سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1962ع

مضمون

صفحو :16

مون کي آگسٽ 1959ع جي اها تاريخ ياد آئي جڏهن شاهه صاحب جي لاهور ۾ پهرين ورسي، ’قاسمو پوليٽن ڪلچرل سوسائٽي‘ جي زيرنگراني  ملهائي ويئي هئي. ان وقت پبلڪ جي نه ايڏي چهل پهل  هئي نه وري مقررين ڪو سٺو پاڻ ملهايو هو. معلوم پئي ٿيو ته انهيءَ ڏينهن، سوسائٽيءَ تي ڪنهن فرض ڪري اها ڳالهه مڙهي ڇڏي هئي.  جا کيس نباهڻي هئي. انهيءَ ڏس ۾ ”لطيف مجلس لاهور“ واقعي  مبارڪن  جي مستحق آهي، جنهن ايڏو قابل تحسين ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته هن مجلس جو ڪم سنڌي ادب کي ترقي ۽ ترويج ڏيارڻ آهي. سندس ڪو به تعلق سياست سان نه آهي. هي مجلس لاهور جي سڀني سنڌي شاگردن جي متحد ٿيڻ جو نتيجو آهي. هن مجلس جو صلاحڪار وزير مواصلات حڪومت پاڪستان آهي.

ڪلچرل پروگرام- تقريرن بعد ڪلچرل پروگرام جو وارو آيو. محمد مٺل خان پنهنجو گَهڙو کڻي اسٽيج تي آيو. پبلڪ حيران ٿي ويئي ته گَهڙي جو فن سان ڇا تعلق؟ مگر ان فنڪار پنهنجو اهو فن پيش ڪيو جو پبلڪ طرفان ان جي اختتام تي ”ايڪ بار پهر“ ”اگين“ اڪ وري هور“...۽ ”وري ڀاءُ وري“ جا آواز اچڻ لڳا. مجبوراً اهو فن 5 ڀيرا پيش ڪرڻو پيو. ساڳئي طرح سچل سرمست آرٽس ڪاليج جي شاگرد وزير علي، شاهه جو  ڪلام پيش ڪيو. ان سان گڏ اهو به ٻڌايو ويو ته وزير علي مذڪوره ڪاليج ۾ بي.اي ۾ پڙهندڙ آهي.

نڙ تي ڌنون- مسٽر الهوسائي، شاه صاحب جو ڪلام نڙ تي پيش ڪيو ويو ۽  بعد ۾ نڙ ۽ گَهڙو پيش ڪيو ويو. نڙ جي جدا گڏ وڄت ايڏي ته مقبوليت ٿي جو عوام جي زور ۽ اصرار تي هر هڪ ائٽم، ٽي ٽي  ڀيرا پيش ڪيو ويو.

منظور علي خان ۽ خادم سروري- انهن پروگرامن جي پسنديءَ بعد استاد منظور علي ۽ حسين بخش ’خادم‘ سنڌيءَ ۾ ڪلام پيش ڪيو. آواز ۽ فن جي لحاظ کان حسين بخش جو ڪلام ڪي رتيون ڪسر هو. هر ڪلام جي شروع ۾ شاهه صاحب جو ڏوهيڙو اهڙي نوع ۾ ڏنائين جو سنڌين کان علاوه غير سنڌين به ٿي داد ڏنو. استاد منظور علي خان ڪلام پيش ڪرڻ کان اڳ هر  بيت جي اردوءَ ۾ به سمجهائي ٿي ڏني جنهن کي عوام ڏاڍي چاهه سان ٿي ٻڌو. مختصر ايترو چوڻ ڪافي آهي ته گهڙوپنج ڀيرا، نڙ ٽي ڀيرا ۽ گهڙو ۽ نڙ گڏ ٽي ڀيرا پيش ڪيا ويا. ازانسواءِ هڪ هڪ راڳيندڙ پبلڪ  جي تقاضا موجب ٽي- ٽي ڪلام ٻڌايا. سنڌي ساز ۽ ڪلام جو اثر ڪيتري قدر ٿيو، ان مان توهين خود اندازو لڳايو. ورسي جي ڪارروائي شام جو 5 بجي کان 9 بجي تائين هلي. اول کان آخر تائين هر ماڻهو پنهنجي سيٽ تي ويٺل هئا. جيستائين مجلس جي برخواست ٿيڻ جو  اعلان ٿئي تيستائين پبلڪ انهيءَ تاڪ ۾ رهي ته اڃا به ڪو پروگرام باقي آهي. پروگرام جي آخر ۾ سڀني ناظرين جو دلي شڪريو ادا ڪيو ويو ۽ هال مان ماڻهو هڪٻئي پٺيان نڪرڻ لڳا.

ٻاهر ”لطيف مجلس“ پاران وڏن بورڊن تي ”سنڌي ملهه“، ”شاهه صاحب جو روضو مبارڪ“، ”ڪراڙ ڍنڍ“، ”ڪلچرل سينٽر“ جو منظر ڏيکاريل هو. ٻئي طرف سنڌي آرٽسٽن جون چٽيل تصويرون جن ۾ قابل ذڪر آهن؛ ”مومل جا ورلاپ“، سسئي جو سفر“، ”ماروي جي بيبسي“. عوام انهن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. جلسي تي آيل اڪثريت وڏن آفيسرن، ۽ شاگردن جي هئي جن ۾ غير ملڪي شاگرد گهڻي انداز ۾ هئا ۽ اديبن، ايڊيٽرن ۽ رپورٽرن به شرڪت ڪئي. عورتن جو تعداد  به 50 کن هو. سڀني مهمانن کلندي الوداع چئي. ’لطيف مجلس‘ جي قابل تحسين ڪم جي بيحد تعريف ڪئي. ٻڌڻ ۾ آيو ته چند فنڪار (شاهه لطيف ميموريل ڪائونسل سنڌ) ۽ (انڊس آرٽ انسٽيٽيوٽ حيدرآباد سنڌ) جي تعاون جو ئي نتيجو هئا. پر مجموعي طور هيءَ ورسي اڳئين جي مقابلي ۾ بيحد ڪامياب رهي. جنهن لاءِ هر ماڻهو تصديق ڪري  رهيو هو. ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو ’لطيف مجلس لاهور‘، اڳتي به اهڙيءَ طرح پنهنجي ان فرض کي نڀائيندي اچي.- محمد اسماعيل لغاري،لاهور

لطيف جي ورسي  سکر

29- ڊسمبر 62ع، هتي ريلوي انسٽيٽيوٽ ۾، اسلاميه ڪاليج جي زير اهتمام، ايشيا جي لافاني ۽ باڪمال شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ رحه جي ياد ۽ عقيدت ۾ هڪ ادبي محفل منعقد ڪئي ويئي، جنهن جي صدارت سنڌ جي برک اديب ۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي. ان موقعي تي سون جي تعداد ۾ معزز شهرين، شاگردن، اديبن، ۽ فنڪارن کي خطاب ڪيائون.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب-  ڊاڪٽر صاحب فرمايو: ”ڀٽائي گهوٽ جي ڪلام کي سمجهڻ جي ڪامياب ڪوشش تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن اسين ’اسلامي تصوف‘جي بنيادي نڪتن ۽ قرآن حڪيم جي فرمان کي سمجهي وٺون.“ هن چيو ته ”شاهه جو پيغام انسانذات لاءِ هدايت جي مشعل آهي، جيڪا موجوده ماحول ۽ زماني جي تاريڪين کي روشنيءَ ۾ بدلائي، اڄ جي انسان کي راهه  مستقيم تي آڻي  سگهي ٿي. پر اها  سهائي ۽ محبت جي راهه  تڏهن هٿ لڳي سگهندي، جڏهن اسين سڀ ئي تعصب ۽ انفرادي وڏائيءَ کان بالاتر ٿي، شاهه جي ڪلام جو  گهر و مطالعو ڪريون.“

ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي مختصر تقرير ۾ ظاهر ڪيو ته ”شاهه  جو فن هڪ بحربي پايان آهي، جنهن ۾ غوطي هڻڻ وارو غواص ئي چند موتي ميڙي، گوهر ناياب آڻي سگهي ٿو. ۽ پوءِ ان تي عمل ڪر ي گوهر ناياب ٿي سگهي ٿو.“

موصوف سنڌين جي اصولن جو ذڪر ڪندي چيو ته ”سندن هميشہ اهو طريقو رهيو آهي ته ”گهر جو پير چلهه جو مارنگ“. سو انهيءَ چوڻيءَ مطابق، سنڌواسي به اڃا شاهه جي عظمتن کان  چڱيءَ ريت واقف ڪونه ٿيا آهن. مسٽر بلوچ سنڌين کي تلقين ڪئي ته هو، پنهنجن بزرگن جي زرين قولن ۽ انهن جي ڏنل هدايتن جو سهارو وٺي زندگيءَ جي راهه تي قدم وڌائين.“ هن چيو ته: ”شاهه جو فن ۽ فڪر مغربي عالمن ۽ مشرقي ٻولين جي ماهرن کي ته متاثر ڪري ٿو، مگر پنهنجن جي بيتوجهيءَ جو عالم اهو آهي، جو هو سندس نڪتن کي سمجهڻ ڏانهن ڌيان ئي نٿا ڏين.“ ڊاڪٽر موصوف چيو ته: ڪابه شئي حقيقي معنيٰ ۾ تڏهن ئي پياري ۽ باوقار ٿي سگهي ٿي، جڏهن  اسين ان کي  پوريءَ ريت سمجهي وڃون. مسٽر بلوچ دعويٰ ڪئي ته شاهه کي سنڌ جا ڳوٺاڻا شهرين کان وڌيڪ سمجهن ٿا ۽ اهي شاهه جا ڪتب آندل الفاظ روزمره استعمال ڪندا رهن ٿا، مگر شهري عوام سنڌي ٻوليءَ جي انهن پراڻن لفظن کي ڪافي حد تائين وساري ويٺو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ عوام ۽ خاص ڪري شاگردن کي هدايت ڪئي ته ”شاهه جو رسالو پڙهن ۽ ان تي گهري سوچ ڪن ته پوءِ هو باآساني شاهه جي بيان ڪيل نڪته داني ۽ گَهرائي کي سمجهي سگهندا.“ آخر ۾ موصوف اسلاميه ڪاليج جي ڪارڪنن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اها منهنجي خوش قسمتي آهي، جو هن مجلس ۾ مون کي پنهنجن خيالن جي اظهار ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيوويو آهي.

مسٽر محمد احمد پرنسپال اسلاميه ڪاليج- ان موقعي تي اسلاميه ڪاليج جي پرنسپال، مسٽر محمد احمد اردو زبان ۾ ”شاهه ۽ تصوف“ جي موضوع تي هڪ پر مغز مقالو پڙهيو، جنهن ۾ هن ثابت ڪيو ته تصوف، اسلام کان جدا نه آهي، ۽ شاهه ڀٽائي رح اسلامي تصوف جو هڪ باعمل پير و ڪار هو.

ميمڻ عدالمجيد سنڌي- پروفيسر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ پنهنجي مقالي ۾ واضح نموني ۾ ظاهر ڪيو ته شاهه جا ماخذ نه رڳو قرآن حڪيم ۽ مثنوي رومي آهن، پر ڀٽائي گهوٽ، شاهه ڪريم بلڙي واري  جي  ڪلام مان به اثر ورتو آهي، ۽ ٽيڪنڪ جي لحاظ کان ته شاهه سائينءَ، شاهه ڪريم جي ڪلام جوئي تتبع ڪيو آهي. بي.اي جي اسٽوڊنٽ مسٽر ابراهيم انصاريءَ هڪ مضمون بعنوان ”شاهه لطيف بحيثيت شاعر“ پڙهيو، جنهن ۾ هن غير ٻولين جي شاعرن جي ڪلام سان شاهه جي ڀيٽ ڪندي، اهو اظهار ڪيو ته شاهه دنيا جي ڪنهن به شاعر کان فني ميدان ۾ پٺتي پيل نه آهي.

خطبه استقباليه: ان کان اڳ مسٽر غلام نبي لاڙڪ، خطبه استقباليه ۾ شاهه جي فني عظمت جو ذڪر ڪندي چيو ته ”شاهه هڪ عظيم شاعر آهي، جنهن جو اعتراف مغربي عالمن به ڪيو آهي. هن مشهور مستشرق ڊاڪٽر اينمري شمل  جو حوالو ڏيندي چيو ته سندس خيال ۾ ڪيڏي نه سچائي آهي، جو هن صاف لفظن ۾ چئي ڏنو هو ته ”شاهه صاحب جرمنيءَ جي مشهور شاعر گوئٽي کان به ٻه وکون اڳتي آهي.“

هن مجلس ۾ بعض شاعرن شاهه جي عقيدت ۾ اشعار به پيش ڪيا. اردو جي مشهور شاعر جناب ’آفاق‘ صديقيءَ هڪ نظم پڙهيو، جنهن تي سامعين کيس بيحد داد ڏنو،سندس نظم جا چند بند هن ريت هئا.

کيچ کي راهون ۾ اب تک خاک اڙاتي هي سسئي.

آج ڀي کيا جاني کس قيد مين هي ماروي.

ناخدائي کشتي- دل رهبر فڪر و نظر.

پر خطر گرداب مين اب تک هي تيري سوهني.

اب ڀي سرگردان هي مومل اپني راني  کيلئي.

غمزده ليلا چنيسر کو مناني کيلئي.    

 

ديکئي اب تيري بيجل کي سدائي ساز پر.

ڊياچ بنکر کون آئي سر  کٽاني کيلئي؟

اياز- سنڌ جي هڪ برک شاعر جناب شيخ مبارڪ اياز، پنهنجا ڪي بيت پڙهيا ته ڪي شاهه جي بيتن جا اردوءَ ۾ منظوم ترجما پيش ڪيا. شيخ اياز جو پنهنجو هڪ بيت، جيڪو سامعين بار بار ٻڌو ۽ کيس داد و تحسين سان نوازيو، سو هن ريت هو:

جاڳ ڀٽائي گهوٽ، سنڌڙي ٿي توکي سڏي.

 مرن پيئون مارئيون، قابو آهن ڪوٽ.

اچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري وجهون.

گدائي- شاعرن مان جناب عبدالڪريم ’گدائي‘ ۽ هڪ شاگرد سيد محمد علي شاهه به پنهنجا نظم پڙهي، سامعين کي محفوظ ڪيو.

موسيقار- هن مجلس ۾ سنڌ جي مشهور موسيقار ۽ سازندن کي به مدعو ڪيو ويو هو. مشهور مرلي وڄائيندڙ ’ملهار‘ فقير ۽ نڙ وڄائڻ جي ماهر فنڪار ’محمد‘ فقير به پنهنجي فن جو قابل تعريف مظاهرو ڪيو. ’محمد جمن‘ ۽ سندس ٽوليءَ شاهه جون ڪافيون پيش ڪيون، ’عبدالحڪيم‘ ’شعبان‘ ۽’آچر‘ ترتيب وارو الغوزن ۽ بينجي تي شاهه جي ڪافين جون ڌنون پيش ڪيون، مسٽر وزير عليءَ سچل آرٽس ڪاليج جي شاگرد هڪ ڪافي پيش ڪري، بيحد داد حاصل ڪيو.

منظور علي خان- آخر ۾، سنڌ جي مقبول فنڪار جناب منظور علي خان ۽ سندس ساٿين جو وارو آيو، جن جو محفل  جي وقتي سيڪريٽري مسٽر انصاري تعارف ڪرائڻ کان پوءِ چيو ته هينئر منظور علي خان، شاهه جي مشهور ڪافي-”آءٌ راڻا رهه رات، تنهنجي چانگي کي چندن چاريان“ ڳائيندي مسٽر انصاريءَ، شاهه جي ان ڪافيءَ جي ذڪر ڪيل بند جي وضاحت ڪندي، سامعين کي بيخود بنائي ڇڌيو، هن چيو ته ”شاهه رح مومل پاران فرمائي ٿو ته ”اي راڻا تون اگر رات مهمان ٿئين ته پوءِ تنهنجي خدمت ڇا ڇا نه ڪبي! پر تون جنهن چانگي تي چڙ هي ايندين ته ان کي به چندن چارائينديس“.

منظور علي خان جڏهن پنهنجي خاص انداز ۾ اها ڪافي ٻڌائي رهيو هو، تڏهن سامعين تي هڪ قسم جو سڪوت طاري ٿي ويو ۽ هو ڄڻ شاهه جي انهن بيتن مان روحاني رموزو اسرار جي تلاش ۾ گهڙي کن لاءِ گم ٿي ويا.

شاهه جي عقيدت ۾ منعقد ٿي گذريل مذڪور ادبي ۽ ثقافتي محفل نهايت ئي ڪاميابيءَ سان پنج ڪلاڪ ساندهه هلڻ کان پوءِ رات جو ٻارهين بجي مهل بخيرو خوبي ختم ٿي.

هن محفل ۾ مسٽر عبدالرحيم ميمڻ ڊرينيج پروجيڪٽ ڊئريڪٽر، مسٽر ڏهر ايس.اي گڊو براج، مرزا فضل حسين، مسٽر ابراهيم جويو، مسٽر غلام رضا ڀٽو، مسٽر گل حسن منگي، آغا بدرالدين خان، مسٽر رحمان نقوي وڪيل کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي سَون جي تعداد ۾ شهرين، اديبن، فنڪارن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي ۽ ڪيترائي ماڻهو واپس موٽي ويا، ڇاڪاڻ ته هال ۾ تـِرَ ڇٽڻ جيتري جاءِ به ڪانه بچي هئي.

 نواب شاهه: 8-ڊسمبر 62ع تي ’لطيف هال‘ نوابشاهه ۾ شاهه لطيف جي 210 ساله ورسي نهايت شاندار نموني ملهائي وئي. هن محفل جي صدارت سنڌ اسٽوڊنسٽس فيڊريشن جي صدر قاضي فضل الحق ڪئي.

هن محفل ۾ سنڌ جي هنن برک اديبن شاعرن حصو ورتو: پروانو ڀٽي، اختر مورائي، الطاف عباسي برده سنڌي.

هيٺين فنڪارن محفل کي محفوظ ڪيو:

فقير امير بخش، خميسو خان، مصري فقير، علي محمد، ياسين ۽ مٺا خان:

مختلف فنڪارن کي حاضرين طرفان نقديءَ جي صورت ۾ انعام پڻ ڏنا ويا. ۽ محفل جي ڪاروائي نهايت سليقي سان هلي اختتام تي پهتي. شاعرن ۽ فنڪارن کي حاضرين دل کولي داد ڏنو.

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ورسي

نشست پهرين- هتي جي مقامي ميمن انجمن ڪاليج حيدرآباد (سروگهاٽ) جي ”قليچ سرڪل“ طرفان ابوالفنون حضرت قليچ جي 33 ورسي ڌوم ڌام سان ملهائي وئي، جنهن ۾ علمي ۽ ادبي طبقي جي ماڻهن تمام گهڻي انداز ۾ شرڪت ڪئي.

پروگرام مطابق الحاج سيد ميران محمد شاهه صاحب جن جي صدارت ۾ جلسو ٿيو، جنهن جو افتتاح سورت فاتح جي سنڌي منظوم ترجمي پڙهڻ سان ٿيو، جو خود رئيس مرزا قليچ مرحوم جو نظم ڪيل آهي. پروفيسر محرم خان، معزز مهمان جي خدمت ۾ استقباليه خطبو پيش ڪيو ۽ حاضرين جو شڪريو ادا  ڪيو. ۽ قليچ جي غنائي ڪلام کي ريڊيو اسٽيشن تي ۽ موسيقي حلقن ۾ فروغ ڏيڻ لاءِ اپيل ڪئي.

صدر- جناب سيد ميران محمد شاهه صاحب جن صدارتي خطبو ٻڌايو جنهن ۾ پاڻ قليچ جي بزرگي تي روشني وڌائون ۽ پنهنجي زندگيءَ جا اهم واقعات پيش ڪيا، جن ۾ سيد صاحب جن جي قليچ سان ملاقاتن جو ذڪر ٿيل هو. شاهه صاحب جن جي طبيعت ناساز هجڻ ڪري پاڻ اٽڪل 7 بجي ڌاري رخصت  ٿي ويا باقي وقت لاءِ خان بهادر مرزا سڪندر بيگ (سابق ايڊووڪيٽ) جن صدارت جا فرائض انجام ڏنا.

مقالا- هن نشست ۾ جن اديبن مقالا پڙهيا تن ۾ جناب حڪيم عبدالله ڏاهريءَ جو مقالو ”قليچ طبيب ۽ معالج جي حيثيت ۾“ ۽ مسز امينا خميساڻيءَ جو ”قليچ جي سوانح تي (انگريزي ۾) تبصرو“ بيحد پسند ڪيا ويا.

مقررين- سيد حاجي علي اڪبر شاهه جن قليچ جي مذهبي، علمي، ادبي، اخلاقي ۽ ديني زندگيءَ تي هڪ مرتب ۽ جامع تقرير ڪئي، جنهن ۾ قليچ جي اسلامي خدمتن کي ساراهيو ۽ قليچ جي سڀني ديني ۽ مذهبي ڪتابن کي اول ڇپائڻ تي زور ڏنو. خاص طرح امام غزاليءَ جي لکيل ڪتاب ”ڪيميائي سعادت“ جو سنڌي ترجمو، جو اڃا قلمي حالت ۾ آهي. انهيءَ جي طباعت لاءِ انجمن جي منتظمين ۽ حاضرين مجلس کي اپيل ڪئي. بروقت جناب طاهر نوراني صاحب صدر ميمڻ انجمن انهيءَ خير جي ڪم لاءِ اٿي بيٺو جنهن تي  حاضرين مجلس مرحبا جا نعرا هنيا. پروفيسر عبدالعلي قلباڻي ايس، مرحوم قليچ جي زندهه دليءَ ۽ خوش طبعي جا عجيب مثال پيش ڪري، حاضرين کي  لطف اندازو ڪيو. ٻين مقررين کان علاوه سٽي ڪاليج جي پرنسپال عبدالرحيم ڏيٿي ۽ جامع عربيه ڪاليج جي  پرنسپال محبوب علي چنا (جنهن قليچ جو فارسيءَ تي ملڪو ثابت ڪيو) جا نالا قابل ذڪر آهن.

شعراء ڪرام- شعراء ڪرام ۾ حافظ محمد احسن چنا ۽ مرزا اجمل بيگ جي نظمن کي تمام گهڻو داد مليو ۽ بيحد پسند ڪيو ويو. اردوءَ ۾ راڻا محمود قليچ جي ظريفاڻه ڪلام پيش ڪيو- جنهن حاضرين کي کلائي بود ۾ آندو. انهيءَ کان سواءِ منظور اطهر بيگ مرزا جي ڪافين به عجب رنگ پيدا ڪيو. گورنمينٽ ڪاليج مان مسٽر مير محمد ڀٽي ۽ يونيورسٽيءَ مان  پروفيسر غلام حسين جلباڻيءَ ۽ مسٽر عبدالجبار شام  نمائيندگي ڪئي. جناب محمد حسين صاحب  ترڪ، رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي جن سڄو وقت تقريرون ۽ ڪافيون پوري شوق ۽ دلچسپيءَ سان ٻڌندا رهيا.  جناب حاجي شفيع محمد صاحب هميراڻي ۽ سيٺ الله دائود، جناب ع. ق. شيخ پڻ عملي طرح دلچسپي ظاهر ڪئي. باوجوديڪ سردي، طوفان ۽ بارش  جي مجلس رات جو 11 بجي تائين متل رهي. پڇاڙيءَ جو پرنسپال قاضي عبدالرزاق  فاروقيءَ پنهنجي هڙان ’قليچ سرڪل‘ کي پنجاهه روپيه  عطيو ڏنو ۽ ٻين ڪن صاحبن به اهڙي امداد جو واعدو ڪيو حاضرين کي صبح جو قليچ جي مزار تي ميلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ويئي ۽ اهڙيءَ طرح رات جو ساڍي 11 بجي هيءَ مجلس خير و خوبيءَ سان ختم ٿي.

ٻي نشست- آچر ڏينهن صبح جو پروگرام مطابق ڪاليج جا شاگرد، پروفيسر ۽ ٻيا ماڻهو 9 بجي ڪاليج احاطي اندر گلن جا هار کڻي اچي گڏ ٿيا- جتان گورنمينٽ بس ۾ (جنهن جو قليچ سرڪل طوفان اڳ ۾ ئي انتظام ڪيل هو) ڪي صاحب پنهنجو خانگي سوارين ۾ ۽ ڪي سائيڪلن تي بلندشاهه جي مقام ڏانهن روانه ٿيا. اتي اڳواٽ، ٽنڊي ٺوڙهي ۽ مرزائن جي ڳوٺ ۽ ٻين آس پاس جي ڳوٺن مان صبح مرداني ماڻهن جون جماعتون اينديون ۽ وينديون  رهيون، ماڻهو ٽوليون ٽوليون ٿيندا  پنهنجي  پنهنجي منهن ختمو پڙهندا مزار تي گل ڦل پيش ڪندا رهيا، ۽ اهڙو سلسلو سڄو ڏينهن جاري رهيو. 11 بجي پير صبغت الله شاهه صاحب ايراني جن جي موٽر ريل جي ڦاٽڪ تي پهتي، اتي مرزا افضل بيگ ۽ ان سان گڏ ڪي عالم سڳورا ۽ سيٺ عبدالله ديوان، پير صاحب جن جو استقبال ڪري کين مزار تائين وٺي آيا، پير صاحب جن فاتح ادا ڪرڻ کان پوءِ حاضرين کي مخاطب ٿيا. جنهن ۾ قوم جي محسن بزرگن جي ياد تازه رکڻ جي اهميت ديني، عملي ۽ اخلاقي نقطي کان واضح فرمايائون، پنهنجي وعظ جي دوران ۾ طلباء کي خاص طرح خطاب  فرمايائون ته اهڙيون مخلص ۽ بزرگ هستين جي ڳڻ ڳائڻ ڪري پنهنجي مستقبل سنوارڻ جو احساس پڪو ٿيندو؛ جا قوم  پنهنجي بزرگن کي وساريو ڇڏي سا خود بد پشت حاليءَ ۾ ڪري ٿي. پير صاحب جن ’ڪيميائي سعادت‘ جي سنڌي ترجمي ڇپجڻ جو ٻڌي نهايت خوش ٿيا.

ٽين نشست- پروگرام مطابق آچر 16-ڊسمبر تي منجهند کان رات تائين آثار قليچ ۽ ڪتب قليچ جي نمائش رکيل هئي، جنهنجي افتتاح  لاءِ جناب  محمد حسين صاحب رجسٽرار سنڌ يونيورسٽيءَ جن مدعو ٿيل هئا. پوري 12 بجي نمائش جو افتتاح ٿيو. انهيءَ موقعي تي جناب قاضي محمد عليءَ صاحب لئبررين سنڌ يونيورسٽي ڪتبخاني جي اهميت، معاشري ۽ لئبرريءَ جو مقام ۽ ڪتابن جي حفاظت ۽ ترتيب تي فني تقرير ڪئي. آخري تقرير جناب رجسٽرار صاحب جن ڪئي جنهن ۾ فرمايائون ته: ڪو عالم سڄي حياتيءَ ۾ هڪڙو ڪتاب لکي ٿو ته کيس مصنف هجڻ جو احساس رهي ٿو ۽ جنهن شخص هڪڙو نه ڪتاب ترجمو ڪيو هوندو ته انهيءَ کي خبر آهي ته تصنيف يا تاليف توڙي ترجمو ڪيترو نه مشڪل ڪم آهي! جن پنجه- ڏهه ڪتاب لکيا آهن، تن جو موضوع به محدود هوندو آهي. (صاحب جن جا خود به اڌ درجن کي ڪتاب ڇپيل آهن.) انهيءَ جو ذڪر ڪيو ويو ته پاڻ بيڌڙڪ جواب ڏنائون ته ”منهن  جي قليل تعداد تصنيفن جو قليچ جي اٿاهه لٽريچر  اڳيان ڪو شمار نه آهي.“ موصوف ٻڌايو ته شمس العلماء مرزا قليچ بيگ مئٽرڪ کان وٺي وفات تائين اٽڪل پنجاهه-سٺ سال لاڳيتو قلم ڊوڙايو آهي ۽ سراسري اٺ ڪتاب سال تي لکيا اٿس، انهيءَ جي ورسي ملهائڻ لاءِ هڪ ڏينهن ته ڇا هڪ هفتو به پنهنجا خانگي ڪم قربان ڪرڻ گهرجن. انهيءَ موقعي تي شهر جا معزز ماڻهو ’قليچ سرڪل‘ اراڪين، ٽنڊي ٺوڙهي ۽ ٻين گرد و نواح جا معتبر ميمڻ انجمن ڪاليج جا منتظمين حاضر هئا. بعد ۾ مهمان خصوصيءَ جي اعزاز ۾ پر تڪليف چاءِ پارٽي ڏني ويئي.

ڪتابن جي نمائش- نمائش ۾ ڇپيل توڙي اڻڇپيل اٽڪل ساڍا چار سؤ ڪتاب ٻوليءَ مضمون جي امتياز سان سلسليوار ترتيب ڏيئي رکيا ويا هئا. ۽ شمس العلماء جون ننڍي هوندي کان گڏ ڪيل تصويرن وغيره جا ڪيئي آلبم پڻ رکيل هئا. ڪتابن کي رڳو مٿاڇرو ڏسڻ ۾ ٻه-ٽي ڪلاڪ لڳي ويا. پاسي واري ڪمري ۾ ’تبرڪات قليچ‘ جمع   ڪيل هئا. جنهن ۾ سندس مصلو، ڪشتو، خطبي جي عصا، سندس آخري لباس (جتيءَ سميت)، وڄائڻ جا ناد، ۽ سنک، سياحت مان گڏ ڪيل عجيب  و غريب، قسمين قسمين پٿر، سندس القاب جا تمغا، سَنَدون ۽ سرٽيفڪيٽ، سندس بنا ٽيڪ  وهڻ واري ڪرسي، پيپر ويٽ عرف بهشتي شاهه، قلمدان ۽ خود اهو قلم جنهن ساڍا چار سؤ ڪتاب  لکيا، اهو ’تارو‘ جو زمين تي ڪريو هو جو رئيس مرحوم، اتان کوٽرائي پاڻ وٽ رکيو هو. اهو حمائل شريف، جيڪو هروقت ساڻن گڏ هوندو هو، ٻيون اهڙيون عجيب و غريب شيون رکيل هيون. ڪتابن واري حال ۾ ڪجهه اڪابرين جي صلاح تي مرزا اسد بيگ قليچ سرڪل وارن کي (سائو پنو يا ڪارو پنو) ڪتاب جي اهم اختصار ڇپائڻ جي اجازت ڏني.

جناب محمد حسين صاحب ترڪ ۽ ٻيا معزز به اڍائي ڪلاڪ ڪتابن جو مٿاڇرو معائنو ڪري رخصت ٿيندا رهيا ۽ ٻيا ماڻهو ايندا رهيا، اهڙيءَ طرح سان نمائش رات جو دير تائين کليل رهي. قمرالدين صديقي انچارج قليچ سرڪل ميمڻ انجمن ڪاليج (سروگهاٽ) حيدرآباد،

مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي ويهين ورسي_ڪراچي

مرحوم و مغفور حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ’حڪيم‘ جي وفات حسرت آيات جي ويهين ورسي 25-ڊسمبر 1962ع تي ڪراچيءَ ۾ ملهائي ويئي. انهيءَ سلسلي ۾ ’بزم حڪيم‘ جي طرفان  ”حڪيم فتح محمد سيوهاڻي گورنمينٽ بوائز اسڪول“ کڏهه ڪراچيءَ جي وسيع ۽ ڪشادي احاطي اندر، هڪ ڪامياب جلسو منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ سنڌ جي مشهور ۽ معزز هستين شرڪت ڪئي ۽ جناب قبله حڪيم صاحب مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪيو.

جلسي جي صدارت، الحاج شيخ عبدالمجيد صاحب سنڌيءَ ڪرڻ فرمائي ۽ تقرير ڪرڻ وارن ۾ سنڌ جو مايَهء ناز اديب ۽ پاڪستان جوسابق سفير جناب پير علي محمد صاحب راشدي به شامل هو. جنهن پنهنجي مخصوص انداز ۾ مرحوم حڪيم صاحب کي خراج عقيدت پيش ڪيو.

جلسي جي  ڪارروائي تلاوت قرآن پاڪ سان شروع ٿي. جهن بعد صدر جلسه، جناب الحاج شيخ عبدالمجيد صاحب پنهنجي تقرير ڪئي ۽ مرحوم حڪيم فتح محمد صاحب سيوهاڻي جي ادبي، سماجي ۽ سياسي  خدمتن تي روشني وڌائين. شيخ صاحب فرمايو ته ”سنڌ جي سر زمين گهڻائي مايهء ناز  فرزند پيدا ڪيا، جن مان حڪيم صاحب جي شخصيت هڪ اهم شخصيت هئي.“

جناب پير علي محمد راشدي  صاحب، حڪيم صاحب جي جامع زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي ۽ مرحوم سان پنهنجا گهرو تعلقات بيان ڪيا  ته ڪيئن نه پاڻ ننڍپڻ کان وٺي حڪيم صاحب مرحوم جي  سياسي فڪر، طرز تحرير ۽ انداز خطابت کان متاثر ٿيندو رهيو هو! پاڻ وڌيڪ چيائين ته: ههڙيون بزرگ هستيون سنڌ جو قميتي سرمايو آهن، جي زنده جاويد رهنديون ۽ اسان کي گهرجي ته  سندن بااصول زندگيءَ کي مشعل راهه بنايون. سنڌ  وارن کي گهرجي ته هر طرح اهڙين هستين جي ياد کي قائم ۽ تازو رکن. حضرت مولانا عبدالله صاحب صدر مدرس، مدرسة مظهر العلوم کڏهه ڪراچي، خاص طرح قبله حڪيم مرحوم جي مذهبي ۽ ادبي خدمتن جو ذڪر ڪيو ۽ انهيءَ  گهري ۽ پراڻي تعلق جو بيان ڪيو جو حڪيم صاحب مرحوم  جن کي حضرت مولانا محمد صادق صاحب رحمت الله عليه سان هو، جنهن جي ڪري، ٻئي بزرگ وطن ۽ ملت جي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا. جلسي ۾ مولوي الهورايي بروهيءَ جو مقالو ’حيات حڪيم‘ به پڙهيو ويو.

تقريرن جي سلسلي کان علاوه، مختلف مشهور شاعر حضرات به پنهنجي ڪلام بلاغت نظام سان قبله حڪيم صاحب مرحوم جي  ياد ۾ عقيدت جا گل پيش ڪيا.

جلسي ختم ٿيڻ کان اڳ ۾  ٺهراء پيش ٿيا، بالاتفاق منظور ڪيا ويا.هڪ ٺهرءَ ۾ اختياري وارن کي استدعا ڪئي ويئي هئي ته ”حڪيم فتح محمد سيوهاڻي گورنمينٽ بوائز اسڪول“ ۽ ”حضرت مولانا عبيدالله سنڌي گورنمينٽ بوائز اسڪول“ جي عمارتن جي مرمت ڪرائي وڃي، اهي اسڪول ساڳين بلڊنگن ۾ هلايا وڃن ۽ اسڪولن کي خانه بدوشي جي عالم ۾ نه رکيو وڃي.

ٻئي ٺهراءَ ۾ گهر ڪئي ويئي هئي ته سنڌي ٻوليءَ بابت طالب علمن جي گهر پوري ڪئي وڃي ۽ سنڌيءَ کي علائقائي ٻوليءَ جي حيثيت ڏني وڃي. ۽ ذريعي تعليم ۽امتحان قرار ڏنو وڃي. آخر ۾، جلسو قبلي مرحوم حڪيم صاحب جن جي روح کي ايصال ثواب لاءِ دعا گهرڻ تي ختم ٿيو.        _سيڪريٽري

مرحوم شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽي جي چوٿين ورسي_ڪراچي

گذريل جمعي ڏينهن، اعلان مطابق 4 بجي شام جو ”سنڌ مدرسته الاسلام“ ڪراچيءَ ۾، مرحوم شمس العلماء،علامه عمر بن محمد دائود پوٽي جي چوٿين ورسي شايان نموني ملهائي  وئي، جنهن ۾ وڏن سان گڏ ننڍن شاگردن به پنهنجي هن عظيم محسن ۽ سنڌ جي قابل- فخر شخصيت کي خوب خراج عقيدت ڏنو.

اعلان مطابق جلسي  جي صدارت، جناب ڊاڪٽر جيلاني صاحب کي ڪرڻي هئي، ليڪن سندس ئي مرضيءَ مطابق معزز مهمان جناب الله بخش نظاماڻي صاحب کي ڪرسي والارڻ جي گذارش ڪئي ويئي. ڪلام پاڪ جي تلاوت کان پوءِ جلسي جي صدر صاحب، ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم جي خدمتن کي ساراهيندي، سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي بزرگ هستين جي ياد تازه رکڻ لاءِ انهن جون ورسيون شايان شان طريقي سان ملهائين. هن چيو ته دراصل اهڙن موقعن ملهائڻ ۾ عام ماڻهن جوئي فائدو آهي، ڇو ته ان بهاني سان ڪيترين  خوبين ۽ قدرن جو بيان ٿئي ٿو، جي ڪامياب زندگيءَ لاءِ ضروري آهن. نظاماڻي صاحب، ڊاڪٽر مرحوم جي قرب حاصل هئڻ تي فخر محسوس ڪندي چيو ته ڊاڪٽر دائود پوٽو بي انداز خوبين جو مالڪ هو ۽ تعليمي دنيا ۾ هن جون خدمتون هميشہ ياد رهنديون. ان کان پوءِ جناب ڊائريڪٽر تعليمات ڪراچي، پر زور نموني ۾ ڊاڪٽر صاحب سان پنهنجي عقيدتمنديءَ جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جي تقرير نهايت مفيد معلومات سان ڀريل هئي، جنهن ۾ هن صاحب  علامه دائود پوٽي صاحب سان پنهنجا ننڍپڻ کان وٺي آخر تائين جا تعقات بيان ڪيا. ڊاڪٽر جيلاني صاحب  جي نظر ۾ انهن ڏينهن کي مدرسي جي تاريخ ۾ وڏي اهميت آهي، جنهن ڏينهن تي ڊاڪٽر مرحوم کي ان تعليمگاهه جو پرنسپال بنايو ويو. جنهن ۾ چند سال اڳ، هڪ غريب  شاگرد جي حيثيت سان هو تعليم لاءِ داخل ٿيو هو ۽ جنهن ۾ هن بحر بي پايان عالم، نهايت پاڪيزگيءَ سان علم جي اڃ اجهائڻ لاءِ بتيون صاف ڪيون ۽کٽون واڻيون. ڊاڪٽر جيلانيءَ صاحب جي پيشانيءَ تي فخر  ۽ محبت جا جذبات صاف نظر ٿي آيا، جڏهن هن صاحب ڊاڪٽر مرحوم کي پنهنجي ’روحاني پيءُ‘ جي نالي سان ٿي ياد ڪيو. محبت جي موج ۾ لڙهندي، هن هڪ وقت اهوبه اعلان ڪيو ته آءٌ جيڪي آهيان، اهو ڊاڪٽر مرحوم دائود پوٽي جي ڪري آهيان. ڊاڪٽر مرحوم  جي احسانن جا هن صاحب ڪيترائي مثال ڏنا ۽ ٻڌايو ته هوشيار ۽ محنتي شاگردن سان ڊاڪٽر مرحوم جي بيحد محبت هوندي هئي. ڊاڪٽر صاحب جي خوبين تي تبصري  ڪندي، ڊاڪٽر جيلاني صاحب فرمايوته ”مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽو، نيڪيءَ ۽ سچائيءَ جو مجسمو هو. سخاوت، محنت ۽ ديانتداريءَ جو مرڪز هو، علم جو درياءُ هو ۽ بيريائيءَ جو پاڻ مثال هو. هن جي نظر ۾، هر لحاظ کان ڊاڪٽر  مرحوم جي زندگي قابل تقليد آهي.“ فخر سان چوڻ لڳو ته ”مون پنهجي پوري زندگيءَ ۾ ان جي تقليد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي  ۽ ڪندو رهندس.

ڊاڪٽر مرحوم جي عام دوستيءَ ۽ عربي زبان سان محبت جي باري ۾، ڊاڪٽر جيلاني صاحب چيو ته ”ڊاڪٽر دائود پوٽو نه صرف عربيءَ جو علامو هو ۽ عربي زبان  کي عام ڪرڻ ۾ هن بي بها خدمتون سرانجام ڏنيون.“ ڊاڪٽر مرحوم جي بيباڪيءَ ۽ سچائيءَ کي ساراهيندي، ڊاڪٽر جيلاني صاحب چيو ته ان جي ڪري ڊاڪٽر دائود پوٽي کي ڪيترين تڪليفن جو مقابلو ڪرڻو پيو، ليڪن زماني سازي ۽ ابن الوقتيءَ کي اختيار ڪرڻ وڏو گناهه ٿي سمجهائين.“

پڇاڙيءَ ۾ ڊاڪٽرجيلاني صاحب، ’مدرسه بورڊ‘ تي زور آندو ته ڊاڪٽر مرحوم جي  خدمات جي تقاضا هيءَ آهي ته اهي پنهنجي لياري مدرسي کي ڊاڪٽر مرحوم جو نالو ڏين. ڊاڪٽر صاحب سنڌ ۽ ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن کي اپيل ڪئي ته اهي ڊاڪٽر مرحوم جي علمي خدمات جي اعتراف ۾ ”دائود پوٽا ادبي ساسائتيون“ قائم ڪن. ڊاڪٽر جيلاني صاحب آخر ۾ اهو اعلان ڪيو ته ٻئي سال ڊاڪٽر مرحوم جي ورسي ’خالقڏني هال‘ ۾ ملهائجي ته جيئن زياده ماڻهن کي ڊاڪٽر دائود پوٽي جي پيغام کان آگاهه ڪيو وڃي.

ان کان پوءِ ٻن شاگردن، نظم ۽ تقرير جي شڪل ۾ مرحوم ڊاڪٽر صاحب کي خراج عقيدت پيش ڪيو.

ان کان پوءِ جناب شيخ عبدالله ”عبد“، پنهنجي تقرير ۾ ڊاڪٽر مرحوم جي حق گوئيءَ ۽ اخلاق جو ذڪر ڪيو، هن چيو ته حق گوئيءَ ۾ ڊاڪٽر مرحوم جو مثال ملڻ مشڪل آهي ڇو ته هو  ڪيڏي به اثر واري ماڻهوءَ کان مرعوب نه ٿيندو هو. ازانسواءِ جنهن وقت ڪو به نيڪ  ڪم هٿ ۾  کڻندو هو، پوءِ اهو ڪيڏو به مشڪل ڇو نه هجي، ته ان کي نڀائيندو هو ۽ مخالفن جي مخالفت کان ڪونه ڊڄندو هو، مشهور ”اعراب هلچل“ جو ذڪر ڪندي هن ٻڌايو ته وڏا اثر وارا هندو، آفيسر ۽وزير هن جي خلاف هئا، ليڪن ڊاڪٽر صاحب ان درست ۽ ضروري ڪم کي سر انجام ڪري ڏيکاريو ۽ ان وچ ۾ ڪڏهن به پريشاني ۽ اضطراب جو اظهار نه ڪيائين. هڪ دفعي کيس ائين چوندي ٻڌو ويو ته ”دائود پوٽو ڪا ڪني مڇي نه آهي جو ڌڪار جي سگهي. مون کي جيڪڏهن ڊائريڪٽري تان لاٿو ويو ته مان پنهنجي محنت سان ايترو ڪمائي سگهندس.“

جناب رشيد احمد لاشاري ”مدرسي کي خطاب“ جي نالي ۾ هڪ نظم پڙهي ڊاڪٽر مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪيو.

ان کان پوءِ هڪ مختصر تقرير ۾ جناب يار محمد ٽانوري، مرحوم جي خدمات جي تعريف ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com