سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1996ع

مضمون

صفحو :13

ڪوٽ گل محمد جو احوال:

         کوسو پير بخش خان رٽائرڊ فوجي هو، سندس پٽ گل بيگ به فوجي هو، ديهه ڪوٽ گل محمد ۾ کيس زمين تي جتي ڳوٺ ٻڌي ويٺو، هي طبع ۾ عجيب و غريب انسان هو، شڪارپور ڀرسان رهندڙ ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ هو، اتان جي پنهنجي خاص طبع سبب لڏي آيو هو، سندس اها طبع جي تيزي هن علائقي ۾ مشهور ٿي وئي هئي، ڪو ملندو هوس ته کيس چوندو آئون  اصل ويٺل شڪارپور جو آهيان، تنهن ڪري آئون چوزي جي ٻوڙ ڪارن مرچن ۾ چڙهيل کاوان ٻيو ڪجهه نه واپرايان، گهوڙو منهنجو جوئر جي داڻي کانسواءِ ٻيو ڪو داڻو ڪو نه چري، هر ڪنهن کي اول اهو ٻڌائي تنهن کان پوءِ ٻيو هو حال احوا ل ڪندو هو، ڏاڏو مير حيات خان سندس ڀاڻيجو هو، کيس نار چاڙهڻ لاءِ لٺ جي ضرورت ٿي، جيڪو ڪنڊي جي وڻ جو ٿيندو آهي، هن پنهنجي خاص ماڻهو محمود سرڪي کي چيو ته گل بيگ  خان کان وڃي وڻ وٺي اچ، محمود سرڪي کي ته گل بيگ خان جي خبر هئي مير صاحب کي چيائين ته اهو گل بيگ شوم ماڻهو ۽ بدمغز هي وڻ وڍڻ ڪو نه ڇڏيندو، پر تنهنجي حڪم سان وڃان ٿو، گل بيگ خان قاصد جي وڏي آڌرڀاءُ ڪئي پر وڻ وڍڻ ڪونه ڏنائينس چيائينس ته منهنجا وڻ ڪي ”دستگير “بادشاهه جي نالي ٿيل آهن ڪي پنج تن پاڪن جي نالي ته ڪي چئن يارن جي نالي ته ڪي گاجي شاهه جي حوالي، سو مير صاحب کي وڃي عرض ڪر ته مان لاچار آهيان جو سڀئي وڻ وقف ڪري ڇڏيل آهن، اهڙو  هو گل بيگ خان اڄ سندس وڻ ته پنهنجي جاءِ پر سندس اولاد مان به ڪو هڪڙو اتي ويٺل ڪو نه آهي، جايون، زمين غير آباد آهن، ڪنهن زماني ۾ ديهه ڪوٽ گل محمد جون سڳداسي ساريون مشهور هيون، هن وقت ساڳئي سر زمين لاڪڙ واري جنگ جي حالت ۾ آهي، ڪنڊين جي وڻن کي به سم ۽ سيلاب سڪائي ڇڏيو آهي، گلبيگ خان جي پاڙي وارا کوسا عموماً پنهنجا جملي بدني وار ڪو نه ڪوڙائيندا هئا، سکن وانگر سندن تمام وار وڌيل رهندا هئا، انهيءَ خاندان جي پراڻي ماڻهن مان هڪ گروپ فوٽو منهنجي آرٽ هال ۾ لڳل آهي، جن جي تصوير ۾ به وارن وڏن هجڻ جي جهلڪ نظر اچي ٿي، گل بيگ خان پنهنجا فوجي لانگ بوٽ به حفاظت سان سنڀاريو ويٺو هو، سڄي عمر ان کي چمڪايون ۽ ڍڪيون رکيون آيو،اويل سويل ڪاڏي ويندو هو ته اول گهوڙي تي چڙهي پوءِ اهي بوٽ پائي ويندو هو ۽ وري گهوڙي لهڻ کان اول لانگ بوٽ لاهي پوءِ لهندو هو، فوجي وردي وارو ڪوٽ به منهن جي ٿوڻي سان ڪلو هڻي ٽنگي ڇڏيائين، اهي ٻئي نشانيون فخريه ماڻهن کي  ڏيکاريندو هو، گل بيگ خان پنهنجي وارو وڄائي ويو، سندس پويون نسل هينئر ٺل شهر ۾مزدوري ڪندو آهي، ڪي نوجوان پڙهي به پيا، پر ڏاڙهي مڇان چٽ، ڀروان شاهه بچايون جهڙا ڏسبا آهن، انهيءَ خاندان جي مرحياتن تي خدا جون رحمتون هجن، مرندي مري ويا پر پنهنجي طبعي عادتن کي ڪڏهن به تبديل ڪو نه ڪيائون.

پيارو خان کوسو جي ڳوٺ جو احوال:

     گاجي شاهه بادشاهه جي مُقام تي هڪ چوڪنڊي ٺهيل آهي، جنهن کي گنبذ ڪونهي، قبر جيڪا آهي سا پيارو خان کوسي جي آهي، جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو سخي ٿي گذريو آهي، خبر ناهي ته هن پياري خان جو ان سان ڪو خانداني تعلقي آهي ته يا نه عموماً ٻروچ قوم جا نالا وڏن جي نالي سان رکبا آهن، بهرحال هن ڳوٺ جو باني پيارو خان کوسو درياڻي پاڙي جو چڱو مڙس هو، ڪٿان آيو: تنهن جي ڄاڻ ڪا نه ملي آهي، پياري خان ڳوٺ ۾ هڪ درياڻي کوسو جدا مسجد ٺاهيون ويٺو هو، نالو  هوس مولوي  عبدالرزاق صاحب پر ماڻهو کيس ملان طوطا خور  چوندا هيا، هن طوطو پکي حلال ڪري کائڻ شروع ڪيو هو ان ڪري ماڻهن اهو نالو رکيس، هي به هڪ عجيب وضع قطع جو مُلان هو، پٽڪو وڏو پيراڻي نموني سان ٻڌي وڏي ڊگهي لٺ هٿ ۾ کڻي هلندو هو، سفر گهڻو ڪري گهوڙي تي ڪندو هو، اسان وٽ به سالن ۾ ٽي چار ڀيرا ڏيندو هو، پنهنجي وهٽ کي طنبيلي ۾ ٻڌي سنج لاهي هٿيڪا ڪري گاهه وغيره وجهي آرام سان اچي اوطاق ۾ پڄندو، اول ته اوطاق ۾  رکيل چانهه جو سامان هٿ ڪري چانهه پاڻ ٺاهي پلٿي ماري نهايت استغراق واري حالت ۾ ويهي چانهه جا پسڪا ڀريندو هو،  ڪلاڪن کن ۾ چار پنج پياليون انهيءَ استغرافي حالت ۾ ويٺي پي ويندو هو، پوءِ ٿانو ساڳي الماڙي ۾ رکي دلجاءِ سان اچي کٽ تي ويهندو، پٽڪو پٽڪو لاهي پاري سان رکي لٺ پاسي سان  اڀي ڪري ڇڏيندو، ڏينهن ٻه ٽڪي وري واپس ورندو هو، ماني وغيره لاءِ گهر ڪو نه ڪندو هو، ڪنهن آڻي ڏنس ته کائي وٺندو پوءِ اها جهڙي قسم جي به هجي، هي بسم الله ڪري وٺندو ۽ الله جي نعمت سمجهي تناول ڪندو هو، چانهه جو شوقين هو، چانهه جو سامان اوطاق ۾ هميشهه  جهجهي مقدار ۾ موجود هوندو هو، سو مولوي صاحب  ان لاءِ ڪنهن کي تڪليف ۾ ڪو نه وجهندو هو، پاڻ ٺاهي پاڻ استعمال ڪندو هو، خيرات يا نذرانو به ڪونه وٺندو هو، نه ڪي مدرسي جي بهاني چندي لاءِ رسيد بوڪ ساڻ کنيو ايندو هو، هڪ الله لوڪ انسان هو نه ڪنهن جي پچار ۾ نه ڪنهن جي پڇاءُ ۾ بس پنهنجي استغراقي ڪيفيت ۾ هوندو هو، انهيءَ قسم جا مولوي هينئر ڪٿي آهن، اهڙن جي اڻاٺ ٿي وئي آهي، انهيءَ ماحول ۾ اکين اڳيان انهيءَ معصوم مولوي جو نقشو اچي يندو آهي ته پياري ڳوٺ جي ياد تازه ٿي ويندي آهي، اتي اهو مسڪين نماڻو لٺ هٿ ۾ کنيل مولوي پنهنجي مسجد اندر بيٺل تصوراتي دنيا ۾  جلوه نما پيو  ڏسبو.

خدا رحمت کند اين عاشقان پاڪ طبنت را

ڀنگرن جي ڳوٺن جا حوال

      ڀنگر قوم جي زمينداري ٻن ٽن ديهن ۾ هوندي هئي، سندن وڏا ڳوٺ شير خان ڀنگر نصير خان ڀنگر ۽ ڪريم ڏنو خان ڀنگر جي نالن سان هيا، ڀنگر وڏيرن  جا اسان جي خاندان سان  دوستانه رستا هيا، دريا خان ڀنگرابي  مرحوم جي تمام ويجهي دوستن مان هو، ابو مرحوم هجرت ڪرڻ وقت پنهنجي ٻني دريا خان ڀنگر کي وڪرو ڪري ڏني هئي، جڏهن اهو سفرثاب نه ٿيو ته دريا خان وڏي خوشي سان زمين موٽائي ڏني هئي، هڪ دفعي بيمار ٿيو ته پاڻ کي کل چاڙهيائين ته ڪنهن اچي ٻڌايس ته ”تنهنجو يار عبدالعزيز خان ڏاڍو بيمار آهي“ دريا خان اهو ٻڌي ان مهل بيل گاڏي  گهرائي ان ۾ چڙهي سوڙ ويڙهي راتو واهه عزيز آباد اچي پهتو، ابي کي چيائين ته جڏهن تنهنجي بيماري جو ٻڌم ته بي چين ٿي پيس، سو کل لاهڻ تائين به ترسي نه سگهيس، اها هئي سچي دوستي جنهن هن قسم جي ادائيگي ڪرائي، دريا خان مون ڪو نه ڏٺو باقي سندس ڀاءُ حاجي ڪريم ڏني خان کي مون چڱي طرح ڏٺو، نهايت نفيس، نهايت شريف، الطبع انسان هو، حضرت پير سائين شيخ عبدالرحمٰن  صاحب رحمت الله عليه

فرمائيندا هيا ته هن زماني ۾ جنتي ماڻهو ڏسڻو هجيو ته حاجي ڪريم ڏنو خان ان جو نمونو آهي، حاجي صاحب سفيد ريش ڊگهن وارن سان ۽ سفيد لباس وارو انسان هو، هو اونهاري سياري صدري مٿان  ڪوٽ پائي پوءِ ٻاهر سفر تي نڪرندو هو، اونهاري ۾ سرد صدري ڪوٽ ۽ سياري ۾ گرم پائڻ جو اهتمام ڪندو هو، عموماً ٽانگي تي سفر ڪندو هو، هڪ ٻه اردلي ساڻ کڻندو هو اسان وٽ سال ۾ چار پنج  ڀيرا ضرور ڏيندو هو، ابي ۽ چاچي جي وفات وقت پريان شاخ کان رڙيون ڪندو روندو آيو هو، انهن جي وفات کانپوءِ جيستائين اٿڻ ويهڻ جهڙو هوتيستائين اسان وٽ ايندو رهيو، هن اشراف، دوستيءَ  جي ان دستور کي توڙ تائين نڀايو، دري خان ڀنگر ۽ حاجي ڪريم ڏنو خان ڀنگر جهڙا وضع دار ۽ وفادار انسان هينئر ڳولي به نه ٿا لڀن.

کڏون ٿيون خالي هنج نه رهيو هيڪڙو

سٻايو ڳوٺ

     مصري پور سرڪل جي ديهه فتح خان سٻايو ۾ اهو سٻاين جو ڳوٺ هو، سڄي ديهه جي زمين فتح خان سٻايو جي کاتي هئي، سندس فرزند محمد خان سٻايو ضلعي جيڪب آباد جو مشهور ماڻهو ٿي گذريو، هن جيڪب آباد جي اولهه ۾ ڳڙهي سٻايو نالي هڪ پاڙي ۾ پنهنجي جدا بيٺڪ ٻڌائي هئي، ميونسپالٽي جيڪب آباد جو شاندار پريزيڊنٽ ٿي رهيو، جيڪب آباد ۾ ”چوچاڪي بگي“ پهرين هن آندي، عرصه بعد اوستي عنايت الله خان به  سندس تقليد ۾ اهڙي بگي ورتي هئي، خدا جي قدرت محمد خان جي وفات کانپوءِ نه ديهه فتح خان واري ٻني نه ڳڙهي سٻايو محلي جون جايون سندس اولاد وٽ رهيون.

پدرم سلطان بود و ليکن خود محتاج شودم

سبحان! رب ذوالجلال والاڪرام، شل رحم ڪري بندو بي وس آهي.

ڀنگرن ۽ سٻائي وستين کانپوءِ ”ملوئي محمد رحيم“ جي هوندي هئي، ان جو زميندار حاجي محمد رحيم خان کوسو، تر جو برجستو ۽ اثرائتو زميندار ٿي گذريو، جؤوءِ جي هر ٻڌي ڇوڙي ۾ ڪافي دست رس هيس، محمد رحيم خان پنهنجي واري وڄايون ويو، هاڻي سندس پوين جو ڪو نالو ئي ان طرف ڪونهي، ملوئي محمد رحيم  واري جو نالو ڦري هاڻي ملوئي جکراڻين جي ٿي پيو آهي، زماني جي ڦيرن جو اثر آهي ورنه جکراڻين جو سردار دوست محمد خان ان زماني اتي رهندو هو پر نالو نشان ۽ دٻدٻو محمد رحيم خان کوسي جو هوندو هو.

سنهڙي بنگلو جو احوال:

      ملوئي محمد رحيم خان کان 4 ميل پري شاهي واهه جي 44 ميل تي ايريگيشن وارن جو عاليشان بنگلو ٺهيل هو، اتي سياري جي مند ۾ انگريز عملدار ٻه ٽي ڏينهن منزل انداز ٿيندا هيا، بنگلي جوماحول پرسڪون هوندو هو، اتي آفيسرن کي ڏاڍو آرام ايند هو، انهيءَ آرام ده ماحول سبب عموماً انگريز ڊپٽي ڪمشنر هن بنگلي تي ايندا هئا، آرام وٺڻ سان گڏ علائقي جي حال احوال کان واقفيت وٺندا هيا، هڪ  دفعي جيڪب آباد جو انگريز  ڊپٽي ڪمشنر مسٽر بڊ صاحب اتي منزل انداز ٿيو ته منهنجو چاچو وٽس ملڻ ويو، ان زماني ”امين الملت “ کي انگريز حڪومت سکر ۾ نظربند رکيو هو، بڊ صاحب چاچي جي وڏي عزت ڪئي کانئس همدردي سان حال احوال ورتا ۽ دلداري ڏني، هن چيو ”مسٽر کوسو سياسي ماڻهو آهي انگريز حڪومت جي خلاف آهي، سو مجبورن کيس سياسي سلوڪ هيٺ رکيو اٿئون، کيس ٻي ڪا تڪليف ڪانهي، باقي سندس خاندان کي ڪو الڪو نه ٿئي، اسان هر خدمت لاءِ تيار آهيون، هٿيارن جي ليسن کپن ته ڏيون، ڍل جي معافي کپي سا به ڏينداسون وغيره وغيره مطلب ته چاچي کي دلاسن سان مطمئن ڪري ڇڏيائين، آزادي کانپوءِ هڪ مسلمان ڊپٽي ڪمشنر مسٽر عبدالرحيم عقيلي صاحب به اچي انهيءَ بنگلي ۾ ٽي ڏينهن منزل ڪئي، آئون ساڻس ملڻ ويس، بنگلي جي پرسڪون فضا ۾ اڪيلو ورانڊي ۾ آرام ڪرسي تي ويٺو  هو سنڌي نموني خوش خير عافيت ڪيائين، ماحول جي ”سڪون کان ڏاڍ متاثر هيو، چيائين ماحول جي ماٺائي مان مزو اچي پيو، دل ٿي چاهي ته هتي ڪجهه وقت زياده رهي، مون سان ڪچهري ته چڱي ڪيائين پر انگريز جي برعڪس اهو چئي موڪل ڏنائين ته ڍلون ڇو نه ٿا ڏيو!.

اهو به وقت هو جو آفيسر سنهڙي بنگلي تي اچي آرام وٺندا هئا، کين سڪون ملندو هو، هاڻي شاهي واهه گويا سرحدي حد آهي، ان کان ٻاهر ڄڻ ته دشمن ملڪ آهي، جتان هروقت حملي جو خطرو آهي،انگريزن جي وقت ۾ به ان طرف مري ۽ بگٽي قبيلن جي ڦورو ماڻهن جو خطرو هوندو هو، پر انگريزن جي حڪمت عملي ۽ انتظام جي پختگي سان امن لاءِ خاطرخواهه بندوبست ٿيل هوندو هو، انگريزن پنهنجي مڊم سوڌو گهوڙن تي چڙهي بنا باڊي گارڊ جي شاهي واهه  جي انسپيڪشن پاٿ سان هلندا نظر ايندا هئا، انگريزن انهيءَ شاهي واهه جي 7-19-27-29-44 ميل ۽ 52 ميل تي عاليشان وڏا انسپيڪشن بنگلا ٺهرايا هئا، تاڪ سنڌ-بلوچستان  جي سرحد تي انتظامي لحاظ کان ايندڙ عملدار اتي اچي آرام وٺن ۽ انتظامي ڪاررواين جي نگراني ڪن، هينئر انهن بنگلن جا فقط نشان باقي آهن، الله لوڪ انسانن دريون، دروازا، گارڊر، ٽي آر پٽي وڃي پنهنجا آستانه ٺهرايا، هاڻي ٻيا عملدار ته پنهنجي جاءِ پر آب پاشي جا آفيسر به ڪو نه گهمندا آهن، ڀل شاهي واهه کي کنڊ پون.

سنهڙي بنگي کان اوريان هڪ ڳوٺ آهي، جنهن جو نالو ڳوٺ باهو کوسو آهي، اتي ايامن کان ديره جات کان تاجو خان، کوسو بڻجي هن تر ۾آيو ديهه ۾ ڳوٺ ٻڌي ويٺو، کوسن سان مٽي مائٽي ڪيائين، هن جو پٽ باهو خان درويش انسان هو، هن جيئري ئي پنهنجي قبر ٺهرائي، جنهن ۾ هو هر صبح جو ويهي ڪلام الاهي جي تلاوت ڪندو هو، هن کي نرينه اولاد  ڪو نه ٿيو، 1994ع ۾ باهو ڳوٺ ۾ سيلابي پاڻي آيو پر ان ٽڪري تي پاڻي ڪو نه چڙهيو، جتي باهو خان جي قبر هئي ۽ سندس گهر هو، حالانڪه پاڻي مڙسئون تار آيو هو، وڏا وڏا دڙا ٻوڙي رکيائين پر هن درويش جي قبر سيلاب کان محفوظ رهي، ٻن هفتن تائين پاڻي هلندو رهيو پر درويش جي جاءِ تان رخ ڦيرائي ڇڏيائين، باهو خان درويش ۽ سخي انسان هو، سو اڄ به هن افرا تفري واري دور ۾ باهو ڳوٺ جي بازار برسيل آهي، جوءِ جو مرڪز بڻيل آهي، آئون سڄا سارا ويهه سال يونين ڪائونسل جو چيئرمين ٿي رهيس، هن درويش جي ڳوٺ ۾ گهٽيون پڪيون ڪرايم، واٽر سپلاءِ هاءِ اسڪول، اسپتال، منظور ڪرايم، ڳوٺ کي چڱي رونق ۾ آندم، ڪجهه وقت اهي ادارا توڙي چڱا فائديمند هليا، هينئر اسپتال ۾ ٿاڻو، واٽر سپلاءِ جا موٽر گم، ٽيليفون جون تارون ڪپجي ويون، بئنڪ بند ٿي وئي، انهن تعدين هوندي درويش جو ڳوٺ اڃا آباد آهي، سندس بازار پئي هلي، اهو سڀ ڪجهه باهو خان جي ڪرامت سبب آهي.

درگاهي جکراڻي جو ڳوٺ

ڊسمبر 1946ع ۾ جيڪا صوبائي اليڪشن ٿي هئي تنهن ۾ اسان جي پتي جي پولنگ اسٽيشن درگاهي ڳوٺ ۾ ٿي هئي، اسان ڳوٺان بيل گاڏي تي رات جو روانا ٿيا سون ۽ ڏينهن جو پهچي ووٽ ڏنوسون، اها اليڪشن مشهور هئي، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان فقط هن تڪ تان مسلم ليگ هارايو هو، وڏيرو درگاهي خان جکراڻي منهنجي والد جو دوست هو، هو ڀلين گهوڙين جو شوق رکندڙ هو، هڪ اڌي گهوڙي والد صاحب سان به شريڪ هيس، ان زماني ساريال پوک فقط درگاهي خان وٽ ٿيندي هئي، پاڻي جو دارومدار درياءِ جي لاهه چاڙهه تي هوندو هو، درگاهي خان جون زمينون شاهي واهه جي ڪڇ ۾ هيون ۽ تمام هيٺانهين ۾ هيون، سو ساريون پچي وينديون هيون، ان طرح کٽارا قسم جون بسون هلنديون آهن، جيڪي رات جو درگاهي ڳوٺ ۾ بيهنديون آهن، سوارين جي سهولت سان گڏ لچ، لنب قسم جا ماڻهو به انهن تي چڙهي واٽ تي ڪا واردات ڪري وري ٻي ورندڙ بس تي چڙهي واپس ٿي شاهي واهه ٽپي ويندا آهن، سنڌ جي پوليس کي مجال ناهي جو شاهي واهه ٽپي بلوچستان حد ۾ وڃي سگهي.

گامڻ سندراڻي ڳوٺ:

     ديهه ٻاڙي به قديمي ٻڌل آهي، هن ۾ تمام پراڻي زماني جا قبا به ٺهيل آهن، انگريزن کان اڳ جو ڳوٺ آهي، گلاب خان سندراڻي بگٽي قوم مان هو، شايد کيس خان قلات کان اها ايراضي مليل هئي جو سندس وفات کانپوءِ سندس قبر تي قبو ٺهرايل آهي، قبو تمام قديمي پيو نظر اچي، جديد زماني ۾ به قبرن تي وڏو سائبان ٺهيل هو، تازو وهابيت جي لهر اچڻ سبب ڳوٺ جي وڏي اهو سائبان پٽائي لوهه گارڊر ۽ سرن سان پنهنجي اوطاق ٺهرائي ڇڏي، زماني گذرڻ بعد به گامڻ ڳوٺ جو قبو تمام پري کان نظارو ڏيندو رهي ٿو، صدر ايوب خان جي دور حڪومت ۾ بگٽين جي تخريب ڪارين سبب گامڻ ڳوٺ وارن تي به سختي ٿي پر وقت جي ڪمشنر جو مون تي اعتبار هو مون کيس ٻڌايو ته هي سندراڻي بگٽين کان الڳ آهن هي هتان جا اشراف زميندار آهن نه هم پيشه نه هم آواز آهن، سو هنن تعلقه ٺل جي سندراڻين تي سختي نه ڪئي هئي، ڪمشنر صاحب منهنجي ڳالهه مڃي هنن غريبن تان ڏولاوا لهي ويا، هي بگٽي ڪنهن زماني ۾ وڏا زميندار هيا، هينئر اولاد جي گهڻائي سبب ڏاڍا ڏکيا آهن، ويتر  سم جي ڪري سندن زمينون آباديون ڏيڻ کان جواب ڏيون بيٺيون آهن، وقت تي وٽن پاڻي به ڪو نه ٿو پهچي، سو زمينون بيڪار ٿي ويون اٿن.

ڳوٺ خدا بخش لغاري جو احوال:                انڙ واهه ريلوي اسٽيشن ڀرسان خدا بخش خان جو ڳوٺ انگريزن کان اڳ جو آهي، منهنجي ڏاڏي  جا ڪڙيال فال راڄ واهه تان ٻنهي پاسي انهيءَ ڳوٺ وٽان نڪتل هيا، خدا بخش خان ۽ واحد بخش خان ڏاڏي جا پاڙيسري دوست هيا، خدا بخش خان  پٽ هيئبت خان وڏو هوشيار ۽ ڄاڻو ماڻهو هو، تنهن پنهنجا ٻار پڙهايا ان وقت ڳوٺ ۾ مسلم اسڪول هو، جنهن ۾ قابل استاد هيا، جن شاگردن کي پڙهائي پختو ڪيو، هيئبت خان کانپوءِ سندس پٽ خدا بخش خان وڏو محنتي آهي، هن سموري خاندان  کي تعليم يافته بڻايو، هينئر ڳوٺ جا سمورا ماڻهو عورت خواهه مرد سڀ پڙهيل ۽نوڪرين ۾ آهن،مون پنهنجي چيئرميني واري دور ۾ هن ڳوٺ کي ڪافي مدد ڪئي، هاءِ اسڪول تائين کولائي ڏنم، انهيءَ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن مان فقط منهنجا ٻه ڇوڪرا ناپاس ڪرايائون، زمانو ائين چوي ٿو ۽ ائين سکاري ٿو ته نيڪي جو صلو نه ملڻو هوندو آهي، ڪم از ڪم انسان مان اها اميد اجائي آهي.

گُل نؤ اميد کو کيا خبر چوهلاکتين جو قباحتين

دل ناتوان پر گذر گئين خزان سي فصل بهار تک

وقت جون پچارون وسرنديون ڪو نه آهن، ڪڏهن نه ڪڏهن اهي داستان ماضي دهرائجي ويندا آهن.

باغ فردوس:

      باغ فردوس انهيءَ ڳوٺ جي عين شاخ اوريان هوندو هو، محمد شفيع شجري نالي هڪ بگٽي هو جنهن ڪو وقت افغانستان ۽ ايران ۾ گذاريو هو، پارسي ٻولي اتان سکي آيو هو، شجري جو اکر به پاڻ تي اتان لکايون آيو، عام طرح ”آغا شجري“سڏيندا هيس، وڏو داناءُ انسان هو، ايران ۽ افغان جون عجيب ڪهاڻيون بيان ڪندو هو، هو چوندو هو ته کيس ٻنهي ملڪن ۾ ڏاڍا تلخ تربا ٿيا هيا، اتان جو هڪ  مثال ڏيندو هو ته بس جنهن اڏي تان هلندي هئي ته اول بس اندر ويٺل ماڻهن کان پوليس وارا زوري ڏنڊيون هڻي پيسا وصول ڪري پوءِ بس روانه ٿيڻ جي اجازت ڏيندا هئا، چي; هينئر ”خيرانه ادا ڪيو اٿو سو خير سان روانا ٿيو“ وري ٻي ڪنهن اسٽاپ تي بس پهچندي ته اتي به پوليس وارا چڙهي ايندا ته خيرانه ڏيو، اوهان جي بس جاءِ روانگي کان هن اسٽاپ تائين خير سان پهتي آهي سو ” خيرانه “ ڏيو،اهڙي طرح منزل مقصود تائين پهچندي پهچندي مسافرن کي ڪيترن ئي جاين تي خيرانه ڏيڻو پوندو هو، شجري انهيءَ اسلامي ملڪن ۾ ڪيترا سال رهي بس شوفري ڪئي، جڏهن سالن پڄاڻان وطن وريو ته هتي ڪانگريس ۽ سوراج جوشور ٿي چڪو هو، امين ملت به ان وقت ڪامريڊ هو، هي به اچڻ سان ”امين ملت“ جو سنگتي بڻيو، ”ٽوپلو لاهي گانڌي ٽوپي پائڻ لڳو “.

هن کي باغ تيار ڪرڻ جو شوق هو، سو ”امين ملت“ کيس پنهنجي ڪڙين جي ڪناري تي هڪ کوهه کوٽائي ڏنو ۽ زمين باغ لاءِ منظور ڪرائي ڏني، کوهه جو افتتاحي ڪوڏر لپو حضرت پير شيخ عبدالرحمان ڀرچونڊي شريف واري اچي هنيو، بلوچي زبان جو مشهور شاعر ”جدان سال فقير“ ڀرچونڊي شريف جي درگاهه جو فقير هو ۽ شجري جو ماٽيلو ڀاءُ هو، شجري هتي به ڪجهه وقت  نواب محراب خان بگٽي ۽ سردار شير محمد خان بجاراڻي جي ڊرائيوري به ڪئي هئي، وڏو داناءُ ماڻهو هو، دلچسپ گفتگو ڪرڻ جو ماهر هو، وقت جي گهرج مطابق گفتگو ڪندو هو، هتان جي وڏن ماڻهن جي خانگي زندگي بابت وڏي ڄاڻ رکندو هو، هي به ڀرچونڊي شريف جو فقير هو، حضرت شيخ ثاني  حافظ عبدالله رحمت الله علي جو دست بعيت هو، هي بهادر ۽ داناءُ ماڻهو آخرين وقت ڪنهن ظالم جي ظلم کان ڏاڍو متاثر ٿي عليل ٿي پيو، هڪ رات ڪنڌڪوٽ ۾ انهيءَ زخمي دل هلڻ کان جواب ڏنو، سندس جسد کي صبح  ڪانگريس جي جوانن ٽرين ۾ کڻي گهر ڀيڙو ڪيو جتان کيس بگٽي  علائقي جي قبائلي قبرستان کٽڻ ۾ وڃي دفن ڪيائون، سندس مرڻ پڄاڻان به انهيءَ ظالم سندس روح کي تڙپائڻ ۾ ڪين گهٽايو، بي ترس کي تر جيترو به ترس ڪو نه آيو، شجري جي روح کي ته ضرور تاءُ  آيو هوندو، پوءِ پوين مٽن مائٽن جي دلين ۾ به گهاؤ پئجي ويا هيا.

ڳڙهي حسن سرڪي جو ڳوٺ:

       هي ڳوٺ جعفر آباد جيڪب آباد ويندڙ سڙڪ ڪناري آهي، اوائلي فوجي ڪيمپ دوڙ جي نزديڪ ٻڌو هئائون، ٺل جا اصلي باشندا سرڪي آهن، وڏي زمينداري هين، هينئر به سرڪين وٽ اوائلي ايراضي موجود آهي، هن ڳوٺ جو وڏيرو  صاحب ڏنو خان هو ۽ عودي جو وڏيرو عبدالرحمان هو، صاحب ڏني خان سرڪي جي منهنجي ڏاڏي صوبيدار امين خان سان گهاٽي دوستي هئي، ڏاڏي سائين جي چوڻ تي هن مهر علي خان کوسي کي پنهنجي زمين مان واهه ڪڍڻ جي اجازت ڏني، جيڪا 3 ڪلو ميٽر هن سخي مرد جي زمين مان نڪتل آهي، وقت جي دستور موجب هن ڪو عيوضو وغيره به ڪو نه ورتو هو، اڄڪلهه به اهو واهه اتان وهي رهيو آهي، سرڪين جا وڏا ٻروچن وانگر ڏاڙهين ۽ وڏن وارن سان هوندا هيا، بلوچ اسٽيٽ ۾ وڏا زميندار هيا کين ڍل جي اڳاڙڻ تي ڪجهه رقم به ملندي  هئي، سرڪي وڏيرن ڳڙهي ۽ عودي ۾ شڪارپور جي مشهورعالم سومرا خاندان مان چونڊ عالم آڻي مسجدون ‌آباد ڪرايون، مشهور مولوي نبي بخش صاحب، عودي ۾ سندس فرزند مولوي شير محمد صاحب ڳڙهي ۾درس ڏيندا هيا، انهن عالمن جي ادب ڪرڻ ۾ آيا ته منهنجي والد خان صاحب سهراب خان کي تعلقه چيرمين بڻائڻ ۾ مدد ڪئي، سهراب خان سان ابي مرحوم وڏن جي دوستي سانگي ساٿ ڏنو، جڏهن آزاد سنڌ جي پهرين صوبائي  اليڪشن ٿي ته ابي مرحوم خان صاحب سهراب خان جو ساٿ ڏنو، ابو مرحوم پراڻي دوستي ۽ تعلقاتن نڀائڻ جو ڏاڍو خيال رکندڙ هو، ڳڙهي حسن ۾ هن دور جون سڀ سهولتون موجود آهن، پراڻي دور جي زميندارن مان هن وقت فقط سرڪي ساهه ڀريا زميندار آهن، باقي هرڪو ”ٻاري وال“ ٿي ويو آهي.

ڀٽا ڳڙهي:

         ڀٽا ڳڙهي به ڪنهن زماني ۾ ڏاڍو وڏو ڳوٺ هو، ڀٽا وڏا وڏيرا هوندا هيا، هاڻي ڳوٺ بلڪل ويران ٿي ويوآهي، فقط مسجد شريف آهي، جنهن جي مرمت ڪو الله جو بندو ڪرائيندو آهي، ان سبب بيٺي آهي،ڳوٺ جو اندازو هن وقت ان جي قبرستان مان ڪري سگهجي ٿو، تمام وڏو قبرستان آهي، ڳڙهي رحيم داد جا ڀٽا وڏيرا، ڏاڍا عياش ها، شراب ۽ ڪباب ۾ ٻنيون کپائي ڇڏيائون، ڀٽن جون زمينون تعلقه ڳڙهي خيرو، تعلقه جيڪب آباد، تعلقه ٺل ۽ تعلقه ڪشمور ۾ هيون، انهن مان فقط ٺل تعلقه جون زمينداريون ختم ٿيون، ڪشمور جي ڪچي جو زميندار حاجي بلند خان ڀٽو مشهور ٿي گذريو آهي، هينئر به سندس پويان سکيا ستابا ۽ اثرائتا آهن، حاجي بلند خان جي منهنجي چاچي حاجي محمد خان سان دوستي هئي، سو مون حاجي صاحب جي زيارت ڪئي، حاجي صاحب عجيب طبع ۽ضرورت کان وڌيڪ محتاط، ڪفايت شعار انسان هو، هڪ دفعي ڀاءُ کي فقط پنجاهه روپيا ڏئي ڪراچي ڪنهن ڪم سان روانو ڪيائين، تائيد  ڪري ڇڏيائينس ته ”رهجاءِ وڃي مسافر خاني ۾ ڪم

لٿي بعد موٽڻ ۾  لحظو به دير نه ڪجانءِ ڀاءُ کي روانو ڪري وري ڪراچي جي ڪنهن واقفڪار ڏانهن ڪارڊ لکي ٽپال ۾ روانو ڪيائين ته ڀائو ڪراچي اچيو ٿو، سو کيس سمجهائيندا ته ”ان المبذرين کانو اخوان الشياطين“ سو خرچ  مڙيوئي سمجهه سان ڪري ڪم ٿئي ته جلدي واپس ڪجوس وغيره وغيره، انهيءَ حال کان علاوه سندس هڪ ٻيو قصو به مشهور ٿي ويل هو، چاچي حاجي محمود خان جي اها چشم ديد ڳالهه هئي،  حاجي بلند خان ڪنهن شادي ڪي ”ڪانڍ“ ڪئي، اوڙي پاڙي ۽ واقفڪارن ڏانهن دعوتون موڪليائين، سنڌي واري تاريخ تي ڪچي جي سڀني ڀاڳين تي بار رکيائين ته اڄوڪو سڄي مال جو کير  مٽن ۾ وجهي کيس پهچايو وڃي تاڪ ”ڪاڄ جو ڪارج ٿئي“ پوءِ ڪانڍتي آيلمهمانن کي پنيءَ مان ٺهيل تونرين تي ويهاري هڪل ڪندو هو ته ڀري اچو ڀائرن لاءِ کير وٽيون ۽ ماني جون ڇٻيون! سو  ان نموني سمورن مهمانن کي کير ماني سان ڍؤ ڪرائي اوڳرايون ڏياريائين، ڏندن کوٽڻ جو ته سوال ئي ڪو نه اٿيو، ڇاڪاڻ ته حاجي صاحب ڪنهن ساهه واري کي سير وجهي ٻوٽيون کارائي ها ته ڏندن کوٽڻ جو موقعو پيدا ٿئي ها. حاجي بلند خان پورو پورو حاجي هو، مٿو سدائين ڪوڙيل رکندو هو، ڏاڙهي وڏي ٻروچڪي نموني واري مولوي واري بنهه نه.ڳڙهي ڀٽا جي ذڪر کانپوءِ وري ڦر اچجي ٿو فال راڄ واهه جي نقش نشانن تي فال راڄ واهه شاهي واهه جي 27 ميل تان 1910ع ۾ کوٽايو ويو هو، هي شاخ 25 ميل ڊگهي هئي، سندس 19 ميل تي اسان جو ڳوٺ عزيز آباد هو ۽ هن وقت مستري مائنر نالي شاخڙي جي اٺين آر ڊي تي ڳوٺ آهي، فال راڄ واهه جڏهن اوج سان ڀرپور ٿي وهندو هو، اهو وقت جي مون کي چڱي طرح ياد آهي، منهن کان پڇڙي تائين ٻنهي ڪڙن سان ٻٻرن جا وڻ هوندا هيا، هر هڪ وڻ جي درميان ڏهن فٽن کان وڌيڪ فاصلو ڪو نه رکيل هو، گهاٽا ۽ ڊگها وڻ ايڏو ته ڇانورو رکيون بيٺا هيا، جو اس ڪڏهن به ڪڙ تي ڪانه  ايندي هئي، شاخ جي 10 ميل ۽ 18 ميل تي داروغه لانڍيون هونديون هيون، جيڪي پڪيون لوهه گارڊر سان سنواريل هونديون هيون، داروغا بيلدار گهڻو ڪري هميشه حاضر رهندا هيا، رات گذاري اسان جي ٺهيل اوطاق تي ڪندا هيا، جيڪا شاخ جي ڪناري هئي، سب ڊويزنل آفيسر مهيني ۾ هڪ ڀيرو اسان جي اوطاق تي ضرور ايندو هو اٺ جي سواري ڪندا هيا، ايڪس اي اين هر ٽين مهيني دورو ڪندو هو، آب ڪلياڻي ۾ هر ڏهين ڏينهن پروگرام رکندا هيا، 18 ميل پل وٽ لاڙو هو جتان لاڙو ڪري انڙ واهه ڪئنال طرف ويندا هيا جي پڇڙي جي شڪايت ٿيندي هئي ته ضرور پڇڙي کي ڏسڻ ويندا هيا، ٽيل جي فل سپلاءِ‏ گيج 2 فوٽ ضرور رکڻ جي تاڪيد ڪندا هيا، اسان جون زمينون ڊاهي واريون هيون، سو پاڻي جي گهٽ ليول تي اسان جا ڪڙيا ڪو نه وهندا هيا، وقت  جوهر انجنيئر اسان سان همدرد هوندو هو، سندن آمد جو پتو اڳواٽ ئي پئجي ويندو هوس،18 ميل جي ”وگائين پل“ ٺهيل هئي ،جنهن جو هڪ دروازو سرن سان بند ڪيل هو ،سو اهو دروازو هڪ  وڏي ڪمري جي صورت ٿي پيو هو انجنيئر صاحبن جي آمد جو ٻڌي آئون ”خورد نوش“جو سامان کڻي ان پل ويندو هوس. اتي دعوت شيراز جهڙو بندوبست ڪري رکندو هوس، آئون پاڻ کي خوش قسمت سمجهان ٿو جو نهايت اعليٰ اخلاقن وارن انجنيئر صاحب سان ملاقاتي ٿيس، اتي مون مرحوم محمد سليمان ڀٽو صاحب، مرحوم شير محمد بلوچ صاحب، مرحوم گل حسن طاهراڻي صاحب، محترم حاجي محمد هاشم ميمڻ صاحب، محترم قمر الدين سهتو صاحب، مرحوم اميد علي قريشي صاحب، مرحوم عبدالحميد ميمڻ صاحب، آنجهاني سيٺ صاحب جهڙا انجنيئر ڏٺا، اتي موٽرن تان لهي جهٽ پلڪ ساهي ڪندا هيا ”بر ۾ بازار“ سمان هوندي هئي، اها گهڙي اهڙا اشراف آفيسر مون مسڪين جي دعوت شيراز ۾ خوشي سان شريڪ ٿيندا هيا، بعد ۾ انهن مان ڪيترا چيف انجنيئر ٿيا، ان مهل به هي جڏهن هن شاخن سان آيا ته ڀيرو ڪري بنده جي ڳوٺ هليا ايندا هيا، سندن شرافت، کين مون خادم وٽ لنگهي اچڻ لاءِ آماده ڪندي هئي، عجب وفع دار، نڀاءُ ڪندڙ هيا، الله تعاليٰ سندن مرقدن تي پنهنجا انوار جاري رکي، اهو عجيب وقت هو، آب پاشي جا آفيسر ڏاڍا فرض شناس پنهنجي فن جا ماهر ۽ ضابطي وارا هوندا هيا، هنن نوڪريءَ سان ساري عرصه اندر ڪا اهڙي ڪوتاهي ڪا نه ڪئي، جنهن مان سندن کاتي اندر ڪو نقص نڪتو هجي، اڄ به انهن جون ڳالهيون نيڪي سان پيون ڳائجن، انجينئري کاتي جي عملدارن جي آمد جو پتو اسان کي پئجي ويندو هو، ڇاڪاڻ ته بيلدارن جو قيام اسان جي اوطاق ۾  هوندو هو، انهن بيلدارن مان هڪ جت قوم جو بيلدار تمام گهڻو عرصو هتي رهيو هو، عجيب ڳالهير ماڻهو هو، پنهنجا ۽ پرايا زندگي جا اهم قصا سڻائيندو هو، پنهنجي آفيسرن جا ڪچا چٺا به ٻڌائيندو هو، عموماً هندو ننڍا سوير ۽ وڏا سوير جون ڪهاڻيون ڪندو هو، ننڍي سوير ڪون ڪُڪڙ ڪُهه کاوان ته ڀي آکي ”مون ڇا کاڌو؟ ڇڙيون ٻه ٽنگو ٻه کانڀاٽيون ۽ جيري گجي ذري باقي هڙئي ڪڪڙ توهان کائي ويا “ وغيره وغيره جهڙا قصا روز ڪندو هو، پنهنجا ذاتي تجربا به ٻڌائيندو هو، جيڪي لکڻ جهڙا نه آهن، هڪ دفعي سياري جي مند ۾ صبح جو مچ تي ويٺا هجون ته هي هلي آيو اچڻ سان پير مٿيڪري باهه سيڪڻ لڳو، مون ڏٺو ته سندس پير جي کرونڊڻ ۾ ڪا لنڊي نانگ اٽڪيل آهي، چيومانس ”ٻيڙي ٻڏا“ نانگ چڪ هنيو اٿئي، مري ويندين ڏسي چيائين ” ميڪون  ڪيا مريسي آپ مرڳئي هي “ ڇي ڇڪي مس ڪڍيائين  لنڊي جا ڏنڊ کروڊن ۾ ڦاسي پيا ها سو پاڻ ويچاري لتاڙجي مري وئي هئي، باقي بيلدار کي ڪجهه به نه ٿيو، اهڙي قسم جا ”بلهوش“ ماڻهو بيلدار هوندا هيا، انهيءَ قسم جي سخت طبع هوندي به انسان آزار ڪو نه هوندا هيا، شاخ جي وڻن تي ساهه ڏيندا هيا، پاڙون وڍائڻ جي عادت کان خالي هيا، ڌنارن پنهوارن کي اجازت ڏيندا هيا ته ڀل ٻڪريون ڪاهي  اچن، ڪريل پلڙا  چاري باقي وقت تي ڪڙ کي ٻهاري ڏيارڻ ۾ مدد ڪرڻ واسطير دير نه ڪن، جي دير ڪيائون ته ڪوتاهي ڪيائون ته سندن ڌڻ  سوڌو ڍڪ ۾ هوندو.

هاڻي ته ڪلور ٿيا پيا آهن، سڄي شاخ تي هڪ وڻ به پوکيل ڪونهي، ڀلا بيلدار اچي ڪم ڪن ته وڻ به ٿين وڻ پوکڻ ۽ وڻ سنڀارڻ جو ڪم ئي ختم ٿي ويو، سروير ته پنهنجي جاءِ داروغا به مهينن منهن ڪو نه اچن، پگهارون کين هيڊ ڪوارٽرن ۾ ملنديون هيون، سب ڊويزنل آفيسر کي طاقت نه آهي جو بيلدارن جون پگهارو روڪ ڪري سب ڊويزنل آفيسر يا سب انجنيئر  حد ۾ اصل ڪو نه اچن، بيلدار اهو ڏيکاءُ ڏيندا ها ته صاحب شاخن سان هٿيار بند ڌاڙيل گهمندا آهن، متان سائين جن کي ڪا تڪليف ٿئي، سور سنڀار لاءِ اسان ويٺا آهيون، اوهان ڪو الڪو نه ڪريو، ڪئنال وائر سسٽم به انهيءَ قسم جي بيلدارن فيل ڪيو، تارون پٽي ڇڏيائون، نه ته فون تي به حاضريون وٺبيون هيون.

فال راڄ واهه  جي ڪڙ کان گهاٽن وڻن ۾ پکين جا آشيانا هوندا هيا، هر قسم جا تاريخي پکي ڏسبا هيا، ڪانگ، ڪٻر، ڳيرا، ڳيريون، ڪبوتر، ڊکڻ پکي، ڪڻڇيون ۽ وهين جا ولر هوندا هيا، هينئر اهي پکي به لاڏاڻو ڪري ويا، ڀلا ويهڻ ۽ آکيري لاءِ  وڻ ڪو نه هوندو ته پکي ڇو آسرو ڪن، انهيءَ پراڻي نالي سان فال راڄ واهه جي 19 ميل سامهون عزيز آباد جو ڳوٺ آهي.عزيز آباد جو ڳوٺ ٺل تعلقي ۾ تاريخي ڳوٺ آهي، برصغير جي آزادي جا داستان هن ڳوٺڙي سان وابسته آهن، اهي  واسطيدار مجاهد هاڻي چوڪ جي جامع مسجد جي پاسي ۾ ابدي آرامگاهه ۾ آرامي آهن

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com