سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1962ع

مضمون

صفحو :17

ان کان پوءِ ٽن ٺهرائن  ذريعي، مدرسي بورڊ وارن کي اپيل ڪئي ويئي جو اهي لياري  مدرسي کي ڊاڪٽر مرحوم جو نالو ڏين. ڊاڪٽر مرحوم جي وارثن کي گذارش ڪئي ويئي ته سندس لئبريري ”ڀٽ ثقافتي مرڪز“ کي مرحوم جي نالي ۾ ڏني وڃي ۽ پاڪستان تاريخي سوسائٽيءَ تي زور آندو ويو ته اهي ڊاڪٽر مرحوم جو ابن خلدون وارو ترجمو ڇپائين جو ڪم ان جي زندگيءَ ۾ شورع ڪيو ويو هو ۽ بي سبب بعد ۾ روڪيو ويو. ان کان پوءِ ميٽنگ پوري ٿي     _عزيز الرحمان ٻگهيو، جوائنٽ سيڪريٽري سنڌي ادبي سوسائٽي_ڪراچي

نوشهرو فيروز- تاريخ 22-نومبر تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول نوشهري فيروز ۾، مرحوم شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽا جي چوٿين ورسي  ملهائي.

استادن ۽ شاگردن گڏجي مرحوم ڊاڪٽر صاحب جي حياتيءَ تي سندس ٻالپڻي کان وٺي آخر دم  تائين،انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ تفصيلوار روشني وڌي.

 شاگردن  مان قاضي غلام مصطفيٰ متعلم نائين جماعت، انگريزيءَ ۾ ۽ سيد ظفر علي شاهه متعلم ستين جماعت، سنڌيءَ ۾ تمام سٺيون تقريرون ڪيون.

آخر ۾ جناب هيڊ ماستر صاحب، مرحوم ڊاڪٽر صاحب جي حياتيءَ ۽ ڪارنامن تي روشني وجهندي، سڀني شاگردن کي مرحوم دائود پوٽي جي زندگيءَ مان سبق پرائڻ لاءِ سندس محنت ۽ جفاڪشيءَ جي تقليد ڪرڻ جي تلقين ڪئي. جلسي جي اختتام تي ڊاڪٽر صاحب لاءِ  دعا مغفرت پڻ گهري ويئي.

گمبٽ-22 –نومبر تي، علامه دائود پوٽي صاحب  جي ورسي زير صدارت استاد مسٽر محمد قاسم صاحب، هه-م اسڪول گمبٽ نمبر 2 جي ملهائي ويئي. ورسيءَ جي ڪاروائي تلاوت ڪلام پاڪ سان شروع ڪئي ويئي. جنهن کان پوءِ شاگردن مان عبدالرشيد ميمڻ، دين محمد، محمد قبول ۽ غلام النبي شيخ مرحوم دائود پوٽي صاحب جي زندگيءَ ۽ حالات تي روشني وڌي ۽ پوءِ استاد محمد قاسم صاحب جن پڻ سرسري طور سندن زندگيءَ ۽ ڪارنامن تي ڳالهايو ۽ استادن ۽ شاگردن کي تلقين ڪئي ته مرحوم دائود پوٽي صاحب جي ڪارنامن ۽ زندگيءَ مان سبق حاصل ڪري سندن نقش قدم تي هلي، پاڻ کي به صاحب ممدوح جيان وطن ۽ قوم ۾ پيارو بڻائين. آخر ۾ قل پڙهي مرحوم کي بخشيا ويا. دعائي خير بعد ورسي خير خوبيءَ سان ختم ڪئي ويئي.

ڪنڊيارو- اڄ 22-نومبر 1942 تي، ڳوٺ الهه بخش ٽانوري تعلقه ڪنڊياري ۾، علامه دائود پوٽي جي ورسي زير صدارت هيڊ ماستر مسٽر مولا بخش جي ملهائي ويئي. علامه صاحب جي زندگيءَ تي قربان علي ٽانوري، ن. م. ۽ الهه بخش ٽانوريءَ روشني وڌي. شاگردن سان گڏ شهر ها باشندا به چڱي تعداد ۾ شريڪ ٿيا. آخر ۾ مرحوم لاءِ دعا گهري جلسو ختم ڪيو ويو.

ميهڙ  22-نومبر تي، هتي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾، سر زمين سنڌ جي محبوب شخصيت علامه دائود پوٽي جي ورسي نهايت ئي اهتمام ۽ عقيدت سان ملهائي ويئي. مسٽر عبدالقيوم صاحب هيڊ ماستر جي صدارت ۾ مجلس شروع ٿي، جنهن ۾ ڪافي شاگردن علامه مرحوم جي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي ڳالهايو. خاص طرح سان محمد ابراهيم ڏهون ڪلاس،  حسن جعفر ڏهون ڪلاس، اقبال نائون ڪلاس نهايت سهڻي پيرائي ۾ ڳالهايو ۽ مسٽر غلام مصطفيٰ شيخ ڊرائنگ ماستر ۽ مسٽر محمد صديق خميساڻي اسٽنٽ ماستر پڻ علامه جي زندگيءَ تي چڱي روشني وڌي. انهيءَ کان پوءِ غلام مصطفيٰ دادوي صاحب، علامه جي زندگيءَ تي ڳالهائيندي چيو ته ”جيتوڻيڪ علامه مرحوم جي وفات ڪئي چار سال گذري ويا آهن، پر علامه جي جدائيءَ جو غم ۽ درد ڄڻ اڄوڪو پيو محسوس ٿئي.“

هن صاحب فرمايو ته ”علامه دائود پوٽو صاحب، هڪ وڏو محقق هو ۽ هن ۾ وڏو اخلاق هو جنهن جو هر دل تي بيپناهه اثر ٿي ويندو هو.“ آخر ۾ مسٽر عبدالقيوم صاحب، مرحوم جي خوبين تي روشني وجهندي، شاگردن کي تلقين ڪئي ته اوهان کي علامه جي زندگيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ پاڻ کي قوم ۽ ملڪ جي خدمت جو اهل بنائڻ گهرجي. ان بعد دعاء-خير سان مجلس برخواست ٿي.

سنڌي زبان جا مسئلا

يوم سنڌي زبان

(تعليمي ڪميشن جي رپورٽ، ۽ ان جي سنڌي زبان متعلق سفارشن جي خلاف، سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن، عالمن ۽ ايڊيٽرن ۽ شاگردن  جا مسلسل جدوجهد ڪئي آهي، اها سنڌي ادب جي  تاريخ ۾ هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿي. ان متعلق ’مهراڻ‘ نمبر 3، 62ع ۾ سنڌ جي عالمن ۽ غير سنڌي ليڊرن ۽ دانشورن جا بيان، ۽ سنڌ جي اخبارن جا ايڊيٽوريل نوٽ ڏنا ويا آهن.

هن جامع ۽ معلوماتي تبصري ۾ مسٽر شمشير الحيدريءَ سنڌي زبان سوسائٽي جي قيام 1940ع کان وٺي، 13 آڪٽومبر 62ع تائين؛ جنهن ڏينهن گورنمينٽ پاڪستان هڪ  خاص آرڊيننس سان، سنڌي زبان جي اڳوڻي حيثيت کي تسليم ڪيو آهي، عالمن جي ڪيل خدمت  جو سير حاصل ذڪر ڪيو آهي.

ان آرڊيننس جي نفاذ کان پوءِ سنڌ جي سڀني ادبي جماعتن گڏجي خوشيءَ طور  9 نومبر 62ع تي يوم سنڌي زبان ملهايو. اها ڪارگذاري، ٺهرائن سميت پيش ڪئي وئي آهي. (ادارو) پاڪستان سرڪار جي ”قومي تعليمي ڪميشن“ جي رپورٽ ۾ تجويز ڪيل انهن نام نهاد سفارشن خلاف،  جن جي عمل ۾ اچڻ سان سنڌي زبان جي بنيادي تعليمي حيثيت ختم ٿي رهي هئي، سنڌ جي هر طبقي طرفان پوري جوش خروش جو مظاهرو ڪيو ويو. ”رپورٽ“ جي ظاهر ٿيندي ئي، سنڌ جي بعض سمجهدارن اُن جي انتهائي نتيجن کي تاڙي ورتو، ۽ مارشلائي دور هوندي به ”سنڌي زبان سوسائٽي“ جو وجود عمل ۾ آندو ويو (1960)، جنهن جيتوڻيڪ پنهنجي وقت سر سر گرمين سان انهيءَ مسئلي کي هڪ طرف عام تائين پهچائڻ لاءِ ڪافي ڪم ڪيو، ۽ ٻئي طرف پنهنجي مافي الضمير کي، ڪنهن  به طرح، اختياريءَ وارن جي توجهه تي آڻي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ سوسائٽيءَ هڪ عرضداشت مرتب ڪئي، جا اول اول رسالي ’مهراڻ‘ ۾ ڇپي ۽ پوءِ سنڌ جي سڀني روزانه اخبارن ۾ شايع ٿي. ۽ اها صدر مملڪت پاڪستان جي خدمت ۾ موڪلي وئي، ان سلسلي ۾ ’سنڌي زبان سوسائٽيءَ حيدرآباد‘ هڪ وفد وزير تعليم جناب حبيب الرحمان سان روبرو تبادله خيالات لاءِ موڪليو،(1)

 

ان وفد وزير ’تعليم‘ سان حيدرآباد اسٽيشن تي ملاقات ڪئي، ۽ وزير تعليم کي، سنڌي زبان جي سڀني مسئلن  متعلق متاثر ڪيو، ۽ قانوني دائري اندر ڪم ڪرڻ تي اڪتفا ڪئي.

ڪجهه وقت کان پوءِ اها عرضداشت صدر مملڪت ڏانهن پهچائي وئي. اها عرضداشت سنڌي زبان سوسائٽي پاران، تيار ٿيل سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ناصر مورائي (اڳئين سيڪريٽر سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد) ڇپائي، اُنهن ئي ڏينهن ۾ سڄي پاڪستان جي پڙهيل حلقن، سفارتخانن ۾ سرڪار تائين پهچائي ويئي.

ان وقت کان وٺي،  تعليمي ڪميشن جي سفارشن خلاف محاذ رڳو سنڌيءَ جي فرض شناش اخبارن دوران جاري رهندو آيو. سنڌ جي مختلف ادبي جماعتن  ۽ سڄاڻ شخصيتن مسلسل پنهنجا بيان، ٺهراءَ ۽ مطالبا پئي دهرايا، ۽ اخبارن جي وسيلي، اُهي هن مسئلي کي هروقت تازو رکندا ۽ وڌيڪ طاقتور بنائيندا رهيا. بعض اخبارن ته تعليمي ڪميشن جا خوب ڇوڏا لاٿا، بلڪ اُن کي ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جي حد تائين سنڌي زبان جي حقن جي ترجماني ڪئي. مارشل- لا جي مدت ختم ٿيڻ بعد، انهيءَ تحريڪ ۾ تهان وڌيڪ تيزي آئي. نه صرف تعليمي ڪميشن جي سنڌي زبان سان تعلق رکندڙ مذموم سفارشن کي سنڌ علائقي ۾ مڃڻ کان انڪار جي صورتحال پيدا ٿيڻ لڳي، بلڪ سڄي ملڪ ۾، خصوصاً اوڀر پاڪستان ۾، تعليمي ڪميشن جي رپورٽ  جي ٻين به ڪن سفارشن خلاف هڪ غوغاءُ مچي ويو. هر هنڌ شاگردن جا عام مظاهرا ٿيڻ لڳا، ۽ ملڪ جي سوين شاگردن  بک هڙتالون شروع ڪري ڏنيون. حيدرآباد ۾، ۽ سنڌ جي بعض ٻين شهرن ۾، تعليمي ڪميشن جي سنڌيءَ بابت سفارشن خلاف پڻ هڙتالون ڪيون ويون. شاگردن جي انهن ڪاروائين سببان نازڪ حالتون پيدا ٿي وئيون،جن ملڪ جي سياستدانن ۽ معتبرن کي چئلينج ڪيو. هيءَ هڪ بهرحال، تعليمي ڪميشن جي سفارشن خلاف سنڌ جي اديبن، صحافين، تعليمي ماهرن، دانشورن، شاگردن ۽ عوام جي سمورن سمجهدار حلقن طرفان ڪيل ابتدا کان پوءِ، ملڪ  جي هر حصي مان اُڀرندڙ اختلافي آواز کي نظرانداز ڪندي، دٻاءَ ۽ لالچ کي آزمائيندي، سمجهائيندي، آخرڪار، حالات جي فطري عروج  حاصل ڪرڻ بعد،  بدنظميءَ جو اُپاءُ، سرڪار جي سڳوريءَ بارگاهه ۾، عام راءِ  کي احترام ڏيڻ جي صورت ۾ نتيجه خيز بنيو_ ۽ ان طرح اسانجن اسمبلين جي نمائندن پڻ چڱو پاڻ موکيو. ان سلسلي ۾ قومي اسمبليءَ جي سنڌي نمايندن، ۽ اولهه اوڀر پاڪستان جي ليڊرن، عالمن اديبن، دانشورن پڻ سخت احتجاج ڪيو. ان سان گڏ سنڌ جي روزانه اخبارن، ’عبرت‘ حيدرآباد، هلال پاڪستان حيدرآباد، خادم وطن حيدرآباد، ’مهراڻ‘ ڪراچي، نوائي سنڌ ڪراچي، انڊس ٽائمس (انگريزي) حيدرآباد، ۽ ’مهراڻ‘ سه ماهي حيدرآباد، بصيرت افروز ايڊيٽوريل لکيا. ۽ گورنمينٽ کان تقاضا ڪئي ته جلد کان جلد سنڌي زبان جي اڳين حيثيت بحال ڪئي وڃي. ازنسواءِ، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ادبي سنگت، بزم طالب الموليٰ ۽ جمعيت الشعراءِ ۽ ٻين سنڌي ادبي ادارن ريزوليشن پاس ڪري، سنڌي زبان جي بحالي لاءِ زوردار مطالبا ڪيا. اها ساري مفصل ڪارگذاري عالمن ۽ ليڊرن جا بيان، ۽ اخبارن جا اقتباس ۽ ادبي جماعتن جا ٺهراءَ رسالي، ’مهراڻ‘ (سنڌي ادبي بورڊ) 2، 62ع ۾ ڇپيل آهي.

14-آڪٽومبر 1962ع تي، هڪ آرڊيننس ذريعي، پاڪستان سرڪار سنڌي زبان کي هن علائقي جي تعليمي ادارن ۾ ساڳيءَ ريت جاري رکڻ جو اعلان ڪيو، جنهن سڀني کي دلي خوشي ڏني. ٽن سالن تائين پنهنجي مستقبل جي مدفن تي ماتم  ڪرڻ بعد، يڪايڪ زندگيءَ جي واپسيءَ تي، ماضيءَ ۽ حال جي سمورن امانتدارن لاءِ هيءُ عجيب عيد جو موقعوهو. زبان قوم جي زندگي آهي، ۽ تعليم زندگيءَ جي روشني. چنانچه سنڌي زبان جي تعليمي حيثيت جي بحاليءَ سان، سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾، زندگي اچي ويئي. ان جو عملي اظهار، بيڪ وقت، ”يوم سنڌي زبان“ جي صورت ۾، ”9-نومبر 1962ع تي، شهرن ۽ ڳوٺ ۾، سنڌي ڳالهائيندڙ عوام جوش خروش سان ڪيو.

”يوم سنڌي زبان“ جي تحريڪ. سنڌيءَ  جي تعليمي حيثيت کي رد ڪندڙ سفارشن تي سال 1964ع کان مڪمل طرح عمل ٿيڻو هو، جنهن جو اعلان ٽي سال اڳ ڪيو ويو هو. تعليمي ڪميشن جي انهن سفارشن موجب، سنڌيءَ جي نجي تعليم جيڪا ستن درجن تائين رائج آهي، سا پنجن درجن تي ختم ڪري، اڳتي لاءِ صرف اڙدو زبان ذريعي تعليم ڏيڻي هئي. ان طرح، سنڌي زبان جيڪا هن وقت اعليٰ تعليم تائين استعمال ٿيندڙ آهي، سا خود بخود  ختم ٿي وڃي ها. ”قوم ۽ قومي ثقافت جي وجود جو دارومدار ٻوليءَ تي آهي. پر اها ٻولي جيڪا فقط گهرن جي چوديوارين ۾  ۾ يا رڳو زندگيءَ جي رواجي ۽ مختصر معاملن ۾ ئي ڪم  ٿي اچي، ۽ قوم جي علمي ۽ ادبي ضرورتن ۽ قومي  زندگيءَ جي ٻين اهم معاملن لاءِ ڪارگر نه آهي، سا موجوده زماني ۾ قوم ۽ قومي ثقافت جي وجود جو ڪو ڀروسي جهڙو بنياد نٿي بنجي سگهي. ظاهر آهي ته سنڌي ثقافت کي جيڪڏهن زنده رهڻو آهي، ته ان لاءِ سنڌي زبان کي پڻ زنده رهڻ گهرجي. نه فقط زنده رهڻ، بلڪ ان کي لازمي طرح هڪ اعليٰ علمي ۽ ادبي زبان پڻ بنجڻ گهرجي“ هن وقت، انگريزن جي رٿيل سرشتي موجب ستن درجن تائين سنڌي پڙهيل نوجوانن جي تعليم به ايتري ته مختصر ۽ اڻپوري ٿي ٿئي جو اها کين پنهنجيءَ زبان جي بيمثال خوبين ۽ ان جي لافاني ادب جي عظمت سان ڪڏهن به روشناس نٿي ڪري، البت هو  رڳو پنهنجي مادري زبان جي لکيل نصابي ڪتابن تائين پهچيو وڃن. مادري زبان جي  نجي  تعليم جي اِها مختصر واٽ ’فائنل‘ تي اچي ختم ٿيو وڃي، جيڪا تمام غريب طبقي جي واٽ آهي، ۽ سا به تمام ٿورن ماڻهن لاءِ روزگار جو هڪ خسيس سهارو ٿي بنجي. سنڌ ۾ تعليم تمام محدود آهي، ۽ متواتر غير مقامي حڪومتن جي اثر هيٺ، ان جي ڦهلاءَ جا وسيلا سدائين غيرفني  ۽ نه هئڻ جهڙا رهيا آهن. ان حالت ۾، سنڌ جي علمي ادبي ترقيءَ ۽ معاشي ۽ اقتصادي سڌاري لاءِ ڪيترن ناگفته به مشڪلاتن جي موجودگيءَ ۾، ويتر سنڌي تعليم کي اڃا به محدود ڪرڻ سان هوند  ڪو به ’سنڌي ذهن‘ موجود نه رهي ها، ۽ عزت جي زندگي به سندس آئيندي جي نصيب مان سدائين لاءِ نڪري وڃي ها.

پنهنجي همه گير احتجاج جي ڪنهن به معقول رد عمل ۽ تدارڪ کي نه ڏسي، جيئن جيئن سنڌيءَ جي عملي طرح ختم ٿيڻ وارو زمانو ويجهو پوندو ويو، تيئن تيئن مايوسيءَ ۽ شڪست خوردگيءَ جا احساس هوريان هوريان اُسرڻ لڳا. انهيءَ ڪيفيت کي قومي موت جي پيش خيمي سان تعبير ڪيو ويندو آهي. زبان جي علمي ۽ تعليمي حيثيت ختم ٿيڻ سان تهذيبي  موت هڪ طرف، ۽ ’جرم ِ ضعيفي‘ جي سزا طور، ’مرگِ مفاجات‘ ٻئي طرف!

صورتحال جي تفصيلي اندازي بعد، هڪ  آخري ۽ انتهائي ڪوشش طور، حيدرآباد جي ”سنڌي ادبي سنگت“ پاران سنڌ جي سمورين ادبي ۽ ثقافتي جماعتن ۽ ادارن توڙي با اثر شخصيتن کي، هڪ مفصل ٺهراءَ ذريعي، اپيل ڪئي ويئي ته هو تعليمي ڪميشن جي سفارشن خلاف ڪنهن عملي قدم کڻڻ لاءِ هڪ ڪُل جماعتي ڪنوينشن يا ’آل سنڌ تعليمي ڪانفرنس‘ ڪوٺائڻ جو انتظام ڪن. ان سلسلي ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“، جي نالي سان هر هنڌ قائم ٿيل سمورين ادبي جماعتن جي مرڪزي تنظيم، ”سنڌ سنگت“، پنهنجو هڪ نمائنده اجلاس حيدرآباد ۾ ڪوٺايو، جنهن ۾ حيدرآباد جي ’سنڌي ادبي سنگت‘ ”يوم سنڌي زبان“ ملهائڻ جي تحريڪ پيش ڪئي.

”سنڌ سنگت“ جي ڊيليگيٽ ڪانفرنس.

14- آڪٽومبر 1962ع، آچر ڏينهن، صبح جو ڏهين بجي، حيدرآباد جي جامعه عربيه هال (تلڪ چاڙهي) ۾، ”سنڌ سنگت“ جي ڊيليگيٽ ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن ۾ سڀني ضلعن کان آيل، سنڌي ادبي سنگتن جي متعدد نمائندن کان علاوه، شهر جي ڪيترن ئي اديبن ۽ادب دوستن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس جي صدارت محترم محمد عثمان ڏيپلائيءَ ڪئي. شمشير الحيدري، اجلاس جو مقصد واضح ڪيو، جنهن بعد ناصر مورائي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، غلام رباني،مقبول احمد ڀٽي، عبدالوحيد صديقي ۽ ڏيپلائي صاحب  سنڌي زبان جي مسئلن بابت  پنهنجا خيال ظاهر ڪيا.

ابتدائي ڪارروائيءَ ۾ ’سنڌ سنگت‘ جي تنظيمي مسئلن تي ويچاريو ويو، ۽ ان لاءِ هڪ تنظيمي ڪاميٽي  چونڊي ويئي، جنهن وري شام جو پنهنجي  اوائلي ميٽنگ ۾ ’سنڌ سنگت‘ جي نين چونڊن ڪرائڻ تي غور ڪيو، ۽ اِن لاءِ 9- ڊسمبر 62ع تي، نوابشاهه ۾ عام اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو. جو ڪن سببن جي ڪري في الحال ملتوي ڪيو ويو.

ڊيليگيٽ ڪانفرنس “ ان کان پوءِ، ”يوم سنڌي زبان“ ملهائڻ جي رٿ پيش ٿي، جنهن کي يڪراءِ منظور ڪيو ويو. ان لاءِ هڪ جامع پروگرام پڻ رٿيو ويو، جنهن موجب، سڀني پاسن ڏانهن دورا ڪري، سنڌ جي سمورين ادبي ۽ سماجي جماعتن، شخصيتن اخبارن ۽ عوامي حلقن جي تعاون سان، ڪنڊ ڪڙڇ ۾ همه گير احتجاجي مهم هلائڻي هئي. ’يوم سنڌي زبان‘ ملهائڻ لاءِ هڪ ابتدائي ’ائڪشن ڪاميٽي‘ پڻ جوڙي ويئي، جنهن  تي سنڌي ادبي سنگت پاران شمشير الحيدري (اڳوڻي جنرل سيڪريٽري، ’سنڌ سنگت‘) ۽ ناصر مورائي (اڳوڻي سيڪريٽري) کي چونڊيو ويو . ڪاميٽيءَ کي اختيار ڏنو ويو ته وڌيڪ ميمبر پاڻ سان شامل ڪري، ’يوم سنڌي زبان‘ ملهائڻ جي تاريخ مقرر ڪري، ۽ ان کي ڪامياب بنائڻ لاءِ هر قسم جا اپاءَ اختيار ڪري.

’سنڌ سنگت‘ جي ڊيليگيٽ ڪانفرنس ڏينهن جو اڍائي  بجي تائين جاري رهي، جنهن  بعد تنظيمي ڪاميٽيءَ جو اجلاس شروع ٿيو. ان ۾ ’سنڌ سنگت‘ جي تنظيمي معاملن تي ويچاريو ويو، ۽ آخر ۾ ٺهراءَ بحال ڪيا ويا.

اهم ٺهراءُ سنڌي زبان جي باري ۾ هو، جنهن ۾ تعليمي ڪميشن جي سفارشن جي سخت مذمت ڪئي ويئي، ۽ سنڌيءَ کي سرڪاري زبان تسليم ڪرڻ  جو مطالبو دهرايو ويو. انهيءَ ٺهراءَ ۾ ٻين به سڀني علائقائي زبانن کي سرڪاري زبان طور تسليم ڪرڻ جي حمايت ڪئي ويئي.

هڪ ٺهراءَ ۾  حڪومت جو ڌيان ڇڪائيندي، تقاضا ڪئي ويئي ته هن علائقي جي بنيادي جمهوريتن جو رڪارڊ سنڌيءَ بدران اڙدوءَ ۾ رکڻ جي رجحان کي روڪيو وڃي.

هڪ ٺهراءَ ۾ اختياريءَ وارن تي زور آندو ويو ته حيدرآباد ۾ قائم ڪيل، سرڪاري خرچ سان هلندڙ، سنڌ پراونشل لئبريءَ جي انتظام کي سڌاريو وڃي، ۽ ان ۾ سنڌي ڪتاب مهيا ڪيا وڃن.

’ڪينجهر‘ ڍنڍ جي اصل ناليکي تبديل ڪرڻ واري قدم کي تاريخي ۽ ثقافتي لحاظ کان نامناسب قرار ڏيندي، حڪومت کي گذارش ڪئي ويئي ته اصل نالو قائم رکيو وڃي.

سنڌي زبان جي تعليمي مسئلن تي غور ڪندي، شاگردن جي سرگرمين کي ضابطي هيٺ آڻڻ لاءِ حڪومت جي نافذ ڪيل ”يونيورسٽي آرڊيننس“ کي پڻ رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ۽ شاگردن جي جدوجهد کي ساراهيندي، سندن مطالبن جي پرزور تائيد ڪئي ويئي.(1)

هڪ ٺهراءَ ذريعي، حڪومت تي زور آندو ويو ته ملڪ جي دستور ۾ اقوام متحده جي بنيادي انساني حقن کي ضرور شامل ڪيو وڃي.

”9-نومبر 1962ع“.

ساڳئي ڏينهن شام جو ”يوم سنڌي زبان“ ملهائڻ واريءَ ائڪشن ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ حيدرآباد جي مختلف ادبي ۽ اِشاعتي جماعتن_ بزم طالب المولا، ادارهء آواز ادب، زندگي پبليڪيشن ۽ سنڌو ساڻيهه سنگت- ۽ سنڌ يونيورسٽي، سچل سرمست ڪاليج، سنڌ ڪامرس ڪاليج، سٽي آرٽس ڪاليج ۽ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جي ادبي مجلسن جي نمائندن کي ’ائڪشن ڪاميٽيءَ‘ ۾ شامل ڪيو ويو. ائڪشن ڪاميٽيءَ، 9-نومبر تي، جمعي ڏينهن، ”يوم سنڌي زبان“ ملهائڻ جو اعلان ڪيو.

خوش قسمتيءَ سان، ساڳئي ڏينهن، سرڪار پاران سنڌي زبان جي اڳين تعليمي حيثيت کي بحال ڪرڻ جو آرڊيننس راولپنڊيءَ ۾ جاري ڪيو ويو، جنهنڪري تعليمي ڪميشن جي سنڌيءَ بابت سفارشن خلاف وڌيڪ احتجاج ڪرڻ بجاءِ، سنڌي زبان سان پنهنجي دلي وابستگيءَ جي اظهار طور، ”يوم سنڌي زبان“ کي هاڻي خوشيءَ ۽ شادماني جي صورت ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ائڪشن ڪاميٽيءَ، پنهنجين مسلسل نشستن ۾، سنڌي زبان، ادب ۽ ثقافت سان تعلق رکندڙ تقريباً سڀني پهلوئن تي غور ڪيو، 25 ٺهراءَ تيار ڪيا، ۽ سنڌ جي سمورين قابل ذڪر ادبي ۽ سماجي جماعتن کي ”يوم سنڌي زبان“ جو پروگرام، ٺهراءَ وغيره پهچايا ويا. ”يوم سنڌي زبان“  جي انهيءَ مقرريءَ ۽  پروگرام کي سڄيءَ سنڌ ۾ قبوليو ويو، ۽ 9- نومبر  1962ع تي، شهرن توڙي  ڳوٺن ۾، انتهائي سنجيدگيءَ سان، سنڌي زبان جي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تعليمي صلاحيتن جو ڪامياب مظاهرو ڪيو ويو. شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ادبي مجلسون، مشاعرا، ناٽڪ ۽ ثقافتي نمائشون ڪيون وئيون؛ هر هنڌ پبلڪ جلسا ڪيا ويا؛ شاگردن جلوس ڪڍيا؛ اسٽوڊنٽس يونين ۽ ٻارن جي ڦلواڙيءَ هر هنڌ پنهنجون الڳ  ميٽنگون ڪيون؛ سڀني  اخبارن ’يوم سنڌي زبان‘ بابت ايڊيٽوريل لکيا، ۽ سنڌي ادب ۽ ثقافت بابت شعر ۽ مقالا شايع ڪيا: اِن طرح، ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌي زبان جو پرچار ڪيو ويو، ۽ ان جي ترقيءَ، حفاظت ۽ خدمت جو نئين سر عهد ڪيو ويو. چند ڪارروايون هيٺ پيش ڪجن ٿيون.

حيدرآباد.

حيدرآباد ۾ ”يوم سنڌي زبان“ ڌام ڌوم سان ملهايو ويو. ’سنڌ سنگت‘ جي فيصلن مطابق، سڄيءَ سنڌ ۾ ’يوم سنڌي زبان‘ ملهائڻ جو مرڪز حيدرآباد کي ٺهرايو ويو هو، ۽ انهيءَ ڪري ائڪشن ڪاميٽيءَ تي به حيدرآباد جي ادبي ادارن جي نمائندگي رکي ويئي. حيدرآباد جي مختلف ادبي ادارن جي انهيءَ ائڪشن ڪاميٽيءَ پاران، پنهنجن سمورن جماعتي وسيلن سان، مختلف ادبي ۽ ثقافتي  پروگرا، پيش ڪيا ويا. شام  جي پنجين بجي کان، تلڪ چاڙهيءَ تي سردار بهادر محمد بخش هال ۾، هر طبقي جا سنڌي سڄڻ وڏي تعداد ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا. ٻاهر ”يوم سنڌي زبان“ جو اشتهار لڳل هو، ۽ رنگ برنگي روشنين سان دروازي  کي سينگاريو ويو هو. سنڌي ادبي سنگت، پاڪستان رائيٽرس گلڊ (سنڌي)، بزم طالب المولا، اداره آواز ادب، زندگي پبليڪيشنس، سنڌو ساڻيهه سنگت، ۽ سنڌ يونيورسٽي ۽ مقامي ڪاليجن جي سنڌي ادبي مجلسن جا ڪارڪن اڳي ئي موجود هئا ائڪشن ڪاميٽي ۾ شامل مٿين ڇهن ادبي ادارن جا جماعتي نشان (مونوگرام) اسٽيج  تي لڳل هئا. ٿوريءَ ئي دير ۾ سڄو هال ڀرجي ويو، ۽ ڪيترن ئي سنڌيءَ جي شائقن کي موٽي وڃڻو پيو. سنڌيءَ جي اٽڪل ڏيڍ هزار شيدائن جواهو عظيم الشان اجتماع حيدرآباد جي تاريخ ۾ ياد گار رهندو.

جلسي جي صدارت بورڊ آف انٽرميڊئيٽ ائنڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن جي چئرمن، ڊاڪٽر غلام حسين صاحب جعفريءَ ڪئي، ۽ ائڪشن ڪميٽيءَ جي ڪنوينر، شمشيرالحيدريءَ، ڪارروائي هلائي.

پهرين حاجي عبدالڪريم سومري قرآن مجيد جي تلاوت ڪئي، جنهن بعد شاهه، سچل ۽ ساميءَ جو ڪلام پڙهيو ويو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ، اِنهيءَ موقعي لاءِ لکيل هڪ مقالو پڙهيو، جنهن ۾ سنڌي زبان جي اوسر ۽ ان جي ادبي ۽ تعليمي حيثيت جو مجمل جائزو ورتل هو. ان بعد، تنوير عباسيءَ جو لکيل، سنڌي زبان جو ترانو_”شال جيئي هيءَ مٺڙي ٻولي، جنهن ۾ ماءُ ڏني هئي لولي“، شيخ عبدالغفور ڳائي ٻڌايو.

سنڌيءَ  جو ترانو

شال جيئي هيءَ مٺڙي ٻولي،

جنهن ۾ ماءُ ڏني هئي ٻولي!

لفظ انهيءَ جا موتيءَ داڻا،

جُملا جواهر جيان سيباڻا:

تن سان ڀريل آ منهنجي جهولي...

اهڙي سُندرتا، اهڙي مدَرتا،

ڄڻ ڪو دريا اُٿلي پيو آ:

ڄڻ ته ڇُلي پيئي ڪا ڇولي...

سنڌو سگهندو ڪونه مٽائي:

هاڻي مون اک آهي کولي...

-شال جيئي هيءَ مٺڙي ٻولي!

ان کان پوءِ ’نياز‘ همايونيءَ جي طويل نظم ”مڪليءَ“ جو ڊرامائي خاڪو (ٽيبلو)، ريڊيو پاڪستان جو رڪارڊ ڪيل ”سنڌي ادبي سنگت“ طرفان پيش ڪيو ويو. پهرين شمشير الحيدريءَ ان جو تاريخي پس منظر پيش ڪيو. ڊرامي ۾ سنڌ تي ارغونن جي ڪاهي اچڻ ۽ سنڌ جي مشهور سُورمي دريا خان جي حب الوطنيءَ جو ياد گار داستان دهرايو ويو هو.

ان کان پوءِ تقريرن جو دور  هليو. نور محمد هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر مسٽر الهه بخش نظاماڻي، سنڌ اورينٽل ڪاليج جي پرنسپال  مخدوم امير احمد، منشي عبدالشڪور وڪيل ۽ محترم محمد عثمان ڏيپلائيءَ سنڌي زبان جي ادبي ۽ تعليمي حيثيت بابت مختلف پهلوئن تي تقريرون ڪيون، ۽ ان جي ترقيءَ ۽ حفاظت جي اُپائن، توڙي رڪاوٽن ۽ حق تلفين تي تفصيلي روشني وڌي. نظاماڻي صاحب تعليمي ڪميشن جي رپورٽ کي سراسر ناقص ٺهرايو، ۽ مخدوم صاحب سنڌيءَ ۾ علمي ۽ فني ڪتابن جي پيدائش تي زور ڏنو. منشي صاحب ظاهر ڪيو ته ”آءٌ گذريل سورهن سالن کان اڄ جهڙي زبردست ۽ بامقصد اجتماع ڏسڻ جي خواهش رکندو رهيس. ههڙي جوش خروش ۽ اهتمام وارو هيءُ اجلاس، سچ پچ ته تعميري دور جو آغاز پيو معلوم ٿئي.“ ڏيپلائيءَ صاحب سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۽ صحافت متعلق انگ اکر ٻڌايا، ۽ ڊڪلريشن  متعلق تڪليفون بيان ڪيون. ان طرح، سنڌي زبان جي باري ۾ ڪيتريون ئي ڪارگر حقيقتون سڀني جي سامهون آيون. لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي هڪ شاگرد، مسٽر سردار احمد، اڙدوءَ ۾ شاهه صاحب جي ڪلام بابت تقرير ڪئي، شاهه جي شاعرانه عظمت جو اعتراف ڪيو.

ان کان پوءِ سنڌي زبان  جي علمي، ادبي، تعليمي ۽ ثقافتي مسئلن سان تعلق رکندڙ ڪُل  25 ٺهراءَ، يڪراءِ، جوش خروش سان منظور ڪيا ويا. ائڪشن ڪميٽيءَ جا رٿيل اهي ٺهراءَ، ’يوم سنڌي زبان‘ جي سلسلي ۾ ڪيل جلسن ۽ ميٽنگن ۾ هر هنڌ بحال ڪيا ويا، جيڪي اڳواٽ سڀني ادبي ۽ سماجي جماعتن کي پهچايا ويا هئا.

ٺهراءُ

(1) سنڌي ڳالهائيندڙ اديبن، شاعرن، تعليمي ماهرن، دانشورن، شاگردن ۽ معزز شهرين جوهيءُ اجلاس پاڪستان سرڪار جي انهيءَ فيصلي کي ساراهي ٿو، جنهن موجب هن علائقي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي زبان جي اڳينءَ حيثيت کي بحال ڪيو ويو آهي_ ۽ ان کي هڪ دانشمندانه قدم قرار ڏيندي. پنهنجي دلي اطمينان ۽ خوشيءَ جو اظهار ٿوڪري. هن اجلاس کي اُميد آهي ته سنڌي زبان جي ترقيءَ لاءِ سرڪار سمورا ضروري وسيلا مهيا ڪندي.

 (2) سنڌي زبان صدين کان وٺي هن علائقي جي سرڪاري زبان رهي آهي، ۽ اها سڀني سرڪاري توڙي نيم سرڪاري ادارن ۽ ڪورٽن ۾ استعمال ٿيندي رهي آهي. گذريل چند سالن کان، ڪن سرڪاري ادارن ۾ اهڙا امڪان پيدا ٿي چڪا آهن، جن سان سنڌي زبان جي استعمال واري سرشتي تي نقصانڪار اثر پئجي رهيوآهي. مثال طور، سرڪاري نوٽس بورڊ، فارم، وغيره، سنڌيءَ ۾ نٿا لکيا وڃن. هن اجلاس جو پرزور مطالبو آهي ته اها صورتحال هڪدم ختم ڪئي وڃي، ۽ سنڌي زبان کي پاڪستان جي ’سرڪاري زبان‘ تسليم ڪيو وڃي.

(3) سنڌي زبان، سنڌ اندر رهندڙ سمورن ماڻهن جي وچ ۾، سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو هڪ عام ذريعو آهي_ ۽ سمورن سرڪاري ملازمن، واپارين ۽ ٻين ماڻهن کي ان جي ڄاڻڻ ۽ سکڻ جي ضرورت آهي. انهيءَ حقيقت کي نظر ۾ رکندي، سابق سنڌ سرڪار سمورن نون سنڌي شاگردن لاءِ سنڌي زبان جي سکيا لازمي ٺهرائي هئي، ۽ سرڪاري ملازمن کي به لازمي طرح سنڌيءَ جو امتحان پاس ڪرڻو ٿيندو هو. ڏٺو ويو آهي ته نه رڳو انهيءَ قاعدي تي ڪو به عمل نٿو ڪيو وڃي، بلڪ خاص طرح مشنري اسڪولن ۾ سنڌيءَ جي تعليم کي ترڪ ڪيوويو آهي. انهيءَ ڪري هيءُ اجلاس تقاضا ٿو ڪري ته ثانوي سطح تي سنڌيءَ جي تعليم انهن سڀني شاگردن لاءِ لازمي ٺهرائي وڃي، جن جي مادري زبان سنڌي نه آهي، ۽ پڻ سرڪاري ملازمن لاءِ سنڌيءَ جو امتحان لازمي ٺهرايو وڃي. ساڳئي وقت، مشنري اسڪولن کي هدايت ڪئي وڃي ته هو سنڌيءَ جي تعليم جاري رکن.

(4) هيءُ اجلاس سخت ڏک جو اظهار ٿو ڪري ته سنڌ جي ڪيترن تاريخي ۽ ثقافتي اهميت وارين جاين جا اصل نالا تبديل ڪيا ويا آهن. مثال طور  ”ڪينجهر“ ڍنڍ جو اصل نالو بدلائي ”ڪلري“ رکيو ويو آهي. هن علائقي جي عوام توڙي اخبارن طرفان اصل نالن کي ملڪ جي تهذيبي ورثي طور قائم رکڻ لاءِ بار بار سرڪار جو ڌيان ڇڪايو ويو آهي. هيءُ اجلاس پُرزور تقاضا  ٿو ڪري ته هن علائقي جي تهذيبي آثارن جي حفاظت ڪئي وڃي، ۽ تاريخي اهميت وارين جاين جي نالن  بدلائڻ جو طريقو ختم ڪيو وڃي.

(5) هيءُ اجلاس حڪومت کان زوردار مطالبو  ٿو ڪري ته ”غلام محمد براج“ جو نالو بدلائي، ان تي هن سر زمين جي عظيم شاعر، ’شاهه  عبدالطيف‘  جو نالو رکيو وڃي.

(6) گولاڙچي (تعلقو ٽنڊو محمد خان) جو اصل نالو تبديل ڪري، بورڊ آف روينيو جي هڪ ميمبر جي نالي پويان، ”ٽنڊو اڪرم“ رکيو ويو آهي. هيءُ اجلاس مطالبو ٿو ڪري ته گولاڙچيءَ جو اصل نالو قائم رکيو وڃي.

(7) هيءَ اجلاس انتهائي افسوس جو اظهار ٿو ڪري ته گذريل اٺن سالن کان وٺي ڪراچيءَ جي تعليمي اختياريءَ وارن ڪو هڪڙو به نئون سنڌي اسڪول نه کوليو آهي__۽ وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه هيءَ آهي ته ڪيترائي اڳي قائم ٿيل سنڌي اسڪول بند ڪيا ويا آهن. ڪراچيءَ جا ڪيترا سنڌي اسڪول اهڙا آهن، جن جي مرمت نه ٿي آهي، اهي ڊهي چڪا آهن، جيئن مولانا عبدالله سنڌي اسڪول، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي اسڪول، انهن جي فوراً مرمت ڪرائي وڃي. ڪراچيءَ جو شهر سنڌ جو دارالحڪومت ٿي رهيو آهي، ۽ شروع کان وٺي سنڌي ادب، تعليم ۽ ثقافت جو مرڪز رهندو آيو آهي. هن وقت به ڪراچيءَ سان سنڌي عوام جو تمام گهرو تعلق آهي، ۽ منجهس اٽڪل ست لک سنڌي آباد آهن. هيءُ اجلاس پرزور مطالبو ٿو ڪري ته ڪراچيءَ ۾ نوان سنڌي اسڪول ڪافي تعداد ۾ کوليا وڃن، ۽ موجوده سڀني اسڪولن کي چارٽ، نقشا، رجسٽر وغيره سنڌيءَ ۾ مهيا ڪيا وڃن.

(8) ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سال 1955ع تائين سنڌي زبان امتحاني ذريعي طور رائج  هئي، پر پوءِ ان کي بنا ڪنهن  سبب جي ختم ڪري ڇڏي ويو آهي. هيءُ اجلاس ڪراچي يونيورسٽي جي اختياريءَ وارن کان پرزور مطالبو ٿو ڪري ته سنڌي کي امتحاني ذريعي طور جلد بحال ڪيو وڃي.

(9) سنڌ يونيورسٽيءَ سان ملحق تعليمي ادارن جي شاگردن کي داخلائن، اسڪالرشپن ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي موقعن کان محروم رکيو ويو آهي، جنهنڪري هن علائقي جي شاگردن توڙي مائٽن ۾ سخت تشويش پيدا ٿي آهي. هيءُ اجلاس، انهيءَ ڪري، مطالبو ٿو ڪري ته هن علائقي جي شاگردن کي اعليٰ ۽ غير ملڪي تعليمي لاءِ اسڪالرشپن توڙي پوسٽ گريجوئيٽ ۽ فني تعليم جي ادارن ۾ داخلائن جو پورو حصو ڏنو وڃي__ جهڙوڪ لاهور جو رائل ڪاليج، لاهور جو اسڪول آف پبلڪ هائيجن، ڪراچيءَ جو بيسڪ انسٽيٽيوٽ، وغيره.

(10) ڳچ وقت اڳي سنڌ يونيورسٽيءَ جي اختياريءَ وارن اعلان ڪيو هو ته سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي ترقيءَ ۽ تحقيق لاءِ ”سنڌي اڪيڊمي“ کولي ويندي. پر نهايت افسوس آهي جو اهڙي مفيد پروگرام کي اڃا تائين عمل هيث نه آندو ويو آهي. هيءُ اجلاس سنڌ يونيورسٽيءَ جي اختياريءَ وارن کان پرزور تقاضا ٿو ڪري ته ”سنڌ اڪيڊميءَ“ جي اسڪيم کي جلد کان جلد عمل ۾ آندو وڃي.(1)

(11) سنڌي زبان ۾ سنڌي زبان بابت ڪيترن ئي ڊگري ڪورس ڪندڙ عالمن جي لکيل ٿيسيس، کي،جن جي لکڻ سان انهن سنڌ يونيورسٽيءَ کان سندون حاصل ڪيون آهن، ڇپائڻ جو ڪوبه اهتمام نه ڪيو ويو آهي. سنڌي زبان ۽ ادب جي ذخيري کي وڌائڻ لاءِ ۽ سنڌي يونيورسٽيءَ ۽ ان فاضل مصفن جي محنتن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هيءُ اجلاس مطالبو ٿو ڪري ته اهي ٿيسيس، فوراً سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ڇپايون وڃن.

(12) سنڌي ادبي بورڊ هن علائقي جو هڪ اهم ادارو آهي،جنهن سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ عملي طرح بهترين ڪم ڪيو آهي. هن وقت جيڪا گرانٽ حڪومت پاران ملندڙ آهي، سا سنڌي ادبي بورڊ جي ضرورتن موجب ڪافي نه آهي. بورڊ کي سنڌي زبان جي ادبي ترقيءَ لاءِ جيڪي ڪم ڪرڻا آهن، تن جي وسعت کي نظر ۾ رکندي، هيءُ اجلاس حڪومت کي گذارش ٿو ڪري  ته ايندڙ مالي سال کان بورڊ کي ڪم از ڪم ٻيڻي گرانٽ ڏني وڃي، ۽ پڻ بلڊنگ  گرانٽ  الڳ ادا ڪئي وڃي.

(13) سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنڌي زبان لاءِ ٽائيپ رائيٽر تيار ڪرڻ  جو فيصلو ڪيو ويو هو. هيءَ اجلاس بورڊ کي گذارش ٿو ڪري ته اهو ڪم تمام جلد مڪمل ڪيو وڃي.

(14) هيءُ اجلاس محسوس ٿو ڪري ته تعليم جو سمورو دارومدار استاد طبقي جي خوشحاليءَ تي آهي، ۽ سنڌ جي استادن  جي حالت نهايت ابتر آهي. بار بار تقاضائن جي باوجود، اختياريءَ وارن ان طرف ڪو به ڌيان ڪونه ڏنو آهي. هيءُ اجلاس زوردار مطالبو ٿو ڪري ته سنڌي استادن جا پگهار ايترا وڌايا وڃن جو هو باعزت شهرين جيان زندگي گذاري، تعليم کي مڪمل ترقي وٺائي سگهن.

(15) ”سنڌ پراونشل لئبرريءَ“ ڪيترن سالن کان قائم ڪيل آهي، ۽ حڪومت جي خرچ تي هلندڙ آهي. حيدرآباد جهڙي اهم شهر ۾ هجڻ جي باوجود، لئبرريءَ جا منتظم ڪتابن جو سٺو ذخيرو موجود نه ڪري سگهيا آهن، جنهن مان علم ادب جو ذوق رکندڙ طبقو پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري سگهي، خاص طرح، لئبرريءَ ۾ سنڌي ڪتاب نٿا رکيا  وڃن. هيءُ اجلاس حڪومت کي گذارش ٿو ڪري ته ”سنڌ پراونشل لئبرري“ جي منتظمن کي لئبرريءَ جي معيار وڌائڻ ۽ سنڌي ڪتاب مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي.

(16) هيءُ اجلاس حڪومت کان مطالبو ٿو ڪري ته سنڌي ڳالهائيندڙ عوام لاءِ پوسٽ کاتي ۾ استعمال ٿيندڙ فارم، مني آرڊر فارم، وغيره سنڌيءَ ۾ ڇپرايا وڃن. هيءُ اجلاس حڪومت کان وڌيڪ مطالبو ٿو ڪري ته سنڌ جي عظيم صوفي شاعر، ”شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ“  جي ورسيءَ جي موقعي تي ٽپال جون يادگار ٽڪليون جاري ڪيون وڃن.

(17) هيءَ اجلاس حڪومت کان مطالبو ٿو ڪري ته هن علائقي ۾ ريلوي اسٽيشن جا بورڊ، ٽڪيٽ، نرخناما، ٽائم ٽيبل، وغيره سنڌي زبان ۾ تيار ڪرايا وڃن.

(18) هيءَ اجلاس ڏک سان ظاهر ٿو ڪري ته ڪن غير سنڌي آفيسرن جي ڪوشش سان هڙئي سنڌي رسالا ۽ ڪيتريون ئي سنڌي اخبارون بند ڪيون ويون آهن. هيءُ اجلاس زوردار مطالبو  ٿو ڪري ته فيبروري 1920ع تائين جيڪي به رسالا ۽ اخبارون جاري هيون، تن جا ڊڪلريشن بحال ڪيا وڃن.

(19) ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ، قلات، لسٻيلي ۽ ڪراچيءَ جي ٻڌندڙن لاءِ اڳي پيش ٿيندڙ سنڌي پروگرام بند ڪري ڇڏيو آهي. هيءَ اجلاس ريڊيو اختياريءَ وارن کي گذارش ٿو ڪري ته اهو پروگرام وري شروع ڪيو وڃي.

(20)هيءُ اجلاس سنڌ جي سڀني اسڪولن  ۽ڪاليجن جي اختياريءَ وارن تي زور ٿو آڻي ته هو پنهنجون مخزنون سنڌي زبان ۾ شايع ڪن، ۽ سنڌيءَ ۾ ڊبيٽون ڪرائين.

(21)هيءُ اجلاس سڀني سنڌي خانگي  ادارن، ٽرانسپورٽ ڪمپنين، دڪانن، هوٽلن وغيره کي گذارش ٿو ڪري ته  هو پنهنجا بورڊ، ٽڪيٽ، فارم، بل، رسيدون وغيره سنڌيءَ ۾ استعمال ڪن.

(22) هيءُ اجلاس سنڌي جي شاهوڪار شخصيتن کي اپيل ٿو ڪري ته هو سنڌي زبان ۽ سنڌي ثقافت جي سرپرستي ڪن، ۽ انهيءَ ڏس ۾ سنڌي فلمن تيار ڪرڻ ۽ سنڌي دستڪاري کي جديد تجارتي بنيادن تي فروغ ڏيڻ ۾ فرخدليءَ سان سرمايو سيڙائين.

(23)موجوده صورتحال تي ويچاريندي، هيءُ اجلاس هر هڪ سنڌي فرد کي اپيل ٿو ڪري ته هو سنڌي زبان، ادب ۽ تعليم جي سرپرستي ڪري: هر موقعي تي سنڌي زبان ۾ ڳالهايو وڃي_ هر شخص سنڌي ڪتاب، سنڌي اخبارون ۽ سنڌي رسالا لازمي طرح خريد ڪري پڙهي، سنڌي مائٽ پنهنجن ٻارن کي لازمي طرح تعليم ڏيارين، ۽ کين خاص طرح سنڌي اسڪولن  ۾ پڙهيائين.

(24) هيءُ اجلاس  بنيادي جمهوريت  جي سنڌي ميمبرن کي اپيل ٿو ڪري ته هو پنهنجن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سنڌي اسڪول ۽ لئبرريون کولڻ تي خاص ڌيان ڏين، ۽ پنهنجو رڪارڊ سنڌيءَ ۾ رکن.

(25) آخر ۾ هيءَ اجلاس سنڌي زبان جي تعليمي حيثيت کي بحال ڪرائڻ لاءِ سنڌيءَ جي سڀني سرپرستن جي ڪوششن کي عام طرح، ۽ سنڌي اخبارن، اهل قلم ۽ شاگرد طبقن جي  جدو جهد کي خاص طرح ساراهي، ٿو ۽ اُميد ٿو رکي ته هو سنڌي زبان جي ترقيءَ ۽ حقن بابت پنهنجي جائز جدوجهد کي جاري رکندا، ۽ سنڌ ۾ تعليمي بيداري پيدا ڪرڻ جي هلچل هلائيندا.

ٺهرائن  کان پوءِ ”عهد نامو“ پيش  ٿيو. ڇپيل عهد نامو پهرين سڄي هال ۾ تقسيم ڪيو ويو، ۽ ان بعد سڀني حاضر مردن خواهه عورتن، نوجوانن ۽ بزرگن، اُٿي بيهي، هر هڪ فقرو پنهنجيءَ زبان سان اُچاري، عهدنامي جا سمورا فرض پاڻ تي عائد ڪيا. اُهو منظر ڏسڻ وٽان هو، جڏهن هن عظيم اجتماع جو هر فرد، اُٿي بيهي، هٿ مٿي کڻي، بار بار پڪاري رهيوهو: ”اسين عهد ٿا ڪريون ته سنڌيءَ جي سرڪاري حيثيت ضرور تسليم ڪرائينداسين! عهدنامو هن طرح آهي.

عهد نامو

1.      اسين عهد ٿا ڪريون ته اڄ کان وٺي، هر وقت ۽ هر هنڌ سنڌيءَ ۾ ڳالهائينداسين:

2.     اسين عهد ٿا ڪريون ته هميشه سنڌي اخبارون، سنڌي رسالا ۽ سنڌي ڪتاب خريد ڪري پڙهنداسين:

3.     اسين عهد ٿا ڪريون ته پنهنجن گهرن ۾ سدائين سنڌي ٻولي قائم رکنداسين:

4.     اسين عهد ٿا ڪريون ته  پنهنجي اولاد کي سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيارينداسين.

5.     اسين عهد ٿا ڪريون ته هر هنڌ ۽ هميشه تن، من ۽ ڌن سان سنڌي زبان جي خدمت ڪندا رهنداسين:

6.     اسين عهد ٿا ڪريون ته سنڌيءَ جي سرڪاري حيثيت ضرور تسليم ڪرائينداسين!

[’يوم سنڌي زبان‘_ جمعو، 9_نومبر، 1962ع]

تقريرن ۽ ٺهرائن جي ڪارروائيءَ بعد، ”انڊس آرٽ انسٽيٽيوٽ“ پاران هڪ ڊرامائي خاڪو، ”مارئيءَ جون ست راتيون“، مسٽر غلام حيدر صديقيءَ جو مرتب ڪيل ۽ ريڊيو پاڪستان جو رڪارڊ ڪيل، پيش ڪيو ويو،جنهن ۾ شاهه جي ڪلام تي مشتمل، حب الوطنيءَ جو مشهور داستان سمايل هو. ان بعد (سنڌو ساڻيهه سنگت) پاران هڪ مزاحيه فيچر ”ڪنجوس“ ۽ ”ينگ اسماعيليه ڪلچرل سوسائٽيءَ“ پاران سنڌي لوڪ ناچ ”هو جمالو پيش ڪيا ويا. فقير عبدالغفور ۽ سندس ساٿين سچل سر مست  جو ڪلام ڳايو، شيخ عبدالغفور، تنوير عباسيءَ ۽ شمشيرالحيدريءَ جو ڪلام ٻڌايو، ۽ مسٽر داد محمد بلوچ مائوٿ آرگن وڄايو.

آخر ۾ محترم حيدر بخش جتوئيءَ پنهنجو زندگي بخش ڪلام ٻڌايو، ۽ رات جو دير سان، يارهين بجي، ”يوم سنڌي زبان“ جي هيءَ  شاندار تقريب ختم ٿي.

9- نومبر 1962ع تي سنڌ ۾ هر هنڌ  ”يوم سنڌي زبان“ ملهايو ويو؛ پر  بعض هنڌن تي مقرر تاريخ کان پوءِ به انهيءَ سلسلي کي جاري رکيو ويو. چنانچه حيدرآباد جي ’لياقت ميڊيڪل ڪاليج‘ جي شاگردن 25- نومبر تي ’يوم سنڌي زبان‘ وڏي شان ۽ مان سان ملهايو، ۽ هالا جي ’بزم سنڌي ادب‘ پاران ايندڙ 8- ڊسمبر تي ’يوم سنڌي زبان‘ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

حيدرآباد جي لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن پاران، 25-نومبر  62ع تي، آچر ڏينهن، سنڌ پراونشل ڪو آپريٽو انسٽيٽيوٽ هال ۾، هڪ ثقافتي نمائش ڪئي ويئي. صبح جو ڏهين بجي، لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي ائڊمنسٽريٽر، پروفيسر ايم .ايم. حسن، نمائش جو افتتاح ڪيو، ۽ شام جي پنجين بجي تائين اُها کُليل رکي ويئي. شهر جي اٽڪل پنج سؤ اديبن، تعليمي شخصيتن، شاگردن ۽ عام شهرين، مردن خواهه عورتن، نمائش ڏٺي. سنڌي ساز_مثلاً يڪتارو، مُرلي، بنسري، بينون، چنگ، نڙ، بوڙينڊو، چپڙيون، سرندو، گَهڙو، وغيره؛ سنڌي هٿيار، جن ۾ ميرن  جي وقت جي بندوق ۽ تلوار  به هئي؛ سنڌي لباس، سنڌي ڪپڙو، ڪپڙي تي ڀرت جو ڪم، چمڙي تي چانديءَ جو ڪم، جنڊيءَ ۽ ڪاشيءَ  جو ڪم ، ٽامي ۽ پتل جو ڪم: اِهي، ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڏسڻ لائق شيون دستياب ڪري رکيون ويون هيون. سنڌي سازن، لباس ۽ زيورات بابت، مسٽر ظفر ڪاظميءَ جون ڏهاڪو کن تصويرون به نمائش لاءِ رکيل هيون. هڪڙيءَ ڪنڊ ۾، ”سنڌي هاريءَ جي حياتي“، ظفر ڪاظمي جي تصويرن ذريعي پيش ڪيل هئي، جنهن ۾ ڪاٺ جي ٺهيل ماڊل ذريعي، هاريءَ  کي هر هلائيندي، اناج اُپائيندي ڏيکاريو ويو هو، ۽ پويان تصويرن ۾، سندس  ٻچن جي بک ۽ بيڪسيءَ جو دردناڪ نظارو چٽيل هو. سڄي هال کي رنگارنگي جهنڊن ۽ جهالرن سان خوب سينگاريو ويو هو. وچ ۾ اٽڪل چار سؤ  چونڊ ڪتاب نمائش لاءِ رکيل هئا، جنهن ۾  قديم ۽ جديد، نمائنده شاعرن جا اٽڪل 25 ديوان، بياض يا رسالا، سنڌ ۽ ڀارت ۾ ڇپيل ناول، ڊراما افساسن جا مجموعا، نوان ۽ پراڻا ادبي ۽ تعليمي رسالا، ديني ۽ تاريخي تصنيفون، ۽ سنڌ جي بمبئيءَ سان لاڳو هجڻ واري وقت کان وٺي اڄ تائين جا، ٻاراڻي کان وٺي ستين درجي تائين، سمورا درسي ڪتاب پڻ، دستياب ڪري رکيا ويا هئا.

هندوستان جي تيرهن سنڌي اشاعتي  ادارن جي ڪتابن کان علاوه، سنڌ جي هيٺين اشاعتي ادارن جا ڪتاب نمائش ۾ رکيا ويا. (1) سنڌي ادبي بورڊ؛ (2) آر. ايڇ. احمد برادرس، حيدرآباد؛ (3) محمد يوسف برادرس حيدرآباد؛ (4) اسلاميه دارالاشاعت، حيدرآباد؛ (5) ادارهء انسانيت، حيدرآباد؛ (6) پاڪستان رائيٽرس گلڊ؛ (7) سچل ڪو آپريٽو اڪيڊمي، حيدرآباد؛ (8) مصري شاهه ميموريل ڪوآپريٽو ڪائونسل، نصرپور؛ (9) پرديپ پبليڪيشنس، حيدرآباد؛ (10) سنڌي ڪتاب گهر، حيدرآباد؛ (11) اداره آواز ادب، حيدرآباد، (12) اداره سنڌي ادب، ٽنڊو محمد خان، (13)اداره گلشن ادب، ٽنڊو محمد خان، (14) گلزار لئبرري، حيدرآباد؛(5) جيلاني پبليڪيشنس، بدين؛(16)شاگرد پبليڪيشن، بدين؛ (17)لطيف پبليڪيشنس، بدين؛ (18) اداره ادب  نو، حيدرآباد؛ (19) زندگي پبليڪيشن، حيدرآباد؛ (20) اداره شهباز ادب، حيدرآباد؛ (21) اداره فروغ ادب، ڪراچي؛ (22) نئين سنڌي ادبي سوسائٽي، حيدرآباد؛ (23) آواز سنڌ پبليڪيشن، نوابشاهه؛ (24) سنگت پبليڪيشن، نوابشاهه؛ (25) فيروز پبليڪيشن، هالا؛ (26) قليچ پبليڪيشنس، حيدرآباد؛ (27) اداره نواي ادب، ڳوٺ عطا محمد پلي؛ (28) انجمن اماميه، حيدرآباد؛ (29) عجائب اسٽور، سکر؛ (30) رفيق ويلفيئر ڪمپني، هالا؛ (31) ايڊيو ڪيشنل بُڪ ڊيپو، حيدرآباد؛ (32) الوحيد لميٽيڊ، ڪراچي. نئين دور جي مٿين اشاعتي ادارن مان ڪيترائي هن وقت بند ٿي ويا آهن.

پروفيسر ايم. ايم. حسن، نمائش جي افتتاح ڪندي، پنهنجيءَ تقرير ۾ ظاهر ڪيو ته ”آءٌ سنڌي ثقافت جي هن شاندار مظاهري کان بيحد متاثر  ٿيو آهيان، ۽ ڪيتريون ئي اهڙيون قابل ديد چيزون مون اڄ   هتي ڏٺيون آهن، جيڪي اڳي ڪڏهن به نه ڏٺيون هيم.“ هن پنهنجي شاگردن کي صلاح ڏني ته ” ههڙي قسم جا نماءَ اوهان کي گهڻو اڳ ڪرڻ کپن ها، ۽ هن بعد آءٌ اوهان سان هر ڪو تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“ محترم ڊاڪٽر صالح محمد ميمڻ پڻ شاگردن  پاران پنهنجي ثقافت سان ورتل دلچسپيءَ تي کليءَ طرح داد ڏنو، ۽ پنهنجي  انتهائي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. پروفيسر ايم.ايم. حسن ۽ ڊاڪٽر صالح محمد ميمڻ جا رايا، ۽ مسٽر مصطفيٰ ملڪ، وائس پريزيڊنٽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج اسٽوڊنٽس يونين جو انٽريو، شام جو ريڊيو پاڪستان پنهنجي  ’نيوز ريل‘ پروگرام ۾ پيش ڪيا. بعض غير ملڪي ماڻهن به نمائش ڏٺي، ۽ بيحد متاثر ٿيا.

حيدرآباد.

ساڳئي ڏينهن، شام جو، بيسنت هال ۾ ادبي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه فارسيءَ جي صدر، ڊاڪٽر نبي بخش صاحب قاضيءَ ڪئي. شهر جي هر طبقي ۽ خيال جي ماڻهن، مردن خواهه عورتن، تمام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تلاوت قرآن مجيد کان پوءِ شيخ عبدالغفور ”سنڌيءَ جو ترانو“ ڳايو، ۽ ڪارروائي شروع ٿي. پروفيسر محبوب علي چنه، پرنسپال جامعه عربيه ڪاليج، ” يوم سنڌي زبان“ جي مناسبت سان هڪ دلپذير  تقرير ڪئي، جنهن بعد ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سنڌي زبان جي تعليمي حيثيت بابت پنهنجو مقالو پڙهيو. ان کان پوءِ محترم قاضي صاحب پنهنجي صدارتي تقرير ڪئي، جنهن ۾ صاحب موصوف سنڌ جي هڪ خاص قسم جي ريشمي ڪپڙي، ”سنڌڻ“، بابت پنهنجا  تحقيقي معلومات پيش ڪيا، ۽ قديم زمانن کان دنيا جي مختلف زبانن ۾ انهيءَ نالي جي متواتر استعمال  جون سندون پيش ڪري، سنڌي تمدن جي اوائلي اوج، و سعت ۽ ناماچار تي روشني وڌي.

ان کان پوءِ مشاعرو ٿيو، جنهن ۾ عبدالجبار شام، زيب عاقلي، امداد حسيني، علي محمد مجروح، تنوير عباسي ۽ شمشيرالحيدريءَ بهرو ورتو.

 ان بعد هڪ ڊرامائي خاڪو اسٽيج تي پيش ڪيو ويو_”علاج“. ان ۾ ڊاڪٽري ترت علاج جي ڀيٽ ۾، قديمي طول طويل طريقهء علاج تي طنز ڪئي ويئي هئي.

فقير عبدالغفور ۽ سندس ساٿين سچل سر مست جو ڪلام ڳائي ٻڌايو؛ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي شاگرد، مسٽر شاهنواز شاهه، شاهه ڀٽائي جو  ڪلام ڳائي ٻڌايو؛ لونگ خان يڪتاري تي ڪوهياري پيش ڪئي؛ ريڊيو آرٽسٽ شاهه محمد نابينا، بـِينُن تي راڻو  ۽ ڪوهياريءَ جون ڌُنون ٻڌايون؛ مـِٺي خان دِلي  تي وڄت پيش ڪئي؛ ۽ مسٽر عبدالڪريم بلوچ، ريڊيو آرٽسٽ، چنگ جولهرو پيش ڪيو.

آخر ۾ هيٺيان ٻه ٺهراءَ يڪراءِ پاس ڪيا ويا.

(1)  حيدرآباد جي سنڌي ڳالهائيندڙ عالمن، اديبن، شاعرن، تعليمي ماهرن، شاگردن، دانشورن ۽ عام شهرين جوهيءُ اجلاس پاڪستان سرڪار جي انهيءَ دانشمندانه قدم کي ساراهي ٿو، جنهن موجب سنڌي زبان جي تعليمي حيثيت کي بحال ڪيو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾، هيءُ اجلاس وڌيڪ محسوس ٿو ڪري ته  جنهن آرڊيننس ذريعي سنڌي زبان جي تعليمي حيثيت کي بحال ڪيو ويو آهي، تنهن جي قانوني زبان مان  خود به اهڙو ڪو مفهوم نٿو ڪڍي سگهجي، جنهن موجب حڪومت جي انهيءَ فيصلي کي هڪ مستقل فيصلو سمجهي سگهجي، ۽ پڻ سرڪار جي قومي تعليمي ڪميشن جون سنڌي زبان بابت غلط سفارشون اڃا تائين رد نه ڪيون ويون آهن: انهيءَ ڪري، هيءُ اجلاس  تقاضا ٿو ڪري ته سرڪار پاران ترت ئي مٿئين آرڊيننس جي وضاحت ڪئي وڃي، جنهن موجب سنڌي زبان جي تعليمي حيثيت کي بحال ڪرڻ واري فيصلي کي دائمي قرار ڏنو وڃي، ۽ پڻ تعليمي ڪميشن جي رپورٽ ۾ سنڌي زبان جي تعليمي حيثيت کي محدود ڪندڙ سفارشن کي کُليءَ طرح رد ڪيو وڃي. (2) هيءُ اجلاس انهن سمورن ٺهرائن ۽ مطالبن  جي مڪمل تائيد ٿو ڪري، جيڪي گذريل 9-نومبر  1962ع تي، ”يوم سنڌي زبان“ جي سلسلي ۾، حيدرآباد واري عام اجلاس ۾ بحال ڪيا ويا آهن، ۽ جن جي تائيد سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪئي ويئي آهي.

 بدين.

صبح جو گورنمينٽ  پرائمري اسڪول، مسلم اسڪول (غريب آباد) ۽ هاءِ اسڪول جي شاگردن جا  جلوس نڪتا. شهر مان گشت ڪري، سڀئي جلوس هاءِ اسڪول ۾ پهتا، جتي استادن کين خطاب ڪيو. خواجه فرمان علي، مسٽر منظوراحمد، مسٽر عبدالله نيازي ۽ مسٽر مقبول احمد بلوچ، شاگردن کي ’يوم سنڌي زبان‘ جو مقصد سمجهايو. ڪن نون سنڌي استادن، جن جي مادري زبان اڙدو آهي. تن پڻ سنڌيءَ ۾ تقريرون ڪيون، ۽ ڪن استادن سنڌ سکڻ جو وعدو ڪيو.

شام جو مارڪيٽ  چوڪ ۾ عام جلسو ٿيو، جنهن ۾ مولوي آفتاب، سيد شير محمد لڪياريءَ ۽ ٻين تقريرون ڪيون. آخر ۾ ٺهراءَ بحال ڪيا ويا.


(1)                   ان جا ميمبر هي هئا. مسٽر محمد ميمڻ وڪيل، مسٽر حفيظ قريشي وڪيل، سردار علي شاهه ايڊيٽر روزانه ’مهراڻ‘ ڪراچي، غلام محمد ’گرامي‘، ايڊيٽر رسالو ’مهراڻ‘ حيدرآباد، مخدوم امير احمد، پرنسپال اورنٽيئل ڪاليج حيدرآباد، مسٽر علي نواز جتوئي، سنڌ يونيورسٽي.

(1) حيدري ۽ ناصر ادبي سنگت تان ۽ تنوير  عباسي، رائٽرس گلڊ  تان استعفا ڏئي چڪا آهن.

(1) خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي جو سنڌي اڪيڊميءَ جي تشڪيل ۽ عملي ۽ ادبي ڪم ڪار متعلق، ڪم شروع ٿيو آهي، ۽ ان جون ميٽنگون ٿي رهيون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com