ جي جنگ تي وڃڻ لاءِ رخصت ڪيو  ان وقت بهار جي  موسم ۾ هو 44 سالن جو هو، هن کي پوري طرح خاطري هئي ۽ هن کي اهو به يقين هو ته سندس پٽ صحيح سلامت ۽ خير خوبي سان واپس ايندوپر ان بعد ٻئي بهار جي موسم ۾ جڏهن روسي فوجين نازين کي سندن ملڪ جرمني ڏانهن ڌڪي ڇڏيو هو، ان ريجمنٽ کان جتي هي ڪم ڪري رهيو هو کيس هڪ خط مليو ته يوسف جي ڪا به خبر نه آهي ۽ هو گم ٿي ويو آهي ته ان وقت کان وٺي سندس واپس اچڻ لاءِ آسرو رکيو ويٺي هئي ته هڪ نه هڪ ڏينهن سندس پٽ ضرور موٽندو.

پر پوءِ ڪجهه ايئن ٿيو جو ڪافي سال گذرڻ بعد به هن جو پٽ نه موٽيو  ته هن پنهنجي دل ۾ ان سبب جواندازو لڳايو ته ٿي سگهي ٿو ته دشمن کيس قيد ڪري رکيو هجي، جهڙي طرح ڏند ڪٿائن موجب ظالم ديو ۽ راڪاس پنهنجي دشمنن شڪار کي زنجيرن ۾ جڪڙي محلاتن ۾ قيدڪري رکندا هئا، هن جي من جو عقاب هن کي ڪڏهن به وسارڻ لاءِ تيار نه هو ۽ هو آس لڳايو ويٺي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ضرور موٽندو، خاص ڪري گذريل رات جي خواب کانپوءِ هن کي هاڻي يقين ٿي ويو ته هن جو پٽ هاڻي پنهنجا سڀ بند ٽوڙي هينئر جو هينئر ڄڻ ته پنهنجي کنڀن تي اڏامي به پنهنجي بيقرار ۽ ضعيف ماءُ وٽ پهچندو.

هن کي سندس پٽ جون ڳالهيون ياد اچڻ ڪري سندس ننڊ ڦٽي پيئي هئي ۽ ڪيتري عرصي کان  وٺي کيس ننڊ نه اچي رهي هئي، مگر ان وقت هن جي خبرداري ۽ هوشياري ظاهرڪري رهي هئي ته هو ننڊاکڙي آهي، ان  ئي وقت جهوٽا کائيندي اوچتو هن ڳرن قدمن جا آواز ٻڌا جيڪي يڪايڪ هن جي فليٽ تي اچي   بيٺا، هن يڪدم پنهنجون اکيون کوليون بستري تي اٿي ويٺي ۽ ٻاهر قدمن جو آواز ٻڌڻ لڳي،  هڪ منٽ بعد ٻئي قدم جو آواز ۽ ان بعد ٽيون ۽ بلڪل چپ چاپ ۽ خاموشي سان ٻاهر ان  پيچري تي  ساڳئي طرح سان آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا، شيڪر ان مان اهو اندازو لڳايو ته اهو سڀ ڪجهه هو ان ڪري خاموشي سان ڪري رهيو هو جيئن اندر ستل زال ۽ مڙس ڪنهن قسم جو خوف محسوس نه ڪن.

ٻاهر ڪنهن ٽي ڀيرا در کڙڪايو بلڪل اهڙي طرح جهڙي طرح پهرئين هن خواب ۾ ٽي ڀيرا در کڙڪڻ جو آواز ٻڌو هو، شيڪر ان جوان جو آواز ٻڌو کيس ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ ته اهو آواز سندس پياري پٽ جو مٺڙو آواز هجي، جيڪو چئي رهي هو ”امان! منهنجي پاري امان! آئون اچي  ويو آهيان !“ ”منهنجا پيارا مٺڙا پٽ “! ڄڻ ته اهو سهڪندي ڊگهو ساهه کڻندي نه ٻڌڻ جهڙي آواز ۾ هن پڪاريو هو، هن جو آواز بند ٿي ويو هو.

هي بي انتها خوشي مان تڙ تڪڙ ۾ پنهنجي هنڌ مان ٽپ ڏيئي اٿي، هن جي ڊگهي رات جي پوشاڪ ۾ هن جا اڇا وار هيڏانهن هوڏانهن کلي ويا هئا، هن پنهنجي پُٽ جي آجيان ڪرڻ لاءِ پنهنجون ٻئي ٻانهون کوليون،مگر هن کي يدڪم ڏڪڻي وٺي ويئي خوف ۽ وسوسا ورائڻ لڳا، جيئن هو نشي ۾بيهوش هجي هوءَ دروازي ڏانهن وڌڻ لڳي اڃان هن ٻه قدم به نه کنيا هئا ته هن جي ٽنگن جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ هوءِ خالي فرش تي  ڪري پيئي.

”امان منهنجي پياري امان ! ڇا ٿيوآهي ؟بابا !“ دروازي جي ٻئي طرف کان خبردار ڪرڻ لاءِ زور سان آواز اچي رهيو هو.

غازي دروازي ڏانهن ڊوڙيو هن جا حواس خطا ٿي ويا، هن ڏڪندڙ هٿن سان دروازو کوليو، هي  عجب ۾ پئجي ويو ۽ ڄڻ ته اتي ڄمي ويو هجي، هن ڏٺو ته در جي ڀرسان جهڪي روشني ۾ هڪ ڊگهو ۽ ڪمزور نوجوان فوجي وردي سان هڪ ننڍڙو سوٽ ڪيس کنيو بيٺو  هو، اهو هڪ پاڙيسري جو پٽ هو، جيڪو موڪلن تي واپس گهر آيو هو ۽ هن کي  خبر نه هئي ته هن جا مائٽ هتان لڏي ويا هئا.

هاڻي هي پوڙهو شخص اڪيلو رهجي ويوآهي، پنهنجي  هٿ ۾ لٺ   جهلي اڪيلو هلندو رهي ٿو هن وٽ هاڻي ڪا به خوشي نه رهي آهي ۽ هوءَ اڳيا جيان نه ڪنهن سان ڀاڪر پائي ملي ٿو ۽ نه کلي ۽ مشڪي ٿو ۽ نه ڳالهائي ٿو، جيئن اڳ پنهنجي زال جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي هلڻ وقت ڏسڻ ۾ ايندو هو.

ڪجهه وقت اڳ جي ڳالهه آهي ته آئون ان پارڪ ۾ ويو هوس مون ڏٺو ته هي پوڙهوشخص به ان ساڳئي بينچ تي ويٺو هو جتي هو اڳ پنهنجي زال سان گڏ اچي ويهندو هو.

بهار پنهنجي جوڀن تي هو، وڻ ٽڻ گل ۽ ڦل سڀ چهچ ساوا نظر اچي رهياهئا، سائو سائو گاهه جهڳٽن جي پاسن کان اڀري رهيو هو، قسمين قسمين وڻندڙ رنگ برنگي گل مکڙين ۾ ٽڙي رهيا هئا، ان وقت ماٺيڻي سمنڊ جو مٿاڇرو گهرو نيرو ڏسڻ ۾  اچي رهيو هو.

هن کان اڳ غازي پنهنجي زال سان گڏ هتي ويٺل هو، نوجوان جوڙا ۽ ٻار وڻندڙ وارياسي فوٽ پاٿ تي گهمي ڦري رهيا هئا، خوشي ۾ ڀريل ٻارن جي ٽهڪن، کل ۽ ڀوڳ ماحول کي ڏاڍو خوبصورت بنائي ڇڏيو هو، ۽ هاڻي پنهنجي لٺ سان جڪڙيل ٻانهن تي پنهنجي وڌيل ڏاڙهي رکي هي پوڙهوشخص پنهنجي سامهون هيڏانهن هوڏانهن ٿڪل ۽ اداس نظرن سان تمام گهري سوچ ۾ هو ۽ ڪنهن کي ڳولهي رهيو هو.

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

اترادي ٻولي جو مطالعو

      ڊاڪٽر هدايت پريم جو ڪتاب ”اترادي ٻولي “ سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري حيدرآباد پاران 1995ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي هن اداري طرفان سنڌي ٻولي جي جاگرافيائي محاورن جي سلسلي جو هي ڇهون ڪتاب آهي، ڪتاب۾ مهاڳ کانسواءِ ڪل اٺ باب آهن، ان سان گڏ اداري جي تنهن وقت واري چيئرمين ڊاڪٽر نواز علي شوق پاران ٻه اکر به لکيل آهن.

”هن ڪتاب ۾ جيئن ته سنڌي ٻولي جي هڪ مخصوص ۽ وڏي محاوري يعني ”اترادي محاوري “ تي بحث ٿيل آهي، تنهن ڪري سڀ کان اڳ ۾ ڏسڻو اهو آهي ته ڪتاب جو عنوان فني لحاظ کان ڪيتري قدر درست آهي ۽ اهو به ڏسڻو آهي ته هن کان اڳ ۾ جيڪي پنج ڪتاب اداري پاران ڇپرايا ويا آهن، انهن مان ڪهڙا عنوان تنقيد جي زمري ۾ اچن ٿا.جيئن ته محاورو هڪ مخصوص ٻولي ۾ مفاصلي جي بنياد تي پيدا ٿيل لاساني فرق موجب مقرر ٿئي ٿو، جيتوڻي ٻولي جي محاوراتي ايڪائن کي مقرر ڪرڻ ڪو سولو ڪم نهآهي، ڇو ته اهو تجربي هيٺ آيو آهي ته هڪ ئي گهر ۾ رهندڙ سڀ فرد به اچارن ۾ فرق رکن ٿا، ان ڪري لساني ماهر ٻولي جي اهڙي فرق کي سمجهڻ لاءِ لساني جاگرافي جي اصولن کي سامهون رکي بحث ڪندا آهن، اڪثر ٻولي سان واسطورکندڙ محقق محاوري کي لهجو  چون ٿا پر ٻولي جي گهڻن ماهرن هن کي محاورو ئي سڏيو آهي.

هن ڪتاب جو عنوان ”اترادي ٻولي “ منهنجي خيال ۾ هن لحاظ کان درست ناهي جو معنيٰ جي فرق کي ذهن ۾ رکي ڏسبو ته محاورو (Dialect)  لهجو  (Accent) ٻه جدا اصطلاح معلوم ٿيندا.

ڊاڪٽر هدايت پريم ڪتاب جي ص-14 تي پوپٽي هيراننداڻي جو حوالو ڏيندي ٻولي،محاوري ۽ لهجي ۾ فرق واضح ڪيو آهي لکي ٿوته

1.ڀاشا؛ اها ٻولي جنهن کي پڙهيل ماڻهو گهڙيو مڙهيو آهي (Standard Dailect)

2. ڀاشا: اها ٻولي  هڪ گهيري ۾ رهندڙ رواجي ماڻهو ڳالهائين ٿا يعني (Dialect).

3. ٻولي: اها ٻولي جا گهر جا ڀاتي گهرن ۾ ڳالهائين ٿا، جنهن ۾ ڪا بناوٽ يا ڏيکاءُ نه آهي. diolect Provincial.

شريمتي پوپٽي اڳتي  هلي لکي ٿي ته وڀاشا کي انگريزي ۾ ڊائليٽ ۽ هندي ۾ اپڀاشا چئبوآهي،  اهڙي ٻولي ڌرتي جي هڪ گهيري ۾ ڳالهائڻ ۽ لکڻ  ۾   ڪم اچي ٿي، ڀاشا: وڀاشا ئي آهي پر اها پڙهيل لکيل ماڻهن جي هٿ ۾ اچي تمام پڪي پختي ۽ پالش ٿيل بڻجي  پوي ٿي، پوءِ وڀاشائون ان کي پنهنجي راڻي ڪري مڃين ٿيون، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ٽماهي مهراڻ 3-1992ع جي صفحي 143 ۾ لکي ٿو ته ذاتي محاورو (Dialect) محاوري جو اهم شعبو آهي، ان ڪري ان جي وصف ذهن ۾ واضح هجڻ کپي، ڊاڪٽر حيدر سنڌي لکي ٿو ته لهجا، لغوي ۽ گرامري خاصيتن کانسواءِ لساني خوبين ۾ به اڪثر يڪسانيت رکن ٿا پر پوءِ به هڪڙو لهجو ٻي لهجي کان ڪي قدر نرالو ٿيندو آهي، جنهن ۾ ڳالهائڻ جو جهيلارTone )) لفظن جو اچار، آوازن جا لاها چاڙها، لفظن تي ادائگي ۽ لفظن  جو معنوي انداز وغيره شامل هوندو آهي ”ٻولين جا سرچشما “ اتهاس پبليڪيشن ڪنڊيارو 1985ع ص 103محترم فاضل شيخ ڪتاب ماٿيلي ۽  اٻاوڙي جي ٻولي “ ۾ لکي ٿو ته اپڀاشائن کي عام طرح محاورا سڏيو ويندو آهي، اسان جو خيال آهي ته محاورو ڪنهن به ٻولي جي مخصوص ۽ وڏي گهيري ۾ ڳالهايو وڃي ٿو، انهن کي وڀاشا (Dialect) چئجي ٿو،مٿي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو به ساڳي ڳالهه ڪري آيوآهي، لهجو يا ٻولي Accent گهر جي ڀاتين يا هڪ ننڍي خطي ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن جي ٻولي کي چئي سگهجي ٿو، ان کي مقامي ٻولي به چئجي ته درست ٿيندو، جهڙوڪ شڪارپوري ٻولي سبي جي ٻولي ۽ جيڪب آبادي ٻولي وغيره.

جيئن  ٿري  سنڌي ٻولي جو محاورو آهي، جيڪو ٻولي جي هڪ وڏي گهيري اندر ڳالهايو وڃي ٿو تنهن ڪري ان مهاوري تي لکيل ڪتاب کي ”ٿري ٻولي “  بجاءِ  ”ٿري محاورو “ چئجي ها ته بهتر هو، سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران ”شڪارپوري ٻولي “ ”ماٿيلي ۽ اوٻاوڙي جي ٻولي “ ۽ ”سبي جي ٻولي “ وغيره ڪتاب عنوان جي لحاظ کان درست ڇپرايا  آهن، ڊاڪٽر عبدالمجيد اسان جي ڳالهه جي تائيد ڪندي ڪتاب ”شڪارپوري ٻولي “ ۾ لکيو آهي ته هي لهجو ”سريلي محاوري “ جو هڪ  لهجو آهي، جنهن جون ڪجهه قدر خصوصيتون سريلي محاوري جي ٻين لهجن جهڙيون آهن (ص-12-13) اصل ۾ شڪارپوري ٻولي يا لهجو ۽ ماٿيلي يا اٻاوڙي جي ٻولي يا لهجو ٻئي ”اترادي محاوري “ جون ٻوليون يا لهجا آهن.

ڪاڪو ڀيرو مل ڪتاب ”سنڌي ٻولي جي تاريخ “ 1972ع  ص -91ع محاوري جي تعريف هن طرح ڪري ٿو: ڀاشا معنيٰ ٻولي ۽ اپڀاشا معنيٰ ٻولي جو ننڍو ايڪو (Dialect).انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر هدايت پريم، پوپٽي جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته سنڌ ۾ حيدرآباد جي سنڌي ڀاشا ئي ڪم ايندي آهي، سنڌي ڀاشا جو کيتر سڄو ئي سنڌ ڀرڳڻو آهي، شڪارپوري، سرائيڪي، لاڙڪاڻائي وغيره وڀاشائون آهن، جي جدا جدا ضلعن ۾ ڪتب اينديون هيون، وڀاشا جي حد جاگرافي مقررڪري ٿي پر ڀاشا جي حد سڀبيتي مقرر ڪري ٿي يعني (  Standered Language) اڳتي هلي پوپٽي لکي ٿي ته ڀاشا هڪ قسم جي پرماڻڪ ٻولي آهي، جنهن کي ساڳي علائقي يا قوم جا ماڻهو ساهتڪ ٻولي سمجهڻ، ان ۾ لکڻ پڙهڻ ۽ راڄ ڪاروبار جو ڪم هلائين ٿا.(ص-14-15-16)

سڄي باب ۾ پوپٽي هيراننداڻي جي محاوراتي نکيڙ تي ڊاڪٽر هدايت پريم ڪو رايو ڪو نه ڏنو آهي،  جيڪو ڏيڻ تمام ضروري هو ڇو ته هيل تائين جيڪي به لساني ماهرن جا رايا اسان تائين پهتاآهن، انهن جي روشني ۾ ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهجي ٿا.

اسان ڏسون ٿا ته پوپٽي هيراننداڻي جي خيال موجب ڀاشا معياري محاوري (Standard Dailect) کي ۽ وڀاشا يا اپڀاشا لهجي يا ڊائليڪٽ کي چئجي ٿو،  حيدرآباد ٻولي کي معياري محاورو چيو اٿس ۽ ساڳي طرح شڪارپوري ۽ لاڙڪاڻائي ٻولين کي به محاورو  يا وڀاشائون ڪوٺيو اٿس.اصل ۾ اسان مٿي اهو ثابت ڪري آيا آهيون ۽ اهو  طئي ٿيڻ لسانيات جي شاگردن لاءِ ضروري آهي ته ڊائليڪٽ (Dialect). کي محاورو مڃجي ۽ اسينٽ Accent کي لهجو يا مقامي ٻولي چئجي، ٻولي يا ڀاشا ان کي چئجي، جنهن کي ننڍو ڳالهائي ته وڏو سمجهي، هندو ڳالهائي ته مسلم سمجهي ۽ پڙهيل ڳالهائي ته اڻ پڙهيل سمجهي، اها  ڳالهه به طئي ٿيڻ گهرجي ته معياري محاورو Standard Dailect به هڪ مخصوص گهيري ۾ ڳالهايو وڃي ٿو، يعني اهو محاورو پڙهڻ لکڻ ۽ڪاروبار هلائڻ لاءِ اهي  ماڻهو استعمال ڪندا اهن، جيڪي پڙهيل لکيل هجن يا جتان  جي مقامي ٻولي کي انهيءَ مقصد معياري محاوري لاءِ استعمال هيٺ آندو ويو هجي.

هتي اها ڳالهه به وضاحت طلب آهي ته معياري محاورو به هر ڪو ماڻهو نه ڳالهائي پر اهو  هڪ لساني گهيري اندر يعني پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن ۽ رياست جو ڪاروبار هلائيندڙن جو محاورو آهي، انڪري معياري محاوري کي وڀاشائن (محاورن ) جي راڻي ته ڪري مڃي سگهجي ٿي پر پوري ملڪ جي ٻولي ڪري مڃڻ درست نه ٿو لڳي، ٻولي (ڀاشا ) ته اها ڳڻبي، جيڪا علائقائي فرقن جي باوجود به هر ڪو ماڻهو (ان ڳالهه جو ڳالهائيندڙ) سمجهي ۽ پنهنجو مقصد  حاصل ڪري جهڙي طرح سنڌي ٻولي جو ملڪ ته سنڌ آهي پر هن ٻولي جا ڳالهائيندڙ نقلمڪاني ڪري ڪيترن ٻين ملڪن ۾ وڃي وسيا آهن، ٻولي انهن جي اڄ به ساڳي آهي، صرف انهن جي مقامي ٻولي يعني لهجي ۽ محاوري ۾ لازمي ڪي قدر فرق پيدا ٿيو هوندو، ان ڪري ٻولي يا ڀاشا جو درجو اهڙي ٻولي کي ڏئي سگهجي ٿو، نڪي ڪنهن مخصوص محاوري کي (ڇو نه اهو معياري محاورو Standard Dailect ئي هجي  ايڏو درجو ڏئي سگهبو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com