سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1996ع

مضمون

صفحو :9

شروع ۾ Sind Kossid چئن صفحن تي مشتمل هوندي هئي پر ٽن مهينن جي عرصي کانپوءِ يعني پهرين سيپٽمبر 1854کان پنهنجو سائيز وڌائي پنهنجن ڪالمن تي مشتمل ٿي شايع ٿيڻ لڳي، چندي جا نرخ ماهيانو ساڍا ٽي روپيا ۽ في ڪاپي ڇهه آنا هئي، ڊگهي عرصي لاءِ اخبار جي خريدارن کان ٽن مهينن لاءِ ڏهه روپيا، ڇهن مهينن لاءِ ارڙهن روپيا ۽ ٻارنهن مهينن لاءِ ٻٽيهه روپيا چندو ورتو ويندو هو، سائيز وڌائڻ کانپوءِ رڳو ريزڪي ڪاپي جو مُلهه وڌائي هڪ رپيو ڪيو ويو1

Sind Kossid جي فائيلن جي ملاحظي مان پتو پوي ٿو ته هڪ صديءَ کان اڳ شايع ٿيندڙ هيءَ اخبار اُن وقت ۾ به ڪيتري نه ترقي يافته هئي! سندس طباعت، لي آئوٽ، ترتيب ۽ سٽاءُ  متوازن آهن، منجهس  مقامي خبرن کان سواءِ سرڪاري اعلان، تعارفي خبرون، اشتهار، مزاحيه گيت، تفريحي ننڍيون آکاڻيون،موسمي خبرون، آگبوٽن ۽ ٽپال جي آمدرفت جون خبرون شايع ٿينديون  رهنديون هيون، انهيءَ مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته اها اخبار تنظيمي طرح هڪ بهتر پيشورانه صلاحيتن جو مظهر هئي.

اها حقيقت آهي ته Sindian کي سرڪاري طرح ان وقت جو سنڌ جو ڪمشنر سر بارٽلفريئر مضبوط مالي بنيادن تي بيهارڻ جو ادم ڪندو هو ۽ Sind Kossid اهڙي امداد کان وانجهيل هئي، پر انهيءَ جي باوجود مواد توڙي ٻاهرين بيهڪ جي لحاظ کان Sind Kossid وڌيڪ سيبائتي ۽ سگهڙ لڳندي هئي، جو ڪاروباري چڙها چتيءَ جي ڪري کيس وڌيڪ بهتر طور پيشڪش ۾ اڳڀرو رهڻو پوندو هو، هن جون ٻيون يورپي اخبارون سندن ڇڪتاڻ تي نڪتچيني ڪنديون هيون، پر پوءِ 1857ع ۾ انگريزي راڄ  جي خلاف ٿيل بغاوت دوران، اهي ٻئي اخبارون پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويون ۽ پنهنجن جي راڄ جو دفاع ڪرڻ لڳيون، Sind Kossid پنهنجي 15 جون ۽ 18 جون 1857ع وارن شمارن ۾ حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ بغاوت جي افواهن کي ٻه ڀيرا شايع ڪيو.1 ساڳئي سال سيپٽمبر ۾ ڪراچي ۾ هنگاما ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ ستن سپاهين کي ڦاهي ڏني وئي ۽ ٽن کي توب سان اڏايو ويو، انهيءَ ڳالهه کي وري Sindian ڏاڍي شد مد سان شايع ڪيو. 2مطلب ته انهن اخبارن جا اختلاف ڪنهن به قسم جا هجن پر جتي به مشترڪ مفاد کي ڇيهو ٿي رسيو اتي اهي پنهنجا اختلاف وساري گڏجي مقابلو ڪرڻ ۾ پنهنجي وجود جو بچاءُ ڪنديون هيون.

ٻيون يورپي انگريزي اخبارون 1

1850ع جي ڏهاڪي دوران Sindian ۽  Sind Kossid جي هڪ همعصر يورپي اخبار Sind News به هئي، جيڪا حيدرآباد ڪوٽڙي مان شايع ٿيندي هئي، 1852ع ۾ جان هاريري(John Harery) جي ادارت هيٺ اها هفتيوار اخبار معياري هئي، 6 سيپٽمبر 1856ع ۾ جڏهن جار هاريري جو موت ٿيو ته اها اخبار ڪراچي مان نڪرندي رهي، 1860ع جي ڏهاڪي ۽ 1870ع جي ڏهاڪي جي پهرين اڌ تائين نڪرندي رهي.

1860ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾  Sindian جي زماني ۾ Our Paper به اخبار موجود هئي، وليم مئنسفيلڊ مالويري(William Mansfield Malvery) انهيءَ  ٽي روزه اخبار جو ايڊيٽر هو ۽ اخبار اڱاري ۽ جمعي تي شايع ٿيندي هئي.

     1854ع جي شروعات ۾ Sindian پنهنجو نالو تبديل ڪري Sind News ٿي، 1877 ۾ جڏهن Beacon چوائڻ ۾ آئي ته اها روزنامچي اخبار هئي، جنهن جو ايڊيٽر جيمس آٽرام ٽويلس(James Autram) هو، پر تعليمي، اقتصادي ۽ ثقافتي  ترقي ٿيڻ جي باوجود روزنامه جي طور تي هلي نه سگهي، تنهن ڪري 1878ع ۾ Beacon نالي سان هفتي ۾ ٽي دفعا شايع ٿيندي هئي ۽ اهو سلسلو 3 سال هليو، 1881ع ۾ اها اخبار ڊبليو نونان(W.Noonan ) جي هٿن ۾ آئي، جيڪو اها اخبار سال کن کان وڌيڪ هلائي نه سگهيو، 1881ع ۾ اها اخبار هڪ مقامي فرم نؤروجي اينڊ ڪمپني خريد ڪئي، اهڙي پراڻي Sindian اخبار جيڪا پهرين SindNews بڻي ۽ پوءِ Beacon ۾ تبديل ٿي، سا نيٺ مقامي ماڻهن جي هٿن ۾ آئي، جنهن کانپوءِ انهيءَ اخبار جو نالو Sind Times ٿيو1

1877ع ۾ ڌاريل Beacon جي زماني ۾ هڪ ٻي يورپي اخبار Sind Advocat. B.W.T ”Jafferies “ جي ادارت ۾ هفتي ۾ ٽي ڀيرا شايع ٿيندي هئي، اهو ايڊيٽر هن کان اڳ Sindian جو ايڊيٽر هوندو هو، اها اخبار ٿوري عرصي کان پوءِ 1878ع ۾بند ٿي وئي.

       لاهور مان شايع ٿيندڙ اخبار (The Civil and Military Gazette)وارن  جنهن جا پڙهندڙ سنڌ ۾ هئا، 1878ع ۾ ڪراچي مان ٻه اخبارون جاري ڪيون، جن مان پهرين اخبارBulletin.The Civil and Military Gazette هئي، جيڪا 2 جنوري 1878 ۾ شايع ٿي، ۽ ٻي  Sind: The Civil and Military Gazette

eussi اپريل 1878ع ۾شايع ٿي، جنهن جي ادارت ڪرنل آرٿر ڪوري(Colonel Arther Cory) جي هٿ ۾ هوندي هئي، 1882ع ۾ انهن اخبارن لاهور کان پنهنجا ناتا ٽوڙي ڪراچي مان (Sind Gazette Bulletin). ۽ Sind Gazette جي نالن سان ايع ٿيڻ لڳيون.

هاڻي Sind Gazette ڪرنل آرٿري ڪوري (Colonel Arther Cory )  ڊبليوايڇ ٽاويل (W.H.Towelle)۽ڊبليو ايڇ رتيگان W..H. Ratigan) ) جي گڏيل ملڪيت هئي ۽ موجوده صديءَ ۾ به جاري رهي، ڪرنل ڪوري 1902ع ۾ مرڻ تائين اها اخبار نهايت ڪاميابي سان هلائي، جنهن ڪري کيس ڪراچي جي جديد اخبار نويسيءَ جو باني سڏيو ويندو آهي.Sind Gazette جيڪا پوءِ Daily Gazette ٿي، ورهاڱي تائين ڪوري جي يادگار اخبار هئي، اها اخبار هفتي ۾ 8 صفحن تي مشتمل، 4 ڪالمن ۾ ڇپبي هئي ۽پهريان ٻه  ۽ آخري ٻه صفحا اشتهارن لاءِ مخصوص هوندا هئا.

1887ع ۾ Sind Gazette هڪ مقامي اخبار Sind Times ۾ ضم ٿي وئي، Sind Gazette پهرين يورپي اخبار هئي، جيڪا اڻويهن صدي جي ٻن ڏهاڪن تائين سنڌ ۽ يورپي ماڻهن جي نمائندگي ڪري هندستان جي ورهاڱي تائين سندن خدمت ڪندي رهي.

يورپي انگريزي رسالا1

1825ع ۾ يا ان کان اڳ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس وارن ماهوار جرنل The Price Current and Market Report جاري ڪيو، جيڪو 1870 جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ هفتيوار ٿي شايع ٿيڻ لڳو، جيئن جرنل جا نالي مان ظاهر آهي، هن جرنل ۾ واپاري طبقي سان وابسته معلومات، جنهن۾ مختلف اناج جي جنسن ۽ خدمتنجون اگهوتريون، درياءَ، ريل ۽ روڊ رستي آمدرفت جي تفصيل، بحري جهازن جي اچڻ وڃڻ  جا وقت ۽ ڀاڙا توڙي مزدوريون بيان ٿيل هونديون هيون، اهو جرنل 1875تائين جاري رهيو.

       وڪيلن پنهنجو ماهوار رسالو The Report of the Decisions of the Sadar Court of Sind 1870 ۾ جاري ڪيو، جيڪو ڪراچي جي صدر ڪورٽ جو سپرنٽينڊنٽ وليم رابرٽ هونهام(William Robert Hoonhan)  جي ادارت ۾ نڪرندو هو، هي رسالو 30 صفحن تي مشتمل هوندو هو ۽ 100 ڪاپيون شايع ٿينديون هيون، هي رسالو 1881ع ۾ بند ٿي ويو.

چرچ مشنري سوسائٽي 1850 ۾ قائم ٿي، جيڪا عيسائيت جي

پرچار لاءِ وجود ۾ آئي هئي، سندس سرپرستي هيٺ ڪراچي مان 1884ع ۾ Chiristian Messenger رسالو جاري ٿيو، پر 1885ع ۾ بند ٿي ويو.

اٺهن ورهين کانپوءِ 1892ع ۾ ڪراچي جي ٽرنيٽي چرچ Magazine Karachi Parish جاري ڪيو، هي رسالو ننڍي سائيز ۾ 14 صفحن تي مشتمل هندو هو، جنهن جون هر ماهه 150 ڪاپيون شايع ٿينديون هيون، جيڪو موجوده صديءَ ۾ پڻ جاري رهيو.

انهيءَ کان پوءِ ، سينٽ پال چرچ منهوڙ ا طرفا ن  ''Karachi Manora Church Magazine''  شايع ٿيو جيڪو موجوده صدي ۾ پڻ جاري ٿيو.

سرڪاري پبليڪيشن:1

سنڌ سرڪار پاران ٻه رسالا جاري ڪيا ويا، جيڪي تجارتي بنيادن تي نه هئا، پهرين ٽماهي جنرل The Sind Civil List هو، جيڪو 1867ع ۾ شايع ٿيڻ شروع ٿيو 1873ع ۾ اهو جنرل ڇماهي ٿيو ۽ 1896ع ۾ The Sind Official List جي نالي ۾ تبديل ٿي ويو، جيڪو موجوده صديءَ ۾ به جاري رهيو. ٻي سرڪاري پبليڪيشن Sind Offical Gazette هئي، جيڪا هفتيوار جي حيثيت سان 1868ع ۾ شروع ٿي ۽ موجوده صديءَ تائين انگريزي ۽ سنڌي ۾شايع ٿيندي رهي، انهيءَ گزيٽ ۾ موضوعن جي گونا گونيت کيس اخبار جي ويجهوآڻي ڇڏيو هو، 1845ع کان 1900ع تائين 55 سالن جي يورپي ماڻهن ڪراچي مان ڏهه اخبارون ۽ پنج رسالا جاري ڪيا، ڏهن   اخبارن مان چئن جي زندگي 10سالن کان مٿي هئي.''Sind Advocate '' Our Paper'' ''Beacon'' ڏهن سالن کان عمر  ماڻي  ''Gazette,Sind Offical list ''Sind Kossid'' ''Sindian ''ڪامياب ڪوششون ڪيون هيون.

پنجن ماهوار رسالن مان ٽن رسالن جي ڄمار پنجن ورهين کان گهٽ هئي پر ان جي برعڪس Parish Magazine Karachi موجوده صديءَ تائين جاري رهيو، انگريزي ۾ انهن بنيادي رسالن، سنڌ جي مقامي زبانن ۾ ساڳي سطح جي رسالن لاءِ راهه هموار ڪئي.

باب ٽيون

فارسي اخبارون

 سنڌي اخبار نويسي جو پهريون ڏاڪو:

     صدين کان سنڌ توڙي هند جي سرڪاري زبان فارسي رهي آهي، ڇاڪاڻ جو حڪمرانن جي مادري زبان فارسي هوندي هئي ۽ اهي اها زبان ڳالهائيندا هئا، هند جي مغل بادشاهن وانگر، سنڌ جا حاڪم ڪلهوڙا ۽مير پڻ فارسي جي هنڊائيندا هئا، سندن دفتري ڪاروبار، اعلان، احڪام، تاريخ نويسي،وقائع نويسي، سخن جون محفلون ۽ مشاعرا وغيره سڀ فارسي ۾ ٿيندا هئا، سنڌ جا ماڻهو، پنهنجي حڪمرانن جي پيرويءَ ۾ فارسي پڙهيا ۽ علم و دانش جو اظهار فارسي ذريعي ٿي ڪيائون، ايتري قدر جو اهل علم فارسيدان کي ڪوٺيو ويندو هو، ”فارسي گهوڙي چاڙسي “ فارسيءَ جي اهميت ۽ فضيلت ظاهر ڪئي ٿي، توڙي جو عام ماڻهو جي مادري زبان سنڌي هئي، اڄ جڏهن ”پڙهو فارسي اور بيچو تيل “حقيقتب بڻجي وئي آهي، تڏهن به ان وقت جي حڪمرانن جو اولاد فارسي ۾ محفوظ ٿيل پنهنجي علمي سرمايي تي فخر ڪري ٿو.

     اها زبان نه رڳو مسلمانن جي هئي پر صدين کان مسلمانن جي حڪمراني رائج هئڻ ڪري پڙهيل هندو طبقي جي اظهار جوذريعو پڻ فارسي زبان هئي، اهو ئي سبب آهي جو بنگال جي مشهوري سماج سڌارڪ راجا رام موهن راءِ کي جڏهن سماجي بُراين کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ پرچار جو خيال آيو ته هن اُتان جي مقامي زبان بنگالي بدران ”مرات الاخبار “ فارسيءَ ۾ شايع ڪئي، هن اها اخبار ڪلڪتي مان 20 اپريل 1822 تي شايع ڪئي، ننڍي کنڊ ۾ اردو اخبار نويسيءَ جي شروعات پڻ لڳ ڀڳ ساڳئي وقت تي ٿي، پوءِ ته ننڍي کند جي مختلف شهرن مان ڪيتريون ئي ٻيون فارسي اخبارون شايع ٿيون، پر مرڪز وري به ڪلڪتو ئي رهيو1

1843ع ۾ ميرن جي حڪمرانيءَ جو دور پورو ٿيو ۽انگريزن پنهنجي راڄ کي انتظامي طرح مضبوط ۽منظم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اقتدام ڪيا، هنن فارسيءَ جي جاءِ تي مقامي زبان سنڌي کي رائج ڪيو ۽ انگريزي زبان جي عام ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اسڪول کوليائون، فارسي ۽ عربي زبانن جا مرڪز، مدرسا آهستي آهستي بند ٿيڻ لڳا، انهيءَ ڪري فارسي زبان جي اها حيثيت نه رهي، جيڪا کيس اڳ ۾ حاصل هئي، پر ان جي باوجود فارسي زبان کي وڏي اهميت هئي جو ابلاغ عامه جو معزز ذريعو فارسي زبان هئي1857ع جي1 هنگامي دور کان انهيءَ سرزمين تان جنهن کي اڄ ڪلهه پاڪستان ڪوٺيو وڃي ٿو، جنهن۾مشرقي پاڪستان به اچي وڃي ٿو، رڳو ٽي فارسي اخبارون شايع ٿينديون هيون، جن مان هڪ پشاور مان ۽ ٻه سنڌ جي شهرن ڪراچي ۽سکر مان شايع ٿينديون هيون پر اوڀر پاڪستان واري سرزمين تان يا پنجاب مان ڪا به فارسي اخبار شايع نه ٿيندي هئي.2

فارسي زبان جيتوڻيڪ سرڪاري زبان نه رهي هئي ۽ دفتري استعمال کان خارج ٿي وئي هئي، تاهم روايت علمي ادارن ۾ سندس حيثيت باقي هئي ۽ 19 صديءَ جي آخر تائين اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾  پڙهائي ويندي هئي، زبان جي لاڳيتي مقبوليت جي ڪري سنڌ جي سڀ کان پهرين ڏيهي اخبار جيڪا شايع ٿي، اها فارسي زبان ۾ هئي، پر ان جي نالي جي خبر پئجي نه سگهي آهي، اها اخبار ڊاڪٽر ٻُٽ مطابق لڳ ڀڳ 14 فيبروري 1853ع ۾ شايع ٿي هئي.3

ان کانپوءِ 1855ع ۾ فارسي جي ٻي هفتيوار اخبار ”مفرح القلوب “ شايع ٿي، جيڪا سڀ کان وڌيڪ عرصي لاءِ جاري رهي، اها اخبار پنجاب جي رهواسي مرزا  مخلص علي مشهدي ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر جي تجويز تي جاري ڪئي.1 جيڪا 1877ع ۾ سندس وفات تائين جاري رهي، مرزا مخلص علي سنڌ ڪاليج (جيڪو پوءِ ڊي جي ڪاليج ٿيو ) ۾ فارسي ۽ عربي جو پروفيسر هو2 سندس وفات کانپوءِ اها اخبار سندس چئن پٽن مان وڏي پٽ مرزا محمد شفيع جي ادارت هيٺ آئي، 1860ع ۾ هڪ موقعي تي جڏهن مرزا مخلص علي ”مطلع خورشيد “ کي شروع ڪرڻ لاءِ سکر هليو ويو ته ڪراچي ۾ ”مفرح القلوب “ جي ادارت مرزا محمد شفيع جي حوالي ٿي، 1884ع ۾ مرزا محمد شفيع وفات ڪئي ته ”مفرح القلوب “ جي ادارت سندس ٻن ڀائرن مرزا محمد صادق ۽مرزا محمد جعفر گڏجي سنڀالي، انهيءَ موقعي تي مرزا محمد صادق ايران جي پاران ڪراچي ۾ قانصل هو، اها اخبار آگسٽ 1887ع تائين جاري رهي3

”مفرح القلوب “ جو ٻيو دور 1893ع ۾شروع ٿئي ٿو، جڏهن مرزا محمد جعفر ان کي ٻيهر جياريو، مرزا محمد جعفر ڪراچي جي سنڌ آرٽس ڪاليج ۾ فارسي جو پروفيسر هو،1896ع ۾ ۽ پوءِ 1897ع ۾ هيءَ اخبار پليگ جي بيماري سبب بند رهي ۽ پوءِ موجوده صديءَ ۾ 1904 تائين جاري رهي1

”مفرح القلوب “ ليٿو گراف جي هر اربع جي صبح جو شايع ٿيندي هئي، هن اخبار پنهنجو نمونو ڪنهن به ٻي اخبار مقامي انگريزي توڙي سنڌي اخبارن جهڙو نه رکيو هو، منجهس ڏيهي توڙي پرڏيهي خبرون،ڊگها مضمون ۽ شاعري ڇپبي هئي، جيڪا نوابن، راجائن ۽ مشهور شاعرن ۾مقبول هوندي هئي، ان کانسواءِ هي اخبار سنڌ ۽ هندستان جي ٻين حصن توڙي افغانستان، ايران، عراق ۽ سعودي عرب ۾ مقبول هئي ۽ انگلينڊ، جرمني ۽ فرانس ۾ پڻ  پڙهندڙ موجود هئا.2 1857ع کانپوءِ سنڌي زبان لاءِ ترجيحي طور تي سرڪار هڪ اهڙي رٿا جوڙي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ کي مقبول بنائڻ لاءِ اخبار جاري ٿئي، جنهن ۾ سرڪارپنهنجو نقطه نظر پڻ ظاهر ڪري، پر ان ۾ ٻه مشڪلاتون هيون، هڪ ته ڇپائي جي ذريعن جي اڻاٺ ۽ ٻيو ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن جي کوٽ، انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ عملي ڪوشش ڪئي وئي ۽ سرڪاري تعليم کاتي لاءِ هڪ جدا لٿوگرام پريس مشين خريد ڪئي ته جيئن درسي ڪتاب ڇپايا وڃن ۽ تعليم کاتي جي زير نگراني هڪ ٻن زبانن واري اخبار جاري ڪئي وڃي،15 مئي 1858ع  ۾ هڪ سرڪاري اخبار ” فوائدالاخبار “ جاري ڪئي وئي، جيڪا فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ هئي، هن اخبار جو ايڊيٽر ميجر گولڊ سمڊ هو، جيڪو جاگيرن جو اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ تعليم کاتي جو آفيسر هو.1 

هن اخبار جي پهرين پرچي ۾ آيل مضمون سائنس ۽ننڍي کنڊ توڙي يورپ جي حالتن بابت هئا ۽ ان ۾ خبرنامو به ڇپيو هو، هي اخبار اسڪولن  ۽ مڪتبن ۾ ورهائبي هئي، ان ريت ”فوائد الاخبار “ جهڙوڪر سنڌي اخبار نويسي جو بنياد فراهم ڪيو، پوءِ اهو سرڪاري سطح تي ئي سهي2

هن اخبار ۾ سرڪاري قانون، هندستان ۽ يورپ جون تاريخي، زراعتي، سائنسي، تعليمي خبرون ۽ مضمون توڙي دلچسپ آکاڻيون  ڇپبيون هيون، قيمت اٺ آنا هيس ۽ سرڪاري ملازمن کي رعايتي  قيمت تي ڏني ويندي هئي، هن اخبار بابت وڌيڪ خبر نه ملي سگهي آهي، پر تمام جلد بند ٿي وئي. مرزا مخلص علي ”مفرح القلوب “ جو انتظام پنهنجي پٽ جي حوالي ڪري 1860ع ۾ ڪراچي ۽سکر مان هفتيوار ”مطلع خورشيد “جاري ڪئي، ان کانسواءِ ساڳئي نالي سان سکر ۾ لٿو گراف ڇاپ خانو به قائم ڪيائين،مرزا صاحب  پريس لاءِ پٿر به سکر جي ٽڪرين مان آندو، جو ولايت جي پٿر کان به بهتر هوندو هو، هن اخبار جي پهرين پرچي ۾ دعويٰ ٿيل آهي ته سکر جي ماڻهن کي اخبار يا پريس جو علم هن ذريعي پيو. ”مطلع خورشيد “ جو ايڊيٽر مرزا محمد شفيع ”مشتري “ مقرر ٿيو، هن اخبار جو مواد ٻن ڪالمن ۾ورهايل هو، هڪ ڪاللم ۾ فارسي عبارت ڏنل هوندي هئي ۽ ان جي سامهون ٻئي ڪالم ۾ سنڌي ترجمو ڏنوويندو هو.1هن اخبار جي پڙهندڙن، خريدارن ۽ مددگارن جو به ”مفرح القلوب “ وانگر وڏو دائرو هو، جنهن جو تفصيل ڪتابن ۾ ملي ٿو، گذريل صديءَ جي ٻن عالم مولانا محمد حسين آزاد ” سخندان فارس “ ۽ سفرنامه ايران ۾ ۽ فرينچ  اسڪالر گارسا دتاسي ”خطبات “ ۾ هنن ٻنهي اخبارن جو ذڪر ڪيوآهي، اها اخبار 1906ع تائين هلي2 ڊاڪٽر عبدالسلام خورشيد لکي ٿو .... اهي ٻئي اخبارون 1855ع ۾ جاري ٿيون هيون ۽جڏهن هن محسوس ڪيو ته هو ٻن مختلف هنڌن تان ٻه اخبارون جاري نه ٿو رکي سگهي، ته ”مطلع خورشيد “ کي ڪراچي کڻي آيو، اهي ٻيئي اخبارون

گهٽ ۾ گهٽ 1825ع تائين ڌار ڌار جاري رهيون،پر لکي ٿوته ٿوري وقت کانپوءِ ٻئي اخبارون گڏ ٿي ويون ۽ اخبار جو نالو ”مفرح القلوب و مطلع خورشيد “ طئه ٿيو، 1پر سڀئي محقق انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته ٻئي اخبارون ڌار ڌار سالن ۾ جاري رهيون هيون، جيئن مٿي ٻڌايل آهي ۽ ٻئي اخبارون گڏجي هڪ ئي نالي سان ڪراچي مان شايع ٿيڻ لڳيون هيون، ڊاڪٽر عبدالسلام خورشيد جي ڳالهه جي به ڪنهن مقامي محقق تصديق نه ڪئي آهي، جيتوڻيڪ  هيءَ اخبار مڪمل سنڌي اخبار نه هئي، تاهم ان ۾ سنڌي حصو هجڻ ڪري آئنده سنڌي اخبار لاءِ ميدان هموار ٿيڻ شروع ٿي چڪو هو، گرامي صاحب پنهنجي مقامي ۾ هن اخبار جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏني آهي ۽ سنڌي زبان جا رسم الخط  جي خدمتن لاءِ هن اخبار کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي 2سيپٽمبر  1887۾ مرزا خاندان وارن فارسيءَ ۾هڪ ٻي اخبار ”راشد ڪراچي سنڌ “ جاري ڪئي، جنهن جو ڪاغذ ” مفرح القلوب “ جي ڀيٽ ۾ تمام غير معياري هو، جلد ي انهيءَ سال  هڪ اخبار ” اڪليل “ جي نالي سان نئون جنم ورتو، هي اخبار هفتيوار هئي ۽ 1895ع ۾ ڪراچي ۾ پليگ جي بيماري پکڙجڻ جي ڪري بند ٿي وئي ۽ وري جاري نه ٿي سگهي. 1پر ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهئي2  ۽ ڊاڪٽر عبدالغفور3 سنڌي هن اخبار جي جاري ٿيڻ جو سال 1870ع ۽ بند ٿيڻ جو سال 1875ع ڄاڻايو آهي.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي فارسي اخبارن جي حاصلات ۽ ورثي بابت نهايت درست تجويز ڪيو آهي، هو چوي ٿو:

” سنڌ ۾ فارسي اخبار نويسيءَ جو چوٻول شمس العماءَ مرزا مخلص علي بيگ ۽ سندس پونيئرن جي طفيل قائم رهيو،انهيءَ ڪري اڻويهين صديءَ جو پويون اڌ ” فارسي اخبار نويسيءَ جو دور“ سڏيو وڃي ٿو، هنن اخبارن جي سهاري، سنڌ ۾ فارسي زبان زنده رهي ۽ فارسي شاعري جو چوٻول  عام ٿيو، ان هوندي به فارسي سنڌ مان صفا ختم نه ٿي، بلڪه هيءَ زبان فقط  عالمن جو ورثو وڃي بڻي، جنهن ڪري عام ماڻهو کانئس پري ٿيندو ويو، شاعري نالي ماتر رهي ۽ نثر نويس به قلمي ڪتابن تائين وڃي محدود ٿيا، سنڌ جا عالم فارسي ۾ شعر چوندا رهيا پر جيئن ته انهن جي شايع ٿيڻ جو ڪو ذريعو نه هو، تنهن ڪري اهو شعر منظرعام تي نه آيو، فارسي اخبار نويسيءَ  ٻيو فائدو اهو پهچايو جو سنڌي اخبار نويسيءَ لاءِ راهه هموار ٿي، نه فقط ايترو پرڪيترو وقت سنڌي صحافت انهن صاحبن جي هٿ ۾ هئي، جي فارسيءَ جا وڏا عالم هئا ۽ شروع جي سنڌي صحافت تي فارسي صحافت وانگر اخباريت کان وڌيڪ ادبيت غالب رهي.1

مٿئين تفصيل مان معلوم ٿئي ٿو ته اڻويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ فارسي زبان ۾ فقط پنج اخبارون جاري ٿيون، انهن مان ٻن اخبارن ”فوائد الاخبار “ ۽ ” مطلع خورشيد “ ۾ فارسيءَ سان گڏ سنڌي  کي پڻ جاءِ ڏني ويندي هئي ۽ اڳتي هلي مڪمل سنڌي اخبار جاري ٿيڻ لاءِ راهه هموار ٿي ۽ فارسيءَ کان سنڌي ڏانهن Over Switch ڪرڻ ۾آساني ٿي، آهڙي طرح فارسي اخبارن، سنڌي اخبارن لاءِ Stone-Stepping جو ڪردار ادا ڪيو. حاصل مطلب ته 1890ع جي ڏهاڪي ۾ فارسي اخبارن جو جاري رهڻ مشڪل ٿي پيو ۽ انهيءَ ڏهاڪي ۾ فارسيءَ جون سڀ اخبارون بند ٿي ويون ۽ سنڌي اخبار نويسيءَ لاءِ دروازو کولي ويون.

باب چوٿون

سنڌ جي ڏيهي اخباري دنيا

       اڻويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ سنڌ جي مقامي ماڻهن جي آبادي مقامي ۽ ٻاهران آيل ماڻهن تي مشتمل  هئي، منجهس هندو، مسلمان، سک ۽ پارسي هئا، جن جون مادر زبانون سنڌي، فارسي، پنجابي، گجراتي هيون ۽ انگريزي حڪومت، تعليم ۽ انتظاميا ي زبان هئي، انگريزي راڄ شروع ٿيڻ کانپوءِ سنڌي سماج تبديل ٿي رهيو هو، انهيءَ تبديلي جو ڪارڻ بهتر روڊ، ريلوي، ٽپال، مواصلات ۽ تعليم جو مغربي سرشتو هئا، ان کانسواءِ ڪيتريون ئي سماجي ۽ مذهبي سڌارا آڻيندڙ جماعتون وجود ۾ اچي رهيون هيون، سنڌ جي روايت  پسند ۽ءٌ ڏوراهين هنڌن جي رهواسين جي دلين ۾ مغربي طرزِ  فڪر ۽ زندگي سماجي –سياسي جماعتن جهڙوڪ ”سنڌ سڀا “ (1882ع)، ” سينٽرل نيشنل محمدن ايسوسيئيشن جي سنڌ شاخ “ 1884ع ۽ ” آل انڊيا نيشنل ڪانگريس “ 1885ع ذريعي جاءِ وٺي رهي هئي، ” هندو رفارميشن ايسوسيئيشن “ ۽ برهمو سماج، اصلاح پسند جماعتون مذهب جي جديد سوچ تي ٻڌل هيون، جن جي مخالفت ۾ وري ” آريه سماج “ ۽ ” سناتن ڌرم سڀا “ هندو سماج جون روايت پسند جماعتون قائم ڪيون ويون1

سنڌي اخبارون ۽ رسالا:

انهن تبديلين جي پسمنظر ۾ سنڌ ۾ مقامي اخبار نويسي ڪر کڻي رهي هئي، سرڪار جي جاري ڪيل ”فوائد الاخبار “ جي ناڪامي کانپوءِ هڪ بهتر اخبار جي جاري ڪرڻ جي رٿا ٺاهي وئي، انگريزن جي آمد کان 23 سال کن پوءِ 1866ع ۾ ” سنڌ سڌار “ نالي پهري مڪمل سنڌي اخبار ڪراچي مان شايع ٿي 2هيءَ اخبار  اول مهيني ۾ ٻه ڀيرا ۽ پوءِ هفتيوار شايع ٿيندي هئي، هن اخبار کي انهيءَ ارادي سان جاري ڪيو ويو ته جيئن سرڪاري پاليسين ۽ حڪمن کي عوام تائين پهچائي نافذ ڪيو وڃي، هيءَ اخبار سنڌ جو تعليم کاتو لٿو تي، پنهنجي جاري ڪيل ڇاپخاني مان شايع ڪندو هو، جنهن جو پهريون ايڊيٽر نارايڻ جڳن ناٿ وديا هو، جيڪو تعليم کاتي ۾ ڊپٽي انسپيڪٽر هو، ان بعدمرزا قليچ بيگ جو مُربي ڀاءُ مرزا صادق علي مقرر ٿيو، اڳتي هلي 1884ع ۾ هيءَ اخبار سنڌ جي پهرين سماجي ۽ نيم سياسي تنظيم ” سنڌ سڀا “ جي حوالي ٿي ۽ ساڌو هيرانند شوقيرام آڏواڻي (1863ع-1893ع) ان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو.1

هو، کيس پنهنجي ٻاويهن ورهين جي ننڍي ڄمار ۾ بنگال جي ان وقت جي اعليٰ درجي جي انسانن، ڪيشب، چندرسين، رام ڪرشن پرمهنس ۽ ايشور چندر وديا ساگر سان گڏ گذارڻ جو موقعو مليو هو، حيدرآباد ۾ اچي رشي ديا رام گدومل جهڙي شخصيت جو سنگ نصيب ٿيس، انهن ڳالهين کيس زندگي جي نئين راهه تي آڻي بيهاريو ۽ کيس اٿنديئي ”سنڌ سڌار “ ۽ ”Sind Times “ جي ايڊيٽر جي ذميواري سونپي وئي 2سرڪار هي اخبار ”سنڌ سڀا “ جي حوالي ڪندي اهو شرط رکيو ته اهي تعليم کاتي جي خبرن کي نمايان ۽ درست طور ڇڏيندا، البته مالي معاملن کان هي تنظيم آجي رهي، اهو به چٽو ڪيو ويو ته ادارت پاليسيءَ تي نه ته مالڪ ۽ نه ئي وري سرڪار ئي دخل ڏيندي، ان هوندي به ”سنڌ سڀا “ اخبارن جي سرڪيوليشن کي وڌائڻ تي توجهه ڏنو ۽ سنڌي اخبار کي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو ويو، خبرن  مواد کي سڌاري ۽ صحيح طور ڇاپيو ويو، سڄي سنڌ ۾ اخبار لاءِنمائندا مقرر ڪيا ويا، جن کي ان وقت ”خاطو “ سڏيو ويندو هو، اهو لفظ به اخباري دنيا ۾ رائج آهي ۽ ساڌو هيرانند جي مرهون منت آهي1

هن اخبار ۾ ڪي ڪامورا ته کلئي عام لکندا هئا، پر ڏيارام گدومل ۽ مرزا قليچ بيگ پارن عالمن پس پرده گهڻو ڪجهه ڏنو ۽ اخبارن لاءِ لکيو، انهيءَ اخبار ۽ سرڪار تي ڪا به نقطه چيني ٿيندي هئي ته ان وقت جو سنڌ جو ڪمشنر ارسڪن ڪاوڙبو ڪين هو، پر منجهس جيڪي به سچ هوندو هو، تنهن جو فائدو وٺڻ چاهيندو هو، تنهن ڪري هو ”سنڌ سڀا “ کي جنهن جي نگهباني ۾ ”سنڌ سڌار “ شايع ٿيندي هئي، ڪا مخالف سياسي تنظيم ڪري ڪين ليکيندو هو، پر سمجهو ماڻهن جي سڀا ڪري ليکيندو هو ۽ سندن عريضين تي جوڳو ڌيان ڏيندو هو،2”سنڌ سڀا“هندو ، مسلمان ۽ پارسي پڙهيل ماڻهن جي تنظيم هئي ، جنهن جو حسن علي آفندي پڻ ميمبر هو ، پر پوءِ ان وقت جي هند جي وائسراءِ لارڊ رپن کي مان پتر ڏيڻ جي سلسلي ۾ ڪراچي ۾ آڪٽوبر 1884۾ ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ حسن علي آفندي پنهنجو اختلاف ظاهر ڪيو ۽ گڏجاڻي مان ڪاوڙجي اٿي هليو ويو، اهڙِ طرح سنڌ جي پهرين اجتماعي تنظيم ” سنڌ سڀا “ ۾ ڏڦيڙ پيو ۽ ساڳئي سال حسن علي آفنديِ ” مجمع محمدي “ ٺاهي جيڪا پوءِ ”سينٽرل نيشنل محمدن ايسوسيئيشن جي سنڌ شاخ “۾ ضم ٿي وئي، جنهن جي راهه سر سيد احمد خان جي تحريڪ سان وڃي ملي، جنهن جي سر تي پاڪستان کي جنم ڏيڻ جو سهرو آهي، ٻئي طرف ”سنڌ سڀا “ جي بانين مان ڏيارام ڄيٺمل 1887ع ۾ گذاري ويو، ساڌو هيرانند ”سنڌ سڀا “ توڙي ٻئي اخبارون ”سنڌ سڌار “ ۽ ”سنڌ ٽائيمز“ ڇڏي وڃي حيدرآباد پهتو ۽ ”سنڌ سڀا “ جا باقي ماڻهو آل انڊيا نيشنل ڪانگريس ۾ داخل ٿي ويا، اهڙي طرح سنڌ سڀا هڪ دُکدائڪ انت تي پهچي هندن ۽ مسلمانن کي هميشه لاءِ ورهائي وئي.1

سنڌ ۾ فارسي اخبارون جاري ڪرڻ جو سهرو مرزا خاندان تي آهي، فارسي اخبار ”اڪليل “ کانپوءِ 1880ع ڌاري ڪراچي مان مرزا صادق جيڪا پنهنجي اخبار جاري ڪئي، اها هئي ”معين الاسلام “انهيءَ اخبار جي جاري ٿيڻ جي باري ۾ خير محمد اوحديءَ جي راءِ 1881ع آهي ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو چوڻ آهي ته اها اخبار پندرهن روزه هئي ۽ نه هفتيوار، هيءَ اخبار ؟هر جمعي تي لٿو گراف تي ٽن ڪالمن تي مشتمل چئن صفحن تي شايع ٿيندي هئي، هي اخبار 1885ع ۾ بند ٿي وئي 1پر ڊاڪٽر ٻٽ انهيءَ اخبار جي بند ٿيڻ جو ڪارڻ مرزا محمد صادق جي 1901ع ۾وفات ٻڌائيو2جيڪو درست نه پيو لڳي، ڇو جو کانئس پوءِ انهيءَ اخبار جي ادارت مرزا محمد شفيع ۽ مرزا محمد جعفر جي هٿ ۾آئي هئي.

هي اخبار باقائدع سرڪاري تعليمي ادارن لاءِ منظور ٿيل هئي، شاعر مرتضائي ٺٽوي انهيءَ اخبار لاءِ شعر چيو هو ته:

ڪڍي   ”اڪليل “       جا       اخبار     عمدي
منجهان را فارسي     بسيار               عمدي
”معين “   آهي  سندس   سنڌيءَ    جي   اخبار
برابر آهي        سا ڄڻ      گوهر          بار
3

1884ع جي شروعات ۾ معاون مجمع محمدي جاري ٿي، جيڪا ”معاون“ جي نالي سان مشهور هئي، هي اخبار خان بهادر حسن علي آفندي جي سرپرستي هيٺ ”سينٽرل محمدن ايسوسيئيشن جي سنڌ شاخ “ پاران جاري ڪئي وئي هئي، هن اخبار جو مقصد مسلمانن ۾ عام سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ مغربي تعليم مان فائدو وٺڻ هو، انهيءَ جماعت پاران 1885ع ۾ ڪراچي ۾ سنڌ مدرست الاسلام کوليو ويو هو، 87-1886ع ڌاري هيءَ اخبار مدرسي کي منتقل ٿي وئي.

”معاون “ اخبار جو ايڊيٽر مدرسي ۾ فقه جو عالم ۽ استاد مولوي محمد عثمان نورنگ زادو هو، جنهن جي جاءِ تي پوءِ مولوي الله بخش اٻوجهو ۽ پوءِ شمس الدين بلبل مقرر ٿيا، جيڪي پنهنجي وقت جا مشهور استاد ۽ ليکڪ هئا، انهن هن اخبار کي تعليم، ادب جو واهڻ بڻايو، 1897ع ۾ پليگ پکڙجڻ ڪري پريس بند ڪرڻي پئي، ۽ ائين اخبار پڻ بند ٿي وئي1 1891ع ۾ سکر مان پهرين سنڌي اخبار ”آفتاب سنڌ “ جاري ٿي 2پر ڊاڪٽر ٻگهيو اجرا جو سال 1895ع ڄاڻائي ٿو، هو وڌيڪ لکي ٿو ته سيٺ حاجي احمد ميمڻ صاحب ذاتي دلچسپي ۽ سيڙپ سان ”آفتاب سنڌ“ اخبار ڪڍي، هن اخبار جو ايڊيٽر شمس الدين بلبل بڻيو، هي پهرين روزنامه هئي، پر پوءِ هفتيوار ٿي، هن اخبار خالصاً علي ڳڙهه سوچ تي ڪم ڪيو، هن کان پري رهڻ جي سوچ ڏني، سرڪار جي مداح هر وقت هن اخبار جو ڪم هو، هن اخبار هوم رول تحريڪ جي زبردست مخالفت ڪئي ۽ ٻين اخبارن جهڙوڪ ”الامين “ ۽ هند واسي “ جو مقابلو به ڪيو، هن اخبار سياسي طور مسلمانن جي تربيت ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ان لاءِ سندس خيال ۾ سرڪار سان ٽڪر کائڻ اجايو هو، هن اخبار کي ”تحريڪ پاڪستان “ جو ابتدائي رخ به سڏيو ويو آهي، ان لاءِ جن پاڪستاني محققن ان موضوع تي ڪم ڪيو آهي، سيٺ حاجي احمد ميمڻ کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيوآهي1 هي اخبار موجوده صديءَ ۾ پڻ جاري رهي2

سکر مان هن کان اڳ پهرين صديءَ جي فارسي اخبار ”مطلع خورشيد “ جاري ٿي هئي،هي اهو زمانو هو جڏهن ريلوي اچڻ سان شڪارپور ۽ پنجاب کان هن شهر ۾ گهڻا ماڻهو آباد ٿيا هئا، سکر 1883ع  ۾ شڪارپور ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر مقرر ڪيو ويو، 1889ع ۾ سنڌو درياءَ تي لئنسڊائون پل جوڙي وئي، جنهن ڪري سکر ترقي جي راهه تي گامزن ٿيو.3

حيدرآباد جي پهرين اخبار ”پرڀات “ هئي، جنهن جو بنياد اصل ۾ ڪراچي ۾ 1890ع ۾ پيو هو، سال کن کانپوءِ هيءَ اخبار حيدرآباد منتقل ٿي وئي، جتي ليکراج تلوڪ چند ٿڌاڻي جي ادارت هيٺ هفتيوار اپريل 1896ع کان انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ شايع ٿي، هيءَ اخبار سنڌ ۾ مقبول هئي ۽ سرڪاري ڪامورن تي تنقيد ڪندي رهي، هي اخبار موجوده صديءَ ۾ به جاري رهي1 ڪريم بخش خالد هن اخبار جي جاري ٿيڻ جو سال 1891ع ۾ ڄاڻايو آهي2 ۽ ڊاڪٽر ٻگهيو 1896ع ۾ ٻڌائي ٿو3 1891ع ۾ ”سوکڙي “ نالي هڪ هفتيوار اخبار ڪراچي مان جاري ٿي، جيڪا آسن مل ريجهو مل جي مالڪيءَ هيٺ جهمٽ مل لالچند جي ادارت ۾ نڪرندي هئي، هن اخبار جا ايڊيٽر پهرين عظيم جنگ جي زنامي تائين تبديل ٿيندا رهيا ۽ انهيءَ زماني ۾ اها اخبار بند ٿي وئي4 انهيءَ سال اڻويهين صديءَ جي پهرين سنڌي اخبار جيڪا شڪاپور مان شايع ٿي اها هئي ”طوطي سنڌ“ پر سال پوري ٿيڻ کان اڳ بند ٿي ويئي، جنهن جو مالڪ اتان جو هڪ هندو هو، ان زماني ۾  شڪارپور جي آدمشماري پنجاهه هزار کن هئي ۽ منجهس گهڻئي واپاري، بئنڪار ۽ شاهوڪار  دڪاندار رهندا هئا، هاءِ اسڪول ۽ ورنيڪيولر اسڪول قائم ٿي چڪا هئا، انهيءَ اخبار جي بند ٿي وڃڻ کانپوءِ 1906ع ۾”سنڌڪيسري “ هفتيوار اخبار جاري ڪئي وئي1

حيدرآباد جي ٻي هفتيوار اخبار ”ديس سڌار “  هئي، جيڪا 1893ع ۾شايع ٿي، انهيءَ اخبار جو ايڊيٽر رامچند مورجمل هو، جيڪو جنرل مرچنٽ اسٽامپ وينڊر ۽ ڪتابن جودڪاندار هو ۽ ڇوٽڪي  بازار مان اخبار شايع ڪندو هو، اها اخبار ٿوري وقت کانپوءِ 1897ع ۾ بند ٿي ويئي2 هن اخبار جي جاري ٿيڻ جو سال شفيع محمد علوي 1894ع ٻڌائي ٿو.3

 سال 1895ع ۾ شيخ عبدالعزيز محمد سليمان ڪراچي واري جي چوڻ تي سکر جي ان وقت جي ڊپٽي ڪليڪٽر سردار محمد يعقوب خان جي ڪوشش سان ”الحق “ سکر مان جاري ٿي، جيڪا 1901ع ۾ حيدرآباد منتقل ٿي، هن اخبار جو بنيادي ايڊيٽر شمس الدين بلبل هو، جيڪو پنهنجي وقت جو ناميارو نثر نگار ۽ عمدو شاعر ٿي گذريو آهي، کانئس پوءِ ميمڻ هاشم مخلص (1860-1932ع)  ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي (1882-1942ع ) هن اخبار جو ايڊيٽر ٿي رهيا، هن اخبار سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي ۽ اخلاقي حالت سڌارڻ لاءِ وجود ورتو ۽ ”معاون “ اخباروانگر هن تي به علي ڳڙهه تحريڪ جو نمايان اثر هو، هن اخبار ان وقت جي هندو پريس جومقابلو ڪيو، انهيءَ سلسلي ۾ مٿسڪو به ڪيس نه هليو، هندن طرفان ڪراچي جي مشهور وڪيل هرچند راءِ وشن داس ڀارواڻي وڪالت ڪئي، ڪيترائي ڀيرا ”الحق“ بند ٿي ۽ جاري ٿي1 ڊاڪٽر ٻگهيو، هن اخبار جي اجرا جو سال 1899ع ڄاڻائي ٿو2 هيءَ اخبار سنڌي ۽ انگريزي ٻنهي زبانن ۾ شايع ٿيندي هئي، انگريزي حصي جي ادارت علي محمد بئريسٽر جي حوالي هئي. 1895ع ۾ ”خير خواهه سنڌ “ جو اجرا ٿيو، جيڪا عام طرح ”خير خواهه “ جي نالي سان سڃاتي ويندي هئي، هن اخبار جو مالڪ هڪ عامل هندوڌرمسنگ ٽهلسنگ هو، هيءَ اخبار هفتيوار هئي ۽ ڪراچي کان پوءِحيدرآباد 1896ع مان ۽ پوءِ لاڙڪاڻي مان 1897ع ۾ شايع ٿيندي رهي، هي اخبار موجوده صديءَ ۾ پهرين عظيم جنگ لڳڻ واري وقت ۾ بند ٿي ويئي1  لاڙڪاڻي  واري زماني ۾ هن اخبار جو ايڊيٽرشمس الدين بلبل هو، جنهن لاءِ پير علي محمد راشدي لکي ٿو ته ”خوشامدي پرچو  هوندو هو، انهيءَ ڪري وقار وڃائي ڇڏيو هئائين“.

1896ع ۾ حيدرآباد مان ”پرتاب“ نالي هڪ هفتيوار اخبار شايع ٿي، جنهن جو ايڊيٽر ديوان خوبچند هو2ساڳئي سال آڪٽوبر ۾ ڀواني چرڻ بئنرجي جنهن جو ٻيو نالو سوامي برهم بانڌو اپاڌيا هو3”جوت “ اخبارء، مخزن حيدرآباد مان جاري ڪئي، هو انهيءَ اخبار جا انگريزي ڪالم لکندو هو، سنڌي حصو کيم چندامرت برهمچاري اينمانند (ريواچند گيان چند ماکيجاڻي)  هلائي، سن 1900ع کان وٺي پرمانند ميوارام (1865-1938ع) جوت جو ايڊيٽر ٿيو، هن جوت پنڌرهن روزه کي نئين رند ۾ پيش ڪيو ۽ انگريزي توڙي سنڌي ٻئي ڪالم سنڀالڻ لڳو،  هن پنهنجي عمر جي آخر تائين لڳاتار چيف ايڊيٽر جي حيثيت سان اڪيچار اخلاقي، نيتڪ، درسي، تاريخي، تعليمي، سماجڪ ۽ ساهتڪ ليک لکيا.1

پرمانند جو ڏاڏو ديوان مورجمل پهريون عامل هو، جنهن دين اسلام قبوليو، هن جي پيءَ به بعد ۾ اسلام تي ايمان آندو(7) 2پرمانند به بابو بئرجيءَ جي اثر هيٺ اچي سک پنٿ ۽ هندو ڌرم جو تنقيدي  مطالعو ڪيو ۽ نيٺ 27 آڪٽوبر 1891ع تي عيسائي ٿيو ۽ سندس نالو فيلڪس رکيو ويو، پرمانند ميوارام جڏهن 29 نومبر 1937ع تي لاڏاڻو ڪيو ته جوت کي فادر ن-ف ڪوٽواڻي سنڀاليو، جڏهن 1946ع ۾ هن اخبار جو پنجاهه سالن جون ادبي خدمتون ملهائڻ جي موقعي تي ”سلور جوبلي“ نمبر شايع ڪيو، جنهن ۾ پرمانند جي شخصيت ۽ ڪارنامن تي ڪيترن بزرگ ۽نوجوان عالمن جا مضمون پيل هئا.3

 پرمانند ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو، سندس ”سنڌي-انگريزي ڊڪشنري “ ۽ انگريزي –سنڌي ڊڪشنري اڄ به معياري ڊڪشنريون سمجهيون وڃن ٿيون، جن جا ڪيترائي ڇاپا هند ۽سنڌ ۾  ڇپجي ڪارگر ثابت ٿيا آهن.

1897ع ۾ لاڙڪاڻي مان هفتيوار ”الهلال “ ۽ حيدرآباد مان ”مسافر “ شايع ٿيون، جيڪي موجوده دور ۾ پڻ جاري رهيون 1مسافر اخبارجو ايڊيٽر چئن سالن لاءِ شمس الدين بلبل ٿي رهيو.

1884 ع ۾ ساڌو هيرانند جڏهن ڪراچي جي سنڌ سڌار ۽ Sindh times)) اخبارون ڇڏي پنهنجي اباڻي شهر حيدرآباد آيو ته سماجي ڪمن ۾ لڳي ويو آڪٽوبر 1888ع ۾”يونين اڪيڊمي “ قائم ڪيائين 6 نومبر 1890ع تي هندو سوشل رفارم ايسوسيئيشن جو بنياد وڌائين ۽ ساڳئي سال ايسوسيئيشن جي پاران ماهوار رسالو ”سرسوتي “ جاري ڪيائين، جيڪو يونين اڪيڊمي حيدرآباد طرفان قائم ٿيل ليٿوپريس ۾ ڇپبو هو، پوءِ هي رسالو ٽائيپ ۾ شايع ٿيڻ لڳو ۽ پورا پنجاهه ورهيه عربي لپيءَ ۾ ڇپجندو رهيو ۽ سنڌي ٻوليءَجي  خدمت ڪندو رهيو2.”سرسوتي “ هندو ديو مالا ۾ علم ۽ سنگيت جي ديويءَ کي سڏيو ويندو آهي ۽ اشاري طور گيان يا الاهي علم جي معنيٰ ۾ ڪم ايندو آهي، ”سڌار سڀا “ جي تعليمي، پنگتي ۽ اخلاقي پروگرام کيعوام آڏو آڻڻ لاءِ ساڌو هيرانند هن نالي جو انتخاب ڪيو.1هي رسالو ”سرسوتي سنگٺن ڇاپخانو حيدرآباد “  مان لٿو تي ته ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ سندس ضخامت ارڙهن صفحا هئي، سرورق تي رسالي جي پاليسي، چندو ۽ اشتهارن جا اگهه ڏنل هوندا هئا، صحفو ٻيو ۽ آخري صفحو خاص اشتهارن لاءِ مخصوص هوندا هئا، باقي صحفن تي مواد ڇپبو هو، ساليانو چندو شهر ۾ هڪ رپيو ۽ يونين اڪيڊمي جي استادن لاءِ ٻارنهن آنا مقرر هو، انهيءَ لحاظ کان  اخبار جي قيمت شهر واسين لاءِ ڏيڍ آنو ٻهراڙيءَ لاءِ ٻه آنا ۽ يونين اڪيڊمي جي شاگردن کان هڪ آنو وٺڻ ۾ ايندي هئي،اشتهار جو اگهه ٻه آنا في سٽ مقرر هو 2ڪافي عرصي بعد رسالو ٽائيپ  ۾ ڇپجڻ شروع ٿيو، انهيءَ لحاظ کان قيمت ۾ اٺ آنا اضافو به ٿيو، آخري وقت ۾ به رسالوهندو سوشل رفارم ايسوسيئيشن “ جيئي سهاري هيٺ نڪرندو هو، مگر معيار گهٽجي ويو هو3

جيئن ته ”سرسوتي “ رسالو برهمو سماج جي پاليسي مطابق هو، انهيءَ ڪري منجهس ٻاهرين ڏيک ويک ۽ ٺٺ ٺانگر بدران ڌرمي ڳالهين تي زور ڏنو ويو، مذهبي ڇيڙ ڇاڙ ۽  ڌرمي وير وروڌ کان سدائين آجو رهيو ۽ آزاد پاليسيءَ سان سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندو رهيو.1ساڌوهيرانند مرڻ گهڙي يعني 1893ع تائين ”سرسوتي“ جو ايڊيٽر رهيو، کانئس پوءِ خانچند پرتاب راءِ لالواڻي ايڊيٽر ٿيو، هيءَ رسالو موجوده صديءَ ۾ پڻ جاري رهيو.

سال 1312هه 1894ع ۾ ڪراچي مان ماهوار ديس سڌار  شايع ٿيو،

جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي ادبي اخلاقي ۽ معلومات مواد شايع ٿيندو هو.2               

.       هندن جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ سماجي، علمي ۽ ادبي خدمتن ۽ جذبن مان اتساهه وٺي مسلمان عالمن به انهيءَ ڏس ۾ وک وڌائي، سندن ڪوششن جي نتيجي ۾ 1899ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ٺُلاهه جي مدرسي ۾ ”مطبع مظهر العجائب“ نالي سان هڪ ليٿو پريس قائم ٿي ۽ ابوالبقا پير مظفر الدين ولد سيد هدايت الله راشديءَ جي ذاتي دلچسپيءَ سان سنڌي زبان ۾ الخوان المسلمين نالي هڪ ماهوار رسالو جاري ٿيو، هي خالص ديني نوعيت جو پرچو هو، جنهن ۾ احڪام شريعت ۽ ديني مسئلن بابت معلومات هوندي هئي، رسالي جو ساليانو چندو فقط اڍائي روپيا هو، رسالو هڪ سال تائين باقاعده سان ڇپيو1899ع ۾1 ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ڪراچي پاران ڇماهي ”سنڌ ڪاليج مسيلني “ جاري ٿيو، جيڪو ورهاڱي تائين جاري  ٿيندو رهيو، ساڌو ٿانورداس ليلارام واسواڻي هن مخزن جو باني هو، مخزن جا ٽي حصا هئا، هر هڪ سنڌي، گجراتي ۽انگريزي تي مشتمل هو، ڪاليج جي استادن مان هڪ رسالي جو ايڊيٽر ۽ شاگردن مان ڪو هڪ اسسٽنٽ ايڊيٽر هو، 1940ع ۾ انهيءَ مخزن ۾ اردو سيڪشن جو اضافو ٿيو.2

انهن ئي ڏينهن ۾ ساڌو نولراءِ، ساڌو هيرانند ۽ رشي ڏيارام گدومل جي برپا ڪيل ”سڌار سڀا“  حيدرآباد پاران ”سرسوتي“ مخزن کانسواءِ هڪ ٻيو رسالو ”سڌار پتريڪا “ جاري ڪيو، جيڪو سنڌي گرمکي لپيءَ ۾ هو، جنهن جو ايڊيٽر ساڌو نولراءِ شوقيرام آڏواڻي 1848ع 1893ع هو، هي رسالو عورتن لاءِ مخصوص هو، جنهن ۾ سندن ڀلائي، سڌاري ۽ واڌاري بابت مواد شايع ٿيندو هو، اهو رسالو پڻ سرسوتي وانگر يونين اڪيڊمي حيدرآباد طرفان قائم ڪيل لٿوپريس ۾ ڇپبو هو1890ع ۾3 خانبهادر حسن علي آفندي پنهنجي تعليمي تحريڪ کي سنڌ  ۾ عام ڪرڻ لاءِ ماهوار ”مدرسه“ ڪراچي مان شايع ڪيو، هي رسالو ”سنڌ مدرسته الاسلام “ جي تعليمي پاليسين کي  واضح ڪرڻ ۾ وڏو مددگار ثابت ٿيو، رسالي جي  ڇپائي سنڌ گزيٽ ۽ڪمرشل پريس ڪمپني مان ٿيندي هئي، رسالي جوشروعاتي ايڊيٽر مولوي محمد عثمان نورنگ زادوهو، کائنس پوءِ مولوي الله بخش  ”اٻوجهو“  ۽ مولوي عبدالرحيم ايڊيٽر ٿيا1 . 1900ع ۾ هڪ ماهوار ديني رسالو ”هدايت الاخوان“ امروٽ شريف ضلعي شڪارپور مان جاري ڪيو ويو، جيڪو مولانا تاج محمد امروٽي پاران مولانا عبيدالله سنڌي لاءِ قائم ڪيل مدرسي ۽ ديني ادارن لاءِ قائم ڪيل ليٿو پريس ”محمود المصابي “ مان شايع ٿيو هو، هي رسالو مولانا عبيدالله سنڌي جي سياسي ۽ مذهبي نظرين کي هٿي ڏيڻ ۽ عوام تائين پهچائڻ لاءِ ڪڍيو ويو هو.2 ساڳئي سال صحت جي حفاظت جي باري ۾ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ماهوار رسالو تندرستي حيدرآباد مان شايع ٿيو، جنهن جو ايڊيٽر ڊاڪٽر بولچند پرسرام پنواڻي هو، هيءَ رسالو ڪجهه وقت لاءِ بند ٿي ويو هو پر پوءِ جنوري 1912ع کان وري شايع ٿيڻ لڳو، ڏنو مل بصر مل هن رسالي جو ڪجهه وقت لاءِ مئنيجر ۽ پبلشر رهيو1

انهيءَ  ساڳي سال يعني 1900ع ۾ جيڪو آخري رسالو جاري ٿيو، اهو هو ”زراعت“ جيڪو ماهوار هو ۽ ڪراچي مان شايع ٿو هو، هي رسالو 1900ع ۾ ڪمشنر پريس ڪراچي مان سرڪاري طرح شايع ٿيو، هن رسالي ۾ زراعت ۽ باغباني بابت مواد ڇپبو هو.2

اڻويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ يعني 1866ع کان 1900ع تائين سنڌي ۾ 14 اخبارون ۽ 9 رسالا شايع ٿيا، ممڪن آهي ته انهيءَ عرصي ۾ شايع ٿيل سڀني اخبارن ۽ رسالن جا تفصيل نه ملڻ  ڪري اهو ڳاڻيٽوصحيح نه  هجي، اخبارن جي باري ۾ ڪريم بخش خالد پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي لکي ٿو:

”اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ ويهين صديءَ جي پهرين ڏهن سالن جي اخبارن بابت مجموعي طور هي رايو قائم ڪري سگهي ٿو ته مضامين جي ترتيب ۽ انهن جي ڪتابت ۽ طباعت ڪنهن هفتيوار اخبار  جي نه پر ڪنهن اهڙي ڪتاب جي معلوم ٿئي ٿي، جنهن کي جنهن کي پوري اهتمام، دلچسپي ۽ سليقي سان ڇپايو ويو هجي، ڪتابت جي صحت کانسواءِ تحرير جي عام خوبين جو به خيال ڪيو ويندو هو،  هنن اخبارن ۾ گهڻو ڪري مذهبي مسئلن تي بحث ۽ باهمي مناظره وغيره شايع ٿيندا هئا، اخبار جو اسلوبِ تحرير ابتدا کان انتها تائين مُنشيانه ۽ اديباناهو، منجهن عربي، فارسي ترڪيبون ۽محاورا برجسته ۽بلا تڪلف استعمال ٿيل آهن “.1ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي رسالن جي باري ۾ پنهنجي راءِ جواظهار ڪندي لکي ٿو:

”اڻويهين صديءَ ۾ شايع ٿيل مذڪوره رسالن ۾ شعر وشاعري تي ايترو گهڻو ڌيان نه ڏنو ويو ان هوندي به ڪڏهن ڪڏهن هندوويدانتي شاعرن جوڪلام ۽ صوفي شاعرن جا شعر شايع  ٿيل ملن ٿا، ڪڏهن ڪڏهن وري هندو شاعرن جو ڪلام  ۽ ترجمو به ڏنو ويندو هو، نثر ابتدائي قسم جو هو، انهيءَ ڪري موجوده نثري عبارت کان بگڙيل آهي، ان هوندي به هيءَ نثر بنياد طرح اسان جي سنڌي مضمون نويسيءَ جي فن ۾ نمايان ترقي جي راهه هموار ڪئي “.2

سماجي، علمي ۽ اخلاقي مضمونن کانسواءِ هڪ پهلو سياسي به آهي، جنهن تي اخبارون فرقن ۾ ورهائجي ويون هيون، هندو ۽ مسلمان جيڪي روايت پسند ۽ بنياد پرست هئا، تن باقائده اخبارن ۾ محاذ آرائي جي فضا  قائم ڪري رکي هئي، تاهم عقليت پسند، کليل سوچ رکندڙ اخبار نويس ۽لکندڙ پنهنجو موقف اخبارن ۽ رسالن ۾  پيش ڪندا رهيا، پر جن اخبارن کي پنهنجو دڪان چمڪائڻو هو انهن جو آواز وڏو ۽ وڌيڪ زوردار ۽ پُراثر هو، جو ماڻهن کي نفرت جي اوڙاهه ۾ گهلڻ لاءِ ويهين صديءَ جي اڌ تائين گونجندو رهيو ۽نيٺ اهي اخبارون ۽ رسالا پنهنجي مشن ۾ ڪامياب ٿيا.


1 حوالو، ساڳيو، ص_ 184

--------------------------------------------------------------------------------------

1 ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ سنڌي: اڻوهين صديءَ جا نثر نويس، ”پي ايڇ ڊي“ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ پيشڪيل تحقيقي مقالو (1983)

 

2 Dr.Abdus Salam Khurshid: Journalism in Pakistan, Publishers United Ltd, Lahore 1964,P 49

 

1 Dr. Allah Rakhio Butt: ''The Nineteenth Century Book Trade in Sind'': Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988

--------------------------------------------------------------------------------------

1 موتي رام-ايسس رامواڻي: ”سنڌ ۽ اسان جو ورثو“ شاردا پرڪاش، بمبئي 1987ع ص 88

---------------------------------------------------------------------------------

 

1 Dr. Allah Rakhio Butt: ''The Nineteenth Century Book Trade in Sind'' Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988

1 .  Ibid

--------------------------------------------------------------------------------------

1 ڊاڪٽر خورشيد السلام :”صحافت پاڪستان و هند ۾ “ اردو، مجلس ترقي ادب، لاهور 1963ع ص 75

--------------------------------------------------------------------------------------

1 Dr. Allah Rakhio Butt: ''The Nineteenth Century Book Trade in Sind: '' Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988

 

2 Dr.Abdus Salam Khurshid: Journalism in Pakistan, Publishers United Ltd, Lahore 1964,P 78

 

3 Dr. Allah Rakhio Butt: ''The Nineteenth Century Book Trade in Sind'' Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988

--------------------------------------------------------------------------------------

1 Ibid.

 

2 شيوارام نرسنگهه داس ڦيرواڻي: راج رشي ديارام گدو مل جو جيون چرتر، تارا چند آڏواڻي حيدرآباد 1938ع ص 45

 

3 Dr. Allah Rakhio Butt: The Nineteenth Century Book Trade in Sind:  Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988

-------------------------------------------------------------------------------------

1  Ibid

 

2 Dr. Allah Rakhio Butt: The Nineteenth Century Book Trade in Sindh:  Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988

--------------------------------------------------------------------------------------

1  Ibid.

 

2 ڊاڪٽر عزيزالرحمان ٻگهيو ”سنڌي  صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ“ ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1988ع ص 29، 30 ۽ 37.

--------------------------------------------------------------------------------------

1 غلام محمد گرامي؛ ”سنڌي لٿو گراف“ (مقالو) ٽماهي مهراڻ، 1-1964ع سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ص 153

 

2 ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو، ” سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ “ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو ص 37.

 

1         ڊاڪٽر عبدالسلام خورشيد: ”صحافت پاڪستان و هند مين“ (اردو) مجلس ترقي ادب، لاهور 1963، ص ص93 ۽ 96.

 

2 غلام محمد گرامي: ” سنڌي لٿو گراف “(مقالو) ٽماهي مهراڻ، 1-1964ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ص _153.

1 . Dr. Allah Rakhio Butt: ''The Nineteenth Century Book Trade in Sindh'':  Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988

 

2 .  ڊاڪٽر عبدالرحمان ٻگهيو؛ ”سنڌي  صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ“ ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1988ع ص 93 ۽ 96

 

3 ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ سنڌي: ”اڻويهين صدي جا نثر نويس“ پي ايڇ ڊي لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ پيش ڪيل تحقيقي مقالو، 1983ع.

------------------------------------------------------------------------------------

1 ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي .” سنڌيءَ ۾ فارسي اخبار نويسي “ (مقالو) ٽماهي مهراڻ ، نمبر 3-1970ع ص-109.

 

1 Dr. Allah Rakhio Butt: The Nineteenth Century Book Trade in Sindh:  Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988

 

2 ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ” سنڌيءَ ۾ فارسي اخبار نويسي “ (مقالو) ٽماهي، مهراڻ، ڄامشورو، نمبر 3-1970ع ص 109.

----------------------------------------------------------------------------------

 

1 ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو؛ ” سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ “ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو 1988ع ص 42.

 

2 موتي رام-ايس رامواڻي: ”سنڌ ۽ اسان جو ورثو “، شاردا پرڪاشن، بمبئي 1987ع ص ص 88-89.

--------------------------------------------------------------------------------------

1 ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو: ”سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ “ سنڌالاجي ڄامشورو، 1988ڳ ص 88.

 

2 تارا چند شوقيرام؛ ”راج رشي ديوان ڏيارام گدو مل جو جيون چرتر“حيدرآباد 1938ع ص 16.

------------------------------------------------------------------------------------

 

1 غلام محمد لاکو: سنڌ سڀا ٽماهي مهراڻ 1-2-1985ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ص 4.

--------------------------------------------------------------------------------------

1         ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو: ”سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ “ سنڌالاجي ڄامشورو، 1988ع ص ص 71-88.

 

2 Dr. Allah Rakhio Butt: ''The Nineteenth Century Book Trade in Sindh'' Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988

 

3 غلام محمد گرامي: سنڌي لٿو گراف(مقالو) ٽماهي، مهراڻ، جلد 13 نمبر 1-1964ع سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ص ص -152-153.

 

1 Dr. Allah Rakhio Butt: The Nineteenth Century Book Trade in Sindh:  Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988

 

2 Ibid

 

1 ڊاڪٽر عبدالرحمان ٻگهيو: سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1988 ص 48

 

2 Dr. Allah Rakhio Butt: ''The Nineteenth Century Book Trade in Sindh:'' Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988

 

3 Ibid

 

1 Ibid

 

2 ڪريم بخش خالد :”سنڌي صحافت“ حبيب پبليڪيشن، سکر، 1955ع، ص _33.

 

3 ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو: ”سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو ،1988ع ص 52.

 

4 Dr. Allah Rakhio Butt: ''The Nineteenth Century Book Trade in Sindh'' Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988

--------------------------------------------------------------------------------------

1 Ibid

2 Ibid

3 شفيع محمد علوي: ”پهرين سنڌي مخزن“(مقالو) ماهوار نئين زندگي ،ڪراچي، نومبر 1957ع ص_ 10.

 

1         ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي: ”اڻويهين صديءَ جا نثر نويس “(پي ايڇ ڊي لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ پيش ڪيل تحقيقي مقالو) 1983ع

 

2         ڊاڪٽر عزيزالرحمان ٻگهيو: ”سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1988ع ص -54.

1         Dr. Allah Rakhio Butt: ''The Nineteenth Century Book Trade in Sindh'': Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988

2 غلام محمد گرامي: ” سنڌي لٿو گراف “ مقالو ٽماهي مهراڻ نمبر 1-1964ع سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ص 174.

3 هي نوجوان بنگالي هو ۽ ساڌو هيرانند جو ڪلڪتي ۾ دوست ٿيو هو، سنسڪرت جو وڏو ڄاڻو هو: يونين اڪيڊمي ۾ مفت پڙهائيندو هو ۽ راندين جو نگران هو، 1892ع ۾  هو عيسائي ٿيو ته ساڌو هيرانند کيس ڏاڍو سمجهايو ۽ڏيارام گدومل پڻ منع ڪيس پر هن نه مڃيو ۽ اسڪول ڇڏي ويو، سندس وڇوڙي ۾ ساڌو هيرانند روئي ڏنو.

1 ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي:” پرمانند ميوارام “ (مقالو) ٽماهي رچنا، احمد آباد، نمبر       29-1_1986ع ص -9.

 

2   منگهارام اوڌارام ملڪاڻي؛ ”سنڌي نثر جي تاريخ “ زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1977ع-    1977 ع ص ص 237-241.      

 

3        حافظ خير محمد اوحدي ”سنڌي صحافت“

 

1     ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي؛”اڻويهين صديءَ جا نثر نويس “ پي ايڇ ڊي لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ پيش ڪيل تحقيقي مقالو. 1983

 

2 ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي: ”اڻويهين صديءَ جا نثر نويس“( Ph.D لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ پيش ڪيل مقالو) 1983ع

--------------------------------------------------------------------------------------

1         مير شفيع احمد علوي: ”پهرين سنڌي مخزن“ ماهوار نئين زندگي، ڪراچي نومبر 1957ع ص -10.

 

2 ايضاً

 

3 ايضاً ص -11.

 

1 ايضاً ص -11.

2 ايضاً ص -11

--------------------------------------------------------------------------------------

1 ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ: ”سنڌي رسالن جي تاريخ “ سنڌ پبلشر، حيدرآباد، 1981ع ص -1

 

2         ايضاً  ص ص-10 ۽ 11

 

3   ايضاً ص ص-9- 10

-------------------------------------------------------------------------------------

1 .       ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي: ”اڻويهين صديءَ جا نثر نويس“ Ph.D) لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ پيش ڪيل تحقيقي مقالو) 1983ع

 

2         ڊاڪٽر الهرکيوٻٽ: ”سنڌي رسالن جي تاريخ “ سنڌ پبلشر، حيدرآباد، 1981ع ص_ 11

--------------------------------------------------------------------------------------

1 ايضاً

 

2         ايضا، ص ص-11 ۽ 12

1 ڪريم بخش خالد؛ ”سنڌي صحافت “ حبيب پبليڪيشن، سکر ،1955 ص 131.

2 ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي: ”اڻويهين صديءَ جا نثر نويس“ Ph.D) سنڌ يونيورسٽي ۾ پيش ڪيل تحقيقي مقالو) 1983ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com