سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1962ع

مضمون

صفحو :19

انهيءَ کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي شاعرن جون اعليٰ ڪوششون ان ڪتاب ۾ شامل آهن. سنڌي شاعر جي انهيءَ صنف جا  ايترا سارا سهڻا سهڻا نمونا هڪ ئي هنڌ گڏ ڪري ڇپائڻ سان ’سنڌي ادبي بورڊ‘ هڪ عظيم خدمت انجام ڏني آهي، جنهن لاءِ سندس ڪارڪن مبارڪن جا مستحق آهن. _سراج

اکڙيون مينگهه ملهار

’بردي‘  جي  نظمن جو هيءُ حسين گلدستو، ’سنڌي ادبي سنگت‘ طرفان شايع ڪيو ويو آهي. جديد سنڌي شاعرن مان، جن سنڌيءَ جي  ڪلاسيڪي شاعريءَ کي بنياد بنائي، نوان تجربا، نوان اسلوب ۽ نوان موضوع اختيار ڪيا آهن، انهن مان بردو به هڪ آهي. بردي جوهيءُ پهريون شعر جو مجموعو-’اکڙيون مينگهه ملهار‘ ڏيکاري ٿو ته سنڌي زبان جي سادن سودن  لفظن ۾ هڪ فنڪار پيار ۽ سونهن جا درياءَ سمائي سگهي ٿو. شاهه ڀٽائي عليه رحمت جي عظمت جي بيشمار خصوصيتن  مان اها به هڪ خصوصيت  آهي ته هو بنهه عوامي زبان ۾، عوام جي دلين ۾ پيهي، سندن بنهه لطيف ۽ بنيادي امنگن ۽ احساسن کي فطرت جي حسن جو رنگ ڏيئي شعر جا موتي جڙَيندو هو. بردو به انهي ڏس ۾، شاهه جو پيرو ٿو نظر اچي. سندس شاعريءَ جون پاڙون سنڌي عوام ۾ کتل آهن، جن جا سٻاجها ڪردار، پيار ۽ محبت جا  جذبا سندن سادي سودي  زندگيءَ جوميٺاج، سندن نهٺائي، سندن سونهن ۽ سندن حب الوطني بردي جا موضوع آهن، ۽ اهي ئي سندن گيتن جي ميٺاج ۽ سنگيت جا ماخذا، بنهه عام رواجي منظرن ۾  جيڪو سنگيت  لڪل آهي، ان کي اجاگر ڪرڻ ۾ بردو ڪمال  جي حدن تي پهتل آهي. هيءَ منظر ڪشي ته ڏسو:

ڀيڄ ڀنيءَ جو، ڀنيءَ فصا ۾، تنهنجي ياد ستائي،

سا جهَٽَ، ڀاڳ، سهاڳ جي ڀانيان، لالڻ ليئڙو پائي،

پاسا  چوريان، ۽ ڪَرَ  موڙيان، هاءِ اچن اوٻاسيون،

عشق جو مُشڪ ڇلي پيو ڇپرين، ڳوٺ ڳليون سڀ واسيون،

سيني ساڻ لڳائي روئان، ’بردا‘ نينهن نشاني،

آءٌ وري تون جاني........

   هڪ ٻئي ۾ چوي ٿو ته

”هر وڻ ٽڻ جي ڳُتَ جهلي، پيو ڏي ڌانڌولا جو هو!“

طوفان  وڻن جي ڳتن کي جهلي پيو ڌونڌاڙي-ڪيڏي نه گهرائي آهي انهيءَ تخيل ۾ ڪيڏي نه سادگي! اها ئي بيساختگي ۽ سادگي،لفطن جوجادو، خيال جي گهرائي، ۽ جذبن جي پاڪيزگي بردي جي شاعريءَ جون اهم خصوصيتون آهن. ورڊ سورٿ وانگر، فطرت جو سمورو حسن جڏهن انساني جذبن ۽ احساسن جو پس منظر بنجي ٿو، تڏهن ئي هڪ ڪامل شاعر پيدا ٿئي ٿو- ۽ انهيءَ مفهوم  ۾ بردو هڪ ڪامل شاعر آهي، ۽ سندس گيتن ۽ نظمن جو هيءُ گلدستو سنڌي ادب ۾ هڪ پيش بها اضافو آهي_ سراج

دنيا دورنگي

دنيا دورنگي، اٺن  پردن جو هڪ ڊرامو آهي، جيڪو غلام نبي خان آغا جو لکيل آهي. جو صاحب ادبي دنيا ۾ ’آغا  صوفي جي نالي سان مشهور آهي. هي ڪتاب ’سنڌي ادبي بورڊ‘ طرفان ڇپايل آهي. هي ڊرامو هن کان اڳ به شايع ٿي چڪو آهي ۽ هينئر ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي تجويز هيٺ وري ڇپايو ويو آهي، جنهن موجب سنڌي ٻوليءَ جا 29 چيدا ۽ چونڊ ۽ معياري مگر ناياب، مختلف مصنفن جا ۽ ڌار ڌار موضوعن تي لکيل ڪتاب هن کان اڳ شايع ڪيا ويا آهن.

’دنيا دورنگي‘، ان سلسلي  جو ٽيون ڪتاب آهي. ان سلسلي ۾ ڪتابن جي اهميت اها آهي جو ’بورڊ‘ انهن کي جيئن جو تيئن شايع نٿو ڪري بلڪ انهن ۾ مناسب درستيون ڪرائي ۽ ڇاپي جي  نون نمونن هيٺ انهن کي پڌرو ڪيو وڃي ٿو. جيئن ڪتاب جي نالي مان ظاهر آهي ته هن ڊرامن جو موضوع ’دنيا جي دورنگي‘ هئڻ آهي_ هي دنيا هڪ طلسمي ماڙي آهي جنهن ۾ قدم قدم تي انسان لاءِ امتحان رکيل آهي. جيڪو انهيءَ جي ظاهري حيثيت تي ويو سو اڙيو، ان جي باطن کي سمجهڻ لاءِ راڻي واري سچيتائي ۽ نگاهه دوربين جي درڪار آهي، جهن کيس توڙ رسايو  ۽ مومل سان ملايو. هن ڊرامي ۾ اسان جي پراڻن، روايتي ڊرامن جون سڀ وصفون موجود آهن. منجهس محبت، مزاج ۽ شاعريءَ جو پورو  دخل آهي. گيت ۽ غزل وغيره ڊراما-نگار جي ئي زور قلم جو نتيجو آهن، ان مان ڪي ٿورا ڪي معياري چئي  سگهبا. ڀانئجي ٿو ته انهن جي لکڻ وقت مصنف کي تماشبينن جي تفريح طبع جو خيال هو. جي انهن جي افادي پهلو تي نظر وجهجي ٿي  ته مايوس  ٿيڻو پوي ٿو. ڪردار نگاري به خاص ڪانه آهي.  رڳو مسخري ٽمبڪٽو جوڪردار اڀري سگهيو آهي. هن ڊرامي جي وڏي خوبي ان  جو  نثر آهي. دنيا دورنگي، اهڙي  وزندار نثر  ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ تمام ٿورا ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيل نظر اچن ٿا. تنهنڪري اهڙي ڪتاب جو قدر ڪرڻ انتهائي لازمي آهي. ’دنيا دورنگيءَ‘ جي ٻي خوبي ان جا ڊائلاگ آهن جي ڪٿي تمام زوردار آهن، ڪٿي وري شعر جو مزو پيا  ڏين! مصنف، مختصر مڪالما لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.’دنيا دورنگي‘ 200 صفحن تي مشتمل آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد وٽان 2 رپين ۾ ملي سگهي ٿو.

_بشير مورياڻي

مناقبا

 ٻئي ڪتاب جو نالو آهي ”مناقبا“، هن جو مرتب، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. هي ڪتاب پڻ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ پاران ۽ ’لوڪ ادب اسڪيم‘ ماتحت شايع ڪيو ويو آهي. ان اسڪيم جو محرڪ  ۽ ڊئريڪٽر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پاڻ آهي. لوڪ ادب سلسلي جو هي ٽيون ڪتاب آهي. مرتب جو خيال آهي ته اڃا تائين سنڌين جي زندگيءَ جو مرڪز دائرو ڳوٺ آهي. گهڻو آدم  به ڳوٺن ۾ رهي ٿو تنهنڪري سنڌي ادب  جو گهڻو ۽ قابل توجهه حصو اهو آهي جيڪو عوام جي زندگيءَ جو آئينه دار آهي. لوڪ ادب، اها تقاضا بخوبي پوري ڪري ٿو. تنهن کان سواءِ لوڪ ادب ۾ اسان جون ڪيتريون ئي معياري ادبي جنسون جهڙوڪ مداحون، مولود، ٽيهه اکريون، ڪافيون وغيره به شامل آهن، تنهنڪري ان جو مفهوم ۽ دائرو مغربي ”Floklore“ کان به وڌيڪ وسيع آهي. مناقبا، سنڌي شعري ادب جو حصو آهن. انهن ۾ ڀلارن جي ڀلائي جا ڳڻ ڳايا ويندا آهن. ۽ مداح وانگر  منجهن ڪنهن نبي سڳوري يا وليءَ جي تعريف ڪيل هوندي آهي. رڳو ايترو فرق مداح ۽ مناقبي جي وچ ۾ آهي، جو مناقبي ۾ ڪنهن حڪايت ذريعي؛ جنهن جو تعلق ڪنهن نبيءَ يا وليءَ جي پاڪ زندگيءَ سان هوندو آهي، سندس شخصيت تي ساراهه جي گلن جي ورکا ڪئي ويندي آهي. معجزي وانگر اها حڪايت ڪنهن غير معمولي واقعي تي منبي نه هوندي آهي. مناقبا سنڌي شعر ۾ ڪافي پراڻي صنف آهن. ان جي اوائلي شاعرن مان مخدوم عبدالروئوف ڀٽي ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي آهن، جيڪي ٻه صديون اڳ جيئرا هئا.

 سنڌي مناقبا، گهڻو ڪري مولوي ابوالحسن جي سنڌيءَ جي ادبي اثر هيٺ منظوم ڪيا ويا آهن. هن ڪتاب ۾ جملي 72 مناقبا شامل آهن، جن مان رڳو 5 مناقبا ’موزون شاعريءَ‘ ۾ چيل ملن ٿا. سڀني مناقبن جو مضمون مذهبي آهي. مناقبن  جو مهاڳ ۽ مقدمو، مرتب، يعني ڊاڪٽر  بلوچ جو لکيل آهي. انهن ٻنهي جي وچ ۾ مناقبن جي فهرست ڏنل آهي انهن بعد متن آهي. اوائلي نبين مان رڳو حضرت يوسف عليه السّلام تي چيل هڪ شاعر جو گمنام مناقبو شامل ڪيو ويوآهي. حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم تي 54 مناقبا شامل آهن. 15 مناقبا، اصحابن سڳورن تي آهن ۽ 4 ولين تي. مناقبن جي شاعرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي برک شاعرن ۽ سگهڙن مان مخدوم محمد هاشم  ٺٽوي. مخدوم عبدالرئوف ڀٽي ۽ رمضان واڍو اچي وڃن ٿا، جن جا مشهور مناقبا، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا  ويا آهن.

 ڪتاب جي متن جي آخر ۾، هڪ مختصر ضميمو ڏنو ويو آهي، جنهن هيٺ فقير رمضان واڍي جي نهايت مختصر سوانح پيش ڪئي ويئي آهي. بهتر ٿئي ها ۽ ڪتاب جي اهميت وڌي  وڃي ها جيڪڏهن ٻين سگهڙن ۽ شاعرن جي حياتيءَ جو مختصر احوال به ضميمي هيٺ يا سندن مناقبن جي اڳيان ڏنو وڃي ها. ٻي هڪ چيز جنهن جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي سا اها آهي. ته مناقبن جي منظوم ٿيڻ جون تاريخون ڏنيون وڃن ها يا انهن جو عهد ٻڌايو وڃي ها ته جيڪر سنڌي نظم جي ان عوامي صنف جي تدريجي ترقيءَ جوپتو پئجي سگهي ها.

مرتب جي اها ڪوشش نهايت ساراهه جوڳي آهي، جو ضميمي کان پوءِ مناقبين ۾ ڪم آيل انوکن لفظن جي معنيٰ ڏني اٿس. ٻيو ته ڪنهن ٻئي فرهنگ ۾ لفظن سان گڏ متن جا صفحا ڪونه ڏيکاريا ويندا آهن، پر هتي اهي ڏنا ويا آهن. جنهنڪري ڪنهن مخصوص مناقبي جي صفحي ڳولهڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي. ضميمي ۽ فرهنگ، ڪتاب کي مفيد بڻايو آهي. اڃا به جيڪڏهن عربي لفظن ۽ قرآن شريف جي آيتن وغيره جي معنيٰ به لکي وڃي ها ته مناقبن کي پڙهڻ ۾ نئون لطف اچي ها ۽ سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي ها.

فرهنگ کان پوءِ انگريزيءَ ۾ مهاڳ پيش ڪيو ويو آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان جي ڪهڙي ضرورت هئي، جڏهن ته هي ڪتاب سنڌي خواندن جي هڪ مخصوص طبقي جي ڏانوَ جو آهي. جي غير سنڌين کي مضمون سان متعارف ڪرائڻ جي ضرورت هئي ته ڌار مضمون يا ڪتابڙو ڇپائي سگهجي ها.  بهرحال لوڪ ادب جي سلسلي جي هي ٽين ڪڙي به ٻين وانگر سنڌي شعري ادب ۾ اضافو آهي. مرتب جي محنت جيڪا هن مختلف نسخن  حاصل ڪرڻ ۽ انهن کي  ڇپائڻ  تي ڪئي آهي، قابل داد آهي. ڪتاب وڏي سائيز جي اٽڪل 400 صفحن تي مشتمل ۽ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد کان 5 رپيه  ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿو.

-بشير مورياڻي

سيف الملوڪ

خدا جي فضل سان سنڌي ادب ۾، هر صنف تي  عمدن ۽ نون ڪتابن جو دن به دن اضافو ٿي رهيو آهي. ڪيترائي ادارا اها خدمت نهايت اعليٰ نموني ۾ ڪري  رهيا آهن.

’سنڌي ادبي بورڊ‘ جو تازو ڇپايل ڪتاب ’سيف الملوڪ‘ عرف ’سفلنامون‘، سرائڪي زبان جي مشهور شاعر مولوي لطف علي جو جوڙيل آهي.

مولوي لطف علي جي والد  جونالو غياث الدين هو، ۽ هو سماٽ قوم جو نيجڙو ذات جو هو. سندس ولادت ضلعي رحيم يار خان جي ڳوٺ بهاولپور ۾ اٽڪل 1145هجريءَ ڌاري ٿي.

مولوي لطف علي خان جا سرائيڪي بيت، سڄي ملڪ ۾ مشهور آهن، ۽ انهن کي انهي ڪري به وڏي اهميت آهي، جو هن خطي جا ٻيا ڪيترائي شاعر سندس ڪلام کان متاثر ٿيا ۽ انهيءَ جي تتبع ۽ رنگ تي سرائڪي ٻوليءَ ۾ ڪلام چيائون، جن مان حمل خان لغاريءَ جو نالو قابل ذڪر آهي. ’سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال‘ جو هي قصو ساري دنيا ۾ مشهور آهي، تنهن کي مولوي لطف عليءَ نهايت ئي وڻندڙ بامحاوره ۽ پختي سرائڪي ٻوليءَ جي نظم ۾ چيو آهي، نظم ايترو ته عاليشان ۽ اثرائتو آهي، جو ڪيترن ئي ٻين شاعرن کي سندس نظم ڏسي رشڪ ٿيو ته هو به ساڳيءَ ٻوليءَ ۾ هن قصي کي نظم ۾ چون-ڪيترن شاعرن اهڙيون ڪوششون به ڪيون مگر لطف  علي واري درجي کي حاصل ڪري نه سگهيا. هي منظوم سرائڪي قصو 264 عنوانن تي مشتمل آهي، جنهن کي هن بلند پايه شاعر عروج تي پهچائي ڇڏيو آهي. سندس بهترين سرائڪي نظم جو هڪ مثال پيش ڪجي ٿو:

مرد ملوڪ اڳي ملڪان دي در دل دا درد سڻائي،

باپ ميڏا هي شاهه مصر دا عاصم نام سڏائي،

هي زابر ايران اُتي پر ترڪستان ڪنبائي،

او ڪامل سليماني ڪپڙا کول ميڪون ڏ ِ کلائي،

هي تصوير پري دي تـِس تي-تيغ ميڪون ڀڙڪائي،

ڌي شهپال بديعل بانو، بدل ٻهون بدلائي،

مهرو ملڪ اِرم وچ هردم، حسني طبل وڄائي!

شاعر، قصي جي شروعات ۾ سرور ڪائنات، چئن يارن، امامن، ۽ معصومن، جي تعريف نظم ۾ ڪئي آهي انهيءَ کان پوءِ بهاولپور جي نواب، بهاول خان ثالث جي تعريف ڪئي اٿس، انهيءَ کان پوءِ قصو شروع ڪيو اٿس. سيف الملوڪ جي اول ۾، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هڪ محققانه مقدمون ڏنل آهي، جنهن ڪتاب جي شان ۽ عظمت ۾ حد کان وڌيڪ اضافو ڪيو آهي. 45 صفحن جي هن عالمانه مقدمي ۾ مولوي لطف عليءَ جي سوانح حيات سندس تصنيفن، ٻولي، لطف علي رحه شاعري ۽ اصل قصي جي سٽاءَ، مختلف ڇاپن ۽ تاريخي پس منظر تي نهايت ئي اعليٰ نموني ۾ تبصرو ٿيل آهي. جيڪو پُر معلومات ۽ دلچسپ آهي.

176 صفحن جي هن خوبصورت ڪتاب جي ڇپائي ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ پنهنجي اڳوڻين روايتن کي قائم رکي اعليٰ مثال پيش ڪيو آهي. پنو سٺو، ڪتاب جي بائينڊنگ ۽ گيٽ اپ شاندار آهن، انهيءَ جي مقابلي ۾  50-8 روپيا قيمت بلڪل واجبي ٿي لڳي. سنڌي ادبي بورڊ جي هيءَ ادبي خدمت نهايت ئي ساراهه جي مستحق آهي. –مير محمد نظاماڻي

عبرت ڪده

ڪتاب عبرت ڪده، واقعي عبرت جو آئينو آهي. هن ڪتاب کي ’اداره آواز ادب‘ ڇپايو آهي ۽ هن جو مصنف سنڌي ادب جو جهونو اديب ۽ شاعر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ صاحب آهي. خليل صاحب سنڌي ادب جي اڳي ئي ڪافي خدمت ڪئي آهي، پر هن ڪتاب ته سندس ادبي خدمت  جو هڪ نئون ورق ورايو آهي. هن ڪتاب ۾ قابل مصنف، اٺن بهترين افسانن جو مجموعو پيش ڪيو آهي، جيڪي ظاهر ۾ افسانا آهن، مگر حقيقت ۾ سنڌو ماٿريءَ جي هن سر زمين جي معصوم ۽ مظلوم دلين جي دردانگيز داستانن جا بهترين ترجما آهن.

ڪتاب جي تمهيد ۾، مصنف هن ڳالهه کي واضح ڪيو آهي ته ’عبرت ڪده‘ جي هن افسانن جي مجموعي ۾ جيڪي به افسانا آهن، انهن جا پلاٽ ۽ ڳالهيون بلڪل سچيون آهن. فقط منجهن نالن ۽ جاين وغيره جي ٿوري ڦير گهير ڪري انهن کي افسانوي رنگ ڏيئي پيش ڪيو ويو آهي. هن کان اڳ ۾ اسان گهڻو ڪري ڪتابن ۾ من-گهڙت افسانا  پڙهيا هوندا، پر هن ڪتاب جي خاص خوبي اها آهي ته مصنف پنهنجا اکين ڏٺا واقعا قلمبند ڪيا آهن. انهيءَ ڪري هن ڪتاب جي مطالع مان معلوم ٿو ٿئي ته ڪيئن نه دنيائي جوڙتوڙ، انساني زندگين کي رانديڪا بنائي کين تباهه ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪري هن ڪتاب جي مطالع ڪريو ڇڏيو. اهوئي سبب آهي جو ڪتاب جو نالو ڪتاب جي مضمون جي صحيح ترجماني ٿو ڪري. هي حقيقتن جو مجموعو ڏاڍو دلچسپ آهي. جيئن ته مصنف ڪافي عرصي تائين  گدوءَ جي چرين جي اسپتال جو سپرنٽينڊنٽ ٿي رهيو هو، ۽ انهن ئي عهدي تان آخر ۾ رٽائر ڪيائين. زندگيءَ جي انهيءَ  دلچسپ عرصي ۾ مصنف انهن چرين مردن ۽ عورتن جي نفسياتي پهلوءَ جو تمام گهرو مطالعو ڪيو. جنهن جو ثبوت هن  ڪتاب جي مطالعي مان ملي ٿو. هن ڪتاب ۾ اهي ڪهاڻيون يا افسانا قلمبند ٿيل آهن، جن جو تعلق اسپتال جي انهن چرين جي حياتين سان هو. اهي انسان جيڪي اصل ۾ بلڪل سالم دماغ هئا، سي ڪيئن چريا ٿيا؟ ڇو  چريا ٿيا؟ ڪنهن چريا ڪيا؟ انهن سڀني سوالن جا جواب، ’عبرت ڪده‘ مان بخوبي ملي سگهندا. سماجي ڪهاڻين جو هي بهترين مجموعو حقيقت نگاري جو هڪ اعليٰ مثال آهي.

وڏا ماڻهو هيڻن کي ڪيئن ٿا ستائين! دنيا عورت جي ڪمزوريءَ جو هڪڙيءَ طرح ناجائز فائدو ٿي وٺي، آخر ۾ هن کي تباهه ڪري، کانئس سڀ ڪجهه ڦري کيس ڪنگال بنائي پوءِ ڪين ٿي مٿس ظلم ڪري! انهن سڀني خيالن جو حقيقي پس منظر عبرت ڪده جي هر صفحي تي انهن بي گناهن جي خون سان رڱيل نظر اچي ٿو. ڪتاب جي سڀني افسانن جا پلاٽ جي بلڪل سچا آهن، سي تمام پختا ۽ سلسليوار آهن. انهيءَ کان سواءِ افسانه نهايت ئي سنجيده ۽ سهڻي نموني ۾ لکيل آهن. هر افساني جي مطالعي کان پوءِ انسان حيرت ۾ پئجو وڃي ۽ دماغ تي عجيب ڪيفيت پيدا ٿي ٿئي، ته ڇا، اها به واقعي حقيقت هوندي! جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ  دنيا دک ئي دک آهي.

 سڀ ڪهاڻيون نهايت ئي سليس ۽ سادي نموني ۾ بيان ٿيل آهن. جن جي پڙهڻ سان پڙهندڙ کي افسانوي تصنع جي بجاءِ حقيقت نگاريءَ جا غير فاني مثال ملن ٿا.

 142 صفحن واري هن ڪتاب جي قيمت هڪ روپيو پنجاهه پئسا آهي، رنگين سر ورق نهايت ئي سهڻو لڳي ٿو. ڪتاب جي بائينڊنگ چڱي آهي، پر پنو البت سادو ڪم آيل اٿس.

ٻيو قدم: ’ادارهء ِ ادبِ نو‘ (حيدرآباد) جي طرفان، هن ڪتاب ۾ سنڌ- هند جا چونڊ افسانا گڏ ڪيا ويا آهن. افسانه نگارن ۾ سندري اتم، ۽ بشير مورياڻيءَ جهڙا چوٽيءَ جا افسانه نگار به آهن؛ ته غلام نبي مغل، طارق اشرف، ناصر حميد، ۽ غياث جوڻيجي جهڙا اسرندڙ فنڪار به. آخر ۾ ٽي ترجما آهن، جن جو موضوع ساڳيو نه، ته به ذري گهٽ ساڳيو آهي.

سندري اتمچنداڻي، هند-سنڌ جي مڃيل ڪهاڻي نويس ۽ ناول نويس آهي. سندس انوکا پلاٽ، جيئرا جاڳندا ڪردار، سادي ۽ پختي ٻولي، ۽ سندس غير رواجي اسلوب،___اهي سڀ ڳالهيون آهن، جن هن کي فن جي بلندين تي پهچايو آهي. سندس افساني ’روشنيءَ‘ ۾، عام  مشرقي عورت جي ڪردار کي موضوع بنايو ويو آهي، ۽ رڳو انهيءَ ڪردار کي اڀاري افساني جا ٻيا سڀ لوازما پورا ڪيا ويا آهن. ماحول، مقصد، پلاٽ__سڀ انهيءَ ڪردار جي ٿڙ مان ٽي نڪتل ٽاريون آهن. ’خوشي‘ اهڙي عورت آهي، جا پنهنجي جذبن جي قرباني ڏئي، پنهنجي سس کي ناراض نٿي ڪرڻ چاهي__اهو آهي ڪردار، جنهن جي دل جي اونهاين ۾ گهڙي، سندريءَ سندس موتين جهڙا لڙڪ پڌرا ڪيا آهن__پر هڪ ڳالهه سوچڻ جي آهي__ڇا، عورت کي اهي ’قربانيءَ‘ جا سبق ڏيئي، سدائين لاءِ کامڻ ۽ پچڻ ڏجي؟_سندري پاڻ عورت آهي_ ان جو جواب هوءَ تمام چڱيءَ طرح سان ڏئي ٿي سگهي_ جيستائين افساني جي مجموعي تاثر جوسوال آهي، ته رڳو ’خوشيءَ‘ سان همدردي ٿي پيدا ٿئي_۽ ’خوشي‘ به اهوئي فيصلو ٿي ڪري ته ”جهڙا گذرن ڏينهڙا، تهڙا ويٺي گهار__“

چڱو ڀيڻ خوشي_توسان ڏاڍي همدردي آهي_

’اتم‘ جو، سفيد چادر، سمهيل سڏڪا_هڪ نيم سنسني خيز قسم جو افسانو آهي_ گهر ۾ ڀوت جو واسو_ اڇي چادر ويڙيهل ڀوت_ ۽ ٻيون اهڙيون  ڳالهيون ماحول کي ڊيڄاريندڙ ٿيون بنائي ڇڏين. آخر ۾ افساني جو ڪلائيمڪس افساني جي موضوع کي موڙو ڏيئي، ’جنسيات‘ ڏي وٺي ٿو وڃي_ هونءَ هر لحاظ کان افسانو ڪامياب آهي_ لکندڙ، جيڪو به تاثر چاهيو آهي، اهوپيدا ڪري سگهيو آهي، ڊپ وارو ماحول، ڀوائتو ۽ سنسني خيز، پر موضوع، جنهن ڏي افساني جو رخ موڙيوويو آهي،سو ايترو ته عام ٿي پيو آهي، جو ڀانئجي ٿو ته اهڙو سٺو افسانو ائين ختم نه ٿئي ها_

’ناصر‘_ اسرندڙ افسانه  نگارن مان آهي. هو افساني جو سڄو خمير رڳو موضوع کي سمجهندو آهي. سندس موضوع بلند هوندا آهن ۽ سندس افسانا گهڻو ڪري افاديت ۽ مقصديت سان ڀريل هوندا آهن. سندس هيءُ افسانو پڻ ائين آهي. سندس ڪردار، ’آدرشي‘ آهي، ان ڪري ائين پيولڳي ته ڄڻ مجبوراً پيو سڀڪجهه ڪري، ۽ افساني ۾ تمام گهڻا واقعا، تڪڙو تڪڙو ٿا رونما ٿين، ان ڪري افسانويت وڌيڪ ۽ حقيقت گهٽ پئي ڀائنجي. وري به ناصر ۾ گهڻيون اميدون آهن_

بشير مورياڻيءَ جو ’خالي گهر ويران گهر‘ پڙهي ائين لڳو ڄڻ ڪنهن مشتاق جي قلم مان نڪتل افسانو هجي.

افساني جو موضوع، پلاٽ، ماحول ۽ ڪردار__سڀڪجهه معمولي آهي. نه پلاٽ نئون آهي. ماحول اهوئي مٿئين درجي جي ذهنيت، ڪردار__سڀ ((Sophisticated پر تعبير جي اسلوب، انهن سڀني ڳالهين تي حاوي اچي افساني کي تمام اوچو ڪري ڇڏيو آهي. فنڪار جي لاءِ موضوع پلاٽ ۽ ڪردار وغيره ڪجهه به ناهن. رڳو هڪ فنڪار حـِس جي ضرورت آهي، جنهن جي طفيل، هو هر موضوع کي لافاني، ۽ هر ڪردار کي زندهه ٿو ڪيو ڇڏي. اهو احساس بشير جي ”خالي گهر ويران گهر“ پڙهڻ کان پوءِ ٿو ٿئي.

غلام نبي  مغل جا ٻه افسانا  شامل آهن، ۽ ٻئي افسانا اوچا آهن. جڏهن کان ربانيءَ ۽ جمال افسانا لکڻ بند ڪيا آهن ته مڙيوئي ڪو خال پيو لڳند هو، ڀانئجي ٿو ته اهو خال اڳتي هلي هيءُ  هونهار افسانه نگار ڀريندو. غلام نبيءَ جي لکڻين ۾ ڏاڍي پختگي اچي وئي آهي. اهڙي پختگي، جيڪا ڪيترا سال  مسلسل لکڻ بعد به اسان جا گهڻا افسانه  نگار حاصل ڪري نه سگهيا آهن (هيءُ منهنجا ذاتي خيال آهن،) ۽ سندس افسانو نئون، شهر حيدرآباد  جي ’پردي پٺيان‘ زندگيءَ تي طنز آهي.  اهڙي طنز، جا لڳي پيو ته  شعوري نه، پر لاشعوري آهي، اهڙي طنز نه، جيڪا جذباتي هلڪڙائپ جي اثر هيٺ ٺهي نعري بازيءَ ۽ ناصحانه  تقرير تي ختم ٿي، مقصديت ۽ افاديت جو اشتهار بنجي وڃي. پر اهڙي اونهي،، سنجيده، ۽ سٻاجهي طنز، جيڪا دل ۾ گهڙي ٿي وڃي. اها چماٽ ڳلن تي نه پر روح ۾ ٿي لڳي. افساني جا ڪردار اهڙا آهن جهڙا ماڻهو، ماحول اهڙو آهي جهڙي حيدرآباد، ۽ موضوع اهڙو آهي جهڙو سئنيما تي ٽڪيٽون بلئڪ ڪرڻ وارو غنڊو. سڄو افسانو پنهنجو پاڻ ٿو کُلي، گهڙيال جي اسپرنگ جيان نه، جنهن ۾ چاٻي ڀري ۽ کيس کوليو وڃي، پر مکڙيءَ جيان، جنهن ۾ کلڻ جي اندروني طاقت آهي، جيڪا اڌاري نه، پر پنهنجي اصلي اٿس. هن افساني پڙهڻ بعدَ محسوس ٿيم ته مدت کان پوءِ سٺو سنڌي افسانو پڙهيو اٿم. غلام نبيءَ جو ٻيو افسانو ”مينديءَ رتا هٿ“ به سندس پختيءَ لکڻيءَ جو مثال آهي. افساني جو موضوع پهرئين کان گهڻو هٽيل آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته افسانه نگار جي خوبي سندس فن ۾ آهي، جنهن جي هٿان ڪو به موضوع جرڪي سگهي ٿو. هيءُ افسانو اسان جي ’جديد سوسائٽيءَ‘ جي عورت جي ذهني الجهاؤ (Complex) تي لکيو ويو آهي، جنهن جو من مشرقي آهي، ته طرز مغربي، عورت جي اندر جي اونهاين ۾  لڪل، جذبن، پيار، سپردگيءَ، وفاداريءَ جو، فنڪارانه ۽ باريڪ بينيءَ سان جائزو ورتو ويو آهي. هن افساني جي وڏي خوبي آهي اختتام. فنڪار، سماج ۾ صلح، پيار، ۽ همدرديءَ جي جذبن کي اڀارڻ لاءِ آهي. ان لاءِ نه ته سماج ۾ نفرت، ڌڪار ۽ شڪ پيدا ڪري سماجي  بيراهه روي (Social Maladjustment) پيدا ڪري، جيڪا ويهين صديءَ جي ادب پيدا ڪئي آهي. جو ڪجهه وقت اڳي افسانه نگار عورت ۽ مرد کي هڪٻي خلاف ڀڙڪائي نفرت، شڪ، جا جذبا جاڳائي، گهريلو ۽ سماجي ماحول کي زهريلو بنائي ڇڏيو هو. غلام نبيءَ جو افسانو انهي تتل تئي تي ڇنڊو آهي. رهيو هڪ سوال، ته غلام نبيءَ جي ٻوليءَ ڪٿي ڪٿي بي محاوره ۽ اردو زده پئي لڳي، ان لاءِ پڪ آهي ته اڳتي هلي ضرور خيال ڪندو.

حميد سنڌي ۽ غياث جوڻيجي کي لکندي ٿورو وقت ٿيو آهي. ٻنهي ۾ صلاحيتون آهن، حميد جو افسانو ”هن جهان ۾“ پلاٽ جي لحاظ کان انوکو آهي. ۽ هڪ سٺي طنز آهي.افساني جو خاتمو، هڪ سوال سان ڪيو ويو آهي، جنهن جو جواب آهي به ۽ ناهي به،اها افساني جي وڏي خوبي آهي،باقي مڪالمن تي ’حميد‘ افساني کان وڌيڪ ڊرامائي رنگ چاڙهيو آهي، ۽ هو هر افساني ۾ ائين ئي ڪندو آهي.’ماءُ‘جي ڪردار واتان چوايل مڪالما ائين پيا لڳن، ڄڻ ته ڪنهن اسٽيج ڊرامي جو حصو آهي.

غياث جو افسانو چڱو آهي، هڪ چڱي موضوع تي قدم کنيو اٿس. ’حميد ۽ غياث‘ ٻنهي جي افسانن ۾ مشترڪ ڳالهه آهي انهن جو غير متوقع انجام.

طارق اشرف، چڱا افسانا پيش ڪري چڪو آهي. سندس هي افسانو ’مارڪيٽ‘ ٽيڪنيڪ جي لحاظ کان پختو آهي. افساني جو موضوع آهي ’انسان جي بنيادي خود غرضي‘__ان موضوع کي هڪ سٺي ٽيڪنيڪ جي فريم ۾ مڙهيو ويو آهي. اڳ ۾ به اشارو ڏيئي آيو آهيان ته اهڙا موضوع، جن ۾ ڪنهن مجرم جي جرم جو جواز ڏجي (غياث جو افسانو ۽ حميد جو افسانو) يا انسان کي بنيادي طور برو ٺهرائجي ( طارق جو افسانو) يا جنسياتي جُرمن جو پس منظر پڌرو ڪري، اهڙن مجرمن کي بيڏوهي ٺهرائجي (عصمت چغتائي جو افسانو)، اسان جي سماجي بيراهه روين لاءِ جوابدار آهن ۽ انسانن جي  اندر بي اطميناني، عدم اعتماد، پيدا ڪري اسان جي مسئلن کي سلجهائڻ بدران الجهايو ڇڏين.

ترجما ٿيل افسانا ٽي آهن. هڪ منٽوجو، هڪ عصمت چغتائيءَ جو ۽ هڪ موپسان جو. انهن افسانن تي اردوءَ ۾ ڪافي کان وڌيڪ بحث هليا آهن، ان ڪري انهن تي وڌيڪ لکڻ بيسود آهي.

مجموعي طور ’اداره ادب نؤ‘ جون ڪوششون قابل ستائش آهن، اميد ته اڳتي هلي ان  جا ڪارڪن هميشہ وانگر معياري ادب کي فروغ ڏيندا رهندا.__ت . ع  

بادل ۽ بندون: ٽکڙ جي مردم خيز سر زمين جي ڪهنه مشق شاعر، محترمي محمد خان ”غني جي شاعرانه ڪاوش جو قابل قدر شاهڪار آهي.

هن نظر افروز حصي ۾ غني صاحب فقط ”بيت“ پيش ڪيا آهن، جي پنهنجي فني ۽ ادبي لحاظ سان، بيتن جهڙي پراڻي صنف ۾ سهڻو اضافو چئي سگهجن ٿا.

دراصل’بيت‘،ڪافي، وائي، ۽ ان قسم جون ٻيون صنفون، سنڌي شاعري جون پنهنجون ۽ پراڻيون صنفون آهن، سنڌي شاعرن ۽ سگهڙن، نه فقط مٿيون صنفون تخليق ڪيون آهن. پر انهن ۾ مفيد اضافا به ڪيا ويا آهن.

شاهه، سامي، روحل، بيدل، مراد ۽ آسوءَ پارن شاعرن به بيتن ۽ ڪافين ۾ پنهنجي شعري جذبات ۽ فڪري واردات کي پلٽيو آهي. ان ۾ شڪ ناهي ته اسان جي ”بيت“ جو  تعلق هندي دوهن سان ”هيئت“ ۽ ”اسلوب“ جي اعتبار سان گهڻو آهي. پوءِ موضوع ۽ مواد جي خيال سان سنڌي بيتن ۾ خاص طور ’شاهه‘ جي انفراديت ۽ عظمت قائم ۽ دائم آهي. اها حقيقت آهي ته ڪبير، ميران، سورداس، عبدالرحيم خان خانان، رس خان وغيره پارا هندي شاعر، ’شاهه‘ جي اڳيان ڪابه حيثيت نٿا رکن.

شاعريءَ کي اهڙي معيار ۽ مقام تي پهچائڻ بيشڪ ’شاهه‘ جو ڪمال آهي، پر ان ۾ اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي سرمايداريءَ، جزالت، لطافت، ۽ پختگيءَ کي به وڏو دخل حاصل آهي. شاهه ۽ سنڌي ٻولي، ’ظرف ۽ مظروف‘ وارو تعلق رکن ٿا. اها ٻولي ئي آهي، جنهن شاهه جهڙي عظيم شاعر جي واردات ۽ معاني کي لفظن جو لباس پهرايو ۽ سنواري سينگاري ملڪان ملڪ مشهور ڪيو.

اسان جي پراڻن بيتن جي شاعري، رڳو هندي بيتن جي ’ويدانتي شاعريءَ‘ تائين محدود نه رهي آهي، پر انهن سان گڏ زندگيءَ جي جامع ۽ همه گير ترجماني ڪئي آهي. اهوئي سبب آهي جو ائين چوڻ کان نٿو رهي سگهجي ته اسان جي ”بيتن“ جي صنف ۽ ان جي جامعيت سان، نه ڪو هندي بيت مقابلو ڪري سگهن ٿا، نه ڪو فارسي غزل، نه ڪي اردو شاعري، نه ڪي بلينڪ ورس، نه ڪو آزاد نظم، نه ڪو نظم معرى، نه ڪو ترائيل، نه ڪو سانيٽ. اسان جي سنڌي بيتن ۾، وحدانيت ۽ تصوف جا دقيق ۽ عميق مسئلا ۽ معاملا پڻ اچي وڃن ٿا. پر هن دور جديد جا پيدا ٿيل انوکا ۽ اڻانگا مسئلا به استعاري سان تاويل ۽ تعبير جي گرفت ۾ اچي وڃن ٿا. هت ”پريم ۽ پريتم“ واري شاعريءَ کان شاعري، گهڻو اڳتي وڌي چڪي آهي، ”جت نهايت ناهه ڪا“!

شاهه ۽ سچل کان وٺي اڄ تائين پيدا ٿيل بيتن جن جائزي وٺڻ کان پوءِ اسان کي ڪي اهڙا تجربا ۽ اضافا به نظر اچن ٿا، جن کي ڏسي ۽ سمجهي ائين چئي سگهجي ٿو ته اسان جي شاعري، هن جديد دور جي تقاضائن ۽ قدرن کي گهڻي ڀاڱي سمجهي چڪي آهي، اگرچ اڃا تجربي جي دور ۾ آهي.

اها به نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو هن دور جا ڪيئي سنڌي شاعر پنهنجي خالص سنڌي صنف ڏانهن متوجهه ٿيا آهن، هن وقت تائين حضرت  طالب المولى جو ڪلام، جو ’ڪچڪول‘ جي نالي ۾ شايع ٿيو آهي سو پنهنجي معنوي حيثيت سان، توڙي صوري حيثيت سان، ڪافين ۽ بيتن جي سلسلي ۾ ”پنهنجو مٽ پاڻ“ آهي. ’شاهه‘ جي شرينيءَ ۽ لطافت، رنگينيءَ ۽ حسن آفرينيءَ جو ته هن وقت مثال ئي ڪونه آهي.

تاهم، شيخ اياز ۽ ڪن ٻين نوجوانن، بيت ۾ ڪي نوان نوان موضوع ۽ خيال پش پيش ڪيا آهن، اهي تجربا اميد افزا چئي سگهجن ٿا.

 ان سلسلي ۾ ”بادل ۽ بوندون“به هڪ قابل قدر اضافو آهي، غني صاحب، جي پنهنجي انفرادي رنگ ۾ ’بيت‘ لکيا آهن، سي قديم شاعريءَ ۽ جديد رنگ تي مشتمل آهن،بيتن ۾ شستگي، شائستگي سادگي ۽ پختگي، سلاست ۽ لطافت موجود آهي، موضوع جي لحاظ سان به ڪافي متنوع ۽ افادي تجربا نظر اچن ٿا، اميد ته علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ ادب  دوست، هن خالص فني ۽ شعري ڪاوش جو قدر ڪندا. __غ . م . گ

آمريڪا جو سفر: سائيز ڊيمي، مولف مسٽر ڪريمڏنو راڄپر. فن ۽ موضوع سيرو سفر، تصويرون رنگين ۽ معلومات افزا، قيمت 4 روپيا. ملڻ جو هنڌ ’نئين کيتي‘ پبليڪيشن، حيدرآباد سنڌ، پوسٽ باڪس نمبر 11-صدر حيدرآباد.

 سنڌي ادب، پنهنجي گوناگون، رنگينين ۽ رعناين سان مالا مال آهي، هر فن ۽ موضوع تي قابل ذڪر ڪتابن جو اشاعت جو لا منتها سلسلو قائم ۽ دائم آهي.آمريڪا جو سير. موضوع ۽ فن جي لحاظ سان سفرنامو آهي، ان موضوع تي اردو ۾ اڪيچار، ۽ سنڌيءَ ۾ ٻه-چار ڪتاب ۽ مقالا موجود آهن. سفرنامو لکڻ، پنهنجي جاءِ تي ادب جي مکيه صنف آهي. جنهن ۾ افساني ۽ ناول ۽ شاعريءَ جا ڪردار، ۽ اساليب، تخيلات ۽ تلميحات جو اچڻ ناممڪن آهي. هن فن ۾ مشاهدات کي وڏو دخل آهي.

اختراع پسند طبع وارو صاحب قلم، ادب ۽ فن جي هر موضوع تي، پنهنجي  ذاتي تخيلات سان، ذري کي آفتاب  ۽ ڪچ کي سچ ڪري ته پيش ڪري سگهي ٿو، پر سفرنامي جي مؤلف جي زمين سنگلاخ ٿئي ٿي. سندس فن ۽ نظر احساسات ۽ معلومات کي مشاهدي ۽ حقيقت جي قيد ۾ حد ۾  رهي، ڪجهه لکڻو پوي ٿو. تعريف ۽ توصيف جو مبالغو،ادب ۽ شاعري، ۽ نه فقط جائز سمجهيو وڃي ٿو، پر ان کي ’اختراع معانيءَ جو ڪمال ڪوٺجي ٿو. افسوس اهو آهي ته سفر نامي ۾ ’ٿر ۽ بَر‘ کي نه ڪو سر سبز وادي ٿو چئي سگهجي ۽ نه ڪو نخلستان!

فن جي انهن بنيادي معيارن ۽ قدرن کي نباهيندي، واقعاتي حيثيت سان خشڪ ۽ بيرس تاثرات ۽ مشاهدات لکي ته سگهجن ٿا، پر سوال اهو ٿو اٿي ته جاگرافين ۽ معلوماتي ڪتابچن ۽ محڪمهء تعلقات عامه، وٽان شاعع ٿيندڙ معلوماتي لٽريچر جي هوندي شخڪ مشاهدا ڪير پڙهي؟

ان لاءِ لازمي امر پيدا ٿئي ٿو ته ليکڪ،پنهنجي رنگين زبان ۽ اسلوب تحرير سان ان شخڪ ۽ واقعاتي چيز کي به اهڙو دلنشين ۽ رنگين دلڪش ۽ حسين بنائي، جو پڙهڻ ۾ رس ۽ رهاڻ به پيدا ڪري، ۽ طراوت ۽ تفريح جو سامان به پيدا ٿيندو اچي. آمريڪا پنهنجي ڪمال ۽ ترقي جي لحاظ سان، موجوده دور جو وڏو تمدني مرڪز بنجي ويو آهي. علم  و فن سائنس ۽ ايجاد، هنر ۽ حرفت، دولت ۽ سرمايداريءَ جي لحاظ سان وڏي اهميت حاصل ڪري  چڪو آهي.

موجوده مادي دور ۾ ”زندگيءَ جو مادي نظريو ۽ مادي عمل“ موجوده آمريڪا جو مذهب بنجي چڪو آهي. ان جي قطع نظر خالص تهذيبي ۽ ثقافتي حيثيت سان اسان جي ملڪ و ملت جو خير خواهه، ۽ حليف پڻ رهندو آيو آهي. پر افسوس اهو آهي ته اسان جي دوست  ملڪ، ۽ ان جي مادي، تمدلي ۽ ثقافتي حيثيت متعلق اسان جي معلومات گهڻو گهٽ آهي.

سنڌي زبان جي خوش فڪر ۽ صاحب اسلوب، مولف، محترم ڪريمڏني راڄپر جي جودت طبع، خلق معاني ۽ ظرافت جو داد ڏيڻو پوندو، جنهن سنڌي ادب ۾ هڙي دلڪش ۽ تفريحي، معلومات افزا ۽ روح افزا، چيز لکي آهي، جنهن ۾ معلومات ۽ مشاهدي، واقعات ۽ حالات کي سهڻي ۽ من مهڻيءَ سنڌيءَ ۾ لکي، علمي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

آمريڪا جو سير، خشڪ ۽ واقعاتي حيثيت سان اردوءَ ۾ به موجود آهي، پر زبان جي لطافت، شوخيءَ تحرير، ظرافت آميز تاثر،منطقي موشگافيون، رنگين استعارا ۽ تعميري نتيجا؛ جيترا هن ڪتاب ۾ ملن ٿا، اهي ٻين ڪتابن ۾ ملڻ مشڪل آهن.

 قابل فنڪار جي سفرنامي پڙهڻ وقت، ناظرين ائين ڪو نه سمجهندا ته سفر تي ڪو ٻيو وڃي رهيو آهي، ۽ اسان رڳو سندس ذاتي مشاهده پڙهي رهيا آهيون؛ پر محسوس ائين ٿيندو ته اسان پاڻ آمريڪا جو سفر ڪري رهيا آهيون.

 هوائي جهاز جي پرواز کان وٺي، گوناگون ۽  رنگين زندگيءَ جي هر ڪنهن موڙ تائين، پڙهندڙ پهچي وڃي ٿو ۽ لذت حاصل ڪري ٿو. ڪارخانا ۽ تعليم گاهون، کيت ۽ صحرائون، مسجدون ۽ ديولون، صنعتگاهه ۽ نمائشون، هنر ۽ حرفت جا ادارا يا بئنڪن جا نظارا، الغرض تمدن ۽ تهذيب، علم ۽ فن، هنر ۽ حرفت،جي هر هڪ شعبي متعلق مشاهدو ۽ معلومات پيدا ٿيندو ويندو، ۽ زبان جي چٽخارن، ۽ ظرافت آميز نقلن ۽ نظيرن جي پڙهڻ سان نه فقط رس وڌي ٿو، پر ان سان گڏ دماغي ٿڪ به گهٽجي ٿو. جديد نفسيات جي اصولن موجب، غير دلچسپ ۽ ٿڪائيندڙ، خشڪ ۽ واقعاتي، چيزن کي  رنگين افسانه ۽ حيرت انگيز ناول کان به وڌيڪ موثر ۽ پرذوق لذيذ ۽ تفريحي بنايو ويو آهي.

مزو اهو آهي ته نه فقط آمريڪا جو سفر نصيب ٿو ٿئي، پر هڪ باڪمال قوم جي آئيني ۾ اسان کي پنهنجي قومي خدوخال، ۽ عروج  وزوال جا آثار ۽ اميد افزا مستقبل به نظر ٿو اچي، ان حيثيت سان هي ڪتاب، نه فقط معلومات افزا ڪتاب آهي، پر افاديت جي لحاظ سان هڪ رنگين اسلوب، ۽ انفرادي، تحريري انداز جو بيش بها شاهڪار به آهي.

هن ڪتاب جي اشاعت جو قسطوار سلسلو، دراصل سنڌ جي  علم دوست ۽ ادب پرور بزرگ، نواب الحاج محمد علي خان لغاري، آف تاجپور جي توجهه ۽  ترغيب جو مرهون منت آهي، جنهن جي ايماءَ ۽ توجهه سان فاضل مولف، هي سفرنامو، ماهوار ’نئين کيتيءَ‘ (حيدرآباد) ۾ شروع ڪيو هو.

شڪر جو مقام آهي جو هي قسطوار سلسلو، تڪميل جي اشاعتي ۽ تصنيفي مرحلن تان گذري، دلڪش ۽ حسين ڪتاب جي حيثيت سان سنڌي ادب ۾ بهترين اضافو بنجي چڪو آهي، ۽ صوري ۽ معنوي حيثيت سان پنهنجي انفرادي حيثيت کي قائم رکي سگهيو آهي.

لئبررين ۽ تعليم کاتي جي انعامي سلسلن لاءِ، ۽ ڪاليجن ۽ سڪولن جي شاگردن لاءِ، ۽ خاص طور، زبان جي رنگين ۽ دلڪش اسلوب جي عاشقن ۽ شائقين لاءِ علمي ۽ ادبي تحفو آهي.

__غ، م، گ

بهار ادب (سانگهڙ سنڌ): بهار پبليڪيشن، سانگهڙ سنڌ جي ڪتابي سلسلي جو پهريون مجموعو ’بهار ادب‘ جي نالي سان شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب جا مرتب: رسول بخش ’خمار‘ غفور ’ثاقب‘ ۽ اياز ’سنڌي‘ مبارڪ جا مستحق آهن، جن هن دور جي علمي تقاضائن کي مد نظر رکي، سنڌي ادب ۾ بيش بها اضافي لاءِ خدمت ڪئي آهي.

هن مجموعي ۾ افسانا، غزل،مقالا نظم ۽ تبصرا آهن. مرتبين جو چونڊ ۽ سهيڙ، تحسين جي لائق آهي. افسانه نگارن ۾ ڊاڪٽر خليل، اتم، قمر شهباز ۽ غياث جوڻيجو آهن؛ شعر جي حصي ۾ خليل، حامي، صائب، تاج بلوچ، سڳن آهوجا، انور مرحوم، جوش، عارف المولى، سليم ڳاڙهوي، منظور نقوي، ۽ بردو سنڌي اچي وڃن ٿا. مضمونن ۾ ’منگول‘، ’سيرت نبوي‘، ’راس پوٽين‘، ’عورت ۽ شهزادو‘، ’جنهن کي تاريخ فراموش ڪري ڇڏيو‘، سهڻا مضمون آهن. اميد آهي ته هي سلسلو سنڌي ادب لاءِ نيون راهون تلاش ڪندو، ۽ ’ادب‘ جي قديم ۽ جديد شهپارن کي شايع ڪري مفيد اضافو ڪندو. اسان جي صلاح اها آهي ته ڪوشش ڪري اڻڇپيل چيزون آڻڻ گهرجن.

__’آغاز‘، جي عنوان هيٺ سهڻو ۽ صحتمند بحث ڪيل آهي، جنهن مان واضح ٿو ٿئي ته اسان، پنهنجي نوجوان ۽ نو آموز دوستن کان نااميد نٿا رهي سگهون. انهن جي فڪر و نظر ۾ هن دور جي تقاضائن جو رنگ نمايان آهي.

مصرع ذوق سليم تي البته بار ٿئي ٿي.

تون فقط توبهه جي لئي درگاهه ۾ ڪر التجا،

عفو تنهنجي خود ڪندو، هر هڪ خطا منهنجو خدا،

مصرع نه فقط شعريت کان خالي آهي، پر ان سان گڏ، پهلوءِ ۾ به موجود آهي، ”هر هڪ خطا منهنجو خدا“، جو پيرابي بيان قدح تي مشتمل آهي، مٿي ’سدا منهنجو خدا‘، ’مالڪ ارض وسما منهنجو خدا‘، ”رهنما منهنجو خدا“، ”جلوه نما منهنجو خدا“، آيو آهي، ان طرح: بخش امت کي ڪندو، روز، جزا منهنجو خدا“ اتي به ”روز،جزا، منهنجو خدا“، ٺيڪ نه آهي، ان ۾ ابهام به آهي ۽ مضمون ۽ مطلب واضح نه آهي، ’روز، جزا، ’تي‘ بخش ڪرڻ آڻبو، پر ضرورت شعري جي ڪري به ’جار‘ حذف نه ڪرڻ گهرجي. مفهوم نڪري ٿو ته ”منهنجو خدا امت کي ’روز،جزا، بخش ڪندو، ان شعر ۾ امت کي روز، جزا بخش ڪندو.  ڇا معنيٰ؟__ خدا بخشيندڙ، امت کي بخشش ڇا؟__چي روز، جزا!__ان طرح ’هر زبان، گل و بلبل تي صدا منهنجو خدا‘، اتي ’گل‘ جي لام تي تشديد اچي ٿي، جا نه اچڻ گهرجي. ٻيو ته هر ’زبان گل و بلبل‘ ۾ ’هر‘ جو استعمال غير  فصيح آهي.

ان طرح ”عفو، تنهنجي، خود، ڪندو.“ ۾ تعقيب حرفي موجود آهي، استادانه ڪلام. جي بندش پخته ۽ چست هئڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ هڪ شعر آهي.

لامڪان ان کي چوان، چوان‘ يا ’لامڪين‘ کي ان چوان“

اتي ’لامڪان‘ ۾ خود ’مڪين‘ جو مفهوم موجود آهي. ’مڪين‘ جو مطلب آهي، ’صاحب، مڪان‘__ان موجب ’لامڪين‘ جو آڻڻ غلط آهي. ’لامڪين‘ معنى( نه صاحب، مڪان) ان ۾ ’موجود‘ جي  نفي آهي، جا غلط آهي، ’لامڪان‘ ۾ ’مڪان‘ جي نفي آهي، جا صحيح آهي، الله کي ’لامڪان‘ چئي سگهجي  ٿو. پر ’لامڪين‘، بلڪل بي معنى آهي، الله کي ’لاوجود‘ چوڻ به ان طرح ئي غلط آهي. ’الله‘ جي وجود لاءِ  ’زمان ۽ مڪان‘ جي ڪا به حد نه آهي، پر ائين چوڻ سان الله جي وجود جو انڪار ڪرڻ جائز نه آهي، زمان ۽ مڪان جي نفي مطلق، الله جي ’وجود‘ جي مثال تي مستلزم نه آهي. الله ’لامڪان‘ آهي، پر ’لا وجود‘، يا ’لامڪين‘ صحيح نه آهي، الله جو ’وجود‘ آهي، ان جو ’وجود‘ ڪنهن ’زمان ۽ مڪان‘، سان وابسته نه آهي، ان کان اڳتي نه وڌڻ گهرجي. ’مڪين‘ جي اڳيان ’لا‘ نفي مطلق جي نه آڻڻ گهرجي.

حقيقت هيءَ آهي ته خليل صاحب جو اهو ڪلام رسالي ”اديب سنڌ“ جي جهونن فائلن مان ورتل آهي.خليل صاحب خاصيءَ مدت کان ڄڻ ڪو نئون ڪلام چيوئي نه آهي ڇا؟ ريڊئي توڙي رسالن ۾ پراڻا شعرئي دهرائبا رهيا آهن. اسان جو کين مشورو آهي ته هن وقت جي تقاضا آهر نئون ڪلام ئي اشاعت لاءِ ڏيڻ کپي.

خليل ۽ حامي، صائب ۽ سڳن آهوجا ۽ تاج جا غزل سهڻا آهن. انور مرحوم جو ڪلام ان معيار جو نه آهي، جوش جو نظم، نهايت سهڻو آهي. بندش چست، خيال بلند، ۽ شعريت سان سرشار آهي. ان ۾ نويس‘ زندگي، پرنٽ جي چوڪ آهي. اصل ۾’نويد‘ آهي، ان نظم ۾، ”برگ و گل تبديل ڪيو آهي، تنهنجو ڪهنه لباس“ ’پنهنجو، ’پجو‘ ٿئي ٿو. اگر ’آهي‘ کي ’آ‘ ڪجي ها، ۽ چئجي ها: ”برگ گل تبديل ڪيو آ، پنهنجو هي ڪهنه لباس“

ته چڱو ٿئي ها، ’آ‘ کان بچڻ لاءِ ’آهي‘ ڪرڻ ته چڱو، پر ’پنهنجو‘ کي نپوڙڻ لاءِ، ڪو جواز هئڻ گهرجي! ’صائب‘ جو نياپو، نهايت معياري ۽ فڪر انگيز چيز آهي، ’وطن‘ سليم  ڳاڙهويءَ جو جذب انگيز چيز آهي. خليل ۽ منظور نقويءَ جا گيت، ’ڪوڙي پريت‘ ۽ ’پرديسي‘  نهايت سهڻيون چيزون آهن.

مقالن ۾ ’منگول‘ سهڻي تحقيق آهي، پر مختصر آهي. سيرت نبوي، تي چنا جومقالو سهڻو آهي. آيتن جي ڇپائي جي صحت تي آئينده ڌيان گهرجي. هڪ هنڌ الله جي پاران ’اليہ‘ آهي ۽ ’داعيا‘ جي بدان ’واعيا‘__

راسپوتن،  عورت ۽ شهزودو، جنهن کي تاريخ فراموش ڪري ڇڏيو، ۽ اقوال زرين، نهايت جاذب ۽ معلومات افزا آهن، آخر ۾ رابعه بصري تي تبصرو، ڊاڪٽر خليل صاحب جو ڏنل آهي. اهو ڪتاب ’وادادالسڪاڪينيءَ‘ جو عربيءَ ۾ لکيل آهي، پر ’فن تصوف ۽ سيرت نگاريءَ‘ جي اصولن موجب، ڪا معياري چيز نه آهي. حضرت رابعه بصري جي شخصيت ۽ سندس تصوف ۾ انفرادي ’سڪول آف ٿاٽ‘ کي مصنف غلط نموني ۾ بيان ڪيو آهي. ان فن ۾ عطار جو تذڪره الاولياء، علي هجويري جو ڪشف المحجوب، حاميءَ جو نفحات الانس، ڏسڻ گهرجن ها.

ٻيو ته اردوءَ ۾ ترجمه ڪندڙن جومعيار به محققانه نٿوٿئي، تمام ٿورا ترجما صحتمند ۽ صحيح آهن، باقي ڪتب فروشن ۽ ماڻهن لاءِ ترجما ڪيا وڃن ٿا. اسان جي سنڌي دوستن کي اهڙن ڪتابن جي ترجمن کان نه فقط پاسو ڪرڻ گهرجي، پر احتياط ۽ احتراز به جڳائي.

 بهرحال هيءَ هڪ ڪامياب ڪوشش آهي. جوانن جي حوصله افزائي ڪرڻ هر هڪ علم دوست بزرگ جوفرض آهي. قيمت هڪ رپيو، ملڻ جو پتو، ’بهار‘ پبليڪيشن سانگهڙ سنڌ، ۽ سنڌ جي سڀني بڪ اسٽالن تان پڻ ملي ٿو.__م. ع

تذڪره الشعراء سکر: قيمت 50 پيسا ملڻ جو هنڌ شفيع اسٽور لاڙڪاڻه

هي مختصر مقالو، ميمڻ  عبدالمجيد سنڌي؛ ايم، اي، پروفيسر سکر گورنمينٽ ڪاليج جو لکيل آهي. مقاله نگار جنهن تجسـّس ۽ تلاش سان، ان موضوع لاءِ مواد جي چونڊ ڪئي آهي. اها قابل قدر آهي. سنڌي شاعري جي ابتدا قاضي قاذن کان ڏيکاري مقالو شروع ڪيل آهي.حالانڪ جديد تحقيق ۾، ان کان گهڻو اڳ، سنڌي شعر  جو وجود ثابت ٿي چڪو آهي. ان سلسلي ۾ قاضي قاذن کان وٺي ’ڪوجهيءَ‘ تائين اٽڪل 52 شاعر اچي وڃن ٿا، حالانڪ ڪوشش سان ٻيا به ڪيترا شاعر  ملي سگهن ها. ۽ زندهه شاعرن ۾ سگهڙن سان گڏ شيخ اياز، لطف الله بدوي، شاهه محمد شاهه ’شاد‘، بشير مورياڻي، ’ناطم‘، ’مجروح‘، آغاز گل، ’جامي‘، اظهر، مولائي شيدائي  ’راز‘ جا رڳا نالا ڏنل آهن. ڏاڍو سهڻو ٿئي ها جو زندهه شاعرن جو به ڪجهه ’ڪلام‘ ڏنو وڃي ها. اسان جي دوست ’راز‘ کي آزاد نظم لکڻ جي مسئلي ۾ جو ’داد‘ مولف ڏنو آهي. اهو بحث طلب آهي. خاص طور ائين چوڻ ته

”هن وقت آزاد نظم لکڻ  ۾ ’راز‘  جو ڪوبه مٽ ڪونهي“ اها محض دوستانا چيز آهي، پر حقيقت نه آهي.’اياز‘ کي سکر ۾ هوندي، ايترو فراموش نه ڪرڻ گهرجي! ٻيو ته ’تذڪره شعراء سکر‘ لکڻ گهرجي. __غ، م، گ

پکين جي پارليامينٽ: هي ڪتاب، ”پکين جي پارليامينٽ“ (خواجه فريد الدين عطار) جي ڪتاب ”منطق الطير“ جو سنڌي ترجمو آهي. هي ڪتاب دل ۽ خيالن جي پاڪيزگيءَ لاءِ هڪ ڪسوٽي آهي. نفس ۽ شيطان جي دوکيبازين کي سڃاڻڻ لاءِ اکين آڏو هڪ کليل دفتر آهي. خوش فهميءَ ۽ خوش اعتقاديءَ جي مرض لاءِ هڪ  لاجواب نسخو آهي. مطلب ته بيمار دلين لاءِ هڪ اڪسير ۽ روح لاءِ هڪ معجون ۽ دائمي رهاڻ آهي.

 پکين جي تمثيل ۾ خواجه عطار، سالڪ جو پنهنجي مالڪ جي وصال لاءِ سفر ۽ ان جي دشوارين جو لفظن ۾ نقش چٽيو آهي.

’منطق الطير‘، جيئن ته يونيورسٽيءَ ۽ ڪاليج جي نصاب ۾ آهي، ان ڪري انهيءَ جو ترجمو سنڌي شاگردن لاءِ ڏاڍو ڪارا.تو آهي. علاوه انهيءَ جي، هن ڪتاب ۾ عام جي فائدي ۽ دلچسپيءَ جو ججهو سامان موجود آهي. صوفي مزاج وارن لاءِ ته هي ڪتاب وڃايل وٿ آهي، ۽ حڪمت ۽ دانائيءَ جي کاڻ جو هڪ بي بها لعل آهي. عطا جو فلسفو مقبول عام ۽ خاص آهي.

 ترجمو نهايت سليس ۽ سهڻو، پروفيسر غلام حسين جلباڻي، صدر شعبه عربي سنڌ يونيورسٽيءَ، ان جو سليس ترجموڪيو آهي.

عمدي ڇپائي، اعلى پني جي 250 صفحن تي  دلڪش ٽائيٽل ۽ گيٽ اپ هوندي به هن ڪتاب جي قيمت صفحه 50-2 روپيا رکي ويئي آهي.

هي ڪتاب اوهان کي سنڌي جي وڏن بڪسيلرن کان ملندو. اگر جي ڪٿان نه ملي سگهي ته اسان  جي هيٺ ڄاڻايل اسٽالن تان روبرو يا ٽپال رستي گهرايو.

1-سنڌي ادبي بورڊ بڪ اسٽال گدو روڊ حيدرآباد 2-سنڌي ادبي بورڊ بڪ اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد 3- سنڌي ادبي بورڊ بڪ اسٽال بندر روڊ ڪراچي.

مهراڻ

’سنڌي ادب‘ ۾ ’مهراڻ‘ 55ع کان اڄ تائين؛ ’معياري ادب‘ پيش ڪري رهيو آهي، ۽ هند-سنڌ کان وٺي، ٻاهر يورپ تائين مقبول ٿي چڪو آهي.

-مهراڻ سنڌي ادب جي مختلف اصناف سخن، تي مشهور شاعرن جو منتخب ڪلام ڏيندو آيو آهي. ان طرح افسانن ۽ مقالن جومعيار پڻ بلند رهندو آيو آهي.

-’سنڌي ادب‘ سان وابستگي رکندڙ ادب دوست بزرگن کي عرض آهي ته هو نه فقط ’مهراڻ‘ جا خريدار وڌائين؛پر گذريل دور جا پرچا خريد ڪري، پاڻ وٽ مڪمل جلد رکن.

-’مهراڻ‘، 55-62ع تائين موجود آهي، فقط 57ع ۽ 59ع جو ڪو به پرچو دفتر ۾ باقي نه رهيو آهي، اهل ذوق دوستن کي ان طرف جلدي توجهه ڪرڻ گهرجي. ائين نه ٿئي جو ’مهراڻ‘ جا پرچا ناياب ٿي وڃن ۽ سندن طلب جي پوئواري نه ڪري سگهجي.

-’مهراڻ‘ جا موجود رسالا ۽ قيمتون هيٺ ڏيون ٿا. (1955ع کان 62ع آخر تائين)

سال

رسالا شايع ٿيل

قميت پوري سيٽجي

في پرچو

ملي سگهي ٿو يا نه؟

55ع

4

..-8

..-2

موجود

56ع

4

..-10

50-2

موجود

57ع

سوانح نمبر (3-4)

(1-2 نمبر ناياب)

..-7

..-7

موجود

50-2

58ع

2

..-5

..-7

موجود

59ع

4

..-10

50-2

سڀ پرچا ناياب

60ع

2

..-6

50-2

موجود

61ع

3

..-8

50-2(نمبر 1)

موجود

 

 

 

..-2(2۽ 3)

 

62ع

4

..-11

50-2(نمبر1)

..-3 (نمبر 2)

50-2_نمبر 3)

..00-3(نمبر 4)

موجود

__ڪميشن 25 سيڪڙو ڏني وڃي ٿي.

__مڪمل سيٽ ’مهراڻ‘ (هڪ سيٽ يا وڌيڪ (خريد ڪندڙ کان ٽپال خرچ نه ورتو  ويندو.

__خريدارن کي عرض آهي ته مهراڻ جي خريداريءَ جي ڪم جي سلسلي ۾ سنئون سڌو مئنيجر بوڪ اسٽال، ڪنٽونمنٽ بنگله 3، سنڌي ادبي بورڊ سان لکپڙهه ڪن.

__۽ خريداري نمبر ضرور ڄاڻائن، گراهڪن جي گهڻائيءَ جي ڪري دفترن جواٿلائڻ نهايت مشڪل ڪم ٿئي ٿو. ممڪن آهي ته ان صورت ۾ بروقت سندن فرمائش جي پورائي نه ٿي سگهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com