سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1962ع

مضمون

صفحو :5

خواجه احمد عباس

مترجم: تاج بلوچ

هاٿيءَ جا ڏند

ٻه هٿ مٿي هوا ۾ کڄي ويا...هڪ هٿ ۾ هٿوڙو ۽ ٻئي هٿ ۾ ڏاٽو هو...انقلابي نوجوان جي اکين ۾ هڪ قسم جي  عجيب چمڪ هئي...هن جي آواز ۾ ڪروڙين ڪڙمين ۽ مزدورن جي نعرن جو پڙاڏو پڙلاءُ ڪري رهيو هو...!

هو مزدورن جو اڳواڻ هو...۽ پاڻ  به هڪ مزدور هو، جيڪڏهن هن جي هٿن ۾ ڏاٽو ۽ مترڪو نه به هجن ها تڏهن به هن جي مزدور هجڻ ۾ ڪنهن کي به ڪو شڪ يا گمان ڪين ٿئي ها. هن جي نيري قميص ۽ پتلون تي ڪارخاني جي مشين جي تيل جا نشان نظر اچي رهيا هئا. هن جون ٻانهون پڻ مٿي کنجيل هيون ۽ سندس مضبوط ٻانهن تي ڪارا ۽ سنهڙا سنهڙا گهنڊيدار وار هن جي مردانگيءَ جو اعلان ڪري رهيا هئا... هن جي پيرن ۾ گند ڪچري سان ڀريل ڦاٽل ۽ ٽٽل چمپل پيل هئا...هن جي ڪن مٿان ٻيڙيءَ جو اڌڙ ٽو ٽو پيل هو. هن جي کيسي مان ڪارل مارڪس جو ڪتابڙو،  ”ڪميونسٽ ميني فسٽو“ نظر اچي رهيو هو.

ساٿيو! هن مزدورن جي گوڙ کي خطاب ڪندي چيو، ”اسين فوٽ پاٿ جا رهواسي آهيون، اسين ڏتڙيل ۽ آواره ڪوٺايون ٿا، اسين بيڪار گذاريون ٿا، اسان کي نوڪري ملڻ تمام ڪٺن ڪم آهي، اسان کي ٻه  ويلا ڳڀو به نصيب ڪونهي ۽ اسان جا هاري ڀائر جي زمين ۾ ٻج  ۽ پاڻيءَ سان گڏ پنهنجو خون پگهر ملائي اَنُ اپائن ٿا، پر بکن وگهي مرن ٿا، سندن ٻچا انگ اگهاڙا ۽ لولي لاءِ ليلائيندا رهن ٿا... اڄ اسان پنهنجو حق گهرون ٿا ۽ هن ڳالهه جو اعلان ڪريون ٿا، ته هي محلن، تخت ۽ تاج جي دنيا هڏڪيون ڏيئي پنهنجا پساهه پورا ڪري رهي آهي...انهي کي ختم ڪري اسان ان جي کنڊرن تي هڪ نئين نظام جو بنياد وجهنداسين، جنهن ۾ نه ته ڪو امير هوندو ۽ نه ئي غريب، جنهن ۾ نه ته ڪو محلن ۾ سک ۽ سانت سان سمهي آرام ڪندو ۽ نه ئي ڪو فوٽ پاٿ تي کڙيون گسائي مري ويندو... جنهن ۾، هر انسان کي سندس محنت ۽ ضرورت پٽاندر هرچيز حاضر ڪري ڏبي...دوستو! اهو نظام ڪو پاڻ هرتو ٺهي تيار نه ٿيندو، پر ان لاءِ اسان کي پاڻ پتوڙڻو پوندو، قربانيون ڏيڻون پونديون، پنهنجو ۽ پنهنجي دشمنن جو خون وهائي انقلاب آڻڻو پوندو!“

هڪ هزار مزدورن گڏجي وڏي زور سان نعرو هنيو...”انقلاب زنده آباد!“ ۽ هڪ ٻيو آواز اڀريو؛ جيڪو هزار مزدورن جي گڏيل آواز کان به وڌيڪ پرائر، ڳرو ۽ ڀوائتو هو...”او. ڪي! ريڊي فار ٽيڪ!“

ميڪ اپ مئن، انقلابي نوجوان ڏانهن ڊوڙ پاتي، جيئن پگهر کي اگهي، پينٽ ۽ پائونڊر سان ٿڦيل منهن تي، سخت محنت کان آيل ڪارين ليڪن کي وڌيڪ ظاهر ڪري ڏيکاري... ۽ ان سان گڏوگڏ وارن بنائن واري ڇوڪري به پنهنجو سامان کڻي اڳتي وڌي، جيئن انقلابي  نوجوان جي هٿرادو ۽ گهنڊيدار وارن مان لڪل ”هيئرپن“ ڪڍي وٺي...پر انقلابي نوجوان ٻنهي کي تڙي ڏيئي پوئتي هٽائي ڇڏيو.

”پهريائين مون کي پروڊيوسر ساڻ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ڏيو!“ سيٽ جي ڪنڊ ۾ انقلابي نوجوان ۽ پروڊيوسر جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي... انقلابي نوجوان چيو، ”شاٽ ري ٽيڪ ٿيڻ کان اڳ ۾ انسٽالمينٽ ملڻ گهرجي!“

”ها! ها!بلڪل!“

ڏڪندڙ هٿن  سان پنهنجي ڪوٽ جي اندرين کيسي مان نوٽن جي هڪ وڏي ٿهي ڪڍي ” ڳڻي کڻو، پورا ڏهه هزار آهن. انقلابي نوجوان ڏهه هزار نوٽن جو بنڊل پنهنجي ڦاٽل ۽ چتين لڳل پتلون جي کاٻي کيسي ۾ وڌو... پروڊيوسر سوال ڪيو، ”رسيد؟“

انقلابي نوجوان چيو، ”مان پنهنجي سيڪريٽريءَ کي چئي ڇڏيندس ته هو اوهان کي هڪ  هزار جي رسيد پهچائي ڏي...!“ پروڊيوسر چيو، ”ٿينڪ يو!“

انقلابي نوجوان مشڪندي ڊائريڪٽر وٽ ويو ۽ چيائين، ”او. ڪي، ريڊي فارٽيڪ!“ سڄو اسٽوڊيو بلبن جي روشنين سان جهومر ڪرڻ لڳو. ڊائريڪٽر حڪم ڏنو، ”سائونڊ اسٽارٽ!“ ڪليپربئاءِ، سين ۽ شاٽ نمبر جي تختي ڪمري جي سامهون آندي، لائوڊ اسپيڪر مان آواز آيو، ”سائونڊ رننگ!“ ڪليپربئاءِ، ڪليپ ڏيئي يڪدم پٺتي هٽي ويو. ڪمري ۾ فلم هلڻ لڳي ٻه هٿ مٿي هوا ۾ کڄي ويا ۽ انقلابي نوجوان زور سان چوڻ شروع ڪيو، ” ساٿيو!“... مگر ڊائريڪٽر رڙ ڪري چيو، ”ڪٽ. ڪٽ!“...انقلابي نوجوان ڪجهه قدر ناراضگيءَ سان پڇيو... ”ڇو، ڇا ٿو؟“

ڊائريڪٽر هن جي هٿن ڏانهن اشارو ڪيو، جي اڄا تائين مٿي هوا ۾ کڄيل هئا... کٻي ۾ ڏاٽو...۽ سڄي هٿ ۾ ڏهه هزارن نوٽن جي ٿهي...

عربيءَ ۾: مصطفيٰ الطفي المنفلوطي

مترجم: محمد علي سانگي

ادائگي

منهنجو هڪڙو دوست هو، جنهن پنهنجي هڪ ٻهڪندڙ باغ ۾ هڪڙو سهڻو ۽ عاليشان محل جوڙايو هو، جيڪو سبز ٽڪري ۾ ائين چمڪي رهيو هو، جيئن روشن ستارو نيلي گنبذ ۾ اهو پنهنجي بلند ڪنگرن سان آسمان کي ڌڪي رهيو هو. اهو ڄڻڪ فضا ۾ لامارو ڏيندڙ عقاب هو يا جوزاءِ جي ڪن ۾ لٽڪندڙ پنڙو. ان جا ڪنگرا ڄڻڪ ڪن هئا، جن ۾ سج ۽ چنڊ اچي وڃي رهيا هئا.

هن مصور لاءِ ڪو اهڙو برش نه ڇڏيو هو، جيڪو محل جي ڀتين، ڇتين، درين ۽ ٿنڀن تي نه هلايو ويو هجي. ان ڪري محلات جي صفن، ڪوٺين، محرابن ۾ گهمندڙن کي اهو خيال ايندو هو ته ڄڻڪ لال گلابي گلن ۾ سفيد ڦلن سان ٻهڪندڙ باغ مان نڪري،  ميرانجهڙن بگهڙن ۽ چٽڪمرن چيتن سان ڀريل ميدان ڏانهن وڃي رهيو هجي؛ يا انهيءَ شڪار گاهه مان نڪري، جنهن ۾ شينهن هرڻي  کي شڪار ڪندا هجن، انهيءَ شڪار گاهه ڏانهن ويندو هجي، سنگ مر مر جو گول تلاءُ به ٺهرائي ڇڏيو هو، جنهن جي وچ ۾ ڦوهارو هلي رهيو هو. جيڪو ڄڻڪ هڪ اگهاڙي تلوار هو يا نشان ڏانهن سڌو تتر. ان ڪري ڏسندڙ ايئن سمجهندو هو ته زمين آسمان کان بدلو وٺي رهي هئي. ۽ ان ۾ هاريل خون جي ان کان تقاضا ڪري رهي هئي. هو هن کي رجوم ۽ شهاب سان قتل ڪري  رهيو ته هيءَ وري هن کي تيرن ۽ لٺين سان قتل ڪري رهي هئي. هن گول تلاءُ جي چوڌاري ننڍا ننڍا ساڳئي خواه مختلف قسم جا ٻوٽا لڳائي ڇڏيا هئا، جيڪي عجيب ۽ وڻندڙ ڇڳن ۽ ٽارين سان موهي رهيا هئا. جڏهن صبح جي ٿڌي هير هنن کي  نوڙائي لوڏيندي هئي، تڏهن هو گلن جي غاليچي تي ۽ ميون جي سايي هيٺان رقص ڪرڻ لڳنديون هيون. انهن جي رقص تي پکي ڳائڻ لڳندا هئا، مگر ڳائڻ لاتين وارو، ۽ نه ستار جي تار وارو.

هن پنهنجي عيش و عشرت لاءِ خدا جي ڏني مان ڪافي ڪجهه ان محل ۾  موجوده ڪري رکيو هو. هن آرام لاءِ گاديلا، صوفاسيٽ، وهاڻا، آرام ڪرسيون، پلنگ، پٿرڻيون، پلنگن لاءِ پردا ۽ مڇردانيون لڳائي ڇڏيون هيون. اکين کي فرحت ڏيڻ  لاءِ پٿر ۽ سون جا مجسما ۽ نظر کي  ڇڪيندڙ نقش ۽ تصويرون لڳائي ڇڏيون هئائين. کائڻ پيئڻ لاءِ هن وٽ محل ۾ باهه جي شعلن وانگر  چمڪندڙ سونيون پليٽيون ۽ نور وانگر روشن بلور جا پيالا ۽ گلاس موجود هئا. وندر لاءِ هن وٽ ڪبوترن جون کڏيون ۽ شينهن ۽ چيتن لاءِ چراگاه. سواريءَ لاءِ موٽرون، گاڏيون ۽ عمدا گهوڙا تيار رهندا هئا. خدمت لاءِ ٻانهيون ۽ ٻانها مقرر ٿيل هئا. ائين ڦريا بيٺا هوندا هئا جيئن ڪنواريءَ ڇوڪري جي نازڪ گردن ۾ هار. ۽ سهڻا حسين خادم محلات جي ڪمرن ۽ صفن ۾ ائين هلندا رهندا هئا جيئن جنت ۾ غلمان.

سياري جي هڪڙي ڪاري ۽ اونداهي رات جو ان محل مالڪ بيهوشيءَ مان ڪجهه سڌير ٿيو. هو پنهنجي پلنگ تي ٿورو چريو پريو ۽ اکيون کولي هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو. هن کي پنهنجي اڳيان سواءِ خادم ’بلال‘ جي ٻيو ڪو ماڻهو ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. بلال حبشي نسل جو، عمر ۾ موٽيل هو. محلات جي مالڪ ننڍي هوندي کان هن جي پرورش ڪئي هئي ۽ جڏهن بلال وڏو ٿيو تڏهين به هن جو بار انهيءَ محل جي مالڪ مٿان هو. هن  ۾ هوشياريءَ ۽ وفاداريءَ جون ٻئي وصفون گڏ هيون. هن نهايت افسرده ۽ پريشان حال ۾ بلال کي پاڻيءَ ڍڪ آڻڻ لاءِ اشارو ڪيو. بلال پاڻي کڻي آيو ۽ هن کي ٽيڪ ويهاري پاڻي پياريائين. پاڻي ڄڻڪ هن جي زبان جي ڳنڍ کولي  وڌي. هن پڇيو ”بلال! رات جو ڪهڙو پهر آهي؟“ هن جواب ڏنو ”سائين، هينئر رات جو باقي پويون پهر آهي.“ هن! چيو، ” ڇا تنهنجي مالڪياڻي اڃا تائين ڪونه موٽي آهي؟“ بلال ناڪار ۾ جواب ڏنو. انهيءَ تي هو ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ اهڙو ٿڌو ساهه کنيائين جو هن جي دل جو پردو ڦاٽڻ تي هو. وري هو پنهنجي ليکي ڳالهائڻ لڳو، ڄڻڪ دل کي چئي رهيو هو. ”هن کي خبر به آهي ته مان بيمار آهيان ۽ مون کي اهڙي ماڻهوءَ جي ضرورت آهي، جيڪو منهنجي ڀرسان جاڳندو رهي، منهنجي سنڀال ڪندو رهي ۽ منهنجي تڪليفن کي هلڪو ڪندو رهي. محلات جي رهندڙن مان منهنجي سنڀال جو حق هن کان وڌيڪ ڪنهن تي ڪونه آهي. ڪٿي آهي هن جي اها وفاداري جنهن جي هوءَ دعوا ڪندي رهندي هئي ۽ منهنجي اڳيان قسم کڻي مون کي يقين ڏياريندي هئي؟ ڪٿي آهي هن جي اها محبت جنهن جو صبح ۽ شام، اويل ۽ سويل هوءَ هوڪو ڏيندي رهندي هئي؟ ڪٿي آهي اها خوشي جنهن جي هرحصي جو مان کيس سير ڪرائيندو هوس ۽ ڪٿي آهي هو عيش ۽ آرام جنهن جا مان هن کي پيالا پياريندو هوس؟ ڇا سچ پچ هن کي اهو معلوم ٿي ويو آهي، ته مان موت و حيات جي انهي ڪشمڪش ۾ آهيان، جنهن ۾ نه زندگيءَ جي اميد رکي سگهان ٿو ۽ نه موت جو رستو لهي سگهان ٿو، جو هوءَ مون کان بيزار ٿي ويئي ۽ منهنجو پاڇو به ڳورو سمجهڻ لڳي؟ ڇا هن کي منهنجو موت پري ڏسڻ ۾ آيو ۽ منهجو مرض طويل ۽ لادوا  نظر آيو جو هوءَ. هر رات جو مون وٽان کسي ٻئي هنڌ ويندي رهي ٿي؟ هاءِ ڙي حياتي!ڪيڏي نه ڊگهي ٿي پيئي آهي!! هاءِ ڙي موت! ڪيترو نه پري ٿي ويو آهين!“

هو پنهنجي ليکي اهڙي نموني جون ڳالهيون ڪندو رهيو، ته ايتري ۾ وري هن جي بي آرامي  وڌڻ لڳي. هن جي اعصاب ۾ اضطراب پيدا ٿيو ۽ وري اچي هن کي بخار ورتو. هن جو مٿو تپ جي باهه ۾ ائين ٽهڪي رهيو هو، جيئن ڪني ۾ پاڻي ٽهڪندو آهي. هو گهڙي ساعت بستري تي ڪـِري پيو ۽ موت جي پيالي مان ڪؤڙا ڍڪ ڀرڻ لڳو؛ مگر پنهنجي ڪمبختيءَ سبب اڃا آخري ڍڪ پي  پورو ڪري نه سگهيو.

هو ٻئي دفعي به غشيءَ مان سڌير ٿيو. جڏهين پنهنجي ڀرسان هن کي نه ڏٺائين، جنهن جي لاءِ هن جي دل حسرتن جاڳوڙها وهائي رهي  هئي، تڏهن نوڪر کان پڇڻ لڳو، ”بلال! ڇا توکي خبر ڪانه آهي ته تنهنجي مالڪياڻي ڪيڏانهن ويئي آهي؟“ بلال جواب ۾ چوڻ لڳو، ”سائين! توهان جي لاءِ بهتر ائين آهي ته هن جو انتطار نه ڪريو ۽ نه وري هن کي توهان کان پري رهڻ جي ڪري ملامت ئي ڪريو ڇاڪاڻ ته هن جو ڪنهن ماڻهوءَ ڏانهن قرض آهي ۽ هوءَ هر رات هن کان قرض جي تقاضا ڪرڻ ويندي آهي.“ هو چوڻ لڳو، ” هن کان اڳ مون کي اها خبر  ڪانه هئي ته هن جي ۽ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي وچ ۾ اهڙو ڪو معاملو آهي؛ پر ڪو قرضخواهه، رات جو، ڪڏهين قرض جي تقاضا ڪرڻ به ويندو آهي ڇا؟ ڇا هوءَ ڪو اهڙو ماڻهو نه لهي سگهي، جيڪو هن جي پاران اهو ڪم ڪري جو هن پنهنجي سر ان کي پنهنجي هٿ ۾ کنيو؟“  ڇا سڄو سال  هن وٽ وڃڻ کان پوءِ به اڃا قرض جي معاملي کان واندي ڪانه ٿي آهي؟“  هن چيو، ”هن جي ۽ قرضدار جي وچ ۾ دستاويز لکيل آهي ته هو قرض قسطن ۾ ادا ڪندو ۽ هر رات هڪ قسط ادا ڪندو ۽ هوءَ پاڻ ئي اها قسط وٺندي رهندي ازنسواءِ قرض جي ادائگيءَ  جا وقت به رات جا پويان پهر هوندا.“ هو چوڻ لڳو، ”مون پنهنجي حياتيءَ ۾ هن جهڙوعجيب قرض ۽ ههڙو انوکو دستاويز ڪونه ٻڌو. هن جو قرضدار ڪير آهي؟“ هو چوڻ لڳو، ”سائين، ”توهان.“ اهو ٻڌي هو مد هوش ۽ پريشان  ماڻهوءَ وانگر هن ڏانهن نظر ڦيرائي ڏسي چوڻ لڳو، ”مان جيڪي تنهنجي واتان ٻڌي رهيو آهيان، ان جي عجيب غريب هجڻ ڪري چريو نه ٿي پوان!، مان ڀانيان ٿو ته تون يا ته بڪواس ڪري رهيو آهين يا مذاق ڪري رهيو آهين!“ اتي نوڪر  هن جي ويجهو آيو ۽ چوڻ لڳو، ”سائين خدا جو قسم، مون پنهنجي زندگيءَ ۾ نه ڪڏهين بڪواس ڪئي آهي ۽ نه مذاق ڪئي آهي. ڇا توهان کي اهي دراز راتيون ياد ڪونه آهن، جيڪي توهان گهر کان ٻاهر گذاريندا هئا، جن ۾ توهان اويل سويل پراون محلن ڏانهن پريشان ٿي ويندا رهندا هئا، رنگين محفلن ۾ پيالا به پيئندا هئا، ۽ تماشه گاه توهان جو دامن ڇڪيندا هئا ۽ ناچ گاه توهان جي دولت سان هاڃو ڪري گذاريندا هئا! انهن راتين ۾ توهان پنهنجي زال کي انهيءَ ڪمري ۾ ۽ انهيءَ ئي کٽ تي  اڪيلو ڇڏي ويندا هئا. هوءَ اٻاڻڪائيءَ ۽ اداسائيءَ جي شڪايت ڪندي رهندي هئي ۽ اڪيلائيءَ تي روئندي هئي. هوءَ توهان جي سڪ ۽ محبت ۾ ٽانڊن کان وڌيڪ گرم بستري تي پاسا ورائندي رهندي هئي، جڏهين رات جو ڪانءُ ڪراڙو ٿيندو هو ۽ صبح جو عقاب اڏامڻ لڳندو هو، تڏهين توهان دروازي ۾ داخل ٿيندا هئا. هن کان توهان ئي اها گذريل  راتيون سلب ڪيون هيون، تنهنڪري توهان ئي هن جا، انهن راتين جا قرضي ٿي پيا آهيو ۽ هوءَ هاڻي توهان  کان هڪ هڪ رات ڪري واپس اڳاڙي رهي آهي، جيستائين انهن کي پورو ڪري اهو آهي هن جو قرض ۽ هي راتيون آهن جو هن جون قرضي. ڇا توهان کي ياد نه آهي ته انهن راتين ۾ توهان ڪيترا دفعا ڌاريءَ زال کي سندس مڙس کان روڪي پاڻ وٽ ويهاريو هو ۽  توهان هن جا مالڪ بڻجي ويٺا هئا! هو ويچارو، توهان واري ساڳئيءَ هن حالت ۾،  ۽ توهان اڄ روئي رهيا آهيو ۽ ماتم ڪري رهيا آهيو. اڄ اهو مڙس توهان کان  پنهنجي حق جي تقاضا ڪري رهيو آهي ۽ اک جي بدلي اک ۽ ڏوڪڙ جي بدلي ڏوڪڙ وٺڻ لاءِ اصرار ڪري رهيو آهي. هو توهان کي توهان جي زال سبب ڏک ڏيئي رهيو آهي، جيئن  توهان هن کي سندس زال سبب ڏک ڏيئي رهيا هئا. هو توهان جي بستري کي به ائين ئي کهرو بنائڻ ٿو گهري جيئن توهان هن جي بستري کي کهرو بنائي ڇڏيو هو. هاڻي مان توهان جي عدل ۽ انصاف کان گهر ڪريان ٿو ته يا ته توهان ديندارن وانگر ٿيو يا ظالمن وانگر.“

هو چوڻ لڳو، ”بلال! بس ڪر، منهنجي دل تي ڪافي ضرب لڳائي چڪو آهين، مون کي ’حال‘ ۾ ايترو ملي ويو آهي جيڪو منهنجي ’ماضيءَ‘ کان منهنجي توجهه هٽائڻ لاءِ ڪافي آهي. چڱو، هاڻي منهنجي پٽ کي مون ڏانهن سڏ ڪر.“ بلال چوڻ لڳو، ”سائين! جنهن پاسي توهان هن کي موڪليو آهي اتاهون اڃا تائين ڪونه موٽيو آهي.“ هو چوڻ لڳو، ”مون کي ياد نه آهي ته مون هن کي ڪاڏي موڪليو آهي؛ هو ڪيڏانهن ويو آهي؟“ خادم چوڻ لڳو، ”هو انهيءَ شرابخاني ڏانهن ويو آهي، جنهن ڏانهن روزانو ويندو رهندو آهي. هو تيستائين اتان ڪونه  موٽندو  جيستائين پي ڍؤ نه ڪندو؛ ۽ هن جو تيستائين ڍؤ ئي نه ٿيندو، جيستائين موٽڻ کان بيوس ۽ عاجز نه ٿيندو. سائين، مان ڪيترا دفعا توهان جي اڳيان هٿ ٻڌي عرض ڪندو هوس ته هن جي ۽ هن جي خراب سنگتين ۽ شرير دوستن جي وچ ۾ ڪا روڪ ۽ رنڊڪ وجهو، ورنه هو هن کي خراب ڪري ڇڏيندا. مگر توهان انهيءَ ماڻهوءَ وانگر منهن ڦيرائي ڇڏيندا هئا جيڪو سمجهندو آهي ته ٻار کي دادلو ڪرڻ، لاڏ ڪوڏ سان پالڻ ۽ ڇڙواڳ ڇڏي ڏيڻ، عظمت جو عنوان ۽ دٻدٻيءَ ۽ رعب تاب جو نشان آهي. مان توهان کي عرض ڪندو رهندو هوس ته هن کي تعليم ڏياريو، ۽ هن کي اسڪول جو رستو ڏيکاريو  ته مَن شرابخاني جو دڳ وسري وڃيس، مگر توهان ته ائين سمجهندا هئا ته علم جو محتاج اهو رهي سگهي ٿو جيڪو ان جي ذريعي روزي ڪمائي ۽ توهان جو نينگر ته انهيءَ کان بالاتر هو. هاڻي پنهنجي هٿ جي  ڪئِـيءَ جي شڪايت نه ڪريو ۽ پنهنجي مٿان  پاڻ ظلم ڪرڻ تي نه ڳوڙها نه ڳاڙيو. توهان ئي ته هن کي شرابخاني ڏانهن موڪليو آهي ۽ رات جي هن گهڙيءَ تائين هن کي اتي ترسايو آهي. توهان ئي ته باوجود محتاجيءَ جي، هن کي پنهنجي گهرَ جي کَٽَ کان پري ڪيو آهي.“

اڃا نوڪر پنهنجي ڳالهه انهيءَ حد تائين مس پهچائي ته رات جو رنگ ڦٽڻ لڳو. ان جي ڪاراڻ ۾ اڇاڻ بکڻ لڳي. ان وقت محلات جي باغ ۾ نار جو آواز ائين پئي ٻڌڻ ۾ آيو جئن ڪا نپٽي آئٽي زال پنهنجي اڪيلي پٽ جي موت تي پار ڪڍي روئندي هجي. اتي مالڪ چوڻ لڳو، ”بلال! مون کي پنهنجي ٻانهن جو سهارو ڏيئي دريءَ ڏانهن وٺي هل ته روح کي ڪجهه ته راحت ڏيان ۽ ان جي ڀرسان حياتيءَ جا باقي پساهه کڻان.“__ بلال ٻانهن تي ٽيڪ ڏياري هن کي دريءَ تائين وٺي آيو.  هو ڊگهي ڪوچ تي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو ۽ باغ ڏانهن نظر ڦيرائي ڏسڻ لڳو. هن ڏٺو ته باغائي ۽سندس زال نار جي ڀر ۾ ويٺا هئا. هنن جي پراڻن ۽ پاٽل ڪپڙن مان سعادت جونور ائين چمڪي رهيو هو، جئن ڇنل جهـُڙُ جي ڪڪرن ۾ ستارا. هو هڪٻئي سان پيار ۽ همدرديءَ سان پيش اچي رهيا هئا. اهي نه هڪٻئي کي ڏوراپا ڏيئي رهيا هئا ۽ نه پاڻ ۾ جهڳڙو ڪري رهيا هئا. هنن کي نه ڏک جي شڪايت هئي نه وري بخت ۽ قسمت تي روڄ راڙو.  هو ٻئي مضبوط ۽ ڦڙت هئا. هنن جي رڳن ۾ صاف سٺو خون ڊوڙي رهيو هو. هو ڄڻ خوشيءَ ۽ نشاط ۾ پنهنجي کلن کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. هو خدا جي ڏنل کهري لٽي ۽ ٿلهي ڍوڍي تي راضي هئا. هنن کي نه ڪنهن ٻيءَ شيءِ جي گهرج هئي نه تمنا. هو هن بلند محلات ڏانهن، جيڪا هنن ڏانهن غم ۽ حسرت مان ليا پائي رهي هئي، نهارين به نه پيا. هن ڏٺو  ته هو پاڻ ۾ ڳالهيون ٻولهيون ڪري  رهيا هئا. تنهنڪري هو به ڪن ڏيئي ٻڌڻ لڳو. ان وقت باغائي ۽ سندس زال جي وچ ۾، هيٺين گفتگو هلي رهي هئي:

باغائي: خدا جو قسم، جيڪڏهن مون کي هي محلات، هنن باغن بستانن فرنيچر ۽ سامان سميت هن شرط تي ڏنو وڃي ته هوءَ بيوفا ۽ خائنه منهنجي زال ٿي رهندي ته مان هوند آباديءَ کان دور جبل جي مٿان اڪيلو رهڻ پسند ڪريان، مگر هن جهڙي جاءِ ۾ نه گذاريا جتي غم ۽ ڏک سهندو رهان!

زال: مان نٿي  ڀانيان ته اسان جو مالڪ هن مرض جي خطري مان نجات حاصل ڪندو. هن کي انهيءَ حال ۾ سڄو سال گذري ويو آهي. هو روزانو جيئن پوءِ تيئن وڃي ٿو وڌيڪ ڳرندو ۽ ڏٻرو ٿيندو.

باغائي: مون کي خبر پئي آهي ته ڊاڪٽر به هن مان اميد جا هٿ ڌوئي ڇڏيا آهن مگر نااميدي هن کان ڇپائي رکي اٿس. ان ۾ ڪابه عجب جهڙي ڳالهه ڪانه آهي، ڇاڪاڻ ته  هو پنهنجي پاڻ تي پاڻ زيادتي ڪندو هو ۽ ان کي هر، ان  رستي تي هلائيندو رهيو آهي جنهن تان هلندي هلندي اچي تباهيءَ تي پهتو آهي.

زال: ڪهڙو نه بدخدمت آهي! ڇا هو پاڻ ئي پنهنجو دشمن هو؟

باغائي: نه،  نڪو هي پنهنجو دشمن هو، ۽ نه نفس هن جو؛ مگر هو هڪ جاهل ۽ مغرور ماڻهو هو. هن کي سندس جوانيءَ، مال و دولت، عزت ۽ مرتبي دوکو ڏنو. هن ڀانيو هو ته هن زماني کان سلامتي ۽ بقاءُ جو وعدو وٺي ڇڏيو آهي، تنهنڪري هو اهڙي نموني هليو جو ڪنهن به شيءِ کي نـِوڙي نه ڏنائين ته ان جي پٺيان ڇا آهي. آخر ان کڏ ۾ وڃي ڪريو جيڪا پنهنجي  لاءِ کوٽي رکي هئائين. ۽ پاڻ ئي تيار ڪئي هئائين.

زال: ڇا توکي خبر آهي ته هن کان پوءِ هن محلات جو ڪهڙو حال ٿيندو.

باغائي: مون کي خبر نه آهي پر مان سمجها ٿو ته اهو ضرور هن  جي پٽ کي ملندو.

 زال: مگر مون کي معلوم آهي ته اها محلات فلاڻي کي ملندي.

باغائي: فلاڻو ڪو مالڪ جو وارث ته ڪونه آهي. هو ته فقط هن جو دوست آهي.

زال: هو مالڪ جو دوست بيشڪ ڪونه آهي، پر اهو ’مالڪياڻيءَ‘ جو دوست ضرور آهي. هن، مالڪ جي وفات کان اڳئي مالڪياڻيءَ سان شاديءَ جون ڳالهيون ڪري ڇڏيون آهن ۽ هن جي موت کان پوءِ فورً هن جو مڙس بنجي ويهي رهندو.

جيئن ئي مالڪ اهي فقط ٻڌا، تيئن ڏاڍو اچي بيتاب ٿيو ۽ تڙڦندي اچي ڪرسيءَ تان هيٺ ڪريو. ان وقت هو چئي رهيو هو ته سچ پچ مان بدخدمت آهيان. هو ڳچ وقت تائين انهيءَ بيهوشيءَ ۾ پٽ تي پيو رهيو. جڏهين هن کي موت واري آخري سامت آئي ۽ اکيون کولي ڏٺائين، تڏهن هن کي پنهنجي سامهون  هي دکدائڪ ۽ دل ڏاريندڙ منظر نظر آيو.

هن ڏٺو ته سندس پٽ محلات جي هڪ ٻانهيءَ سان ڳالهيون ٻولهيون ڪري دل وندرائي رهيو هو. سندس زال هڪجيڏين، سهيلين سان ٽهڪ ڏيئي کلي رهي هئي ۽ هنن کي اکين جا اشارا ڏيئي چئي رهي هئي ته هن جو وقت اچي ڀريو آهي، موت اچي پهتو اٿس، اجهو  ٿو مري. ٻئي طرف هن جو دوست يا ’جاءِ نشين‘ محلات ۾ حڪم هلائي  رهيو هو ۽ مالڪ وانگر پنهنجي مرضيءَ مطابق تصرّف ڪري رهيو هو، پر مالڪ پاڻ سڪرات جون سرڪيون پي رهيو هو ۽ قصر کان  قبر تائين سفر لاءِ سامان سهيڙي رهيو هو. ان وقت هن پنهنجي ضمير کان ٻڌو، جنهن کيس چيو: ’اي انسان! جيڪڏهين تو پنهنجي زال سان وفاداري ڪئي هجي ها ته هوءَ به توسان وفادار ٿي رهي ها؛ جيڪڏهين تون پنهنجي پٽ کي ادب ۽ اخلاق سيکارين ها ته هو به هينئر تنهنجي حڪم جي پيروي ڪري ها؛ جيڪڏهن پنهنجو اختيار دوست جي هٿ ۾ نه ڇڏين ها ته توسان اهڙي خيانت نه ڪري ها، ۽ جيڪڏهين تون پنهنجي پاڻ تي رحم ڪرين ها ته هوند تنهنجي حياتي جيڪر هن نموني ضايع نه ٿئي ها.‘اهو ٻڌي، هن ڪجهه چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪئي، ۽ پوءِ پنهنجون  اکيون ٻوٽي ڇڏيون.

 پروفيسر سنتداس جهانگياڻي

ڀلي بک ڀرم جي، شال نه وڃي شان!

وڏيرو نيڪ محمد ٽنڊي آدم جو هاڪارو زميندار هو. اصل ۾ ته کيس فقط هڪ ٻنيءَ ٽڪر هو، پر پوءِ پنهنجي محنت ۽ خوشيءَ خلقيءَ سبب ويو وڌندو. هو سچو پچو زميندار هو. پنهنجي ڪڙمين جي خبر لهڻ ۽ مهل تي کين مدد ڪرڻ هو پنهنجو فرض سمجهندو هو ۽ اهوئي سبب هو جو سڀ هاري مٿانئس گهوريو قربان پيا ويندا هئا.

صالح به ايماندار ۽ نمڪحلال ڪڙمين مان هڪ هو. گهر ۾ صرف ٻه ڀاتي هئا: هڪڙو  پاڻ ۽ ٻي سندس ڌيءَ ناظران. سندس زال ته وڃي الله وٽ سکي ٿي ۽ ناظران کي پالڻ نپائڻ جو ڪم اچي صالح جي ڪمزور ڪلهن تي پيو. ’عورت‘ عورت آهي ۽ مرد، مرد.‘ عورت جو ڪم مرد کان ٿي نه سگهندو ۽ مرد  جو زال کان نه.  صالح لاءِ اهو ڪم ذرا ڏکيو هو پر ٻيو ڪو چاڙهو به ته نه هو. ڪن دوستن صلاح ڏنس ته ناظران جي خاطر ٻيو نڪاح کڻي ڪر، پر هو ننو اکر واري ويٺو. چي: پنهنجي پياري عورت سان بيوفائي ڪيئن ڪندس! غريب آهيان ته ڇا ٿي پيو؟ اخلاق ته غريب جو زيور آهي. سختيون سهي ۽ فاقا ڪڍي، غريب پياري زال جي هڪ ئي نشانيءَ کي پاليندس. هن ناظران کي نپائڻ جو ڪم پاڻ تي خوش سان هموار ڪيو.

وقت گذرندي ويرم ئي ڪانه ٿي ٿئي. ناظران اڄ ننڍي سڀان وڏي. هينئر هوءَ جوانيءِ جي باغ جا سترهن بهار پورا ڪري، ارڙهين ۾ قدم رکي چڪي هئي. سندس رڳ رڳ مان جواني ٿي ڦاٽي. حسن سان گڏ سادگي ۽ معصوميت کڻي بيٺيون هيون. ڳوٺ جو هر ڪو جوان سندس مشتاق هو، پر نور محمد سندس هئين جو هار هو. هو سندن پاڙيسريءَ درمحمد جو پٽ هو. صالح ۽ درمحمد  جاني دوست هئا. بيماريءَ سيماريءَ ۾، فصل لڻڻ ۾، کوٽ ٽوٽ وغيره ۾، هڪٻئي کي مدد ڪندا هئا. ناظران ۽ نور محمد ننڍپڻ ۾ هڪٻئي  سان کيڏندا هئا ۽ ائين ئي منجهن هڪٻئي لاءِ قرب پيدا ٿيو هو.  ناظران هينئر وڏي ٿي چڪي هئي،  جنهنڪري صالح جي مرضي ته پرائي امانت مالڪن کي ڏيئي، پاڻ بيفڪر زندگي بسر ڪري.هن وجهه وٺي درمحمد سان ڳالهه چوري، جنهن اُمالڪ انهيءَ رشتي جي رضامندگي ڏني. غريبن لاءِ ته ”آڻيون ۽ چاڙهيون، ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ واري ڪار لڳي پيئي هوندي آهي. شادي ته هنن لاءِ خوشيءَ جو موقعو هوندو آهي. هتي ته جوڙو به شاندار هو. ناظران ۽ نورو، نورو ۽ ناظران! آخر نڪاح جي تاريخ به تي ٿي.

اوچتوئي اوچتو نيڪ محمد دل ٽٽڻ سبب راهه رباني وٺي ويو ۽ زمينداري سندس فرزند عثمان تي پيئي. عثمان ته اڍنگو اڳ ۾ ئي هو، پر پيءُ جي وفات کان پوءِ آقي باقي به حدون لتاڙي وڃي مٿي چڙهيو. سندس  گهڻو وقت ته عيش عشرت ۾ گذرندو هو ۽ سندس ڪم سندس ڪمدار يار محمد هلائيندو هو، جو کانئس به ٻه رتيون ڪسر هو. انڌي اختياريءَ جي اوٽ ۾ هن ظلم ستم جي بارش وسائي ڇڏي. مجال آهي جو ڪير دانهن ڪوڪ يا فرياد ڪري سگهي! ڪمدار هونءَ به پنهنجي نالي سان هوندا آهن. پر جي زميندار جوڳوٺ جو وڏيرو  هوندو آهي، جنهن کي هاري ناري پنهجو ’اَبو_اَمان‘ ڪري سمجهندا آهن، سو جڏهن اهڙا ابتا پار هلندو آهي، تڏهن  ظلم جي حد ٿي ويندي آهي. زميندار پنهنجي هارين جي زالن ۽ ڌيئرن جي عزت لٽڻ جو خيال به نٿو ڪري سگهي، ڇو ته هو سندس ئي اولاد آهن.ڇا ڪو پيءُ يا ڀاءُ، ڌيءُ يا ڀيڻ جو ست ٽوڙي سگهڻ جي فقط همت رکي ٿو؟ هرگز نه. پر عثمان والد جو نيڪ نالو ٻوڙي، ڪڌا ڪم ڪرڻ شروع ڪيا. گهڻا ئي  ڪُڙمي بهانا بڻائي، کيس خيرباد ڪري ويا.صالح مرحوم  نيڪ محمد جو نمڪ کاڌو هو، جنهنڪري سندس وويڪ کيس ٻين جي نقش قدم تي هلڻ کان منع ڪري رهيو هو. غريب نمڪ حلال به حد درجي جا ٿيندا آهن ۽ سي به سنڌي هاري، ويچاري صالح کي ڪهڙي خبر ته نمڪ حلالي گناهه آهي! کيس انهيءَ جي خبر تڏهن  پيئي جڏهن عثمان سندس ڳوٺ آيو. ناظران جي بينظير سونهن پسي،پاڻ پلي نه سگهيو.هن ناظران کي پيءُ کي ٻنيءَ تي ماني پهچائيندي ڏٺو هو. سندس ننڊ آرام ڦٽي چڪو هو. هن پنهنجي  ڪمدار يار محمد کي پنهنجي تمنا کان واقف  ڪيو.يار محمد صالح کي عثمان جي اڳيان پيش ڪيو. عثمان زر جو سهارو پڪڙيو. چانديءَ جا چند ٽڪرا انسان کي  بي ايمان بڻايو ڇڏين. نوٽن جي ٿهي صالح اڳيان ڦٽي ڪندي، عثمان چيو ”مان تنهنجي نمڪ حلاليءَ ۽ ايمانداري ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. هي ٿوري بخشيش وٺ.“

ويچاروصالح وائڙو ٿي ويو. سج ڪهڙي پاسي کان اُڀريو هو! ڪُجا، عثمان ۽ ڪجا ايمدانداريءَ لاءِ بخشيش! صالح کي شڪ پيو. هن مهرباني مڃي، رپين وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ عرض ڪيائين قبله اوهان جو ڏنل روزئي ته کائون ويٺا حال ته پئسن جي ضرورت ڪانهي، ها، باقي ناظران جي نڪاح وقت اوهان کان اُڌار وٺندس.“

ڪمدار جو موقعي جي  تاڙ ۾ هو تنهن جهٽ وراڻيو، ”ناظران جي نڪاح جو فڪر نه ڪر جو سائينجن کيس  نوازي رهيا آهن، ڄام (نوري نوازي) صالح! پيسا وٺي، ترت ئي وڃي نڪاح جو بندوبست ڪر.“

اهو ٻڌي ٻڍي صالح جا طاق لڳي ويا. سندس اکين اڳيان اونده اچي وئي. هاڻي کيس سڀڪجهه سمجهه ۾ اچي ويو. هن کي زميندار جي ڪرتوتن جي ته کڙڪ اڳ ۾ ئي پئجي چڪي هئي. هن جو سؤمان جاڳي اُٿيو. هن ڏاڍي اڳيان نه جهڪڻ جو مضبوط ارادو ڪيو. غريب ڪڙمي هو ته ڇا ٿيو. عزت غريب ۽ شاهوڪار لاءِ ساڳي اهميت رکندڙ آهي. ”ڀلي بک ڀرم جي شال نه وڃي شان.“ هن دل ٻڌي، مضبوطيءَ سان جواب ڏنو، ”سائينجن معاف ڪن. ناظران جو رشتو ٿي چڪو آهي. اوهين پنهنجو وَڙ ٿا ڪريو پر مان انهيءَ جي لائق نه آهيان. مون کي پنهنجن ۾ ڪنڌ هيٺ نه ڪرائڻو آهي. غريب ناڻي تي عزت نه وڪڻندا آهن!“

عثمان هڪ خسيس هاريءَ کان کتو جواب ٻڌي باهه ٿي ويو. رڙ ڪري چيائين ”ڪميڻا (ناظران ۽ صالح جان بچائي) ايڏو غرور. چڱو وڃ. ڏٺو ويندو.“

انهيءَ رات  صالح جي ڪکائين جهوپڙي کا باهه لڳي. ناظران ۽ صالح جان بچائي نڪتا. صبح جو وڏيري، صالح کي اوقاط تي گهرئي، حساب ڪتاب نه چڪتو ڪرڻ جي بهاني سان کيس مار ڏياري، اڌمئو ڪري ڪڍيو. هن صبر سان سڀ سٺو ناظران، پيءُ کي رت ڳاڙهيندي ايندو ڏسي  دهلجي ويئي. کيس خبر پئي ته انهيءَ جو ڪارڻ پاڻ هئي ۽ کيس زميندار جي هو ِس پوري ڪرڻ لاءِ ڀڄايو ويو. سندس رڳن ۾ خون اُڇلون ڏيڻ لڳو. نيٺ به ته هوءَ صالح جهڙي دلير پيءُ  جي ڌيءُ هئي. هن پيءُ کي  ٻڌايو ته هوءَ عثمان جهڙي ظالم جي ور چڙهڻ کان موت کي گلي لڳائڻ لاءِ رضامند آهي. ڌيءُ ۽ پيءُ جي وچ ۾ ڪن سن جون ڳالهيون ٿيون. نور محمد سان صلاح مصلحت ڪئي ويئي ۽ ٻئي ڏينهن صالح وڏيري وٽ ويو ۽ هٿ ٻڌي عرض ڪيائين، ”قبلا، مون کي معافي ملي، مون کي سڀ قبول آهي.“ عثمان کڳيون هڻڻ لڳو ۽ نڪاح جون تياريون ڪرڻ لڳو.

نڪاح رات عثمان ڄڃ وٺي گهوٽ بڻجي، اچي صالح جي نئين جهوپڙيءَ وٽ پهتو. در جي باهران صالح، نور محمد ۽ ٻه چار عزيز سندن استقبال لاءِ حاضر هئا. عثمان کي ناظران جي اڳيان آندو ويو. ناظران هار سينگار سبب بيحد حسين بڻجي پيئي هئي. هن عثمان کي هٿ کان وٺي، پنهنجي نازڪ ٻانهن سندس چيلهه وٽان ورائي ۽ ڀاڪر پائڻ بهاني سان اک ڇنڀ ۾ پنهنجي  چيلهه وٽان لڪل  ڪٽار ڪڍي، سندس پٺيءَ ۾ وهائي ڪڍي. عثمان اُمالڪ ڪري پيو ۽ درد کان چيخون ڪرڻ لڳو. ناظران ٽهڪ ڏيئي، چوڻ لڳي ”اهو اٿيئي ظلم جو انجام وري ته ڪنهن جي ست بگيڙڻ جي ڪوشش نه ڪندين ۽ نه وري زور زبردستي ڪرڻ جو وجهه ملندءِ.“ ائين چئي، ڪٽار سندس سيني ۾ چڀائي ڇڏيائين. ايتري ۾ عثمان جا ماڻهو به اچي سهڙيا. هو صالح، نور محمد ۽ ناظران  کي ورائي ويا ۽ ٽنهي جو خون ڪري ڇڏيائون آسپاس جي ڳوٺن ۾ هن واقعي جي خبر باهه وانگر ڦهلجي ويئي. ڪڙمي ناظران جي همت کي ساراهڻ کان پوءِ رهي نه سگهيا. ٽنهي جي لاشن کي باعزت دفنايو ويو ۽ سندن قبرون جوڙيون وييون ۽مٿن مقبره اڏيو ويو. ناظران ۽ نورمحمد جون قبروبن لڳولڳ ۽ صالح جي ٿوروئي پرتي ٺاهي ويئي. جيئري نه ته وفات کان پوءِ ناظران ۽ نورمحمد وڃي هڪٻئي سان مليا. قبرون اڄ به سالم حالت ۾ آهن ۽ ڳوٺاڻا، ياد قائم رکڻ جي خيال کان  سال بسال اتي مليو ڪندا اچن.

ڪيرت ٻاٻاڻي

ريڊيو ناٽڪ

دعوت نامون

(جهيڻو ۽ ٿورو سوز ڀريو آواز (سنگيت) پيو اچي. انهيءَ لئي تي هڪ نوجوان پيو گنگنائي. پوءِ اُٻاسيءَ جو آواز ٿو اچي ۽ ائين ٿو لڳي ته جوان کٽ تان اُٿي آرسيءَ جي سامهون ٿو اچي بيهي)

نوجوان: (پنهنجي  منهن، طنزي نوع ۾) آرسي ڙي آرسي! مون جهڙو ڪير؟ ٽيڪم پنهنجي شڪل (ائين ٿو لڳين ڄڻ تون) آرسيءَ۾ ڏس! ائين ٿو لڳين ڄن تون پنهنجو سمورو خون ”بلڊ بنئڪ“(Blood-Bank) کي خيرات ڏيئي آيو آهين... ٻين جي خوشي ڏسي شايد تنهنجو رت سڪي ٿو وڃي. اِها به هڪ بيماري جنهن کان بچڻ لاءِ رشين، منين، سنتوش لاءِ پوتر منتر  جوڙيا آهن...

(کلي ٿو).

توکي خوشي گهرجي؟ توکي اهڙو وهم ڪنهن وڌو آهي ته خوشيءَ تي پنهنجو به ڪو حق آهي. خوشي توکان ائين ونءُ ويندي آهي، جيئن سرءُ جي مند کان باغ جي رونق! پنهنجي پيشانيءَ ۾ نظر وجهي ڏس، ڪٿي خوشيءَ جون ريکائون ملن ٿيون. تون خوشي حاصل ڪري سگهين ٿو؟ پر... هن دنيا ۾ خوشيءَ جي قيمت آهي.... دوکو ٺڳي...ڪوڙ... فريب... چوري ايمان فراموشي__ تون اهڙي قيمت ادا ڪري سگهين ٿو؟ (سهڪي ٿو) ها! ها! ها! (خوفناڪ ٽهڪن جو آواز) ( خو... شي... خوشي ...خو... شي! (جهڪو).

هيءُ ڏس سونهري اکرن ۾ تنهنجي سامهون دعوت نامو رکيو آهي. سيٺ هريرام توتي خاص عنايت ڪئي آهي. دعوت نامو فرمائي ٿو ته چنوءَ جي شادي منيءَ سان ٿيڻي آهي. واهه! سرڳي ڏاڌو صاحب چوندو هو، ’جنهن جي گُنديءَ ۾ داڻا تنهنجا چريا به سياڻا.‘ شاديءَ جو ارٿ آهي خوشي ۽ خوشيءَ جو تنهنجي جيون سان سڳو ته ڇا بلڪ ماٽيلو سٻنڌ به ڪونهي ۽ تون پنهنجي صورت ڏس، جوانيءَ ۾ ئي ٻڍاپو توتي پنهنجو ٺپو هڻي ويو آهي.

تنهنجو نالو آهي ٽيڪم. ٽيڪم اُهو اوزار ٿيندو آهي، جنهن سان مٽي ڍوئبي آهي. تون به مٽي ڍوئڻ جو ڪم ڪندو آهين. سيٺ هريرام جي ڀانڍي تي ۽ پيڊيءَ تي سندس برن ڪرتوتن  جي مٽيءَ ڍوئڻ جو ڪم توتي آهي. سڄي عمر ئي توکي نصيب ۾ هڪ نه ٻئي سيٺ جي چور گدامن جو بوجو ڍوئڻو پوندو آهي ( ٽهڪ ڏئي ٿو).

خبر دار!(ڳنڀير نوع ۾) ٽيڪم تون  پاڳلن وانگر کلي رهيو آهين. تون پاڻ کي ڪيترو به سنئون سمجهندوهجين پر دنيا جي نظر ۾ ته تون ٻيو ڪجهه آهين...تنهنجي گُنديءَ ۾ داڻا ناهن...(زوردار ٽهڪ)

...مسٽر ٽيڪم، تون سامهون آرسيءَ ۾ بيٺو آهين. ڪيترا ڀيرا مون توکي چيو آهي ته پنهنجو منحوس چهرو نه ڏيکاريندو ڪر. مان چوان ٿو ته تنهنجو ڀلو انهيءَ ۾ آهي ته ماٺ ڪري آرسيءَ جي پٺيان نڪري هليو وڃ. منهنجي سامهون اِهي تير سان ڦٽيل هرڻ جهڙيون اکيون پاسي ڪر ڇڏ؛سرءَ جي مند ۾ وڻ مان ڪريل پتن وانگر پنهنجا چپ هٽائي وڃ ۽ برساتي مند ۾ پيدا ٿيل کڏن وانگر پنهنجا ڳل پاسيرا ڪري ڇڏ. چيم هٽي وڃ! منهنجي سامهون ٽري وڃ! نٿو وڃين؟ (آرسيءَ کي هڪ زوردار مڪ هڻي ٿو ۽ آرسي ٽٽڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽(ٽهڪ) ڪيڏانهن  وئين ٻچا ٽيڪم! ها! ها! ها!ڏس تنهنجو اڌ منهن منهنجي هڪ ئي مڪ سان گم ٿي ويو. بيهه ته  باقي رهيل اڌ به...(دروازي تي ٺڪ ٺڪ) ڪير؟ (آواز ڦيرائي پاڻ مرادو) ڀائي  هن پاڳلخاني ۾ ته صرف هڪ جي جڳهه موجود آهي. ٻيو ڪهڙو  اميدوار اچي پر گهٽ ٿيو آهي؟ (دروازو کولي) چمن! اچ يار باقي تنهنجي اچڻ جي دير هئي.

چمن: ڇو، ڪهڙي ڳالهه آهي؟ تنهنجو منهن ڪاراٽيو پيو آهي.

ٽيڪم: ڪاراٽيو پيو آهي! ( کلي ٿو) يا ڪاروٽيو پيو آهي.

جمن: هيءَ آرسي ڪنهن ڀڳي آهي؟ هيءَ ته تنهنجي پياري ۾ پياري چيز هئي.

ٽيڪم: مون ڀڳي آهي.منحوس...

چمن: (عجب ۾) تو ڀڳي آهي؟ ڇو پاڳل ٿيو آهين ڇا؟

ٽيڪم: (خنڪيءَ ۾) پاڳل ٿيڻ جي ريهرسل ڪري رهيو هوس. آرسيءَ واري ٽيڪم جو  ٺونشي سان اڌ منهن ڀڃي ڇڏيو اٿم. اچ ته ڏيکاريائين.

چمن: (ڪاوڙ۾) ڇڏ اِهي اجايون ڳالهيون. ائين ئي ته چريو ٿي وڃبو آهي.

ٽيڪم: ٿي ڇا وڃبو آهي! چؤ ٿي ويو آهيان. اگر پاگل  بنجڻ لاءِ ڪنهن به سرٽيفڪيٽ جي ضرورت آهي ته تون ئي اهڙو سرٽيفڪيٽ ٺاهي ڏينم. پڪ اٿم ته دوستيءَ ۾ في وغيره ڪونه وٺندينم.

چمن: ڇڏ، انهن نڪمين ڳالهين کي. جلدي سنبزي وٺ ته هلون. هلڻو ڪونه اٿيئي؟

ٽيڪم: ڪيڏانهن هلڻو آهي؟

چمن: ڇو وساري ڇڏيئه؟ سيٺ هريرام وهانءُ جو ڪارڊ ڪونه ڏنئه؟

ٽيڪم: ها، ڪارڊ مليو. سامهون ڏس. اُهو ڪارڊ پڻ منهنجي حالت تي کلي رهيو آهي. (کلي ٿو)

چمن: ڪهڙيون عجيب ڳالهيون ٿو ڪرين؟ ڪارڊ  توتي ڪيئن کلندو؟ پاڻ کي ٻيلي، ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي نه! (هلڪو کلي ٿو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com