سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1962ع

مضمون

صفحو :6

ٽيڪم: اعتبار نٿو اچي ئي؟ هيڏانهن اچ ته ڏيکاريانءِ ته ڪارڊ ڪيئن ٿو کلي  (ڇڪيس ٿو).

چمن: بس يار بس! هڻي ڪپڙن جي ستياناس ڪري ڇڏيئه چــَ ... چــَ ...چــَ اڄ صبح ساڻ ڪنهن جو منهن ڏٺو هوءِ؟

ٽيڪم: اڄ سڄي ڏينهن ۾ پهريون ماڻهو تون ئي آهين، جنهن جو درشن ڪيو اٿم.

چمن: متان اهڙي ڳالهه ڪئي اٿيئي اُستاد! پاڻ کي ماڻهو لکن ۾...

ٽيڪم: (اڌ ۾ ڪپي) ڏس هيءُ سونهري اکر چون ٿا ته چُنوءَ جي شادي مـِنيءَ سان ٿيڻي آهي.

چمن: ٺيڪ آهي. اها ته سڀ وهانءَ جي خبر آهي، انهيءَ ۾ کلڻ  جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟

ٽيڪم: ويجهو ڪن لائي ڏس ته کلڻ  جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندءِ.

چمن: پاڻ کي ٻيلي، ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي نه!

ٽيڪم، هيءُ ڪهڙو سانگ رٿيو اٿيئي؟ ڪنهن فلم ۾ پاڳل جو پارٽ مليو اٿيئي، ڪين پاڻ ماڻهن کي بيوقوف سمجهيو اٿيئي؟

ٽيڪم: نه بابا! نڪو تون مورک آهين، نڪو مان ڪو پارٽ ڪري رهيو آهيان. ڳالهه ڇا آهي ته جيڪي مان ٻڌي سگهان ٿو، سو تون ٻڌي نٿو سگهين.

چمن: پاڻ کي ٻيلي، ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي نه! چڱو ائين سمجهه ته منهنجا ڪن خراب آهن، اُٿ جلدي ڪر شاديءَ ۾ دير ٿي رهي آهي.

ٽيڪم: مون کي شاديءَ ۾ شامل ٿيڻ جو ويچار ڪونهي. تون ڀل وڃ.

چمن: چوين ڇا ٿو؟ شاديءَ ۾ شامل نه ٿيندين؟

ٽيڪم: نه. ان کان ڪهن مُردي جي سرگس ۾ شامل ٿيڻ وڌيڪ پسند ڪندس. من جي پيڙا کان ته بچي ويندس.

چمن: ڪنهن جي شاديءَ ۾ شامل ٿيڻ سان توکي من جي پيڙا ٿيندي؟ پاڻ کي ٻيلي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي نه!

ٽيڪم: سڀئي ڳالهيون ڇا تو هروڀرو سمجهڻ جو ٺيڪو کنيو آهي؟

چمن: ڇا مون کي اهو به حق نه آهي جو پنهنجي دلبر  دوست جي پيڙا کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريان؟ پاڻ ماڻهن جي اهڙي  نموني بي عزتي ڪرڻ جو حق توکي ناهي.

ٽيڪم: توکي پورن اڌڪار آهي. پر اهو ضروري  ناهي ته انهيءَ جو اڌڪار جو تون استعمال ڪرين.

چمن: جيڪو اڌڪار مون کي مليل آهي ڇا اُهو پنهنجي دوست جي فائدي لاءِ مان استعمال نه ڪندس؟

ٽيڪم: ته پوءِ هيڏانهن اچ. (ڳچيءَ ۾ هٿ ٿو وجهيس)

چمن: (رڙ ڪري) يار ماري وڌءِ!  ڪٿي ڳچي نه پٽجي اچي ٻاهر  پوي. ٻيلي، اڄ پاڻ به خوب سبق سکياسين...نڙيءَ مان ته هٿ ڪڍ...

ٽيڪم: (هٿ ڇڏي) ته پوءِ هيڏي، منهنجي دل تي ڪَنُ رک...

چمن: وري ساڳي چريائي. سڌي سئين ڳالهه ڪر؛ پاڻ کي اها جادوگري نه ڏيکار.

ٽيڪم: (رعب سان) چيم دل تي ڪَنُ رک... وجهانءِ وري ڳٿڙ...

چمن: رکان ٿو بابا! چڱي وئل ۾ ڦاٿس.

ٽيڪم: چڱيءَ طرح ڪن لائي ٻڌ. ڏس منهنجي آتما جي پيڙا جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ئي ٿو؟ شاباس کول پنهجي انتر آتما... (سنگيت جي لهرن جو آواز اچي ٿو، جئن ڪنهن اونهي ماٿريءَ مان پڙاڏو اُٿندو آهي، جنهن مان سڀني جو ماحول ۽ اثر پيدا ٿو ٿئي ۽ هڪ سوز ڀريو سنگيت اچي، جنهن جي وچ ۾ ٽيڪم ۽ سندس مرڻينگ ماءُ جي گفتگو جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو...)

ماءُ جو آواز: (مرڻينگ جو آواز) پٽ ٽيڪم، هن جڏيءَ ماءُ جي آخري خواهش به پوري نه ڪينئه؟ هاڻي ته وڃڻ...

ٽيڪم (دکي ۽ ڀريل آواز ۾) امڙ، ائين نه چئو، تنهنجي آس ضرور پوري ٿيندي حياتي آهي ته...

ماءُ جو آواز: جڏهين سرڳي پڻهين گذاري ويو ته تون اڃا پنڌ ڪرڻ جيترو هُئين. اڄ تون پنجويهن سالن جو جوان جماڻ آهين. گهر کي روشن ڪرڻ لاءِ ننڍڙي ڪنوار لاءِ ٻاڏائيندي رهيس...

ٽيڪم: امان تون هن حالت ۾ پاڻ کي دکي نه ڪر. ماءُ دک نه ڪريان مون زماني جو ڪهڙو قصور، ڪيو جنهن مون کي پوٽي ڏسڻ جي آس کان پنجويهن سالن تائين سڪايو آهي؟ سيٺ هريرام وٽ ويس ته مون کي هڪ هزار قرض ڏي ته پٽ پرڻايان...(سهڪندي) چيائين: مائي، موهه ۾ نه ڦاس. هيءُ عمر تنهنجي رام جي نالو وٺڻ جي آهي ( طنزيه ٽهڪ) غريب رام جو نالو وٺڻ، ڌنوان ڌن جو جاپ جپين....

ٽيڪم: امان من کي شانتي!...

ماءُ جو آواز: پٽ، تون منهنجي ڪُکِ مان ڄاول مون کي ٿو پرٻوڌ ڏين؟ مون کي تنهنجي اندر جي پروڙ آهي. تون دل تي پٿر رکي جڳ جو بار ڍوئي رهيو آهين. شانتي! شانتي! مون دنيا جا اهي سکڻا دلاسا ٻڌا آهن. اهي غريب تي سهڻيون چٿرون آهن...(کنگهي) ۽ سهڪي ٿي)

ٽيڪم: امڙ، ڏس ڏاهي ٿيءُ ۽ تون صرف چاق ٿيءُ ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.

ماءُ جو آواز: بگڙيءَ کي بنائڻ وارو ڪونهي. تنهنجي سيٺ
 کي چيم: سائين، هڪ وينتي.

چيائين: وينتي هڪ اهڙي ٻوٽي مثل آهي، جنهن جون اگر شاخون ڪٽجن ته وري نيون پيدا ٿين ٿيون. چيائين: هرڪا وينتي پوري ڪجي ته وينتيءَ جو قدرئي ڪهڙو؟ (سهڪو)

ٽيڪم: امان، دوا جو ڊوز وٺو تڪليف  وڌي ويئي اٿوَ.

ماءُ جو آواز: هاڻي دوا جو ڊوز مون کي بچائي نه سگهندو. منهنجي آخري گهڙي... پٽ! تون مون کي پنهنجي ڳاڙهي ڪنوار نه ڏيکاريندين! تنهنجي ڪڪي کي گوڏن تي نه نچائينديس،؟( وڦلي ٿي) تون به ظالم آهين. توکي به منهنجو قدر نه آهي... دنيا سان گڏ تون به ٿيو آهين...

ٽيڪم: امان!...(سڏڪو نڪري  ٿو وڃيس وري سنگيت جون لهرون اٿن ٿيون. آهستي آهستي سڀني جو ماحول ۽ اثر پورو ٿو ٿئي ۽ سوز ڀريو آواز پيو اچي)

چمن: (اتاولو  ٿي) پوءِ ڇا ٿيو؟...

ٽيڪم: (ڳنڀير سُرَ ۾) ائين آهستي آهستي هوءَ پيڙا ڀوڳي آس کڻي هلي ويئي... (سوز ڀريو سنگيت آهستي جهڪو ٿي ٿو وڃي)

(حصو ٻيو)

(ڌيمو ڌيمو شهناين ۽ بئنڊ جو سنگيت پيو اچي. ان سان گڏ موٽرن جي اچڻ، هارن وڄڻ ۽ ماڻهن جو گوڙ شور ۽ ٽهڪڙن جو آواز پيو اچي، جو آهستي آهستي وڌندو وڃي ٿو، جو شاديءَ جي جشن جو ماحول پيدا ڪري ٿو.)

ٽيڪم: مون کي هت زوريءَ وٺي اچي، تو ٺيڪ نه ڪيو آهي. ڇڏي ڏين ها مون کي پنهنجي کُٿل نصيب تي!

چمن: پنهنجو کٿل نصيب ڏسي! ان تي روئڻ کان بهتر آهي ته ٻين جو روشن نصيب ڏسي ”واهه! واهه!“ ڪجي سائينءَ جي شان جي!

ٽيڪم: پاڻ رستي تي سمهي واري محلات  جا ڳڻ ڳائيندڙ گياني مهراج، اسان کي پرٻوڌن جي ضرورت ڪانهي ۽ نڪو دنيا کي وڌيڪ ڪنهن گيان جي پستڪ جي ضرورت آهي. پنهنجو دم ٿو گهٽجي، هن فضا ۾...دوست هاڻ ڀڄ ته ڀڄون!

چمن: تون به عجيب شخص آهين. ههڙي خوشبودار فضا کي، گهٽ ٻوساٽ واري فضا ٿو چوين. پاڻ کي ٻيلي، ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي نه! ههڙي دلفريب فضا،هيءُ مست ٽهڪڙا، هيءُ سڳنڌ ۽ تازگي، هيءُ پُر لطف ۽ بي انتها حسن ۽ نزاڪت جو درشيه، هيءُ سنگيت جو ميٺاج، هي... ته ٻڌاءِ تنهنجي آتما کي ڪٿي آنند ملندو؟

ٽيڪم: (ساڳيءَ بي خوديءَ ۾) منهنجي آتما کي؟ انهيءَ گدام ۾ جتي مان رهندو آهيان، جتي دروازي بند ڪرڻ کان پوءِ نه سج جو پرڪاش نه چنڊ جي چانڊاڻ ليئو پائي سگهندي آهي، جتي نه مکڙين جي سڳنڌ ۽ نه ئي پکين جي لات اچي سگهندي آهي، جتي نه سندرتا جي جهلڪ يا پريم جو پاڇو پهچي سگهندو آهي...

چمن: (زور سان رڙ ڪري) بس، بس! منهنجي لطف جوذائقو ته خراب نه ڪر. ڏس! هوڏانهن بي انت حسن جو عجب مشاهدو ته ماڻ. هوڏانهن هُن لُڏڻ جي مست چال ته ڏس! دٻي دٻي ائين ٿي کلي ڄڻ مکڙيءَ جون پتيون کڙنديون هجن! (مڌر کلڻ جو آواز) هيءَ نازنين هوا ۽ عطر ڇڻڪاريندي پيئي وڃي. هوءَ اکين جي چنچلتا ۽ سيني جي للڪار ته ڏس...

ٽيڪم: بس، بس! مون سان بي مطلب ڳالهيون نه ڪر.

چمن: (ٽهڪ ڏيئي) بي مطلب! پاڻ کي ٻيلي، ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي نه! تون رُڏ جو رُڏ  رهجي وئين. اهو سڀ بيڪار قصا ۽ ڪهاڻيون پڙهڻ جو نتيجو آهي. ليکڪ ئي آهن، جي اڄڪلهه ماڻهن جي دماغ ۾ اونڌيون ڳالهيون ڀرين ٿا...ڇڏيَر! هوڏانهن ڏس هوءَ نؤورني پيسٽريءَ جو ذرو چپٽيءَ ۾ جهلي ڪيئن ٿي وات ۾ وجهي، ڄڻ سپ برسات جو ڦڙي جهٽڻ لاءِ وات  کوليو هجي. هوڏانهن ڏس هوءَ ڪيئن ٿي شرمائجي ڄڻ شرم ٻوٽيءَ کي مرداني هٿ جو ڇهاءُ ٿيو آهي. هوءَ ڏس پنهنجي پرس مان دٻلي ڪڍي پنهنجي منهن کي پيئي پائونڊر ٿڦي ۽ ساڙهيءَ جي استريءَ کي بچائڻ لاءِ ڪرسيءَ جي ڪَني تي ٿي ويهي. هيڏو حسن جو پُر لطف تماشو لڳو پيو آهي ۽ تون آهين جو ائين ويٺو آهين ڄڻ کنڊ جوجهاز ٻڏي ويو اٿيئي!

ٽيڪم: کنڊ جوجهاز ڇا چمن، منهنجو ته زندگيءَ جو جهاز ٻڏي  رهيو آهي.

چمن: زندگي! زندگي! اجايو اچي زندگيءَکي ڳچيءَ کان پڪڙيو اٿيئي،پاڻ به ته زندگي گهاري رهيا آهيون ( کلي ٿو).

ٽيڪم: چمن، فرق صرف اهو آهي جو تو زندگيءَ کي گهٽو ڏنو آهي ۽ مون کي زندگي گهٽي رهي آهي. هاڻي اچ ته اسين هت ڪنڊ ۾ ويهي رهون. (پليٽن ڪوپن جي ٽڪرجڻ ۽ کاڌي ورهائڻ کائڻ جو وايومنڊل)

چمن: هت ڪنڊ ۾ ويهي رهندين ته ڪو بيرو به پڇڻ ڪونه ايندءِ. سمجهندا ته ڪنهن سيٺ جو ڊرائيور هتي ويٺو آهي.

ٽيڪم: ڏاڍو سٺو، ڪنهن بيري جو هت نه اچڻ ئي مون کي وڌيڪ پسند آهي.

چمن: جيڪڏهن توکي ڪو ورت آهي ته هروڀرو پاڻ ماڻهن کي اهڙي سوادي مال کان ڇو ٿو محروم ڪرين؟ بلئڪ مارڪيٽ جو پيسو مس مس  ٿو ٻاهر نڪري.

ٽيڪم ته پوءِ ڀل جاوا ڪر، ڪجهه کاءُ ۽ ڪجهه کيسي ۾ وجهه.

چمن: يَر اڄ پهريون ئي دفعو عقل جي ڳالهه ڪئي اٿيئي بلڪل منهنجي دل وٽان. مان ئي ٿو بيري کي سڏ ڪريان ۽ کيس ٻڌايان ته سيٺ هريرام جي ڀانڊي جون ڪنجيون سنڀاليندڙ ڀائي ٽيڪمداس هت ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي زندگيءَ تي ڳوڙهو ويچار ڪري رهيو آهي، بيرا! بيرا!

ٽيڪم: هيءَ به ڪا زندگي آهي! هڪ طرف ٿا دُنگ لٽجن، ٻئي طرف پياس ٻجهائڻ لاءِ پاڻيءَ چڪو  ڪونهي. هڪ طرف ٿا دهل وڄن ٻئي طرف تمنائون ٿيون دفن ٿين(ٿڌو ساهه ڀري) هن جئڪيٽ هيٺان لڪل دل ته ڪو ڏسي!

چمن: انهيءَ دل کي ٿوري وقت لاءِ دَکيءَ ۾ لڪائي رک ان جو به وارو ايندو.

ٽيڪم: (کلي) ها جڏهن دل ئي موجود نه هوندي. (بيرو آڻي ڪجهه سندن اڳيان رکي ٿو)

چمن: دل ئي نه هوندي! پاڻ کي ٻيلي، ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي نه هاڻ ڪجهه کاءُ ته سهين. شاديءَ جي مال جو سڳڻ ته ڪر.

ٽيڪم: منهنجي لاءِ، ڇا اها گهٽ خوشي جي ڳالهه آهي جو تون ويهي کائين ۽ مان ويهي ڏسان؟

چمن: هوڏانهن ڏس سيٺ هريرام مهمانن جي خاطر داري پيو ڪري.

هريرام: ڀلي آيا، نچ آيا. ڀائي خوش چاق...ڀائرو لڄ نه ڪجو...پنهنجو گهر سمجهي کائجو.... توهان کائو نه؛ هٿ جهلي ڇو بيٺا آهيو؟...اي بيرا هت پوريون...سيٺ گهنشامداس اوهين ته لڄ ڪرڻ وارا نه آهيو...ٿورو سڪو ميوو کڻو نه... ڀرسان ويٺل مائي: پٽ، اوهان جي گهر ۾ لڄ ڪير ڪندو؟ پيٽ ته ڀريو اٿئون، پر گهوٽ ڪنوار ڪٿي؟

هريرام: (کـِلي) گهوٽ –ڪنوار به اچي ويندا برهمڻ ديوتا ساڻن سڳڻن ۾ ويٺو آهي. ڀل ته اُهي پوراٿين.

مائي: اڙي پٽ، اسين تنهنجي شاديءَ جو ڪارڊ پڙهي عجب ۾ پياسين ته ڪنهن کي ٿا پرڻايو؟پنهنجا ڪارج ته سڀ پورا ڪيا اٿو...

هريرام: امڙ! ڪارج ڪڏهن پورا ٿيڻ جا آهن! پنهنجا پراوا ڪارج هڪ سمان آهن، ڪارج سـِڌِ ڪرڻ وارو ته مالڪ پاڻ آهي. اسين ته آهيون حڪم جا بندا.

مائي: (کلي) بروبر، بروبر! پٽ جُڳ جُڳ جئين! ڀڳوان جو ڏنو آهي، سو سڀ ڪارجن ۾ لڳائبو ته پيو وڌندو ويجهندو. ’ايڪ ديوي، دس پاوي.‘

هريرام: بس آسيس ڪريو ته شڀ ڪمن کان ڪڏهين به منهن نه موڙيان.

مائي: هزار سال عمر اٿيئي! پٽ، گهوٽ ماءُ ڪانه ٿي نظر اچي.

هريرام: امان، او اجها، گلابي ساڙهيءَ ۾ پيئي ڦري.

مائي: ٻڙي، گهوري وڃان! منهنجي ته نظر بنهه گهٽجي ويئي آهي. پٽ گهوٽ-ڪنوار جي ڏسڻ جي سڪ لڳي آهي. اڄڪلهه جا مئا ٻانڀڻ پيٽ بکيا پيا چئن ڏوڪڙن لاءِ دير وجهندا.

هريرام: بس اجهو ٿا اوهان جي سڪ پوري ڪريون. ڀائرن جو سواگت  ڪريان. (ميڙ ڏانهن  مخاطب ٿي) ميري پياري سڄڻون آپڪون کبر

مائي: (وچ ۾)  پٽ هري، سنڌيءَ ۾ ڳالهايو. هندي ۾ وري ڪيون پيا بات ڪرتا هئه؟

هريرام: چڱي امڙ، جيڪا اوهان جي مرضي.پيارا ڀايڙا ۽ ڀينرون، اوهان کي ڌنيواد هجي، جو هن شيوڪ جي غريبخاني ۾ پڌاريا آهيو. هن تڇ داس جي ته هميشه اها اڇا رهندي  آهي، ته اوهان جهڙا سڄڻ هن  غريبخاني ۾ چرن گهمائين ۽ هن داس کي شيوا ڪرڻ جووجهه ڏين. سڄڻو،ڏنو سڀ انهيءَ ڪرپالو ڀڳوان جو آهي. ديناناٿ شڪتيوان آهي جو هن شيوڪ کان پيو سڀ ڪجهه ڪرائي. مرڻو ته اڳي پوءِ آهي، پوءِ ڇو نه چڱا ڪم ڪندي هيءُ جهان ڇڏجي. جيڪي هٿان ڪبو، سو اڳتي ڪم ايندو. مايا اچڻي وڃڻي، پوءِ ڇونه اوهان پريتوانن جي شيوا ۾ سجائي ڪجي. هاڻي سڀني سڄڻن پرساد ورتايو آهي ۽ سڀني کي گهوٽ- ڪنوار جو انتظار آهي. برهمڻ ديوتا پنهنجو ڪم پورو ڪيو آهي.هاڻي داس جي نماڻي وينتي آهي ته اندر هلي درشن ڏيو ۽ گهوٽ –ڪنوار کي شڀ مک مان آسيس جي ورکا ڪريو. (سڀني جي اُٿڻ، چرپر ۽ سس پس جو آواز اچي ٿو.)

چمن: ٽيڪم، اُٿ، ڇاهتي ننڊ ڪرڻ آيو آهين؟ هل گهوٽ-ڪنوار جو درشن ڪر ته من پرسن ٿئيئي. گهوٽ کي چئيج ته ويڏيءَ تي تنهنجو نالو وٺي ته جلدي ڳاڙهي ڪنوار مليئي.

ٽيڪم: (طنزي نموني) خبر اٿيئي ته ڳارهي ڪنوار جو ٻيو مطلب ڪهڙو آهي؟ باهه!

چمن: پاڻ کي ٻيلي، تنهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي نه! شُڀ ٻول. اُٿي سيگهه ڪر (ڇڪي  اُٿاريس ٿو.)

ٽيڪم: (وڏو ٿڌو ساهه کڻي) هل ڀائي هل ڪٿي تنهنجي دل نه هيٺ مٿي ٿي وڃي. تنهنجي  درشن کان سواءِ هنن جي شادي اڌوري رهجي ويندي.

مائي: پٽ، ڏاجو ٻاجو به ڪونه ٿا ڏيکاريو. اسان کان به ٿا لڪايو؟

هريرام: امان، اها به ڪا لڪائڻ جي ڳالهه آهي! ڪنواريتن وٽان، چار هاٿي، ٻه جاگيرون ۽ هڪ سون جي ڀريل ڳوڻ ملي آهي.

مائي: ڇو پٽ، چرچا ٿا ڪريو يا ڪنهن ڀينگئي جي پالي پيا آهيو.

هريرام: اوهان سان ڪو چرچا ڪبا! ڀائرو هاڻي اوهان جي گهوٽ ڪنوار کي ڏسڻ جي اٻلاڪا پوري ٿيندي. ڇوڪرا، پردو هٽائي ڇڏ.( پردي هٽڻ جو آواز) ڀائرو،(کلي) هيءُ آهن گهوٽ ۽ ڪنوار، منهنجي ننڍي پٽ  دويندر جا گُڏو ۽ گُڏي جن جي شادي اڄ رچائي ويئي آهي.

ٽيڪم: (رڙ ڪري)گُڏي –گُڏيءَ جي شادي (تاڙيون وڄائي) واهه! واهه! چمن ڪجهه پيسا نه ڪڍ ته گهوٽ تان گهور ڪريون!

چمن: چپ ڪر، سيٺ هريرا ٻڌي نه وٺي.

ٽيڪم: سيٺ  هريرام ڇا ٻڌندو؟ پاڻ ئي ته چوي ٿو ته گُڏي گڏيءَ جي شادي ڪرائي اٿائين. (زوردار ٽهڪ) ها، ها، ها.

چمن: بس ڪر، بيوقوف نه ٿيءُ. سيٺ هريرام پيو هيڏانهن نهاري.

ٽيڪم: گُڏي ۽ گُڏيءَ جي شادي-ها، ها، ها.

هريرام: ڪير پيو کـِلي؟ ڇو ٽيڪم، ڪهڙي ڳالهه  تي ٿو کلين؟

ٽيڪم: سائين! اوهان جي سخاوت تي. گُڏي گڏيءَ جي شادي ڪرائي اوهان پنهنجو نالو اتهاس ۾ امر ڪري ڇڏيو آهي...ها، ها، ها.

هريرام: (غصي ۾) بيوقوف ڪٿان جو. پاڳلن وانگر پيو ڏندشيڪي!

ٽيڪم: سيٺ جي، هيءَ سڄي دنيا پاڳلخانو آهي. هرڪو پنهنجو پنهنجو پارٽ ادا ڪري ٿو جيئن اڄ اوهان وڏو پارٽ ادا ڪيو آهي... ها، ها، ها.

هريرام: بڪواس بند ڪر. بدمعاش، بيوقوف، نڪر هتان وري پنهنجي منحوس شڪل نه ڏيکارج.

ٽيڪم: نڪو منحوس شڪل ڏيکاريندس ۽ نڪو منحوس شڪل وري ڏسندس گُڏي-گُڏيءَ  شادي...ها، ها، ها.(زور دار ٽهڪ آهستي آهستي جهڪا ٿيندا وڃن ٿا).

3

1.سنڌ ۽ سنڌي زبان

مولانا دين محمد ’وفائي‘مرحوم

2.منهنجي سنڌ

رئيس ضياء الدين ايس ’بلبل‘

3. سنڌيت

منو تولارام گدواڻي

 4. سنڌي زبان

شيخ محمد اسماعيل

  5.  فن شاعري

ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘

 6. قديم سنڌي شاعريءَ جا ڪي نادر نمونا

محمد خان ’غني‘

7. اوائلي سنڌي ناول ۾ عبارت آرائي

پروفيسر منگهارام ملڪاڻي

8. ڪوٽ ڏيجي

مولا بخش، اي. سومرو

قومن جا بقاءُ، قومن جي ڪارنامن ۽ عملن تي مختصر آهي، ورنه قومن پٺيان قومون، ترقيءَ جي استعداد نه رکڻ سبب، هڪٻئي پٺيان نابود ٿي ويون، ڄڻ ته هيون ئي ڪونه، ۽ سندن وجود صرف هڪ ’ڏند ڪٿا‘ جي صورت اختيار ڪئي.     

ثابت ٿو ٿئي ته جي علم ۽ جي زبانون، بني نوع انسان  واسطي، تنزل ۽ بيماريءَ جا اسباب پيدا ڪن ٿيون، تن کي ناس ڪرڻ ۽ مٽائڻ، فطرت پنهنجو فرض تصوّر ڪري ٿي، اهڙيءَ صورت ۾ جا قوم پاڻ کي خواهه پنهنجي زبان کي بقاءُ ڏيڻ ٿي گهري، تنهن کي لازمي طور، صحيح نموني ۾ ’ذڪر ۽ فڪر‘ کان ڪم وٺڻو پوندو، ۽ ترقيءَ جا رستا ڳولڻا پوندا، ان سان گڏو گڏ کيس رذالت کان بچڻو پوندو، ورنه بي عزتيءَ جو موت، مٿس لازمي آهي.

ڪلمي جي بقاءُ جو مدار آهي؛ سندس افاديت ۽ ترقي پذيريءَ تي، جيستائين ڪنهن به شيءِ جي زندگيءَ جا جملي اطوار، ۽ سڀ اسباب موجود نه هوندا، تيستائين اوهين انهيءَ شيءِ کي رکڻ ۽ زندگي بخشڻ جي ڪيتري به ڪوشش ڪريو، ته ڪامياب ٿي نه سگهندا. اهو فطرت جو هڪ ڪليه ۽ اٽل قانون آهي. ياد رکو، جا شيءِ ’بي معنيٰ‘ آهي اها مري چڪي آهي.

علامه، آءِ،آءِ. قاضي                             

مولانا دين محمد صاحب وفائي مرحوم

سنڌ ۽ سنڌي زبان

مولانا دين محمد صاحب وفائي مرحوم اسان جي سنڌي عالمن ۽ اديبن ۾، پنهنجي علم ۽ فضل جي حيثيت سان، توڙي ملڪي ۽ علمي خدمت جي خيال سان، نمايان حيثيت جو مالڪ آهي، الوحيد  ۽ توحيد ۽ سندس ديني ۽ اصلاحي ڪتاب ۽ مقالا، فڪر انگيز به آهن ۽ معلومات به هت سندس هڪ اهم  ’اقتباس‘ ڏيون ٿا. جنهن ۾ مولانا مرحوم اڄ کان چوڏهن سال اڳ ”سنڌي زبان کي بچايو“ جي عنوان هيٺ، پنهنجو خيال پيش آهي_گرامي

سنڌي ٻولي، پنهنجي جهونائيءَ ۽ آڳاٽي هجڻ ڪري، پنهنجي مٿي هڪ اهڙي اَمٽ ٻولي آهي، جنهن جي پاسي ۾ هندستان (۽ پاڪستان) جي ڪابه ٻولي بيهي نٿي سگهي. عربي مسلمانن جي ڪاهن کان اڳ سنڌي زبان جو ڪهڙو روپ هو، ۽ ڪيئن ڳالهائي ويندي هئي، ان جي کوجنا ڪرڻ، ۽ اپٽار ۾ وڃڻ، ڪنهن ٻي صحبت تي اڇلائي هت هي ڏيکارڻو آهي ته هاڻوڪي سنڌي جا ڳالهائي ٻولهائي وڃي ٿي، تنهن جي ڄمار به هڪ هزار ورهين کان وڌيڪ آهي. پوءِ کڻي ان ۾ وقتن ۽ حالتن جي ايرڦير ڪري ڪجهه ڦيرو گهمرو آيو به هجي. عربن جي ڪاهن ۽ ان کان پوءِ غزنوي ۽ مغلن جي راڄن ۾ سنڌيءَ ڪي عربي ۽ فارسي فقط به جهٽي ورتا، مگر ان هوندي به سنڌيءَ جو خزانو  پنهنجي جهونائيءَ قدامت جي ڪري، ڪو اهڙو کُٽل ڪونه هو. جهڙو هاڻي اسان جو نوجوان سمجهي ويٺا آهن. هڪ نج ۽ پنهنجي مٿي پيرن تي بيٺل زبان کي ريخته بنائڻ جون رٿون رٿي رهيا آهن.

پاڪستان بنجڻ کان پوءِ هيءَ چرپر هلي رهي آهي ته ”سنڌي زبان“  کي بچايو وڃي. ان جو مقصد ڪڍيو وڃي ٿو ته پاڪستان مان جيڪي  هندستان حضرات، هت حڪمراني ۽ راڄ هلائڻ جي ارادي سان براجمان ٿيا آهن، تن کي سنڌي ٻوليءَ جي نه ٻوجهه آهي، ۽ نه ان تائين پهچ ۽ پرجهه جنهنڪري لازمي طرح هن کي ٺڪرائيندا ۽ سنڌيءَ جي جاءِ تي اڙدو زبان کي، جا پنهنجي ديس مان نيڪالي کائي، چڪي آهي، تنهنجو بچاءُ ڳوليندا ۽ رک رکاءُ ڪندا رهندا (1)

ترڪيءَ 1918ع ۾ انقلاب کان پوءِ،  ترڪي ٻوليءَ جي سڌاري لاءِ جيڪو ڪم هٿ ۾ کنيو، تنهن ۾ سڀ کان پهريائين، هنن ترڪي ٻوليءَ جي هڪ لغت جوڙائي، ان کان پوءِ ڏٺائون ته پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڌارين زبانن جا ڪيترا لفظ آهن، ۽ انهن جي معنيٰ وارا لفظ اسان جي لغت ۾ لڀن ٿا يا نه؟ ترڪيءَ ۾ جيڪي ساڳيا هم معنيٰ لفظ کن ملندا ويا، اهي قائم رکندي، باقي ڌارين ٻولين جا لفظ ڪڍندا ويا. پر جڏهن کين اهڙا لفظ نه ملي گهيا، تڏهن ساڳيا عربي، فارسي لفظ، ائين جو ائين قائم رکيائون. ان ريت ترڪي ٻوليءَ کي سوڌي صفا ڪري، هڪ علمي زبان بڻائي ورتائون.

رضا شاهه پهلويءَ جي راڄ ۾ فارسيءَ کي سوڌڻ جي  مهم شروع ڪئي وئي، ته عربي يا ترڪي لفظن کي سوڌڻ تي مجبور ٿيا. هن وقت ’هنديءَ جي سوڌ به ساڳيءَ صورت ۾ هندستان وارا ڪري رهيا آهن.

سنڌي زبان جي سوڌڻ لاءِ به ساڳي سڌريل قومن واري واٽ ورتي ويندي ته ان ريت نه فقط ٻوليءَ ۾ سڌارو ٿيندو، پر ايڏو وڏو واڌارو به ٿيندو، جهڙو ٻين جاندار قومن جون زندهه زبانون ڪري رهيون آهن.

 اسان جي  سنڌي مسلمانن گذريل پنجاهه ورهين ۾ جيڪا پنهنجي مادريءَ ٻوليءَ جي خدمت يا چاڪري ڪئي آهي، اها به سامهون رکو. وري اسان جي هندو وطني ڀائرن جيڪو سنڌيءَ جي وڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، سو به سامهون رکو! ته ٻنهين ڌرين ۾ ايڏو ڇيٽو نظر ايندو، جيڏو مسلمانن ۽ هندن جي شاهوڪاريءَ ۽ شهري زندگيءَ ۾ هوندو هو. پروفيسر ڀيرو مل مهرچند، ڊاڪٽر هوتچنڊ گربخشاڻي، ۽ مسٽر ڄيٺمل پراسرام جا ڪتاب ڏسو، سندن سنڌي ڏسو، سنڌي هندن جي شاعري ڏسو! اوهان سنڌي ساهتيه يا ادب جي لحاظ سان ڏسو! ته اوهان کي اچرج لڳندو ته هي ماڻهو، سنڌيءَ جي واڌاري لاءِ ڪيڏو نه قدم کڻي رهيا آهن.

اسان جي سنڌي بزرگ مرزا قليج بيگ، يا سنڌ جي اديب ۽ عالم مير عبدالحسين ’سانگيءَ‘ ۽ شمس الدين ’بلبل‘ ۽ ٻين جي تصنيفن جي ڇپائڻ جي خدمت به هندن ادا ڪئي. گويا سنڌ ۾ ’سنڌيءَ ٻوليءَ‘ جي واڌاري واري ڪم جو وڏو ڀاڱو هندن جي هٿان ادا ٿي چڪو آهي.’مسلمان‘ به ڪجهه ڪندا رهيا آهن،مگر اهو ڄڻ ڪنهن ليکي ۾ آڻي ئي نٿو سگهجي.

هندن ۾ ڪي اهڙا به تعصبي هئا، جن سنڌيءَ جي گردن تي سنسڪرت جي اڻوڻندڙ اکرن جون ڀريون رکي، ساڳيءَ ريت گلو گهٽڻ گهريو ٿي، جهڙيءَ ريت اسان جا مسلمان نوجوان، عربيءَ جي اڙانگن  اکرن جي مٿس ماراماري ڪري رهيا هئا. مگر هندن پاران اهو دور ٿورو وقت هليو. ڪن خاص اصلاحي هندي لفظن کان سواءِ، هو صاف سنڌي لکڻ لڳا. خاص طرح سرڪار پاران سنڌي زبان جي نگرانيءَ لاءِ جيڪو ’بورڊ‘ (موجوده سنڌي ادبي بورڊ) برپا ڪيو ويو، تنهن ۾ جيترن به هندو مصنفن جا ڪتاب اچڻ لڳا، سي هندي اکرن جي آکاڙي کان آجا ٿي آيا ٿي.

”سنڌيءَ کي  بچايو“، اهو فقط نعروئي رهجي ويندو، جيستائين ’سنڌي مسلمانن‘ پاران عملي رنگ ۾ ڪنهن ڏاڍي وڏي ڪارج ڪرڻ لاءِ تياري ڪئي نه ويندي. هن ڪم لاءِ وڏن جاکوڙن ۽ جهد جي گهرج آهي. جيڪڏهن بنگالي مسلمان، پنهنجي بنگالي ٻوليءَ کي نٿو ڇڏي، بلڪ ان جي بچاءَ لاءِ سينٽرل حڪومت سان به جڌ، جوٽيون بيٺو آهي . جيڪڏهن پنجابي مسلمان پنهجي ان ٻوليءَ کي جيئرو رکڻ گهري ٿو، جا لکپڙهه ۾ ئي ڪانه ٿي اچي، ته پوءِ ڪهڙو ڪارڻ آهي، ته سنڌ جو مسلمان، پنهنجي جهونيءَ ٻوليءَ جي ’ٻيڙي‘ تارڻ لاءِ ٻانهون کنجي نه بيهي!

سنڌ جو هندو جو ورهان ورهيه هزارن جي انداز ۾ ڪتاب ڇپائي، سنڌيءَ ۾ واڌارو ڪندو هو. ان سان سرڪار به ٻانهن ٻيلي ڪانه ڪئي، پر  هن قوم جو پنهنجي ٻوليءَ سان پريم هو ۽ پيار هو، جنهنڪري ڪو رسالو يا ڪتاب يا ناول نڪرندو مس هو ته هٿون هٿ کڄي ويندو هو.

جيڪڏهن اسان جا ”ڳڀرو مسلمان“ نوڪرين تان آسرو لاهي، هندو نوجوانن وانگي هن علمي ڪم کي لڳي وڃن ته سنڌ کان ٻاهريان تيرنهن لک سنڌي هندو به سندن ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. سنڌ جو هندو سنڌ کان ٻاهر آهي، پر وري به هو اُتي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت کي لڳوپيو آهي، هو اڄ به سنڌ کي ياد ڪري چئي رهيو آهي نه ”سڌي جي ساڻيهه، کهه کٿوري  ڀانيان._(شاهه)، سنڌ ساڻيهه جي مـِٽيءَ چَپٽيءَ کي به ڀٽائي گهوٽ، کٿوريءَ (مشڪ) کان به مٿي سمجهي  رهيو آهي، سڌي مسلمانن، لاءِ شاهه، جي هن شعر ۾ ڪو سبق ڪونه آهي ڇا! (1)

سنڌي مسلمان پنهنجي وطن، سان گذريل سالن ۾ جيڪو برو برتاءُ ڪيو آهي، تنهنجو ڏنڊ ڀوڳي رهيو آهي. ’سنڌي‘ ويچارو هڪ حيرت واري باند ۾ آهي. هاڻي جڏهن ڪا چَٽـِي، ڀريندو تڏهن هن لوڙائو، مان لنگهي پار پوندو.!(1)

سنڌي مسلمان کي هن وقت شاهه ڀٽائيءَ کي پنهنجو اڳواڻ بنائي ڪم ڪرڻو آهي جنهن کان پوءِ هو وڃي ڪنهن ڏَني ڪَني لڳندو.

شاهه جو ارشاد آهي:

الله ايـِيئَن مَ هوءِ، جـِيئَن آءٌ مَران بَند ِ ۾،

جُسو زَنجيـِيرَن ۾ راتو ڏيـِيهان روءِ،

پَيرينءَ وَڃان لَوءِ، پوءِ مَرُ پُڄَنـِم ڏِينهَڙا!

      

واجهائي وطـَن کي، ساري ساههُ ڏيان،

هي سـِرُ ساڻيهه سامُهُون، مُنهنجو نـِج مـِيان،

مُقامـِياڻـِي مارُوئين، وَڃـِي ٿَرِ ٿــِيان،

مُيائـِي جـِيان، جي وڃي مَڙُهه مَلير ۾.


(1) مرحوم مولانا وفائيءَ جي پيشگوئي حرف به حرف پوري ٿي. مگر وري به الله ڀلو ڪري، انهن جاشعور اديبن ۽ عالمن جو، جن جي جدوجهد ڪامياب ٿي ۽ سنڌي زبان کي ڪنهن حد تائين، تعليمي حق دوباره مليا آهن. _(گرامي)

(1) بنگالين، پنهنجي بنگله کي سرڪاري زبان مڃارائي، اڙدوءَ جهڙا مساوي حق حاصل ڪيا آهن._(گرامي)

(1) ان طرح هندوستان جي سنڌي هندن. وڏي جدوجهد، احتجاج، ڪيسن ۽ جڳهڙن کان پوءِ وڃي ”سنڌي زبان“  کي هندوستاني ٻولين جي زنده ٻولين ۾ مڃارايو آهي. اڄ اتي سنڌي زبان جا رسالا آهن. هزارين  ڪتاب ڇپيا آهن ۽ ”نصاب“ ۾ داخل آهن._گرامي

(1) مولانا وفائي مرحوم جي هيءَ معنيٰ خيز پيشگوئي به پوري ٿي. سنڌي مسلمان پنهنجي وطن سان جيڪو برو برتاءُ ڪيو آهي.  تنهنجو نه فقط ڏنڊ پيو ڏئي پر ڍڳي جي ملهه کان ”ڀُنگ“ جي رقم وڃي ٿي واڌکائيندي ! ”اُٺ ته تـَري، پر جي پُڇ نه تري“. وارو قصو آهي_ ۽ اڄڪلهه بقول مولانا وفائيءَ مرحوم جي:

”سنڌي ويچارو هڪ حيرت، واري ”باند ۾ باندي آهي“

ڀلا ان مان جند ڇٽڻ جو ڪو چارو؟_ مولانا ٿو فرمائي:

”هاڻي جڏهن ڪا ”چَٽي“ ڀريندو، تڏهن لوڙائو مان لنگهي پار پوندو!“-

مولانا جي اها پيشنگوئي به سورهن آنا صحيح نڪتي. فرق اهو  ته چَٽيءَ ڀرڻ ۾ نه اگر نگر ڏئڻ ۽ ڪنهن به گهٽايو ڪونه آهي، پر  مورڳو سَڳُ ٿو وڃينِ! هت  ته کٿو به ويو ته اَڻائي به وئي! واور حساب پيو ملي، الله شال رحم ڪري:

هي جرم ضعيفي کي سزا مرگ مناجات

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com