سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1962ع

مضمون

صفحو :18

      ٽنڊوالهيار.

اديبن ۽ شهرين جو اجلاس، حڪيم محمد عرس صوفيءَ جي صدارت ۾ ٿيو. مولوي عبدالڪريم سعديءَ ۽ مسٽر ولي محمد طاهر زادي سنڌي زبان بابت تقريرون ڪيون. صوفي صاحب پاران سڀني کي چانهه پارٽي ڏني ويئي. آخر ۾ ٺهراءَ بحال ڪيا ويا.

ٽنڊو ڄام.

ائگريڪلچر ڪاليج جي سنڌي شاگردن پاران، جوش  خروش سان ’يوم سنڌي  زبان‘ملهايو ويو. سنڌي زبان جي اهميت بابت تقريرن ۽ راڳ ساز بعد، ٺهراءُ بحال ڪيا ويا.

هالا.

اسڪولي شاگردن  کي جلد موڪل ڏني ويئي. سروريه ڪاليج ۾ هڪ عام جلسو منعقد ڪيوويو، جنهن ۾ شهر جي معززن، اديبن ۽ شاگردن تقريرون ڪيون، ۽ سنڌي زبان جي قديمي حيثيت ۽ موجوده ضرورتن تي روشني وڌي ويئي. آخر ۾ ٺهراءَ بحال ڪيا ويا، ۽ چانهه پارٽي ٿي.

تلهار.

بزم طالب المولا جي اهتمام سان، مسٽر غلام محمد ’بيدم‘ جي صدارت ۾، شهرين جو عام ميڙ ٿيو. خواجه غلام حسين ’شاد‘، غلام رسول ’افڪار‘، تاج محمد ’تاج‘، غلام علي ’بيڪس‘ ۽ ٻين معززن تقريرون ڪيون. شاهه لطيف ۽ سچل سر مست جو ڪلام ڳايوويو، ۽ آخر ۾ ٺهراءَ بحال ڪيا ويا.

نوابشاهه.

اديبن، شاگردن ۽ شهرين جوميڙ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي آفيس ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت سڄڻ خان رند ڪئي. الطاف عباسي، نور عباسي، منظور حسين ۽ ٻين معززن تقريرون ڪيون. آخر ۾ ٺهراءَ بحال ڪيا ويا.

ڳوٺ دڏ، تعلقو سڪرنڊ.

ڳوٺ دڏ جي ڳوٺاڻن، ’يوم سنڌي زبان‘ جي سلسلي ۾، مسٽر قابل خان اُنڙ جي صدارت هيٺ، هڪ ڪچهري منعقد ڪئي. اُنڙ صاحب جي صدارتي تقرير کان پوءِ، اسڪول جي هيڊ ماستر مسٽر محمد صديق، سنڌي زبان جي قديم ۽ جديد علم ادب تي ۽ موجوده  دور ۾ سنڌي زبان سان پيش آيل هادثن  تي روشني وڌي. اسڪول جي شاگردن شاهه عبدالطيف ، شمس العلماء  مرزا قليچ بيگ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، نواز علي ’نياز‘، محمد اسماعيل عرساڻي ۽ حافظ محمد احسن جو ڪلام، سنڌ، سنڌي زبان، حب الوطني ۽ مختلف  اخلاقي موضوعن تي ڳائي ٻڌايو، ۽ آخر ۾ ٺهراءَ بحال ڪيا ويا.

ڳوٺ مولهڻ، تعلقو نوشهرو فيروز.

چيئرمن يونين ڪائونسل جي صدارت هيٺ جلسو ٿيو، جنهن ۾ کاهي ڪنڍا شريف ۽ کاهي لاهوءَ جي باشندن کي به مدعو ڪيو ويو. چيئرمن، ماستر قمبر علي منگي، ماستر سومر خان ڀٽي ۽ مسٽر محمد مٺل، ميمبر يونين ڪائونسل مولهڻ، سنڌي زبان جن صلاحيتن تي روشني وڌي، ۽ آخر ساز جي محفل ٿي.  ڳوٺ جي هيڊ مستر صاحب پاران سڀني کي چانهه پارٽي ڏني ويئي. آخر ۾ ٺهراءَ  بحال ٿيا، ۽ هڪ ٺهراءَ ذريعي قومي اسيمبلي جي سنڌي ميمبرن کان مطالبو ڪيو ويو ته هو 10-ڊسمبر 62ع کان شروع ٿيندڙ قومي اسميبلي جي اجلاس ۾ سنڌيءَ کي سرڪاري زبان تسليم ڪرائڻ بنسبت بل پيش ڪن.

 دادو.

 ’يوم سنڌي زبان‘ شاندار  نموني ملهايو ويو. گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ٽئين پيرڊ بعد هڪ ميٽنگ ڪئي ويئي، جنهن ۾ استادن ۽ شاگردن تقريرون ڪيون. طالب المولا هاءِ اسڪول ٻارن جي ڦلواڙيءَ به پاڻ ملهايو، ۽ خاص جلسو منعقد ڪيو، جنهن ۾ ڪيترن شاگردن ۽ استادن سنڌي زبان بابت  تقريرون ڪيون، ۽ راڳ ساز جي رهاڻ ٿي.

شام جو، ميونسپل باغ ۾، سنڌي ادبي سنگت طرفان عام جلسو ڪيو ويو. مسٽر تاج جوئي ۽ ٻين معززن ولولا انگيز تقريرون ڪيون ۽ آخر ۾ ٺهراءَ بحال ڪيا ويا. سيتا روڊ گورنمنٽ مڊل اسڪول ۾ هيڊ ماستر صاحب جي صدارت ۾، عام جلسو منعقد ٿيو. استادن ۽ شاگردن پر جوش تقريرون ڪيون. حافظ محمد احسن جو گيت_” آهي اسان لئه بهتر، سنڌي زبان اسان جي“ ڳايو ويو، ۽ آخر ۾ ٺهراءَ بحال ڪيا ويا. رات جو اسڪول جي  عمارت کي چراغان ڪيو ويو، ۽ ڏينهن جو رنگارنگي جهنڊين سان سينگاريو ويو.

ڇتو واهڻ ۽ بخش جتوئي.

محرابپور يونين ڪائونسل جي ميمبر، رئيس فتح خان کوکر جي ڪوشش سان، مٿين ٻنهي ڳوٺن ۾ ’يوم سنڌي زبان‘ ذوق شوق سان ملهايوويو. ٻنهي ڳوٺن جي عوام ۽ اسڪولي شاگردن طرفان جلوس ڪڍيو ويو، ۽ سنڌي زبان جي اهميت تي تقريرون ڪيون ويئون. کوکر صاحب سڀني شاگردن  ۾ مٺائي ورهائي. آخر ۾ ٺهراءَ بحال ڪيا ويا.

ڪراچي.

ايس. ايم. لا-ڪاليج ۾ شاگردن جو وڏو جلسو منعقد  ٿيو. مسٽر حسين عادل جي صدارت  ۾، سندس جڳهه تي،شهر جي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جو شاندار ميڙ ٿيو. کَڏي ۾ عام شهرين ۽ ادب دوستن جو جلسو ٿيو. سڀني سنڌي هنڌن تي زبان بابت تقريرون ڪيون ويئون، شعر پڙهيا ويا، ۽ ٺهراءَ بحال ڪيا ويا.

ميرپور بٺورو.

اديبن،. شهرين ۽ شاگردن جو جلوس پرئڪٽسنگ اسڪول کان نڪتو، جو ’هو جمالو‘ ڳائيندو، تعليمي ڪميشن خلاف  نعرا هڻندو، شهر جي مکيه جاين تي تقريرون ڪندو، پبلڪ پارڪ ۾ پهتو، جتي سيٺ خواجه محمد عيسيٰ جي صدارت هيٺ عام جلسو ٿيو. سنڌي ادبي سنگت ٽيچرس ائسوسئيشن بزم طالب الموليٰ: بزم سنڌي ادب ۽ مختلف تعليمي ادارن جي ڪارڪنن جلسي کي خطاب ڪيو. آخر ۾ ٺهراءَ بحال ڪيا ويا.

سلام ۽ سنيها

ايڊيٽر ’مهراڻ‘ حيدرآباد-السلام عليڪم:

اڄ ويٺي ويٺي، اسٽيشن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ياد آئي آهي. اوهان کي ته معلوم هوندو ته تازو مهينو سوا ٿيو جو هڪ ’جشن موسيقي‘ ملهايو ويو. گهڻن چڱن مڙسن کي ڪوٺ ته ڪانه ڏني وئي، پر ان سان گڏ جيڪي پڳون ٻڌي آيا، تن کي به بي آبرو ڪري ڌڪا  ڏئي ڪڍي ڇڏيائون!، باقي الائي ڪهڙن ماهرن ٻڌو! نظر ڊوڙايم، ته اوهان به ڏسڻ ۾ ڪين آيئو؟، شايد اڳين ڪرسيءَ تي ويٺا هوندئو!

آخر، جاءِ تي وڃي، ريڊئي جي ڪارروائي ٻڌڻي پئي. حيران رهجي ويس ته بنگال، پنجاب ڪراچي ۽ پشاور کان به فنڪار آيا، پر ’سنڌ‘ مان فقط فقير جمن ۽ امير بخش پارا!__ ٻيو ته هيلهه ناروڀڳت، ۽ مصري فقير به موجود ڪين هئا.

آخر حيدرآباد جي ريڊيو سٽيشن، تان ’سنڌي ميوزڪ‘ جومظاهرو ڪرڻ مناسب هو، يا پوري پاڪستاني فن سان روشناس  ڪرڻ فرض هو! مزو اهو جو سلامت  علي ۽ نزاڪت علي،  فتح علي ۽ مبارڪ علي پارن به ٻوڙ پئي هاريو،  البت بنگالي جي فنڪار مائي، نهايت قابل نظر آئي. لاهور ۽ ڪراچيءَ جي ڪن ڳائڻن ٻه ٽي غزل-غالب، ۽ فيض جا سٺا چيا.

اگر سنڌين کي نااهل سمجهي، ريٽي صاحب پنجاب ۽ بنگال، سرحد ۽ ڪراچيءَ تان فنڪار آڻڻ فرض هو ته ڪم از ڪم  بڙو  غلام علي نه ته روشن آرا کي ته گهرائين ها! ڇا انهن کي ڪو سمجهائڻ واروئي  ڪين آهي! فقط والسّلام_ن. ج تاجپور

*- ڀائو، ريڊيو پاڪستان جي ان مسئلي متعلق سنڌي پروگرام ۽ خاص طور راڳ جي محفلن، متعلق اوهان جي شڪايت بيجا نه آهي. سنڌ جي روزانه اخبارن ’عبرت‘ حيدرآباد، ’هلال پاڪستان‘ حيدرآباد، ’خادم وطن‘ حيدرآباد، ’مهراڻ‘ ڪراچي ۽ ’نواءِ سنڌ‘ ڪراچيءَ ۾ نه  فقط سامعين ۽ اهل فن جا مراسلا شايع ٿي چڪا آهن، ان سان گڏ سڀني اخبارن ايڊيٽوريل به لکيا آهن، پر ان سخت احتجاج کي به سالن جا سال گذري ويا آهن. پر ڪو کڙتيل ڪونه نڪتو آهي، ۽ نڪو نڪرڻو آهي.

اوهان کي اهو ياد رکي ڇڏڻ گهرجي ته موجوده دور ۾، ’سروس‘ جا قاعدا ۽ اصول ئي نرالا آهن. اصل ۾ ادب ۽ فن جي معيار ۽ مقام کي معين ڪرڻ لاءِ  نه ڪنهن ڪاليج جي ڊگريءَ کي حيثيت حاصل آهي ۽ نه ڪنهن يونيورسٽيءَ جي ڊپلوما جي گنجائش آهي! پر هت ڳالهه ئي ابتي آهي. ادب ۽ فن، ته ذاتي ۽انفرادي ڪاوش ۽ ڪوششن جو مرهون منت ٿئي ٿو، جڏهن ڪو خدا داد صلاحيت وارو انسان، پنهنجي عمر جو وڏو حصو، ڪنهن ’فن‘ جي مطالع ۽ تحصيل ۾ لڳائي ٿو، تڏهن لازمي طرح، ڪنهن حد تائين، ان فن متعلق سندس مطالعو، تجربو ۽ مشاهدو،مڃڻ  جهڙو مس ٿئي ٿو. ۽ اهو ان فن متعلق اگر ڪا عملي ۽علمي خدمت ڪري ته اها افاديت کان خالي نه رهندي.

مزو اهو آهي ته اسان وٽ ”فن جي تحصيل“ متعلق ڪابه راهه موجود نه آهي.  هرڪو لئيءَ مان لٺ ڀڃيو، اديب ۽ شاعر، نقاد ۽ سخن سنج ’تانسين ۽ بيجوباورو‘،بنيو وتي!پوءِ ريڊيو پاڪستان آخر ڇا ڪري؟

اوهان کي ڄاڻڻ گهرجي ته هر هنڌ اجاره داريءَ جو دور آهي، هر شعبهء-حيات تي نااهل قابض ٿي چڪا آهن. علمي ۽ تعليمي، ادبي ۽ فني ادارن جو حال اهو ساڳيوئي آهي.

ريڊيو پاڪستان جي پروگرامن کي ته ڇڏيو، رڳو ’راڳ‘ جي حصي کي غور سان ٻڌو، اوهان کي معلوم ٿي ويندو ته اسان جا ڳائڻا نه ڪو ’ڀيرويءَ‘ جي صحت کان واقف آهن، نه ڪو ”ديس ۽ سورٺ“ جي فرق کان آشنا، نه ڪو ”پرڀاتيءَ ۽ آسا‘ جي منجهن تميز!- آخر چرخو ته هلائڻو آهي، ڪٿان ايندا ”تانسين ۽ بيجوٻاورا،“ يا ”عبدالڪريم ۽ بڙي غلام عليءَ“ پارا  استاد ۽ ماهرين فن.

اوهان کي ياد رهي ته ”روشن آرا“ جهڙي بين الاقوامي ماهر فن، فنڪار جنهن جي اڳيان ”نورجهان ۽ لتامنگيشڪر“ به سجدا پيون ڪن، اها هڪ صوبيدار، جي اهليه آهي، لاله موسيٰ (پنجاب) جي هڪ ننڍڙي، ۽ غير مشهور، بستيءَ ۾ روشن آرا گمناميءَ جا ڏينهن گذاري چڪي آهي. خدا ڀلو ڪري؛ اسان جي دوست محترم ميان نسيم اختر صاحب، ايس، اي، واپڊا، حيدرآباد جو، جنهن جي ذاتي ذوق جي ڪري، ۽ حيات احمد خان جي ڪوشش سان، لاهور ۾ وڏيون معرڪي جهڙيون، مجلسون ٿينديون رهيون، جن ۾ هند ۽  پاڪستان جا وڏا وڏا استاد، استاد غلام علي بڙي، ۽ ولايت علي خان پارا به شريڪ ٿي چڪا آهن، روشن آرا کي ان سلسلي ۾، لاله موسيٰ جي گوشهء گمناميءَ مان ڪڍي، ميدان تي ميان نسيم اختر صاحب آندو آهي، سندس فن ۽ صلاحيت جي جڏهن اهل-نظر ۽ باشعور حلقن کي خبر پئي، تڏهن سڀ حيرت ۾ پئجي ويا. چي: هيءَ ڪاري ڪلوٽي موٽي ۽ ٿلهي عورت، ڳائي ڪيئن ٿي؟ اڄ پوري دنيا ۾، ڪلاسيڪي گائڪيءَ ۾ ’روشن آرا‘ جو ڪو به مقابلو ڪري نٿو سگهي. سندس اختراعي ۽ رنگين طبع، تخليقي حيثيت سان ’فن‘ ۾ اهي اهي اضافا ڪيا آهن، جي بڙي غلام عليءَ جي فن ۾ به نه ٿا  لڀن. نزاڪت علي ۽ سلامت علي پارا ته اڃا ٻار آهن، انهن جو فن مخلوط ۽ جدّت پسند ٿيندو وڃي.

اڄڪلهه جي ماڻهن کي اجائي ’رين رين ۽ ٽين ٽين‘ پسند آهي، ۽ مغربي آوازن ۾ ’تانون ۽ مرڪون‘ وڻن ٿيون، يا فلمي طرزن ۾ وٽيل سٽيل، ”ڌڙ ريڍو ۽ سسي ٻاڪري“ واريون طرزون وڻن ٿيون. ان حالت ۾ ريڊيو وارا غريب، جي پنهنجي فن، ۾ به محض ’مسڪين‘ آهن، اهي نزاڪت علي ۽ سلامت علي کي نه آڻيندا ته ڇا روشن آرا ۽ بڙي غلام علي کي آڻيندا، انهن جو خرچ ڪير برداشت ڪندو؟ هزارين رپيا ڇو چرخ ٿئي، سؤ سوا ۾ ڳائڻا، قطار ڪري ٿا اچي بيهن، بلڪ ڳچيءَ ۾ پوتي پلاند وجهي، اسٽيج تي رڇ وانگر ٺينگ ٽپا به ڏئي ڄاڻن!

ڀائو، اوهان حضرت طالب الموليٰ جو ڪتاب ’ڪافي‘ مطالع ڪريو، پاڻ ان ۾ ’راڳ‘ جي فن ۽ ڳائڻ جي آداب متعلق جو بحث ڪري چڪا آهن، ان کي مهرباني ڪري پاڻ به پڙهو، ۽ ريڊيو وارن ڏي به ڏياري موڪليو.

ان متعلق مهراڻ نمبر 2-62ع ۾ تصبرو  ڇپيو آهي، ان ۾ به ڪجهه راڳ ۽ ان جي ڳائڻ متعلق ڪافي مواد ملي سگهندو، اهو به پڙهو.

ڀائو،- ڪهڙي شڪايت ڪجي. راڳ جي سالياني جشن متعلق اوهان کي ڇا  عرض ڪريان. منهنجو ته حال اهو وڃي رهيو آهي جو ورهين کان ريڊيو ٻڌڻ ئي ڇڏي ڏنو اٿم. نه وڄت جي صحـّت رهي آهي ۽ نه ڳائڻن جي فن ۾ صحـّت جو ڪو ذروئي موجود آهي، ’رڍون مڙيئي ٻوٿ ڪاريون‘ وڃي بچيون آهن. نه خوش آوازي آهي ۽ نه ادائگيءَ ۾ سليقو ۽ قرينو آهي، نه گُرَ جي خبر، نه سُرَ جي پروڙ،- سازن جي ڌمچر  کي ته وڄت ڪونه چئبو! ڳائڻن جا آواز ٻاڙا ۽ کارا، ڪرخت ۽ بيزار ڪندڙ هڪ طرف، ته ٻئي طرف، اهي ئي ساڳيون ڪافيون. ورهين کان وٺي؛ ’عمر مون نه وڻن تنهنجون ماڙيون‘ ٻڌي ٻڌي ڪَنَ ئي پچي پيا آهن!- نڪو نَوَن ڳائڻن کي ٿا ڳولين، نڪو نوان رڪارڊ ٿا ڀرائين ۽ نه ڪو نوان رڪارڊ خريد ٿا ڪري سگهن.

 هڪ مزي جهڙي ڳالهه ٻڌو: ٻه ٽي سال اڳ، حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي  ساليانه جشن موسيقيءَ ۾ شرڪت جو موقعو مليو. حضرت طالب الموليٰ، جي معيـّت ۾ ٻه- ٽي ڪلاڪ راڳ جي محفل ٻڌم. وڏا وڏا چونڊ ڳائڻا، نزاڪت علي سلامت علي کان وٺي ’فقير امير بخش‘ ۽ ’سائين مرنا‘ تائين موجود هئا. لاهور جي علي بخش ظهور (نالو ياد نٿو اچي) جي ڳائڻ تي، خود ريڊيو اسٽيشن جي هڪ وڏي جوابدار آفيسر، پئي ڪنڌ  هنيون! پر سندس ڪنڌ ڌوڻڻ جي حيثيت ڇا هئي؟ اها نه پڇو!- وڄت جو منهن هڪ پاسي، ته سندس ڪنڌ جي ڌوڻ  ٻئي پاسي! وڄت وارو وڃي گُرُوٺي، ته صاحب جو ڪنڌ، اڃا ٻه-چار ماترائون اڳتي وڃي ٽُٽي ۽ ڀڄي!- اهو تماشو ڏسي، حيران ٿي ويس، ته مارا هت ته ’صاحب‘ ئي بي سرا ۽ بي گرا آهن! نه ڪو کين وڄت جي  خبر، نڪا سُرتار، لئي ۽ طرز جي پروڙ! پوءِ سمجهيم ته هي ويچارا ’مرفوع القلم‘ آهن!“ اها ڳالهه جڏهن حضرت مخدوم محمد زمان صاحب طالب الموليٰ، سان ڪيم، تڏهن پاڻ کلي ڏنائون، فرمايائون ته:

ڇا ڪجي؟ ريڊيو وارن جي تربيت لاءِ ڪو ڪلاس وٺجي، ڳائڻن کي پاڻ وٽ گهرائجي ۽ کين راڳ جي فني تعليم ڏجي، پر ريڊيو وارا الائي مڃن يا نه؟-

نتيجو اهو نڪتو، جو مرڳو اهڙي بنا خرچ جي پيشڪش، تي يار ڪاوڙ جي ويا! اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن! حضرت طالب الموليٰ،کان استفادي لاءِ، ڪڏهن به ريڊئي وارن نه سوچيو، ڀانيان ٿو ته کين اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي، ته اسان کان وڌيڪ ڪو ’فن‘ جو ڄاڻو هن ملڪ، ۾ به موجود هوندو!-افسوس.

هجي اوهان ۾ همت ته ريڊئي وارن کي ’مسلمان‘ ڪيو، آڻيونِ ميدان تي! حضرت مخدوم صاحب جن به هجن، مان به هجان ۽ اوهان به هجو! ته خبر پئجي وڃي، ته گهڻين ويهين سَؤ آهي راڳ جو!

 ٻيو نه ته، حضرت مخدوم جن وٽ، سندن ’ٽيپ‘ ٿيل ۽ سندن ڳايل طرزون موجود آهن، اهي يار رڳو انهن کي ته ٻڌن! کين پتو پئجي ويندو ته ’پهاڙي‘ ڇا آهي؟ ان جو ٺاٺ ڇا ۽ ان جي گائڪي ڇا! ان سان گڏ کين اهو به پتو پئجي ويندو ته سندن ’ريڊيي‘ تان نشر ٿيندڙ ’پهاڙي‘ پهاڙي نه آهي، پر ”پهاڙَ“ آهن، جي وڃي ٿا سامعين جي ذوق سليم تي ڪڙڪن. اسان کي ته ڪابه سنڌي طرز، صحيح ۽ دلڪش نموني ۾ ٻڌڻ ۾ نه آئي آهي.

باقي ريڊيو جا فنڪار، ڀيرويءَ جا سو استاد آهن، ڇا  لاءِ ته ’ڀروي‘ آهي، عيب پوش،__ هر ڪو ڳائڻو، روئندو به آهي ڀيرويءَ ۾! ڇا لاءِ ته آسان به آهي ۽ شيرين به! ان جو داد ضرور ريڊيو وارا لهڻو!

ڀائو، اگر اڃا به حوصلو ۽  همت هجي ته پوءِ اوهان کي لاهور جي محفلن ۽ ميوزيڪل جشن جا اهي ’رڪارڊ‘ ٻڌارائي سگهون ٿا، جن ۾ روشن آرا، ۽ بڙي غلام علي پارن ”يمن ڪلياڻ ۽ کماچ جي ٺمري“ ٻه ٻه ڪلاڪ ڳائي چڪا آهن، اهي ٻڌو ۽ پوءِ، ريڊيو پاڪستان جي اسٽيشن تان نشر ٿيندڙ ’راڳ‘ تي منهن مٿو پٽيو! ان کان سواءِ ڊاگر برادرز جا رڪارڊ، رسولن ٻائي، بيگم اختر، روشن آرا، روي شنڪر ۽ ولايت علي خان جي ستار جا رڪارڊ، بسم الله خان جي شهنائي، پنا لعل گهوش جي فلوٽ ٻڌڻ جهڙا رڪارڊ آهن.

 ان سلسلي ۾، الحمراء لاهور جي موسيقي محفلن ۾، روشن آرا، ’مارو بهاڳ‘ ۽ ’جنهنجهوٽي ٺمري‘ جنهن جدت ۽ ندرت سان ڳائي آهي، ان جو مثال نٿو ملي سگهي. اهي چيزون ٽيپ ٿيل موجود آهن.

انهن استاد فنڪارن جي ڪلام ٻڌڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو ته اسان جا  موجوده فنڪار ڇا ڳائي رهيا آهن، ۽ ڪيئن ڳائي رهيا آهن.

ان سلسلي ۾، آل پاڪستان ميوزيڪل ڪانفرنس لاهور جي ٽن ڪانفرنسن جا ’ٽيپ رڪارڊ‘ موجود آهن. ان ڪار گذاريءَ کي ٻڌڻ کان  پوءِ معلوم ٿيندو ته اسان وٽ ’راڳ جو فن‘  ڪهڙي بلند معيار تي پهتو آهي. اهي ڪانفرنسون هن طرح ٿيون 1-فبروري 1940ع، 2-مارچ 1961ع، 3-اپريل 1962ع. اهي رڪارڊ اسان جي ريڊيو اسٽيشن تي آهن يا نه، ان  جي خبر خدا کي!

ڀائو، هت سنڌ ۾، شاهه محمد نابينا، نڙ وڄائيندڙ فنڪار پيدا ٿيو، اوهان ڏٺو ۽ ٻڌو. اهو فنڪار، پنهنجي ذاتي صلاحيتن جي حيثيت سان بيمثال هو. انڌو هو، سندس ڪپڙا ڦاٽل ۽ ميرا، نه منجهس صفائي نه سٿرائي، نه کيس سنڀاليندڙ نه پاليندڙ،_ نهايت غيور قسم جو فنڪار،  نه ڪنهن کان پني نه وٺي، نه ڪنهن وٽ وڃي نه اچي، پنهنجي  فن جي تخليق ۽ تشڪيل ۾ عمر گذاري ڇڏيائين. البته ڪڏهن ڪڏهن حضرت طالب الموليٰ سائين، مير رسول ٽالپر حيدرآباديءَ ۽ ڊاڪٽر  بلوچ صاحب وٽ سو ڏسبو هو._سندس فن ڇا هو؟ ان کي قلم تحرير ۾ نٿو آڻي سگهي._ ريڊيو تي به کيس ڪڏهن ڪڏهن(50 يا100 رپين کن ۾) گهلي آندو ويندو هو. اهو فنڪار جڏهن ’چو، اين لائي‘، وزيراعظم چين وٽ، حيدرآباد جي ’سرڪٽ هائوس‘ ۾ پيش ڪيو ويو، تڏهن چو، اين، لائي، اٿي کيس ڀاڪر ۾ جهليو ۽ کيس چيائين!“

”تون مون سان چين ڏانهن هَلُ، هت تنهنجو قدر ڪين ٿيندو!“

ڀائو، خبر اٿو، جڏهن کيس  ”سرڪٽ هائوس“ ۾ آندائون، تڏهن مون ته سڃاتو به ڪين! ته اهوڪو ’شاهو‘ نابينا آهي!_ هڪڙي ڏينهن ۾، خاص قسم جو درزي ويهاري ڪپڙن جو جوڙو سبايو ويو، لڪس صابڻ جي ٻارهن چڪين سان کيس وهنجاريو ويو، کيس چڱيءَ طرح واسي ڌوٻي، مکي چکي، ڦڻي ڦوڪارو ڏئي آندو ويو. کيس ڏندن صفا ڪرڻ لاءِ هڪ درجن کن ’ٽوٿ پيسٽ‘ جون دٻيون حرام ڪيون ويون هونديون! نه ته  ’نابينا‘ جي حالت اهڙي هوندي هئي، جو ڪوماڻهو سندس  ڀرسان پل به ويهي نٿي سگهيو! عمر ڀر شايد غسل نه ڪيو هوندائين؛ هڪ غسل اهو جيڪو کيس ’چو، اين، لائي‘ جي صدقي ۾ مليو هوندو، ۽ ٻيو غسل اهو جو ’مڙهه‘ کي، ملا ڏنو هوندو!___ٻيو ٿيو خير!

پر ڀائو، خبر اٿئي، اهو  ’نابينا‘ سلهه ۾ گرفتار ٿي مرندي مري  ويو، پر سندس ڪنهن به خبر نه ورتي! نڪو ريڊئي وارن ۽ نڪو ٻين! ميرپور بٺوري جي لڳ ڀڳ سلهه ۾ مئو، کيس بيماريءَ ۾ وَٽي  پاڻيءَ ڏيڻ وار به ڪونه هو!_ ڪنهن به ماڻهوءَ کيس ’سينيٽوريم‘ ۾ داخل نه  ڪرايو؛ حالانڪ ڪوئيٽا ۾ رهي سگهي ها، ٻيو نه ته لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي ’تجربيگاهه‘ ۾ مَنَ بچي وڃي ها!_ ان بيدرديءَ سان دنيا جو وڏو ”نئي نواز“ ’نابينا‘ مري ويو! اڄ ’نَڙ‘ بي سُرن ۽ بي گرن جي هٿ ۾ آهي!

 ان سلسلي ۾، سائين مرنا به هڪ ڪکائين جهوپڙيءَ ۾ مئو، دراصل ’نابينا ۽ سائين مرنا‘ پنهنجي فن جا بادشاهه هئا،_ هڪ اڌ کان سواءِ سندن ڪو به رڪارڊ ڪنهن به ريڊيو اسٽيشن تي موجود ڪين آهي، اگر ڪو هڪ اڌ هوندو ته پوءِ اسان جي گهنگار ڪنن ڪڏهن ڪونه ٻڌو آهي. شايد اسان جا ٻوٽا ۽ پڙ پوٽا ٻڌندا، باقي اسان کي ته ’هلڪا ڦلڪا‘ گانا ٻڌي، عمر گذارڻي آهي!

 بحرحال، اسان ڇا ڪيون؟_ ڪير ٻڌي؟ ۽ ڪير سمجهي؟ پر ان کان اڳ کين سمهائي ڪير؟

’جشن‘ جي محفلن ۾ وڃي، پنهنجي آبروريزي ڪرائڻ ته پنهنجو ’وڙ‘ ڪين آهي، البته سال ۾ هڪ دفعو اهو گناهه ڪندو آهيان، ۽ ريڊيو تان نشرٿيل محفل موسيقي ٻڌندو آهيان، ان خيال سان ته مَنَ ڪجهه سڌريا  هجن، پر اڄ تائين ثابت اهوئي ٿيو آهي، چي: ”چري ڪئن، چي ويران وير وڌ!“

آخر ۾، هڪڙي مزيدار ڳالهه ٻڌو ته_ ٻه ٽي سال ٿيا ته ريڊيو وارن هڪڙي ’مشاورتي ڪائونسل‘ ٺاهي،_ ان جي ميمبرن ۾ ’ريڊيو اسٽاف‘ سان گڏ، ڪجهه شاعر ۽ اديب به هئا ته ڪي عالم سڳورا به  هئا ۽ مان به هوس. ڪائونسل ۾ ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڊاڪٽر خليل، مخدوم امير احمد صاحب کان وٺي، غني صاحب، ۽ سرشار صاحب تائين ميمبر هئاسون، حضرت طالب الموليٰ سائين به ان ڪائونسل جو ميمبر  هو.

ميٽنگ ٿيندي هئي، ڳالهيون ٻولهيون،... وڏا وڏا معرڪا ۽ مسئلا،”چانهه ۽ ڪيڪ“ تي حل ٿي ويندا هئا، نتيجو اهو نڪرندو هو جو قصو اتي جو اتي،_نشستند، گفتند، خوردند، برخواستند!_

اڳتي هلي، ڪائونسل ختم ٿي وئي، اسان پارا، ته ميٽنگن ۾ غير حاضر رهڻ جي پاداش ۾ ميونسپالٽيءَ جي رولن موجب چپ ٿي ويا!_ خود حضرت طالب الموليٰ، جن به هڪ اڌ ميٽنگن کان سواءِ ڪڏهن شريڪ ٿي نه سگهيا، ڇو؟ سندن مشورن کي ڪير منهن ڏئي؟ آخرڪار کين ”دعوت نامه عنبرشامه“، ميٽنگ  گذارڻ کان ٻه ڏينهن پوءِ پهچندا هئا!!

پوءِ باقي خيريت فقط والسلام

گرامي

لاهور ۾ لطيف ورسي ۽ ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد

محترم ايڊيٽر صاحب، السلام عليڪم:

لاهور ۾، ”شاهه لطيف  جي ورسي“ مسٽر محمد اسماعيل لغاريءَ جو لکيل ليک، اوهان جي نظر مان گذريو هوندو، لغاري صاحب هڪ ٻڌندڙ جي حيثيت ۾ مضمون لکيو آهي تنهنڪري ان ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون اچي ويون آهن جن جي ”لطيف مجلس“ جي جنرل سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ وضاحت پيش ڪريان ٿو.

لغاري صاحب لکيو آهي ته ’الغوزي جي ڌن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي تعاون سان ٽيپ ٿي ملي هئي،ائين نه آهي. ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد وارا ته بلڪل اڍنگي نموني ۾ پيش آيا هئا ۽ اسان کي سنئون سڌو جواب ڏنو هئائون ته هو هينئر واندا نه آهن. حالانڪ هنن هڪ مهينو اڳ ٽيپ ڪري ڏيڻ جو وعدو به ڪيو هو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وارن جي هن روش اسان کي بلڪل دل شڪسته ڪري ڇڏيو هو.  ڇاڪاڻ  جو مجلس جونائب صدر مسٽر غوث بخش عيساڻي، خاص ريڪارڊ ٽيپ ڪرائڻ آيو هو ۽ توهان خود اندازو لڳائي سگهو ٿا ته لاهور مان هتي پهچڻ سولي ڳالهه ته ڪانهي_ نه رڳو ريڊيو اختياري وار پر ڪي ريڊيو آرٽسٽ به اسان سان سولي نموني ۾ پيش نه آيا.

مضمون ۾ ڪي اهم ڳالهيون، بيان نه ڪيون ويون آهن. مثلاً مجلس کي ڪامياب بنائڻ ۾ نه صرف لاهور جي سنڌين جو هٿ هو پر ”لطيف ميموريل ڪائونسل“ ۽ ”سنڌ آرٽ انسٽيٽيوٽ“ جو پڻ گهڻو هٿ هو، ”لطيف ميموريل ڪائونسل“ پنهنجي طرفان ٻه آرٽسٽ حسين بخش ”خادم“ ۽ منظور علي موڪليا هئا ۽ ”سنڌ آرٽ انسٽيٽيوٽ“ جي  طرفان مٺا خان ۽ الهوسايو آيا هئا. آءٌ مٿين ٻنهي ادارن جو شڪر گذار آهيان جو هنن اسان سان پورو پورو تعاون ڪيو ۽ آئنده به اسان سان اهڙي نموني سان مدد ڪندا رهندا.

شاهه صاحب جي 211 ورسيءَ تي”لطيف مجلس لاهور“ سنڌ جي دستڪاريءَ جي لاهور ۾ نمائش ڪندي. لطيف مجلس  لاهور جي پهرين مخزن ”شاهه لطيف جو پيغام“ (زير طبع) جلد  منظر عام تي ايندو.          گل محمد سمون، جنرل سڪيٽري لطيف مجلس، لاهور.

[نوٽ-شاهه لطيف، هڪ بين الاقوامي شاعر آهي. ان جي ورسيءَ تي سنڌ ۽هند ۾ هر هنڌ اجتماع ٿيندا رهن ٿا. خود ’صدر مملڪت‘ به ڀٽ شاهه تي اچي ٿو. اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو لاهور ۾، ’لطيف ڊي‘ نهايت شاندار نموني ۾ ملهايو ويو.

مسٽر لغاريءَ هڪ شريڪ محفل جي حيثيت سان، اخبارن ۾ ڪار گذاري ڇاپائي آهي ۽ ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد جي تعاون جو ذڪر ڪيو اٿس، پر ’جنرل سيڪريٽري لطيف مجلس لاهور‘، جي ذمدارانا ترديد ۽ وضاحت  کان پوءِ سخت افسوس ٿئي ٿو جڏهن ته ان مراسلي متعلق ريڊيو وارا خاموش آهن؛ تڏهن چئبو ته ڪجهه نه بيتوجهي ضرور ڪئي وئي آهي، ڪم از ڪم مراسله نگار جي چوڻ موجب ’انهن کي آسرو نه ڏنو وڃي ها ۽ نه ڪو هڪ مهينو اڳ ٽيپ ڪري ڏيڻ جو وعدو ڪيو وڃي ها! هيءَ هڪ تهذيبي ۽ ثقافتي چيز آهي، جنهن لاءِ مدد ڪرڻ گهرجي ها!] _ (ادارو)

خبر نامو

سسئيءَ جو باغ- سسئيءَ جو باغ ۽ ان جو کوهه هڪ نئون انڪشاف آهي، ’ڀنڀور‘ جي کنڊ رات جي مطالع کان پوءِ آثار قديمه جي ماهرن جو فيصلو آهي ته هي اهو تاريخي باغ آهي، جنهن ۾ سنڌ جي عوامي ڪهاڻيءَ جو مکيه ڪردار، سسئي ۽ ان جون سهيليون وابسته آهن. جتي پنهون ۽ سندس قافلو  لٿو. ان متعلق معلوم ٿيو آهي ته حڪومت جلد ان باغ  کي نئين سر سر سبز شاداب ڪرڻ لاءِ سوچي رهي آهي. ان سلسلي ۾ ان ’کوهه‘ جي پڻ صفائي ڪرائي ويندي. جئن سنڌي جي مشهور عشقيه داستان، ۽ ’لطيف‘ جي ساراهيل سسئيءَ جا آثار، دوباره صفحه هستيءَ تي قائم ٿين ۽ ’ڀنڀور‘ جي ديدار ۽ مشاهدي لاءِ ايندڙ بيروني سياحن جي دلچسپيءَ جو سامان به  ٿئي ۽ هڪ تاريخي داستان جي تاريخي حيثيت به برقرار رهي. ان سلسلي ۾ ٺٽي جي ڊپٽي ڪمشنر مسٽر نون جي هدايت تي ضلع ڪائونسل ٺٽي، هڪ رٿا تيار ڪري حڪومت کي پڻ موڪلي آهي. هن وقت ’باغ‘ ڦٽل آهي فقط کجين جا چند وڻ ۽ هڪ کوهه  وڃي باقي بچيا آهن. اگر حڪومت توجهه ڪيو ته پوءِ يقيناً ’ڀنڀور‘، آثار قديمه جي ماهرن جو مرڪز بنجي ويندو. (’عبرت‘ 5-جنوري 63ع)

ممتاز حسن ۽ پير راشديءَ کي نشان سپاس- ايراني سفارتخاني جي هڪ خاص تقريب ۾، 24-ڊسمبر 62ع تي، ڊاڪٽر مقتدريءَ؛ ملڪ جي ٻن ممتاز اديبن، مسٽر ممتاز حسن، صدر اقبال ايڪڊمي ڪراچي ۽ جناب پير حسام الدين راشدي، ’ميمبر سنڌي ادبي بورڊ‘ ۽ ’ميمبر ترقي اردو بورڊ‘ (لاهور) کي ’نشان سپاس‘ جو اعزاز پيش ڪيو آهي. هي اعزاز ’پاڪ ۽ ايران‘ تمدني، علمي ادبي رابطي ۽ فارسي ادب جي خدمت جي سلسلي ۾ مٿين ٻنهي عالمن کي پيش ڪيو ويو. (’افڪار‘-جنوري 63ع)

رائٽرس گلڊ پاڪستان جي پاران ’آدمجي انعامن‘ جي سلسلي ۾، هن سال سنڌ جي ٻن اديبن شيخ اياز کي سندس شعر جي ڪتاب ’ڀؤنرڀري آڪاس‘ لاءِ هڪ هزار رپيا انعام ڏنا ويا؛ ۽ پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا کي سندس ڪتاب ’ايسر لال‘ لاءِ اڍائي سؤ رپيا ڏنا ويا.

(’عبرت‘ 5-جنوري 63ع)

قلندر جي ميلي لاءِ سرڪاري امداد- معلوم ٿيو آهي ته  قلندر جي ميلي لاءِ 15 هزار رپيا امداد ڏني وئي آهي. ان سلسلي ۾ دادو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل، اوقاف ڊپارٽمينٽ ۽ سيوهڻ ڪميٽيءَ هر هڪ 5 هزار رپيا ڏنا آهن. (’مهراڻ‘ 3-جنوري 63ع)

ريڊيو پاڪستان ۽ اسلامي روايات- ڪراچيءَ ۾، ريڊيو پاڪستان جي ريجنل ڊئريڪٽرن جي ڪانفرنس جي افتتاح ڪندي، وزير تعليم  فضل القادر، ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ريڊيو کي اسلامي روايات ۽ علائقائي ادب ۽ ثقافت، روايات ۽ تاريخ جي فروغ ۽ اشاعت لاءِ استعمال ڪيو وڃي ۽ عوام کي تعليم ۽ تربيت سان گڏ، حب الوطني جي جذبات سان هم آهنگ ڪيو وڃي. اهڙا گانا، فيچر، ڊراما نه پيش ڪيا وڃن. جي اسلامي روايات جي خلاف هجن!

(’عبرت‘8- جنوري 63ع)

مولائي شيدائي جو وظيفو جاري ٿيو- صدر پاڪستان، فيلڊ مارشل محمد ايوب خان هن کان اڳ، سنڌ جي ٻن شاعرن ’فيض‘ بخشاپوري ۽ عبدالڪريم  ’گدائيءَ‘ کي هڪ سؤ روپيا ماهوار وظيفو  ڏنو آهي. تازو سنڌ جي مشهور تاريخدان، محترمي مولائي شيدائيءَ لاءِ فنڪارن جي امدادي فنڊ مان ماهوار سؤ روپيا وظيفو جاري ڪيو ويو آهي. (’مهراڻ‘ 11- جنوري 63ع)

موهن جي دڙي ۾ جديد عجائب-گهر- آثار قديمه جي ڊائريڪٽر ظاهر ڪيو آهي ته ’موهن جي دڙي‘ وٽ جلدي 5 لک رپين سان، هڪ جديد عجائب- گهر تعمير ڪري، سنڌ جي ’قديم تهذيب‘ کي متعارف ڪرڻ جي سلسلي ۾ نئون قدم کنيو ويندو. ان سلسلي ۾ ٻڌايائين ته ’موهن جي دڙي‘ مان نادر ۽ قديم شيون تازي دور ۾ هٿ آيون آهن اهي 5-6 مهينن اندر سليقي سان محفوظ رکيون وينديون. هڪ اهڙو بورڊ هنيو ويندو، جنهن مان دنيا جي تهذيبن جو موازنو هن قديم تهذيب سان ڪري سگهبو. ۽ عجائب-گهر پڻ جديد طرز تي تعمير ڪيو ويندو، ۽ سياحن جي آرام لاءِ هڪ جديد ريسٽ هائوس بنايو ويندو، جنهن ۾ 6 ننڍا ڪمرا ۽ 3 وڏا ڪمرا هوندا. اهو سارو ڪم ايندڙ سال ۾ پورو ڪيو ويندو. (’مهراڻ‘ 16-جنوري 63ع)

سيوهڻ ۽ لسٻيلي جي وچ ۾ 90 ميل پڪو رستو ٺاهيو ويندو- قلندر شهباز جي سالياني  عرس تي وزير مواصلات، مسٽر در محمد اوستي چيو ته سيوهڻ ۽ لسٻيلي جي وچ ۾ 90 ميل پڪو رستو جوڙايو ويندو. ان لاءِ 3 لک رپيا خرچ ڪيا ويندا. ان طرح نوابشاهه ۽ دادوءَ کي ڳنڍڻ لاءِ درياء تي پل پڻ ٺاهي ويندي. (’عبرت‘ 16- جنوري 63ع)

 ڀٽ ڌڻيءَ کي نذرانو!- اعتبار اچي يا نه اچي، 16- جنوري 63ع تي ڌاڙيلن جي هڪ ٽولي، ڀٽ ڌڻيءَ جي زيارت لاءِ آئي ۽ مزار تي اڌ مڻ کنڊ نذرانو ڏئي، بندوقن سان هوائي فائر ڪندي، ڀٽ ڌڻيءَ کي سلامي ڏئي رواني ٿي وئي. (’عبرت 16- جنوري 63ع)

غريب صحافين جي تقاضا!- يونين آف جرنلسٽ ٽنڊي ڊويزن، ڪمشنر حيدرآباد، کان تقاضا ڪئي آهي ته هائوس فنائنس ڪارپوريشن کان آسان قسطن تي قرض ڏياريو وڃي، جيئن غريب صحافي، ڳاٽي ٽوڙ مسواڙن کان بچن، ۽ پنهنجا گهر ٺهرائي سگهن. (’عبرت‘ 16-جنوري 63ع)

 سنڌي سان گڏ اردو به سکڻ گهرجي!- صوبائي وزير مسٽر در محمد اوستي، سيوهڻ جي ادبي ڪانفرنس جي افتتاح ڪندي، اديبن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ’سنڌيءَ سان گڏ اردو پڻ سکن. جيئن هو پنهنجي ايندڙ جوابدارين کي اعليٰ صلاحيتن ۽ پوري اعتماد سان منهن ڏئي سگهن. اديبن کي  مخاطب ٿي چيائين ته انهن جي ’مادري زبان‘ اگرچه سنڌي آهي، پر ان هوندي به هو عربي،فارسي ۽ ٻيون زبانون سکي، پنهنجي مطالع کي وسيع ڪن. ان سان ئي پنهنجي ’زبان ۽ ادب‘ جي وڌيڪ خدمت ڪري سگهندا. (’نوائي سنڌ‘ 17-جنوري 63ع)

قلندر جي ميلي لاءِ خاص ٽرينن جو انتظام- صوبائي وزير، مسٽر عبدالقادر سنجراڻيءَ هڪ  پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته ايندڙ سال کان قلندر جي ميلي تي، ايندڙ ماڻهن لاءِ خاص ٽرينون هلايون وينديون. (’عبرت‘ 19-جنوري 63ع)

غير سنڌي ماڻهن کي لازمي طور سنڌي سکڻ گهرجي!- اولهه پاڪستان  جي وزير ريلوي، سکر ۾ بنيادي جمهوري ميمبرن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ غير سنڌين کي پهرين فرصت ۾ سنڌي ٻولي سکڻ گهرجي ۽ مقامي باشندن کي وري اردو ٻوليءَ تي عبور حاصل ڪرڻ گهرجي. (’مهراڻ‘ 19-جنوري 63ع)

قومي زبان جي نئين وضاحت!- نظام اسلامي پارٽيءَ جي صدر ۽ سابق وزير اعظم، ’انجمن ترويج اردوءَ‘ جي ٽين ڪانفرنس (لاهور) ۾ انڪشاف  فرمايو آهي ته مغربي پاڪستان کي اردوءَ  جي اکيون ٻوٽي حمايت ڪرڻ گهرجي. مختلف علائقائي ماڻهن کي صرف ’اُردو‘ ئي هڪٻئي جي قريب آڻي سگهي ٿي.  اردوءَ جي ذريعي پنجابي، پٺاڻ، سنڌي، بلوچ ۽ بروهي تبادله خيالات ڪري سگهن ٿا. ان کي ئي ذريعه تعليم قرار ڏيڻ گهرجي. ان جي مخالفت فقط اهي ’صاحب‘ ڪن ٿا. جيڪي ماڻهو علائقائي زبانن متعلق تقاضا ڪري رهيا آهن؛ اهي علائقائي تعصب پيدا ڪري رهيا آهن! (’جنگ‘ 20-جنوري 63ع)

’ڪينجهر‘عرف ’ڪلري‘ ترقياتي بورڊ، پوين پساهن ۾!- صوبائي حڪومت، هن کان اڳ 59ع ۾، سنڌي تهذيب، ۽ ’لطيف‘ جي بيان ڪيل تاريخي ڍنڍ، ’ڪينجهر‘ کي هڪ شاندار تفريحي ۽ تهذيبي مرڪز بنائڻ لاءِ هڪ ’ترقياتي بورڊ‘  بنايو هو. معلوم ٿيو آهي ته  اهو ٽوڙيو ويندو. ان سلسلي ۾ ’ڪينجهر‘ کي تهذيبي مرڪز بنائڻ لاءِ ستر لکن خرچ واري رٿا ختم ڪئي ويئي آهي. اها رٿا جا 5 ورهين جي  مدي تي پکڙيل هئي، سا ٻئي پنج سالي رٿا تي تڪميل تي  پهچڻي هئي. ان متعلق ڪي ابتدائي ڪم به ڪيا ويا ۽ پنج  لک رپيا خرچ ڪري؛ هڪ ٻن هنڌن تي ڪي عمارتون به کڙيون ڪيون ويون هيون. ان رٿا جو روح روان ۽ چيئرمن اڳيون ڪمشنر مسٽر نياز احمد هو. ڊسمبر 61ع ۾ سندس بدليءَ کان پوءِ اها رٿا پراسرار نموني ۾ ڍري ٿي ويئي! نتيجو اهو نڪتو  جو سڄي رٿا کي ترڪ ڪيو ويو. ان جو سبب شايد اهو هو ته انهيءَ رٿا کي عمل ۾ آڻڻ سان ڪيترائي لک رپيا اجايا خرچ ٿين ها! آبپاشي کان سواءِ ’ڪينجهر‘ سان واسطو رکندڙ ٻيا خيال هميشہ لاءِ ترڪ  ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته اڄڪلهه ’ڪينجهر‘ جو سرڪاري نالو ’ڪلري‘ ڍنڍ آهي! (’مهراڻ‘ 17-جنوري 63ع)

سنڌ سدائين سور سٺا آهن!- حضرت لال شهباز قلندر جي ميلي تي، بنيادي جمهوريت ڪنوينشن کي خطاب ڪندي، صوبائي وزير صحت، مسٽر عبدالقادر سنجراڻي چيو:

”سنڌي قوم کي پنهنجن بزرگن جي نقش قدم تي هلي، انسانذات جي خدمت جو جذبو دل ۾ پيدا ڪرڻ گهرجي. آءٌ سنڌي قوم کي قلندر شهباز، شاهه عبدالطيف ۽ سچل سر مست جو واسطو ڏيئي اپيل ٿو ڪريان ته هو وقت  جي نزاڪت کي محسوس ڪن.“

”سنڌي قوم، تهذيب ۽ تمدن، ثقافت ۽ ڪلچر، رسم و رواج، ۽ اٿڻ ويهڻ جي خيال سان دنيا جي ٻين ملڪن ۽ قومن کان نرالي آهي. مهمان نوازيءَ ۾ نه صرف ’ايشيا‘ پر پوري دنيا ۾ ’سنڌ‘ کي مڃيو ويو آهي. پر افسوس اهو آهي ته اسان اڃا تائين اهو ڪم نه ڪيو آهي، جو ڪرڻ کپي.“

سنڌ جو ذڪر ڪندي چيائين:

”هن وقت ’سنڌ‘ جو نالو وٺڻ موزون نه آهي، ’حيدرآباد ڊويزن ۽ ’خيرپور ڊويزن‘ چوڻ مناسب آهي؛ پر ’سنڌ‘ ان وقت تائين زنده زنده رهندي، جيسين تائين اسان جون دليون زنده آهن.“

وڌيڪ چيائين:

”سنڌ هميشہ سور سٺا آهن. ڪنهن به غنيم کي جڏهن به لٽ مار ڪرڻ جي خواهش پئي دل ۾ پيدا  ٿي آهي. تڏهن هنن سنڌ جو رخ پئي ورتو آهي!“ (’عبرت‘ 20-جنوري 63ع)

ڏوراپي جو ڏَنُ، پنجاهه رپيا!- سيوهڻ جي ادبي ڪانفرنس ۾، سيد احمد شاهه بخاريءَ ’استاد‘ هڪ ’ڏوراپو‘ قلندر جي خدمت ۾ پيش ڪيو. ’ڏوراپو‘ نهايت اثر انگيز آهي، ان تي کيس پنجاهه رپيا انعام مليو. هڪ اڌ بند پيش ڪجي ٿو:

قوم جي پاران قلندر، هڪڙو ڏوراپو ڏيان،

سنڌ تنهنجي ناهه او شهباز! ساڳي ڇا چوان.

تون اهو ساڳيو قلندر مست شاههِ عارفان،

صد غلاف آهن طريقت جي ڍڪيا تو بي گمان،

معرفت جو ماڳ آهي، تنهنجو اعليٰ آستان،

تنهنجي مسجد ۾ اهيئي روز تڪبيرون، اذان،

گهنڊ ۽ گهڙيال ساڳيا، مست  تنهنجي در اڳيان...

داستان ’سسئي پنهوءَ‘ جو جنهن ۾ پکڙيل چارسو،

سنڌ جي هڪ سرومي، غيور عورت، نيڪخو،

پنهنجي وَرَ ۽ حق پنهنجي لاءِ جنهن جي جستجو،

ڏونگرن سان برپٽن سان ۽ مرُن سان دوبدو،

عزم جي آڏو، زمين ڦاٽي پيئي، سبحانہ،

’سنڌ ۽ سسئيءَ‘ جي حالت آهه ساڳي هوبهو،

هُن کي پنهنجن مان لڳي، هـِن جا به پنهنجا ٿيا عدو،

ڏونگرن جا ڏاڍ، هُن، سان، کوڙ هن جا اَڻسهَو،

هو عمل هن وٽ، مگر هت عزم ئي ٿي ويو رَفو،

ڪوششون بي روح پنهنجون، ڄڻ نماز بي وضو،

...قوم جي پاران قلندر...

ٽيليويزن-حڪومت پاران اهو اعلان ڪيو  ويو  آهي ته تعليمي ۽ اصلاحي مقصد لاءِ پاڪستان ۾ ٽيليويزن رائج ڪرڻ لاءِ تجويزون زير غور آهن. في الحال پاڪستان جي وڏن شهرن ڪراچي، لاهور ڍاڪا کي وارو ملندو؛ حيدرآباد، پشاور، چٽگانگ، ڪوئيٽا کي ٻئي واري ۾ ٽيليويزن سسٽم کان روشناس ڪيو ويندو. (’مهراڻ‘ 14-نومبر 62ع)

اردو شاگردن لاءِ سنڌي لازمي-خيرپور ڊويزنل ڪائونسل، اولهه پاڪستان حڪومت کي سفارش ڪئي آهي ته چوٿين درجي کان پوءِ، اردو پڙهندڙن لاءِ سنڌي لازم ڪئي وڃي.

(14-نومبر 42ع)

ميگزن- حيدرآباد ڊسٽرڪٽ ڪائونسل، ’رهبر‘ نالي 24 صفحن جو ماهوار ميگزن شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ بنيادي جمهوريتن جي ترقيقاتي سرگرمين کي شايع ڪيو ويندو. (ممڪن آهي ته اهو رسالو اردوءَ ۾ شايع ڪيو وڃي). (’عبرت‘ 9-جنوري 63ع)

زرعي ڪاليج (ٽنڊو ڄام) کي يونيورسٽي بنايو وڃي- زرعي ڪاليج ٽنڊي ڄام، اولڊبوائز ايسوسئيشن ٺهراءُ پاس ڪري حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته لائلپور وانگر موجودهه زرعي ڪاليج کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو وڃي. جئن هن علائقي جا شاگرد هت ئي زراعت ۽ فن جي تڪميل ڪري سگهن. (’عبرت‘ 11-جنوري 63ع)

بنگله ٻولي-صدر مملڪت،بنگالي ٻولي سکي رهيو آهي. هن وقت  تائين هو  حرفن ۽ انهن جي اعرابن ۽ استعمال کان واقف ٿي چڪو آهي.سندس ارادو آهي ته مارچ ۾ مشرقي پاڪستان جي دوري ته ’بنگله‘ ۾ تقرير ڪندو.(’آهنگ 22-جنوري 63ع)

مهاجرن کي سنڌي ٻولي سکڻ  گهرجي-اردو ڪاليج ڪراچيءَ جي پرنسپال، ڪرنل ايم. اي رحيم پرزور اپيل ڪئي آهي ته هتي جي غير سنڌي ماڻهن کي سنڌي ٻولي سکڻ گهرجي. جيئن اردو اسانجي پنهنجي ٻولي آهي، تئن سنڌي به اسان جي پنهنجي ٻولي آهي. ان سلسلي ۾ چيائين: جيئن اڳ ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران امتحانن جا جواب سنڌيءَ ۾ ڏنا ويندا هئا، تهڙيءَ ريت هاڻي به اجازت هئڻ گهرجي. (’مهراڻ‘ 20-جنوري 63ع)

مهراڻ - ايڪسپريس روهڙي تائين- صوبائي ريلوي، وزير، امڪان ظاهر ڪيو آهي ته مهراڻ-ايڪسپريس کي ممڪن آهي ته روهڙيءَ تائين هلايو وڃي. (’مهراڻ‘ 20_جنوري 63ع)

اردوءَ سان گڏ سنڌيءَ کي به ترقي ڏياري  وڃي_ مسٽر اي، ڪي، بروهيءَ اردو ڪاليج ۾ تقرير ڪندي چيو ته: سنڌي زبان کي به اردوءَ وانگر حق ڏنا وڃن ۽ ان جي ادبي ۽ ثقافتي سرمايي جي فروغ واسطي سنڌين سان گڏ، غير سنڌين کي به گڏجي، اپاءَ سوچڻ گهرجن.

(’جنگ_ڪراچي)

سنڌي ادبي بورڊ کي نصابي ڪتاب مليا_ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ سالن کان وٺي، سنڌي درسي ڪتاب ڇاپيندو اچي ٿو. طباعت ۽ صحّت جي لحاظ سان، ٻيو ڪو به علائقائي اشاعت_ گهر، سندس مقابلي ۾ نٿو اچي سگهي. خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو، آئينده (63- 64ع) لاءِ درسي سنڌي ڪتاب، ’بورڊ‘ کي ڏنا ويا آهن.

’ٺڪ سلاماليڪم‘ تي انعام_ دادو ميونسپل ڪاميٽيءَ جي وائيس چيئرمن، مسٽر شمشاد جوڻيجي، ’عبرت‘ اخبار حيدرآباد جي خفقانيات ۾ شايع ٿيل نظم، ’ٺَڪ سلاماليڪم‘ جي ليکڪ محمد قاسم ’لائق‘ کي انعام ڏنو آهي. (’عبرت‘ مزاحيه 21-جنوري 63ع)

حيدرآباد جي صحافين کي ڪالوني ۾ پلاٽ ڏنا ويندا- حيدرآباد جي صحافين جي ڪالونيءَ متعلق، حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر مسٽر وسيم؛ مسٽر مسعود صادق جي پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪندي چيو ته: پشاور وانگر، حيدرآباد جي صحافين لاءِ به جايون جوڙائي ڏنيون وڃن، ۽ اهي ’مسواڙ واڌو خريداريءَ جي بنيادن تي ڏنيون وڃن. (’عبرت‘ 21-جنوري 63ع)

ثقافتي ادارن جي امداد- وزير تعليم پاڪستان، ڊاڪا جي آرٽ سينٽر ۾ ٻڌايو آهي ته حڪومت ثقافتي ادارن  جي هر طرح مدد ڪندي انهن کي  گهرجي ته هو ٻاهرين ثقافت کي ڇڏي، پنهنجي ملڪي ۽ علائقائي ثقافت کي زور وٺائين. جيئن مشرقي پاڪستان ۽ مغربي پاڪستان جي ’علائقائي تهذيب‘ ۽ ثقافت، فن ۽ ادب تي گهڻي ۾  گهڻو ڪم ٿي سگهي.

(’حريت‘ 19-ڊسمبر 63ع)

 

پنجابي زبان کي ذريعهء تعليم بنائڻ جو مطالبو-پنجابي ادبي مجلس جي هڪ نشست ۾، مطالبو ڪيو ويو آهي ۽ چيو ويو  آهي ته پنجابي ٻوليءَ کي ذريعهء تعليم بنائڻ جو مطالبو قدرتي طور صحيح آهي. ان مجلس ۾ ڊاڪٽر باقر، ڊاڪٽر فقير محمد ۽ ظفر قريشيءَ شرڪت ڪئي.

(’حرّيت‘ 19-ڊسمبر 63ع)

تبصرا

مثنوي چنيسر نامه: (فارسي). مرّتب پير حسّام الدين راشدي؛ ناشر سنڌي ادبي بورڊ ( سنڌ).

سنڌ جي زمين ۽ پاڻيءَ ۾ قدرت جا اهڙا راز پوشيده آهن، جو جيڪو ماڻهو هتي پيدا ٿيو يا مستقل طور آباد ٿيو ۽ هن علائقي جي طرز زندگيءَ ۽ ثقافت ۽ راويات کي پنهنجو  بڻائين، ته  پوءِ سندس ذاتي خوبين، علم ۽ فضيلت، دانائيءَ ۽ فڪر کي اهڙي مهيمز ٿي ملي، جو هو، پنهنجي دائري عمل اندر اعليٰ مقام جو مالڪ بڻجي  پوي ٿو، ۽ هن علائقي لاءِ سندس وجود، صدين گذرڻ کان پوءِ به قابل فخر سمجهيو وڃي ٿو.

اها هن زمين جي خمير جي ئي برڪت ۽ فضيلت آهي، جو هتان جي ماڻهن پنهنجي مادري زبان، سنڌيءَ کان علاوه عربيءَ، فارسيءَ ۽ اردو زبان جي ترويج ۽ ترقيءَ ۾ نمايان بهرو ورتو آهي. تاريخ اهڙن نيڪ، نيت، فاضل ۽ علم جي شيداين جي تذڪري کان خالي ڪينهي. سندن تخلياقات، جيڪي ادبي معيار، طرز نگارش، شوڪت الفاظ؛ موضوع جي جامعيت ۽ ندرت ۽ تصنيف جي صخامت سببان اعليٰ معيار جون آهن، سي زماني جي دستبرد سببان ڪافي تعداد ۾ ضايع ٿي ويون هيون، پر هينئر انهن مان جيڪي دستياب ٿي چڪيون آهن سي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ طرفان شايع  ڪيون پيون وڃن.

هيءَ فارسي مثنوي ادارڪي بيگلاري، ڏهين صدي هجريءَ جي شاعر جي تصنيف آهي. ادراڪيءَ سنڌ جي ترخان حاڪمن جي تاريخ ”بيگلار نامہ“ پڻ لکي هئي، جا هڪ مستند دستاويز آهي ۽ گهڻو وقت اڳ، ’سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ‘ طرفان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرائي ويئي هئي.

”ليلا چنيسر“ سنڌ جي هڪ مشهور عشقيه ڪهاڻي آهي، جنهن جو دور ستين صدي  هجري چيو وڃي ٿو. هن ڪهاڻيءَ جي تاريخي حيثيت مشڪوڪ آهي، ڇو ته ان ۾ ڄاڻايل ڪردار، جغرافيه مقامات آهي ۽ ٻيون ڪيتريون ڳالهيون يا ته بنهه  ڪوڙيون آهن يا وري انهن جي بيان ۾ تضاد آهي ۽ بعض ڳالهيون عقل سليم جي مڃڻ کان بعيد آهن. انهيءَ ڪري جيسين اهڙا تاريخي ماخذ ۽ دستاويز منظر عام تي اچن، جيڪي هن ڪهاڻي کي سچو ثابت ڪن، تيسين اسين ليلا-چنيسر جي ڪهاڻيءَ کي محض ”لوڪ ڪهاڻي“ ئي سمجهنداسون ۽ اهڙي قسم جون ڏندڪٿائون ٿوري گهڻي فرق سان ڪيترن ملڪن  ۽ قومن ۾ مشهور آهن. پر انهن حالتن جي باوجود، هڪ ڳالهه بلڪل صاف ۽ مسلم آهي ته سنڌ جي عشقيه داستانن ۾ بداخلاقي، بي راهروي ۽ غير صحتمند ماحول ڪڏهن ڪونهي. ’سسئي‘ جي آهي ته پنهنجي منڪوح مرد جي عشق ۽ فراق ۾ آهه وزاري ڪري ٿي. ان سان ئي محبت جي دعوى ڪري ٿي ۽ ان جي وصال لاءِ ئي ڪشالا ڪاٽي ٿي. جيڪڏهن ڪا ’ماروئي‘ آهي ته اها پنهنجن ساده لوح مارن لاءِ مري ۽ جهري ٿي. وقت جو حاڪم کيس ربهي ريبي نٿو سگهي. هوءَ هڪ دفعو قبول ڪيل مرد سان ئي ملڻ چاهي ٿي. دنيا جون مسرتون عيش و عشرت، پٽ پٽيهر ۽ ٻانهيون سندس استقلال کي متزلزل ڪري ڪين سگهن ٿيون. سندس عزم جي پختگي، اخلاقي جرئت ۽ مستقل مزاجي آخر کيس ڏوٿين سان ملائي ٿي. وري جيڪڏهن ليلا نسواني ڪمزوريءَ جو مثال بڻجي، موتين جي مالها تي موهجي، پنهنجي مرد جي محبت، وابستگيءَ ۽ ڀروسي کي ضرب ٿي پهچائي ۽ ان سببان ڏهاڳ جا ڏولاوا ڏسڻا ٿا پونس، ته به هوءَ آخر تائين انهيءَ مرد جي ئي ٿي رهي ۽ هجرو فراق جي عالم ۾ به کيس ئي ياد ٿي ڪري ۽ آخر ۾ ان جي ديدار ڪندي ئي دم ٿي ٽوڙي.

بهرحال ليلا-چنيسر جي ڪهاڻيءَ جي ندرت سببان ئي شايد ادراڪي بيگلاري هن قصي کي پنهنجي مثنويءَ جي موضوع بڻايو. هيءَ مثنوي سنڌ ۾ فارسي ادب جو سنگ ميل آهي، ڇو ته ان کان پوءِ ئي ٻين شاعرن جون تخليقون منظر عام تي آيون ٿيون ڏسجن. انهيءَ زماني (ارغون ۽ ترخان) ۾ لکيل ٻيون به مثنويون آهن: شاهه جهانگير هاشميءَ جي مثنوي ”مظهر الاثار“ جا شاهه حسين ارغون تاءِ 940 هجري ۾ لکي ويئي ۽ ”ترنم عشق“ مثنوي جيڪا ٺٽي جي محمد مقيم شاعر، مرزا جاني بيگ جي دور ۾ لکي. مير معصوم شاهه بکريءَ جو ”خمسه“ ته چند سال پوءِ لکيو ويو هو ۽ ان کان اڳ، مثنوي ’چنيسر نامه‘ جو ملڪ ۾ چرچو هئو.

ادراڪيءَ انهيءَ صدين جي پراڻي قصي کي، ڪنهن به رنگ روپ ڏيڻ کان سواءِ نهايت، سادي نموني ۾ بيان ڪيو آهي، ۽ اسان جي سنڌي شاعرن، انهيءَ ڪهاڻي مان جيڪي نڪتا ڪڍيا آهن يا ڪن منظرن کي دلڪش بڻايو آهي، سا ڳالهه هن مثنويءَ ۾ ڪينهي. ان ڪري ٽيڪنيڪي ۽ فني  نڪته نگاهه کان هن مثنوي ۾ جيڪا خاص خوبي ڪينهي. پر انهيءَ سڌي ۽ سادي مثنوي طرز ادا هوندي به ادراڪيءَ ڪيترا معرڪي جا شعر چيا آهن. جنهنڪري شاعرانه طور مثنوي جو مقام دلپسند ٿي پيو آهي. ازنسواءِ هن مثنويءَ جو بحر، مولانا جاميءَ جي مثنوي ”يوسف وزليخا“ جهڙو آهي، جنهنڪري مثنوي اثرائتي ٿي پيئي آهي. محبوب جي حسن جي  تعريف، عشق جي  راهه ۾ معشوق سان ملڻ جي اميد تي تيز روي ۽ تڪليفن جو مقابلو ۽ معشوق (عورت) جا لطيف احسان بيان ڪرڻ وقت شايد ادراڪيءَ جي سامهون جاميءَ جي يوسف وزليخا هئي، ڇاڪاڻ ته رات جي دلڪش ڪهاڻي يا معاملاتي شعر، هوبهو مولانا جاميءَ جي رنگ ۾ چيل معلوم ٿين ٿا. ’زليخا‘ بهرحال هڪ نبيءَ جي عورت هئي، ان ڪري مولانا جامي گهڻي حد تائين بعض جاين تي چشم پوشي به ڪري ويو آهي، پر ادراڪيءَ لاءِ ليلا جي داستان ۾ اهڙي ڪابه بندش حائل ڪانه هئي ان ڪري هن نهايت آسانيءَ سان معاملاتي شعر چيا آهن.

هن ڪتاب جي هڪ خصوصيت هيءَ پڻ آهي ته سيد حسّام الدين راشديءَ جنهن ڪافي محنت ۽ تحقيق ڪري هن مثنويءَ جو نسخو مرتب ڪيو آهي، تنهن صاحب ارغون ۽ ترخان خاندان جي دور جو تفصيلي تذڪرو، مقدمي جي صورت ۾ هن ڪتاب سان شامل ڪيو آهي، جهنڪري، ان دور جي حالتن جي چڱي پروڙ پئجي ٿي.

هن ڊيمي سائيز تي ٻن سؤ صفحن جو ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد وٽان ساڍن ٽن روپين ۾ ملي سگهي ٿو. –ڪ. ب. خ

مثنوي مظهرالا آثار: (فارسي). مرتب، پير حسّام الدين راشدي، ناشر. سنڌي ادبي بورڊ سنڌ.

هيءُ فارسي مثنوي سيد شاهه جهانگير هاشميءَ( متوفي 946 هجري) جي تصنيف آهي، جنهن ۾ تصوف جي مختلف رموز جو بيان ٿيل آهي.

ڏهين صدي هجري، ايران ۽ سنڌ لاءِ وڏن انقلابن ۽ مهمّن جو دور هو ڇو ته انهيءَ صديءَ جي پهرئين چوٿائيءَ ۾ جي قومون ظهور پذير ٿيون، جن ملڪ ۾ انقلاب  ۽ خونريزيءَ جو عالم برپا ڪري ڇڏيو. هڪ طرف سلطنت بزرگ تيموريان تي هرات جي بادشاهه سلطان حسين يقرا جي وفات کان پوءِ تنزل آيو جو بابر جي شخصيت نمودار ٿيڻ کان پوءِ ختم ٿيو. ٻئي طرف شاهه اسماعيل صفوي. مذهبي مسند ڇڏي، شاهي تخت  تي ويٺو ۽ ٽئين طرف کان محمد خان شيباتي، اتر اوڀر تي نمودار ٿيو، ۽ قتل ۽ غارت گريءَ جي بازار گرم ڪري ڇڏيائين.

سنڌ ۾، انهيءَ وقت (914 هجري) ڄام نظام الدين ننده وفات ڪئي. طويل مدت حڪمرانيءَ ڪرڻ سببان هن سلطنت جو انتظام پختو ٿيو.، ڄام نظام الدين جي پٽ فيروز ۽ سندس هڪ رشتيدار ڄام صلاح الدين جي وچ ۾ 914 کان 927 هجري تائين  جنگ رهي. وزيراعظم دريا خان جي همت ۽ تدبير  سان فيروز، حڪومت ته حاصل ڪئي پر ڄام صلاح الدين گجرات جي مدد سان  فوج ڪشي ڪئي. فيروز ’سوي‘. (سيبي) جي حاڪمن ڏانهن  هٿ ڊگهيڙيو، ۽ شاهه بيگ محرم 928 هجري  ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ ڄام صلاح الدين  کي شڪست ڏنائين. هو سبي  واپس وڃڻ بدران سنڌ جو حاڪم  بڻجي ويٺو ۽ سندس وفات (22- شعبان 928 هه) کان پوءِ سندس پٽ شاهه حسن ارغون تخت تي ويٺو. جنهن 929 هه ۾ فيروز سان ٽڪر کاڌو جنهن ۾ ويهه هزار ماڻهو ٻنهي طرفن جا قتل ٿيا ۽ شاهه حسن ارغون سڄي سنڌ جو مالڪ ٿيو.

ارغونن جي تسلط کان پوءِ ايران  ۽ قنڌار کان ڪيترا علمي خاندان سنڌ ۾ اچي ٺٽي ۽ بکر ۾ آباد ٿيا. جن ۾ شاهه  قطب الدين به هو جيڪو بکر ۾ اچي رهيو هو ۽ سنڌ جو پهريون ’شيخ الاسلام‘ مقرر ٿيو. سندس هڪ عزيز شاهه جهانگير هاشمي به 930هه ۾ اچي بکر ۾ سڪونت  پذير ٿيو. هو شيرين ڪلام شاعر ۽ متدّين صوفي بزرگ هو، تذڪرن ۾ آيو آهي ته شاهه جهانگير مولانا جاميءَ جو همعصر هو. ۽ سندس صحبت مان گهڻو فيض پرايو هئائين. سندس ديوان، ابيات، قصيده ۽ هيءَ مثنوي، سندس باڪمال  شاعريءَ ۽ عقدن جي غمازي ڪن ٿا. مثنوي مظهر الا آثار، هاشمي صاحب، ”خمسه نظامي“، ”مطلع خسرو“ ۽ ”تحفته الاحرار جامي“ جي جواب ۾ لکي ۽ ان کي ابو عبدالله، شاهه حسن ارغون جي نالي منسوب  ڪيائين.

تصوف جو حلقهء اثر ان وقت وڌندو آهي، جڏهن ملڪ ۾ افراتفريءَ جون حالتون هونديون آهن ۽ ماڻهو دنياداريءَ کان تنگ اچي، مذهب  جي آڙ ۾ لڪندي، سڪون ۽ بي فڪريءَ جي تلاش ڪندا آهن. هن مثنويءَ جي محرڪ به سنڌ جون هنگامي حالتون ڏٺيون هيون. هن مثنويءَ ۾ تصوف جا اسرار ۽ معرفت الاهيءَ جون رمزون ۽ تزڪيه نفس جا نڪتا، نهايت دلنشين ۽ آسان پيرايي ۾ بيان ٿيل آهن. مثنويءَ جا اشعار اهڙا تابدار ۽ جرڪندڙ موتي آهن، جيڪي سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ ۽ ادب کي هميشہ روشن رکندا ايندا.

 هن ڪتاب کي مختلف قلمي نسخن سان ڀيٽي  ۽ وضاحتي حاشين سان سينگاري  سيد حسّام الدين  راشديءَ تاليف ڪيو آهي. جنهن لاءِ راشديءَ صاحب کيرون لهڻيون. ڪتاب ۾ عالمانه مقدمي کان علاوه هڪ اهڙي فهرست پڻ ڏني ويئي آهي، جنهن ذريعي مختلف نسخن جون پڙهڻيون معلوم ٿي سگهن ٿيون.

ڊيمي سائيز جي 250 صفحن جو هي ڪتاب، فارسي ۽ دينيات جي شاگردن ۽ هر هڪ لئبرريءَ لاءِ ضروري ڪتابن مان هڪ آهي، ۽ ساڍن ٽن روپين ۾ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد وٽان ملي سگهي ٿو. _ ڪ، ب، خ

مثنويات هيررانجها: (مثنوي هير- راجهان فارسي) :- ناشر سنڌي ادبي بورڊ (سنڌ) هرڪا قوم پنهنجي علم ۽ ادبي ورثي سان سڃاتي وڃي ٿي، ۽ ان جي زندگي پڻ علم و ادب جي صحتمند ۽ جاندار ورثي جي زندگيءَ سان وابسته آهي. ماضيءَ جي شاندار روايتن کي اسين زندهه ته رکي ڪين سگهياسون، پر جڏهن ماحول ڦيرو کاڌو، نوان نوان پاڙيسري بڻيا ۽ اسان جي ادب، مزاج ۽ ثقافت جي  پرک ٿيڻ لڳي، تڏهن اسان وٽ ڪجهه ڪين هو جو ثبوت طور پيش ڪري سگهون، ۽ مستقبل لاءِ ڪو موزون مقام حاصل ڪريون. خدا ڀلو ڪري انهن قومي درد- دل رکندڙ حضرات جو، جن ’ادبي بورڊ‘ جي نئين تشڪيل کان پوءِ ان جي پروگرام ۾ اسان جي عالمن، شاعرن ۽ فاضلن جي عربي ۽ فارسي تصنيفن کي ٻيهر شايع ڪرڻ جو انتظام ڪيو، جنهنڪري اهڙيون نادر ۽ مثالي تصنيفون وري منظر عام تي اچي ويون جن اسان جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي خدمت کي نه فقط نروار ڪري ڇڏيو پر اسان  جي مزاج ۽ نظرين  جي وضاحت  ڪئي آهي.

سنڌ ادبي بورڊ، فارسي مطلبوعات جي سلسلي ۾ هي ڪتاب شايع ڪرايو آهي، جنهن ۾ سنڌيءَ ۾ لکيل چار فارسي مثنويون ۽ هڪ طويل قطعو شامل آهن. پهرئين مثنوي مير عظيم الدين ”عظيم“ ٺٽوي جي آهي.”عظيم“، مير فتح علي خان ٽالپر جي دربار جو ملڪ الشعراء  هو ۽ 1214 هجري ۾ ’هير رانجها‘ مثنوي لکي هئائين. ان  کان پوءِ  مير ٺارو خان ٽالپر جي درٻار جي شاعر، مير ضياءالدين ”ضيا“ 1215 هجري ۾، ”آزاد“، وري مير مراد علي خان ٽالپر جي وقت ۾ ۽ پوءِ مرحوم ولي محمد خان لغاريءَ (المتوفي 1247هجري ) انهيءَ موضوع تي مثنويون لکيون. هن ڪتاب ۾ روهڙيءَ جي هڪ صوفي شاعر  مرحوم قادربخش ”بيدل“ (1230-1289هه ) جو هڪ طويل قطعو پڻ شامل ڪيو ويو آهي. انهن پنجن ئي مثنوين کي يڪجا شايع  ڪرڻ سان، انهن شاعرن جي هڪٻئي سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي، ۽ سندن طرزانشاء جي خصوصيتن جو اڀياس پڻ ڪري سگهجي ٿو.

هير و رانجها جو عشقيه داستان- گو، پنجاب جي پيداوار آهي پر ان روماني قصي کي نه فقط برصغير هندوستان ۽ پاڪستان جي مختلف زبانن (هندي، پنجابي، سرائڪي، اردو، پشتو، بلوچي ۽ سنڌي) ۾ منظوم ڪيو ويو آهي. پر انگريزي، فرينچ، فارسي ۽ عربيءَ ۾ پڻ طبع آزمائي ڪئي ويئي آهي، ۽ معلوم ائين ٿو ٿئي ته پاڪستان جي ڪنهن به عوامي حڪايت تي ايتري تحقيق ۽ تحريري مواد ڪين ملي ٿو جيترو ’هير و رانجها‘ جي حڪايت تي مهيا آهي. سنڌي ۽ سرائڪي زبان ۾ سنڌ جي شاعرن جهڙوڪ. روحل، مراد فقير، فقير حمل خان لغاري، فقير بيڪس، امام بخش خادم، سيد حيدر شاهه، فقير غلام علي ’مسرور‘ خليفي نبي بخش خان جو ڪلام اسان جي اڳيان آهي. پنجاب جي قصي تي ايترن سنڌي شاعرن جي طبع آزمائي ڪرڻ، هن علائقي جي ماڻهن جي روشن ضميريءَ ۽ وسعت قلبي جو مظهر آهي ۽ پڻ انساني اخوت ۽ ادب جي بي تعصبي واري رجحان جي غمازي ڪري ٿو.

اسان جو خيال آهي ته ’بورڊ‘ طرفان هن فارسي مثنوين جي مجموعي ۾، ٺٽي جي نواب احمد يار خان برلاس ”يڪتا“ جي مثنوي، جيڪا ’هير ۽ راجهان‘ جي داستان محبت بابت سنڌ ۾ لکيل مثنوين ۾ اوليت جي حيثيت ٿي رکي (ديوان عطارد مقدمه صفحي 67) اها پڻ شامل ڪئي وڃي ها. ۽ ڪلهوڙا دور جي شاعر منشي شيوڪرام ”عطارد“ کي به هن تاريخي مجموعي ۾ شامل ڪيو وڃي ها، جنهن جا قلمي نسخا يونيورسٽي لئبرري ڳليڳڙه ۽ جناب لطف الله بدوي (شڪارپور) وٽ اڃا به موجود آهن. ازنسواءِ لوڪ ادب اسڪيم تحت انهيءَ موضوع تي چيل سنڏي مثنويون پڻ شايع ڪرايون وڃن.

هي ڪتاب وڏي تختيءَ تي چار سؤ صفحن تي مشتمل آهي. شروع ۾ 94 صفحن تي مشتمل، پاڪستان جي مشهور انشاء پرداز جناب حفيظ هوشيارپوري جو عالمانه مقدمه آهي. فارسي اديبات جي شاگردن لاءِ خاص طور ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙن لاءِ عام طور هن ڪتاب جو مطالعو فائديمند آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد وٽان پنجن روپين ۾ ملي سگهي ٿو. _ڪ، ب، خ

تاريخ مظهر شاهجهاني (فارسي): مرتب پير حسّام الدين راشدي، ناشر سنڌي ادبي بورڊ سنڌ.

سنڌ علائقي جي اها بدقسمتي آهي، جو اڄ تائين اسان وٽ ڪا جامع ۽ مبسوط تاريخ ڪانهي.  اردو، انگريزي، فارسي ۽ عربي زبانن ۾ لکيل ڪتابن ۾ ڪن حاڪم، گهراڻن يا ڪنهن خاص دور جو نهايت مختصر ۽ فن تاريخ جي سراسر خلاف جيڪي ڪجهه مواد شايع ٿيو آهي يا ٿي رهيو آهي، ان مان اسان جي اجتماعي طور ڪا خاص تعريف، شناخت ۽ من حيث القوم ڪا گواهي ڪانه ٿي ملي. اهي تاريخي  يا سوانحي ڪتاب يا انهن سفرنامن وانگر آهن، جن ۾ سنڌ بابت ٻڌل ڳالهيون ۽ اوليائن جون ڪرامتون ۽ ماڻهن جي بدعتن جو ذڪر ٿيل آهي. افسوس آهي جو صدين گذرڻ کان پوءِ به تاريخ  نويسيءَ ۽ تذڪره نويسيءَ جي فن جي ڪمال تي پهچڻ بعد به سنڌ اهڙو ڪو مورخ پيدا نه ڪيو، جيڪو پنهنجي قلم کي هن ”بدنصيب ماٿريءَ“ جي صحيح حالتن ۽ ماڻهن جي صحيح ڪردار ۽ فڪر و عمل کي منظر عام تي آڻي، حال جون بي انصافيون ختم ڪري ۽ سنڌين جي خوشگوار مستقبل لاءِ راهون هموار ڪري.

هن سلسلي ۾ سنڌ جي  عوام جون تمنائون ۽ اميدون هميشہ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي پروگرامن ۽ طريقهء عمل سان وابسته  رهيون، ڇو ته اهوئي هڪ اهڙو ادارو ٿي سگهي ٿو جيڪو هن علائقي ۽ هتي جي ماڻهن جي تاريخ؛ ادب، ثقافت ۽ تمدني ورثي کي صدين جي اونداهه مان ڪڍي، نه فقط عصر جديد سان متعارف ڪرائي سگهي ٿو، پر ان کي زندهه جاودان پڻ بڻائي سگهي  ٿو؛ پر اڃا تائين  اهڙو ڪتاب شايع ٿي ڪين سگهيو آهي، جيڪو مذهبي، سياسي، ادبي ۽ تمدني تاريخ جي ضرورت کي پورو ڪري سگهي. اها حقيقت آهي ته بورڊ طرفان سنڌ جي تاريخ  جي سلسلي ۾ چند فارسي ۽ اردو  ڪتاب شايع ڪرايا ويا آهن پر اهي تاريخ نويسيءَ جي جديد فن جي ڪسوٽيءَ تي پورا بيهي نٿا سگهن، ۽ انهيءَ ڪري ئي سنڌ جي تاريخ جو مسئلو اڃا تائين معمو بنيو پيو آهي.

 سنڌ جي تاريخ جي ماخذات طور هن وقت تائين ’بورڊ‘ طرفان جيڪي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، انهن مان ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ نهايت اهم ڪتاب آهي، ڇو ته اهو ڪتاب قديم تاريخ نويسن کي به هٿ اچي ڪين سگهيو، ۽ ان ۾ مغليه دور جي سنڌ  جو اهڙو احوال درج آهي جيڪو اڃا تائين منظر عام تي اچي ڪين سگهيو هو. هي ڪتاب 1044 هجري ۾ يوسف  ميرڪ بن مير ابوالقاسم نمڪين بکريءَ تاليف ڪيو ۽ هينئر ان جي ٻئي حصي کي سيد  حسّام الدين راشديءَ سڌاري مقدمي ۽ حاشين سان سنواري مرتب ڪيو آهي. ڪتاب جي پهرين حصي ۾ ”سياست نامه“ وانگر حڪمرانيءَ ۽ سياستدانيءَ جا اصول ڄاڻايل آهن، ان ۾ سنڌ جو به مختصر تذڪرو آهي، پر وزير تبصره ڪتاب جو اصل، ڪتاب جو ٻيو حصو آهي، ان ۾ سمورو ذڪر بکر کان وٺي ٺٽي تائين ”مغل شاهي“ جي ”درون خانه“ حقيقتن ۽ چشم ديد حالات  تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي  ان وقت وارين تمدني، انتظامي ۽ سياسي حالتن جو تفصيل سان بيان ٿيل آهي، ۽ ائين پيو معلوم ٿئي ته گويا يوسف ميرڪ، ان زماني ۾ به تاريخ نويسيءَ  جي جديد فن کان واقف هو ۽ مغل شاهن ۽ گورنرن سان گڏو گڏ هن عوام ۽ ملڪ جي حالتن جوپڻ نقشو چٽيو آهي.

جيڪڏهن ’علي قانع‘ ۽ ’مير معصوم‘ يا ٻيا سنڌ جا تاريخ نويس، پنهنجن تصنيفن ۾ يوسف ميرڪ  جي طرز تحرير ۽ فڪر  وفن اختيار ڪن ها ته اڄ هوند اسان جي تاريخ جو باب نه ته گمشده هجي ها ۽ نه ئي تشنه-حق آهي ته پير حسّام الدين راشديءَ هن ڪتاب ذريعي وڏي قومي خدمت انجام ڏني آهي.

هي ڪتاب ڊمي سائيز جي 383 صفحن تي مشتمل آهي، ڇپائي، ڪاغذ ۽ گيٽ اپ نهايت شاندار اٿس ۽ ڏهن روپين ۾ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ڪراچي ۽ سکر يا ٻين ڪتب فروشن وٽان ملي سگهي ٿو. ڪ – ب - خ

ذب ذبابات الدراسات (عربي): ناشر ’سنڌي ادبي  بورڊ سنڌ‘

 سنڌي ادبي بورڊ جو هي ٻيو عربي ڪتاب آهي، جيڪو مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي پٽ مخدوم عبداللطيف ٺٽويءَ جي ياد گار تصنيف آهي. هي ڪتاب جو ٻيو حصو آهي. ڪتاب  جي نالي  جي معنيٰ آهي ”مکيون اڏائڻ“ يعني مخدوم محمد معين جي تصنيف  ”دراسات اللبيب“ ۾ جيڪي ڳالهيون مخدوم  عبداللطيف کي غلط نظر آيون تن جو هن ڪتاب ۾ رد ڏنو ويو آهي.

مذهبي معاملن ۽ مسئلن ۾، اهڙن مناظرن يا بحثن يا رد ڪد جو رواج سنڌ  ۾ ئي موقوف ڪينهي، پر اهو حال ساري عالم اسلام جو آهي، ۽ دراصل اهي متنازع فيہ مسئلائي آهن جن سببان ملت اسلاميه ۾ هميشہ انتشار ۽ ڪمزوري رهي آهي. قديم ٺٽي جهڙي شهر ۾ ڪنهن به عالم جي ڪا ڳالهه بناچون وچرا  جي مڃي  وڃي، سونا ممڪن هو. هن ڪتاب ۾ مخدوم  عبداللطيف، جيڪو ٺٽي ۾ علامه محمد معين جو همعصر هو، ۽ اتي ئي 1775ع ۾ وفات ڪيائين. اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اسلامي قانون ۾ ’تقليد‘ جي هڪ عليحده ۽ اهم ۽ صحيح حيثيت آهي ۽ علامه محمد معين جو  نظريو غلط آهي. مخدوم صاحب اها ڪوشش اهل-سنت جي نظريي موجب، روايتي انداز سان ڪئي آهي، ۽ ان لاءِ حديثن جا حوالا ڏنا آهن. سندس تحرير مان اها ڀليءَ ڀت ڄاڻ پوي ٿي ته پنهنجي نظريي بابت سندن مطالعو نهايت وسيع آهي، پر ان ۾ ڪا به نئين يا طبعزاد ڳالهه ڏسڻ ۾ ڪين ٿي اچي. ازنسواءِ طرز تحرير، انشاء پردازي ۽ عربي زبان تي اهڙو عبور  نظر نٿو اچي، جيڪو علامه محمد معين جي ڪتاب ”دراسات اللبيب“ جي خصوصيت آهي.

 هن ڪتاب  ۾ جن موضوعات  تي بحث ڪيو ويو آهي، انهن ۾ اسلامي شريعت جي چئن مڪتبن طرفان ڄاڻايل ماخذ، جيئن ته قرآن، سنت، اجماع ۽ قياس پڻ آهن، ۽ بحث جا دليل اهي ساڳيا آهن جيڪي  اڳ هر ساڳئي نظريي واري عالم طرفان بيان ڪيا پئي ويا. پر انهيءَ هوندي به ائين ڪين چئي سگهبو، ته هن ڪتاب جي اشاعت بيڪار ۽ بي مقصد آهي ڇو ته هن ڪتاب ذريعي اسان  کي سنڌ جي هڪ عالم- دين جي حالات کان واقفيت ٿئي ٿي. ارڙهين صديءَ جي سنڌ جي مذهبي ۽ تمدني حالتن ۽ عربي زبان جي رواج جو پتو پئجي ٿو. ازنسواءِ هن ڪتاب ۾ بحث دوران، مخدوم عبداللطيف ڪيترن ڪتابن ۽ ڪيترن عالمن جا اقوال پنهنجي نظريي جي تائيد ۾ نقل ڪيا آهن، جنهن مان معلوم  ٿو ٿئي ته  ڪهڙن عالمن،هن  علائقي جي مذهبي ۽ ثقافتي تحريڪن ۾ حصو پئي ورتو.

هي ڪتاب پڻ مولانا محمد عبدالرشيد نعمانيءَ جي تحقيق، محنت  ۽ ڪاوش جو نتيجو آهي،جنهن صاحب  هن ڪتاب  کي نه فقط ايڊٽ ڪيو آهي، پر ان ۾ نالن ۽ مقامات جون فهرستون شامل ڪري، ان کي محققن لاءِ وڌيڪ ڪار آمد بڻايو آهي. جيئن  ته نعماني صاحب خود علامه محمد معين جي عقيدن  جو معتقد ڏسڻ ۾ ٿو اچي، تنهنڪري ”دراسات اللبيب“ وانگر هن ڪتاب ۾ ’تعليقات‘ (وضاحت ۽ تشريح) طور ڪوبه مضمون شامل ڪين ڪيو اٿس. نعماني صاحب کان البته هڪ  فروگذاشت ٿي آهي جو هن صاحب تفصيل سان ڪتاب لکڻ ۽ مصنف واري زماني جي مذهبي ۽ تمدني حالتن جو ڪو به ذڪر ڪين ڪيو آهي.’سنڌي ادبي بورڊ‘ کي انهيءَ ڳالهه ڏانهن توجهه ڏيڻ  گهرجي ته سنڌي زبان جي ڪتابن کان علاوه، ان جي ٻي هر هڪ  مطبوعات ۾، ان زماني جي سنڌ جو اقتصادي، مذهبي ۽ تمدني پس منظر ضرور شامل ڪيو وڃي.

 هي ڪتاب ڊيمي سائيز جي اٽڪل هزار کن صفحن تي مشتمل آهي ۽ 15 روپين ۾، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد وٽان ملي سگهي ٿو._ ڪ. ب. خ

ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد تان  نشر ٿيل تبصرا.

سنڌي ادب جو واڌارو

[ نوٽ- هت ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد ’سنڌي ادب جو واڌارو‘ جي عنوان سان، نشر ڪيل تبصرا پيش ڪجن ٿا. انهن ڪتابن ۾ ’فرهنگ جعفري‘، ’ٽيهه اکريون‘، ’اکڙيون مينگهه ملهار‘، ’دنيا درنگي‘، ’مُناقبا‘، ’سيف الملوڪ‘، ’عبرت ڪده‘، ’وروطن ڄائي‘ اچي وڃن ٿا. تبصره نگار حسب ترتيب هي آهن: سراج، بشير مورياڻي، مير محمد نظاماڻي،

اسان جي ذاتي راءِ اها آهي ته ڪتابن جي انتخاب سان گڏ تبصرن ۽ نقادن جي انتخاب کي پڻ وڏي اهميت حاصل آهي. ڪيترا علمي ۽ فني موضوع ۽ بحث اهڙا آهن، جن تي هر ڪو مبصر لکي نٿو سگهي. ان طرح خاص نظرياتي ۽ اختلافي مسئلن کي پڻ ترديدي ۽ تنقيدي انداز ۾ پيش ڪرڻ کان به  بچڻ گهرجي. جيئن  ڪي  تبصرا ان قسم جا ئي نظر اچن ٿا. جيئن ’ور وطن ڄائي‘، جو اسان مجبوراً پيش نٿا ڪريون.

اسان اهي تصبرا، هو بهو ڦيرڦار کان  سواءِ پيش ڪريون ٿا. زبان جي صحت ۽ فن جي غلطين جي صلاح کان اسان پاسو ڪيو آهي. ان جا جوابدار لکندڙ ۽ نشر ڪندڙ ئي آهن. ۽ خاص ۽ توجهه طلب حصا نمايان ڪيا ويا آهن.

آخر ۾ اسان ڊائريڪٽر ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد جا شڪر گذار آهيون. جنهن صاحب، اهي تبصرا اسان کي خوشيءَ سان ڏياري موڪليا، اميد ته آئنده به اهڙا تبصرا عنايت ڪندا رهندا. _غ. م. گ]

فرهنگ جعفري: هر ڪنهن ٻوليءَ جو دارومدار ان جي علمي ۽ ادبي سرمايي تي آهي. سنڌي ٻوليءَ وٽ، ٻين زندهه ٻولين وانگر، پنهنجو چڱو خاصو علمي ۽ ادبي سرمايو موجود آهي، ۽ باشعور  لکندڙ ۽ ادارا، انهيءَ کي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ شاهوڪار  ڪندا وڃن ٿا. سنڌي ادبي بورڊ، پهريون ادارو آهي، جنهن سنڌي علم و ادب جي هر پهلوءَ تي معياري  ڪتاب شايع ڪيا آهن. بورڊ  جي تازو شايع ڪيل ڪتابن مان، ٻه ڪتاب آهن: ”فرهنگ جعفري“ ۽ ”ٽيهه اکريون“.

’فرهنگ جعفري‘ ٽن جلدن ۾، اٽڪل ساڍن سترهن سَون صفحن جو هڪ ضخيم ڪتاب آهي، جنهن کي  ادبي بورڊ، پنهنجي روايتي اندز سان نهايت سهڻي ٽائيپ ۽ ديده زيب ڪَور سان شايع ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ جديد يا قديم سائنسي علمن متعلق ڪتابن جي اڻاٺ آهي. ورهاڱي کان اڳ  علم ڪيميا، علم طبعي ۽ علم بدن وغيره جهڙن موضوعن تي ڪتاب ڇپيا هئا، پر آزاديءَ کان پوءِ ادبي بورڊ ئي ان پاسي ڌيان ڏنو آهي. ڊاڪٽر علي احمد قاضيءَ جي لاجواب ڪتاب ’تن ۽ تندرستي‘ کان سواءِ، ’مهراڻ‘ ۾ ڊاڪٽر فضل رحيم، ڊاڪٽر نور احمد سومري ۽ ٻين عالمن جا جوهري طاقت ۽ ائٽم تي سٺا سٺا مضمون شايع ٿيا آهن، جن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي زبان ۾ سائنسي مضمونن  کي چڱيءَ طرح نڀائڻ  ۽ سمجهائڻ جون سموريون صلاحيتون موجود آهن. انهيءَ ڏ ِس ۾، بورڊ جو هيءُ ڪتاب فرهنگ جعفري هڪ سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو. انهيءَ جا پهريان ٻه جلد سنڌي مشهور ۽ ڄاڻو حڪيم مرحوم محمد جعفر صاحب جا تصنيف ڪيل آهن، جن کي سنڌيءَ جي مشهور اديب ۽ شاعر ۽ طبيه ڪاليج جي پروفيسر نياز همايونيءَ نئين سر سڌاري ترتيب ڏني آهي. ٽيون جلد نياز همايونيءَ جي پنهنجيءَ ڪوشش جو نتيجو آهي. دوائن جي علم ۽ يوناني  طب متعلق ههڙو همه گير ڪتاب شايع ٿيڻ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ نيڪ  فال آهي. جديد طبي علم يعني ايلوپٿي، يوناني طب جي تجربن ۽ نسخن جي آزمائشن جي بنياد تي پيدا ڪيل علم آهي، بلڪ ائين کڻي چئجي ته ايلوپٿي يوناني طب جي هڪ جديد ۽ سڌريل صورت آهي.

 فرهنگ جعفري ۾، حڪيم محمد جعفر مرحوم جي آزمايل دوائن ۽ نسخن کي سليس سنڌي ۾ سمجهايو ويو آهي.  دوائن جا اثر، ڪيفيتون ۽ خصوصيتون تفصيل سان ڏنل آهن. ساڳيءَ طرح مرضن جي تشخيص ۽ مختلف نسخن جي ترڪيبن ۽  تاثير جي مڪمل معلومات ڏني ويئي آهي. سڀ کان اهم اها ڳالهه آهي ته مرضن ۽ دوائن، گلن ۽ ٻوٽن،  جڙين ۽ ٻوٽين وغيره جا سنڌي نالا ڳولي يا مقرر ڪري، انهن کي مروج عربي، هندي، ترڪي ۽ فارسي  نالن جي سامهون ڏنو ويو  آهي. ان سان گڏ جديد طبي علم  جي بنياد تي تاثيرن، ترڪيبن ۽ ڪيفيتن جا انگريزي، نالا پڻ  ڏنا ويا آهن، جئن معلومات وڌيڪ ڪارآمد ٿئي، ۽ يوناني طب کي ’جديد علم‘ جي روشنيءَ ۾ سمجهي  سگهجي.

ٽيون جلد ته سڄو سنڌيءَ ۾، انگريزي دوائن جي علم يعني ميٽريا ميڊيڪا کي تفصيلي.  طرح سمجهايل آهي، جو سنڌي ٻوليءَ جو سائنسي معلومات ۽ هڪ قيمتي اضافو آهي. هڪ  طرح ته ڪم از ڪم چئن ٻولين يعني عربي، هندي، ترڪي ۽ انگريزي لفظن جي سنڌي لفظن ۾ چڱي موچاري سائنسي ۽ طبي لغت تيار ٿي  پئي آهي؛ ۽ ٻئي  طرف دوائن ۽ مرضن جي علم جي سائنسي تحقيق سنڌيءَ ۾ مهيا ڪئي ويئي آهي. ان ڪري هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ نادر اضافو آهي، جو نه رڳو حڪيمن ۽ طبيبن لاءِ نهايت ئي ڪارائتو ٿيندو، بلڪ اهو پڻ ثابت ڪري ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي علمن کي نڀائڻ جون سموريون صلاحيتون موجود آهن. نياز همايوني صاحب، سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي خزانن مهيا ڪرڻ ۾ نهايت جا نفشانيءَ سان محنت ڪئي آهي، جنهن لاءِ هو بيشڪ تحسين جو مستحق آهي. اميد ته سائنس جي ٻين موضوعن تي پڻ سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٻيا ادرا اهڙا مفيد ڪتاب گهڻي تعداد ۾ شايع ڪري، ٻوليءَ جي ادبي ۽ علمي سرمايي کي وڌيڪ شاهوڪار ڪندا. _سراج

ٽيهه اکريون: هيءُ ڪتاب، ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم جو پنجون ڪتاب آهي. پنجن سوَن صفحن کان به مٿي، هيءُ ضخيم ڪتاب، ڇپائيءَ ۽ آرائش جو هڪ سهڻو مثال آهي.

لوڪ ادب ٻوليءَ جو اهو سرمايو آهي، جنهن کي سانڍڻ ۽ سهيڙڻ سان زبان، دنيا جي زندهه ٻولين جي صف ۾ شمار ٿئي ٿي. انسان جي بنهه بنيادي امنگن، جلبّتن ۽ جذبن جي صحيح تصوير ۽ تشريح لڪ ادب ۾ ئي ملي ٿي.  جيڪڏهن ڪنهن قوم جو ڪردار ۽ تاريخي حيثيت معلوم ڪرڻي  هجي، ته سندن لوڪ ادب ۽ فن بهترين ذريعو آهي. سنڌي ٻوليءَ جو لوڪ ادب ايترو ته وسيع ۽ گهڻو آهي، جو انهيءَ سموري خزاني کي گڏ ڪري، جديد نموني سان ڇپائڻ لاءِ سالن جا سال درڪار آهن. اسان جي خوش نصيبي آهي، جو ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ان ڏِس ۾ هڪ ڪامياب قدم کڻي چڪو آهي، ۽ انهيءَ اسڪيم هيٺ ابتدائي طرح چاليهن ڪتابن مان هي پنجون ڪتاب شايع ٿيو آهي.

ٽيهه اکريون يا سي حرفي، سنڌي ٻوليءَ جي لوڪ ادب جي هڪ انفرادي صنف آهي ۽ دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ان جو ڪو مثال ڪو نه ٿو ملي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي نگرانيءَ هيٺ هي گڏ ڪيل ٽيونجاهه ٽيهه اکريون، ان صنف جو نمايان نمونو آهن. ٽيهه اکريءَ ۾، سنڌي الف- بي جي انهن ٽيهن اکرن جي اچارن سان بند ٻڌا وڃن ٿا، جيڪي عربي رسم الخط مان اختيار ڪيا ويا آهن.  اهي بند يا ته پابند نظم جي صورت ۾، يا بيتن ۽ ڏوهيڙن جي صورت ۾ چيا وڃن ٿا، ۽ شاعر ضرورت آهر انهن ۾ پنهنجون ترميمون ۽ اضافا ڪندا رهيا آهن. ٽيهه اکريءَ  جي سڀ کان وڏي خصوصيت آهي تجنيس-حرفي، هونهن به وادي-سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ تجنيس-حرفي نهايت مقبول صنف آهي. ٽيهه اکريءَ ۾ شاعرن انهيءَ کي اڃائي خوبصورت نموني ۾ ادا ڪيو آهي. هن  ڪتاب جي هڪ اهم خصوصيت اها به آهي ته ڪيترائي اهڙا نوان شاعر معلوم  ٿيا آهن، جن جي سنڌي پڙهندڙن کي اڳ ڪا به ڃاڻ ڪانه هئي. ٽيهه اکريون، اسان جي سموري ڪلاسيڪي ادب وانگر  مذهبي موضوعن کان شروع  ٿيون،  ۽ وقت  جي رفتار سان شاعرن انهيءَ ۾ اصلاحي ۽ عشق ۽ محبت جا مضمون پڻ آندا آهن. اسان جي مڃيل عظيم شاعرن، شاهه، سچل، حمل وغيره کان سواءِ، نون شاعرن جون ٽيهه اکريون به نهايت ئي سهڻيون  ۽ دلپذير نظم جو نمونو آهن.مثال طور لعل محمد ’لعل‘ جي ٽيهه اکري ”سسئي“ هڪ  بيمثال چيز آهي. ڇا سندس لفظن جي نزاڪت آهي، ڇا سندس قافيي جو ڪمال!_

 بي ئون برهه بقاءَ جي، لڳيس ڪا لوري،

تن ۾ تار تکيري، جيءَ اندر جمهوري،

گهمي پئي گوندر ۾،  ناڪس ندوري،

روئي رت گاڏهون، ڇپر ۾ ڇوري- وغيره

رڳو انهيءَ هڪڙي ٽيهه اکريءَ ۾ ستن سوَن کان به وڌيڪ مصرعون آهن، جن مان هر هڪ ۾ تجنيس کان سواءِ، استعاري ۽ لفظي صنعتن ۽ خيال جي گهرائيءَ جا اعليٰ نمونا ملن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com