سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1964ع

مضمون

صفحو :2

بلاّ شاهه

 

انت بحري دي خبر نه ڪائي --- رنگيء رنگ بنايا،

رنگيء رنگ بنايا --- الله آدمي بن آيا.

هابل قابل پٽ آدم دي --- آدم ڪس ڪا ڄايا؟

اسان آدم ڪنون اڳي هئاسين--- آدم اسانڏا ڄايا ... الله

نه مئن منڱي نه مئن پرڻي--- جهوليءَ ٻار کلايا،

عذر ڪيتوئي، داڻي کاوڻ دي --- بهشتان چال اُڌايا ... الله

آڻي بازيگر بازي پٿري --- پتلا جوڙ بنايا،

ڳلي ڳلي وچ ڍول وڄيندا --- ناچو عشق نچايا ... الله

عين ڪا برقعا، ميم ڪي چادر --- مک پر گهونگهٽ پايا،

”علي رضا“ هئه نام همارا --- ”بلاّ“ نام ڌرايا ... الله

 

فقير قادربخش ”بيدل“

عشق جو ڏس اسرار، سڀ صورت ۾ يار سمايوـ

يار يگانو ڪاڻ ظهوري_ سوين ڪري سينگار،

پاڻ پرين ڪثرت ۾ آيوـ

ڏَسُ پِرِيَن جو پاڻ ڏنائين_ عاشق ڪر اعتبار،

هر جاءِ يا تماشو لايوـ

خيال انهيءَ سان جي تون جالين، ترت لهين تڪرار،

وحدت جو ڪر ساجهر سعيوـ

اُٿندي، وهندي، سمهندي هلندي - تن ۾ رک هيءُ تار،

صيقل ساڻ صفا ڪر ڪايوـ

”بيدل“ ڇڏ نه هٿون تون هرگز_ وحدت جو واپار،

سالڪ هي ٿي ڪم سجايوـ

 

فقير محمد حسن ”بيڪس“

هِنَ هُنَ ٻنهي کون ويا سي_ پکي يار جي پيا سي.

هي بار درد غم دا_ چمي چايا سي.

چُستيءَ جي چوٽ هڻ تون_ هَستيءَ جي اوٽ ڀڃ تون،

مستيءَ جي ڳوٽ کڻ تون_ سوريءَ جي سر چڙهيا سي.

شب روز ڪرندي زاري_ درياه دل ويچاري،

سڙ ڳئي هي جندڙي ساري_ ڪنهن انگ ۾ اڙيا سي.

”بيڪس“ نه ڪنهن ۾ اڙندا_ سڪندي سوليءَ تي چڙهندا،

دم دم هي سڳڙا دردا_ هرگز نه ڪنهن جهليا سي.


 

 

”ادب“ ان بغاوت جو نالو آهي، جا بغاوت
”ظلم ۽ استبد“ جي خلاف ، انساني روح ۾
ڀڙوڪو کائي اٿي ٿي. ”اديب“ ان ”بغاوت“
جو شارح ۽ ترجمان آهي.

-- پريمچند

 

بيت

شيخ اياز

کاڏيءَ هيٺان هَٿَّ، ڀِرون کُتيون ڀونءِ تي،

گهوڙا ويا گهائجي، رِڻ ۾ روڪِي رَٿَّ،

هيٺان سارا سَٿَّ، مٿان ڪَڙ ڪڙَ ڪانَ جي.

 

سِرڻيون سِريءَ ڪاڻ، لَٿيون لامارا ڏَئي،

ڪونڌر! هيءَ ڪَٽار آهه، ڇو نه هڻين ٿو هاڻ؟

رڻ ۾ رتو ڇاڻ، ڇاکان ٿئين، ڇيڳرا!

 

ماڻهوءَ منجهه مِرون، آڳي کان اڳرو ٿيو،

ڇاتِي ڇاتِي، ڇپَّ آ، ٿيو پيار پٿون،

چارڻ! اڃا تون، چورين پيو چنگ کي.

 

بَرسيا مٿان بَم، دونهين سان دانهون اُٿيون،

ڏاري ويا ڏيهه کي، چيري ويا چَم.

آڙي او آدم، هَيا، هِي ڇا ٿو ڪرين!

 

ناگاساڪِي ناهه، آهي تنهنجي آرسِي،

سانڀِي جا تو ساهه ۾، ڀنڀٽ ٿي سا باهه،

سياڻو ٿِي، ساڃاهه، اَڃا ويل وئِي نه آهه.

 

آڙي سانگِي سُک جا، پتو ڪونه پيوءِ،

ڏونگر سارو ڏُک جو، جيءَ منجهان جوڙيوءِ،

پَرجهيهء تنهن کان پوءِ، ڇا کان پير پٿون ٿيا.

 

گوتم کان گانڌي، گنگا ساڳي گيان جي،

پَرجهي وَڃ پانڌي، ماڻهوءَ جو مارڳ ڪِٿي!

 

جهِر مِر منجهه جهان، کينءَ پَسائي کوکلي،

ڪڏهن ڪاڻيارو نه هو، اڄ جهڙو انسان،

نه ڄاڻان، نادان، ڪڏهن سمهندو سُک سان!

دَر دَرمَڱيِ دان، پالهو آندو پاند مون،

ڪجهه به نه چاهيو، مون ڏسي، ”سڀڪجهه“ جو شمشان،

هاڻي هان حيران، ڪهڙي مُنهن توکان مَڱان!

آندي مون اڌرات، ڪَنٺو ٺاهي ڪيتڪي،

هاري پنهنجو هينئڙو، مڃي پنهنجي مات،

نِوڙي منهنجي ڏات، متان پير پري ڪرين!

 

ڇانئي آهي ڇانو، ڪائي ڪوءِ ڪلال ڪي،

گهاٽي ماٽي مٽ ۾، ڀَرسان ٿَڌا ٿانو،

کُوري_ کاڻا هانو، آءٌ ته ٿانئيڪو ٿئين.

 

نياز علي شاهه ”محسن“

 

 

ساري توکي ساهه، ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾،

آڻ ئي شال الله، ”محسن“ سندي ماڳ تي.

 

پيهي ايندو پِرُ، مُنهَه مسڪينن جي،

مون ۾ مدايون گهڻيون، ڍڪي ڍول ڍَٻَرُ،

ترس پوي شل تر، ”محسن“ محبوبن کي.

 

ذوالفقار راشدي

 

اچي خواب اداس ٿيا، منهنجي خيالن جيئن،

ڇتيون ڇوليون ڇوهه جيئن، اڻتڻ لڳي ائين،

اُٺا سانوڻ مينهن، هلي آءٌ حبيب تون.

پورن پائي پيچ، سمهئون خواب خيال ۾،

سجاڳي ۽ سيج، لکيل ناهه نصيب ۾.

 

اوندهه آ ايڏي، دلبند دير نه لاءِ،

وڃي چنڊ چڪور سان، ستو آ ڪنهن جاءِ،

پير ڀري اچ پيار جا، چانڊوڪيون چاڪاءِ،

آءُ، اچي ورجاءِ، نياپو منهنجي نينهن جو.

 

قابو قيد ڪري، ڇني ڇڏ نه هيئن،

تنهنجي پاڇي کان پري، ڏکيا گهاريم ڏينهن،

ڀريا ڪڪر بود ۾، اُٺا سانوڻ مينهن،

منهنجي من ۾ تيئن، دونهان دکيا درد جا.

منهنجا ڀاڳ بسنت ۾، جهاڳي چڙهيا جهاڳ،

کڻي هير صبوح جي، پهچايو تن ماڳ،

آيا چاڙهي آڳ، ڏکن ڏولاون تي.

 

پريان آهي پيار جي، پرين جي پاڙو،

ڪو جو ڏهاڙو، گذريو جن جي گود ۾.

 

موٽي اچجان ماڳ، سار لهجان سپرين،

پنهنجن کان پلئه پيا، ڏاڍايون ڏهاڳ،

آءٌ ته جاڳن ڀاڳ، ڀاڳين سنئون ڀاڳيو ٿيان.

 

موٽي آ مرڪن، مٺڙا مکڙيون من جون،

چوڏس چنڊ کڙن، ٿين اجالا عشق جا.

 

مڌ پيتن مرلين ۾، ڪي جي ڀريا منڊ

خيال ٻُڏي ويا خيال ۾، ويا اوسيڙا اُڪنڊ،

گهيرٽ ۾ گهٽڪڻ لڳا، نيڻ وهائي ننڊ،

آءُ لهي، او چنڊ، توکي چمي پوءِ سمهان.

 

تنهنجو چنڊ چڪور کي، حاصل ناهه وصال،

اُڏندي اُڏندي ٿيا گهڻا، تنهن کي صديون سال،

قيامت تائين شال، هيڪل رهو هيج ۾.

 

معمور يوسفاڻي

 

اُٿو، آرس ڇڏيو، ڪريو هاج هٿن،

ڪاهي منجهه ڪُنن، ماڻڪ موتي ميڙيو.

 

ڇڏيو ننڊ نڀاڳ جي، سَنبهو ساٿيو،

ٻاريو سو ڏيو، جو نه وسامي ڪڏهين.

 

مچي ٻاريو مچ، ڪريو پهه پچڻ جو،

جنبي ڪڍو جڳ مان، ڪوڙ ڪپت ۽ ڪچ،

ثابت ڪريو سچ، سوريءَ تي سر ڏئي.

 

سوريءَ تي سر ڏئي، مري ٿيو ملوڪ،

سُڻي سنئين راهه ٿيو، ڪاپڙين جي ڪوڪ،

سامين جا سلوڪ، پرجهيو ته پار پئو.

 

*

عمر جي عذاب کان، مارن هئي ماٺ،

آخر ويهي اوريئون، ته ”ڪڇي پئجي ڪاٺ“،

ڪاتب ڪئي ڊاٺ، مارن منهن مٿي ڪيا.

 

مارومنهن مٿي ڪري، ٿيا ڀيڙا مٿي ڀٽ،

ته ”ڪبي ڪاهه قلعي تي، اِٽ نه گڏبي اِٽ“،

”پڙهي سورن سٽ، ڏيا سر سوريءَ تي“.

ڏبا سر سوريءَ تي، هڻي نعرو نينهن،

ڇڏائبا ڇوهه ۾، پڃري منجهان شينهن،

ملير وسندا مينهن، ويندو ڏرت ڏيهه تان.

 

ويندو ڏرت ڏيهه تان، سرها ٿيندا سانگ،

”حَيءَ عَلَي الفلاح، حَيَّ علي الفلاح“، ٻڌبي وري ٻانگ،

 

ڀڄندي ڏکن ڏانگ، مارئي ملندي مارئين،

مارن ملندي مارئي، سانگين ٿيندي سوڀ،

موذي ٿيندا مات سي، جي رهيا لاري لوڀ،

قلعو بڻبو ڪوڀ، قلعي اڏيندڙ ڪوڀ ۾.

 


 

 

رحيم بخش ”قمر“

پرين، اٿي پوک تون، جام وهي ٿو جُر،

ٻارو پوک ٻنيءَ جو، هاري ڏيئي هَر،

پوءِ نه ملندءِ پهر، جي پاڻي ٻڌبو پوئتي.

 

پرين، اٿي پوک تون، جر وهي ٿو جام،

اڄ صبح يا شام، پاڻي ٻڌبو پوئتي.

 

پرين اٿي پوک تون، جر وهي ٿو جال،

ڪوڏر ۽ ڪهاڙي، نانگا کڻج نال،

لوڏي لاهه ڪڍج تون، ڪڙمي ڪج ڪمال،

پوکي وٺج پوک تون، ويهڻ ڀانءِ وبال،

”رحيم بخش“ رکج تون، کيتيءَ ساڻ خيال،

ماسو يا مثقال، پوءِ نه ملندءِ پوک لئه.

 

پرين، اٿي پوک تون، ٺاهي زود زمين،

تو جيڏا تو سرتا، پوک پيا پوکين،

بندا ڏينهن بٽئي جي، ايندا اُت امين،

”يوم يَفِرُّالمَرءُ مِن اَخِيهِ وَ اُمّهِ وَ آبِيه“، مارون ڪيئن مڃين،

 

اتي ”رحيم بخش“ چئي، ساٿي سڏ نه ڏين،

ڪڻو به ڏيندءِ ڪين، بندا ڏينهن بٽئي جي.

 

 

شعبان ”بخت“

 

پرديسيءَ سين پيار، متان ڪا ڀوري ڪري،

پرديسيءَ ۽ پکيئڙا، آهن هڪ آچار،

ٿيو وڃن ڌار، ساري پنهنجي ديس کي.

پرديسيءَ سين، چاهه، متان ڪا چئنچل رکي،

چند گهڙين جي واسطي، ساءُ ڏئي کي ساهه،

وڃن مٽايو راهه، ساري پنهنجي پار کي.

 

پرديسيءَ سين پريت، متان ڪا موڳي ڪري،

روح ريجهائي رمز سين، ڳائي ڳجهڙا ڳيت،

وڃن مٽايو ريت، ساري پنهجي سنگ کي.

 

پرديسيءَ سين سنگ، متان ڪا مومل ڪري،

ساري پنهنجي ساٿ کي، ٿيو وڃن تنگ،

روح نه رچي رنگ، ته وڃن منهن مٽائيو.

 

وڃن منهن مٽائيو. پرديسي دلدار،

واڳ ورائي وطن ڏي، ڀلجي قول قرار،

ڪن نه ڪو ويچار، معذوريءَ جي مونجهه جو.

 

معذوريءَ جي مونجهه جو، پرو پاند نه ڪوءِ،

ساري ساري روءِ، ڳالهيون پنهنجي پيار جون.

ڳالهيون پنهنجي پيار جون، وساري ٿو ڪير،

ياد رئاڙي روح کي، پل پل سنجهه سوير،

وڃي ٿي نه اوير، موٽڻ جي ڪر، ماهرو!

موٽڻ جي ڪر مهربان، آس نه هوءِ نراس،

تون ئي آهين درد جو، دارون ۽ درمان،

اٿم ايءُ ارمان، ته سڪ نه لڌو سيج کي.

سڪ نه لڌو سيج کي، ڪيچين ڪيو ڪيس،

سسئيءَ سندي ساءَ سين، قدرت ڪئي ريس،

ساهه وڃائي سيس، برهه بر وسائيو.

 


 

 

احمد خان ”آصف“

 

ڪانگل ڪهج قريب کي، حال سڄو سارو،

ته ڏکن منهنجي ڏيل ۾، جانب ڪيو جارو،

من جي ماڙيءَ کي لڳو، گوندر جو گارو،

ويو آهي وجود کي، ڪَلر وٺي ڪارو،

محبت جو مارو، محب هڻي مرمت ڪري.

 

ڪانگل ڪهج قريب کي، منهنجو حال مزيد،

ڪهي وڌو آهه قرب سان، دلبر تنهنجيءَ ديد،

زودون ذوق ضعيف ڪيو، تنهنجي شوق شهيد،

آءُ ته ٿيندي عيد، ”مصراڻي“ مسڪين لئه.

ڪانگل پاس قريب جي، زودون وڃ تون زاغ،

جانب منهنجي جيءَ ۾ برهه بنايا باغ،

تنهنجي سِڪ سُرها ڪيا، منهنجي دل دماغ،

پرين، تنهنجي پار جو، ڏٺم سور سراغ،

دلبر ميٽج داغ، ملي “مصراڻي“ سان.

ڪانگل ڪهج قريب کي، حال وڃي تون هاڻ،

ويهي ان کي ويجهڙو، ڪر ڪا وٽ وراڻ،

منهنجو هيءُ مذڪور تون، پيش پرينءَ وٽ آڻ،

ساجن آڻج ساڻ، ته ”آصف“ لئه ڪا عيد ٿئي.

 

 

از احمد خان ”اختر“

 

موتي مون مَ ميڙيا، ڪٺو ڪچ ڪيوم،

”اختر“ آءٌ اُٻاڻڪي، ٿوڀ نه ٿَل ٿيوم،

ازلؤن عجيبن سان، پختو پيچ پيوم،

ويٺي وقت ويوم، ماريس مامُن مامري.

موتي مون مَ ميڙيا، ڪٺو ڪيڙم ڪچ،

”اختر“ اُڻتڻ ان ئي، من ۾ ٻاريم مچ،

ڳوڙها ڳڙنم ڳچ، وقت وڃايم ويسلو.

ڪيِٻائيندي ڪتڻ کان، لهي سج ويوم،

پيس پاپئون پڌري، جهوريءَ ان جهوريم،

”يغفرالذُّنوب جميعاً“، سائين سجوڙيوم،

نفس نهوڙيوم، ”اختر“ کي آجو ڪرين.

جهوريءَ جهُران اِنّ، ڪين ڪَتيو ٿَم ڪجهه،

سائين رکج سيل مون، ڳول مَ منهنجو ڳجهه،

پاڻان پاڻئون ٻُجهه، ”اختر“ تنهنجي آسري.

 

هردم هوت حمايتي، آهن هيڻن ساڻ،

اٺ ئي پهر اندر ۾، سدا سرت سڄاڻ،

پاڻ ئي پاڻ سڃاڻ، ”اختر“ تنهنجو آسرو.

 

ورين ته ويرم نه ٿئي، پريم آهين پاڻ،

”آلدُّنيا جيفتهُ“، سندو ٺڳيءَ ٺاڻ،

”اختر“ عاجز آهيان، ساجن پاڻ سڃاڻ،

ملين جي مون ساڻ، ته ميري مانيتي ٿيان.

 

ڇڏم ڇولي ڇپرين، پرين پاڻ سڃاڻ،

”الدُّنيا مَزرع الاخرت“، منڊ منڊيل مانڊاڻ،

آهين پريم پاڻ، ”اختر“ اول اَڙين جي.

ڇولين ڇا کان ڇپرين، پرين، پاڻ سڃاڻ،

اٺ ئي پهر اندر ۾، آهين پريم پاڻ،

ورين ولهيءَ وٿاڻ، ته ”اختر“ عيدون ڪريان.

 

سُڻي سڏ سڪڙيات جا، وهلو ور، وريام!

جهوريءَ جهوري جان ۽، پيڙم جائون جام،

سٻاجهان! تو سام، ”اختر“ ٿيو، آجو ڪرين.

 

سُڻي سڏ سڪڙيات جا، وهلو ور وري،

مون کي ساعت نا سري، توکي ڪيئن سري،

”آنا ربّڪ وانت محبوبي“، مُسان مام مَري،

ڳاري منجهه ڳري، ”اختر“ .ئي آهون ڪري.

 

ڇڏمَ ڇولي ڇپرين، ٿيڙم هيڻا هڏ،

”اختر“ عاجز جي اٿئي، پرتي اُڀري لڏ،

سڻي سٻاجها! سڏ، اوکيون پار اُڪاريئين.

 

دوها

 

 

نياز علي شاهه ”محسن“

پرت پُراڻي ڪانهي ٿيندي، پري نه ڪر تون پاڻان،

توبن، منهنجا جاني، جڳ ۾ ڪنهن کي ڪونه سڃاڻان،

منهنجا مٺڙا، مُرڪي مُرڪي، مٺڙو مٺڙوڳاءِ،

ڏس ته لکيا مون ڪهڙا آهن، دوها تنهنجي لاءِ.

ڏاڍي ماندي آهي دلڙي، چپ ته چتونئڙا کول،

ايڏو ويجهو، ايڏي دوري، ٻول مٺوئڙا ٻول،

توبن منهنجي تنهائيءَ جا ٿڌڙا ٿڌڙا ساهه،

توکي ساري، ماري وجهندا، منهنجا سڀ ويساهه.

سوچي سوچي، سمجهي سمجهي، ڪر تون تيل ڦليل،

ماڻهو ڏاڍا ٿيندا آهن، جڙيو هجين، نظريل.

جنهن ۾ ڪنهن کي ڪوبه هر گز ڪري سگهي مجبور،

آءٌ ته ويهي ٺاهيون پنهنجي دنيا جو دستور.

سڏڪا جاڳيا، جذبا جاڳيا، جاڳي پيا ارمان،

تنهنجي نازڪ پيار جا پهچي، ويا سڄڻ مهمان.

منهنجون راتيون ويران ويران، منهنجا صبح اداس،

ڪهڙيءَ ريت چوانءِ، توکي ڪونهي ڪوبه قياس.

 

”ذوالفقار“ راشدي

 

ڪنوار ونڊيون ڇا قرب اوهان سان، ڪهڙا ٺهندا هيج،

دل جو گهوٽ رسي ويو، راڻي، سکڻي پئي آ سيج،

دل وارئو، دل وارئو! تند کي تاڻي تن تپايو،

دل وندرايون، رنگ رچايو، محفل خوب مچايو.

اوپرڀاتي پير، پرهه جو لاءِ اسان کي رنگ،

راتين جي اوجاڳن سان جئين جوٽي سگهجي جنگ.

چشڪي، جوڀن، چانڊوڪين جو آهيان آءٌ هيراڪ،

منهنجو پيار پليت نه چئبو، ۽ پڻ پاڪن پاڪ ـ

چشڪي، جوڀن، چانڊوڪين، ير، منهنجو موهيو من،

جَٽ چري آ چِت- چڪوري، دل جو گهوري ڌن.

چشڪي، جوڀن، چانڊوڪين تي گهوريم پنهنجا گيت،

ليڪن هو هرجائي هرگز بڻيا نه من جا ميت.

چشڪي، جوڀن، چانڊوڪين تي آندو مون ايمان،

وقتي وقتي ٿي پوندو آ چنڊ به ڪو انسان.

آيا مينگهه ملهار، او سائين، آيا مينگهه ملهار،

وارياسن تي ”ايگو“ ڳائن، منهنجا ديس ڌنار.

ڪاريون ڪڪريون آيون اُڏري، لائي ڪارا رم،

سڄڻا، تون ته سکي آهين، هت اکڙين ڪيا آگم.

 

ڪافي

 

مرحوم نصير فقير (نوشهرو فيروز)

 

 

ٻيو نفي ڪر ماسوا، هڻ نعرو هڪ الا الله.

ڪر ذڪر زباني ذوق مان،

پڙهه پرت جي لسان سين،

انت الهادي، انت الحق،

پردو هستيءَ جو سڀ ساڙي،

سمجهه عاشق سِر سوئي سڪ مان،

حسبي ربي جل الله.

مافي قلبي غير الله.

ليس الهادي هو الله.

پئو پناري لا الـــٰہ،

سيني اندر صفي الله.

 

رمضان فقير واڍو

 

 

ظاهر ذات، حسن آهه، ڪري ڪار ڪاسائڪي،

وڍي ماس، بيقياس، اها  آر ڪاسائڪي.

ڪُهِي لک عشاقن، کڏ عنود کپايا،

جوڀن جنگ ڪئي جمال، مارو مار ڪاسائڪي.

روهي نراڙ تي اوزار، لائي ڪات ابرو ٻئي،

چشم ترار ترازي، نڪڪ نار ڪاسائڪي.

ولايت صورت جي، ۾ وڃي عشق وٺڻ ٿئي،

پساري نه، حلوائي نه، سڀ بازار ڪاسائڪي.

”رمضان واڍي“ جهڙا، وڍيا ڪئين ته واٽهڙو،

پٽ تي پاءِ، رت وهاءِ، هارو هار ڪاسائڪي.

 

موهن فقير

 

 

الٽيو برهه جو بار، پڌر اچي هاڻي پيئي آهيان.

ڪين اچي ٿو ڪڏهين، ڪوٽن منجهه قرار،

.... پڌر اچي هاڻي پيئي آهيان.

ملڪ سارو ويو وسري، دل تي دلبر يار،

.... پڌر اچي هاڻي پيئي آهيان.

وئي دل ڪين وري ٿي ڪڏهين، حيلا ڪيم هزار،

.... پڌر اچي هاڻي پيئي آهيان.

”موهن“ جو محبوب آهه، نوشهري نروار،

.... پڌر اچي هاڻي پيئي آهيان.

 

مرحوم رکيل شاهه صوفي القادري

 

 

ڪيچين سان ير قول ڪيم_ ائين چيم:

پرين، تنهنجو در نه ڇڏينديس... وو ميان.

دستؤن ساقيءَ جي مليو، شوق شراب پيم، حسن هنيم_

سچو توسان حال ونڊينديس... وو ميان.

هجان شال فراق ۾، شل نه ملان، پورپيم، سڪ کنيم_

سهڻل کي مان روز سڏينديس... وو ميان.

خاڪ رلي وڃي خاڪ سان، روحي خيال ويم، ٺاهه ٺهيم_

دل دلبر ساڻ ڳنڍينديس... وو ميان.

”رکيل“ عشق عجيب جو، روز الست کان رهيم، رمز رکيم

عجب اندر ۾ ته اڏينديس... وو ميان.

 

مرحوم سردار بهادر محمد بخش ”ڪوجهي“

 

*

 

بخت اسان جو آهه ڀليرو، برهه ڪئي برسات، ميان.

جهڙ ڦڙ لاتي جهوڪ ڀليري،

بادل برهون يارَ وَسايو،

نينهن ڪيو اڄ ذات ظهورو،

چيلا سخيءَ جا مول نه مرڻا،

دائم قائم شاهه درازي،

بوند اُٺي برسات، ميان.

غير لڙهيو جسمات، ميان.

ڌوئي ذات صفات، ميان.

برسر آب حيات، ميان.

ساڻ سموري ساٿ، ميان.

”ڪوجهي“ ڪاري بيشڪ آهيان،

ڏات پڇي نا ذات، ميان.

 

عبدالڪريم پلي

 

*

 

تنهنجي فرقت يار ڪئي، بيمار دل دردن ڀري،

وس نه ويڄن جو هليو ڪو، ڳالهه ٿي پيئي ڳري.

سور ۽ سختيون سڀئي سر تي سڄڻ تو لئه سٺم،

ڇا وهيو مون وڇوڙي ۾ نه سو ڪنهن سان سليم،

هاڻ حالت ڏس اچي منهنجي، مٺا، وهلو وري.

برهه جون باهيون ڏيو ڀڙڪا پيون من تي مچن،

هجر جي هاڃي اندر جيءُ جان هردم پيا جلن،

ناهه راحت روح کي تو کان سوا سهڻا ذري.

جاڙ ڀانيان ٿو جيئڻ، پيارا پرين، توکان جدا،

درد منهنجي لاءِ تنهنجي ديد ئي آهي دوا،

ٻي نه ٿيندي ڪابه تو بن ڪارگر چاره گري.

عرض ۽ آزيون ”ڪريم“ آشفته جون مَهرؤن مڃي،

پاڻ پنهنجي کي سڃاڻي، ٻاجهه ڪا پنهنجي ڪري،

واڳ واري وصل جي، ڏيکار دلبر دلبري،

 

 

”معمور“ يوسفاڻي

 

*

 

مهر ڪر منٺار يار، اچ ته گڏجي رس رهايون

ناز وارا نازنين، نازڪ پرين، اي نامدار،

ڪر نوازش جي نظر، ڪي نرم نيڻن سان نهار_

ڏي وري ڪي جيءَ ۾ جايون.

آ ستايو سڃ سٽاڻي، وئي سُرڻ جي سگهه ۽ سار،

ساٿ سختيءَ ۾ سندم آ، لهه سگهي ساجن سنڀار_

رک ڀرم، ڪرڪي ڀلايون.

واهرو آهين ولهين جو، ڪيم وارث تون وسار،

وڙڪر ور وير وهلو، وصل جي ڪا واڳ وار_

اچ، وچان ويڇا وڃايون.

وڻ وڏا وڻڪار جا، ٻيا پيچرا اوکا اپار،

اهڙي اوکيءَ مان اچي، آڌر ٿي آرياڻي اُڪار_

ميٽ مشڪل ۽ مدايون.

ميڪدي ۾، مه لقا، ”معمور“ کي هيئن ڪين مار،

اچ، اڃايل کي الله لڳ آب الفت جو پيار_

آد کان اکڙيون اڃايون.

 

”آثم“ ناٿنشاهي

 

جت جدائي ڪري ويا، مُئيءَ سان مدائي ڪري ويا:

وَرُ وٺي پاڻ سان منهنجو، ڏير ڏنگائي ڪري ويا.

ڏير سان مون ڀانيا ڀائي،

دزدن دل ۾ هئي دغائي،

ويا ڀنڀور ۾ ڇڏي ڀاڄائي،

ڪيڏي ڪَچائي ڪري ويا.

سُمهان نه ها جي سرتيون سُک سان،

ڏورڻ ڪين پوي ها ڏک سان،

لکيو ائين هو قادر ڪک سان،

ڀاڳ برائي ڪري ويا.

ڌوٻڻ سمجهي ڌار ڪيائون،

نڌر نماڻي ڇني ڇڏيائون،

پنهنجي پنهل کي نال نيائون،

مون کي پرائي ڪري ويا.

ڏاڍن سان لنؤن ”آثم“ لائي،

هلي نه حجت جن سان ڪائي،

جيڪا دل ۾ انهن کي آئي،

نيٺ اُهائي ڪري ويا.

 

 

علي بخش ”رضا“

 

سڪ ۾ گذاريم سال، سڄڻ،

تارا تڪيندي راتيون وهايم،

تون آئين وري، دکي دلڙي ٺري.

پار پڇندي ڏينهن گذاريم،

ڳوڙها وهيا ٿي جال، سڄڻ، تنهنجي پئي ته سري، هت باهه ٻري.

غيرن سان گڏجي هت گهاري،

هت باهه جي وئين ٻاري،

هو هجر ڪيو بيحال، سڄڻ، ويم ماس ڳري، وڃان ها نه مري.

اهي لالن لائق پنهنجا ڪري،

هلي آئين اڱڻ ٻه ٽي پير ڀري،

ڪري پنهنجا ڀلائي ڀال، سڄڻ، لٿو بار ڀري، وئي پرت پري.

گهڙيون گوندر ۾ ويون هت گذري،

وس ڪين هئم اچان ها اُڏري،

هو جيئڻ ”رضا“ جو جنجال، سڄڻ، هئي ڳالهه ڳري، هيس تو لئه چري.

 

وايون

 

مرحوم خليفو نبي بخش لغاري

 

تون پڻ ياد تنين کي، ڀوري! تو جنيجڙي تات!

”فاذ ڪروني اذ ڪر ڪم“، اي پروڙج بات...

ڳجهان ڳجهه پريان سين، اورج آڌيءَ رات...

”قاسم“ ڪيم وساريين ، سندڙي لالڻ لات...

 

 

عبدالڪريم پلي

 

منهنجي تن ۽ من، الا، آهين تون ئي تون، پرين!

”تون ئي تون ئي“ جي سدا، آهي لات لڱن، الا...

آءٌ ته اوريون پاڻ ۾، ڳالهيون ڏئي ٻيون ٻن، الا...

جانب ور، تان جيءَ تان دکڙا دور ٿين، الا...

جن کي عشق اسير ڪيو، سي ڪيئن سُک سمهن، الا...

نيڻ ”ڪريم“ فراق ۾ راتو ڏينهن رئن، الا...

 

قمر شهباز

 

 

اُڏران ها هُن پار، ڪاش مان ڪائي ڪونج هجان ها!

وڳر کان وڇڙي، تڙپي تڙڳي، تنهنجي ڏيهه اڏان ها_

ڪاش، مان ڪائي ڪونج هجان ها!

تنهنجون سارون ساهه ۾ سانڍي، تنهنجي لات لنوان ها_

ڪاش، مان ڪائي ڪونج هجان ها!

اُڀ جي آڳنڌ تي پر سوئي، تنهنجو پنڌ پڇان ها_

ڪاش، مان ڪائي ڪونج هجان ها!

بن بن ڍونڍي توکي، مٺڙا، نيٺ ڪٿي ته لهان ها_

ڪاش، مان ڪائي ڪونج هجان ها!

------

گيت

 

ڊاڪٽر سدارنگاڻي ”خادم“

 

ڪيئن ڪاٽينديس رات، سکي ڙي، ڪيئن ڪاٽينديس رات!

ڏينهن گذاريم روئي روئي،

لڙڪن سان منهن ڌوئي ڌوئي،

سمجهيم سانجهن ايندو ڪوئي...

گذري ويا اوقات، سکي ڙي،

ڪيئن ڪاٽينديس رات!

سانوڻ جي رُت، ڪارا بادل،

وڄ ٿي ماري وراڪا پل پل،

دل ٿا گهائين مُند جا مَنڊل...

ماريندي برسات، سکي ڙي،

ڪيئن ڪاٽينديس رات!

ننڊ ۾ آرامي آ دنيا،

هر ڪو لهي پيو سهڻا سپنا،

سيج سُڃي ڏئي مون کي مِهڻا...

برهه جي ڇيڙي بات، سکي ڙي،

ڪيئن ڪاٽينديس رات!

مست فضا ۽ مست جواني،

من مستانو، دل ديواني،

شور امنگن جو طوفاني...

جنبش ۾ جذبات، سکي ڙي،

ڪيئن ڪاٽينديس رات!

شال اچي اڄ پريتم پيارو،

گهر جو چنڊ، اکين جو تارو،

اچي اَڱَڻ ۾ ڪري اجارو...

وائي اٿم ايءَ وات، سکي ڙي،

ڪيئن ڪاٽينديس رات!

 

سليم ڳاڙهوي

 

پرت پراڻي، پيچ پراڻا... ياد اٿيئي يا نه پرين!

قربن هاڻا ٻول نماڻا... ياد اٿيئي يا نه پرين!

مٺڙيون راتيون، مٺڙيون باتيون ... مٺڙي هير ۽ مٺي اُڪير،

ٿڌڙا مٺڙا ٿاڪ ۽ ٿاڻا ... ياد اٿيئي يا نه پرين!

روح رهاڻيون قرب ڪهاڻيون ... رنگ امنگ ۽ نيت پريت،

سچ ته ٻڌاءِ، او منهنجا راڻا ... ياد اٿيئي يا نه پرين!

ڪين ڪڏهن ملبو هو، اکڙيون ميگهه ملهار ٿي وينديون هيون،

ورهه وڇوڙا، سانگ سٽاڻا ... ياد اٿيئي يا نه پرين!

ساون ساون کيتن اندر تنهنجا منهنجا گيت هئا،

سيڪيل سنگ ۽ ماڻڪ داڻا ... ياد اٿيئي يا نه پرين!

رت اربيلي، ڪاريون ڪڪريون ... مکڙيون، گل مانڊاڻ گهڻا،

ڪونجون ڪرڪيون، ڪانگ اڏاڻا ... ياد اٿيئي يا نه پرين!

راتيان ڏينهان راڻل مون کي پلپل تنهنجا پور پون،

منهنجي پرت ۽ پنهنجا ماڻا ... ياد اٿيئي يانه پرين!

هر هر گڏجڻ، گڏجي ٽلڪڻ ... بگڙڻ پرچڻ سرس ”سليم“،

ڪهڙا ڪهڙا وقت وهاڻا ... ياد اٿيئي يا نه پرين!

 


 

 

 

”راز“ ناٿن شاهي

 

 

ستم تي ستم

 

فنا ڪين ٿيندي اسان جي محبت،

ڀلي ساري جڳ کي هجي ڪا شڪايت.

نه جيئري ملڻ ٿيو ته ڇا ٿي پيو، جاني، مرڻ بعد رهندي هي زنده ڪهاڻي،

جا رهجي وئي آ اڌوري حڪايت...

ستم تي ستم آهه شب روز جاري، انهيءَ درد گرچه آ دل منهجي ڳاري،

مگر ان کي الفت ۾ سمجهيم غنيمت...

اگهي ويئي اڄ منهنجي شايد دعا ڀي، جو جنبش ۾ آئي آ باد صبا ڀي،

ٻڌي درد واري جو ان ڀي حقيقت...

نه توکي روا هئي جدائي، پيارا، جگر ۽ دل ناتوان جا سهارا،

اجايو تو مون سان ڪئي آهه نفرت...

ڀلي ”راز“ تي ڪر ستم تي ستم هي، سڄڻ مون تي تنهنجو ته ٿيندو ڪرم هي،

ٻڌايان ڇا توکي جفائن جي لذت...

 

 

ولي محمد ”وفا“

 

 

سڪندي ٿيڙم سال، ايندي اڱڻ تي ڪڏهن پيارا.

تنهنجي ياد ستائي سائين، تنهنجو تصور آهي سدائين،

ڪيڙس نينهن نهال، ايندين اڱڻ تي ڪڏهن پيارا.

ڪين ٿو وسرين پل تون پيارا، شال جئين او جيءَ جا جيارا،

ڪري ڀلايون ڀال، ايندين اڱڻ تي ڪڏهن پيارا.

ڳوڙها اکين مان جام وهن ٿا، روڪيا روڪيا ڪين رهن ٿا،

هجر وڃايم حال، ايندين اڱڻ تي ڪڏهن پيارا.

واڳ وصل جي سگهڙي واري، پنهنجي ”وفا“ سان وعدا پاري،

ڪري ملڻ جي مقال، ايندين اڱڻ تي ڪڏهن پيارا.

 


 

 

 

قيوم ”طراز“

 

رات پئي برسات، بلم گهر آءُ!

تن ۾ ساڳي تات، بلم گهر آءُ!

گهر جي در تي نرمل نم ٿي واجهائي اڄ واٽ... بلم گهر آءُ!

منهن تان پنهنجي مر کي لاهي،

نيري رنگ جو ويس مٽائي،

ڳاڙهو گهونگٽ مک تي لاهي،

پرهه ڦٽي پرڀات... بلم گهر آءُ!

هير ٿڌيءَ جا جهولا ٺاهي،

مکڙيون جهومن پاڻ سجائي،

ڳائن لي سان گيت بڻائي،

گيتن ۾ آلاپ... بلم گهر آءُ!

ماڪ ڦڙن جو هار مان ٺاهيان،

اڄ ته ڳلي ۾ توکي پايان،

منهنجا من! مان تنهنجي آهيان،

عجب بڻي آ بات... بلم گهر آءُ!

سبز وڻن اڄ پاتو روپ،

ڪيئن پنن تي چمڪي ڌوپ،

ٽاريءَ تي ڪا ڪوئل ويٺي،

ڪوڪي مٺڙي لات... بلم گهر آءُ!

 

نظم

 

ذوالفقار راشدي

 

ديو ۽ پريءَ جي ڳالهه

ڪاڪ محل جي ڪوٽن اندر، رنگارنگي ويرانين ۾،

لالچ، ڊوهه ۽ ڏاڍ ڏمر جو ديو رهي ٿو راتيان ڏينهان:

بگهڙن کان وڌ بڇڙا تارا، شينهن کان ڏاٺون ڏاڍيون جن جون،

لومڙ کان مڪريل زياده، جن جون بڇڙيون وصفون ويهان_

ڏيل ڏڪائيندڙ گجگوڙون، چارئي پهر ٿيون ڏارين جيرا.

 

ڪنگري ڪنگري تي جادوءَ جا جن ٿا ڏسجن پهري وارا،

تير تراريون جن جي هٿ ۾، باهه ڀريا ٻيا بڻڇيون ڀالا:

آڳ اوڳاڇن ٿا اکين مان، ٽانڊا هارين ڏند کَڙڪائي،

”آدم بو“ جا هوڪا ڏيندي، ماڻهوءَ رت جا ڀري پيالا_

ڳيت ڏئي ٿا خون پين، ڄڻ ڌت نشي ۾ ڊنگ شرابي.

 

منتر جنتر وايومنڊل، بي ساهو آ هرڪو بوتو،

هرڪو ذهن آ جادوءَ جڪڙيو، هر ڪا شي آ سحر ۾ ڦاٿل:

پنڊ_ پاهڻ آ گل گلابي، مکڙي مکڙي رنگين ڪاغذ،

وڻ ٻوٽا سڀ واءُ لئه ماندا، ساري ساوڪ وياڪل وياڪل_

نر پکيءَ کي طاقت ناهي، جو هتڙي هڪ جهاتي پائي.

 

محل جي ڏيڍيءَ وٽ آ ويٺي، ڏائڻ هڪ مڪروهه مهانڊي،

سازش، ساڙ سان جلندڙ اکيون، چهري مان شيطاني ظاهر:

پٽ منجهائي، اٽڪل کيڏي، ڪاڪ جي ڪن ۾ سوڍا ٻوڙي،

ورّ وجهي ٿي، وَٽَ ڄاڻي ٿي، نالو جنهن جو آهي ”ناتر“_

ڌرتيءَ تي دجّال جي نانِي، شاهي ويس هنڊائي ويٺي.

 

ڪاڪ محل جي لال قلعي مان، بند دروازن جي ڳڙ کين مان،

جهاتيون پائي واجهائي ۽ هنجون هاري هڪ شهزادي:

آهي پري پر ماڻهوءَ ڄائي، آدم جي ارمان جي خلقيل،

جنهن کي سڏجي مومل شايد، يا سڏجي هڪ آدمزادي_

بوقلمونن جي قيدياڻي، آزاديءَ سان پيار ڪري ٿي!

اندر هي ٽڪساٽ ۽ طلسم، ديون ۽ جنّن جا لشڪر،

ٻاهر هڪ انسان جو ٻچڙو، ”سوڍو“ سانباهن ۾ آهي:

هو ٿو چاهي ”مومل“ کي ۽ مومل چاهي پڻ آزادي،

ٻن روحن جو ”اسم اعظم“ ڄاڻ ٿو سارو طلسم ڊاهي_

ڄاڻ ٿو سارو کيل ختم ٿئي، ڄاڻ ٿو سوڍو ماڻي مومل!

 

”آثم“ ناٿنشاهي

 

حسن نادان، عشق آسان

ڇا چيو! حسن نادان چوڻ ڀل آهي؟

هي به هڪ حسن ظن آهي ۽ ٻيو ڪجهه ناهي.

چند سڪن تي ٿو هر چيز کپائي پنهنجي،

حُسن نادان نه آهي ته ڀلا ٻيو ڇاهي؟

ڇا چيُوَ! عشق کي آسان چوڻ ڀُل آهي؟

جيڪڏهن غور سان ڏسجي، ته غلط ئي ناهي.

چند سڪن جي عوض عشق ڪري ٿو سگهي،

عشق آسان نه آهي، ته ڀلا ٻيو ڇاهي؟

قيس و فرهاد ۽ وامق جو زمانو ٻيو هو،

جو محبت تي فدا جان ڪئي ويندي هئي.

حسن دانا هو انهيءَ وقت، جڏهن ليلا ڀي

وقف هڪ قيس چرئي لاءِ فقط ٿيندي هئي.

مان مصور ٿو سڏايان، ۽ ضرورت موجب

پنهنجي ماحول جي تصوير ٿو ويٺو ٺاهيان.

منهنجو ماضيءَ سان ڀلا ڪهڙو تعلق آهي،

منهنجا نقّاد! مان هن وقت جو شاعر آهيان!

 

نياز علي شاهه ”محسن“

 

 

معذرت

 

 

منهنجي ماحول ۾ انسان جي عزت ڪانهي،

منهنجي ماحول ۾ دولت کي مڃن ٿا ماڻهو.

او سڄڻ! منهنجي رڳو توسان محبت ڪانهي،

گرچ ڪجهه ناهه، مگر مون کان گهرن ٿا ماڻهو.

 

ڇا چيئه توکي ڀلائي مون ڇڏيو؟ آخر ڪيئن؟

مان ته خوابن ۾ به پوڄا ٿو ڪريان تنهنجي ئي.

غير کي پنهنجو بنائي مون ڇڏيو؟ آخر ڪئين؟

شڪ نه ڪر، اڄ به تمنا ٿو رکان تنهنجي ئي.

 

ها مگر وقت جي اهڙي ئي تقاضا آهي،

قابل ديد اڪيچار شيون آهن، دوست!

تنهنجي ۽ منهنجي وچان وقت جو دريا آهي،

زندگيون ۽ غور طلب کوڙ پيون آهن، دوست!

 

ٿي سگهي ٿو، ته غلط راهه وٺي ٿيان گمراهه،

ٿي سگهي ٿو، ته ڏيان داد شجاعت ڪجهه ڪجهه،

ٿي سگهي ٿو، ته سڄڻ! تون به چئي ڏين ”واه واه“،

ڏي اجازت ته ڪريان ديس جي خدمت ڪجهه ڪجهه.

 

”ڪالهه“ سان ”اڄ“ جي ڪري ڀيٽ، ڏکائين ڇوٿو؟

ڪيئن به هو، گذري ويا ڏينهن ۽ راتيون، مٺڙا!

منهنجي معصوم امنگن کي دٻائين ڇوٿو؟

ضد نه ڪر، ياد نه ڪر پيار جون باتيون مٺڙا!

 

عشق لئه مون کي اڃا ناهه اي ”محسن“ فرصت،

مون کي نادان سڏيو ٿا ته مان نادان آهيان.

پيار کان مون کي مٿي آهي وطن جي خدمت،

منهنجا محبوب، مان هن وقت اوهان جو ناهيان!

 

 

”وفا“ ناٿنشاهي

 

منهنجا نغما

 

منهنجي نغمن ۾ صداقت ۽ خلوص آهي دوست!

منهنجي نغمن کي ڪو فنڪار ئي سمجهي سگهندو،

منهنجي نغمات جي معنيٰ ته پري ٿي، ليڪن،

منهنجي لفظن کي ڪو فنڪار ئي سمجهي سگهندو:

منهنجي نغمن کي اڃا ڪنهن نه سڃاتو آهي.

 

هڪ نئون رنگ، نئون ڍنگ ڏسڻ ۾ ايندو،

منهنجي نغمن کي ڪو دل ساڻ جي دوڙائيندو:

منهنجي نغمن ۾ ڪشش آهه اها جو، اي دوست!

غير ڀي هوندو ته شب روز پيو ڳائيندو:

منهنجي نغمن کي اڃا ڪنهن نه سڃاتو آهي.

 

منهنجي نغمن ۾ اهو جوش و خروش آهي، جو

مرده دلين کي به هڪ پل ۾ جياري وجهندا،

زندگي جن کي گذارڻ جو سليقو ناهي،

تن کي ڀي زندهه رهڻ لاءِ اُڀاري وجهندا:

منهنجي نغمن کي اڃا ڪنهن نه سڃاتو آهي.

 

منهنجو هر لفظ ٿو مردن کي حياتي بخشي،

منهنجي هر شعر ۾ پنهان آ، سڄڻ، آب حيات،

منهنجي نغمن کي سڃاڻڻ جي ڪريو ڪجهه ڪوشش،

ساٿ ڏين ڪين متان پوءِ اوهان سان حالات:

منهنجي نغمن کي اڃا ڪنهن نه سڃاتو  آهي.

 

منهنجي نغمن ۾ اهو سحر، اهو جادو آهه،

سنگدل کي به اهي موم بنائي وجهندا،

منهنجي نغمن کي محبت سان اگر ڪو ڳائي،

منهنجا نغمات جبل کي به جهڪائي وجهندا:

منهنجي نغمن کي اڃا ڪنهن نه سڃاتو آهي.

 

منهنجي نغمن کي الاپڻ سان وهي ٿو دريا،

منهنجي نغمن کي الاپڻ سان وسي ٿي برسات،

منهنجي نغمن کي ٻڌي، شمس و قمر تڙپن ٿا،

منهنجي نغمن کي ٻڌي رات ٿي روئي پرڀات:

منهنجي نغمن کي اڃا ڪنهن نه سڃاتو آهي.

 

منهنجي نغمن کي ڪوئي ڳائي محبت سان اگر،

ريگزارن ۾ به هڪ پل ۾ ٿين گل پيدا،

منهنجي نغمات کي صحرا ۾ به جهونگارڻ سان،

ذرّي ذرّي مان صدا ايندي ”او منهنجي ليلا!“

منهنجي نغمن کي اڃا ڪنهن نه سڃاتو آهي.

 

مون کي نفرت جي نگاهن سان ڏسن ٿا، ليڪن،

منهنجي نغمن کي ٻڌڻ لاءِ سڪن ٿا ماڻهو:

منهنجا احباب ۽ دولت ته کسي ويا اڳ ئي،

منهنجا نغمات به اڄ مون کان کسن ٿا ماڻهو:

منهنجي نغمن کي اڃا ڪنهن نه سڃاتو آهي.

 

منهنجي هر شعر جي اوچائي فلڪ کان به مٿي،

منهنجي هر شعر جي اونهائي زمين کان ڀي هيٺ،

منهنجا نغمات مون کان پوءِ ڪندا مون سان وفا،

نام منهنجي کي ڪندا زنده زماني ۾ نيٺ:

منهنجي نغمن کي اڃا ڪنهن نه سڃاتو آهي.

*              *      *

منهنجا نغمات سنواري ٿا سگهن مستقبل،

منهنجا نغمات نئين نسل کي هوشيار ڪندا،

منهنجا نغمات، ستل قوم، جا مدت کان آهه،

منهنجا نغمات، انهيءَ قوم کي بيدار ڪندا:

منهنجن نغمن کي اڃا ڪنهن نه سڃاتو آهي.

 

منهنجا نغمات ٿا چون، قوم و وطن تي ڏيو ساهه،

منهنجا نغما ٿا چون، سر سان ٻڌي بيهو ڪفن،

منهنجا نغما ٿا چون، ڇڏيو شرابن جي پچر،

منهنجا نغما ٿا چون، گڏجي وڃو ٿي هڪ تن:

منهنجي نغمن کي اڃا ڪنهن نه سڃاتو آهي.

 

ديس وارن سان سندن نغما مخاطب آهن،

وقت نازڪ آهي ڏاڍو، اٿو بيدار ٿيو،

پوءِ متان سر کان وڃي پاڻي پاڻي ٽپي، اي يارو،

خطري ۾ قوم و وطن آ، اٿو هوشيار ٿيو!

منهنجي نغمن کي اڃا ڪنهن نه سڃاتو آهي.

 

منهنجا نغما ٿا چون، عيش جو سامان ساڙيو،

ننڊ کي دور ڪريو، ننڊ نڀاڳي آهي،

هو ڏسو، سج ڪني آهي ڪڍي، هم نفسو!

ها، اٿو، ويل اها ننڊ ڪرڻ جي ناهي:

منهنجي نغمات کي سمجهڻ جي ڪريو ڪوشش ڪجهه!

 

 

”نديم“ انصاري

 

پاڇو انسان کان وڏو ٿي ويو

 

رات ظلمت سندي ڍڪي چادر،

زندگي شڪم جي قدم تي جهُڪي،

ظلم غربت جي سر چڙهي آيو،

سخت ڳوڙهي زمين کي لرزايو.

خامشيءَ ۾ ٻڏي ٿو سارو جهان.

خود پرستيءَ جي ڄار ۾ ڦاسي،

پاڇو انسان کان وڏو ٿي ويو،

عقل جي اک مٿان پيا پردا،

رنگ ظلمت جا وڌ نظر آيا:

جاءِ شيطان کان کسي انسان.

مڪر جي ديوَ جي اُساٽ اڃا،

”زور“ قانون آهي دنيا جو،

ٿي شرافت جي خون کي طلبي،

سڀڪو طاقت کي ٿو خدا سمجهي:

ڪاش، انسان وري ٿئي انسان!

وقت جي تيز وهڪري اندر،

آسمان جي حريص چڪيءَ ۾،

پير مشڪل سان ٿا ٽڪن ڪنهن جا،

ڪيئي انسان پيسجن ٿا پيا:

هر قدم تي هليو نئون طوفان.

تارا چمڪن لهن ٿا واري سان،

ظلمتن جو اثر اکين تي آهه،

پر جهان تي چڙهيا ڪڪر ڪارا!

روشنيءَ ۾ نٿا کلن تارا:

صبح ٿيندو ڪڏهن ڊگهي شب مان!

هر قدم بيڪسيءَ جي رستي تي،

زهر، امرت ٿئي ڀلا ڪيئن دوست؟

موت ڏي ٿو ڇڪي پيو هاڻي،

اڄ جو عاقل اهو نٿو ڄاڻي،

عقل ويچارو ٿي ويو حيران!

 

آزاد نظم

 

امداد ”حسيني“

 

سزا

ها انهيءَ قوم کي ڇو نه لٽجي؟

جا قوم،

شهر جي چونڪ تي

ڪنهن مٿاهين جڳهه تي بيهي

ٻن هٿن ساڻ،

هر آئي وئي کي سڏي

پنهنجو پاڻهي لٽائي پئي!

 

 

پيشنگوئي

وقت جي هٿ ۾ آهن پٿر

تنهنجو شفاف رنگين

شيشن سان جوڙيل محل

ڄاڻ پرزا ٿيو!

 

 

امداد ”حسيني“

 

اجنبي

شام آهي اڪيلي اڪيلي

۽ خاموش خاموش

وڻ به آهن اڪيلا اڪيلا

۽ خاموش خاموش

۽ وڻن جي وچان جيڪو رستو مٽي ٿو

سو به آهي اڪيلو اڪيلو

۽ خاموش خاموش

گل به آهن اڪيلا اڪيلا

۽ خاموش خاموش

خوشبو به آهي اڪيلي اڪيلي

۽ خاموش خاموش

رنگ آهن اڪيلا اڪيلا

رستي جي ڀرسان

پيل بينچ آهي اڪيلي اڪيلي

۽ خاموش خاموش

۽ انهي بينچ تي

هوءَ به آهي اڪيلي اڪيلي_ ۽ خاموش خاموش

مان به آهيان اڪيلو اڪيلو

۽ خاموش خاموش!

 

قمر شهباز

 

هوشو شيدي

 

رات جي انڌياري ۾،

ڪارا بادل هر طرف ڦهلي ويا.

ڪوبه سايو ڪو نه ٿو ڏسجي ڪٿي،

خاموشين جو راڄ آ_

سانت جي آواز ۾ ڌرتيءَ جي مڌم چال

ڄڻ گم ٿي وئي،

زندگي گم ٿي وئي_ روشني گم ٿي وئي_!

زندگي ڪاڏي وئي_؟

روشني ڪاڏي وئي_؟

اوچتوئي اوچتو ڄڻ آسمان ڦاٽي پيو.

گوڙ جي ڪڙڪاٽ  ۾،

کنوڻ ڀي تڙپي اٿي.

ڌيري ڌيري، هوري هوري

گرد جو طوفان ڄڻ جاڳي اٿيو.

پن چريا، شاخون چريون ۽ پوءِ آخر وڻ لڏيا.

هر ڏار تان مرده پکي

خشڪ پتن جيئن

سخت ڌرتيءَ جي مٿان ڪرندا رهيا.

طوفان جي رفتار ڀي وڌندي رهي.

ڇر مٿان ڇر ٻوڏ جي ايندي رهي.

گهر لڙهيا، ماڙيون لڙهيون،

محلات ويا،

ڄڻ ته ڪوئي ديو ڌوڪيو ٿي ويو.

ايتري ۾ دور ڪا جوتي جلي.

ٻن هٿن جي ڇانو ۾ ڪو ديپ هو، جو ٿي ٻريو_

ڪارڙو ۽ ڪوجهڙو

هو سورمو اڳتي وڌيو.

هر انڌيري راهه کي روشن ڪندو اڳتي وڌيو.

هن جي زخمن مان جتي ڀي

خون جو ٽيپو ڪريو

ات زندگي جاڳي اٿي_

هن جتي ڀي پنهنجي گهائل پڳ رکي،

ات روشني جهلڪي اٿي،

ڦول کلندا ئي رهيا ۽ روشني وڌندي رهي،

هر طرف کان ٿي مسرت ۽ خوشي جهومي اٿي.....

ڪنهن پڇيو هيءُ ڪير آ_؟

سنڌڙيءَ مرڪي چيو،

”منهنجو ٻچڙو، منهنجو هوشو، منهنجو لال!“

 

 

”ذوالفقار“ راشدي

 

دعوت

 

آءُ مان توکي ڏيان:

ڪجهه حسين لفظن جا نذ رانا ڏيانءِ،

يا حسين گيتن منجهان جهوليون ڀري،

جن ۾ آهي ساءُ تنهنجي سونهن جو،

جنهن ۾ آ پڙلاءُ تنهنجي پيار جو،

گيت، جي معصوم غلمانن کان وڌ.

لفظ، ڄڻ معصومڙن جا ٽهڪڙا،

تنهنجي ڪنوارپ کان به پاڪ ۽ پاڪ ڄڻ،

تنهنجي انگ انگ جي اصل جون مورتون،

ڄڻڪ تون خلقيل آن منهنجي خيال جي،

تنهنجو جوڀن، ذهن منهنجي ۾ پليو،

تنهنجو ڪومل تن بڻايو پاڻ مون.

آءٌ او ڪوتا جي راڻي، آءُ راڌا پريم جي!

آءُ مان توکي ڏيان:

پنهنجي فن جي درسني،

تون انهيءَ ۾ منهن وجهي_

ويهي پنهنجي سونهن ڏس!

 

سدارنگاڻي (خادم)

 

هر نام سنگ آ

خاموش هڪ سرير،

پر پيچ راهه جو ڪري لنبو سفر ٿڪل،

پٺ ڀر سڌو ستل،

اکڙيون ذرا کليل،

چادر اڇي ڍڪيل.

سيسڪيون ۽ سيسراٽ،

پڻ سکمنيءَ جو پاٺ،

پنهنجا اچڻ لڳا،

پاڙيسري مڙيا،

هر ڪنهن جو منهن لٿل ۽ اکيون آب سان ڀريل

غم ۾ ٻڏل فضا،

ٻانڀڻ ڌريو قدم،

کٽ تان کڻي زمين تي هن کي رکيو ويو،

لاهي سندس لباس،

پويون ڏئي سنان،

تلسيءَ جو پن ۽ پنج رتن وات ۾ وجهي،

کهنبو ڍڪائي ويس،

لڪڙين جي سيج تي ڪري هن کي وري سوار،

اوتي مٿس گلاب،

چاڙهي انيڪ هار

ساري سنگت اٿي،

ڏيندا ويس ڪلهو،

اڄ جي نظاري سڀ کي چوايو پي واٽ تي.

”هر چيز آ فنا،

”ڪنهن کي نه آ بقا،

”ستنام سنگ آ،

”هرنام سنگ آ،

شمشان گهاٽ تي

سناٽو چوطرف

مردا پيا جلن

چونڪن ۾ رک جا ڍير ٿا پسجن، ۽ ڪي هڏيون.

آيو مساڻي هاڻ،

ڪاٺيون ڪٺيون ٿيون،

پراڻيءَ کي لاهي بنڊ ۽ لڪڙيون ڌريون ويون.

لنبا ڏيڻ لڳا،

چمڪي اٿي چتا.

ڪجهه ڪيرتن ٿيو.

پويان نهاري هرڪوئي چوندو ٿي ائن ويو:

”انسان نيڪ هو،

”سادو ۽ صافگو،

”غمخوار غمگسار،

”خوبيون هيس هزار،

”ڪائي نه پرپچار...“

 

قصيدو

 

سليم ڳاڙهوي

 

ترانهءِ وطن

سائو سهڻو سٺو، خاصو چمن،

منهنجو مٺڙو وطن، منهنجو پيارو وطن!

جاتي هيران گهُلن، جاتي لامان لُڏن،

جاتي ميوا پچن، جايت طوطا لَوَن.

جاتي مينهڙا وسن، جاتي سبزا ڦُٽن،

جاتي هرڙا هلن، جاتي ڦرڙا وڌن؛

منهنجو مٺڙو وطن، منهنجو پيارو وطن.

 

جنهن جي مُشڪي مٽي، جنهن جي واري زري،

سنڌ ساري سُٺي ڄڻڪ ماکي مٺي،

منهنجو موتي وطن، منهنجو ماڻڪ وطن،

منهنجو روپو وطن، منهنجو سونو وطن؛

منهنجو مٺڙو وطن، منهنجو پيارو وطن.

 

جاتي سسئيءَ جي سونهن، جاتي مارئي جو مانُ،

جاتي نوريءَ جو نينهن، جاتي مومل جو شانُ،

جنهن جي خاڪ آهه پاڪ، جاني ڪينجهر ۽ ڪاڪ،

جاتي ڪيچي اچن، جاني مارُو وسن؛

منهنجو مٺڙو وطن، منهنجو پيارو وطن.

 

جاتي سامي سچل، جاتي ڀٽ جو پنهل،

جاتي ”هُو هُو“ جا هُل، جاتي وحدت جا گل،

جاتي سيوهڻ جو پير، جاتي روحل فقير،

جاتي رنگڙا رچن، جاتي ميلا مچن؛

منهنجو مٺڙو وطن، منهنجو پيارو وطن.

 

منهنجو ديبل، ڪراچي، منهنجو ننگر ٺٽو،

منهنجي سهڻي شڪارپور، سيوهڻ ڀلو،

منهنجو هالا وطن، منهنجو ميهڙ وطن،

منهنجو دادو وطن، لاڙڪاڻو وطن؛

منهنجو مٺڙو وطن، منهنجو پيارو وطن.

 

منهنجي خيرپور ميرس، منهنجي حيدرآباد،

منهنجي روهڙي، سکر، منهنجي جيڪب آباد،

منهنجو ڳاڙهي وطن، منهنجو موري وطن،

شانُ وارو وطن، مانُ وارو وطن؛

منهنجو مٺڙو وطن، منهنجو پيارو وطن.

 

غزل

مراد علي ”ڪاظم“

نه نازو عشوه آفتون نه قامتون قيامتون،

نه عشق ۾ حرارتون نه حسن ۾ شرارتون.

 

نه جام مي هو پي به پي، نه ساز چنگ ونائي وني،

نه ناصحن نصيحتون، نه واعظن هدايتون.

 

جهان تي مردني هئي، خزان جي صور کان پيل،

رسيون بگوش چوطرف کان اوچتو بشارتون.

 

اٿو اٿو، ڏسو ڏسو، هو ابر برق اٿو ڏسو،

صحيفئه سياهه تي به زرڪشيده آيتون.

 

بدوش ابر ٿو اچي سربر ملڪئه بهار،

ز عرش تا به فرش ٿي ويون بپا ضيافتون.

 

ڪٿي ٿي نرگسن ڪيون اکيون ڏٺيون حڪايتون،

ڏنيون ٿي سنبلن ڪٿي تتار جون ڳجهارتون.

 

نشاط و خرمي ٻين، اسان کي رنج و غم ڏين،

اڳئين جنم جون دشمنيون، الست جون عداوتون.

 

هزار اضطرابيون ۽ صد هزار سوزشون،

بهار آئي ۽ ڦريون دل و جگر جون حالتون.

 

هي لعبتون انهن سان هي نزاڪتون بناوتون،

جگر جي لاءِ آفتون ۽ دل جي لاءِ شامتون.

 

انارها جو جفت جفت دار سرو تي ٽنگيا،

مگر ڪه ملڪ حسن ۾ عيان ٿيون بغاوتون.

 

بتان سيمتن ۽ لب تي قهقهاي نقرئي،

اسان ۽ زرد رنگ ۽ فراق جون شڪايتون.

 

هنن جي خوءِ ٿي ڌسڻ، ڏسي لڪڻ، لڪي ڏسڻ،

اٿڻ، اٿي ڪرڻ، ڪري اٿڻ اسان جو ن عادتون.

 

دريغ پنهنجي جان تي پوي ٿو کيڏڻو ’مراد‘،

اٿڻ نٿيون ڏين جڏهن به ضعفِ دل جون طاقتون.

 

 

ڊاڪٽر سدارنگاڻي ”خادم“

 

گلن کي بخشڻو آهيم، سوز پنهاني،

چمن ۾ ڪئن نه ڪريان، هاڻ آتش افشاني.

 

مون کي نه درس پريشاني جو ڏي ونگڙا وار،

سنڀال پهرين ته تون،  پنهنجي خود پريشاني.

 

سياه زلف ۾ ڳل لپٽيل، خدا جو شان!

ڏٺيسون ڪفر جي آغوش ۾ مسلماني.

 

هي چنڊ ناهه جو چمڪي نه بادلن جي پٺيان،

ٿو ٻهڪي ڪيڏو نه ڪپڙن ۾ حسن انساني.

 

عجب شباب جي مستي ٿي وحشت افزا ٿي،

ڪندي اسان کي به ديوانو، نيٺ ديواني.

 

مڪائين وصل جو پيغام سو به غير هٿان،

هٿ آئي ڪهڙي نه مشڪل سان مون کي آساني.

 

نصيب حسن جي دولت کان هُنَ کي ٿي راحت،

اسان کي عشق جي سرڪار کان پريشاني.

 

چمن ۾ روئي وسايان ٿو رات ڏينهن شعلا،

ڪٿي سو وقت، کِلي ٿي ڪيم گل افشاني.

 

جڏهن کان هجر جو غم آهه، دل جو ٿيو مهمان،

خوشي قبول نٿي کن به گهرَ جي مهماني.

 

جَڏوهي جسم، نه دوريءَ جو ڌڪ سَهي سگهندو،

هٿن سان مارِ نه هيئن ، جيءَ جيار اي جاني!

 

نه ڳائي بزمِ چمن ۾ اجايو ٿي بلبل،

ڏئي ٿي نينڍ ته شاعِر ڪريو غزلخواني.

 

لِڪس پئي لوڪ ۾ شرمِ گناهه کان ”خادم“،

وٺي بهشت هليو، هَٿ کان لطفِ رباني.

 

جئسنگاڻي ”سام“

 

شمع کي ڀي لوڙ ڪائي آهه پروانن سندي،

ڏس ڀري محفل ۾ لڄ لاهي رهي ٿي تڙڦدي.

دور کان پاڇاتڙي ڪيئن راهه روشن ٿي ڪري،

پاڻ جهرندي آگ ۾ ڀي، نت رهي ٿي مرڪندي.

آس ۾ اڇلون ٿي ڏئي، جئن ڪا ندي برسات ۾،

ڪيئن پتنگن کي ڏسي ايندو، رهي ٿي ڦڙڪندي.

عمر ۽ عرصو نه آهي چيز ڪا سڪ جي اڳيان،

اول ۽ آخر، بتيءَ جي وٽ رهي ٿي جرڪندي.

عاشقن لئه خاڪر آخر ماڳ ميلي جو بڻي،

نيستي خود ٿي نشاني ”سام“ سڪ وارن سندي.

 

”استاد“ بخاري

 

 

دل بيقرار، ڇا گهرجي؟

اک اشڪبار ڇو آهين؟

ڪانڊارجي ويا آهيو،

سڪرات وقت ياد آيو،

اي آرزو، سدا وڌندڙ،

جو بِه هو، رکيم آڏو،

منهنجي مزار تي آمد،

”استاد“ مان ٿيس انسان،

اي انتظار، ڇا گهرجي؟

ڪر آشڪار، ڇا گهرجي؟

اي وار وار، ڇا گهرجي؟

هو جيءَ ڄيار، ڇا گهرجي؟

ڏَس اختصار، ڇا گهرجي.

ٻيو ڏَس ته يار، ڇا گهرجي؟

ڪو ڪم، ڪار؟ ڇا گهرجي؟

ٻيو اقتدار، ڇا گهرجي؟

 


 

 

 

”امداد“ حسيني

 

ستم کي جان چئون درد کي قرار چئون،

اچو ته حسن جي هر ڪنهن ادا کي پيار چئون.

 

لبن کي جام چئون، اکڙين کي ميخانو،

خيال يار کي اي ميڪشو خمار چئون.

 

ادا کي رنگ، بدن کي چمن، ڳلن کي گلاب،

اچو ته يار جي انگ انگ کي بهار چئون.

 

سحر کي چهرهء دلدار سان ڏيون تشبيهه،

سياهي، شب، هجران کي زلف يار چئون.

 

انهيءَ ۾ آهه ڀلائي ته هن جي ڪوچي ۾،

وفا کي جرم ۽ ديوانگيءَ کي پيار چئون.

 

صبا کي آه چئو ۽ گلن کي زخم چئو،

ته موسم چمن آرائي کي بهار چئون.

 

ڳليءَ ڳليءَ ۾ حُسين ۽ نگر نگر منصور،

اوهين ٻڌايو ته ڪنهن کي گناهگار چئون؟

 

تمام عمر اهو مسئلو ئي حل نه ٿيو،

ته وصل ڪنهن کي چئون، ڪنهن کي انتظار چئون.

 

اکين جي رت کي سدا سانوڻيءَ جي رت سمجهون،

۽ دل جي جيڪا به موسم هجي بهار چئون.

 

هي شهر ننڊ جو شهر آهه، ڪيستائين ڀلا،

اسين اڪيلا ”خبردار هوشيار“ چئون.

 

ڪري وڃي ٿو هي ”امداد“ ڪيئن نه عقل جي ڳالهه،

اچو اچو ته چرين کي به هوشيار چئون.

 


 

”محبوب“ سروري

 

گلشن مان ڇڻي گل ويا، بس خار ئي رهجي ويا.

يارن ته جدائي ڪئي، اغيار ئي رهجي ويا.

جنهن ڏينهن کان ويو دلبر، ڏئي داغ جدائيءَ جو،

آرام هليو ويو ۽، آزارئي رهجي ويا.

پنهنجي کان نه ٿي پاسي، ڌاريان ٿا ڏين ڌوڪو،

ڌارين سان گڏيا جيڪي، سي ڌار ئي رهجي ويا.

جي تنگ نظر رهيا، ڪجهه ڪين پرايو تن،

سي ٻار ئي ڄاوا ها، ۽ ٻارئي رهجي ويا.

الله کي اٽڪل سان، حاصل نه ڪري سگهبو،

ويا ماڳ رسي موڙهل، هوشيار ئي رهجي ويا.

مردان خدا آهن، خوابيده مقامن ۾،

بس ديدهء عبرت لئه، آثار ئي رهجي ويا.

”محبوب“ زماني ۾ ٻي ڪانه ڇڏي دولت،

دنيا ۾ فقط ان جا اشعار ئي رهجي ويا.

 

سليم ڳاڙهوي

 

اکين ۾ آب آڻي، پي وڃان ٿو،

ڏکن جو زهر قاتل آهه ڏاڍو،

قسم ان جي اکين جو آهه، ناصح

پياري پاڻ ٿو ساقي پيالو،

گهڙي کن جي فراغت ڀي غنيمت،

ملايو مَي ۾ آهي زهر زاهد،

پيڻ جي چيز ڇاڻي، پي وڃان ٿو!

مگر الله ڄاڻي، پي وڃان ٿو!

مزو ڪوثر جو ڄاڻي، پي وڃان ٿو!

نه جهل اي شيخ هاڻي، پي وڃان ٿو!

وساري اڄ سڀاڻي، پي وڃان ٿو!

”سليم“ آهيان، سڃاڻي پي وڃان ٿو!

 

 

ارجن ”حاسد“

اسان کي دل ئي نه آهي، نڪا حسرت آهي،

چئون پو ڪيئن ته پنهنجي به ڪا چاهت آهي.

 

بهار پنهنجي اکين سان نه ڏٺوسون ڪڏهين،

ٻڌايون رنگ ڇا گل جو، ڇا نزاڪت آهي.

 

نظر نظر سان ڪڏهين ڪين ملائي آ اسان،

الائي عشق ڇا آهي، ڇا عنايت آهي.

 

تڪيسين رات سڄي راهه نه ڪنهن جي ويهي،

نه ڄاڻون درد ڇا دل جو، ۽ ڇا فرقت آهي.

 

اسان نه جاڳندي ئي آهه ڪڏهن به خواب ڏٺو،

الائي ڇا هي تصور ڇا حقيقت آهي.

 

اسان جي سيني ۾ ارمان ۽ نه اڌما اٿيا،

ڪٿي ٿا ڄاڻون ته ٿيندي ڇا قيامت آهي.

 

جلياسين شمع تي بڻجي نه پتنگا، اي دوست،

خبر ڇا، پريت جي ڇا ريت روايت آهي.

 

اسان ته ڄاتو آ دنيا کي فقط دنيا ئي،

هتي جي آهه به ڪجهه، صرف ضرورت آهي.

 

اوهين مڃو ٿا ”حاسد“ سندي اهل دعوا،

جهان ۾ عشق نه آهي، نه محبت آهي.

 

عبدالڪريم پلي

 

ناهه غمن کان هڪ پل فرصت،

ڪهڙي چئجي دل جي حالت؟

ڪوبه نه سمجهي، ڪوبه نه ڄاڻي،

پيار جو ملهه ۽ دل جي قيمت.

ڍڪ نه خدارا مصحف رخ تون!

ڀل ڪو ڪري ڪا دير تلاوت.

شايد جلدي روئڻو پوندئي،

خوب ڏئي وٺ ٽهڪ، جهالت!

سورن جو گهر آهي دنيا،

ڇا جو سک ۽ ڇاجي فرحت؟

ڪير ڪري ڪنهن جي غمخواري،

پاپي پيٽ کان ڪنهن کي مهلت؟

زهر پوي ٿو پلپل پيڻَو،

هاءِ حياتي! تنهنجي عنايت.

خالي ويندي آخر ڪيئن، جو

ڪا ته رکي ٿي آهَ به طاقت؟

سورن ۾ به رهين ٿو سرهو،

واه ”ڪريم“ هي تنهنجي همت.

 

معمور يوسفاڻي

 

شوخ دل ۽ شوخ منهن، گفتار شوخ،

شوخ يارن جا مڙئي اطوار شوخ.

 

سنگدل سختيءَ کان ايندا باز ڪيئن؟

آب اونهي جائي آهن آر شوخ.

 

وصف محبوبيءَ جو هي آهي ڪمال،

وار ڪنئرا، پر اُنهن جا وار شوخ.

 

دردِ دل، دوري، ڌڪا، ديوانگي،

قرب جي دنيا جا ڪاروبار شوخ.

 

هڪڙي گهر جي ڀاتي هڪجهڙا ڪٿي؟

نرم نازڪ گل، ۽ آهن خار شوخ.

 

دور هڪڙو دم نه در تان ٿين ٿا،

يار جي درسن جا دعويدار شوخ.

 

آزمائش واسطي ’معمور‘ ٿا،

دردمندن سان رهن دلدار شوخ.

 

ولي محمد ’وفا‘

جستجوي يار ۾ مشهور ٿيو،

طالبِ حق مرد سو منصور ٿيو.

 

تنهنجي جَلون جي جهان ۾ اي صنم،

سينهء آشفته مثلِ طور ٿيو.

 

سو ترقي ڪيئن ڪندو هن دور ۾،

جو صداي ساز کان مسحور ٿيو.

 

راهرو منزل ڏي وڌندو ئي رهيو،

ڪين ڪنهن مشڪل کان سو مجبور ٿيو.

 

هاءِ قسمت هر قدم تي ٺوڪرون،

دل جو نازڪ شيشو آهي چور ٿيو.

 

ڪين آ تنهن کي ضرورت جام جي،

جو نظر تنهن جي مان پِي مخمور ٿيو.

 

ڪاوشِ وصلِ صنم ۾ سر ڏيڻ،

ڪم ڏکيو آهي، مگر منظور ٿيو.

 

اي ”وفا“ واعظ ويو مدهوش ٿي،

جام مَي سان جنهن مهل ڀرپور ٿيو.

 

 

’آثم‘ ناٿنشاهي

 

خطا معاف! گُلن کي ڏِسي رهيا آهيون،

بَهار آهه، بَهاري وٺي رهيا آهيون.

 

ضرور ڪهڙو وڃڻ جو شرابخاني ۾،

نظر جو جام، نظر سان ئي پِي رهيا آهيون.

وَٺو وَٺو، اي حَسينو! حَسينُ اَدائن تي،

متاعُ دل جو اسان اڄ ڏئي رهيا آهيون.

سَڏي ٿو موت اسانکي، فريبِ حسن ڏئي،

گَلِ مِلو اي عزيزو! وڃي رهيا آهيون.

جيئڻ ۾ لطف رهيو ناهه، پر اوهان جي لئه،

خدا جو سُنهن ته اڃا تائين جِي رهيا آهيون.

ڪيون ٿا ڪار اُها، جنهن مان ٿو ثواب ملي،

ثنائي يار، اي ”آثم“ لکي رهيا آهيون.

 

’وفا‘ ناٿنشاهي

 

توکي ڇا بيوفا چوي ڪوئي،

گر چوي ڀي ته ڇا چوي ڪوئي.

 

اجنبي شهر، اڻڏٺل ماڻهو،

ڇا ٻُڌي ڪوئي، ڇا چوي ڪوئي.

 

يا خُدا! ڪو ته حق شناس هجي،

ظلم کي ناروا چوي ڪوئي.

 

هِت هزارين خدا زماني جا،

ڪنهنکي، ڪنهن کي خدا چوي ڪوئي.

 

سڀڪوئي پنهنجي غم ۾ آ مصروف،

ڪنهنکي غم آشنا چوي ڪوئي.

 

ڪوبه ناهي ”وفا“ ٻڌڻ وارو،

ڪنهنکي ڪيئن سچ ڀلا چوي ڪوئي

 

 

”جليل“ سروري

 

ڀلا هو خفا و اسان کان رهن ٿا،

جڏهين دل ۾ خود دشمنِ جان رهن ٿا.

 

بنان جام جن کي پيارين ٿو ساقي،

اهي بخت پنهنجي تي نازان رهن ٿا.

 

خرابي اگر ناهه قسمت جي اي دل،

ته پوءِ دور ڇو حال پرسان رهن ٿا.

 

اسان ۽ پريشاني، ناهي وڃايو!

مگر ڇو ڀلا هو پريشان رهن ٿا؟

 

اسان جي ته حسرت اڌوري سهي پر،

پريشان سندءِ عهد و پيمان رهن ٿا.

 

ڪڏهين سمجهه بي سمجهه کي ڪين ايندي،

بيابان هميشه بيابان رهن ٿا.

 

”جليل“ آهي دشمن زمانو وفا جو،

هتي پيار کان خالي انسان رهن ٿا.

 


 

 

”ذوالفقار“ راشدي

 

گهڻي تائين تنهنجون تڪيوسين پي راهون، مگر تون نه آئين،

تڪيندي تڪيندي ٿڪي پيون نگاهون، مگر تون نه آئين.

 

 

رنم ۽ رئاريم، گهڻي تائين ڳايم، پئي توکي پڪاريم،

ويا ساز بڻجي، هي سڏڪا ۽ آهون، مگر تون نه آئين.

دکايا جلايا ويا آڙاهه ڪيئي، ٿڌا ٿيا سڀيئي،

ٿڌيون  ٿي ويون برهه جون نيٺ باهيون، مگر تون نه آئين.

زمانو گهڻو ٿيو، جواني به ويئي، مگر پو به ڍولڻ، مگر پو به سائين،

اسين اڄ به تنهنجا ۽ تولاءِ آهيون، مگر تون نه آئين.

هي قسمت جا قصا، نصيبن جا ليکا، اجايو هي اکڙيون، چريون ٿيون ويچاريون،

جي توکي ڏسڻ لئه مون در در رلايون، مگر تون نه آئين.


 

 

قطعا

”امداد“ حسيني

 

منهنجي دامن ۾ خارئي آهن،

تون بهارن جي آهين هيراڪ.

منهنجي اکڙين ۾ لڙڪ ئي آهن،

تون ستارن جي آهين هيراڪ.

 

موت هر ڪنهن کي ٿو ماري پياري،

زندگيءَ پاڻ کي ماري ڇڏيو.

هاءِ ماحول جي افراتفري،

مون ته توکي به وساري ڇڏيو.

 

نه چپن کي ئي تو چوريو، نه نگاهن کي کنيو،

آءٌ هن ماٺ مان سمجهان ته ڀلا ڇا سمجهان.

پيار يا غصو يا انڪار يا اقرار يا رسم،

تون ئي چئو ناز، ادا، شرم، حيا ڇا سمجهان.

 


 

نياز علي شاهه ”محسن“

 

(1)

نماڻي نظر سان نهاريو ٿا سائين!

سلامت هجو، باهه ٻاريو ٿا سائين!

ڪڏهن مرڪندي ۽ ڪڏهن شوخ ٿيندي،

محبت جو احساس ڏياريو ٿا سائين!

 

(2)

خلوص ڪيش، حقيقت پرست انسانن،

قدم قدم تي غلاميءَ سان چوٽ کاڌي آهه.

خطا معاف، تقدس جي ٺيڪيدارن ئي،

قدم قدم تي غلاميءَ ڏي موٽ کاڌي آهه.

 

(3)

مجال ناهه جو هڪ پل به ڪُشتهء ناحق،

حقيقتن جي بناء تي ڪري سگهي آواز.

معاشري جو مقدس نقيب زنده باد،

جو پنهنجي اصل کان آهي وڌيڪ ڪجهه ممتاز.

 

مولوي محمد صديق ”ماعر“

 

ساقيا، تنهنجي مئي ۾ لئي ناهي،

اهڙي مئي، سچ ته ڪابه شئي ناهي.

ميڪشن کي پيار، ساغر صاف،

تنهنجي همت جو پيل، پئي ناهي.

 

ساقيا، تنهنجو جام هو شيرين،

قابل، نوش، لائق تحسين.

اڄ اوهان جو ادا ڪريون ٿا شڪر،

شل اوهان خوش رهو سدا، آمين!

 

ساقيا، آڻ بادهء عنبي،

مون کي ڪيو آهي، تنگ تشنه لبي.

منڪر باده ساده لوح آهي،

قابل غور، ناهي اهڙو غبي.

 

ميڪدي جا اوهان ئي مير آهيو،

ميڪشان و مغان جا پير آهيو،

فن رندي اوهان تي ختم آهي،

چشم زاهد ۾ مثل تير آهيو.

 

رباعيات

 

ڊاڪٽر سدارنگاڻي ”خادم“

 

دم دم ٿو لهين سار، سٻاجها سائين،

چو ڪيئن چوان مون ۾، سمايل ناهين!

تو دل ۾ ضرور آهه، بڻائي ڪا جاءِ،

جي ائن نه هجي، سڀ ڳجهه ڪئن ٿو ڄاڻين!

 

جان جان ۾ جان آهه، دل ۾ ايمان،

در تنهنجو مٽيندس ڪئن، اي جان جهان!

اهڙو نه سجهي، ڦٽ جو ڇٽائي دل جا،

هر درد جو ويڄ، تون ئي آهين درمان.

 

ڪنهن هنڌ نه مسڪين جي حاجت ٿي روا،

”خادم“ نه وري دل جي دکن جي ٿي دوا.

مسڪيني، مجبوري، ۽ ڦٽ جهونا،

داتا! نه سجهي ملم، سندءِ ٻاجهه سوا.

 

ڪيڏو به کڻي هجان، گنهگار عظيم،

ڇا منهنجو بگاڙيندو، شيطان رجيم!

رحمت جو ڪري قول، پو خلقيو توگناهه،

ڪهڙو نه ڪريم آهين، ڪهڙو نه ڪريم!

 

ڪئين بار بدين جا کڻي سر تي دائم،

دنيا جي ڌٻڻ مان، پهچندس سالم!

ٿا پاڻ ڇڏائڻ سان وڌ ڦاسن پير،

ساڻي ٿي خدا، تنهنجو ئي آهيان ”خادم“.

 

ويجهو ٿي ونين کان به اچين ڇو نه نظر،

هيڏو تون وڏو، پو به پيم ڪانه خبر:

مر مون کي وڏي واڪي، ڪوٺين، مالڪ!

ڪيئن ٻوڙو ٻڌي، گونگو وراڻي ڪنهن پر؟

 

مان توکي لهان ڪيئن مٽي منهن توکان؟

وک ئي نه کڻان، ته ڪيئن منزل تي رسان؟

سو ڀيرا سڏيئي، ڪن نه ڪيم هڪ ڀيرو،

تو ساڻ ملان آءٌ، ته ڪنهن ريت ملان؟

 

داتا ته ڪري پنهنجو ڪرم، پنهنجي سخا،

هٿ پير اکيون، مغز ڪيا توکي عطا!

پر حيف جو ڪو فائدو تن جو نه وٺي،

ڳڻچور! ڪرين شڪر جي بدلي ٿو گلا!

 

ڪيڏي به ڪري منڪر، حق جي دعوى،

ڇا حق جو بگاڙيندو، بڻندو خود ڇا؟

گنگا نه ٿئي ناپاڪ، ڪتي جي گڦ سان،

ٿيندو نه ڪتو پاڪ، تريو جي گنگا.

 

الله! انهيءَ فڪر ۾ آهيان غلطان،

تان هي جو ڏسان ويٺو، سڀ آيو ڪٿان؟

ٿا مون کي چون: ڪين جي پيدائش آهه!

پيدا ٿي سگهي ٿو ڪي ڪڏهن ڪين منجهان؟

 

ظاهر نه ڪيئي جيسين هيءَ پنهنجي صفات،

يعني نه اڃا خلقيئي هيءَ مخلوقات،

اي پاڪ خدا! ڪٿ ٿي وسيو تنهنجو وجود؟

ڇا، ڪين جي عالم ۾ هئي، تنهنجي ذات!

 

ڀڳوان! ڏٺو ڇا آهي، تنهنجن ڀڳتن،

جڳ جا ڇو ڇڏي سک، ٿا صحرا ڀٽڪن؟

رڻ جو نه ڪوئي پار، نه پاڻيءَ جو پتو،

ڪيئن هلبو، ڪٿي پهچبو، ڇا سمجهه اٿن!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com