سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1962ع

مضمون

صفحو :7

رئيس ضياءالدين ايس ـ بلبل ـ صاحب

ايم،  اي، ايل،  ايل،  بي.

منهنجي سنڌ

سنڌ جي تهذيبي ۽ عمراني حيثيت کي هڪ خاص زاويه نگاهه سان، محترم رئيس ضياء الدين، ايس بلبل، ڏسي محسوس ڪري، ان کي قلم جي زبان سان پلٽيو آهي، اوهان کي منجهس نيون ۽ پراڻيون حڪايتون به ڏسڻ ۾ اينديون ته تيز ۽ تلخ شڪايتون به ملنديون، اهو خاڪو مفيد اضافن سان پيش ڪجي ٿو. جيئن اسان جا بزرگ ۽ جوان پڙهن، سوچن ۽ وک وڌائين. _گرامي

هن مضمون  جي سرخي ڪجهه وضاحت طلب آهي. ”منهنجي“ مان مراد مالڪي جي نه پر، جيئن مون سنڌ کي سمجهيو آهي، اهو مطلب وٺڻ گهرجي. يعني، ليليٰ را به چشم مجنون بايد ديد.

سنڌ کي ڀلي  يا بري چوڻ جو گويا هڪ فيشن ٿي ويو آهي. ’سنڌ، برابر گدڙن کاڌي‘ چئي اٿن. اهي گدڙ، ٻنهين قسمن جا، يعني گهرو يا خانه ساز، ۽ ٻيا ٻاهريان آهن.

پهريان هاڻي سنڌ ۾ اک ٿا پٽين، ۽ ٻاهريان، ’سنڌ‘ کي ٻهرين، نظر سان ٿا ڏسن. تنهنڪري سنڌ جو باغ مختلف قسم جي پکين جي ٻولين طعنن ۽ ترانن، جو آماجگاهه بنجي چڪو آهي. هاڻي ڪجهه اسان جي ٻڌو: اب جگر تهام ڪي بيٺو ميري باري آئي.

هن مضمون جومقصد فقط سنڌ، جي روح جي عڪس کي لفظي ڪيميرا، ۾ جهٽي آڻڻ جو آهي، يعني سنڌ جي مخصوص روايتن جو ذڪر خير ڪرڻو آهي، جن کي هرڪو پنهنجي بصيرت ۽ ظن موافق مَٺو يا چڱو ٿو چئي.

سنڌ جي روح جو پهريون زبردست پهلو، يا سنڌ جي روايتن مان پهرين ۽ پڪي روايت مذهب پرستي، نظر ايندي. سنڌ سچ پچ ’باب الاسلام‘ آهي، مگر هڪ انوکي نموني ۾. جيڪڏهن مذهب ۾ ظاهرداري ڏسبي، يعني پوري حساب ڪتاب سان زڪوات جو گڏ ڪرڻ ۽ ڏيڻ، عرس شريف ملهائڻ، خير خيرات ڪرڻ، پلاهن جون ديڳيون لاهڻ، لباس ۾ خاص قسم جي پٽڪو ۽ جبو ۽ دستار زيب تن ڪرڻ، مسجدون گهڻيون ٺهرائڻ، ٻانگ صلوات سان شفف، روزن لاءِ خاص اهتمام، سمهن ِ (سماع) جون وجد آور محفلون ڪرائڻ، مولود ۽ مداحون پڙهائڻ، لک صلاتن جا ڪڍائڻ، غريب غربي جي سار سنڀار لهڻ، سواليءَ کي خالي نه موٽائڻ، هوند اڻهوند ۾ شاڪر ۽ صابر رهڻ، پرائي وياءَ جي عزت  ڪرڻ، مسافر کي ماني کارائڻ، آئي جو آڌرڀاءُ ڪرڻ، مهمان نوازي ۽ خوش خلقيءَ ۾ حد کان وڌيڪ پير کڻڻ، موتي فوتيءَ تي پنهنجائپ وارو قدم ڀرڻ، ديندارن جي عزت ڪرڻ، مسلمان ته ڇا، غير مسلمان جي پٿر تي پير ڀرڻ، انهن سان مساڻ تائين ڪانڌي ٿي وڃڻ، ڏياري، هولي، ٿڌڙي، دسهڙي جي تقريبن ۾ پنهنجي  ڀائرن سان ڀاءُ ٿي هلڻ، مذهبي منافرت کان دور رهڻ، ڀائپيءَ جي وهنوار تي قابو رهڻ، ڳوٺ جي هٽ واڻئي کي ’مهتو‘ سڏڻ،  ان کي گهرن ۾ وکر  ۽ سودي پهچائڻ لاءِ عام اجازت ڏيڻ، ’مهتي‘ کي پنهنجن عزيزن وانگر سنڀالڻ، انهن جي مذهبي جاين ٽڪاڻن ۽ مساڻن جي بيحرمتي نه ڪرڻ، فقيرن ۽ اوليائن جي ميلن ۾ هندن کي پنهنجو هم مشرب قرار ڏيڻ، بزرگن جي مريد هجڻ جي سلسلي ۾ هندو ۽ مسلم جو ڪو ڀيد ڀاءُ نه ڪرڻ وغيره اهڙا آثار آهن، جن  مان سنڌي مسلمان جي وسيع نگاهه جي  خبر  پوي ٿي، ۽ ’مذهب‘ جي صحيح رنگ ۽ ڍنگ جي پوري تصوير اڳيان اچي ٿي. سنڌ ۾ هزارين نه پر لکين اولياء ۽ علماء، محدث ۽ مفسر، صوفي ۽ عارف پيدا ٿيا، پر ڪنهن به نبوت جي دعويٰ نه ڪئي. رڳو لواريءَ جي حج جي ڪن رسمن ريتن ۾ شبهو ٿي پيو ته احتياطاً ان کي به قبول نه ڪيو ويو. ان جي مقابلي ۾، ٻين هنڌن تي، ’نبيءُ ‘ ته ڇا خود ماڻهن الله به سڏايو هوندو.

اخوت  ۽ مساوات، مذهبي  شعائر جي تقدس ۽ احترام جي اها حد، جو ڪنهن سنڌي لشڪر، مسلمانن جي لشڪرن تي، انگريزن جي همايت تي بندوقون ڪونه  ڇوڙيون آهن.اسلام سان محبت ۽ وابستگيءَ جي اها حالت جو ڪوبه سنڌي مسلمان، نه ڪنهن  مسيحي مشنريءَ جي ور چڙهيو آهي ۽ نه ڪٿ هندو سنگهٽين جي هٿ تي ڦريو هوندو، انگريزن جي دور جون شهادتون موجود آهن، ۽ مشنريز جون رپورٽون موجود آهن ته ’سنڌ ۾ ڪو به مسيحي نه ٿيو آهي؛ ۽ نڪو آريه ڌرم ئي ڪنهن قبول  ڪيو. اٽلندو، وڏا وڏا فيل، مڙس، ڪرپالاڻي جي ڀاءُ شيخ عبدالرحيم جهڙا ديندار، نه فقط پاڻ مسلمان ٿيا، پر ان سان گڏ هزارن کي شيخ  بنائي دم کنيائون.

سنڌ جي مذهب پرستي، رندانه طريقي جهڙي پڪي، پختي، سچي ثابت ٿي آهي. خدا جو خوف، رسول جو احترام، ڪربلا پاڪ جي حرمت، انسانذات سان همهه گير همدردي، غيرمذهبن لاءِ رواداري، سام جهليندڙ، نياڻيءَ سياڻي جي آبرو، رکندڙ، پناهه ۾ آيل کي پناهه ڏيندڙ، نرم دلي ڪري جلدي معافي ڏيندڙ، غيرت ۽ حرّيت وارا،- اهي ۽ ان جهڙا سوين آثار، سنڌ جي مذهب پرستي ۾ نمايان نظر ايندا.

مختصر لفظن ۾، سنڌ جو روح مجسّم ”شاهه عبدالطيف“ کي ڏسڻ گهرجي. جو پڻ ’ديده ورن‘ ۽ شاعرن جو به ’شاهه هو. جنهن جو مشرب ۽ مذهب، هندن ۽ مسلمانن جو گويا مشترڪ ورثو آهي. ان طرح سنڌ جون ٻيون درگاهون ۽ خانقاهون، سچل بادشاهه، ٻڍڙو فقير، روحل فقير، ’ڪنڊڙي ۾ ڪلتار ڏٺو سون‘ راڻيپور جا پير، مخدوم  نوح رحه، شاهه عنايت شهيد جهوڪ وارو، لواريءَ جا بزرگ، قلندر شهباز، منگهو پير، بهرحال سڀني پيرن ۽ فقيرن تي هندن ۽ مسلمانن جو هڪجهڙو عقيدت جو رستو ۽ رشتو معلوم ٿيندو.

 وڏن ڏينهن تي، پر جمع تي لازمي طور، مسجدن ۾ هندن جون وڏڙيون، پنهنجي هٿ سان وڃي تيل وٽ وجهي، ڏيئو روشن ڪنديون هيون، مسجد کان لنگهندا ته مسجد کي نوڙي سلام ڪندا، پير جي قبر تي ويندا ته ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهندا، راڳ رنگ، ڀڳت يا بحراڻو هوندو ته شاهه ۽ سچل جون ڪافيون ڳائيندا.

هندو، مسلمان پيرن تي باسون باسيندا، ۽ پڙ چاڙهيندا، عيد رات تي اڻڄاڻ مسلمان، عيد برات مشعالو، ڪافر جو منهن ڪارو، چوندا ته ٻڌي پيا کـِلندا، ڏياري جون مٺايون ۽ ٿڌڙيءَ جا مٺا لولا هندو، مسلمانن جي گهر موڪليندا ته عيد ماني مسلمان، هندن ڏانهن اماڻيندا. دل جا نرم سادا سودا، مڪر ۽ فريب کان ڪوهين دور، مذهبي ڪمن ۾ تيز، منزلگاهه جو معاملو ان جو شاهد آهي، هوڏهون مسجد شهيد گنج جو قضيو، آخر تائين گردواره ٿي رهيو.

هت مندرن ۽ ٽڪاڻن ۾ جي خيراتون ۽ ڀڳتون ٿيون ته اتي سڀ گڏجي کائيندا ۽ ٻڌندا، ٻئي طرف مسلمانن جو جلسو جلوس، وعظ نصيحت، عرس ۽ ميڙو ٿيو ته اتي به گڏ نظر ايندا. هندو چون راجا ڀرتري ۽ اڏيرو لعل ته مسلمان چون قلندر شهباز شيخ طاهر، ته به ڪار، نه جهيڙ نه جهٽو، نه اختلاف نه مقابلو.

سنڌ جي ولين ۽ درويشن جي ڪرامتن ۽ سيرت لکڻ وارا هندو ججها. شاهه ۽ سچل، ته ٿيا ناليرا، پر ٻيا اولياء، قلندر شهباز مخدوم نوح، شاهه عنايت شهيد، شاهه ڪريم، لواريءَ جا لال، هندن پنهنجي قلم سان اجاريا. دستگير پيران پير جي يارهين جهڙيءَ طرح مسلمان ڪن اهڙي  هندو، محرم ۾ تعزين تي ڏونگهين، ڏوڪڙن، مصرين، پتاشن جا ڍير لڳائي ڇڏين، تعزين جي عزت ڪن، پنهنجا ننڍڙا ٻارڙا، تعزين جي هيٺان لنگهائين، ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهي، تعزين کي سجدا ڪن، مسجد جي چانئلٺ تي يا مزار جي  چانئٺ تي سر رکڻ هندن جو شيوو هو. گويا سنڌ ۾ اسلام ۽ هندو ويدانت فلاسافي جو سنگم، هڪ آفاقي اثر هو. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي هندوءَ کي هندستان ۾ اڄ به ڄڻ اڌ مسلمان پيا ڪوٺين!

سنڌ ۾ مذهب جي علم ۽ تعليم فقہ ۽ حديث،  تصوف ۽ تفسير جا جيڪي عالم ٿيا، اِهي امام به هئا. ابومعشر سنڌي، امام اوزاعي، شيخ رحمت الله بکري، شيخ ابو الحسن ڪبير، شيخ ابوالحسن صغير، شيخ حيات سنڌي (امام الرحمين)، محدث عابد سنڌي، علامه معين ٺٽوي، مخدوم هاشم ٺٽوي، ابوالقاسم نقشبندي، پنهنجي  دور جا امام هئا. پوئين دور ۾ مولانا عبدالواحد سيوستاني، (صاحب بياض واحدي) بزرگ همايوني، مولانا غلام صديق شهداد ڪوٽي بزرگ امروٽي، مخدوم بصرالدين سيوهاڻي، خواجه حسن جان سرهندي، مولانا غلام محمد اشرف سوڍروي، مفتي محمد شفيع سوڍاري وارو، مولانا الاهي بخش ٻانهو لاکير، بزرگ محمود صاحب ٻوڙن لاکيرن وارو، مولانا  عبدالڪريم صاحب ديروي ميهر وارو مولانا حمادالله هاليجوي، مولانا محمد هاشم سومرو ٺٽوي، علم ۽ عرفان جا ڏيا هئا. جن جا هزارين شاگرد ۽  مريد اڄ به فيض رسان آهن. انهن جي تصنيفات جو پايه بلند، انهن مان هر هڪ ٿانوي ۽ بريلوي بزرگن جي مٽ هو،  سندن مسلڪ، اختلافن کان الڳ، اعتدال وارا، منجهن نه نورو بشر جو جڳهڙو نه استمداد لغير الله تي جهيڙو ديوبند ۽ بريلويه خيالات کان صاف، سندن رستو وچٿرو، نه ڪو اجايو غلوّ نه ڪو افراط نه ڪا تفريط. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي بزرگن ۾ اختلاف گهٽ  رهيا، اهي اختلاف ٿورو زمانو ٿيو ته ٻاهران آيا آهن.

سنڌ جي عالمن ۽ فقهين، محدثن ۽ مفسرن جو اهو حال جو سنڌ جي عالمن مان اهڙا به پيدا ٿيا آهن.  جي پنهنجي جاءِ تي غزالي ۽ رازي، شاهه ولي الله ۽ ابن جوزي هئا. اها به تاريخي حقيقت آهي ته امام الحرمين، جو منصب سنڌي عالمن کان شروع ٿيو. محدث حيات سنڌي، ۽ محدث عابد سنڌي پهريان امام الحرمين آهن، جن کي دنيا ئي اسلام، مڪه ۽ مدينه جي ٻنهين حرمن ۾ امامت تي فائز تسليم ڪيو.

اها به هڪ حقيقت آهي ته قرآن پاڪ جو پهريون ترجمو به سنڌ ۾ ٿيو. ان طرح امام زين العابدين رضي الله عنه ۽ اهل سنتہ جماعت جي وڏي فقيهه ۽ امام حنيفه جون مائون به سنڌي نزاد هيون، اهو مسئلو اڄ تائين عالمن ۽ مورخن لاءِ قابل توجهه رهندو آيو آهي. ڪعبہ ۾ اڳ مردن ۽ عورتن جو گڏيل طواف ٿيندو هو. اها به هڪ سنڌي عالم جي اجتهاذ سان وابسته حقيقت آهي، جنهن جي ارشاد ۽ امر تي عورتن ۽ مردن جون جماعتون جدا جدا طواف ڪن ٿيون.

ان حقيقت کان ڪير اڻواقف  هوندو ته انگريزن جي خلاف  پيدا ٿيل جدوجهد ۽  خلافت تحريڪ جي پيدايش اول اول سنڌ ۾ ٿي. سڀ کان اول مولانا محمد علي ۽ شوڪت علي جي موجدگيءَ ۾، هومسٽيڊهال حيدرآباد ۾ هڪ ڪانفرنس ٿي، ان ۾ علامه سيد اسد الله شاهه ٽکڙائيءَ، پٽڪو لاهي ماتم ڪيو، ۽ زور ڏنو ته هندستان ۾ خلافت تحريڪ شروع ڪرڻ گهرجي. ان کان مولانا محمد علي ۽ شوڪت علي ڏاڍا متاثر ٿيا، آخرڪار اها تحريڪ پيدا ٿي ۽ پوري دنيائي اسلام جي سڀني تحريڪن کان زياده تيز ۽ فعال رهي.

’قطع تعلقات ڪريو‘، جا لفظ سنڌ جي هڪ ٻئي عالم ۽ مجاهد، مولانا امروٽيءَ جي زبان مان دهلي ڪانفرنس ۾ نڪتا، انهن لفظن کي مهاتما  گانڌيءَ ’نان ڪو آپريشن‘ جي حيثيت سان قبول ڪيو.

انگريزن جي خلاف پيدا ڪيل ’هلچل خلافت‘ جي حڪم تي مهاجرن جو پهريون دستو مرحوم جان محمد جوڻيجي وڪيل جي زير ڪمان، افغانستان پهتو.

’هلال احمر تحريڪ‘ ۽  ان جي سلسلي ۾ پهريون امدادي فنڊ، هندستان ۾ اول اول سنڌ ۾ پيدا ٿيو، مرحوم بلبل، سر عبدالله هارون جي مدد ڪئي، ۽ پنهنجي شعرن ۾ چيو، ’اجهي هي سر، اجهي هي گهر، اجها هيءَ زر، اجهي زيور!‘

هزار کن سالن کان سنڌي حجاج کي، عرب سڳورا، ’شريف‘ سڏيندا اچن ٿا. انهن جي مقابلي ۾ باقي قومن تي ڪونه ڪو لقب لڳل آهي، جئن ’بنگالي جنجالي.‘

مذهبي رواداري ۽ ڀائپيءَ جو ان کان وڌيڪ عمدو مثال ٿي سگهي ٿو، ته ٻين جي ڀلي خاطر ڪس کائڻ ۽ پنهنجو نقصان ڪري وجهڻ، حتيٰ ڪ خواهه مخواه دشمنيءَ جو شڪار به ماڻهو ٿئي ته به پرواهه نه آهي. ان سلسلي ۾ مرحوم غلام محمد ڀرڳڙي، حڪيم فتح محمد سيوستاني، مخدوم غلام حيدر صاحب هالائي، مرحوم شهيد الله بخش سومرو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، ميران محمد شاهه جا مثال موجود آهن. جن پنهنجا نقصان برداشت ڪيا ۽ وقت سر مسلمانن جي عزت کي بچائي ورتو.

ان مساوات جي سلسلي ۾، هنر ۽ واپار تائين ٻين جي حوالي ڪرڻ وڏي فراخدلي آهي. سڄو ڊکاڻڪو ڪم، فرنيچر سازي سکن ۽ خالصن جي حوالي، عمارت سازي، ڪڇين ۽ مارواڙين جي حوالي ڪرڻ کان به سنڌي پوئتي نه هٽيا، حتيٰ ڪ پنجاهه سٺ سيڪڙو زمينون به ٻين جي حوالي ڪرڻ تائين نه گٿا. انهن مان جي اُگرا نتيجا نڪتا، تن جي رد عمل ۾ جي. ايم. سيد، ”هندن سان بائڪاٽ“ جي تحريڪ شروع ڪئي، جا اڳتي هلي، هڪ سياسي ۽ اهم نعري ۾ بدلجي وئي، ۽ ملڪ جي قومي تنظيم ۽ سياسي تنظيم ۽ تقسيم تائين پهتي ۽ پاڪستان جو پهريون ٺهراءُ سنڌ اسيمبليءَ ۾ بحال ٿيو.

ان طرح تعليم ۽ فن جي معاملي ۾ به مسلمانن، پنهنجن هندن ڀائرن کي ڇڙواڳ ڇڏيو. انهن جي مقابلي لاءِ نه، پر انهن سان گڏ رهڻ ۽ هلي سگهڻ، سانگي لاڙڪاڻه، هالا ميرپورخاص، ميهڙ، ٽنڊي باگي ۽ ڀريا وغيره ۾ مسلم هاءِ اسڪول کليا.

ڪي مبصر چوندا ته سنڌي مسلمانن جي اها فراخدلي، سندن سياسي غلطي آهي، مگر منهنجي ذاتي راءِ ۾ اهي سنڌ جي رواداريءَ ۽ نرم دليءَ جا ڪرشما هئا.

سنڌ جا ملڪي اڳواڻ، هميشه پنهنجي مخلصانه ۽ سادگي پسند اصولن جي ڪري، تڪليفون ۽ مشڪلاتون ڏسندا رهيا، بمبئي کان علحدگيءَ کان وٺي، قيام پاڪستان تائين، سنڌ جا برک اڳوان، کهڙو، جي. ايم سيد، عبدالله هارون، آغا غلام نبي، الله بخش سومرو، پير الاهي بخش، علي محمد راشدي، مير غلام علي، ميران محمد شاهه، قاضي فضل الله، سر غلام حسين، پيرزادو عبدالستار، شيخ عبدالمجيد سنڌي، وزارتن ۽ منصبن تان هٽندا به رهيا، پر پنهنجي نصب العين تان ڪين هٽيا. ۽ ملڪ جي سالميت، ۽ پنهنجي صوبه جي خدمت جي سلسلي ۾ ڪڏهن به پوئتي نه هٽيا. اهائي ته سنڌ آهي، جنهن ۾ آغا خان ڄائو ۽ قائداعظم پيدا ٿيو، اهڙيون بين الاقوامي شهرت يافته هستيون، مشڪل سان ڪٿي پيدا ٿيون هونديون!

سنڌ جي سر زمين جي جذب جو اهو حال آهي جو پنجاب، جو هڪ سک، مسلمان ٿيو، ۽ عبيدالله سنڌيءَ جي نالي سان ’امام الانقلاب‘ بنيو، ۽ روس،  ترڪي، عرب ۽ افغانستان ۽ متحده هندستان ۾ هڪ وڏو ليڊر تسلم ڪيو ويو، ۽ هميشه پاڻ کي ’عبيدالله سنڌي‘ سڏائيندو رهيو. ۽ هميشه ٻڌائيندو رهيو ته ’سنڌ هڪ عليحده تهذيب و تمدن آهي،‘ ’سنڌ‘ هندستان جو استاد آهي‘، ’سنڌيءَ جو دماغ، ملڪ جي رهبري ڪري سگهي ٿو‘، ’سنڌي زبان وڏي سرمايه دار زبان آهي‘، ’سنڌ جو شاهه لطيف، هن ملڪ جو رومي آهي‘ ۽ ’شاهه ولي الله جي فلاسافي لاءِ سنڌ جي سر زمين موزون آهي‘، چنانچه ’سنڌ ساگر جمنا نريدا تحريڪ‘ کي به سنڌ ۾ آندائين ۽ هتي جي برک عالمن مان شيخ عبدالمجيد سنڌي، مولانا محمد صادق کڏي وارو، الله بخش سومرو، مولانا وفائي متاثر ڪيائين. انهن ماڻهن جو فڪر، حيرت انگيز نموني ۾ بين الاقوامي سياست ۽ عمرانيات تي حاوي آهي. اهڙو مثال به ٻئي هنڌ نٿو ملي سگهي. اهوئي سبب آهي جو جتي بنگال ۽ پنجاب ۾ مهاجرن کي پير ئي کوڙڻ نه ڏنو ويو، اتي ’سنڌ‘ لکن مهاجرن کي آباد ڪري چڪي آهي. ۽ نووارد ماڻهو، سنڌ جي زمين ۽ ملازمتن تائين قبضو به ڪري ويا، پر سنڌي هر حال ۾ مهمان نوازئي سڏائيندو رهيو، حتيٰ ڪ سنڌيءَ کي گڏهه هڪليندڙ به چيو ويو؟

سنڌ ۾ پـِن جو وڌندڙ مرض به ان ڪري کپ کوڙيو ويٺو آهي، جو ماڻهو، سواليءَ کي خالي ڇڏڻ ائين ٿا سمجهن، جئن پاڻ گويا خدا  جي بارگاه مان تهي دست ورن گويا آخرت جي ستر کي دنيا جي ڏهن تي قربان ڪرڻ، گوارا نٿا ڪن هو هر صدا ڪندڙ ۾ صدائي آسمان، ڏسن ٿا، ۽ لوئيءَ ۾ ’لڪل لعل‘ لهڻ گهرن ٿا.

سنڌي، عميق مذهبي فطرت کان مجبور ٿي، وٺندڙ جي بدران ڏيندڙ، يعني ’ڏن ڀريندڙ‘ بڻجڻ زياده پسند ڪن ٿا، ’ڏنو ٻنو‘، آهي، چئي ڪجهه نه ڪجهه ڏئي ڇڏيندا. جوڳي، مرلين وارو آيو، يا تعويذ لکندڙ ملا پهتو، ڪو ميراسي، ڪارو پڳڙ ٻڌي نازل ٿيو، يا ڪو مڪراني ’يا شيخ، ’انا غريب‘ انا مسڪين‘، چئي اچي نڪتو عربي منديل مٿي تي ويڙهي، اچي غلط سلط عربيءَ ۾ ڪجهه ٻٽي لفظ اچاريندو، يا ڪي مڪراني مايون پٿرن کي گهڙي، ريشمي رومالن ۾ ويڙهي، ۽ ’قدم شريف‘ بنائي اينديون، يا لسٻيلي جون عورتون، ’وار مبارڪ‘ جي زيارت کڻي اينديون، ته سنڌي، ان کي ڍَئي ڇڏيندو. موٽائيندو ڪنهن کي به نه-اهوئي ڪارڻ آهي جو پنجاب جا مرثيه گو ۽ ميراسي، سال ۾ هڪ اڌ ڀيرو‘ پير، بنجي اچي پر گهٽ ٿين ٿا، ۽ سال جو  ورءُ سنڌ مان سٽيون وڃي ڳوٺ ۾ خوش گذران ڪن.

خود ساکاڻي فقير، گج گج ڪري، آڱر مان کير جا ڦڙا ٽپڪايا ته رپيو ٻاهر‘ ياد رهي اهو سڀ ڪجهه ڊپ يا بيوقوفيءَ ڪري نه، پر نرم دليءَ عفوءَ عطا جي  جذبي هيٺ رستو اختيار ڪيو وڃي ٿو. سرڪار کان وٺي، مرشد پير، فقير، ملا، مولوي، مسافر تائين، پيا ڌَوَ ڪن. ڏن پٽ ڏيندڙ جي انڪساريءَ آسان مالي قرباني، نسبت وٺندڙ غالب ذهنيت ۽ ڪجهه نه ڪجهه اخلاقي يا روحاني معاوضي ڏيڻ واري زياده چٽيءَ کان؛ سنڌيءَ کي آسان ٿي لڳي. تڏهن ته سنڌ ۾ پن تي ڪنٽرول، وارا بل ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيا.

عفو وارو جذبو مون ورهين جي مشاهدي ۾ مطالعه ڪيو آهي، ڀاڳين جي ڦـِري وڃڻ واريءَ صورت ۾ به عام جام ڏٺو ويو آهي، ۽ ان جي خلاف جهاد ڪرڻ ۾ به آخر ناڪامياب ٿي سر تسليم ڪرڻو پيو اٿم.

 سنڌ جي دوستيءَ تي استاد مرحوم مغفور سيد ظفر الحسن صاحب، جو هڪ زبردست، عالم ۽ فلسفي ٿي گذريو آهي. عجب کائيندي مون کان پڇندو هو ته هي ڇا آهي؟ جو سنڌي پنهنجي دوست جو ملڪي خواهه اخلاقي بدڪرداريءَ ۾ به ساٿ نٿا ڇڏين؟ آءٌ کيس جواب ۾ اهوئي عرض ڪندو هوس ته سنڌين جي دوستي، يو-پي وارن وانگر، اصولن تي يا خيالن تي نه پر ’طبعي ڪشش‘ تي ٿي ٿئي. تنهنڪري دوست جي خامين تي نه پر ’طبعي ڪشش‘ ئي سچي دوستيءَ جو سنگ بنياد آهي، ۽ ان مان ئي وفا شعاري پيدا ٿي سگهندي آهي: پر ان جي مقابلي ۾ ’اصولي دوستيءَ‘ جي پاڙ ٺڪريءَ تي آهي.

سياستدانيءَ ۾ سڀڪو ’سنڌ‘ کي ڏوهه ڏيندو آهي، مگر منهنجي ناچيز راءِ آهي، ته سياستداني به چالاڪيءَ کان  پاڪ هجڻ جي باوجود، محض سالم دل ۽ ذڪي الحس، هجڻ جي برڪت سان، سنڌ جا مسلمان، هر ڪنهن غلط رد عمل کي منهن ڏيندا آيا آهن. هنن هر مخالف چال کي پنهنجي تدبيرن سان پئي مات ڪيو آهي. سنڌ پنهنجو سر سيد احمد، حسن علي آفنديءَ کي سمجهيو ۽ ان جي دست راست مولانا حاليء جو درجو مرحوم ’بلبل‘ کي ڏنو، جنهن ’حاليءَ‘ جي قلم جي جنبشن سان، ’سنڌ‘ جي سر سيد جي هر مشڪلات کي حل ڪيو. مرحوم بلبل جي نڪته آفريني ۽ سياسي شعور، جو داد ته  نواب وقار الملڪ پارن ڏنو. انهن جي گڏيل ڪوششن سان سنڌ ۾ ذهني سجاڳي  آئي. انهن جي طفيل، سندن پسماندن ۾، سر عبدالله هارون، سرشاهنواز خان ڀٽو، سر غلام حسين، مير ايوب خان، قادر داد خان، سردار محمد يعقوب، خان بهادر محمد ابراهيم وزير، الهندو شاهه، خانبهادر کهڙو، ميران محمد شاهه، علي محمد راشدي، جي. ايم. سيد شيخ عبدالمجيد سنڌي، مخدوم غلام حيدر، پير الاهي بخش، الله  بخش سومرو، پيرزاده عبدالستار، مولانا وفائي، قاضي فضل الله پارا ماڻهو پيدا ٿيا. جن ’سنڌ‘ جي وڏي خدمت ڪئي، البته پنهنجي سنڌي هجڻ واري مخلصانه ساده دليءَ فراخ دلي ڪري ڪجهه ٻين جا آله ڪار بنيا ته ڪي پنهنجي پاڻ لاءِ ۽ ملڪ لاءِ هاڃيڪار ڪم ڪري ويٺا.

دهليءَ جي غدر کان وٺي، هندن جو سياسي پروگرام اهو پئي نظر آيو ته انگريزن کي هندستان مان تڙي ڪڍڻ ۽ مسلمانن کي پنهنجي اندر مدغم ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻو پوندو. ان پروگرام  جو ٿورو گهڻو حصو، مها سڀا ۽ آريه سماج جي رنگ ۾ آيو، ان ريت، ’سنڌ‘ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ تي اِٽَ هڻي بيٺا، ته سنڌ جدا نه ٿئي. متان سنڌ جي مسلم اڪثريت، ڪو نئون رنگ نه پيدا ڪري، اهي سندن خام خيال اڳتي هلي خود غلط ثابت ٿيا.

سنڌ جي ليڊرن، سنڌ کي جدا ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي، سنڌ مان کهڙو، انگلنڊ پهتو، اتي جناح صاحب ۽ آغا خان به مدد ڪئي، هندن جي وفد هار کاڌي ۽ سنڌ جي آزادي بحال ٿي. پر هندن  جي هڪ گروهه بروقت سياسي خبرداريءَ کان ڪم  ورتو، ۽ ان آزاديءَ واري جهاد ۾ مسلمانن جو ساٿ ڏنو، ان جي مخالفت ۾ ٻيو گروهه اهڙو پيدا ٿيو، جن سکر ۾ ميڙ ڪوٺائي، پڌري پَٽ مخالفت ڪئي.

جيڪو گروهه مسلمانن سان گڏيو، تنهن هر چند راءِ جي اڳواڻيءَ هيٺ، وري سنڌي مسلمانن جي ذهني غلاميءَ لاءِ ’هوم رول‘ تحريڪ شروع ڪئي. مسٽر غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ، هن تحريڪ ۾ زور شور سان حصو ورتو. انهن جي جواب ۾، سر غلام حسين پاران لٺ کنئي ’هوم رول‘ جي مخالفت ۾ مرحوم شمس الدين ’بلبل‘ مقالا لکيا، طنزيه ۽ مزاحيه انداز ۾ شعر چيا، ۽ ڪتاب ۽ پمفليٽ ڪڍي، سنڌي مسلمانن کي سجاڳ ڪيو. اهڙيءَ طرح هندستان ۾ به ’هوم رول‘ لاءِ چيو ويو. ”نه لينگي بهشت بهي هم هوم رول ڪي بدلي!“

ان طرح جي بصيرت افروز ڪمن، هڪ خاص سياسي شعور پيدا ڪيو، ۽ هندو ڀائرن ۾ خاص طرح سان نهچل داس وزيراڻي جي مهاسڀائي پاليسي ۽ ڪن هندو ليڊرن جي ارهه زورائيءَ ۽ اٻهرائيءَ جي مقابلي ۾ کهڙو  ۽ غلام حسين، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ علي محمد راشديءَ ميران محمد شاهه، جي. ايم. سيد ۽ الهه  بخش سومرو، سر عبدالله هارون ۽ پير الاهي بخش پارا، پنهنجي پنهنجي بصيرت آهر، لڙندا رهيا. ڪرندا رهيا، وڙهندا رهيا ۽ وڌندا رهيا، غلطيون ڪري تلافيون ڪندا رهيا، ۽ تلافيون ڪندي، غلطيون ڪندا آيا، آخرڪار ان ڪشمڪش ۾ ’نهچل پارٽيءَ‘ ان دور ۾ سخت شڪست کاڌي. سنڌي مسلمانن جي سياسي بصيرت آڏو مولانا آزاد ۽ پٽيل  به ڪجهه ڪڇي نه سگهيو. مرحوم الله بخش سومري جي تيز نظر، ان دور جي هندو مسلم تعلقات کي اعتدال تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس خلاف مذهبي رنگ ۾ منزلگاهه جو مسئلو جي-ايم سيد جي سربراهيءَ ۾ پيدا ٿيو. ڇڪتاڻ وڌي، ڇا لاءِ ته ڊاڪٽر مونجي مشهور ڪٽر مهاسڀائيءَ، سکر ۾ تلوار هٿ ۾ کڻي مسلمانن کي للڪاريو هو، مسلمانن لٺ  جو لٺ سان ۽ پٿر جو پٿر سان جواب ڏنو. پنهنجي هٿن سا، ٻنهي ڀائرن هڪٻئي جو خون هاريو ۽ ان طرح سنڌيءَ جي وسيع ذهنيت ۽ صوفيانه رنگ ۾ ڪٽر پيدا ٿيو، جنهن هندو مسلم علحدگيءَ جو رنگ ورتو، ۽ ملڪ ورهائجي ويو.

سنڌي مسلمان جي ذهني غلاميءَ جو خوف نه رڳو هندن جي طرفان هو، پر انگريزي تهذيب به ’نيٽو نيچري‘ تحريڪ سان، ٻئي طرف کان حملو ڪيو هو. هن قسم جي مغربي اثر کي اول اول شمس الدين ’بلبل‘ تاڙي ورتو، سنڌين جي دل ۽ دماغ جي مائوف ٿيڻ کي برداشت نه ڪري سگهيو، نه ڪو ٻاهرين تراش خراش کي ڏسي مرعوب ٿيو. پنهنجي مزاحيه ۽ ظرافت آميز انداز ۾ اهڙن ماڻهن جا خوب ڇوڏا لاٿائين:

”گهر کان نڪتا، نيٽو نيچر تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا!“

ان طرح ’نيچرل ڪريما‘ ۽ ٻين مزاحيه شعرن، نشتر جو ڪم ڪيو،۽ سنڌي مسلمان جي دماغ مان واءُ ڪڍي، ڇڏيو. ان دور ۾ مرحوم ’بلبل‘ ڪجهه ڪتاب لکيا ’تيرهن ڄار‘ ’مڪرن جا مار‘ ’صد پند سود مند‘، ’انگريز ۽ مسلمان‘، ’مسلمان ۽ تعليم‘، ’جام، جم‘، ’عقل ۽ تهذيب‘. انهن ڪتابن، سنڌي مسلمان جي ذهن کي هر قسم جي حوصله شڪن احساس کان بچايو.

جام جم ۾ مرحوم بلبل پنهنجي پارٽيءَ جو پروگرام هن طرح بيان ڪيو آهي:

”مسلمان، هندن سان شامل ٿي، سندن پيدا ڪيل سڌارن ۾ ڪو حصو نه وٺندا،مگر هو جدا رهي پنهنجي سوچ ويچار جون طلبون، حڪومت اڳيان پيش ڪندا،جئن جو هندوستان، انگريزن مسلمانن کان فتح ڪيو هو، تنهنڪري اهو ڇڏڻ تي وري موٽائي به مسلمانن کي ڏين.“

هي نظريو ۽ حل، جناح صاحب ۽ علامه اقبال کان گهڻو اڳ پيدا ٿيو، ان جي پيدا ڪرڻ جي جوابداري، هندو مسلم  فساد ۽  ناگزير ۽ تڪليف ده روش تي آهي. جا آهسته آهسته ايتري وڌي جو خلافت،ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي باهمي ڪشمڪش سان، پوري وطن ۾ باهه ڏئي وڃي مٿي چڙهي، ۽ لامحاله جي، ايم. سيّد جهڙي برک سنڌي صوفي مزاج ماڻهوءَ سرحد پنجاب ۽ بنگال کان سرسي ڪري، سنڌ اسيمبليءَ ۾ ’پاڪستان‘ جو ٺهراءُ پاس ڪري، جناح صاحب کي لنڊن ڏانهن مبارڪباديءَ جي تارڪرائي، حالانڪ ٻين مسلم صوبن ۾ پاڪستان متعلق نظرياتي طور ڪوبه ٺهراءُ پاس نه ٿي سگهيو!

 اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن، سنڌ جا مخلص ۽ ساده دل سربراهه هر قدم تي قربانيون ڏيندا اچن، هر ’محاذ‘ تي ڪم ڪندا اچن، ڪرندا به اچن ته اٿندا به اچن، پنهنجن ۽ پراون جي باهمي رقابت، آخرڪار سندن ذهن ۽ جذبات کي به بدلائي ڇڏيو آهي. ’سنڌين‘ سڀڪجهه وڃائي ته ڇڏيو، پر تلافيءَ لاءِ ڪوشش به پيا ڪن- ظاهر ۾ ته  ڪابه تلافيءَ جي صورت نظر نٿي اچي ۽ نڪو علمي ۽ ادبي، ثقافتي ۽ ملڪي نموني ۾ ’ آواز‘ رهيو آهي. هڪ اڌ ’آواز‘ آهي، پر اهو آهي بجليءَ جو چمڪاٽ.

”اگر مانند، شب مانند، شبسي ديگر نه مي مانند“،

پر ’نااميدي‘ ته ڪا ڳالهه ئي ڪانهين‘

سنڌين جي غيور سپوت، حر تحريڪ به هلائي، منزلگاهه به ملهائين، لواريءَ جو مسئلو به کٽيو، خلافت ۾ به پاڻ ملهايو، ڪانگريس ۽ ليگ ۾ سرفراز رهيو، خاڪسار تحريڪ ۾ به خاڪسار ٿيو، ’هوم رول‘ ۽ نيٽو نيچري‘ مان به نڪتو، غلط سلط اڳواڻن کي آزمائيندو به آيو، چڱن سان به رهايائين، مَدَن سان به گذاريائين، پر سندس هڙ اهائي خالي رهي. تاريخ پئي لکجي، دور پيا بدلجن، قومون ڪڏهن هيٺ ته ڪڏهن مٿي، وارا ڄمارا، آهن.

سنڌين جي سادگيءَ جي حد آهي، ٻولي وئي، درسي ڪتابن جي عمر مقرر ٿي، پر مڙسي ڪري موٽائي وڌائون. براج نڪتا، پاڻيءَ جا درياءَ اٿلي پيا، سندن سادگيءَ ۽ بي محنتيءَ جي ڪري سندن ٻنيون ٻارا اهي ئي ويران، نه آبادي رهي نه آزادي.

دل بهي گروي غير هئي، جان بهي گروي غير،

’دل ۽ جان‘ ڇا ’زمين ۽ آسمان‘ به سندن گرويءَ ۾ رکيل آهي، ’براج‘ غلام محمد براج ٿيو، پر ’لطيف براج‘ نه بنيو، ته به چپ، شايد: ”وجهي منهن مونن ۾ غربت ساڻ گذار!“

تي پيا عمل ڪن،_پر ’شاهه‘ جي ٻئي اشاري ڏي ڪن نه ٿا ڪن، چي:

”مفتي منجهه وهار ته قاضيءَ ڪاڻيارو نه ٿئين!“

اندر جي ’مفتي‘ کان ڪا فتويٰ پڇڻ گهرجي.

دوست، دشمن پيا ملامت ڪن، ته سنڌي قوم ۾ حال ڪونهي، مهمان نوازيءَ ۾، اگر تگر لٽائي ويهي رهي، پر اهي نٿا ڄاڻن ته هي برڪتي ڀنڊار ڪو کٽڻ جو آهي؟...’ رٻ اوتري جي اوتري‘ آهي. ڪابه ڪمي نه ايندي.

”وجهي منهن مونن ۾ غربت سان گذار“ چئي جو طعنو هنيون وڃي ٿو، اهو ته اکين تي، پر ساڳي ’شاهه‘ ائين ڪونه چيو آهي:

”هڻ ڀلا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار!“

خدا ڪري ته هيءَ قوم جاڳي، پنهنجي وطن عزيز لاءِ اڃا به وڌيڪ قرباني ڏئي، پنهنجو ’ملهه مهانگو‘ سمجهي، ”سڪڻ ۽ شهادت“ کي ’راند‘ ڄاڻي، پنهنجون وڃايل وَٿون ورائي.

”ايءُ نه مارُن ِ رِيت ِ، جهه سيڻ مٽائن سون سين“

۽ وطن لاءِ وک وڌائي:

”وطن جن وساريو، حيف تنين کي هوءِ.“

-شاهه

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com