سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1962ع

مضمون

صفحو :11

هتي پاڪستان ۾ وقت بوقت هڪڙو اَڌ اُٿي چوندو آهي ته”توهين تڪليف نه ڪريو، آءٌ پاڻ توهان لاءِ گهڙيون ٺاهيندس ۽ اوهين رڳو انهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيندا ڪريو.“ اڄڪلهه جي اصطلاح ۾ ان کي آسيمبل ((Assemble ڪرڻ چوندا آهن؛ جيئن موٽرڪار جا پُرزا ٻاهرين ملڪن مان اچن ٿا ۽ ڪراچيءَ ۾ آسيمبل ٿين ٿا. مگر ڪراچيءَ جي آسيمبل ٿيل موٽرڪار پهرئين ڏينهن، نه ته پنڌرهين ڏينهن ضرور ”کَڙ کَڙ“ ڪرڻ لڳي ٿي، ۽ جي بالفرض اسيمبل ڪرڻ وارا به ولايت مان اچن ته اگرچ کڙ کڙ ڪانه ٿيندي پر موٽرڪار ’بديشي‘ ضرور ٿيندي. اوهان جي زندگيءَ جون گهڙيون به اگرچ ٻين جون ٺاهيل هونديون ته به اوهان جي نشو و نما قدرتي طريقي سان نه هوندي. اوهان جي ترتيب، تعليم ۽ سياست به هڪ ٺانٺو هوندي.

هاڻي ايڊيٽر صاحب جي جوابن ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس:

سوال نمبر-1: اُهي گهڙيون ڪهڙيون آهن، جي اوهان کي سڀ کان وڌيڪ حسين لڳيون؟

جواب: اهو ته آءٌ ڪونه ٻڌائيندس.

سوال نمبر-2: اُهي گهڙيون ڪهڙيون اَٿوَ جي ٻين جي ڪم آيون؟

جواب: ان موضوع تي مون کي تمام گهڻو سوچڻو پيو آهي، ته به ڪنهن صحيح يا تقريباً صحيح نتيجي تي نه پهچي سگهيس. اڃا ڳالهه ته ٻين کان پڇڻ گهرجي ته فلاڻي جي زندگيءَ جون ڪهڙيون گهڙيون توهان جي ڪم آيون. مثال طور آءٌ اهي گهڙيون پيش ڪندس، جي زير تحرير مضمون تي صرف ٿي رهيون آهن. هيءُ جيئن ته آءٌ محض عندالله يا عندلالطاف حسن قريشي (ايڊيٽر اردو ڊائجسٽ لاهور) لکي رهيو آهيان، ان ڪري اهو چوڻ بيجا نه ٿيندو ته (في الحال ’الله‘ کي ڇڏي) اهي گهريون ’الطاف حسين قريشيءَ‘ جي ڪم آيون ۽ اگر هي مضمون ڇَپجي ويو، ۽ڪنهن به پڙهي پسند ڪيو ته اهو شخص به ثواب ۾ داخل ٿيندو. ليڪن اگر فرس-خامه جي سُبڪ رفتاريءَ، ايڊيٽر صاحب جي سنجيدگيءَ  کي به مجروح ڪيو ته پوءِ ڄڻ ته هي مضمون هڪ پيدل سپاهيءَ وانگر جنگ ِ قلم ۾ آيو.

ممڪن آهي ته ايڊيٽر صاحب انهن گهڙين متعلق سوچي رهيو هجي، جيڪي تمام وڏين هستين جي زندگيءَ ۾ اينديون آهن. مثلاً هڪ خاص عمر کان پوءِ قائداعظم جي زندگيءَ جي هر گهڙي، جڏهن جو کڻي سُتو پيو هجي، ٻين جي ڪم آئي. آءٌ جڏهن ستو پيو هوندو آهيان، خصوصاً جنهن رات گهر ۾ چوري ٿيڻي هجي تڏهن اها گهڙي چور جي ڪم ايندي آهي، ۽ دنيا جا ’ڪم چور‘ اهڙي ئي قسم جون گهڙيون ڪارڪن ماڻهن جي زندگيءَ ۾ ڳوليندا آهن.

قائداعظم کان گهٽ هستين جي زندگيءَ ۾ به اهڙيون گهڙيون ملن ٿيون، جي ٻين جي ڪم آيون هجن. مثلاً اهي ماڻهو جيڪي هيتري محنت ۽ خرچ ڪري ’ايم.اين. اي‘ يا ’ايم. پي. اي‘ ٿا بنجن، تڏهن انهن جو پنهنجو ڪهڙو فائدو آهي! هي ته محض پنهنجي قوم جي خاطر وڙهي جهڙي، پنهنجي نڪ ۾ دم ڪريو ڇڏين ۽ ٻين ’دُم ۾ نَڪ‘... ته جيئن ”هدايت نامهء خاوند“ جهڙو ڪو قانون ماڻهن جي هدايت لاءِ مرتب ڪن، ۽ ڪڏهن ”هدايت نامهء زوجه“ به مرتب ڪريو ڇڏين. ان ڪري ئي اهل زبان چوندا آهن ته فارسيءَ جي اضافت سان ’اُدرو‘ جا لفظ نه ملائڻ گهرجن.

مٿئين سوال جو جواب مون ’ڪوهاٽ‘ کان واپس ايندي موٽر ۾  لکيو هو، ان ڪري  مٿئين گهڙين ۾ حرڪت ڪجهه وڌي ويئي آهي؛ جيتوڻيڪ اڃا تحريڪ جي گرمي ئي ڪانه پهتي آهي. موٽي اچڻ تي آءٌ سرڪاري ڪمن ۾ ايترو مصروف ٿي ويس، جو ايڊيٽر صاحب جي ٽيليفون کان به نٽائيندو رهيس ته جيئن کيس ياد گيري  ڏيارڻ جو به موقعو نه ملي. پر ڪنهن وقت انسان ٽيليفون جي ڀرسان لنگهندو آهي... ڪهڙي خبر ته ڪو ’باز‘ تاڙ ۾ ويٺو هجي ۽ جيئن توهين ويجهو اچو ٿا ته ٽيليفون کڙڪائي ڇڏي ٿو. بس، ايڊيٽر صاحب به ائين ئي ڪيو- مون چيو  مانس ته اڃا مضمون اڻپورو آهي ته، چيائين اهو ’اڻپورو‘ ئي ڏياري  موڪليو. مون کي شڪ آهي ته هُن کي منهنجي چوڻ تي ئي شڪ آهي، ان ڪري آءٌ جلديءَ ۾ مجلس ختم ڪري، اوهان جي حق ۾ دعا ٿو ڪريان.البته باقي ٽن سوالن جا مختصر جواب به لکي ٿو ڇڏيان ته جيئن زندگءَ جي ڪنهن به گهڙيءَ کي ڪا شڪايت باقي نه  رهي.

سوالنمبر-3: اُهي گهڙيون جن اوهان جي زندگيءَ جو رخ ڦيرائي ڇڏيو؟

جواب:     ڏسو مٿي ڏنل قصو ’انارڪليءَ جي حسينه‘ جو.

سوال نمبر-4: اُهي گهڙيون جن تي اوهان کي اڃا تائين فخر آهي؟

جواب:        اُهي شايد 18-آڪٽوبر کان پوءِ اينديون.

سوال نمبر-5 اُهي گهڙيون جن ۾ اوهان کي زندگيءَ جي اهميت جو احساس ٿيو؟

جواب:     پنهنجي  اهميت جو احساس ڪئين دفعا  ٿيو اٿم...پر زندگيءَ جي لاءِ ڪجهه نه سوچيو اٿم...جيسين آهي؛ تيسين آهي...ان جي اهميت به آهي...جڏهن هوندي ئي ڪانه، ته اهميت به پاڻ سان وٺي ويندي...ڪجهه ڏينهن چراغ  ٻرندو...ڪجهه ڏينهن گُل چاڙهيا ويندا... بس، اُن کان پوءِ حسرتن جون واديون؛ هزار نامراديون...!

مهراڻ جا موتي

·                   حضرت علي، پنهنجي دور خلافت ۾ بيحد جدوجهہ  ڪندا هئا، سندن ڏينهن، رعايا جي ڪم ڪار ۾ گذرندو هو، ۽ رات عبادت ۾.

کانئن پڇيو ويو ته اوهان ايتري زحمت ڇو ٿا برداست ڪريو؟ فرمايائون ”اگر ڏينهن ڪم نه ڪندس ته اهو گويا رعايا تي ظلم ٿيندو ۽ جي رات جو عبادت نه ڪندس ته اهو گويا پاڻ تي ظلم ٿيندو.“ –علي عليه السسلام.

·                   يعقوب بن ليث، اڃا خراسان فتح نه ڪيو هو. هڪ ڏينهن سيستان ۾ پنهنجي دوستن سان روح رهاڻ ڪري رهيو هو. هر هڪ  دوست پنهنجا تاثرات ۽ تجربات پئي بيان ڪيا.

هڪ چيو: بهترين لباس ’اطلس‘ جو ٿئي ٿو؛ ٻئي چيو: بهترين رومي ڪيمخواب جي ٿئي ٿي؛ ٽئين ٻڌايو ته گل و ريحان کان بهتر منظر؛ شجر- بيد جي سائي کان بهتر سايو؛ نغمئه بلبل کان بهتر نغمو ٿي نٿو سگهي!

·                   جڏهن يعقوب جو وارو آيو، تڏهن چيائين:

”زرهه  کان وڌيڪ سهڻو لباس، خود (جنگي ٽوپ) کان وڌيڪ ڪلاه، ميدان جنگ کان بهتر منظر، شمشير کان سهڻو سايو، گهوڙي جي هڻڪار کان سهڻو نغمو ڪوبه ڪونه آهي!“

-يعقوب بن ليث

·                   هڪ ڏکويل ۽ افسرده انسان جي اکين مان وهندڙ هڪ ڳوڙهو اگهڻ. همدرديءَ طور هزار خون جي ڳوڙهڻ ڳاڙڻ کان بدرجها بهتر آهي.-

·                   انسان جو علم جيترو وسيع ٿيندو ويندو، سندس دل اوتري ئي روشن ۽ فراخ ٿيندي ويندي. علم جي وسعت، دل جي وسعت لاءِ هڪ تجربه ۾ آيل حقيقت آهي.-

·                   علم جي تنگي ۽ ٿورائي، ذهني تعصّب پيدا ڪري ٿي.-

·                   علم جي وسعت، ’حڪمت‘ آهي، ۽ ٿورائي جهالت.-

·                   بي عمل عالم لاءِ علم ائين آهي، جيئن نانگن لاءِ کير، جنهن مان زهر ئي پيدا ٿئي ٿو.

·                   ’هڪ حڪيم کان پڇيو ويو موت، ڇا آهي؟ انسان ان کان ايترو ڊڄي ڇو ٿو؟-ڇا موت سان انساني زندگيءَ جو خاتمو ٿي وڃي ٿو، يا موت، حيات ابديءَ جي مرحلن مان هڪ مرحلو آهي، ۽ موت سان حيات ابديءَ جو آغاز ٿئي ٿو؟“

حڪيم جواب ڏنو: ”انسان، نه ڪو زندگيءَ جي خاتمي کان ٿو ڊڄي، ۽ نه ڪو ’موت‘ کان کيس ڊڄ آهي. انسان، ڊڄي ٿو پنهنجي گمراهين ۽ گناهن کان، جي سندس لاشعور ۾ لڪل آهن، موت وقت اهي  ظاهر ٿي کيس ڊيڄارين ٿا!“-

سنڌي نثر جا مثالي ٽڪرا

’اڙي ٻڍا! تون  ڪيستائين پنهنجي دل هن بند ۾ رکيو ايندين؟ هن راهه ۾ جوان خواءِ ٻڍو، ڳالهه ساڳي آهي. ساري دنيا گندگيءَ سان ڀري پئي آهي ۽ نادان ان ۾ پيا ليٿڙيون کائين. اسان هن راهه ۾ تڪليف سان  مرون ته اهو بهتر آهي جو هن گندگيءَ ۾ غلطان پيا رهون. باقي جيڪڏهن عشق جي خاطر، خواري کڻڻي ٿي پوي ته اهڙي خواري ڀلي کنئين وڃي، ۽ اها سونهين به ٿي. ها جيڪڏهن ڪو ائين چوي ته هي عشق  جو خيال مڙيوئي دوکو آهي ۽ تون ان هنڌ پهچي ئي ڪونه سگهندين، ته اهڙي دوکي ۾ اچي جان ڏيڻ هزار بار بهتر آهي آخرڪار دنيا سان هي تعلق ۽ هيءَ تن پروري ڪيستائين؟

اي انسان! جيڪڏهن تون واقعي ڪم وارو (ڪارائتو) ماڻهو آهين  ته پوءِ هن رستي ۾ پير رک ( ڪُڏي پؤ) ۽ زنانپڻو ڇڏي ڏي. تون، هيءَ ڳالهه يقين سان سمجهي ڇڏ، ته تنهنجي هيءَ طلب (تلاش) اصلي ۽ حقيقي شيء آهي؛ پوءِ ڀلي کڻي ڪو ان کي ’ڪفر‘ ڇو نه سمجهي؟ اهڙو ’ڪفر‘ زيبا آهي ۽ ’عشق‘ جي طلب کان سواءِ ٻيو  سڀڪجهه اجايو ۽ بي معنيٰ آهي. جنهن به شخص جي سيني ۾ عشق اچي ديرو دمايو، تنهن پنهنجي هستيءَ تان ڄڻ دل کڻي ڇڏي. عشق جڏهن وٺي ٿو، تڏهن گهڙي به ڇڏي نٿو، ۽ ٻارڻ بعد به ان غريب عاشق کان ’خون بها‘ جي گُهر ڪري ٿو، رنج رسائڻ کان سواءِ ڪو آرام نٿو ڏئي؛ ۽ جيڪڏهن ڪو کاڌو ڏئي ٿو، ته اهو به ’جگر جي خون‘ سان ڀريل. عاشق ڀلي ڪئيليءَ کان به وڌيڪ ضعيف ڇونه هجي، عشق هر وقت ان تي زور لائيندو (رهندو) رهي ٿو. انسان جڏهن خطرن جي درياءَ (عشق) ۾ گهڙيو، ته پوءِ جگر جي خون بغير ڪٿي ٿو لقمو کائي سگهي؟

[ڪتاب ”پکين جي پارليامينٽ“ (76-77 ص) تان ورتل اقتباس؛       چونڊيندڙ - سوز ٽکڙائي، حيدرآباد].

هڪڙي عاشق، ڪنهن ڪنڊ ۾ ويٺي پاڻ سان ڳالهايو، ۽ هر گهڙيءَ  هڪ نئون داستان ۽ قصو پئي ٺاهيو. ڪڏهن چنڊ، ته ڪڏهن سج، نه ڪڏهن وري گل جي پتن بابت پئي ٻوليو؛ ۽ ڪنهن وقت سروَ جيان سڌي قد متعلق، ته ڪڏهن وري گاهه ٻوٽي بابت پي چيو ۽ ڳالهايو.

هڪڙي غافل جڏهن پري کان هيءُ ٻڌو تڏهن سندس دل ان بيهوده گوئي کان گهڻو ٽهي ويهي ۽ نفرت ڪرڻ لڳي. چيائينس ته اڙي، تون جو پاڻ کي عاشق سڏائين ٿو، ڇا توکي هيءَ خبر نه آهي ته عاشق هميشہ معشوق جو نالو وٺي ڳالهه ڪندو آهي؟ عاشق سڏائڻ ۽ وري ٻين جا نالا وٺڻ ۽ خسيس جي ساراهه ۾ موتي پوئڻ، آخر ڇا آهي؟

ان، جواب ۾ چيس ته تون عاشق جي نشان کان پري آهين، تنهنڪري تون عاشقن جي زبان سمجهي نٿو سگهين. سج ۽ چنڊ مان منهنجي مراد منهنجو محبوب آهي، هن ڳالهه جا راز ڄاڻو خوب ڄاڻن ٿا. جڏهن مان گل بابت ڳالهايان ٿو، تڏهن ان مان منهنجو مقصود ان جي خوبصورتي تي آهي ۽ جڏهن سنبل جو ذڪر آڻيان ٿو، تڏهن ان مان منهنجو مطلب ان جا وار آهن؛ سرو مان مقصود ان جي خود آرائي ۽ زيبائي آهي. باقي مان ته هن جي پيرن جي خاڪ مان هڪ اُڀريل ٻوٽو آهيان ۽ بس. جيڪڏهن تون منهنجي زبان کان واقف ٿي وڃين ته تون ان جي عشق کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه ئي مون کان نه ٻڌين.

هڪڙي ڏينهن هڪڙو چمڙي جيان انڌو ڪانؤ، هڪ کاري درياءَ جي ڪپ تي ويٺو هو ۽ انهيءَ مان پاڻي پئي پيتائين،ليڪن ذائقي ۾ اهو کارو پاڻي کيس کنڊ وانگر مٺو پئي لڳو. اتفاق سان هڪ پـِيَڻ َ پکي، جنهن جي گُجي انعامن  جو سرچشمو هئي ۽ جنهن کي کارو درياءَ پسند نٿي آيو تنهن اچي پنهنجي دولت جو پاڇو انهيءَ جي مٿان وڌو، ۽ چيائينس ته ”تون کاري پاڻيءَ کي ڇڏي اوري اچي منهنجي ولر ۾ ٿي ته جيئن مان پنهنجي گُجي مان توکي مٺو پاڻي پياريان.“ ان جواب ۾ چيس ته ”مان ڊڄان ٿو ته جيڪڏهن مان مٺو پاڻي چکندس ته  پوءِ کارو پاڻي مون کي پسند نه ايندو، ۽ مٺو پاڻي پيڻ  لڳي ويندس (جو اڄ ته تون مون کي ڏين ٿو  ليڪن سڀان ڪٿان ايندو)، ۽ کاري پاڻي پيڻ کان طبيعت ٽهي ويندي. رات ڏينهن درياءَ جي ڪناري تي ويٺو هوندس ۽ ٻنهي، کاري ۽ مٺي درميان اڃارو رهندس. ان کان چڱو آهي ته پنهنجي طبيعت کي کاري پاڻي پيڻ تي هيرايان ته جيئن مٺي پاڻيءَ جي عدم موجودگيءَ ۾ تڪليف نه پهچي.“

[ڪتاب ”سلامان ۽ ايسال“ (66 ۽71 ص) تان ورتل اقتباس؛

چونڊيندڙ – ڪريم بخش شيخ، ڪوٽڙي]

4

ڪانفرنسون

1. آل پاڪستان تعليمات ڪانفرنس حيدرآباد

-غ م. گ

2. 20-آل سنڌ ادبي ڪانفرنس، لاڙڪاڻه

-ادارو

3. ڪتابن جي  بين الاقوامي نمائش، لاهور

-ادارو

4. پاڪستاني عالمن لاءِ ايراني اعزاز

-ادارو

5. آديسي اٿي ويا-ٻڍل شاهه بخاري ۽ صوفي ڌڻي بخش

-ادارو

 ورسيون

6. لطيف جي 210 ساله ورسي لاهور

-محمد اسماعيل لغاري لاهور

7. لطيف 210 ساله ورسي، سکر ۽ نوابشاهه

-ادارو

8. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، حيدرآباد

-قمرالدين صديقي

9.مرحوم حڪيم فتح سيوتاني، ڪراچي

-سيڪريٽري، ’بزم حڪيم‘ ڪراچي

10. شمس العلماء علامه دائود پوٽو، ڪراچي

-عزيز الرحمان ٻگهيو

۽ نوشهرو فيروز، گمبٽ، ڪنڊيارو ۽ ميهڙ.

-ادارو

تبصرا

11. مثنوي چنيسر نامو (فارسي)

-ڪ. ب. خ.

12. مثنوي هيرو رانجها (فارسي)

-ڪ. ب. خ.

13. تاريخ مظهر شاهجهاني (فارسي)

-ڪ. ب. خ.

14. ذب ذبابات اللدراسات (عربي)

-ڪ. ب. خ.

ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد تان نشر ٿيل تبصرا

15. فرهنگ جعفري

-سراج

16.ٽيهه اکريون

-سراج

17.اکڙيون مينگه ملهار

-سراج

18.دنيا دورنگي

-بشير مورياڻي

19.مناقبا

-بشير مورياڻي

20.سيف الملوڪ

-مير محمد نظاماڻي

21. عبرت ڪده

-مير محمد نظاماڻي

22. ٻيو قدم

- ت .   ع.

23.بادل ۽ بوندون

-ادارو

24.آمريڪا جو سفر

-ادارو

25. بهار-ادب (سانگهڙ سنڌ)

- م . ع .

26.تذڪره شعراءِ سکر

-ادارو

27. پکين جي پارليامينٽ

-ادارو

 

اَدب، جو واسطو ۽ رابطو، زندگيءَ سان سنئون

سڌو آهي، تنهنڪري هر ڪو اهو آرٽ، جيڪو

زندگيءَ جي منجهيل مسئلن کي کولي ۽ پر کي،اهو مفيد به آهي، صحتمند به آهي، جائز به آهي۽ توانائي بخش به. باقي جو ڪجهه آهي، اهو زندگيءَ لاءِ موت آهي، ۽ نفرت ڪرڻ جي قابل.

(علامه اقبال)

آل پاڪستان،  تعليمات اسلامي ڪانفرنس، حيدرآباد، سنڌ

12، 13، 14- جنوري 63ع زير اهتمام شعبهء دينيات، سنڌ يونيورسٽي (حيدرآباد سنڌ)

(1) 12- جنوري 63ع. (4 بجه شام)

* خطبه استقباليه

 

 

- ڊاڪٽر رضي الدين صديقي، وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽي.

* افتتاح

- مولوي تميزالدين صاحب، اسپيڪر قومي اسيمبلي پاڪستان.

* صدارتي خطبه

- حضرت علامه، آءِ، آءِ، قاضي صاحب، مدظلہ العالي.

* روداد تعليمات ڪانفرنس (پشاور)

- مولانا قاضي نور الحق ندوي، صدر شعبهء اسلاميات، پشاور يونيورسٽي.

* تشڪر

- ڊاڪٽر هاليپوٽو، صدر شعبهء اسلاميات، سنڌ يونيورسٽي.

* خطاب عام (7 بجه شام)

- مولانا شمس الحق، افغاني.

* صدارتي تقرير

- مولانا منتخب الحق، صدر شعبهء دينيات، ڪراچي يونيورسٽي.

(2) 13- جنوري 63ع. (9-11 بجه)

 

* صدارتي خطبا

- علامه علاءُ الدين  صديقي، صدر شعبهء دينيات، پنجاب يونيورسٽي.

- قاضي نورالحق ندوي، صدر شعبهء دينيات، پشاور يونيورسٽي.

- مولانا عبدالحامد بدايوني، صدر جمعيت العلماء پاڪستان

- ڊاڪٽر فضل الرحمان، ڊئريڪٽر آف سينٽرل انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ اسٽڊيز ريسرچ، ڪراچي.

- ڊاڪٽر، ايم، ايم، احمد، صدر شعبهء فلاسافي.

(3) سيڪشنل مجالس برائي مقالات

 

(15 – 11 بجه تا 15-1 بجه)

’تقابل اديان‘، ’مطالع قرآن‘، ’مطالع حديث‘، ’مطالع قفہ‘، ۽ ’فلسفه اسلام‘.

* تقريرون

- مختلف علماء ۽ مندوبين.

(4) سمپوزيم (3-5 بجه)

- ’اسلام جو مغربي تهذيب تي اثر‘- (موضوع بحث)

* تقريرون

پروفيسر عبدالجليل، سنڌيونيورسٽي. ڊاڪٽر نبي بخش قاضي، صدر شعبهء فارسي، سنڌ يونيورسٽي. علامه علاءُ الدين صديقي، صدر شعبهء دينيات، پنجاب يونيورسٽي.

(5) سنڌي ڪتابن جي نمائش (15، 5-6 بجه)

 

 

’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۽ قلمي بياض ۽ ديني پراڻا ڪتاب.

(6) خطاب عام ( 30-6 بجه)

- جناب اي، ڪي، بروهي صاحب

(7) چند اهم تقريرن جو انتخاب

 

(از: اداره ”مهراڻ“)

- علامه علاء الدين صديقي، ڊاڪٽر نبي بخش قاضي، مولانا فضل احمد غزنوي، سيد رضوان علي رضوي.

(8) ٺهرءَ – گذارش

- (صدر) سيد علي اڪبر شاهه صاحب ۽ رضي الدين صديقي، پيش ڪندڙ – مندوبين.

(9) مرتب

 

 

- ’اداره مهراڻ‘ سنڌي ادبي بورڊ (سنڌ).

 

”اسلام ۾ زندگيءَ جي ٻين شعبن وانگر، علم جو تصوّر به وحداني تصوّر آهي. جيستائين مون سمجهو آهي، ڪنهن به ’علم‘ کي ”غير اسلامي“ علم نه چيو ويو آهي. ”الحڪمة ضالة المومن“ جي اصول موجب، اسلام ۾ علم جي گم ٿيل ميراث کي، جتان به ملي سگهي؛ حاصل  ڪرڻ جو حڪم آهي.“

”اسان جي اڳين عالمن نه فقط ”چين“ ۽ ”بابل“، ”مصر“ ۽ ”يونان“ جا علم حاصل ڪيا؛ پر انهن تي مفيد اضافا پڻ ڪيائون. مسلمانن طبعي، حياتي، عمراني علوم ۾ اهم اضافن سان گڏ، سڀ کان وڏي خدمت اها ڪئي آهي؛ جو هنن علوم کي ”ظن تخمبن“ ۽ توهّمات“ جي سرحد مان ڪڍي ”تجربي ۽ مشاهدي“ جي منزل ۾ داخل ڪيو ۽ جديد سائنس جو بنياد رکيو.“

 

رضي الدين صديقي، وائس چانسيلر

سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد

آل پاڪستان ’تعليمات اسلامي‘ ڪانفرنس

12، 13، 14- جنوري 63ع

زير اهتمام

شعبئه دينيات، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد

آل پاڪستان تعليمات اسلامي ڪانفرنس جا اجلاس، سنڌ يونيوسٽي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿي گذريا. جنهن ۾ ملڪ جي مشهور عالمن، پنهنجي بيش بها خيالات کان سامعين کي مستفيد  ڪيو. هن قسم جا اجتماع، هن لاديني ۽ زندقاه پسند دور ۾ مشعل راهه آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسيلر جناب رضي الدين صديقي، ۽ شعبهء دينيات جو صدر، محترمي ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو، ۽ سندس اراڪين ڪارڪن، هن اسلامي ۽ روح پرور اجلاس ۽ اجتماع لاءِ مبارڪ جا مستحق آهن. هن ڪانفرنس جي مختلف  جلسن ۾، جديد ۽ قديم قسم جي. عمامه پوش ۽ جبه پوش بزرگن سان گڏ، جديد طرز جي عالمن جو سنگم ۽ مساويانه محبت؛ هڪ عجيب ۽ دلڪش نظارو پيدا ڪيو هو. ڪنهن به قسم جو ناخوشگوار ماحول نه پيدا ٿيو، ڪابه اختلافي ڪشيدگي نظر نه آئي. حالانڪ ’اسلامي تعليمات‘ جي افهام ۽ تفهيم جي سلسلي ۾، هن قسم جي باهمي ربط وضبط جي اميد موجوده دور ۾ نظر نٿي آئي. الله جو شڪر آهي جو هيءَ ڪانفرنس ڪامياب ٿي آهي.

افتتاح

12- جنواري 63ع تي، يونيورسٽيءَ جي ڪشاده ۽ وسيع احاطي اندر، شام جو  4 بجي، بهترين سينگاريل شامياني ۾، هزارها سامعين کي خطاب ڪندي؛ مولوي تميز الدين، اسپيڪر قومي اسيمبليءَ، تلاوت قرآن مجيد کان پوءِ افتتاح ڪيو.

اول ڊاڪٽر رضي الدين صديقي، وائس چانسيلر سنڌ يونيورسٽيءَ، خطبه استقباليه پڙهيو، ۽ ڇپيل  ڪاپيون تقسيم ڪيون  ويون. ڊاڪٽر رضي الدين صديقي صاحب، اسلام جي موجوده حالت ۽ ههڙن اجتماعي ڪانفرنسن   جي اهميت ۽ افاديت تي زور ڏيندي، هن ڪانفرس جي ابتدائي تشڪيل، ۽ علماء ڪرام جي خدمات جو ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايو ته ان ڪانفرس جو پهريون اجلاس پشاور ۾ اڄ کان اٺ سال اڳ ٿيو هو. منتظمين ۽ مهمانن جي شڪريي ادائي ڪندي، مسلمانن جي علمي خدمات جو هن طرح ذڪر ڪيائين:

”اسلام ۾ زندگيءَ جي ٻين شعبن وانگر، علم جو تصور به وحداني تصور آهي. جيستائين مون سمهيو آهي، ڪنهن به علم کي غير اسلامي علم نه چيو ويو آهي. ’الحڪمة ضالة المومن‘ جي اصول موجب، اسلام ۾ علم جي گم ٿيل ميراث کي؛ جتان به ملي سگهي، حاصل ڪرڻ جو حڪم آهي. اسان جي اڳين عالمن نه فقط چين ۽ بابل، مصر ۽ يونان جا علم حاصل ڪيا؛ پر انهن تي مفيد اضافا به ڪيائون. مون هن کان اڳ مختلف تقريرون ۽ تحريرن ۾ تفصيل سان ٻڌايو آهي ته مسلمانن، طبعي، ۽ حياتي عمراني ۾ اهم اضافن سان گڏ، سڀ کان وڏي خدمت اها ڪئي آهي جو هنن، علوم کي ظن ۽ تخمين ۽ توهمات جي سرحد مان ڪڍي، تجربي ۽ مشاهدي جي منزل ۾ داخل ڪيو ۽ جديد سائنس جو بنياد رکيو آهي. جنهن رب العالمين، پنهنجي بندن کي ’سخرلڪم مافي السموات والارض‘ جي تعليم ڏني هجي، ان جي مڃيندڙن لاءِ ڪنهن  علم کي غير اسلامي سمجهي، ڇڏي ڏيڻ جو سوال ئي نٿو اٿي.“

”اسلام جي ارتقا ۽ عروج جي زماني ۾ وڏا وڏا عالم، ڪنهن به اهڙي تفريق جا قائل ڪين هئا. انهن پنهنجي فطري صلاحيتن مطابق، مختلف علوم جي تحصيل ۾ وڏي خدمت ڪئي آهي. تفسير، حديث، ۽ فقہ ۾ وڏي پايه جا عالم به هئا ته ان سان گڏو گڏ، رياضي هيئت ۽ فلسفه ۾ به خاصي مهارت رکندڙ هئا. ان طرح طبعي علوم ۾ ڪمال سان گڏ، حديث و فقہ، ۽ تفسير ۾ به ڪافي حد تائين واقفيت رکندڙ هئا. اهوئي سبب آهي جو انهن جي افڪار ۽ اعمال ۾ اعتدال ۽ معاشري ۾ توازن قائم رهندو آيو آهي.“

مسٽر رضي الدين فرمايو:

”مان سمجهان ٿو ته اسان جي معاشري ۾ ان وقت فساد پيدا ٿيو، جڏهن ماڻهن ۾ دين ۽ دنيا، جي تفريق پيدا  ٿي، ۽ ان ذهني تقسيم جي زير اثر، نام نهاد ’اسلامي‘ ۽ ’غير اسلامي‘ علوم جي تحصيل ڪندڙ ماڻهن ۾ دوري ۽  جدائي پيدا ٿي.

هڪ طرف ’جديد روشنيءَ‘ ۾ پليل  اهي ماڻهوهئا، جي پاڻ کي ’تعليم يافته‘ ۽ مهذب  سمجهندا هئا. جن کي پنهنجي روايات، ثقافت ۽ مذهب جي متعلق  ڪجهه به علم ڪين هو. جن جي ڳالهه ٻولهه، وضع قطع ۽ گفتار ڪردار مان ڪنهن به حيثيت سان، سمجهه ۾  نٿي آيو ته انهن کي اسلامي ملت جو ڪهڙيءَ طرح جز تسليم ڪيو وڃي؛ سواءِ ان جي ته هو ڪنهن مسلمان خاندان ۾ پيدا ٿيا آهن. ٻئي طرف، ’اسلامي‘ درسگاهن جا فارغ التحصيل هئا، جي طبيعات، عمراني ۽ اقتصادي علوم يا ان سان گڏ دنيا جي معمولي علمي امور متعلق،قطعاً ڪا واقفيت ڪانه رکندا هئا؛ ۽ متمدن زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي ۾ هو ڪنهن  به مفيد ڪردار ادا ڪرڻ کان قاصر هئا، ظاهر آهي ته انهن ٻنهين گورهن ۾ فڪري يا علمي اشتراڪ جو پيدا ٿيڻ، تصور ۾ ئي نٿو اچي  سگهي.“

ان طرح مسٽر رضي الدين صديقيءَ قديم ۽ جديد ، تعليمي ۽ تدريسي تفريق ۽ تحصيل متعلق اهل اسلام جي تساحل کي بيان ڪندي، ان ڳالهه تي زور ڏنو  ته هر يونيورسٽيءَ ۾ ديني علوم جي تحصيل لاءِ معقول انتظام ڪيو وڃي.

 ان کان پوءِ مولوي تميز الدين، اسپيڪر قومي اسيمبلي، افتتاحي لکيل تقرير پڙهي ان ۾ فرمايائين:

”ناقص اسلامي تعليمي نظام، قوم کي سخت نقصان پهچايو آهي. اسان يونيورسٽين ۽ ڪاليجن کي ’اسلامي‘ نه ٿا سڏي سگهون. حالانڪ انهن ۾ ’اسلاميات جا شعبا براءِ نام موجود آهن.اهي اسلامي تعليمات ۾ ڪن خاص خاص موضوعن تي مشتمل آهن، پر اجتماعي طور انهن جو نظام ۽ نصاب  ناقص آهي. ان ڪري نه فقط علمي صلاحيون ختم ٿي ويون آهن، پر ان سان گڏ اسان جي معاشري تي خراب اثر پئجي رهيو آهي.“

اڳتي هلي مولوي تميز الدين فرمايو:

”مختلف تعليمي خيالات ۽ بي ربط نصاب جي ڪري، معاشري ۾  نفاق پيدا ٿئي ٿو. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته علماء ڪرام ۾ اختلاف ۽ ڪشمڪش پيدا ٿي ويئي آهي. عقائد متعلق اختلاف ته موجود آهن، پر ان سان گڏ هڪ گروپ، ٻئي گروپ کي، قومي ۽ ملي استحڪام جي خلاف قرار ڏئي چڪو آهي.

قومي ۽ فڪري اتحاد لاءِ بلڪل ضروري آهي ته هڪ متحد ۽ يڪسان تعليمي نظام هئڻ گهرجي؛ جو معاشري کي متحد به ڪري، ۽ ان  جي ذهني نشو و نما ۾ به مدد ڏئي، ۽ قومي اتحاد کي تقويت پهچائي.“

فرمايائين:

”جيڪڏهن  تعليمي نظام ۾ ڇڪتاڻ ۽ اختلاف کي دور نه ڪيو ويو ته پوءِ معاشري ۾ بدنظمي پيدا ٿيندي ۽ قوم جي سلامتيءَ لاءِ هڪ خطرو بنجي ويندو.“

ان سلسلي ۾ مولوي تميز الدين، مغربي نظام اسلامي نظام تعليم متعلق فرمايو:

”اسان جا وڏا، علمي ۽ فڪري علوم فنون جا پيش رو هئا. انهن جي ڪد و ڪاوش تحقيق ۽ تجسّس مان يورپ مستفيد ٿيو آهي. اڄ سائنسي علوم جي تحصيل به لازمي امر آهي. اسان جي علماء کي قرآن جي روشنيءَ ۾ سائنس ۽ علوم جديد کي مطالع ڪرڻ گهرجي.“

صدارتي خطبه: حضرت علامه، آءِ، آءِ، قاضي

مولوي تميز الدين جي افتتاحي تقرير کان پوءِ، علامه قاضي صاحب جن، صدارتي خطبو ڏنو. پاڻ ارتجالاً تقرير ڪندي نهايت جامعيت سان اسلام ۽ دين ’تجدّد پسند ۽ قدامت پسند‘ گروه جي فڪري ۽ نظري اختلافات ۽ اسلامي نظريات، ۽ قرآني افڪار متعلق پيدا ٿيل اعتقادات ۽ نظريات تي عالمانه روشني وڌائون. ۽ مطالع ڪائنات متعلق آيات قرآنيه سان ثابت ڪيائون ته قرآن ان اسلام ۽ دين جو پيغامبر آهي، جو ’دين فطرت‘ آهي. جوڪائنات جي نظام  ۾ ’انسان‘ کي اهم مقام تي بيان ڪري ٿو، دراصل دين هڪ ئي آهي. اسلام ۽ قرآن، سڀني مذهبن جي ڪتابن ۽ پيغمبرن جي تصديق ڪن ٿا.

”اڄ يورپ، دين فطرت، تي عمل ڪري، دنيا تي عالمي ۽ فني طور  امامت هلائي رهيو آهي. اڄ هو امامت جو دعويدار آهي. ۽ ’مسلمان‘ انهن کان متاثر ۽ مرعوب ٿي چڪو آهي.“

فرمايائون:

”اسلام ترقي پسند، جديد ۽ مڪمل دين آهي. زندگيءَ جي هر شعبي جي رهنمائيءَ جا بهترين اصول منجهس موجود آهن. پر مسلمانن انهن اصولن سان ناتو ٽوڙي ڇڏيو آهي. مسلمانن، مغربي تقليد کي پنهنجو پيش رو بنائي سخت غلطي ڪئي آهي.“

چيائون:

”مسلمان جيڪڏهن غور ۽ مشاهدو ڪن، ’ذڪر ۽ فڪر‘ کان ڪم وٺن ته پوءِ کين اهو سڀڪجهه پنهنجي اسلاف ۾ ملي ويندا، جنهن لاءِ مغرب طرف واجهائي رهيا آهن.“

اڳتي هلي فرمايائون:

”مسلمان جي ٻي غلطي اها آهي، جو انهن ۾ ’خود فراموشي‘ پيدا ٿي چڪي آهي. هنن پنهنجي روايات، تاريخ، فلسفه، عمراني نظريات ۽ سائنس کي وساري ڇڏيو آهي. ورنه، اسلام ۾ هر علم و فن جي تعليم موجود آهي.“

پاڻ مسلم فلسفين، مورخن، ماهرين  طبعيات جي مقابلي ۾ مغربي علماء جو ذڪر ڪري ٻڌايائون ته

”يورپ جي عالمن، مسلم مفڪرن کان ڪافي استفادو ڪيو آهي.“

علامه صاحب فرمايو:

”دنيا ۾ فقط هڪ دين آهي. گهڻن دينن  جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. قرآن، ’ليظهره عليٰ الدين ڪلہ‘ چيو آهي. ان ۾ هڪ دين آهي، ’اديان‘ نه چيو  ويو آهي.

وڌيڪ فرمايائون:

”دنيا ۾ فقط ٽي مذهب، تبليغي نوعيت جا آهن. هڪ اسلام، ٻيو عسائيت ۽ ٽون ٻڌ ڌرم. پر ٻڌ ڌرم ۽ عيسائيت، رهبانيت جي تلقين ڪن ٿا، مگر اسلام عملي زندگيءَ جو پيغام ڏئي ٿو. ۽ دنيا مان ذات پات، رنگ، نسل ۽ ننڍي وڏي جو تفاخر ۽ امتياز ختم ڪري، مساوات ۽ اخوت، اجتماعيت ۽ همه گير انسانيت پيدا ڪري ٿو. ’اسلام ئي آهي جو انسان‘ جي ارتقا سان هم آهنگ رهي ٿو ۽ زمان ۽ مڪان جي اثرات ۽ علوم ۽ ايجادات جي متنوع مسئلن ۾ به رهبري ڪري ٿو.“

علامه صاحب جي فڪر انگيز ۽ ايمان افروز خطاب، سامعين جي قلب و نظر کي نئين زاويه نگاهه سان سوچڻ تي مجبور ڪيو. سندن خطبه جو داد قديم قسم جي علماء ڪرام به دل کولي ڏنو.

روئداد آل پاڪستان تعليمات ڪانفرنس

ان کان پوءِ، آل پاڪستان تعليمات ڪانفرنس جي پهرين ڪانفرنس جا 1954ع تي پشاور ۾ منعقد ٿي هئي. 8 سالن کان پوءِ، حيدرآباد ۾ ان جي ’روئداد‘ قاضي نورالحق صاحب ندوي، ڊين آف دينيات، اسلاميا ڪاليج ۽ پروفيسر اسلاميات پشاور يونيورسٽي، پڙهي ٻڌائي. ۽ ٻڌايائين ته ان دور جي وائس چانسيلر پشاور يونيورسٽي، ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ جي تحريڪ ۽ تجويز تي هن عظيم الشان عملي ۽ فڪري تحريڪ جو بنياد پيو، عالم اسلام، باالُخصوص پاڪستان جي قديم و جديد، علماء ڪرام، مخلتف موضوعات تي مقالا پڙهيا.

تشڪر

ان  اجلاس جي اختتام تي؛ ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽي، پروفيسر و صدر شعبئه ’تقابل اد يان‘ و ’ثقافت اسلامي‘ ،(سنڌ يونيورسٽي) شڪريه ادا ڪيو، ۽ آيل مهمانن ۽ فاٰضل مقررين جي مرحبا ڪئي، ۽ آئينده جي پروگرام لاءِ هدايتون ڏنيون.

خطاب عام

شام جو 7 بجه، ساڳي هال ۾ خطاب عام جو اجلاس شروع ٿيو. جڏهن ته ان ۾ قديم قسم جي علماء جو خطاب هو، تڏهن ’جديد تعليم يافته طالبن ۽ عالمن، مهمانن ۽ اسلاميات جي ماهر مهمانن جي شرڪت، اڳين اجتماعن جي مقابلي ۾ گهٽ نظر آئي.

مولانا شمس الحق، افغاني

اهو اجلاس مولانا منتخب الحق، (صدر شعبهء دينيات ڪراچي يونيورسٽي) شروع ٿيو، ۽ خطاب مولانا شمس الحق صاحب افغانيءَ ڪيو. مولانا شمس الحق افغانيءَ جي تقرير دلپذير، نهايت پُر سوز ۽ مخلصانه انداز ۾ رهي. سندس خطاب عالمانه مگر عام، فهم،  دلچسپ ۽ فڪر انگيز هو. مولانا صاحب، مغربي معاشرت جي زهر آلود نظريات، اعمال، خيالات ۽ يودوباش جو پردو چاڪ ڪري، اسلامي ۽ قرآني نظام ڏانهن دعوت پيش ڪئي. سندس هڪ هڪ فقرو، سحر انگيز ۽ جامع هو.

ٻڌايائين ته:

”مسيحيت،پنهنجي علمي ۽ نظري حيثيت سان غير منطقي ۽ غير عملي رهبانيت آهي. ٽن الاهن جو تصور، ناقابل فهم آهي. ان سلسلي ۾ ڪن پادرين سان مناظري جي ڪيفيت بيان ڪندي چيائين ته، هڪ پادريءَ چيو ته اسان وٽ ٽي الله: پيءُ ، پٽ ۽ مريم عليهم اسلام ثابت آهن، تون هڪ الله ثابت ڪر، مناظرانه انداز ۾ مولانا جواب ڏنو ته تون ٽي الله مڃين ٿو، ان ۾ هڪ ’الله‘ ته موجود آهي، اسان ان هڪ الله کي مڃون ٿا. تون پاڻ باقي ٻه الله ثابت ڪر، اسان جو هڪ ’الله‘ ته اوهان جي ٽن الاهن ۾ موجود آهي! ثقافت تي ڳالهائيندي چيائين ته ’ثقافت‘ جو اڄڪلهه مفهوم آهي، رقص ۽شراب نوشي؛ حالانڪ ثقافت معنيٰ، حسن ۽ حق جو حسين امتزاج! اڄڪلهه ثقافت کي غلط معنيٰ ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. مغربي تهذيب، محض پيٽ ۽ جيب تائين منحصر آهي. ان جي مقابلي ۾ اسلام جا اختلافي قدر زندهه ۽ ترقي پذير آهن.“

”هي دور تنقيد جو آهي، اول انگريز کان نفرت پيدا ٿي، پوءِ واري زماني ۾ ان سان محبت ٿي ۽ اهڙا شارح پيدا ٿيا، جن مغربي افڪار جي انڌي تلقيد ڪندي، اسلامي روايات سان بغاوت ڪئي. انگريز جي وڃڻ کان پوءِ هاڻي گذشته خيالات تي تنقيد ڪئي ٿي وڃي. هي تنقيد جو دور آهي. مسلمانن کي گهرجي ته پنهنجي سلف صالحين جي عمل ڏانهن رجوع ڪن.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com