سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1962ع

مضمون

صفحو :9

استاد کان سواءِ ڪنهن به فن ۾ ڪماليت جون منزلون طئي ڪرڻ سولو ڪم نه آهي. ۽ بنا اُستاد جي، ڪلام خود بخود عيب ۽ سقم کان پاڪ ٿي وڃي سو ممڪن نه آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته فن جو واسطو تخيُل سان آهي ۽ تخيُل اُستاديءَ جو محتاج نه آهي. اهوئي سبب آهي جو چيو ويو آهي ته ’الشعراء تلا ميذالرحمان‘ جنهن جو مطلب آهي؛ ته تخيُل جي قابليت خالص وهبي آهي، پر هر فن جو هڪڙو پهلو لازمي طرح اڪتسا بي ٿئي ٿو، جهڙيءَ طرح مصور کي تخيُل ته خدا تعاليٰ وٽان ملي ٿو پر مو قلم ۽ رنگ جو استعمال ۽ تناسب ۽ توازن، خطوط و نقوش جو علم ۽ فهم ڪنهن رهبر يا رهنما جو محتاج ٿئي ٿو. ساڳيءَ طرح شاعر کي تخيُل جي اهليت آسمان کان ملي ٿي، پر زبان ۽ آهنگ زمين جون شيون آهن، جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن اُستاد جي ضرورت ٿئي ٿي. ممڪن آهي ته ڪو چوي ته ڪتابن کي اُستاد بنائي سگهجي ٿو؟ بالڪل ٺيڪ! پر ڪتابن کي سمجهڻ لاءِ وري به استاد جي ضروت محسوس ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪتابن ۾ ڪيترا نڪتا اهڙا آهن جي سواءِ استاد جي مدد جي سمجهه ۾ اچي ڪين سگهندا. تنهن کان سواءِ ڪتابن جي ذريعي ايترو جلد سکي نه سگهبو جيترو  ڪ هڪ اُستاد جي رهبريءَ هيٺ.

سنڌي اخبارن  ۽ سنڌي رسالن ۾ ڪيترائي غزل ۽ نظم ڇپجن ٿا، مگر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهن ۾ بيشمار فني ۽ زبان جون غلطيون  آهن، جنهن جو وڏو سبب مٿي ٻڌائي آيا آهيون ته فن ِ شعر ۽ علم عروض کان نا واقفيت آهي. ٻيو ته هڪ ٻوليءَ جو ٻئي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ڪري محاورا غلط ٿيو پون،ڇاڪاڻ ته  هڪ ٻوليءَ جا محاورا ٻيءَ ٻوليءَ کان مختلف ٿا ٿين، تنهنڪري زبان غلط ٿيو پوي يا ترجمي وارا ٽڪرا، جنهن وزن ۾ غزل يا نظم آهي، تنهن کان وڌيو يا گهٽجيو وڃن، تنهنڪري شعر وزن کان ڪريو پوي يا ترجمي ڪرڻ ۾ مفهوم بدلجيو وڃي، جنهن جي ڪري هڪ مصرع جو  ٻئي سان لاڳاپو  ٽٽيو پوي، ۽شعر ڇا مان ڇا بنجيو پوي. اهڙيءَ طرح محاورا، روزمره ۽ اصطلاحون غلط اچڻ جي ڪري ٻولي ڇا مان ڇا ٿيو پوي. تنهنڪري سنڌي شاعرن لاءِ نهايت ضروري آهي ته استاديءَ جو سلسلو جاري رکن ته ان ۾ انهن جو ئي فائدو آهي.

هڪ ڪامياب شاعر جي لاءِ نهايت ضروري ڳالهه آهي ته هو نه رڳو علم عروض ۽ علم قافيه سان ڪامل واقفيت رکندو هجي، بلڪ سخن جي انهن ضروري شين تي به حاوي هجي، جن جو شعر جي حسن ۽ قبح سان تمام گهڻو واسطو آهي. ٻيو ته شاعر جي لاءِ اهو به ضروري آهي ته هو چڱي قابليت  رکندو هجي،زبان ۽ محاوري تي عبور هجيس،اعليٰ تخيُل ۽ عظيم فڪر جو مالڪ هجي، نه ته جنهن شاعر ۾ اهي سڀئي خوبيون نه هونديون تنهن جو ڪلام سوز، گداز ۽ اثر کان صفا عاري هوندو، جيئن اڪثر موجود سنڌي شاعرن ۾ نطر اچي ٿو ۽  شاعري جو اصل مطلب فوت ٿيو وڃي.

انهن مڙني ڳالهي کي ڌيان ۾ رکي مضمونن جو هيءُ سلسلو شروع ٿو ڪجي، جنهن ۾ رڳو علمي  خدمت مدِ نظر آهي ۽ ڪنهن جي تحقير ۽ تنقيص سان اسان جو ملطب ڪونهي.

اڄوڪي  صحبت ۾ اسين ناموزن شعر بابت ڪجهه معلومات پيش ڪنداسون جا شاعرن لاءِ ڪارائتي ثابت ٿيندي.

جو ڪلام موزون آهي ۽ جنهن ۾ اثر آهي تنهن کي شعر چئبو آهي. تنهنڪري موزونيت ۽ اثر شعر جا ٻه عنصر آهن.

موزون ڪلام اهڙن ٽڪرن ۾ ورهايل  هوندو آهي.جن جو هڪٻئي سان ڪو لاڳاپو هوندو آهي؛ جو سولائيءَ سان ۽ روانيءَ سان زبان تي جاري ٿي سگهندو آهي؛ جن کي اُچار ڪرڻ ۾ زبان کي اٽڪڻو نه   پوندو آهي ۽ آواز ۾ هڪ خوبصورت سلسلو يا ترنم پيدا ٿيندو آهي. انهيءَ نموني جي ٽڪري کي مصرع چئبو آهي. هڪ شاعر لاءِ سڀ کان وڏو عيب اهو آهي جو ناموزون شعر جوڙي، پر اڄڪلهه سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ جيترا ناموزون شعر ڏسڻ ۾ اچن ٿا تن جو ڪاٿو ئـِي ڪونهي. جو شعر بحر کان جدا يا خارج هوندو تنهن کي ناموزون چئبو آهي يعني هڪ شعر جي ٻن مصرعن ۾ جدا بحرن جوهجڻ.

(1)  دلِ بيقرار کي نه اچي ٿو قرار جو.

گردش ۾ آهه چرخ ستمگار هميشه

هاڻي مٿئين شعر کي جاچيو ته معلوم ٿيندو ته پهريون مصرعو بحر مضارع مثمن اخرب مڪفوف محذوف آهي يعني مفعول، فاعلات، مفاعيل، فاعلن ۽ ٻيو بحر هزج مثمن اخرب مڪفوف محذوف يعني مفاعيل مفاعيل فعولن يعني پهريون مصرعو بحر مضارع ۾ ته ٻيو بحر هزج ۾ تنهنڪري شعر ناموزون آهي ڇاڪاڻ ته مصرعن ۾ بحرن جو اختلاف آهي.

اهو مثال انهيءَ ڪري ڏنل آهي، ته اڪثر سنڌي شاعر انهن بحرن ۾ ڌوڪو کائي گڙ ٻڙ  ڪري ويندا آهن ۽ انهن کي پتو ئي نه پوندو آهي ته ڇا ڪري ويا آهن.

(2) لولاڪ لما قول محمد جي شان ۾.

  ڪل خلق جي هستيءَ جو آ امڪان محمد.

پهريون مصرعو پڙهڻ ۾ موزون معلوم ٿو ٿئي پر تقطيع ڪرڻ سان پتو پوندو ته وزن غلط آهي ڇاڪاڻ ته اهڙو ڪو وزن نه آهي جيئن ته

لولاڪ،مفعول- لماقول، مفاعيل-محمد جه، مفاعيل-شان ۾، فاعلن.

هاڻي فاعلن جي بدران فعولن اچڻ رکپندو هو ته بحر هزج مثمن اخرج مڪفوف محذوف ٿئي ها پر فاعلن سان ڪو بحر ڪونهي، ٻيو مصرعو تقطيع ڪري ڏسندا ته صحيح آهي.

(3) فرقت جي آگ ۾ ته سڙي خاڪ ٿي  ويندا،

 دل نيٺ جگر نيٺ ۽ سر نيٺ زبان نيٺ.

جيڪڏهن پهريون مصرع تقطيع ڪبو ته ٿيندو، مفعول، فاعلات، مفاعيل، فعولن. هاڻي ڪن کي اهو مصرع موزون لڳندو پر اصل ۾ اهڙو ڪو بحر ڪونهي جنهن جي اها تقطيع هجي، البت بحر مضارع مثمن اخرب مڪفوف محذوف جي تقطيع ٿيندي مفعول فاعلات مفاعيل فاعلن. تنهنڪري چئبو ته پهريون مصرع ناموزون آهي، باقي ٻيومصرع صحيح آهي جو بحر هزج مثمن اخرب مڪفوف مقصور ۾ آهي. يعني مفعول، مفاعيل، مفاعيل، مفاعيل. ان جو  مطلب ته شاعر ڌوڪو کائي غلطي ڪري ويو آهي جنهن کان هر هڪ شاعر کي بچڻ گهرجي.

(4) يار جي ميگون چپن دست حمنائي کان سوا،

باده نوشي، بوسه  بازي بَه کب، جام عبث.

هي شعر بحر رمل مثمن مخبون محذوف مسڪن آهي. يعني فاعلاتن، فاعلاتن، فعلن، پر جيڪڏهن تقطيع ڪبي ته پهريون مصرع ٿيندو، فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلن ۽ ٻيو مصرع اصل بحر ۾ يعني فاعلاتن، فاعلاتن، فعلاتن، فعلن؛ سو به جڏهن بوسه  جو واؤ زبردستي ڪيرائي ’بسه‘ ڪري پڙهبو تڏهن. تنهنڪري شعر ناموزون آهي. ممڪن آهي ته ڪو چوي ته اسان ڏاڍائيءَ کان ڪم ورتو آهي ۽ پهرين مصرع جي تقطيع اسان غلط ڪئي آهي جا هيئن ٿيڻ گهرجي.

يار جي مي، فاعلانن-گ چپن دس، فعلاتن، ت حنائي فعلاتن- ک سواءِ، فعلن- ته عرض ڪنداسين ته فقط ميگون فارسي لفظ آهي، تنهنڪري گون جو واؤ ۽ نون مان رڳو نون ڪيترائڻ جائز آهي ۽ نه ٻَئي، ڇاڪاڻ ته اهڙو علم عروض جو فيصلو آهي، تنهنڪري جيڪا تقطيع اسان ڪئي آهي. سا صحيح آهي. ناموزون شعرن بابت اسان مختصر سمجهاڻي ڏني آهي؛ پر هڪ ڳالهه ياد ڪرڻ جي قابل آهي ته ڪن زحافن جو اجتماع هڪ شعر ۾ علم عروض جي قاعدي مطابق جائز آهي جن کي نوآموز شاعر غلط سمجهي اجايو بحث ڪندا آهن جهڙوڪ قصر ۽ حذف ۽ ٻيا زحاف.

(5)              بلبل کي گل سان خوش ڏسي ڇا ٿيندو منهنجو حال،

هن حالتِ فراق ۾ آيو بهار جي.

 

پهريون مصرع مضارع مثمن اخرب مڪفوف مقصور آهي؛ يعني مفعول فاعلات مفاعيل فاعلات. ۽ ٻيو بحر مصارع مثمن اخرب مڪفوف محذوف؛ يعني مفعول فاعلات مفاعيل فاعلن. پهرئين مصرع ۾ فاعلات قصر آهي، ته ٻئي مصرع ۾ فاعلن حذف آهي. انهن  کي گڏ آڻڻ استادن جائز رکيو آهي.

(6) ڪري ٿو غمزه بازي ناز سان اڄ نرگس مخمور،

تبسم سان ٿو موهي بلبلن کي ڇو گلِ- رعنا.

پهريون مصرع هزج مثمن مسبخ آهي يعني مفاعيلن مفاعيلن، مفاعيلن مفاعيلان ۽ ٻيو هزج مثمن سالم يعني مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعلين. مسبغ ۽ سالم جو ساڳئي شعر ۾ گڏ اچڻ جائز آهي مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته گهڻا سال ٿيا جو استاد الشعراء جناب حافظ ’بسمل‘ جي هيٺئين مصرع تي ڪنهن اڻ ڄاڻ اعتراض ورتو هو:

(7)             نذر استاد کي عيديءَ جو ڏئي ٿيا آزاد،

ٺهي مڪتب ۾ نٿي طفل-دبستان جي عيد

جنهن جو جواب مون ڏنو هو. شعر پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي.

محمد خان غني

قديم سنڌي شاعريءَ جا ڪي نادر نمونا

هڪ اها زبان جنهن جي جامعيت جو سڪو پنهنجي همعصر زبانن تي روان هجي. اها زبان ڪنهن به دور ۾ شاعريءَ کان خالي هجي، سو بلڪل ناممڪن آهي. سنڌي شاعريءَ ڪهڙا  رنگ بدليا! يا سندس عربي رسم الخط کان اڳ لکڻ جو ڪهڙو نمونو هو، اهي ڳالهيون اڃا تحقيق طلب آهن. سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ ٻه مرڪز اهڙا آهن، جن کي آثار قديمه ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ’ڪاهوءَ جو دڙو‘ ميرپور خاص جي کوٽائيءَ مان ته ڪو به اهڙو ڪتبو هٿ ڪو نه آيو جنهن مان ڪنهن رسم الخط جي ثابتي ملي. ’موئن جي دڙي‘ مان ڪي سڪا هٿ آيا، پر انهن تي به جيڪي لفظ اُڪريل آهن، سي اڃا تائين واضح نه ڪري سگهيا آهن ته هي ڪهڙو رسم الخط آهي!

عام تحقيقات موئن جي دڙي کي پنج هزار سال پراڻي تهذيب جو گواهه بڻائي ٿي. ساڳيءَ طرح هڙپا مان هٿ آيل سڪا به انهن ئي عبارتن سان آراسته آهن. ڪشمير، قنوج، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ کي تاريخ  گڏيل صوبو سنڌ جو ثابت ڪري ٿي.

اڳي به اهو قاعدو هو ۽ اڄ به اهو قاعدو آهي ته جڏهين جڏهين ڪا نئين حڪومت وجود ۾ اچي ٿي، تڏهين اها هڪ جداگانه تهذيب کي وجود ۾ آڻي ٿي ۽ زبان تي به هر هڪ دور جو اثر نمايان ٿي وڃي ٿو.  جيڪڏهن  صدين تائين اهو ملڪ جداگانه حيثيت ۾ رهي ٿو ته اُتي هڪ نئين زبان تيار ٿيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو  سنڌي زبان به پنهنجا  دور پئي بدلايا آهن.

اسان کي ثابتيءَ طور سنڌي زبان جي ٽن صورتخطين جو نمونو ملي ٿو، جن مان هڪ ”آئو، ببو، راڙو“ واري زبان! جنهن کي عموماً ”هندڪي“ سنڌي چيو ويندو هو جا هاڻي قريب قريب ختم ٿي رهي آهي. ۽ باقي ٻه نمونا جن مان هڪ کي  ”ابوالحسن جي سنڌي“ سڏيو وڃي ٿو؛ ۽ ٻيو اڄوڪو ”ڪتابي رسم الخط“ جنهن  کي ”هڪ مڪمل رسم الخط چيو وڃي ٿو.

اهي پويان ٻه نمونا اهڙا آهن، جن ۾ شعر ۽ شاعري لکي به سگهجي ٿي، ۽ آسانيءَ سان پڙهي به سگهجي ٿي. باقي هندوءَ ڪي سنڌي نه ته اهڙي  زبان هئي جنهن ۾ ڪو ادبي مضمون لکي سگهجي ۽ نه شعر ۽ شاعري!

شايد اهوئي سبب آهي جو قدِيم لا َيّام سنڌي ۾ شاعري لکجي نه سگهي. مگر ان جو  اهو مطلب نه آهي ته هن خط ۾ شاعري ڪانه هئي!

قديم سنڌ يا موجوده سنڌ جي حدن جي چؤطرف نهاربو ته انهي شاعريءَ جو پتو پوي ٿو. هندن جا ڌرمي ڪتاب گهڻو ڪري اُنهيءَ وقت جي مروج شاعريءَ ۾ ئي آهن، ويندي ’ويدڪ-طب‘ به شاعري ۾ ملي ٿي. جڏهين ان وقت شاعريءَ جو ايترو زور هو، تڏهين سنڌ جي سرزمين شاعريءَ کان نابلد  رهي! سو ناممڪن آهي.

هن کان اڳ سنڌي شاعريءَ جي محققن جي جستجو جناب حضرت شاهه  عبدالڪريم رحه جن جي زماني تائين اچي بيٺي ته ان وقت ۾ سنڌي شاعري  ٻن سٽن جي ڏوهيڙي جي نموني ۾ هئي؛ ۽ ڪن بزرگن ان جو موجد شاهه ڪريم رحه کي ٺهرايو. ۽ هو ان کي ئي پنهنجي تحقيقات جي حد سمجهي ويهي رهيا. (1)

سنڌ جي قديم ادب  جو  مرڪز ”ٺٽو“ (2) آهي. افسوس آهي جو اڄ اگرچ  اُتي اُهو شغل باقي نه رهيو آهي! زماني جي دست برد کان سوين ڪتابن جون صندوقون اڏوهيءَ کائي ناس ڪري ڇڏيون! مگر اڃا به جيڪو ذخيرو ان طرف آهي! جيڪڏهين انهن جا مالڪ ان کي ميدان تي آڻين ته اسان کي اِتان علم و ادب جا بيشمار ناياب گوهر ملي سگهن ٿا.

ان هوندي به ڪوشش ڪري، سمن ۽ سومرن جي دور جا ڪي بيٿ ڪڍي ميدان تي آڻيو ٿا، جن مان هڪ بيت شيخ بهاؤالدين زڪريا رحه ملتان جي خليفي سلطان حسين اُپلاڻي ديبليءَ (ديبل جو ويٺل) جو چيل آهي. جنهن ۾ هن فقط ٻن سٽن ۾ بيان ڪيو آهي ته ديبل جو شهر ٻڏو، آءٌ ان کان وڇڙجي اچي مڪليءَ تي رهيس! بيت هن طرح آهي:

ديبل پاس ڌڪيلجي آيو آب اپار،

مڪليءَ ماڳ مَٿاهـِيئن ٿيس ڌارو ڌار.

اهو بزرگ سورن جي دور ۾ هو. جو پوءِ ”پير پٺي“ جي نالي سان مشهور ٿيو. انهيءَ ساڳئي دور جو هڪ ٻيو بيت آهي، جنهن ۾ هڪ تاريخي حقيقت پوشيده آهي جا هن طرح آهي ته: لاکاٽين، ۽ نَورسين ذاتين جي ڪن ماڻهن شيخ بهاوالدين ذڪريا رحه کي شهيد ڪرڻ جو خيال ڪيو، مگر ان جي عوض هن ’شيخ جيئي‘ کي شهيد ڪري ڇڏيو! جنهن جو قبو مڪليءَ تي آهي ۽ اڄ تائين ”شيخ جيئو، مڪليءَ جو ڏيئو“ سڏجي ٿو! انهيءَ شهادت تي هڪ بيت آهي ته

نَورسيا! نه رسيا، لٿو ليکو لاکاٽين،

مدي  رکي من ۾، جيئو ڪٺوجن،

بُجوبهاوالدين رحه جو، توڙئون لڳو تن.

اهڙيءَ طرح جوڻي خان سمي ڄام حاڪم  جي دور جو هڪ بيت مليو آهي جو اجابت جي درجي ۾ آيو. شيخ احمد جمالي سمن جي دور جو هڪ خدا رسيدو بزرگ  هو. سمن جو تڪرار انهيءَ حد تي  پهتو، جو جوڻي خان سمي حاڪم جي چرچ سان تماچي ۽ سندس پٽ صلاح الدين سمي کي فيروز شاهه تغلق والـِي-هند قيد ڪري وٺي ويو. هن جي زال ۽ ماءُ روئينديون پٽيديون شيخ حماد رحه جي  خدمت ۾ پهتيون ۽ دعا لاءِ عرض ڪيائون. شيخ حماد  کين دلاسي ڏيندي هيءُ بيت پڙيهو.

صلاح الدين تماچي، ايندا سيگهه سـِري،

جوڻا جُڙُ جپيو پيس ڪوٽ ڪـِري.

فقير جي دعا اگهاڻي ۽ جرڻو ڄام حادثي جو شڪار ٿيو. ساڳئي وقت فيروز شاهه تغلق، تماچيءَ ۽ سندس پٽ صلاح الدين کي آزاد ڪري سنڌ ۾ موڪليو.

خبر نه آهي ته اهڙا ڪيترا بي بها دُ ر، اڃا تائين صندوقن ۾ سانڍيا پيا آهن. جيڪڏهن اهڙا ماڻهو جي انهن خزانن تي مالڪيءَ جي دعويٰ رکن ٿا، سي ان کي قومي ملڪيت سمجهي ميدان تي آڻين، ته اهي تباهيءَ کان بچي وڃن ۽ اسين به بانگ دهل اها دعويٰ ڪري سگهون ته ”سنڌي زبان“ زماني قديم کان  علمي ۽ ادبي جواهرن سان جڙيل، هڪ شاهوڪار زبان آهي جنهن ۾ هر قسم جا هيرا، ماڻڪ ۽ موتي موجود آهن.

پروفيسر منگهارام ملڪاڻي

اوائلي سنڌي ناول ۾ عبارت آرائي

اوائلي سنڌي ناول ۾ عبارت آرائي، پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ  جي زير تاليف ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ جو هڪ نمونو آهي. مولف جي گذارش آهي ته ”مهراڻ“ جا ناظرين، هن موضوع تي نه فقط کين پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪن، پر ان سان گڏ، کين ”مواد“ به موڪلين. سندن پتو هي آهي: (جئي هند ڪاليج، چرچه گيٽ بمبئي 1.)-اميد ته سنڌ جا عالم ۽ اديب، پروفيسر صاحب کي ضرور پنهنجن مشورن کا واقف به ڪندا، ۽ کين مواد به موڪليندا-غ، م، گ.

پهريون ڪتاب جنهن سان سنڌي ساهت ۾ ناول نويسيءَ جوپايو پيو، سو هو مشهور ڊاڪٽر جانس جي انگريزي  ناول ”راسيلاس“ جنهن جو، ساڳئي نالي سان ترجمو، جو 1870ع ۾  ساڌو نولراءِ ۽ منشي اُڌارام ٿانور داس گڏجي، نهايت سهڻي سنڌيءَ ۾ لکيو هو. انگريزي ادب ۾ به هيءُ ارڙهين صديءَ ۾ نڪتل ناول بنيادي ناولن مان هو، جهن ۾ جانس صاحب حبش  جي هڪ قديم حڪمت دان (Scientist) معرفت هوا ۾ اُڏامڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي، ۽ اُن ڪري نهايت دلچسپ هو. هن ناول مان دنيا تياڳڻ جي برخلاف هيٺيون ٽڪرو ڏجي ٿو، جنهن مان ترجمانن جي نجي ۽ وهڪ واري سنڌي پڻ ظاهر آهي ۽ ترجمي جي پابنديءَ جو پتو ئي نٿو پوي.

”شهزاديءَ چيو ته جهڙيءَ ايڪانت ۾ تون  رهين ٿو، تنهن ۾ جيڪڏهن ڪو رهندو، ته بلاشڪ بڇڙائيءَ کان پاڻ کي پري رکندو. ساڌو چيو: تحقيق مان پندرهن ورهين تائين ايڪانت ۾ رهيو آهيان پر منهنجي اها سڌ نه آهي ته مون کي ڏسي ٻيا ماڻهو ايڪانت ۾ رهن.جيڪو چڱيءَ پر گذاري ٿو تنهن لاءِ هن سنسار ۾ سڀڪنهن قسم جو رستو چڱو آهي...پنهنجي طاقت ۽ زور، روز بروز گهٽ ٿيندا ڏسي ٺهراءُ ڪيم، ته جڏهين دنيا ڦندن ۽ ڦاهين ۽ بي اتفاقين ۽ ناسازين ۽ ڏکن ۽ سورن سان ڀري پيئي آهي، تڏهين باقي حياتيءَ جا ڏينهڙا صبر ۽ سانت ۾ گذارجن... پر هاڻي سواد ته ڪو نه ٿو اچيم پر مورڳوئي ورچي پيو آهيان؛  ٿورن ڏينهن کان منهنجو من بيقرار ۽ پريشان آهي...جنهن دنيا ۾ آءٌ چڱا ڪم ڪري سگهان ها، سا دنيا ڇڏڻ کان سواءِ، بديءَ کان پاڻ کي بچائي نه سگهيس، جڏهن اهو خيال اچيو  پويم، تڏهن لڄ ۾ ٻڏيو وڃان... منهنجي دل کي قرار اچي نٿو سگهي، ۽ آءٌ آهون  دانهون پيو ڪريان ته ٽوٽو  هيترو سارو پيو اٿم ۽ فائدو ڪيترو ٿورو اٿم. ايڪانت ۾ جيڪڏهن بڇڙن جي سنگت کان بچيل آهيان ته ڀلن جي صلاح مصلحت ۽ گفتگو کان پڻ دور آهيان. ايڪانت ۾ جو ماڻهو رهندو سو جائي ڏکي ٿيندو ۽ ڪڏهن به عبادت وارو ڪين ٿيندو!“

تنهن کان پوءِ ميرزا قليچ بيگ ”رستم پهلوان جو قصو“ 1880ع ۾ ڇپايو هو، جوايران جي تاريخ تان ورتل هو، ۽ منجهس ٽڪرا فردوسيءَ جي ”شاهه نامه“ تان، اکر به اکر ترجمو ڪيا هئا. 1891ع ۾ هيرانند، سروالٽرسڪاٽ جو عيساين جي جهاد وارو مشهور تاريخي ناول (Talisman)  ”طلسم“ نالي سان سليس سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو؛ پر اهو اڻپورو رهجي وڃڻ ڪري 1927ع ۾ ڪاڪي  ڀيرومل مڪمل ڪيو، ۽ سنڌيءَ ادبي بورڊ ڇپايو، ۽ ساڌو صاحب جهڙي اعليٰ هستيءَ جو يادگار سنڌي ساهت ۾ قائم ڪيو.

اوائلي خود ساختا ناول

سنڌي ادب جي پهرين ٻن مَن-گهڙت ناولن رچڻ جو شرف ميرزا قليج بيگ کي حاصل آهي، جي هئا ”دلارام“ (1888ع) ۽ ”زينت“ (1890ع)__جي پهريائين ناول مون پنهنجي سانڀر ۾ پڙهيا. ميرزا صاحب  جي ڌڪ گهٽ ٻن سون تصنيفن مان ڪي ٿوريون دليان ٺاهيل آهن، جن مان جي ٻه ناول مکيه آهن ۽ ٻيا ڪتاب گهڻو ڪري ترجما آهن. ڪن ڄاڻن جو چوڻ آهي ته پهريون ناول اصلوڪو لکيل هو پر ٻئي جو پهريون اڌ  حصو اردو  ”صحت النساء“ تان ورتل هو. پرڪن صاحبن جو نج الٽو رايو آهي ته پهريون  ناول اردوءَ تان ورتل هو جنهن ۾ بادشاهن ۽ لڙاين جا بيان ٿا اچن، ۽ ٻئي جوپهريون اڌ مورڳو ڪيقدر ميرزا صاحب جي  زندگيءَ تي ٻڌل هو. مصنف ”زينت“ جي ديباچي ۾ صاف لکيو هو: ”پڙهندڙن جي خدمت ۾ عرض ته ”ناول“ جي ڪتابن جي گهرج سنڌ ۾ تمام گهڻي آهي... سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي قسم جا ڪتاب بلڪل ڪمياب آهن، نڪو ڪنهن کي انهن جي لکڻ يا پڙهڻ جو گهڻو شوق ٿو ڏسجي، تنهنڪري اهڙوشوق پيداڪرڻ ۽ وڌائڻ لاءِ، مون هن کان اڳ انهيءَ نموني جو هڪڙو ننڍڙو ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو نالو ”دلارام“ آهي. ٻيو وري هي لکيو اٿم، اهو هڪ نئون رٿيل ۽ خيالي قصو آهي، جنهن ۾ زماني جي گردش، ۽ حال چال جو بيان، گهرو اصطلاح ۾ ڏنل آهي... اڳوڻي زماني جي قصن وانگر هن ۾ جنّ ڀوت يا پري يا ديو يا جادوءَ جو نالو به ڪونهي. هن ۾ اهڙا واقعا ڏنل آهن،جي ٿيڻ جهڙا آهن ۽ جي سڀڪنهن انسان جي سر تي اچن ٿا.“ مٿئين فقري مان ظاهر آهي ته ٻئي ناول خود ساختا هئا، ۽ پڻ ميرڙا صاحب جي حقيقت پسنديءَ واري مدار پڌري ٿي ٿئي.”زينت“ جي پهرئين اڌ ۾  هڪ مسلم ڪٽنب ۽ ڀاتين جي زندگيءَ جو، ڄمڻ کان مرڻ تائين، وار قصو اهڙو ته وفاداريءَ سان چٽيل آهي جو ڌاريو لڳي ئي نٿو. خصوصاً،ناول جي سورمي زينت، صورت توڙي سيرت ۾ ذالذات جو اهڙو ته شاندار مثال آهي، جو هي آڳاٽو ناول سنڌي ادب جو بي بها ڳهڻو ٿي پيو آهي،_ توڻي پڄاڻيءَ ۾ جڏهن آکاڻي، سنڌ کان ٻاهر کڄي ٿي وڃي، تڏهن به سنسني خيز حادثن ۽ اتفاقن ۾ وڃو پوي، ۽  فن جي لحاظ کان ڪسي ٿيو پوي. ميرزا صاحب جي عبارت ۽ اصلطلاح پڻ سندس دستور موجب، نهايت سليس، گهريچي ۽ دلپسند آهي؛ ۽ ههڙي جهوني ڪتاب هوندي به منجهس بيهڪ جون نشانيون سڌريل نموني ۾ ڏنل آهن، جا خوبي ان زماني جي ڪتابن ۾ نٿي ملي. ”زينت“ مان چونڊيل هن ٽڪر مان گذريل صديءَ جي پڄاڻيءَ واري زماني ۾ سڌريل مسلمانن جي رسمن رواجن جو عڪس ملي ٿو ۽ پڻ ميرزا صاحب جي سرل ۽ ڦهڪيل سنڌيءَ جو پتو پوي ٿو:_

”گهوٽ ڪنوار جي گڏ رهڻ جو اسين ڪهڙو ذڪر لکون؟ هيتري واقفيت، هيتري سڪ ۽ هيتري محبت کان پوءِ جا سندن شادي ٿي هئي، تنهنڪري هڪٻئي سان حد کان وڌيڪ پيار ٿين. اڪثر جيڪي شاديون هتي ٿين ٿيون، تن ۾ گهوٽ ڪنوار هڪٻئي جا ناواقف هوندا آهن، تنهنڪري جيسين پرڻجي گڏ ٿين  تيسين پيا ڳڻتيون کائيندا آهن، ته الاجي ڪهڙي طرح جو ماڻهو هوندو، الاجي ڪهڙي شڪل هونديس، الاجي ڪهڙي طبيعت هونديس. پرڻي کان پوءِ ڪنوار ته مهنو کن حيا کان ڪنڌ ئي نه کڻندي،ڏانهس منهن ئي مٿي ڪري نه نهاريندي، اکر ئي ڪونه ڳالهائيندي. پر هتي اهڙو حال نه هو. پهرئين ڏينهن کان وٺي هن جي دل سمجهي  ويئي ۽ پاڻ ۾ اهڙا گهرا ٿي ويا جو ڄڻ اڳي جا واقف هئا... گهر جي ڪمن ۾ هنن ٻنهي گڏجي يڪراءِ ٿي اهڙو سڌارو ڪيو جنهن مان ڏسڻ واري  کي جيڪو صاف معلوم ٿئي ته في الحقيقت مڙس جوڪم آهي ٻاهر پورهيو ڪري، کڻي ڪمائي اچڻ، ۽ زال جو ڪم آهي.گهر جو سڀ ڪم ڪار سنڀالڻ؛ نه رڳو ايترو، پر پاڻ ٻاهر جي ڪمن ۾ مڙس جي مددگار ۽ صلاح ڪار هئڻ. زال ۽ مڙس ٻنهي ڄڻن ديني ۽ علمي سڌاري ۾ به پريندي کان گهڻو ڪوشش ڪئي. هڪڙو وقت مقرر ڪري ڇڏيو هئائون، جنهن تي مڙس زال کي انگريزي پڙهائيندو هو، ۽ ٻيا جيڪي ڪتاب اڪثر اسڪول ۾ پڙهائيندا آهن. ڪنهن  وقت وري ڪو ديني يا اخلاقي علم جو ڪتاب کڻي گڏ ويهي  مطالع ڪندا هئا، ۽ ڪن ڳالهين تي پاڻ ۾ بحث ڪندا هئا.“

1992ع ۾ ديوان پريتمداس حڪومتراءِ (”هڪڙو نماڻو، ستاري جو طالب“ تخلص سان) هڪ خود ساخته ناول ”عجيب ڀيٽ“ لکيو هو، جو ”زينت“ کان پوءِ  ٻيون نمبر حقيقت نگاريءَ (realism) تي ٻڌل ناول هو، جنهن ۾ روزمرهه جي جيوت جا ممڪن واقعا ۽ ڪردار آندل هئا. منجهس اُن زماني جي سنڌي عالمن ۽ ڀائيبندن جي پنگتي رسمن رواجن ۽ تعليمي، اخلاقي ۽ ڌرمي جيوت تي روشني وڌل هئي، ۽ لکيل به چيديءَ ۽ سپڪ سنڌيءَ ۾ هو. هن ناول مان هيٺيون ٽڪرو، جهن ۾ تن ڏينهن جي تعليمي سرشتي بابت، ديوان پريتمداس آزاد خيالي ڏيکاري ٿو، ۽ سندس پختي لکڻيءَ جوبه مثال ڏئي ٿو،توڻي اُن ۾ پوريون بيهڪ جون نشانيون ڏنل  نه آهن:

”خانگي ماستر جا ڪرايل  ڪم پورا ٿي ويا تنهن کان پوءِ سچُو روزبروز پٺتي پوندو ويو. ڪيتوڻيڪ ائين هو ته جنهن ڪم ۾ رڳو خيال جي گهرج هئي تنهن ۾ هو ڪلاس جي ڇوڪرن کان هميشہ ڀڙ هوندو هو پر بر زبان ياد ڪرڻ ۽ محنت گهرندڙن ڪمن ۾ گهڻو گهٽ هوندو... انهيءَ طرح هو بعضي ناپاس ٿيندو هو. ستين درجي ۾ ٿيو ته اُن وقت ارڙهين ورهين جو هو ۽ خيالي ڪم جهڙوڪ طبعي ۽ رياضي علم تن ۾ تمام چڱو هو ۽ ٻين ڪمن ۾ به ڪلاس ۾ جيڪي سو ٻُڌي سُڌي واڌارو ڪيو هئائين، ۽ پر  جيتري محنت هنکي ڪرڻ کپندي هئي تنهنجي اٺين پتي به ڪين ڪندو هو_ هو چوندو هو ته پنج پرت حرف به حرف سمجهي پڙهجن ۽ ياد  ڪجن ۽ڪڪ ٿي پئجي تنهن کان سؤ پرتن جو مت سمجهي ۽ اڃا وڌيڪ پڙهڻ جو چاهه هجي سو ويهوڻو چڱو آهي ۽ ڪنهن به گرنٿڪار جي هڪڙي ئي  ڪتاب جي هڪ هڪ اکر يا سٽ تي ويهي مٿي هڻڻ کان ڏهن جدا جدا گرنٿڪارن جي ڪتابن جو مت سمجهڻ وڌيڪ ڪمائتو آهي...تنهن کان سواءِ انگريزي رڳو انهيءَ لاءِ ڪين ٿي پڙهجي ته اها ٻولي سکجي پر انهيءَ لاءِ به ته جيڪي علمي ڳالهيون انهيءَ ٻوليءَ ۾ لکيلون آهن سي سکجن تنهنڪري جيڪڏهن اهڙين ڳالهين جي  مطلب سمجهڻ جيتري انگريزي آئي ته وڌيڪ سکڻ  جو ضرور ڪونهي_انهيءَ خيال تي هاڻي هو پنهنجو سڀ وقت طبعي علم جي ڪتابن پڙهڻ ۾ ڪم آڻڻ لڳو جنهنڪري ٻين سڪول جي ڪمن  تي بلڪل ڌيان ڪونه ڏيندو هو سڄو ڏينهن اُنهن ڪتابن پڙهڻ ۾ يا جيڪي ڳالهيون منجهن لکيل هونديون  هيون تن بابت ويچار ڪرڻ ۾، ۽ جيڪڏهن ٿي سگهندو هوس ته اُنهن  جا تجربا ۽ جاچون ڪرڻ ۾ لڳائيندو هو. نيٺ سچوءَ کي انهيءَ ريت ڪلاس ۾ ڏڏ ليکڻ ڪري ڏاڍا ساڙ اچڻ لڳا. آقي باقي جو ماستر کي به سندس نسبت چڱي راءِ نه هئي تنهنڪري هو سڪول مان کٽو ٿي پيو ۽ ڪيترا ڏينهن ويچار ڪرڻ کان پوءِ ائين سمجهائين ته ميٽريڪيوليشن پاس ڪرڻ لاءِ سڀني ڪمن کي چڱو ڪرڻ گهرجي جو آءٌ ڪري ڪين سگهندس_ تنهنڪري هن سڪول ڇڏي ڏنو.“ ”عجيب ڀيٽ“ جو ٻيو سڌاريل ڇاپو 1910ع ۾ نڪتو هو جنهن جي ديباچي ۾ مصنف لکيو هو: ”سرهائيءَ جي ڳالهه آهي جو هن ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ ڪن اڍنگين رسمن ۾ سڌارا ٿيا آهن. اڃا سڌاري جي گهڻي گهرج آهي. پر ڏاڍي ارمان جي ڳالهه آهي جو ڪن ڳالهين ۾ اڳئين کان به وڌيڪ خرابي ٿي آهي. هن ڪري جو خود غرضي ۽ لوڀ وڌيل آهي.“ جنهن مان ثابت آهي ته ناول لکڻ مان مصنف جون ٻئي مرادون، ”ملڪ جي حالت ۽ ٻولي سڌارڻ جون، ڪجهه قدر برصواب ٿيون هيون.

ازغيبي ۽ ڪرامتي قصا

سنڌي ناول جو بنياد جيتوڻيڪ مٿئين خالص مصالحي سان وڌو ويو، پر اوساري جا اُن مٿان کنئي ويئي سا گهڻي قدر اڻگهڙيل پٿرن جي هئي، توڻي آخرين آڏاوت رفته رفته سڌرندي  سنگين ٿيندي ويئي. 1885ع ۾ شڪارپور مان مسٽر پوڪرداس، ۽ 1888ع ۾ سکر مان ماستر هريسنگ جي ڪتب خانن مان ڪيترائي ازغيبي ۽  ڪرامتي(Super-Natural) قصا  نڪرڻ لڳا، جن ۾ انساني عشق بازيءَ سان گڏو گڏ جنّ ڀوت ۽ ديو پريون ۽ بهرو  وٺندا هئا، ۽ جي اڪثر ڪري قافيه دار نثر ۾ يا نثر ۽ نظم جي ملاوت ۾ لکيل هوندا هئا_ جو تنهن زماني جي روماني (romantic) قصن لکڻ جو رواج هوندو هو. مائٽ گهڻيائي پَل وجهندا هئا ته  اهي عشقي قصا پڙهي ٻار کرجي پوندا، پر  جئن بندش وڌيڪ تئن انهن قصن جون ليٿون ۾ ڇپيل ڪاپيون وهاڻي هيٺان لڪائي رکندا هئاسون ۽ ڀنڀرڪيءَ جو  جاڳي، سَوڙ مان منهن ڪڍي، لڪائي پيا پڙهندا هئاسون. انهن ناولن جا هيٺيان لکندڙ ۽ نالا هئا:-

 

احمد خان جلباڻي

_”گل بڪاولي“ (منشي نهالچند جي اردوءَ تان)

-1890

- ”نينهن نڀاوڻ“ (رينالڊس جي نام ڪٺئي هڪ حصي (Mysteries of the Court of London) تان ترجمو)

1890

- ”ممتاز دمساز“ (اُردوءَ تان ترجمو)-

1909

حاجي امام بخش

- ”چار درويش“ (       ”       )-

1890

- ”حاتم طائيءَ جو قصو“ (   ”  ) -

1894

- ”الف ليليٰ“ (Arabian Night جي اُردوءَ تان ترجمو)

1898

لطف الله آخوند

- ”گل خندان“ (اُردوءَ تان ترجمو)

-19 صدي جي آخر

محمد صديق مسافر

- ”مهربانو“ (فارسيءَ تان ورتل)

- 20 صدي جي شروعات

- ”گلبدن“      -

        “

 

 

 

 

 

جلباڻي صاحب جي ”گل بڪاولي“ ۾ ٺيٺ سنڌي نثر سان گڏ بيتن ۾ ڪيل بيان، ۽ آخوند لطف الله جي”گل خندان“ جي مائيدار، قافيه دار نثر واري عبارت، هنن ديون پرين جي ڪارنامن  سان ڀرپور قصن کي به قديمي ادب جو مرتبو ڏيئي سگهن ٿا. ”گل بڪاولي“ مان پرين جي شاديءَ ”بڪاولي جي حسن  جو هيٺيون بيان، بيهڪ جون نشانيون  سڌاري پڙهڻ سان، احمد خان جي شاعراڻي تصور ۽ قلم جي قوت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو:-

”وڏي وڏائي اُن مالڪ جي، چون ٿا  ته جڏهن بڪاوليءَ جادوءَ ڀريليون اکيون پٽيون  ۽ مٺيءَ ننڊ  مان سجاڳ ٿي تڏهن چوليءَ کي مٿي سرڪائي چولو ٺاهي پيشواز ڍڪي وارن کي ڦڻيءَ سان سمجهائي اُٿي کڙي ٿي ۽ هوريان لڏندي لمندي بڪاولي گل جي حوض ڏانهن اکيون مهٽيندي هلي ۽ مور وانگر ٽلندي اچي، سندس پير پير جو انداز ڌرتيءَ تي عجب نقش ٺاهيندو وڃي ۽ سندس هلڻ سان جا  لٽ پيئي اُڏامي سا سڪايلن لاءِ مثل سرمون- جڏهن حوض وٽ آئي تڏهن نازڪ هٿن سان گلاب جو پاڻي پنهنجي موچاري منهن ۽ ڳاڙهن ڳلن تي وجهڻ لڳي ۽ منهن ڌوئي اُگهي صاف ڪري بڪاولي، گل ڏانهن ڌيان ڪري ته گل آهي ئي ڪونه؛... ايتري ۾ منڊيءَ تي وڃي نظر پيس ته اُٽلو مت ئي منجهي ويس چپ چپن سان لڳي ويس ۽ اکين جي اڳيان ڌنڌ ڦري ويس، تڌهن ٻنهي هٿن سان اکيون مهٽي هئن چوڻ لڳي ته اي رب منهنجا...جيئري جاڳندي بيٺي آهيان سپنو ته نه آهي؛ ڄاڻان ٿي ته ڪنهن آد مزاد جي حرڪت آهي نه ته ٻئي کي ڪهڙي طاقت جو ارڙهن  هزارن ديوَن وچان هتي اچي نڪري ۽ کسڪائي گل کڻي وڃي_ وري  جڏهن پنهنجي ننڊ جي  بي سرتائي ۽ ڪپڙي لٽي جي اوسيلائي دل تي ياد آيس ته تڏهن ڏاڍي لڄاڙي ٿي ۽ هي بيت حال پٽاندڙ پڙهڻ لڳي_

هُئين تون ڪير تنهنجو نالو ڇاهي،

هتي آئين تون ڪيئن سينو سهائي....

ڪٿي آءٌ دست تنهنجو يار پايان،

چمان اکين تي ۽ جيءَ سان لڳايان،

سڄي املاڪ پڌري پٽ رکي هئي،

مگر اُن تي نه تنهنجي چوڪسي هئي،

سرنگ سيني اندر آهي هنئين تو،

چورائي چست دل آهي کنئين تو...“

 

 

جلباڻي صاحب، بنا ڀيد ڀاوَ جي،ڪيترا سليس هندي لفظ پڻ سڀاويڪ طور ڪتب آندا هئا، جي اصل کان سنڌي زبان جو ورثو آهن: وچن، جنسار، جوڀن، سورج، مـتِ، ارٿ، درسن، ويراڳ، مُنک، وغيره.

”گل خندان“ مان هيءُ فقرو لطف الله آخوند، جي قافيه دار نثر ۾ زناني حسن ۽ هار سينگار جو سهڻو مثال آهي:

”شهزادي ماهه طلعت غسل ڪري، ڦڻي ڏني؛ اکين ۾ سرمون وڌائين، زيور پهريائين، ارغوني ويس جو جنسار ڪيائين، سڀ هار سنيگار ڪيائين، آرسي کڻي پنهنجو منهن ڏٺائين. منهن ڏسندي ڳلن جي لالائي، اکين جي گهرائي، جوانيءَ جو زور، حسن جو شور، زلفن جو تاب ۽ غمزي جو حجاب،ڏسي تماشو لڳي ويس. چوڻ لڳي ته واهه واهه، هي به ڪو حسن بيمثال آهي! يا بدرجمال آهي! جي اهو حسن آهي ته  بس حسن ختم آهي،سڀ حسن کان آتم آهي... راڻي انهيءَ ڪوڙيءَ تعريف کان گمراه ٿي ويئي. ڀانيائين ته جيڪس اهڙو مڙيوئي منجهو حسن مزيدار آهي، سڀڪو اُن جو خريدار آهي.‘ حسن کي غرور سان کٽيائين ته نياز کي ناز سان مٽيائين.“


(1) شاهه ڪريم کان گهڻو اڳ، قاضي قاذن (947هه) جا بيت آهن. ان کان اڳ  ماموئي ۽ ساموئي جا  بيت موجود آهن. ان طرح ’دودي چنيسر، جا بيت به گهڻو آڳاٽا آهن. خود سومرن ۽  سمن جي دور جا بيت  به هٿ آيا آهن. ٻيو نه ته ’ڪافي‘ ڪتاب مصنف ‘طالب الموليٰ‘ ۽ ’سنڌي ادب‘ پير راشديءَ جو، ۽ پراڻي ’مهراڻ‘ رسالي ۾ ’سومرن جي دور جي شاعريءَ مضمون پڙهڻ گهرجن –غ. م. گ.

 (2) انهيءَ  سنتجو ۾ هن وقت شايد ٺٽي ۾ هڪ ئي هستي حاجي علي محمد صاحب خالدي بلوچ آهي جنهن جو نالو سَنَدَ طور پيش ڪري سگهجي ٿو. مگر ساڳئي وقت پاڻ شاڪي آهي ته اهڙن علمي خزانن جا مالڪ ڪو ڪتاب ڏيڻ ته بجاءِ خود، مگر  ڏيکارڻ به گوارا نٿا ڪن! 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com