سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1964ع

مضمون

صفحو :7

 

غ. م. گرامي

سنڌي ليٿو گراف

سنڌي رسم الخط ۽ اسلوب بيان جي ارتقا تي هڪ نظر

(پهرين سنڌي اخبار، ”مطلع خورشيد“، 1860ع، جو هڪ ورق)

سنڌي ٻوليءَ جو موجوده رسم الخط انگريزن جي دور ۾ پيدا ٿيو. ان کان اڳ ديونا گري خط ۾ لکپڙهه ڪئي ويندي هئي، ۽ دفتري زبان فارسي هئي، جا ڪلهوڙن ۽ ميرن جي زماني کان وٺي مروج هئي.

موجوده عربي _ سنڌي لپيءَ ۾ سڀ کان قديم ”ابوالحسن جي سنڌي“ آهي، جنهن ۾ عربي الف_بي جي طرز تي سنڌي الف_ بي بنائي ويئي. ان سلسلي ۾ ”ابوالحسن جي سنڌي“، ”مفتاح الصلوات“، ”عهد نامو“ ۽ ”نورنامو“، ”ڪنزالعبرت“ ۽ ”قصص الانبياءِ“ پارا پراڻا ڪتاب شمار ڪري سگهجن ٿا، جن ۾ اها پراڻي لپي استعمال ڪئي ويئي آهي. اها لپي ان دور ۾ گويا سنڌي ٻوليءَ جي نمائنده ۽ ڪارائتي لپي سمجهي پئي ويئي آهي ان دور جي پراڻن ڇاپخانن ۾ جي به ليٿو جا ڪتاب ڇپيا آهن، سي ان ئي لپيءَ ۾ ڇپيا آهن. اها لپي ئي آهي، جا بتدريج ترقي ڪري موجوده ”ٽائپ“ تي پهتي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ سان گڏ، انداز بيان ۽ ان جي صرفي ۽ نحوي حيثيت ۾ به ڪافي ترقي ۽ اضافو ٿيو آهي، ورنه اڄ کان صدي کن اڳ نه ٻوليءَ ۾ صحت هئي ۽ نه وري صرفي ۽ نحوي حيثيت سان ايتري پختي ۽ برجستي ٻولي لکڻ ۾ ايندي هئي. سنڌي زبان جا ڪيئي پراڻا قصا ۽ ڪهاڻيون، مذهبي ۽ فقهي رسالا، سڀ ان قسم جي پراڻي سنڌيءَ ۽ پراڻيءَ لپيءَ ۾ لکيا ويا آهن.

ٻي اهم چيز هيءَ آهي ته اوائل زماني جا سڀ ڪتاب نظم ۾ لکيا آهن. اهو ”نظم معرى“ ئي چئي سگهجي ٿو. ان ۾ قافيي جي ڪابه پابندي ڪانه رکي ويئي آهي، ۽ فقط ”آ“ جي اضافي سان ئي شعري ضرورتن کي پورو ڪيو ويو آهي. ان طرح، بحر ۽ وزن جي به پابندي گهٽ رکي ويئي آهي. نثر، ظاهر آهي ته نظم کان گهڻو پوءِ لکيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ”سڌاتوري ۽ ڪنڌاتوري جي ڳالهه“ واريءَ لپيءَ، انداز بيان، توڙي صرفي ۽ نحوي حيثيت کي نموني طور پيش ڪري سگهجي ٿو. اها ڳالهه رسالي ”مهراڻ“ جي نمبر 1_1959ع ۾ پرچي ۾ شايع ڪيل آهي، ۽ ان جي قديم طرز کي موجوده جديد انداز بيان سان پڻ ڀيٽ ڪري ڏيکاريو ويو آهي ته اسان جي ٻوليءَ بتدريج ڪيئن ترقي ڪئي آهي.

ان سلسلي ۾، ڪتابي دنيا کان الڳ، صحافت ۾ به اسان کي سنڌي نثر جي رسم الخط ۽ طرز بيان جا ڪيترا جهونا ۽ پراڻا مثال ملي سگهن ٿا، جن جي لغوي ۽ بياني، صرفي ۽ نحوي توڙي علمي ۽ ادبي حيثيت تاريخي به آهي ۽ ڪلاسيڪي به آهي.

رسم الخط ۽ انداز بيان جا اهي پراڻا ۽ جهونا  نمونا اسان جي موجوده رسم الخط ۽ انداز بيان جا اوائلي ۽ بنيادي رسم الخط ۽ انداز بيان سمجهڻ گهرجن. اهي ئي اسان جي زبان لاءِ ”پيڙهه جو پٿر“ ثابت ٿيا آهن؛ موجوده ٻوليءَ جي رنگين ۽ آراسته محلات انهن تي قائم آهي.

سنڌي زبان جي صحافتن جي تاريخ به انگريزن جي دور ۾ شروع ٿي آهي. ان کان اڳ، عربن جي دور ۾، مناديءَ ۽ اعلان، خطبي ۽ تقرير، ۽ عربي زبان ۾ خط و ڪتابت سان ئي پنهنجا خيال ٻين تائين پهچايا ويندا هئا. ان کان پوءِ مسلم راڄ ۾ وقائع نگاريءَ جو فن پيدا ٿيو، جنهن کي صحافت جو بنياد چئي سگهجي ٿو، مغلن جي دور ۾ اهو فن ذري گهٽ اخبارن جي حيثيت وٺي چڪو هو. حڪومت جا اهم اعلان ۽ مراسلا توڙي خبرون چارون، قلمبند ڪرائي، دور دراز منزلن تي آفيسرن ۽ فوج ۾ ورهايا ويندا هئا.

سنڌ ۾ وقائع نگاريءَ جو دور مغل خاندان آندو. سندن گورنر سنڌ جي حالات ۽ واقعات کي روزانه ڊائريءَ وانگر لکائي، بروقت بادشاهه ڏانهن موڪليندا هئا. ان سلسلي ۾ بکر، سيوستان ۽ ٺٽو وقائع نگاريءَ جا مرڪز هئا، جتي مغل سرڪار جا گورنر رهندا هئا.

 ڪلهوڙن جي دور ۾ ٻه وڏا عالم ۽ فاضل، شاعر ۽ ڪاتب نظر اچن ٿا، جي آهن سيد محمد بن عبدالجليل بلگرامي ۽ سيد غلام علي بلگرامي. اهي وقت جي سرڪار پاران وقائع نگار هئا ۽ سيوهڻ سرڪار جا ملازم هئا.

انگريزن جي دور ۾ نه فقط وقائع نگاريءَ جو پراڻو فن به هلندو آيو، پر ان فن ۾ اخبار نويسيءَ ۽ صحافت جا آثار ۽ اصول به ملايائون. انگريزن جي دور ۾ صحافت فقط واقع نگاريءَ نه، پر ان سان گڏ تنقيدي حيثيت به حاصل ڪئي:  واقعات کي بيان ڪرڻ کان پوءِ ان تي تبصرا به ڪيا ويندا هئا ۽ ان جا نتيجا به بيان ڪيا ويندا هئا.(1)[1]

سنڌ ۾ سڀ کان اول جا اخبار شايع ٿي، سا آهي”سنڌين“، جا انگريزي زبان ۾، 1854ع ۾ نڪتي. ان جو ايڊيٽر مسٽر اي. ڊبليو. اسٽرينج هو.

ان کان پوءِ شمس العلماء مرزا مخلص علي جو نام نامي اسم گرامي اچي ٿو، جنهن سنڌ ۾ نه فقط صحافت کي فروغ ڏنو، پر ان سان گڏ سنڌي رسم الخط ۽ سنڌي انداز بيان کي اخبار ۾ پيش ڪيو. ڪتابن کان پوءِ اهو پهريون تجربو آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي رسم الخط کي اخبارن تائين آندو ويو. شمس العلماء مرزا مخلص علي پنهنجي دور جو وڏو عالم  ۽ فاضل. شاعر ۽ اديب هو. سندس تعليمي، صحافتي ۽ ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس شمس العلماء جو خطاب مليو. مرزا صاحب جي فرزند، مرزا محمد جعفر مرحوم، آل انڊيا ايجوڪيشنل ڪانفرنس_1907ع ۾ مولانا حاليءَ ۽ نواب وقار الملڪ پارن سان گڏجي ڪم ڪيو، ۽ سنڌ ۾ تعليم جي فروغ لاءِ بهتر مشورا ڏنائين. سندس عاقلاڻيون تجويزون، ڪانفرنس  جي ڪارگذاريءَ ۾ شايع ٿيل، موجود آهن.

مرزا مخلص علي صاحب اول ڪراچيءَ ۾ ”مفرح القلوب“ نالي مطبع قائم ڪئي، ۽ ان ئي نالي سان فارسيءَ ۾ هفتيوار اخبار، ”مفرح القلوب“، 1855ع ۾ جاري ڪيائين. اها اخبار بلاناغي پورا پنجاهه سال، يعني 1904ع تائين هلي، محمد صديق ”مسافر“ کان غلطي ٿي آهي، جنهن لکيو آهي ته اخبار ٽيهن سالن، 1888ع تائين دهلي (ديوان فاضل).

 

”مطلع خورشيد“ جو اجراءِ (1860ع).

”مفرح القلوب“ جي هلندي 1860ع ۾، شمس العلماء مرزا مخلص عليءَ “مطلع خورشيد“ سکر مان جاري ڪئي. “مطلع خورشيد“، 21_رمضان 1177هه، جلد اول، ۾ لکي ٿو:

”در سکهر نو صرف به همت و تفقدات کثير، چها پخانه لتها کرافک موسومه ”مطلع خورشيد“ جاري گشته، والانه اين مرد مان از نام چها پخانه واقف نه بوند.“

ان دور ۾ ليٿو پريس جي پٿرن جي تلاش ڪندي، مرزا صاحب مرحوم کي بهتر پٿر هٿ آيو، جو ولايت جي پٿر کان به وڌيڪ مضبوط ۽ ڪارآمد هو. ان پٿر جي دستيابيءَ متعلق لکي ٿو:

”کان سنگ چهاپ در کوهستان سکهر نو به سعي مهتمم ”مطلع خورشيد“ سکهر نو برآمد گرديد، کہ ازان منافع قوم وافاده مردم بيوپاري و مطابع تمام هندوستان وغيره بلاد متصور و نيک نامي، علاوه بران کہ  اين سنگ از اول از کوهستان جرمن برآمده کہ سوداگران ولايت لندن آن ران در تمام اقليم هند وغيره آورده ،اکنون بفضل الاهي کان، سنگ چهاپ در سکهر نو موجوده.“

 

29_رمضان، 1177هه، ص 208)

”مطلع خورشيد“ جو ايڊيٽر مرزا محمد شفيع، تخلص به ”مشتري“[2]، مقرر ٿيو. ان اخبار جو مواد ٻن ڪالمن ۾ ورهايل هو. هڪ ڪالم ۾ فارسي عبارت ڏنل آهي، ۽ ان جي سامهون ٻئي ڪالم ۾ سنڌي ترجمو آهي. شمس العلماء مرزا مخلص علي جي علمي ۽ ادبي شخصيت ۽ وجاهت کي  سمجهڻ لاءِ اهو ڪافي آهي ته سندس اخبارن جا خريدار دهلي، ڪلڪتي، حيدرآباد دکن، بلوچستان، ڪابل، قنڌار، تاشقند، بلخ، بخارا، اصفهان، شيراز، طهران، بغداد، بصري، مڪي، مديني، ڪوئيٽا ۽  قلات تائين هڪ طرف موجود هئا، ته ٻئي طرف انگلينڊ، جرمني ۽ فرانس جي مستشرقين تائين ”مفرح القلوب“ ۽ ”مطلع خورشيد“ جي رسائي هئي.

مرزا صاحب جي اخبارن ۾ مبتدي ۽ منتهي مشاهير شعراء کان سواءِ، وڏا وڏا عالم ۽ فاضل، مجتهد، امير، نواب، سفير ۽ واليان رياست تائين، پنهنجا شعر موڪليندا هئا. انهن شاعرن ۾ نواب ڪلب علي، واليءَ رامپور؛ نواب اعظم خان، والي، حيدرآباد دکن؛ لالا جو هر سنگ، ديوان رياست بلرام پور؛ مير حسن خان، سفير ايران؛ آغا حاجي مير حسن خان ”شوڪت“ طهراني؛ مرزا محمد محسن ” شباب“ بغدادي؛ هزهائنس مير حسن علي خان ٽالپر، سنڌ؛ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ؛ رئيس شمس الدين ”بلبل“؛ سيد محمد تقي شاهه ”تائب“ قنڌاري، سفير رياست لسٻيلو؛ خواجه ناصرالدين ”جانان“ ڪابل؛ آخوند قاسم هالائي مير علي نواز علوي شڪارپوري؛ فاضل شاهه “فاضل“ حيدرآبادي؛ غلام محمد شاهه ”گدا“ حيدرآبادي؛ ۽ هزهائنس مير عبدالحسن خان ”سانگي“ جا نالا شمار ٿين ٿا.

شمس العلماءَ مرزا مخلص عليءَ جي اخبارن جي خريدارن ۾ جي مشاهير عالم اچي وڃن ٿا. تن مان ڪجهه هيٺيان آهن: مٿين والين ۽ نوابن ۽ سفيرن کان سواءِ مسقط جو سلطان، قلات جو والي، لسٻيلي جو ڄام، آئوڌ جو نواب واجد علي شاهه، ايران جو شهزادو، اصفهان ۽ شيراز، بصري ۽ بغداد جا گورنر، خيرپور جو  والي مير علي مراد خان جو والد آغا علي شاهه اول، قاضي امام علي صاحب (علامه آءِ. آءِ قاضي مدظلہ العالي، جن جو والد ماجد)، مرزا عباس ”خورشيد “ مخدوم محمد ابراهيم نقشبندي، آخوند اميد علي ”سها“ آخوند احمد متعلوي، خواجه ناصر الدين نقشبندي (ڪابل) وغيره.

ملڪ جي ان وقت جي وڏي عالم، شمس العلماء مولانا محمد حسين ”آزاد“ ۽ فرينچ مستشرق عالم، گارسان دتاسي پارن عالمن پڻ ”مفرح القلوب“ ۽ ”مطلع خورشيد“ جو ذڪر ڪيو آهي، مولانا ”آزاد“ ”سخندان فارس“ ۽ ”سفر نامه ايران“ ۾، ۽ گارسان دتاسي ”خطبات“ جي شمس العلماء مرزا مخلص علي ۽ سندس فرزند مرزا شفيع محمد جي تعريف ڪئي  آهي. “مطلع خورشيد“ جي ترتيب ۽ مواد جي انتخاب ۾ فاضل ايڊيٽر به ڪالم رکيا آهن: هڪ فارسي ۽ ٻيو سنڌي. اهي ٻيئي ڪالم هڪٻئي جي سامهون رکيا ويا. ”مطلع خورشيد“ جو اجراءُ 1860ع ۾ ٿيو، تقريباً 50 سالن تائين اها اخبار جاري رهي.

سنڌي رسم الخط. ”مطلع خورشيد“ جي ملڪن ۽ ايڊيٽرن کي سنڌي رسم الخط جي باري ۾ تڪليف پهتي آهي، اها هنن پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ بيان ڪئي آهي، جڏهن ته ان وقت ڪوبه مقرر رسم الخط ڪونه هو. ڪاتب سڀ فارسيدان هئا، تنهنڪري لامحالا کين به فارسيدان ڪاتبن ڏانهن رجوع ڪرڻو پيو. ان سلسلي ۾ هڪ فيض محمد نالي ڪاتب هٿ ڪيو ويو، جو مير علي مراد ٽالپر، واليء رياست خيرپور جو منشي ۽ ڪاتب رهي چڪو هو.

ڪاتب. فيض محمد ڪاتب شايد پهريون شخص چئجي، جنهن سنڌي ٻوليءَ کي ليٿو ڇپائيءَ لاءِ پنهنجي فن ۽ قلم تائين پهچايو. جڏهن ته هي ڪاتب فارسيدان هو، تنهنڪري سنڌي ٻوليءَ جي اچارن ۽ آوازن کي  فارسي رسم الخط تي لکيائين. ويتر جو ”مطلع خورشيد“ جو هڪ پورو ڪالم فارسي ٻوليءَ ۾ هو، تنهن ته هيڪاري وڌيڪ سندس خط ۾ فاسيت پيدا ڪري ڇڏي.

”مطلع خورشيد“ جي اصل عبارت پيش ڪرڻ کان اڳ، جيستائين سنڌي ٻوليءَ جي جهوني رسم الخط جي تشڪيل ۽ ارتقا صحيح معلومات نه ٿي آهي، تيستائين ”مطلع خورشيد“ جي لساني خدمت جو صحيح اندازو نه لڳي سگهندو. ان سلسلي ۾، مختصر طور، سنڌي رسم الخط جي وضاحت هن طرح ڪجي ٿي.

سنڌي ٻوليءَ جو اوائلي رسم الخط، تشڪيل ۽ ارتقا.

سنڌي  ٻوليءَ جو اوائلي رسم الخط فني حيثيت سان ناقص هو. ٻيو ته هر ڪو شاعر  يا نثر نويس پنهنجيءَ پسند موجب حرفن جي ملاوت ڪندو هو. ساڳيا لفظ مختلف قسم جا مصنف جدا جدا رسم الخط ۾ لکندا هئا، ۽ آوازن جون صورتون به جدا جدا قائم ڪندا هئا. ان طرح، سنڌي صرف ۽ نحو جي نه هجڻ ڪري، عبارتن ۽ جملن جون بناوتون ۽ بندشون به غلط، مبهم، پيچيده ۽ طويل ٿي وينديون هيون. نه ڪو صفت ۽ موصوف، جار ۽ مجرور، ۽ مضاف،  اضافت ۽ مضاف اليہ جو ڪو مقرر اصول هو، ۽ نڪي فعل، فاعل ۽ مفعول لاءِ ئي ڪي قاعدا هئا متشابهه آواز وارن لفظن جي صورتخطي به هڪجهڙي نه هئي. ’ق‘ ۽ ’ڪ‘  ’ص‘ ۽ ’ث‘ ۽ ’س‘، ’ح‘ ۽ ’هه‘ ۽ ’ض‘، ’ظ‘، ’ز‘ ۽ ’ذ‘ وغيره ۾ گهٽ فرق رکيو ويندو هو. حرف صحيح ۽ حرف علت جي فرق ۽ استعمال ڏانهن به ڌيان نه ڏيندا هئا. آوازن جي ناقص استعمال سان، ڪٿي حرف حذف ڪيا ويندا هئا ته ڪٿي وڌايا ويندا هئا. اڪثر طور، اضافي جي جاءِ تي حذف، ۽ حذف جي جاءِ تي اضافو ڪيو ويندو هو. مثال طور، مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌيءَ ۾ آهي:

”منجيا صدق دل جي س مَلَڪ مڙيئي.“

اصل ۾ آهي ”مڃيا“ (۽ نه ”منجيا“). ان طرح ”سين“ کي مخفف ڪري ”س“ ڪيو ويو ۽ هيٺان تنوين (--) ڏني ويئي ان طرح، نه فقط ”ڃ“ جي اچارن لاءِ ”ن“ ۽ ”ج“ مرڪب ڪندا هئا، پر ”ڙ“ جي جاءِ تي ”ر“، ”ڱ“ جي بدران ”گ“، ”يون“ جي بدران ”يوي“ (ي هيٺيان تنوين)، ”ڻ“ جي بدران ”ن“، ”ٽ“ جي بدران ”ڻ“، ”ڌ“ جي بجاءِ ”د“ لکندا هئا. ان طرح، ڪٿي خواهه مخواهه ”ن“ وڌائيندا هئا، ته ڪٿي ”هه“ وڌائيندا هئا، جن جو آواز حرف جي اصلي اچار ۽ تلفظ ۾ نه هوندو هو، انهن سڀني مثالن لاءِ هي ٻه__ٽي جهونا شعر پيش ڪرڻ ڪافي ٿيندا:

کوري آنگريون جيني پير جون قبلي مہ ڪجاه.

(اصل ۾ ٿيندو: کوڙي آڱريون جيئڻي پير جون قبلي منهن ڪجا.)

مورن واڻ لديؤن، پسي کهي پريان.

(اصل ۾ ٿيندو: موڙهن واٽون لڌيون، پسي کي پرياڻ.)

مارو، مرو، پکڻ ، پري، ملڪ مت سڃان.

(ماڻهو، مرون، پکڻ، پري، ملڪ مت سڃاڻ.)

مٿين مثالن ۾ نظر ايندو ته ڪيترا حرف غلط استعمال ڪيا ويا آهن، ڪيترا حذف ڪيا ويا آهن، ته ڪيترا مورڳو وڌايا ويا آهن. اهو سارو نقص رسم الخط جي ناقص هجڻ ڪري پيدا ٿيو هو___ جيئن هتي کوڙي کي کوري، آڱريون کي آنگريون، جيئڻي کي جيني، منهن کي مہ، موڙهن کي مورن، واٽون کي واڻ (اردو واري ”ٽ“) لڌيون کي لدي (ي تي تنوين_) ”کي“ کي کهي، پرياڻ کي پريان، ماڻهوءَ کي مارو، مرونءَ کي مررو، پکڻ کي پکن، سڃاڻ کي سڃان، ڪجا کي ڪجاه ڪيو ويو آهي.

ان طرح سنڌ جي ميرن ۽ پيرن، ۽ خاص طرح سان طبيبن ۽ شاعرن جا بياض فارسيدان ڪاتبن لکندا هئا. اهي ڪاتب ٺيٺ سنڌي لفظن کي به فارسي رسم الخط ۾ لکندا هئا، ۽ فارسيءَ وانگر، نقطا به ڪٿي ڏيندا هئا ته ڪٿي ختم ڪري ڇڏيندا هئا. مثلاً، ثابت علي شاهه جي مرثيي جو هڪ شعر پراڻي بياض موجب هن طرح آهي:

ساتهه رسي سردار قيدي، ڪربلا مظلوم جا

سر کهليا، ماتم کندا، جڏه شام دي رئندا پليا

تهي پچهيو جہ ڪہ که بيوارث آمهن هي ڪه سزا

ان تهي جو، آمهون مديني جا مسافر مبتلا

ان شعر ۾ ”ساٿ“ کي ”ساتهي“، ”کليا“ کي ”کهليا“ ”ڪندا“ کي ”کندا“، ”جڏهن“ کي ”جڏه“، ”ڏ“ کي ”دي“، ”هليا“ کي  ”ٿي“ کي ”تهي“، ”پڇيو“ کي ”پچهيو“، ”جنهن ڪنهن“ کي ”جہ ڪہ“، ”آهن“ کي ”آهن“ ”هي“ کي ”هي“، ڪنهن کي ”ڪہ“، ”آهيون“ کي ”آهيون“ لکيو ويو آهي.

رسم الخط جو اهو تصرف سنڌ جي اوائلي رسم الخط ۾ جام نظر ايندو. ابوالحسن جي سنڌي کان وٺي ”مفتاح الصلوات“، ”عهدنامي“، ”نورنامي“، ”جنگ نامي“، ”قصص الانبياء“ ”بناءَ الا سلام“ ”قوت العاشقين“، ”ذبح الشڪار“ تائين، رسم الخط جو ساڳيو حال نظر ايندو. اهو حال 1854ع کان وٺي سنڌي نثر توڙي نظم جي ڪتابن ۾ به هلندو رهيو. درسي ڪتابن ۾ ”ڪيڏانهن“ کي ڪيڏه“، ”جنهن“ کي ”جہ“، ”اسين“ کي ”اس“ ۽ ”چڱيون“ کي ”چڱي“ درج ڪندا آيا آهن، ان طرح نثر جو رسم الخط به قريب قريب ساڳيو رهندو آيو آهي. خاص طرح سان ليٿو ۾ ڇپيل قصن ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ ديني مسئلن جا ڪتاب، شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جا رسالا، سڀ ان رسم الخط ۾ ڇپيا آهن. بمبئيءَ جي ڪريمي مطبع جا ڪاتب، جي ڪڇي هئا، سي پنهنجي تلفظ موجب سنڌي لکندا هئا. ان طرح لاهور جي ليٿو پريسن، خاص طور ”رفاه عام“ جا ڪاتب پنجابي هئا، جي به سنڌي اچارن کي بگيڙيندا هئا. انهن پريسن جا پراڻا ڇپايل قصا ۽ ديني ڪتاب اهڙين عبارتن سان ڀريا پيا آهن، جن ۾ لفظ به غلط آهن ۽ گرامر جي رعايت به ڪانه آهي. هڪ مذهبي ڪتابن جي عبارت نموني طور پيش ڪجي ٿي:

”سڀني مومنن جي خدمت ۾ روشن هجي ته هن ڪتاب ۾، طريق پيروي پيغمبر ڪريم صلي الله عيله وسلم ۽ اصحابن سڳورن جي حاصل ٿيڻ جو بيان ...، جهجي (جنهن جي) مطالع ڪنا ڪہ پڻ مخالف جي چئڻ (چوڻ) موجب محروم نر هجو، خوبي انجي ڏسڻ پڙڻ (پڙهڻ) مٿي موقوف ناهه، باقي ماڙن (ماڻهن) جي زبان کان ته ڪہ پڻ ڇوٽڪو نه لدو ناهه هن عاجز جي ڪهڙي مجال آهه، مگر هي مضمون محض لوجہ الله لکيو او، جه۾ هر گز ڪو پڻ دنوي غرض نه آهه، پوءِ جيڪو تعمق نظر ساڻ ڏسندو انشاء الله مصداق ٿيندو هن آيہ شريف جو“

(”توضيح التقليد معہ السبيل الرشيد“، 1354هه)

ان طرح ڪتاب ”ترتيب الصلوات“ جو بلڪل آخري ايڊيشن، جو مطبع ڪريمي بمبئيءَ مان 1312هجريءَ ۾ شايع ٿيو آهي، ان جي رسم الخط جو به ساڳيو حال آهي، ان جا چند مثال پيش ڪجن ٿا:

قديم

رسم الخط

جديد

رسم الخط

قديم

رسم الخط

جديد

رسم الخط

جہ

جنهن

اَنڄَان

اڻڄاڻ

قدرتسين

قدرت سان

اُٿيڻ

اٿڻ

نہ

تنهن

ڪہ ڪہ

ڪنهن ڪنهن

ڪہ

ڪنهن

جهکي

جنهن کي

ڪروڙي

ڪروڙين

تَنس

تن سين

رحمتءَ

رحمتون

چوئي

چوي

جيءَ

جون

ونَڄي

وڃي

ڪرهو

ڪريو

اگهاز

اگهاڙ

هي

هِي

دينہ

ڏينهن

منجها

منجهان

دني

ڏنيون

جاڻيجاءِ

ڄاڻجانءِ

اندوس

آندوسون

جڪاه

ڪجانءِ

چنڱِي

چڱيءَ

ههڙو

ههڙو

ڀانچان

ڀاڱا

ه۾ شاه

هميشه

پُنڄاڻان

پڄاڻان

پريو

پڙهيو

ماري

ماڙي

جيڪي

جيڪي

ٿورري

ٿورڙي

سکيجا

سکجانءِ

پنجہ

پنجويهه

سڀڪہ

سڀڪنهن

پُٽرو

پٽڙو

چوگا

چوکا

لنگرئي

لنگڙي

ڃاڻ

ڄاڻ

ٻن

ٻنهي

سنجاڻ

سڃاڻ

مهجا

منهنجا

سنديءَ

سنديون

انکي

اوهان کي

ستره

سترهن

ونجبو

وڃبو

هيڪزو

هڪڙو

سمبو

سمهبو

پزن

پڙهن

ونجبو

وڃبو

جُده

جڏهن

ڳال

ڳالهه

اتانهيءَ

اُتانهيون

سدا

سڌا

تده

تڏهن

 

 

پزجن

پڙهجن

 

 

هينيءَ

هيئن

 

 

پوء

پوءِ

 

 

ڪري

ڪري

 

 

پَهرو

پهريون

 

 

پَزنَدو

پڙهندو

 

 

 

ڪتاب جي خاتمي تي هن طرح نثر ۾ لکيو ويو آهي:0

اَلحمدالله ته هيءُ ڪتاب تَرتيب الصلوات پورو ٿيئو منجه تاريخ 25 شعبان المعظم 1312 هجري ۾ مجه ڇاپاخاني ڪريمي بمبئي جي ڇانپئو.

رسم الخط جي اصلاح.

رسم الخط جي انهن فني مشڪلاتن کي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ اول اول انگريزن توجهه ڏنو. هرڪوعلم وارو ڄاڻي ٿو ته مسلمانن جي اچڻ کان اڳ سنڌ جو رسم الخط ديوناگري هو. عربن جي دور ۾ به اهو خط لکپڙهه ۾ استعمال ٿيندو هو. ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور ۾ فارسي زبان کي سرڪاري زبان قرار ڏنو ويو، تنهنڪري، ”الناس عليٰ دين ملوڪهم جي مصداق، هندو به فارسيءَ ۾ لکندا پڙهندا هئا. البت برهمڻ ۽ ٻيا مذهبي هندو ماڻهو ديوناگري ۽ گرمکي رسم الخط استعمال ڪندا هئا. خود ”ساميءَ جا سلوڪ“ به گرمکي رسم الخط ۾ هٿ آيا.

1845ع ۾ ڪئپٽن راٿبورن انگريزي اسڪول کولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿيو. ان جي مقابلي ۾، ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر ڪئپٽن پريڊي ڪامياب ٿيو. 1846ع کان 1852ع ۾ ڪئپٽن گولڊ سمڊ شڪارپور ۾ انگريزي اسڪول کوليو. هي اهو صاحب آهي، جنهن  سسئي_پنهونءَ جا بيت گڏ ڪري ڪتاب ڇپايو، جنهن ۾ هڪ پاسي سنڌي بيت ۽ ٻئي پاسي انگريزي نظم ۾ ترجمو ڏنائين. انگريز آفيسر اڃا ان تجربي ۾ مشغول هئا ته سنڌ ۾ تعليمي زبان ڪهڙي ڪجي، ته اوچتو بمبئي سرڪار جي تعليمي بورڊ لکي موڪليو ته سنڌ ۾ سڀ لکپڙهه علائقي جي زبان سنڌيءَ ۾ هئڻ گهرجي، ۽ ان سان گڏ نصاب به سنڌي ٻوليءَ ۾ هئڻ گهرجي.

1850ع ۾ سربارٽل فريئر سنڌ جو چيف ڪمشنر ٿي آيو. ان صاحب، 1851ع ۾، سرڪاري پڌرنامو جاري ڪري، آفيسرن کي خبردار ڪيو ته سڀ ڏيهي ۽ پرڏيهي سنڌي سکن ۽ سنڌيءَ ۾ لکپڙهه ڪن. ان حڪم جي پڌرائيءَ ۾ ته ڪابه دير ڪانه ٿي، پر مسئلو اهو پيدا ٿيو ته سنڌي ٻوليءَ جو رسم الخط ڪهڙو ڪجي؟ سر رچرڊ برٽن، جو سنسڪرت جو وڏو عالم هو، تنهن راءِ ڏني ته عربي حرفن تان سنڌي الف_بي ٺاهڻ گهرجي. پر ڪئپٽن جارج اسٽئڪ اعتراض ڪيو ته عربي_سنڌي اکرن ٺاهڻ بدران هندو_سنڌي اکرن ۾ لاڪنائون وجهي، انهن کي سڌارجي، يا ماڳهين ديوناگري خط استعمال ڪرڻ گهرجي. ٻنهي عالمن جي اختلاف تي، سربارٽل فريئر منجهي پيو. آخر 1853ع ۾، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊئريڪٽرن جي ڪورٽ فيصلو ڏنو ته عربي_سنڌي آئيويٽا ٺاهڻ گهرجي. ان فيصلي پٽاندر سربئروايلس، عربيءَ جا 28 حرف وڌائي، سنڌي جا 51 حرف ٺاهيا. اها نئين آئيويٽا 1854ع ۾ پهريون ڀيرو ڇپجي پڌري ٿي، ۽ 1854ع  ۾ ڏهاڪو کن ڪتاب ڇاپيا ويا، 1854ع کان 1865ع تائين چار هاءِ اسڪول، ٽي مڊل اسڪول ۽ ڇاونجاهه پرائمري اسڪول کليا، جن ۾ اهي ڪتاب پڙهايا ويندا هئا.

عربي_سنڌي رسم الخط ۾، نصاب جي ضرورت آهر، هيل تائين تاريخ، جاگرافيءَ ۽ حسابن تي ڪتاب تيار ٿيا هئا،پر اڃا ڪو گرامر ڪونه لکيو ويو هو: سڀ کان پهريون گرامر جارج اسٽئڪ 1847ع ۾ لکيو، 1849ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو.

ان کان پوءِ 1866ع ۾، ان ساڳئي عربي_سنڌي رسم الخط جو ٻيو شاهڪار پيدا ٿيو ”شاهه جو رسالو“، جو ڊاريڪٽر ارنيسٽ پڌرو ڪيو. هن صاحب سنڌي ويا ڪرڻ به تاليف ڪيو. ٽرمپ صاحب رسم الخط جي سلسلي ۾ عربي_سنڌي رسم الخط جي فائدي ۾ نه هو، لکيو اٿس ته ”ديوناگري آئيويٽا ڪم آڻجي ها ته بهتر؛ خير، جو ٿيڻو هو سو ٿي چڪو.“

ڊاڪٽر ٽرمپ جي تاليف ڪيل ”شاهه جي رسالي“ جي ٻوليءَ ۽ رسم الخط پڻ ناقص آهن. هن دور ۾ ان جو مطالعو ڪرڻ سولو نه آهي. ٽرمپ صاحب جو رسم الخط هن طرح آهي:

ٻاٺهين سڄاٺي پاٺ، پاٺ کر پاٺ لهي.

سر ڏهونڏيان، دهڙ نه لهان، دهڙ ڏهو ڏنڏيان، سر ناهه.

مون ابيٿهي هليا، بندر جي تڙن.

هنن ٽن سٽن کي ڪو به صحيح طور اچاري نٿو سگهي. اهي بيت هن طرح آهن:

پاڻهي سڃاٺي پاڻ، پاڻ ڪر پاڻ لهي.

سر ڍونڍيان، ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان، سر ناهه.

مون ابيٺي هليا، بندر جي تڙن.

ٽرمپ صاحب، رسم الخط جي ناقص هجڻ ڪري، ڪيترن آوازن ۾ خود ساخته اضافا ڪري، نوان نوان اچار وضع ڪيا آهن، جن سان سندس رسالو ڀريو پيو آهي. ٽرمپ صاحب حرفن جا آواز به صحيح طور نه رکيا آهن. مثلاً ”ٽ“ کي ”تهه“، ۽ ”ٿ“ کي به ”تهه“ لکيو اٿس. ان طرح ”ڌ“ جي بدران ”دهه“، ۽ ”ڻ“ جي بدران ٻن نقطن وارو ”ن“ تي ”ٽ“ وارا نقطا ”ڏ“ جي ٽن لفظن کي ابتو ڪيو ويو، جئن ”ث“ ۾ ٿين ٿا.

ان سلسلي ۾، الف_بي جي ڪم لاءِ بمبئيءَ مان لسانيات جو هڪ ماهر گهرايو ويو، جنهن ڪيترا ٻٽا حرف ٺاهيا. مثلاً: پ+هه=ڦ، ج+هه= جهه، گ+هه= گهه؛ ان طرح ”ڃ“ ۽ ”ڱ“ وغيره.

سنڌي نثر__1366ع کان اڳ:

هن مختصر تبصري ۾ رسم الخط جي ارتقا ۽ سٽا تي مختصر بحث ڪيو ويو آهي. ان مسئلي جي آخري ڳالهه اها آهي ته انهيءَ رسم الخط جا اوائلي تجربا هي آهن:

جارج اسٽئڪ جو ويا ڪرڻ، جو 1847ع ۾ لکيو ويو ۽ 1849ع ۾ شايع ٿيو؛

ٽرمپ جو ڇپايل ”شاهه جو رسالو“، جو 1866ع جي پيداوار آهي؛

ان طرح ٽرمپ هڪ وياڪرڻ به لکيو، جنهن ۾ ديوناگري رسم الخط کي ترجيح ڏني اٿس.

اسان کي 1847ع کان وٺي 1866ع تائين سنڌي لِپيءَ ۾ هڪ شاهه جو رسالو ۽ ٻه گرامر ملي سگهيا آهن. اسان کي ڏسڻو آهي ته 1866ع کان اڳ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇا ڇا آيو؟

پهرين سنڌي تحرير:

منڍ ۾ عرض ڪيل آهي ته ”مطلع خورشيد“ (1860ع) پهرين ڇاپي اخباري تحرير آهي. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ ارتقا جي سلسلي ۾، توڙي سنڌي رسم الخط جي تاريخ ۽ ارتقا جي باري ۾، ”مطلع خورشيد“ کي تاريخي حيثيت حاصل آهي. ”مطلع خورشيد“ ئي پهرين اخبار آهي، جنهن کي سنڌي اخبار چيو وڃي ٿو، جنهن جو اجراءُ 1860ع ڌاري ٿيو آهي. مسٽر لالچند امرڏنومل جڳتياڻي ”سنڌي اخبار نويسيءَ جي تاريخ“ ۾ ڄاڻائي ٿو ته ”ڀانئجي ٿو ته سنڌي ۾ اخبار نويسيءَ جو فور ڪو ستر_پنجهتر (1870ع _1875ع) ۾ شروع ٿيو.“__ حالانڪ 1860ع ۾ ”مطلع خورشيد“ موجود آهي.

تاريخي نقطهء نگاهه کان سنڌي رسم الخط ۾ اسان کي ”مطلع خورشيد“ کان پوءِ فقط ٻه ڪتاب ملن ٿا: انهن مان هڪ ٽرمپ جو گرامر آهي، ۽ ٻيو ٽرمپ جي تاليف ڪيل شاهه جو رسالو. انهن جي اشاعت جو سن هن طرح آهي:

_جارج اسٽئڪ جو گرامر               1849ع

_ٽرمپ جو رسالو                       1866ع

_ٽرمپ جو گرامر                       1866ع

_”مطلع خورشيد“                      1860ع

”مطلع خورشيد“ جڏهن ته نثر ۾ اخبار هئي، تنهنڪري ان جي لساني حيثيت ٽرمپ جي اڌ اکريءَ کان وڌيڪ رعايت جي مستحق سمجهڻ گهرجي، جنهن ۾ اها ٻولي، ابوالحسن جي سنڌيءَ ۾ ”ترتيب الصلوات“ جي زبان مان ترقي ڪري، اخبار تائين پهتي آهي؛ ان اخبار کي داد ڏيڻ گهرجي. نه فقط تاريخي اوليت جي حساب مان اها پهرين اخبار آهي، پر لساني حثيت مان به اها پهرين اخبار آهي، جا ان دور ۾ شايع ٿي، جڏهن سنڌي زبان ۾ معياري ڪتاب گهٽ لکيا ويا _ اهي به ٻه گرامر ۽ هڪ شاهه جو رسالو، ۽ ڪجهه هندي ـ انگريزيءَ تان درسي ڪتابن ۽ قصن ڪهاڻين جا ترجما، سي به پنجاهه _ سٺ سال پوءِ.

ايتري تمهيد کان پوءِ، ”مطلع خورشيد“ جي اصل عبارت پيش ڪجي ٿي. اهل عڪ، احباب ان تحرير جو نه فقط لغوري معيار جاچين، پر ان سان گڏ رسم الخط جي حيثيت ۽ صرف ۽ نحو جو معيار به جاچين، ۽ پوءِ فيصلو ڪن ته اها ٻولي واقعي سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي نثر ۾ معياري نثر آهي يانه؟

”مطلع خورشيد“ جي اصل سنڌي عبارت (1860ع)  مان ڪي مثال:

مخلتف ملڪن ۾ وڻن ۽ ٻوٽن جي پيدائش متعلق هڪ مضمون ڇاپيو ويو آهي، ان ۾ لکيو ويو آهي:

”ملڪ رشيا ۾ درخت بالوتجا گڻا آهِنِ ۽ قسم ميونجا بي چنڱا ٿيندا اٰهن ۽ هن هنڌ درخت سڻي جا جر انکءَ رَسا ۽ ٻيا جوڙيندا اٰهِنِ گڻا پيدا ٿيندا اٰهن ۽ هن هنڌ ڪڻج کاڻيءَ انڱر ۽ لوهه ۽ ٽا۾ جيءٌ بي اٰهن ۽ لوڻ هنجاءِ گڻونَ ٿو پهچي ۽ طرف ڏکڻ هن ملڪ جي پوک جَوَن جي کڻي ٿيندي آهي_ سامان سودا گري هن هنڌ جو چربي ۽ چم ۽ سمور ۽ سڻي ۽ اَنّ جَوَنجو آهي واپاري هن هنڌ جا پاڻ۾ اتفاق ڪري قافلي جي طرح سامانکي واٽ خشڪيءَ کءٌ  چين ۽ وچ رشيا ٿا نين يورپ ڏي مٿي جهازن ڪنا درياء بلاڪسي يعني ڪاري پاڻيءَ ۽ بالٽک ۽ درياء ويٽ سي جي ٿا نِين ۽ بادشاهي هن ملڪ جي نسبتون ٻين ملڪن جي گڻي وڏي آهي ۽ جيڪو بادشاه هن ملڪ جو ٿو ٿئي تهکي قيصر ۽ شهنشاه ٿا چون ۽ ماڻو زياده پنجن ڪروڙن ۽ چاليهن لکن کءٌ هن ملڪ۾ رهندا آهن_وٽا رهندا اڳي هفتي ۾)“ هي عبارت 1277هه جي آهي. ان کان اڳ ”ترتيب الصلوات“ جو، 1312هه جو رسم الخط پيش ڪيو ويو آهي. هن عبارت مان ظاهر آهي ته رسم الخط توڙي آواز ۽ اُچار انهن پراڻن ڪتابن (ابوالحسن جي سنڌيءَ کان ”ترتيب الصلوات“ تائين) کان گهڻو صحيح به آهي ۽ سڌريل به آهي.

ان عبارت ۾ رسم الخط جا قابل توجهه لفظ هي آهن، جي اڄڪلهه جي رسم الخط سان ڀيٽجن ٿا:

بالوتجا... بالوت جا    انڱر... اڱر             کءُ...کون، کان

گڻا...... گهڻا          جيءُ... جون            گڻي... گهڻي

چنڱا... چڱا           بي...... ڀِي، به                ماڻو... ماڻهو

انکءُ... ان کان                گڻو... گهڻو            تهکي...تنهن کي

ڪڻج... ڪجهه                کڻي... گهڻي         ٽا۾... ٽامي

کاڻيءُ... کاڻيون               جَوَنجو... جوَن جو      اٰهن... آهن

ڪروڙن... ڪروڙن

هن عبارت ۾ صرف ۾ صرف نحو جي رعايت به چڱي موجود آهي. اسم ۽ فعل ۽ ان جا لاڳو لفظ، پراڻي رسم الخط جي مقابلي ۾ ڪجهه پنهنجيءَ صحيح جاءِ تي آيل آهن. وقت به ائين ئي لکجي ٿو. مثلاً:

_ ”ملڪ رشيا ۾ درخت بالو تجا آهن“ ، ان کي اڄڪلهه لکجي ٿو: ”رشيا جي ملڪ ۾ بالوت جا درخت آهن.“

_”طرف ڏکڻ هن ملڪ جي پوک جون جي کڻي (گهڻي) ٿيندي آهي“، ان کي ”هن ملڪ جي ڏکڻ طرف جَوَن جي پوک گهڻي ٿيندي آهي“ لکجي ٿو.

_ ”سامان سو داگري هن هنڌ جو“، ان کي ”هن جي هنڌ جي سوداگريءَ جو سامان“ لکجي ٿو.

_ ”واپاري هن هنڌ جا پاڻ ۾ اتفاق ڪري قافلي جي طرح سامان کي واٽ خشڪيءَ

کءُ چين ۽ وچ ايشيا ٿا نين“، لِکجي ٿو.

_ ”بادشاهي هن ملڪ جي“، ان کي ”هن ملڪ جي بادشاهي“ لِکجي ٿو.

_”يورپ ڏي مٿي جهازن ڪنا درياء بلاڪسي يعني ڪاري پاڻيءَ بالٽک ۽ درياء

ويٽ سي جي ٿا نين“ ان کي ”يورپ ڏي (ڏانهن)، جهازن مٿي، بلاڪسي درياءَ يعني ڪاري پاڻيءَ ۽ بالٽڪ ۽ ويٽ سي درياءَ ڪنا. (وٽان) نين ٿا“ لکبو.

_”جيڪو بادشاهه هن ملڪ جو ٿو ٿئي، تنهن کي قيصر يا شهنشاهه

ٿا چون“، هي جملو قريب قريب صحيح لکيل آهي.

_ ”ماڻو زياده پنجن ڪروڙن ۽ چاليهن لکن کءُ هن ملڪ ۾ رهندا آهن“، ان کي ”ه ملڪ ۾ پنجن ڪروڙن ۽ چاليهن لکن کان زياده ماڻهو رهندا آهن“ لکجي ٿو.

هن عبارتن ۾ تمام ٿوري اصلاح ڪئي ويئي آهي. مقابلتاً، پراڻن ڪتابن جي ٻوليءَ ان جي بيهڪ ۽ تشڪيل، ۽ صرفي ۽ نحوي حيثيت گهڻي اصلاح جي قابل آهي. اهوئي سبب آهي جو هن تحرير کي سنڌي ٻوليءَ توڙي رسم الخط جي تاريخ ۾ وڏي اهميت آهي.

(2) قاعدن جو رسم الخط ۽ انداز بيان. ”مطلع خورشيد“ ۾ انگريز سرڪار جا قانون به مشتهر ڪيا ويندا هئا. چند قانونن جي سنڌي هن ريت آهي:

”قاعده 14 لا_ حڪم مڻج (منجهه) باب ماڻن ڳلڻ گمندڙن ۽ ٻيا ماڻو جي ڪار ڪرت ن ڪن جڏهه جو ڪانپ ڪراچي ڪنا لچن گٽيءَ گمندڙن جو لشڪرسان گڏجي منبي (بمبئي) ٿا اچن اوکائي ٿي پهچي هنلاءِ پوليس وارن ۽ بازار مستر کي حڪم ڏنو ٿو ٿئي ته جو اهڙا ماڻو جو ظاهر ڪري ڪو ڪم نه ٿا ڪن سي ورتل ڪجن. انن۾ جيڪي ماڻو مبنيء جا هجن سي موٽي مبنيء ڏي موڪلجن جيڪو رهندڙن منبيء ناهي تنکي مهين تاء سڙڪ مٿي ڪمارائن تهک پو ٽن ڏينهن جي مهلت انکي ڏين جيڪڏه انهي وچ۾ ڪنهه ڪرت لڳو ته چنڱو نات مٿي ڪم تي ورائي موڪليو. جڏهه هن ملڪ سنڌ جي۾ ڪرت گئي ۽ پهريون چنڱو لڳندو آءِ تنهڪري جناب لفٽنٽ جنرل صاحب بهادر نٿو کري جو ماڻو سير ڪندڙ چوري ڪن ۽ پنن ٿا ايذائن ڇڏي ڏي__(۽ هي حڪم لاءِ مڙني شهرن ۽ ڳوٺن ۽ واهڻن واقع ملڪ سنڌ جي آهي_هيڊ ڪواٽرس ڪانپ ڪراچي 19 اپريل 1847ع)“

”قاعده 13 لا_صيغه مال_جڏه جو موجب قاعدن 8 ۽ 9 ۽ 10 ۽ 11 جي ڀاڱواڻ پوکيل زمين ۾ اجاريجو اختيار ۾ گورنمنٽ جي اچي تا جزو پوکيل ساڻ ٽي ڀاڳي زمين لايق پوک جي ۽ اوترو جزو زمين جو نه پوکڻ لايق جو ساڻ گورنمنٽ گڏڻ انجو مناسب ڄاڻجي هيڪاندو ڪري وانگڻ ٽڪرنئي جي مئچ هٿ اجاريدار قائم رکيو اچي ۽ شرط متصربي ٽڪر نئي جا موافق وچور نروار قاعدي 5 جي قائم رکيا اچن ۽ حد بندي ٽڪر نئي جي ٿيندي ۽ اوهو وانگڻ جائز علاحدن جو بندوبست جمع انجي ڪنا تاريخ اجاره اول پنجاهه وره هئي ڪڇي نقشو انجو جوڙجي.“

قاعدن جي سنڌي ٻوليءَ ۽ طرز تحرير 1860ع جي آهي ڪن ڪن هنڌن تي ٻه_ٽي جملا شسته ۽ روان آهن، ورنه باقي سب عبارتون صرفي ۽ نحوي حيثيت سان درست نه آهن. تنهنڪري ائين ضرور چئبو ته اسان جي ٻوليءَ ۽ اسان جي طرز تحرير ان بنيادي پر غلط قسم جي تحرير ۽ رسم الخط مان ئي ترقي ڪئي آهي. انهن قاعدن جي ٻوليءَ ۾ اهڙا لفظ جام آهن، جن جي املا به غلط آهي، پر اچار ۽ خط به غلط آهن. مثلاً قاعدي13 ۾، ”ڊڪڻ“ (ڍڪڻ) ”ماڻو“ (ماڻهو)، ”وجي“ (وجهي)، ”انهن ک“ (انهن کوءن) ”تنهڪري“ (تنهنڪري) جا لفظ، اهڙي! طرح ”گرفتار ڪن“ کي ”ورتل ڪن“، لکيو ويو آهي.

قاعدي 14 ۾ مڻج (منجهه)، ڳلڻ (ڳلين، گهٽين)، گمندڙن (گهمندڙن)، گڻي (گهٽيون) منبي (بمبئي)، ماڻو (ماڻهو)، تهک (تنهن کون) ڪنہ (ڪنهن)، نات (نه ته)، مٿي، (مٿين)، پهريون (پورهيو)، گڻي (گهڻي)، چنڱو، (چڱو)، آءِ (آهي)، گري (گهري)، چوري (چوريون)، ڏي (ڏئي) لفظ آيل آهن.

قاعدي ”صيغه مال“ ۾ لايق (لائق)، وانگڻ (وانگر)، مڻج (منجهه) ۽ متصربي (متصرفي)، لفظ آيل آهن.

انهن جي مقابلي ۾، ڪيتريون صحيح عبارتون ۽ جملا به استعمال ٿيل آهن، جي اڻ به ان طرح ئي استعمال ٿين ٿا. مثلاً:

قاعدي 13 ۾__”جڏه جو ڪي ماڻو (ماڻهو) پٽو ۽ چپراس ڪلهي ۾ وجي (وجهي)“..... ”جيڪي ان جي دل۾ (دل ۾) ٿو اچي“.....”تنهڪري (تنهنڪري) حڪم جاري ٿو ٿئي“.....”ٻيو ماڻو (ماڻهو) پٽو نه ڪري.“

قاعدي 14 ۾__”جيڪي ماڻو (ماڻهو) منبي (بمبئي) جا هجن سي موٽي منبي ڏي موڪلجن“.....”تنکي مهيني تاءِ (تائين) سڙڪ مٿي (تي) ڪمارائن“.....”جيڪڏه انهي وچ۾ ڪنہ (ڪنهن) ڪرت لڳو ته چنڱو (چڱو) نات (نه ته) مٿي (مٿئين) ڪم تي ورائي موڪليو“.

”صيغه مال“ واري ساري عبارت صرف ۽ نحوي جي حيثيت سان نادرست آهي. هن دور ۾ ان طرح نٿو لکيو وڃي.

طرز تحرير توڙي بيان ۽ اسلوب جو پيش ڪيل مٿيون نمونو ليٿو پريسن ۾ 18 صدي کان 19 صديءَ تائين هلندو رهيو. ان دور جا قصا ۽ ڪهاڻيون توڙي ديني ڪتاب، سڀ ان طرح ڇپيل آهن__رسم الخط جي لحاظ کان، توڙي اسلوب ۽ بيان جي لحاظ کان.

 

 

صفحي نمبر 170 تان تصوير اسڪين ٿيندي

واقعا ۽ حادثا. ”مطلع خورشيد“ جو هڪڙو ڪالم ان قسم جو هوندو هو، جنهن ۾ هفتي ۾ ٿيل مشهور واقعا ۽ حادثا ڏنا ويندا هئا. ان ۾ ڪڏهن ڪڏهن نهايت دلچسپ خبرون به ڏنيون وينديون هيون، انهي جي زبان توجهه جي قابل آهي.

باهه جو حادثو: باهه جي هڪڙي حادثي جي خبر هن طرح ڏنل آهي:

”16 نومبر 1860ع ٻن پهرن ڏينهن جي ريلو پٽ رگهو جو واڻيو رهندڙ ڪنڌرن جو عمر اٽڪل 4 وره گهر پاهجي (پنهنجي) ۾ باه تي ويٺو هو ساڻ قضا ڌڻيءَ جي اتا هون ڪا چڻگ باه جي ونڃي (وڃي) جامي کي لڳس پوءِ اتا هون ساري کل بتجي سڙي ويس ۽ گهر ۾ ٻيو ماڻو ڪونهو پوءِ جو ڇوڪر مٿيي گهر ک ٻاهر نڪري دانہ ڪياءِ پوءِ مسمات رامل ڌيءَ جوتو واڻئي جي ڏاڏي اچي جامو ڇوڪر جو لاٿاءِ ۽ مٽي نير جي مٿي بت انجي لاتانيء جو انڃا (اڃا) ڇوڪر چنڱو ڀلو آهي_ (ڪنا رپورٽ ڪنڌرن جي پڌرو ٿيو 16 نومبر 1860ع)“

هن واقعي ۾ ’پاهجي‘، ’ونڃي‘، ’مٿي‘، ’ک‘، ’دانہ‘ ’لاٿاءِ‘، ’لاتانيء‘ ۽ ’چنڱو‘ لفظ غلط لکيل آهن.

ڀت ۾ ڇوڪريءَ جو سڙڻ: ”تاريخ پهرين ڊسمبر 1860ع وقت شام جي مسمات نوري نالي ڇوڪر ڌيءَ اوڀاهي ٻورڙي عمر اٽڪل باره مهينا رهندڙ ڪنڌرن جي جو مسمات ڀاڳي ماءُ انهيء جي ڌيءُ احمد ٻورڙي جي ڀت پاٽ ۾ ٿي ٺارياءِ بوءِ اوها ڇوڪر مٿي (مٿين ڇوڪري) جا ماءُ جي ڀر ۾ ويٺي هوئي ساڻ تقدير ڌڻي ۾ کل منہ (منهن) انهي ڇوڪر جي سڙي وئي ۽ ماءُ انهي جي انيءَ (انهيءَ) وقت مٽي جي منہ ڇوڪر جيکي لاتائي اوها ڇوڪر پڻ انڃا چڱي ڀلي آهي.“ هن واقعي جي بيان ڪندي، ٻولي اهائي بي ربط ۽ گرامر جي خيال سان غلط آهي، ۽ لفظ به غلط لکيل آهن___جيئن ته ٻرڙي کي ٻورڙي، اوبا هئي کي اوڀاهي، ٻارهن کي باره، ٺاريائين کي ٺارياء، منهن کي منہ، انهيء کي انيء، لاتائين کي لاتاءِ، اڃا کي انڃا. ٻيو ته ”هاڻي“ جي جاءِ تي ”انڃا“ کي استعمال ڪيو ويو آهي.

ڀاڻ کي باهه: ڪنا رپورٽ تپدار ڪنگريجي (ڪنگري جي)  پڌرو ٿيو ته تاريخ 28 نومبر 1960ع وقت اڌ راتجي (اڌ رات جي) سچو پٽ اسماعيل جو مسلمان ڪلهوڙو عمر اٽڪل ڏه ورهه ڪم مالچارڻ (مال چارڻ) جو ويٺل ڳوٺ روات گمري جو باه ٻاري مڻج (منجهه) ڀاڻي مال آچر پٽ عارب ذات مٿي (مٿين_مٿي ڄاڻايل، ساڳي) عمر اٽڪل 45 وره ڪم پوک جو رهندڙ ڳوٺ مٿي (مٿين) جي مڻج ستو پيو هو ساڻ قضا ڌڻيءَ جي باه مڻجا (منجهان) منہ ڀاڻ جيکي باه لکي (لڳي) ج باه کي گڻا ماڻو (گهڻا ماڻهو) گڏ ٿي وسائي ڇڏياءُ نقصان ان جو هيٺي (هيٺئين) ليکي موجب آهي جند پاهڻ ج 8، دستار= ج هڪر پيو چار آنا ٿيا“

ان واقعي ۾ ”ڪنگري جي“ ۽ ”مال چارڻ“ کي گڏي لکيوويوآهي. ”منجهان“ کي ”مئجا“، ”گهڻا“ کي ”گڻا“، ”ماڻهو“ کي ”ماڻو“  لکيو ويو آهي. آخري جملي، جنهن ۾ ٻڌايل آهي ته گهڻن ماڻهن اچي باهه وسائي، سو به غلط لکيو ويو آهي. ”باهه کي گهڻن ماڻهن گڏ ٿي اچي وسايو“ جي جاءِ تي ناقص جملو هن طرح ڏنو ويو آهي: ”باه کي گڻا ماڻو گڏ ٿي وسائي ڇڏياءُ.“

ان عبارت ۾ جنڊ ۽ دستار جون قيمتون نه لکيون ويون آهن، حالانڪ انگ به هئا، پر جملي رقم هڪ رپيو ۽ چار آنا ڏنل آهن. ان مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته 1860ع ۾ ڪيترو سهانگ هو!

ڀاڻ کي باهه: ”ڪنا رپورٽ تپدار ڀري پهنوار پڌرو ٿيو تاريخ 2 ڊسمبر 1860 وقت راتجي دوهين (دونهين) ڀاڻي ڍورن ڪلاتي جق گيراڻي پٽ ٻاني جو عمر 20 وره اٽڪل جي ويٺي ديهه زبر واهڻ جو ٻاهر جڻنگ (جهنگ) ۾ هو دوهين پئي دکي اتا هون قضا ڌڻي جي سان انهي ڀاڻکي باه لڳي جو اهو ڀاڻ سڙي ويئو نقصان فقط ڪاٺيون ۽ ڪگ (ڪک) قيمت 4 (روپيه) _15_ (آنه)_“ 

ان عبارت ۾ جهنگ کي ”جڻنگ“ لکيو ويو آهي. باقي عبارت جو حال اهوئي آهي جو مٿي لکيو ويو آهي.

ڇتي گدڙ جو کائڻ: ڇتي ڪتي ڪيئن ماڻهن کي کاڌو ۽ زخميو، تنهن جي واردات هن طرح بيان ڪئي ويئي آهي:

”ڪنا رپورٽ تپدار ڪنڌرن جي پڌرو ٿيو ته تاريخ 5 ڊسمبر 1860 هن مهيني جي ٻارهن ڄڻن رهندڙ ڳوٺ روحل فقير ۽ پلهن لڳ ٽرمنہ (ٽمنهن) جيکي گدڙ ڇتي راتجو کاڌو تفصيل انهي جي موجب تجويز شرحوار هيٺ لکيو ٿيندو_

1_ ڪرم ولد چيلہ هندو عمر تخميناً 25 وره گدڙ ڇتي مٿي تي رهڙ تورڙي (ٿورڙي) ڏنس وقت گذرڻ ڏيڍ پهر رات جي.

2- ٻارو واڻيو پٽ ايسر جو عمر اٽڪل 5 وره نڪ ۾ ٽي ڏند قدر تِرَ تِرَ جيترو هيس رت قدر ٻه فڙا (ڦڙا) نڪتي ڄميل هوس وقت باقي هوڻ ڏيڍ پهر جي رات

3_ مسمات پريمي واياڻي ڌبيءَ ماڻڪ واڻي (واڻئي) جي عمر اٽڪل 25 وره وقت باقي هوڻ ڏيڍ پهر رات جي منہ (منهن) تي چڪ ۽ ٽي ڏند قدر هر هڪ تر جيترو سوائي (سواءِ) رات جي

4_ مسمي باغ خدمتگار پٽ گل خدمتگار جو عمر تخميناً 50 وره وقت اڌ رات جي نڪ جي ٿوڻي تي رهڙ هوس

5_کيمون پٽ رامون واڻي جو عمر اٽڪل 45 وره وقت اڌ رات جي ڪَنَ۾ (ڪن ۾) هڪ ڏند قدر تر جيترو هوس

6_ رانول پٽ مولي واڻي جو عمر اٽڪل 4 وره وقت اڌ رات جي مٿي ران انجي تي ڏند هوس

7_مسمات ڌهني (ڌني) دبيءَ (ڌيءَ) پهلاج جي عمر اٽڪل 30 وره هڪ ڏند مٿي نڪ ۽ بي سڄي اک ۽ ٽي ڳل تي ڪو رت نهوس (نه هوس)

8_ملوڪ پٽ موسي وسير جو عمر اٽڪل 14 وره وقت اڌ رات جي کپي هٿ۾ (هٿ ۾) هڪ ڏند گدڙ جو ٻيو آنڳر (آڱر) ۾ هوس.

9_مسمات بخت ڀري دييءَ علي گڏاڻي جي عمر اٽڪل 50 وره وقت اڌ راتجي کپي اک۾ هيٺو (هيٺان) تورڙي (ٿورڙي) رهڙ هوس. رت نڪتل نهوس

10_فل (ڦل) خذمتگار پٽ خميسي جو عمر اٽڪل 60 وره کپي هت۾ هڪ ڏند تر جيترو وقت اڌ راتجي.

11_عبدالغفور پٽ گهور جي عمر اٽڪل 13 وره وقت اڌ راتجي کٻي ٻاه۾ (ٻانهن ۾) ٻه ڏند ظاهر رت نهوس.

12_مسمات ڇتي دييءَ موسي شڪاري عمر اٽڪل 10 ورهه نڪ۾ (نڪ ۾) هڪ ڏند هوس سوا رتجي

هي آهي ڇتي گڌڙ جي واردات! هن عبارت ۾ ڪيترا ٻِٽا لفظ آيل آهن، ۽ حرف جار جو استعمال به غلط آهي. فعل، فاعل ۽ مفعول غلط هنڌن تي آيل آهن. ظرفن جو استعمال به صحيح نه آهي.

هن عبارت ۾ ”ڌيءَ“ کي ”دييءَ“، ”واڻئي“ کي ”واڻي“، ”ڪن ۾“ کي ”ڪن۾“، ”هٿ۾“ کي ”هَتَ۾“، ”آڱر“ کي ”آنڳر“، ”هيٺان“ کي ”هيٺو“، ”ٿورڙي“ کي ”تورڙي“، ”ٻانهن ۾“ کي ”ٻاه۾“، ”رت جي“ کي ”رتجي“ لکيل آهي. ساري عبارت گرامر جي لحاظ کان درست نه آهي، پراڻي ڍنگ تي جملا رٿيل آهن، جئن مٿي ڏيکاريل آهي.

روئداد لوهري (روهڙي) مع توابعات:

”مطلع خورشيد“ جو هڪ ڪالم ملدارن ۽ زميندارن، آباد گارن ۽ هارين جي خبرچار تي مشتمل پڻ هوندو هو. ان قسم جي ڪالم جو انداز ۽ رسم الخط به ساڳيو هوندو هو. مثلاً، روهڙيءَ جي روئداد هن طرح ڏنل آهي:

”احوال دو هفتي گذري جو ابتدائي تاريخ 28 نومبر 1860ع لغايت تاريخ 11 ڊسمبر 1860ع ڏينہ منگل جي تاءِ هن ريت آهي جو ابادڪار (آبادگار) اڪثري ٻاريءَ (ٻاريون) خريف 1271 جيءَ کڻي ويا آهن ۽ جيڪي ٽڪر رهندا آهن اوبي (اهي به) کڻن ٿا 0_2_0 ڪڇه (ڪجهه) فصل پيشرس 1271 جي جاري آهي ۽ ٽن تپن هرهڪ ڪنگري ۽ ڪنڌر ۽ ٻوراها فيصل ٿي آهي ٻين تپن مڻج جاري آهي 0_3_0 آبادڪار مڻجه ڪرڻ ابادڪار مڻجه ڪرڻ آبادي فصل ربيع 1272 جي۾ بالڪل گڻي سعي (سعيي) وارا آهن جو آبادي اڄ تاءِ ڪل.....سو جريب ٿي آهي 0_4_0 پاڻي دريائي ۾ اڳي هفتي کءَ گٽ (اڳئين هفتي کان گهٽ) آهي 0_5_0 هن هفتي ۾ برسات باران جي ڪان (ڪانه) ٿي آهي 0_6_0 ڪاغذ پسٽ ۽روزنامان کانا مختياري جا ۽ تپيدارن جا موجب رسڻ رپورٽ انن (انهن) جي برابر آهن 0_7_0 جيڪي جانور هن هفتي ۾ موا (مئا) آحن وچور انن جي هيٺ لکي آهي 0_8_0 رعيت پاڇئي سرڪار جي۾ (سرڪار جي پاڇي ۾) خوش خورم آهي. 0_9_0 تپدار ڪنگري جي لکيو ته ماڻن (ماڻهن) مڻجه البت مرض تپ جو آهي پر خير سان ٿي گذري 0_10_0  مال چوپائي۾ (چوپايو مال ۾) مرض مهاڙي جو آهي پر خيريت آهي 0_11_0  تپدار ڀري پونهار جي رپورٽ۾ پڌرو ٿيو ته درياءَ (درياءُ) ڪنا حد ديد ٿريچاڻي جاگير مير محمد خان ٽالپر جي زمينان غيرآباد لايق آباد توڻي آبادي ڪڻڪ جي زنديڪ ديہ ٿريچاڻي جي لڳو آهي جو جاگير جي 191 جريب هرڪا هيل ۽ 10 بيگه زمين پوکه ڪڻڪ فصل ربيع 1272 جي پائي ويو آهي_.

هن عبارت ۾ به لفظن، املا، انشاءَ ۽ صرف_نحو جي ساڳي حالت آهي.

سال پوري ٿيڻ تي شڪريو:

”مطلع خورشيد“ جو پهريون سال، 1860ع، خير سان پورو ٿيو ۽ 1861ع شروع ٿيو، ته اخبار ۾ ان تي هن طرح شڪر ادائي ڪئي ويئي آهي:

”الحمدالله جو ڌڻي سچي جي باج (ٻاجهه) سان سال خيريت اشتمال 1860 عيسوي ساڻ خيرسلامتي خيرخواهن سرڪار جي گذريو ۽ سال موچاري فال 1861 جو وانگڻ (وانگر) صبح اقبالجي چمڪندڙ مڻج ڏينہ منگل موافق 19 مهيني جمادي الثاني 1677هه چهرو پهجي (پنهنجي) شائقين کي ڏيکارياءِ ۽ الله تعاليٰ چهرو موچارائيجو هن سالکي ابتدا ک پڄاڻي اتاءِ مٿي خيرخواهن سرڪار جي مبارڪ فرمائي فقط_“ هن عبارت ۾ ”وانگر“ کي ”وانگڻ“، ”ٻاجهه“ کي ”باج“، ”ڏينهن“ کي ”ڏينہ“، ”موچارائيءَ جو“، کي ”موچارائيجو“ ۽ ”کان“ کي ”ک“ لکيو ويو آهي.

مٿيون چند عبارتون ”مطلع خورشيد“ 1860ع نمبر 5 جلد 1، صفحن 57، 58، 59، 60، 61، 62، 63، ۽ 64، تان نقل ڪري، نموني طور پيش ڪيون ويون آهن.

اخبار جا صفحا، معلوم ٿئي ٿو ته 12 کن هوندا هئا. پر صفحن جا نمبر پهرئين پرچي کان وٺي سال ختم ٿيڻ تائين مسلسل هلايا ويندا هئا.ا هو التزام به جدت تي مبني هو، ۽ اڄڪلهه ان جو رواج ڪونه آهي.

 

 

صفحي نمبر 170 تان تصوير اسڪين ٿيندي


 

 

 

 

صفحي نمبر 171 تان تصوير اسڪين ٿيندي

”مطلع خورشيد“ ۽ ٻيون جهونيون اخبارون

تاريخي قدامت جي لحاظ کان ”مطلع خورشيد“ ۽ ”مفرح القلوب“ تمام آڳاٽيون اخبارون آهن. انهن جي اشاعت ۾ 4_5 سالن جو فرق آهي: ”مفرح القلوب“ 1855ع ۾، ۽ ”مطلع خورشيد“ 1860ع ۾ شايع ٿي. ”مفرح القلوب“ لاءِ سر ائيڊريو ونگيٽ، ڪي. سي. آءِ. اي.، سنڌ جو تڏهوڪو ڪمشنر، پنهنجي هڪ خط (مورخه 5_آڪٽوبر 1897ع، گورنمنٽ هائوس، ڪراچي) ۾ مرزا محمد صادق خان، ايران جي قونصل ۽ فارسي ۽ سنڌي اخبار ”اڪليل“ ۽ ”معين الاسلام“ جي شايع ڪندڙ، ۽ سندس ڀاءُ مرزا محمد مقيم، ۽ ننڍي ڀاءُ پروفيسر جعفر خان ڏانهن سندن والد مرحوم شمس العلماءَ مرزا مخلص علي، باني ”مطلع خورشيد“ ۽ مفرح القلوب“، متعلق لکي ٿو:

”سندن مشهور ۽ معروف ۽ وڏو علم وارو والد، ملقب به شمس العلماءَ، پنهنجي دوست آنجهاني سر بارٽل فريئر جي مشوري سان، هتي پهرين ليٿو گراف پريس جاري ڪئي، ۽ نهايت قابليت سن ”مفرح القلوب“ اخبار هلايائين“ جا دنيا ۾ مشهور پهرين فارسي اخبار آهي.“*

انهيءَ سلسلي ۾”ڪراچي گائيڊ“ بابت سال 1893ع، جي صفحي 163 تي مشرقي زبانن جي ليٿو پريسن متعلق به چٽائيءَ سان لکيو ويو آهي. ان هيٺيون وچور آهي:

فارسي پريسون: (1) ”مفرح القلوب“ پريس، بندر روڊ؛ (2) ”اِڪليل“ پريس، بند روڊ.

فارسي اخبارون: (1) ”مفرح القلوب“ (آچر تي شايع ٿيندڙ)؛ (2) ”اِڪليل“ (سومر تي شايع ٿيندڙ).

سنڌي اخبار: ”معين الاسلام“ (جمعي تي شايع ٿيندڙ).

سر ائنڊريو ونگيٽ جي مٿين خط ۽ ”ڪراچي گائيڊ“ جي مٿي ڏنل حوالن مان ثابت ٿئي ٿو ته مرحوم شمس العلماءَ  مرزا مخلص علي اسان جي ملڪ ۾ فارسي ۽ سنڌي صحافت جو اَبو ۽ باني هو. سندس اخبار ”مفرح القلوب“ کي دنيا ۾ مشهور پهرين اخبار چيو ويو آهي، جنهن مان ثابت آهي ته خود  ايران ۾ ڇپائيءَ ۽ اخبار جو بندوبست به پوءِ ٿيو.

”مطلع خورشيد“ ان کان پنج سال پوءِ، 1860ع ۾، شايع ٿي، جا ”دنيا ۾ پهرين سنڌي اخبار“ سڏي سگهجي ٿي؛ ان کان پوءِ ٻيون اخبارون شايع ٿيون.

جهونين پريسن جي سلسلي ۾ ”ڪراچي گائيڊ“ (سال 1983ع، ص 103) ۾ هيٺين پريسن ۽ اخبارن جو ذڪر ڪيو آهي:

پرنٽنگ پريسون:

گورنمنٽ پرنٽنگ پريس، ڪمشنرس آفيس، ڪراچي؛

سنڌ گزيٽ ائنڊ ڪامرشل پرنٽنگ پريس، بندر روڊ، ڪراچي؛

مرڪنٽائيل پريس، الفنسٽن روڊ، ڪراچي؛

فوڪس پريس، ڪيمبل روڊ، ڪراچي؛

وڪٽوريا پريس، الفنسٽن روڊ، ڪراچي؛

آرين ورنيڪيولر پريس“ ڪيمبل روڊ، ڪراچي.

اخبارون

”سنڌ گزيٽ“ (انگريزي)__اڱاري ۽ جمعي جي شام جو شايع ٿيندي هئي؛

”سنڌ ٽائمس“ (انگريزي)__خميس ۽ آچر جي شام جو شايع ٿيندي هئي؛

”فونڪس“ (انگريزي)__اربع ۽ ڇنڇر جي شام جو شايع ٿيندي هئي؛

”سنڌ ائڊ ورٽائرز“ (انگريزي)__سومر ۽ خميس  جي شام جو شايع ٿيندي هئي؛

”سنڌ سڌار“ (سنڌي)___ڇنڇر تي شايع ٿيندي هئي؛ ۽ ”پرجا متر“ (گجراتي)___ڇنڇر تي شايع ٿيندي هئي.

مرزا مخلص علي جون خاندان ۽ سندس علمي خدمتون.

  شمس العلماءَ مرزا مخلص علي جو خاندان علوي منجهان آهي. سندن اصل وطن ”قزوين“ آهي. هن خاندان جو پهريون عالم ۽ فاضل شخص، مرزا سلطان محمود، دهليءَ ۾ 1801ع ۾ آيو. ايران ۾ وقت جي حاڪمن طرفان جڏهن اثناعشرنه شيعه حضرات لاءِ سختگير زمانو آيو، تڏهن ان دور جي وڏن وڏن عالمن ۽ مجتهدن، ايران کي ڇڏي، عراق ۽ هندستان ڏانهن رخ رکيو. مرزا سلطان محمود به ان سلسلي ۾ لڏي آيو، اول اچي دهليءَ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. هڪ زاهد ۽ مرتاض، متوڪل ۽ عابد شخص هو. ڪجهه دور کان پوءِ ملتان ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين. سندس علمي ۽ بزرگانه شهرت ٻڌي، کيس بهاولپور جي نواب صاحب پاڻ وٽ ملاقات لاءِ دعوت ڏني. پاڻ بادل ناخواسته بهاولپور ويو، پر اتي به سندس دل نه لڳي ۽ ستت ملتان ۾ واپس آيو. زندگيءَ جا باقي ڏينهن نهايت خاموش نموني ۾ گذزريائين، ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سندس مقبرو ملتان ۾ موجود آهي.

مرزا مخلص علي سندس وڏو فرزند هو. پاڻ شڪارپور ۾، 1293/1877ع ۾ وفات ڪيائين. ”تڪمله مقالات الشعراء“ جي مولف، مخدوم ابراهيم خليل ٺٽويءَ، سندس دفن جي جڳهه ”ڪراچي“ لکي آهي، جا غلط آهي: سندس مزار شڪارپور سنڌ ۾ آهي.

اولاد  پهريون نمبر فرزند مرزا محمد شفيع (وفات رجب 1301هه/1874ع)__ڪراچي ۾ مدفون آهي؛ ٻيو نمبر فرزند مرزا محمد مقيم (وفات 1910ع). هي صاحب ريلوي ڊپارٽمينٽ ۾ اڪائونٽنٽ هو، ۽ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ سان گڏ پڙهيو هو؛ ٽيون نمبر فرزند مرزا محمد صادق (وفات 1901ع)؛ ۽ چوٿون فرزند محمد جعفر (وفات 1913ع).

مرزا محمد شفيع، شمس العلماءَ مرزا مخلص علي جو وڏو فرزند، مرزا صاحب جي وفات کان پوءِ ”مفرح القلوب“ ۽ ”مطلع خورشيد“ اخبارن جو ايڊيٽر ٿيو. ”مفرح القلوب“، 1855ع کان 1904ع تائين، 49 سال هلي ۽ ڪراچيءَ کان پوءِ سکر مان شايع ٿي.

مرزا محمد شفيع جو ننڍو ڀاءُ (شمس العلماءَ مرزا مخلص عليءَ جو چوٿون پٽ)، پروفيسر مرزا محمد جعفر، ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ عربيءَ ۽ فارسيءَ جو پهريون پروفيسر 1887ع ۾ مقرر ٿيو. ان سان گڏ هو بمبئي يونيورسٽيءَ جو فيلو ۽ ايم. اي. جو ممتحن هو. پاڻ پنجاب يونيورسٽي ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ جو گهڻيءَ مدت تائين ممتحن به رهيو. پاڻ شمس العلماءَ مرزا حيرت ۽ شمس العلماءَ هوشنگ دستور (پارسي) جو دوست ۽ همعصر هو. اهو مرزا صاحب ”مفرح القلوب“ ۽ ”مطلع خورشيد“ جو 1904ع تائين ايڊيٽر رهيو، 1912ع ۾ وفات ڪيائين.

مٿي ذڪر ڪيل مرزا محمد شفيع ”مفرح القلوب“ ۽ ”مطلع خورشيد“ جو ايڊيٽر به هوندو هو، ۽ ان سان گڏ ايران سرڪار پاران هت قونصل به هوندو هو__جيئن ترڪيءَ پاران مرحوم حسن علي افندي قونصل ٿي رهيو هو.

هن خاندان جي علمي خدمتن جو ٻيو سلسلو مرزا محمد صادق سان وابسته آهي. اهو برزگ، شمس العلماءَ مرزا مخلص عليءَ جو ٽيون نمبر فرزند هو. کيس شهنشاهه ايران طرفان ”مقرب خاقان“ جو لقب مليل هو. پاڻ به ايران سرڪار جو قونصل هو، ۽ ان سان گڏ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان لاءِ خصوصي سفير به هو.

مرزا محمد صادق پنهنجي زماني ۾ ٻه اخبارون جاري ڪيون: (1) ”اِڪليل“ (1870__1875ع). فارسيءَ ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿي؛ ۽ (2) ”معين الاسلام“ (1880_1885ع)، سنڌيءَ ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿي. اهي ٻئي اخبارون سرڪاري طور اسڪولن لاءِ منظور ٿيل هيون.

پروفيسر مرزا محمد جعفر هڪ اردو اخبار، ”دوربين“ نالي پڻ ڪراچيءَ مان شايع ڪئي، جنهن جو ذڪر ”ڪراچي گائيڊ“ _1893ع ۾ موجود آهي.

مولانا محمد حسن آزاد جي راءِ: شمس العلماءَ مولانا محمد حسن ”آزاد“، پنهنجي ايران جي سفر ۾، ڪراچيءَ جي واقعات ۾، مرزا محمد صادق ۽ مرزا محمد جعفر (مرحوم مرزا مخلص علي جي ٽئين ۽ چوٿين نمبر فرزند) سان ملاقات جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي:

”مرزا محمد صادق اور مرزا محمد جعفر، مالڪ مطبع ”مفرح القلوب“، سي ملاقاتين هوئين. بالياقت، بامروت، با اخلاق لوگ هين. جن انهين معلوم هوا ڪ ان ڪي والد مرزا مخلص علي مرحوم اور ميري والد مغفور (مولانا محمد باقر) سي خط و ڪتابت ٿي، تو زياده متوجهه هوئي. باڪ مجهي ايڪ خط مدير ”فرنگ“ ڪي نام ديا، اور ميري ارادي ڪا حال مفصل دريافت ڪيا ڪ درج اخبار ڪرين گي.“  (25_ڊسمبر 1885/12_ذوالحج 1302هه، ڪراچي ڪي حالات، ص 65، ”سير ايران“ از آغا محمد طاهر، نبيرهء ”آزاد“، لاهور.)

ان خاندان جو آخري وارث، مرزا محمد جعفر پروفيسر جو فرزند، مرزا فيض علي ”فيض“، هڪ علم دوست، عالم ۽ فاضل، مشرقي ۽ مغربي علوم جو ڄاڻو، حيدرآباد ۾ موجود آهي. مرزا صاحب وٽ علوم عاليه تي انگريزي، عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ وڏو ڪتبخانو آهي. اگرچ سندن وڏن جا ڪتبخانا لڏپلاڻ ۽ زماني جي گردش ڪري هيٺ مٿي ٿي چڪا آهن، تاهم باقي مانده ڪتابن کي مرزا صاحب سانڍيندو ٿو اچي. انهن ۾ ڪيترا ناياب ڪتاب به آهن، ۽ ڪيترا قلمي بياض پڻ آهن.

مرزا فيض علي صاحب 1940ع ۾ حيدرآباد ميونسپل جو وائس پريزيڊنٽ رهيو، ۽ ميونسپل جي مختلف ڪميٽين جو چئرمن به رهيو آهي. حيدرآباد ڪئنٽونمينٽ بورڊ جو وائس پريزيڊنٽ، ۽ بورڊ جي سڀني ڪميٽين جو چئرمن به رهيو آهي. ان کان سواءِ ”سنڌ يونين آف جرنلسٽس“ جو متواتر چار سال پريزيڊنٽ رهيو آهي. 1944ع کان 1945ع تائين حيدرآباد مسلم ليگ جو پريزيڊنٽ، ”بزم فردوس“ حيدرآباد جو 1947ع کان ۽ ”بزم اردو“ حيدرآباد جو 1943ع کان 1945ع تائين پريزيڊنٽ رهيو آهي. هيءَ معلومات به سندس ڪتبخاني مان حاصل ڪيل آهي.

******


[1]  وڌيڪ ڏسو “سنڌي صحافت“ مسٽر ڪريم بخش خالد:

[2]  ”نڪمله مقالات الشعراء“ ۾ به ”مشتري“ تخلص آندو ويو آهي. بقول ’مرتضائي‘ ٺٽوي:

هي اُهو مرزا علي اڪبر خلف صالح صحيح، جنهن و پيءُ مرزا شفيع آهي مثالِ آفتاب.

صاحب اخبار بِن مخلص علي عالي تبار، سنڌ ۾ مشهور، جهڙو منجهه ستارن ماهتاب.

”مشتري“ جنهن جو لقب ٿيو شعر ۽ اشعار ۾، شعر جنهن جو آهه فنِ شاعريءَ جو انتخاب.

اهو ”مشتري“ تخلص مرزا محمد شفيع صاحب جو آهي مرحوم ”مسافر“ کان ”ديوان فضل“ ۾ سهو ٿي آهي؛ هن صاحب سندس تخلص ”شفيع“ آندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com