سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1962ع

مضمون

صفحو :3

بيت

خليفو نبي بخش لغاري مرحوم

ڪاري  وڌو ڪالهه، و ِههُ مَٽَ ۾ وترو،

ڪوڙين ’قاسم‘ڪيترا، ڪـِئڙا زهر زوال،

ڪوٺي اِن ڪلال، ميخاني ۾ ماريا.

 

ڪارا پيدا ڪمرا، تن واسينگن ويا،

موکيءَ سندي مَٽَ تي، اچي پرڙ پيا،

’قاسم‘ ان ڪڪوهه ۾، گڏجي وهه ويا،

جن ڪڙا سر ڪبا، پـِيتيون تن پياليون.

 

سر ڏنائون سَٽ ۾، جام پيتائون جال َ،

’قاسم‘ ڪالهه ڪلال َ، پياري پُر ڪيا.

سوريءَ مٿي سيجڙي، اَڏيءَ مٿي انگ،

ديڳن ڪڙهن دوڳڙا، منجهه ڪڻاهه ڪـِرنگ،

’قاسم‘ ڪيسر رنگ،و ِهه پيتائون وٽيين.

محمد خان غني

     مسافر

الله! ايئن ڪئين ٿيو، جو ڏيهي ڌار ٿيام،

آهم هور هئين ۾، پلپل پور پيام،

قسمت هيئن ڪيام، جو پيئيون ويلون وچ ۾.

 

الله! ايئن ڪيئن ٿيو، جو ڏيهي ٿيڙم ڏور،

ساعت سمجهي سال ٿي، مري ٿي معذور،

ڪهڙو پيڙن پور، جو وري وريا ڪينڪي.

 

الله! ايئن ڪيئن ٿيو، پرين ٿيم پري،

سڏ نه سڻن سپرين، هيءَ ڪيهون روز ڪري،

ٿو ڏک ۾ ڏيل ڏري، تون الله اَڻ انهن کي

 

الله! ان عجيب سان، نه  ٿي روح رهاڻ،

اکين اوڏا سپرين، پر پري جهليئون پاڻ،

آهم انهن ڪاڻ، اڃا آب اکين ۾.

 

الله! ايئن  ڪيئن ٿيو، هو ويٺا وساري،

جهوريم جند فراق ۾، ٿو ڳاراڻو ڳاري،

مُٺيءَ کي ماري، پاڻ پرانهون پرجيا.

 

ڪري پرت پرين سان رڳو ڏٺم ڏک،

سي ڪيئن سمهن سک، جن مسافر سپرين.

 

مسافر جي من ۾ ڪهڙي ڳالهه ڳري،

ورڻ وعدا، وسريا، آيو ڪئن وري،

وينديس ماءُ مري ڦوڙائي فراق ۾.

جن مسافر سپرين سي ئي رونديون رت،

پرت ايءَ پهت، جو رسي رڳو رنج ٿو.

الله! اِيئن ڪيئن ٿيو، جو اچن نٿا اَو،

ڏسن روبرو، ته ڪيئن وڇوڙيل وڍيون.

الله! اِيئن ڪيئن ٿيو، جو آيا هڪڙي رات،

ويا اسورئون اڳ سي، پسيم جي پرڀات،

تَنَ کي ڏيئي تات، پاڻا پرانهون پرجيا.

 

ٿين مسافر سپرين، شال ڪڏهين ڪنهن جا ڪين،

هي هي هن زمين، وڍ نه وڇوڙي جيئن ڪو.

نثار ”بزمي“

جن کي عشق عجيب جو، تن کي ڊپ نه نه ڊاءُ،

سهايائون سر  تي، گهورن وارو گهاءُ

تهڙو ڏين منهنڙو، جهڙو لڳي واءُ،

سدورو سڀاءُ، ’بزمي‘ بيراڳن جو.

جن کي  عشق عجيب جو، تن کي ڏک نه ڏم،

سکيا رهن سڪ ۾، گوندر نه ڪو غم،

بستي اڏي ’بزمي‘ من ۾ ڪن ماتم،

ڪسي لاهن ڪم، شهادت جي شوق جو.

 

جن کي عشق عجيب جو، اورن سيئي اور،

ڪچهرين جا ڪوڏيا، ميڙاڪن جا مور،

سـَسـِتي وڪڻن سڪ ٿا، تڪڙي ڪن ٿا تور،

گهڻيري ڏين گهور، ’بزمي‘ پارا برهه ۾.

 

جن کي عشق عجيب جو، تن کي تار تنوار،

ڪَنين رکي هٿڙا، ڳائن ڳڻ هزار،

’بزمي‘ چائن بار، سانگا لاهي ساهه جا.

 

جن کي عشق عجيب جو، تن ۾ تـِکُ نه تاب،

هيٺاهينءَ جي حال کي، سمجهن پاڻ ثواب،

بردا سڏجن ’بزمي‘ ڌارن ڪين حجاب،

خودي آهه خراب، اصل اَديسين ۾.

 

جن کي عشق عجيب جو، تن کي لڄ نه ليهه،

نڪي سارن سجدا، نڪي ’بزمي‘ ٽيهه

پرين وٽ پڄڻ جون واٽون سمجهن ويهه،

ڇا جي آهي گيهه، اگهيا در الله جي.

 

ڊاڪٽر چوئٿرام پرتابراءِ گدواڻي

ڪُرڪڻ ڪـِنجهڻ مَرڪ نه مڙسن، جي چڙهيا

                           جُنگ جوان،

سـِڪ ۽ سودو تن نه سونهي، جن ڄاتو اهو ڄاڻ،

هٽيا، سي هٽن ڀلي، تن پاڻ وڃايو پاڻ،

هي مردن جو ميدان، ڪانئر َ جاءِ نه آهه ڪا.

 

ڪانئر جاءِ نه آهه ڪا، جت سَڌڙيا سَڌون ڪن،

سرسندا سانگا رکي، سي موٽيو ماڳ وڃن،

جي عاشق آزاديءَ جا، سي ثابت قدم رهن،

هيءُ آڏو آهي تن، جن ڪُسڻ قبوليو قرب سان.

جن ڪُسڻ قبوليو قرب سان، ئي سورهيه سبحان،

قائم رکن قوم جو، بالا بلند شان،

مر ٿي وڃن قربان، ڪنڌ نوائن ڪينڪي!

دوها

عبدالجبار ”شام“

نور  ڀريا ٻئي نيڻ اوهان جا نور ڀري پيشاني

ڪهڙي ديس کان آيا آهيو هـِت ناهه اوهان جو ثاني

پريم پکيئڙا تو لئه بڻايم اکڙين ۾ آکيرو

ساجن تو ۾ سونهن ڀري آ منهنجو من آ ميرو

هي ننگري آ ڏک جي پيارا سک هتي ڪو ناهي

هر ڪو پاڻ کي سير ٿو سمجهي هر ڪو سينو ساهي

سچ جو آهي سودو اسان وٽ سچ جي آهي وائي

جيڪو سچ کي آڏو ايندو تنهن سان ڪبي لڙائي.

 

قمر شهباز

تار َ ٽُٽا من-وِيڻا جا، مان ڪيئن جئان، هئه،

ڪيئن جئان؟

پيار بنا و ِههُ جـِيوَن - امرت، ڪيئن پـِئان، چئو،

ڪيئن پيان؟

سـِرَ جو سُرَ سان سَنگُ رهيو، نا گُل َ ۾

خوشبو باقي،

رند بنان ميخانو موڳو، سڏڪي ويٺو ساقي.

ڪاڏي مومل، ڪاڏي راڻو، ڪاڏي وئي سا ڪاڪ؟

پيارَ پڄاڻا، ديپ اُجهاڻا، اُڏري پيئي خاڪ.

ڪافيون

ميران محمد شاهه ”مير“

سهسين ڀليڪار، ڪانگلڙا! جـِيءُ جـِيءُ کنياتا، اَئين اوتاري.

ڪانگ! ويجهو ٿي ولهيءَ کي، دل سندو ڏي داستان،

ڳالهيون ڳجهه، راز رمزون، ڪر اڳيان منهنجي عيان،

بند لهن ڪي بار، ڪانگلڙا!

گهوٽ گهڙي جي مون ساڻ گهاري.

 

ڪانگ! تو قصّو ٻڌايو، ڪو قريبن کي ڪلام،

همت عجيبن جي اچڻ جو اَندئي ڪهڙو انجام.

پايئين ڳچيءَ هارَ، ڪانگلڙا!

ورجي ولهيءَ تي واڳون واري.

 

ڪانگ! مون مسڪين جي محبوب ڪي ٿي ڪا مقال؟

چئو سڪايل جي  ڪڏهن سهڻو، اچي لهندو سنڀال؟

ڪهڙا سندس پار، ڪانگلڙا!

پاري نه مون سان ڪا پرت پياري.

 

ڪانگ وڃ تون تنهن ولايت، پرينءَ کي پيغام ڏي،

حال ’ميران شاهه‘ جوچئو ڪرنشون ڪوڙئين ڪري،

زارو روئج زار، ڪانگلڙا!

 ڪهل اچي ڪا مان َ ڪوهياري.

 

سردار بهادر محمد بخش مرحوم ”ڪوجهي“

صورت  ساجن حسن حقيقي، الله اسان جو اهوئي- نا ٻيوئي.

نيڻ سڄڻ جا نور الاهي، عينا عين سڀوئي-نا ٻيو ئي.

ڀروان ڏس محراب منوّر، سجده گاه سپوئي- نا ٻيوئي.

مک محبوب  جو مصف سارو، ربّي راز سڄوئي- ناٻيوئي.

بوتو بشري بيک رباني، شڪ گمان نه ڪوئي-نا ٻيوئي.

’شاهه قبولڻ‘، يار يگانو، هادي حق هڪوئي- نا ٻيو ئي.

دم دم ’ڪوجهي‘ دوڙ درازين،

حج حقيقي سوئي- نا ٻيوئي.

محمد خان ’غني‘

 

هلي سڄڻ جي هٽ،

آءٌ تان ڀينر ورهه وهايون.

راءُ پڇي ٿورو روڪڙو، ڪين وٺي ڪجهه گهٽ؛

آءُ تان...........

سر جو سودو آهي سهانگو، ڪو جو اُتي ڪوڪٽ؛

آءُ تان..........

نيهن نغارا نوبت وهواهه، روز وڄي واڄٽ؛

آءُ تان.........

هلڻو آخر آهه اُنهيءَ ڏانهن، هوت جو کليل هٽ؛

آءُ تان........

روءِ ڏسو سڀ رانجهن جي اڄ، جنهن جو ناهي مٽ؛

آءُ تان.........

قهري ڪان ڪري جت ڪڙڪا، سور ڪري سوسٽ؛

آءُ تان...........

گيرب گهرجي ڪونه ’غني‘ اُت، هلج ڪري جهٽ پٽ؛

آءُ تان..........

محمد هاشم ”نجار“

منهنجو ميهر يار، ڏم ڏي وري مان ڪيئن نهاريان.

ڏم ته مليم ”حق شريعت“،

الست ڪنان ميهار،...ڏم ڏي...

ڇو ٿيون متيون ڏيو مون جيڏيون،

ويندس دريا پار،...ڏم ڏي...

ڪين اٿم آرام اندر ۾،

ميهر جي مون تار،...ڏم ڏي...

محب ملڻ لاءِ دل آ ماندي،

ملندم يار ’نجّار‘،...ڏم ڏي...

 

نثار ”بزمي“

 

 ڏوٿين کان آهيان ڏور،

آب اکين مان ويٺي اوتيان...

مان مارن جي، مارو منهنجا،

 

ڪيئن سهان هي سور؛  

آب اکين مان ويٺي اوتيان...

هڪڙين هوندي ٻي واجهائڻ،

 

ڪهڙو هي دستور؛

آب اکين مان ويٺي اوتيان...

مارن خاطر ماندي آهيان،

 

محلن ۾ مجبور؛

آب اکين مان ويٺي اوتيان....

مٺڙو آهي مون لئي ’بزمي‘،

 

مارن جو مذڪور؛

آب اکين مان ويٺي اوتيان،...

 

 احمد خان ”اختر“

دير  مَ دم ڪر تون دلدارَ،

نينهن نسنگ نيهوڙي نيئڙيس!

تيز طوفان  جي واءِ  ِلوڙيس،

لهرن لوئي لوڙهي لوڙهيس،

موٽ مٺا مون محب ميهارَ؛     

واڳون وريا! واهن ويئڙيس.

دهشت ڪَن ِ ڪُنَ ڪارونڀارَ؛ 

ڪانهي ڪَلَ ڪاڪناري ڪائي،

ڪڙڪا ڪَنِ ڪُنَ ڪارونڀارَ؛

تيزيءَ تِکَ جي ٿيڙن ٿيئڙيس.

ڀـِڄندي ڀيلو ڀورَ ڀُر ِي ٿيو،    

هٿئون هيڻيءَ هاءِ! هلي ويو،

ڪونهي ڪوئـِي قصور ڪُنڀارَ؛

ڪَرَمَ ڪَسي ڪاڻيتي ڪيئَڙيس.

ساهڙ! سڻ سانبارا سڏڙا،

منهن مانگر مَڇَ هيڻيءَ هڏڙا،

’اختر‘ آهيان تو آڌارَ؛ 

پريئم! توءِ پناري پيئڙيس.

 

علي بخش ”رضا“

ياد پون ِ ٿا يار... مٺا ماروئڙا.

جيسين جئندس جيڏيون،...

تيسين پرين ِ پڪار،...او...ياد پون...

نه ڪا ”ڪُن فَيَڪُون“ هئي،....

 اڳ ته ڏيءَ جي ته تنوار...او... ياد پون...

آسرو ندڙي آهيان،...

دم نه ٿيندس ڌار...او...ياد پون...

’رضا‘ تن سپرين ريءَ،...

جيئڻ زارون زار...او...ياد پون...

وائي

خليفو نبي بخش لغاري مرحوم

ڪو پـِريان جو پانڌي آئڙو، مون گهر اچي.

پَسي پانڌي پـِرَ جو، هوند بيراڳڻ بَچي_

ساريو پنهنجا سپرين، پاڻ مُراد ڙي پچي_

سُڻي سندو سڄڻين، نـِيهه نياپڙو نچي_

وايون ورڻ سنديون، ڪانگ سڻايم سچي_

’قاسم‘ اٿم آسرو، پـِريَم مانَ پرچي_

احمد خان ”اختر“

 

ويٺي وقت وئوم، سخت سُئوم؛

آهه پُڇاڻو پرينءَ جو.

 

وقت وڃايم ويسلي، روئڻ رت رهئوم_

ماڻڪ مون نه ميڙيا، ڪَٺو ڪچ ڪئوم_

هئي هئي هاڻ هَڄي هـِنيون، جيئڻ جاڙ ٿئوم_

ڍول َ ڍڪين تون ڍَٻيون، ’اختر‘ عرض اهوم_

احمد خان ”آصف“

راڻل سڻ تون ر ِيہَ، ڪانڌ ڪري وڃ ڪاڪ نه ڪاري.

تنهنجي تات تپايو مون کي، پورن لاتي پيہ؛

                       ويتر مهڻن آهيان ماري.

سرتيون سڀئي حال سندم تي، ٽهڪ ڏين ٿيون ٽيہ؛

                         کـِليوکـِيلو ڪن سي خواري.

وارث منهجو تون وَر وَلَهو، منهنجي لڄ ۽ ليہ؛

                          سوڍل سائين توتي ساري.

تنهنجو شان شرف ٿيو شاهي، مون ۾ مديون ويہ؛

                     ’آصف‘ ڪوجهي مان ڪاڻياري.

گيت

 

گورڌن محبوباڻي

او پونم جي رات سهاڳڻ، ڪر سورهن سينگار!

آهه ڪيو انجام اچڻ جو، اڄ تنهنجي دلدار!

 

پيشانيءَ تي تلڪ چنڊ جو،

سهڻو، سر هو ڄڻ سر کنڊ جو؛

چانڊوڪيءَ جي سندر ساڙهي،

۽ تارن جا هار؛

او پونم جي رات سهاڳڻ،ڪر سورهن سينگار!

 

گگن-منڊل ۾ ديپ جلائي،

ڇڏ بادل جي سيج سجائي؛

ڪـِرڻن جي ڪومل تارن تي،

ڇيڙ مڌر جنهنڪار:

او پونم جي رات سهاڳڻ، ڪر سورهن سينگار!

 

ساجن سامهون گهونگهٽ لاهي،

چئج ته رات اڄوڪي آهي؛

ويهه ته پيار ونڊيون، او پريتم،

پرهه ڪنديسين ڌار!

او پونم جي رات سهاڳڻ، ڪر سورهن سينگار!

 

نثار ”بزمي“

 

هڪ سسئي، سؤ سُور

پنڌ پڇائيندي وتي، صدما سهائيندي وتي!

سڌ نه ڪا سنسار جي،

دل بکي ديدار جي،

ڳڻ نه ڪا سينگار جي،

ياد جنهن کي يار جي:

وڻ وڄائيندي وتي، صدما سهائيندي وتي!

 ساهه کي ساري نه ٿي،

واهه ٻي واري نه ٿي،

گهر اندر اگياري نه ٿي،

خون کي ٺاري نه ٿي:

لڙڪ ڳاڙيندي وتي، صدما سهائيندي وتي!

 

ڪيچ ڏي ڪاهي هلي،

هيڪلي آهي هلي،

ٺاهه ڪي ٺاهي هلي،

ساهه کي ساهي هلي:

وک ورائيندي وتي، صدما سهائيندي وتي!

 

تيز تر طوفان سان،

باد ۽ باران سان،

گوڙ ۽ گمسان سان،

 جابلو ميدان سان:

ٿي مٿا ڏيندي وتي، صدما سهائيندي وتي!

 

توڏي وانگر ٿي رڙي،

سوز ۾ پيئي سڙي،

گهاٽ ٿي دل ۾ گهڙي،

ڪين ٿي ڪاڏي لڙي:

دل دکائيندي وتي، صدما سهائيندي وتي!

نظم

شيخ اياز

ٿَر ۾ ڪهڙا ٿاڪ،

                      ٿڪن جا،

ٿــَر ۾ ڪهڙا ٿاڪ!

واري ساري واٽ،

نه ڪائي ڇانو، نه ڪائي ڇاٽ،

مَٿان آ ٽاڪ،

                      ٿڪن جا؛

ٿَر ۾ ڪهڙا ٿاڪ!

ڀــِني نه تــِن لاءِ ڀُونءِ،

تتي تي پير پچي ٿيا پون،

چڪن ٿا چاڪ،

                  ٿڪن جا؛

ٿَر ۾ ڪهڙا ٿاڪ!

لَٿي نه تن جي اُڃ ّ،

ورائي ڪير، سموري سُڃ ّ!

وڄن ٿا واڪ،

                  ٿڪن جا؛

ٿَر ۾ ڪهڙا ٿاڪ!

مـِليو نه تن کي ماڳ،

اُنهن جو ڀُلي ڀُلي پيو ڀاڳ،

کِلي ٿي خاڪ،

                   ٿڪن جا؛

ٿَر ۾ ڪهڙا ٿاڪ!

نياز همايوني

اچو ته بي قرار ٿيون

اچو ته بي قرار ٿيون،

جو دردمند دل جي واسطي قرار  ٿو کپي،

خزان نصيب زندگي جي لئه بهار ٿي کپي،

اچو ته بي قرار ٿيون.

هي صبح زهرخند ڇو، هي شام دلفگار ڇو،

هي رات فڪرمند ڇو هي وقت غم شعار ڇو،

هي لال ڪنوار ڪائنات هاءِ سوگوار ڇو،

اچو ته گهوٽ ٿي سڀئي، انهيءَ تي جان نثار ٿيون؛

اچو ته بي قرار ٿيون.

بهار جهڙي آرزو، سقم نصيب ڇو رهي،

بهشت جهڙي زندگي،الم نصيب ڇو رهي،

هي آدمي هي ناخدا، ستم نصيب ڇو رهي،

انهيءَ غريب ساڻ اهل دل ٿي غمگبار ٿيون؛

اچو ته بي قرار ٿيون.

عظيم ٿيون جبل، جيان، وسيع شهر وانگ ٿيون،

محيط آسمان جيان، عميق بحر وانگ ٿيون،

حسين ماهتاب جان، عجيب مهر وانگ ٿيون،

زمينَ جي گلن جيان، دلين جا شهريار ٿيون؛

اچو ته بي قرار ٿيون.

هي بي اصول بي وقار بندگيءَ جي زندگي،

هي تشنه روح خسته جسم زندگيءَ جي زندگيءَ،

نٿي کپي نٿي کپي گندگيءَ جي زندگي،

اچو ته موت سان لڙي، حيات جو وقار ٿيون؛

                                اچو ته بي قرار ٿيون.

هي ميڻ جا مسيح ۽ هي سنگ و خست جا خدا،

نصيب جا نقيب ۽ بلند و پست جا خدا،

ڪري سگهيا نه ڪو بلو، هي بندوبست جا خدا،

انهن جي لاءِ ڪيستائين، محو انتطار ٿيون؛

اچو ته بي قرار ٿيون.

سليم ڳاڙهوي

نماءُ

ڪيترا سج چنڊ ۽ تارا اچانڪ ٿيا عيان،

نُور جي برسات ٿي، روشن ٿيو سارو جهان.

بادلن جي اوٽ مان بجليون اُٿيون ڀڙڪا ڪري،

روشني پکڙي زمين تي، جلوه گر ٿيو آسمان.

ڄڻ ته مشعالون ٻريون، شمعن پسايا ڪي شعاع،

يا ڏِيا، فانوس ۽ شعلا نظر آيا نوان.

ڄڻ ته ڪي  هيرا، جواهر، لعل، موتي لک مڙيا،

زيب، زينت، حسن ۽ رنگت جا دريا ٿيا روان.

ڄڻ ته ڪي لاله، گلاب ۽ زعفران ظاهر ٿيا،

سرو، سنبل ۽ سمن جهوليا نزاڪت ناز سان.

يا ته ڄڻ ڪو جنگ جو سامان نمايان ٿي ويو،

تيغ تلوارون، تيز، خنجر، سنان، تير ۽ ڪمان.

روشنيون، رعنائيون سالم نظر آيون ’سليم‘،

مون ڏٺو توکي اکين آڏو جڏهن نور-جهان!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com