سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1964ع

مضمون

صفحو :12

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا

موت

موت جي معنيٰ آهي ڪهڙي؟ موت جي مام معلوم ٿي پئي ته هوند حياتيءَ جي منزل صاف ۽ چٽي ٿي پئي. عالم ۽ عامل موت کي معجزو ڪري ٿا مڃين. ٻار ان کي نامعلوم جو سڏ سمجهي سن ۾ اچيو وڃن. جوان کيس قهار ڪري ڪوٺين. باقي عمر رسيدا ۽ عليل ان کي عذابن کان نجات جو دروازو ڪري ليکن. عاجز موت کي پيو ڪوٺيندو. قرضي خودڪشيءَ جا خيال پيو ڪندو، مگر شڪست کاڌل موت جو طوقو پيو تڪيندو. تڏهن موت آهي ڇا؟

ڇا هلچل ۽ چرپر جي چپ موت آهي ڪئن؟ ڇا ساس ۽ احساس جي آمدرفت جي رستن جي رڪاوٽ کي موت جي مورت چئي سگهجي؟

موت اوت آهي عجيبن جي: زندگي پوت آهي حبيبن جي. زندگيءُ ۾ ذوق، شوق، زوم ۽ ڌوم، مگر موت ها ها ڪار، رودن ۽ ٻاڪار. اهي مڙيئي حالتون  آهن. اصليت آهي ڇا انهيءَ ڏڪائيندڙ، ڏاريندڙ، ڏنکيندڙ، ونگيندڙ جي؟ زندگيءَ بعد گيان وارا حوالا ڏين، مگر تالا لڳل آهن. زبانن تي، حقيقيت جي هلاس ۽ خلاص ڪرڻ لئه.

(2)

ٻار کي ياد ايندي ابي امڙ جي. کيس چٽي تصوير هوندي اکين جي ماڻڪين ۾ شمس قمر جي سج سانجهي ٽاڻي ويندو لهي ته رات پوندي ٺهي؛ مگر انهن ٻنهي جي راند روزمره هلندي اچي.

زندگيءَ ۽ موت جي راند ئي الوڻي. سندن ڀيٽ چنڊ ۽ سج جي لهه چڙهه کان بي بيان. احساس جي راس رمندا رهن، مگر زندگيءَ موت کي گوهيون ڏيندي ٿي رهي. موت شڪاريءَ جيان پويان ان جي گهمندو رهي.

گل باغ ۾ ڦرن، کلن ۽ مرن، ٻهڪندڙ حسن، ٽهڪندڙ ڊول، سسيو سوڙهو ٿيو پوي مرڪندڙ مکڙيون مرجهائجيو وڃن. رنگ سندن ونگ وڃائي دنگ رهجيو وڃن، ۽ ڀڃن هئڻ ۽ هستيءَ جو سارو منڊل.

گهر ۾ سندن گهل ٿيو پوي. لوڏ سندن لڙڪ؛ مرڪ سندن کڙڪ ڏيندي رهي، ڦڪي، بي حس ۽ بي وس هئڻ جي بي رس ٿيو پوي سندن ساري بيهڪ، چمڪ سندن چمڪ چڪايو بي حس ٿيو پوي. اهو آهي موت جو عڪس، ۽ آڪار جي تصوير، جا هير سان هلي، هير سان کلي.

(3)

موت ستاري کي آسمان مان اُڪاري زمين ڀر ليٽايو ڇڏي. موت شهباز کي هڪ ئي چپاٽ سان چيڀاٽي چڪناچور ڪيو ڇڏي.

موت آڏي ٿو آکيرو امڙ جي اکين ۾، عاشق جي دل ۾، بهادر جي دماغ ۾، عورت جي رڳ رڳ ۾.

عورت موت جي زندگي آهي، زاهد جي بندگي آهي، غدار جي شرمندگي آهي. عبرت جو موت اصليت جو علم آهي، حسرت جو موت ميلاپ جو قلم آهي، غيرت جو موت پيار جو افسانو آهي.

موت ۽ زندگي، بندگي ۽ شرمندگي__اهي وقت جا کلوڻا آهن؛ شاعر جا آباڻا آهن؛ مصور جا اُپايل، ناٽ جا پاليل، موسيقيءَ جا نپايل نچايل، هلايل پتنگ آهن. آسمان ۾ اڏامندا رهن؛ زمين تي گهمندا ٺهن؛ نهر ۽ بحر تي وڙهندا سونهن. اهڙن رانديگرن جو رونشو گوشو ڪئن نه جهلي؛ اهڙن آبدارن، تاجدارن جوطوفان ڪئن جهلي ۽ ڇلي.

(4)

موت ڌاران وس ۾ واس ڪڏهن ڪيم ٿئي.

اُسَرَ ۽ اُڀَرَ جسم جي کڻي ٿئي به ٿي، مگر موت بعد ئي ذات ذوق مان ظاهر ٿيو ٿي نڪري.

جنس جو داڻو زمين ۾ دفن ٿي، پاڻ وڃائي، تڏهين مس اپائي ٿو سلو.

موت بعد ئي زندگي زيب واري ٿيو پوي، نه ته عيب ۽ غيب جا گناهه اڀريو، واسينگن جيان ڏنگيدا رهن  زندگيءَ ۾ جي مرن ٿا، سي ئي چوٽ چڙهن ٿا. روزمره جي لهه وچڙ ۾ جي پاڻ ماري هل ته رس ٿئي ٿو. رس وري ڪس کان سواءِ مشڪل ٿو پڙ ٻئي. جس وري به موت کي. جو انهيءَ جي ميزباني قبول ڪري، سو ئي ملائڪن جي محفل جو حقدار ٿئي ٿو.

سنکيو، شنگرف ۽ ٻيون ڪيتريون قاتل چيزون جڏهن باهين ۾ ڀسم ٿي وڃن ته اهي پنهنجي خصلت خوني بدلائي، پاڻ خون جو پيدا ٿيندڙ ٿيو پون. اڪسير ٿيو پون. انهن جي خاڪ پاڪ  ٿيو پوي. ۽ ملهه سند مهانگو ٿيو پوي. معدني ڏات مرڻ بعد زنده ٿيو پوي. موت بعد ئي اوگڻ اگلايون. اوڻايون مٽجيو پون. عام ۽ خاص ائين چوندا رهن ”واه جو موت هئي محبوبي!“ مطلب ته خوبيءَ ڌاران ٻيو سڀڪي خاڪ ٿيو پوي.

موت تڏهين ڪلاڪار آهي يا ڪامل، عامل آهي يا عالم، جو علم غيبي مان ڦوڪ ڏيئي، جادوگر وانگيان، تاثير مصور جو، رنگ ٻئي ۾ رنگي ٿو ڇڏي، ۽ اڏي ٿو عمارت عجب ۽ حيرت جي، حسن عبرت جي خبر نه آهي ڇو، تڏهين عزيز ۽ خويش موت مٿان ملامت، پٽ پاراتو ڇو ٿا وجهندا رهن، ۽ موت سموري ڪارگذاري صبر ۾ سهيو، لهيو وڃي الاجي ڪهڙيءَ دنيا ۾!

موت ڪيمياگر آهي، مگر ڪو اک انهيءَ سان کيس ڏسي.

گل ويچارا باغبان جا ناز مان پاليل، نپايل، جڏهين به حڪيم ڪامل جي هٿ چڙهيو وڃن ته سندس ماڻهو انهن جون منڍيون مروڙيو، هڏ هڏ سندن چور ڪريو ڇڏين. مگر عقوبتن جو انجام اڃا به اڳتي. چلهن ۾ باهه ڀڙڪائي، ڪرنڦلن ۾ چاڙهي، هو کين اٻاري، سندن ست ڪڍيو، عرق ۽ عطر آڻيو آڇين عام کي. گل ويچارا واڍوڙ مٿان وڍائي، سمورو ست وڃائي، ماٺ ڪريو پئجيو رهن.

موت! تنهنجي زندگي مون لئه عبرت افسانو آهي. ترانو تنهنجو آهي وري طوفان توائي کان تکو. مرحبا چوندا ڪي مڙس مانجهي توکي. آءٌ ته عليل آهيان، تون جميل آهين ڪي جليل؟ تنهنجو جمال هيبت جي حيراني آهي. ان جو ڪمال جمال حيراني آهي ڪي لاثاني!

سالن جو ساٿ ساعت ئي هڪڙيءَ ۾ سميٽي سگهين. سمي کي چوين ته تنهنجيءَ سلطنت جو سڪو مون وٽ چالو ڪينهين. دسن کي هڪل ڏيئي، هڪالي، پاڻ پنهنجو معشُق ڪڇ ڪريو، خبر نه آهي وڃين ڪهڙيءَ وستيءَ ۾.

جسم ته ساڳيو سمهيو رهي. ديس ۽ ڪال اهو امانت ڪري، سانڍي جيسين ان جا عزيز خويش ڌرتيءَ داخل ڪرڻ لئه يا باهه ڏيئي ڀسم ڪرڻ لئه، اچي ڪٺا ٿين.

تون جو مست ٿيو وڃين هليو، ڀلا ٻڌاءِ ته ڪهڙو قيمتي خزانو لٽي کنيو ٿو وڃين. دليون گهڻيون ٿو ڀڃين، هڪڙي پنهنجي دل راضي ڪرڻ لاءِ؟ جواب ڪهڙو ڏيندين؟ سوال ئي جڏهين لاجواب آهي، پوءِ ڪهڙو حساب پنهنجيءَ ڪرڻيءَ کي صاف ڪندين.

انهيءَ هستيءَ جي مستي؟ انهيءَ شخصيت جي اهميت؟ انهيءَ جيو جي جان؟ خبر نه آهي ته تو اهڙي شڪارن جهڙي زندگي قبول ڪئن ڪئي؟ ڇا توکي انهيءَ حياتيءَ ۾ مزو ٿو اچي، جو هڪڙا روئندا رهن ۽ تون کڳيون ماريندو رمندو رهين؟

عالمن کڻي عوام تي رعب ڄمايو آهي ته سڀ جو آب آهي رب.

ڇا رب جو سڀن مٿان اهو رحم آهي، ساڻن ايهو سُهُجُ آهي جو جا چيز ساعت اڳ چُر پُر ۽ اِڇا واري هئي، سا هڪدم سن ۽ سانت ۾ اچيو وڃي! ڇا، انهيءَ کي زندگيءَ جي آخرت ٿا چون ڪئن؟

طاقت تو ۾ آهي ڪهڙي؟ بدن، جو ڀاري آهي، تنهن کي ته کڻي وڃين ئي نٿو. باقي دَمُ، اهو به الاجي ڪٿ وڃي ٿو واسو ڪري. پکيءَ وانگيان اڏاسي، هڪ ڏار تان پار وڃي ٿو واسو ڪري.

تون جو هيترا سارا خون ڪندو ٿو وتين. تنهن جي جزا يا سزا ڪهڙي ٿو ڀوڳين؟ عامل چوندا، حڪم جو بندو آهين. توکي اهڙي حڪمن جي تعميل ڪو ضمير ۾ چڪ نٿو پئي؟ لهي جو ضمير آهي تنهنجو، رڪ جو تير آهي تنهنجو! تيراندازيءَ تنهنجيءَ کي مجرا تڏهين ڏجي، جڏهين جوڌن وانگر وڙهين!

اصل کان تنهنجو پيشو آهي. پيشو تنهنجو وري ڪهڙيءَ ريت ڪرم ڪندو هوندو. جيڪو تنهنجي اهڙي طرح همٿ افزائي ڪندو جو ابهم به پنهنجي چنبي ۾ جهٽيو، مکڙيون پٽيو، اچي سندس نذر رکين، اهو رحم جو ورق ڪهڙي پر ورائيندو؟ ايها ڳجهارت سمجهڻ عقل کان ٻاهر آهي.

اي موت، جيڪڏهين توکي زندگي آهي ته نيٺ هڪ ڏينهن تنهنجو به موت ايندو پوءِ تنهنجي بدران ڪير تنهنجن ڪرڻن جو جواب ڏيندو؟ تنهنجا عزيز ڪٿ آهن، جي تنهنجي فوت ٿي وڃڻ تي هنجون هاريندا، ڳچ ڳاڙيندا؟

******

 

مهراڻ جا موتي

اصول تي هلڻ جي مقابلي ۾ اصول لاءَ لڙڻ آسان آهي.____ايڊلر

مان ساري عمر، عملي طرح سان، خود غرض رهيو آهيان، پر مون بي اصول هئڻ کي خود غرضيءَ ۾ شمار نه ڪيو آهي. ____ آسٽن

جنهن کي اسان ترقي ٿا سڏيون، اها حقيقت ۾، هڪ مصيبت جو ٻيءَ مصيبت سان تبادلي جو نالو آهي. ___جارج ايليٽ

ترقي، اقليت جي نظريات کي قبول ڪرڻ جو نالو آهي. ___جارج ايليٽ

جڏهن ڪو شخص، پنهنجي وعدي کي بار بار دهرائي ٿو، تڏهن پڪ سمجهڻ گهرجي ته هو اوهان کي دوکو ڏيڻ چاهي ٿو. ____برنارڊشا

جنهن چيز تي ڪنهن جو به يقين نه آهي، ان جو ثبوت نٿو ڏئي سگهجي.  __برنارڊشا

خوش ٿيڻ انهن ماڻهن جو ڪم آهي، جي سوچ ويچار نٿا ڪن. ___پوپ

شاعر ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون پر معنيٰ ڳالهيون ٿا ڪن، جن کي هوخود به مشڪل سان سمجهي سگهندا هوندا. ____افلاطون

نرمي، سڀ کان زياده قبول ڪرڻ جهڙي منافقت آهي، پر ڪنهن ڪنهن موقعي تي، ۽ ڪن خاص صورتن ۾. ____پيٽرس

دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ غير مناسب شيءِ آهي غريب رشتيدار. ___اورهالي

دانشورن جون ڳالهيون، جي آهستي چيو وڃن ٿيون، اهي احمقن جي برسر بازار شور کان وڌيڪ ٻڌيون وڃن ٿيون. ___عهد نامه قديم

حڪمت، لڙائي جي هٿيارن کان گهڻو بهتر آهي،   ___توريت

مثل مکيون، عطار جي عطر کي بدبودار ڪن ٿيون، ان طرح ٿوري به حماقت، عزت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.    _____عهد نامه قديم

دانشور جي دل ان جي کٻي پاسي رهي ٿي، پر احمقن جي دل ان جي سڄي طرف رهي ٿي. __ عهدنامه قديم


 

سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا

مقفيٰ ۽ مسجع نثر ۽ سرحرفي جو نمونو

سهڻيءَ جو چُڪيءَ اهڙو چت چريو ڪيو، جو راتيان ڏينهان روح ۾ ريجهه رهاڻ، طلب ۽ تات، شوق ۽ ذوق ۽ خيال، وصل ۽ وصال، نينهن نهال محب ميهار جو.

من ميهار سان اهڙو ملي ويس جو وار به وٿي نه رهي، دل ۾ ديرو دوست جو، تصور ۾ تصوير ساهڙ جي، پلڪ وراهو نه سهي، آڌيءَ رات اندر مان سور اڌ مان ڏئي پيا اٿنس.

ساهڙ سان، سندس اهڙو ڳنڍ ڳنڍجي ويو ۽ پيوند پئجي ويو، جو فرق ڦير نه رهيو. سهڻي چوي پئي ته منهنجو من ميهار سان منڍ کان مڙهيل آهي، انگ ازل کان لکيل آهي.

جڏهن عشق ۽ محبت سهڻيءَ کي حد کان وڌيڪ ٿي ويا، تڏهن سر جو سانگو، تار يا تانگهو، ڪن ۽ ڪڙڪا، اوندهه ۽ نڌاري، نانگ ۽ بلائون، وڄن جا چمڪاٽ، هوا جا سوساٽ، گوڙ ۽ گهمسان، مينهن ۽ طوفان، ننگ ۽ ناموس نظر نه رهيس، سڀ تڪليفون ۽ مصيبتون، سهنج ۽ سهولتون پيون ڏسڻ ۾ اچنس__غم ۽ الم کي خوشي ۽ خورمي پئي سمجهي، عشق جي اندر ۾ اها ته آڳ ۽ اساٽ لڳل هيس. جنهن جي ڄيري ۽ ڄڀي جا آڙاهه اندر ۾ پئي ٻريس__تنهنڪري ٿي چيائين:

”سڙان  پچان پڄران، لُڇان ۽ لوچان،

تن ۾ تونس پرينءَ، جي پييان نه ڍاپان،

جي سمنڊ منهن ڏيان، ته سرڪيائي نه ٿئي.“

مٽن مائٽن جا مهڻا سهڻا، لوڪ جا طعنا ۽ تنڪا، ڏک ۽ ڏوراپا، ڏم جو ڏمر، خلق جي خواري، سرتين جون سهمون سر تي سهايائين، پر ميهار جي محبت کي مور نه مٽايائين، وصل ۽ وصال، رمزون ۽ راز، وندر ۽ ورونهه، ريجهه ۽ رهاڻ لاءِ سدائين تيار، ديردار جي دم، ۽ ڪرم، اندر جا غم الم، ميٽي ٿي ڇڏيس. پرينءَ جي پسڻ لاءِ هميشه هوشيار، وقت جي پابند، اوکي ۽ اهنجي جي ڪا پرواهه نه ڪرڻ درياءَ جي دهشت، ڪنن جا ڪڙڪا، لهرين جا لوڏا،  تک ۽ تيزي، جهنگ ۽ جهانگي، مرون ۽ مانگر، وڇون ۽ نانگ، مينهن جا وسڪارا طوفانن جا گهوگهاٽ، خواب و خيال ۾ به نه رهيس، سڪ ۽ سوز، عشق ۽ امنگ، طلب ۽ تات اڳيان ٻي ڪابه مشڪلات مقابلو نه ڪري سگهي، جيڪا تڪليف آڏو اچيس پئي، ته چوي پئي ته هيءَ منهنجي قسمت ۾ لکيل هئي، ڪنهن جو قصور ڪونهي، منهنجي ڀاڳ ۾ ڀيلو لکيل هو، تڏهن ڀاڱي آيو ۽ ڀري پيو، ميهار ۽ مائٽن تي ميار مور نه آهي.

قول ۽ قرار تي قائم، انجام ۽ اقرار تي دائم، سخن جي سچي، پڪي ۽ پختي، وعدي جي وفادار عزم ۽ استقلال، جرائت ۽ همت سندس شيوو هئا.

(ڪتاب ”شاهه جو پيغام“ مصنف: جناب حافظ محمد ”احسن“ چنه، اقتباس پيش ڪندڙ: الهداد ايم. ميراڻي، دادو)

 

پڙهندڙن جا پيغام

­پيرعلي محمد صاحب راشدي_هانگ ڪانگ

اڄ مهراڻ جو نمبر 2_3، سال 63ع، جو مليو. اوهان جي تحرير پڙهي ڏٺم. دل گهريو ته اوهان ڏانهن مبارڪ لکي موڪليان. الله اوهان کي قلم جي وڏي قوت عطا فرمائي آهي. سنڌ کي اوهان تي ناز هجڻ گهرجي. روبروملاقات ڪانه ٿي آهي. ان هوندي به هن عرض ڪرڻ جي جرات ڪئي اٿم جو جذبو جهلي نه سگهيس؛ اوهان جي مضامين پڙهڻ بعد، اهو ملڪ ڪونه مرندو، جنهن کي جاڳائيندڙ اوهان جهڙا ميسر هوندا.

31_ڊسمبر 1923ع

واسلام علي

محمد راشدي، از هانگ ڪانگ

رئيس ضياء الدين، ايس، ”بلبل“ دادو

بعد تسليمات، گهڻي انتظار کان پوءِ ”مهراڻ“ آيو، پڙهي پورو ڪيم. ڪالهه جناب سيد علي اڪبر شاهه صاحب به هت مون وٽ اوطاقي هو. ان به مضمون ”بلبل جو فن“ مطالع ڪيو، ڏاڍو خوش ٿيو. اوهان واقعي وڏي محنت ڪري نت نوان نڪته چٽيا آهن ۽ نيون ڳالهيون آنديون آهن، جي هن مهل تائين اسان جي ڌيان تي ڪونه هيون. اوهان وڏو احسان ڪيو آهي سنڌي ادب ۽ سنڌي تهذيب جي تاريخ ۾ هي شاهڪار، پنهنجي فن ۽ موضوع جي حيثيت سان امر رهندو.

اوهان جو ايڊيٽوريل به نهايت اعليٰ درجي جو ادبي شاهڪار آهي. هن رسالي کي خوب سينگاريو اٿو. 

28_ڊسمبر 1923ع

حضرت مولائي شيدائي سکر

بهار، عارض، گل سي لگاکر آگ گلشن مين

طيور، سبح خوان کو کرديا، آتش به جان توني

مڪرمي حضرت مولانا گرامي صاحب

دنيا جي فڪرات، ڪشمڪش حيات، مهانگائيءَ ۽ ملاوت، چاپلوسي ۽ منافقت، ماحول کي تاريڪ ڪري رهيا آهن. اهڙي عبرت انگيز وقت ۾ سماهي ”مهراڻ“ جي تازي پرچي ۾ اوهان جي ايڊيٽوريل نوٽ، دل کي جيڪا بهاري پهچائي آهي، تنهن لاءِ مبارڪباد پيش نه ڪجي ته پوءِ اها ناقدرشناسي ۽ ناانصافي چئبي. اميد ته گدايان، ميڪده طرفان قبول فرمائيندا، ڇا لکان؟ هڪ جام، صهبائي آهي، جو دل کي ڪيفيت پهچائي ٿو ۽ دل بيوس ٿي مور وانگر نچڻ لڳي ٿي، اميد ته چمن طرازيءَ قائم رکندا. منهنجي پاران، پنهنجي قلم کي هڪوار چمندا، والسلام ورحمة الله و برڪاتہ__

تنهنجو ”شيدائي“

29 جنوري 1964ع

مولانا صاحب، جوهر جو قدر جوهري ڪندا آهن، مان ڇا لکان؟ ”گراميءَ جو ثاني نه شام ويمن ۾!“_اوهان جو ايڊيٽوريل نوٽ پڙهي حافظ ابن حجر عسقلاني ياد آيو، دل کي بهاري پهتي، دعا آهي ته قلم اڃا پوءِ وڌيڪ چمن طرازيون ڪندو رهي شال. فقير وٽ دعا کان سواءِ ٻيو ڇا آهي؟ _

والسلام

تنهنجو ”شيدائي“

14_فيبروري 1964ع

”راز“ ناٿن شاهي

مهراڻ پهتو، تمام سهڻي نموني ۾ مضمون، افسانا، غزل وغيره ڏنا اٿو. مهراڻ جي مطالع کان پوءِ اسان جهڙن نوآموز ماڻهن لاءِ، ادب ۽ فن جون نيون راهون کلن ٿيون

سيد ”مرشد“ گيلاني، گهوٽڪي

اوهان جي ذات سان ڪافي سنڌي ادب کي اميدون وابسته آهن. هڪ ادب جي خادم ۾ اهڙيون وصفون هئڻ گهرجن. اميد ته ”مهراڻ“ ۽ اوهان، ادب جي خدمت جي سلسلي ۾ پنهنجي احسان جو سايو، سنڌي ادب تي تادير رکندا ايندا. ”مهراڻ“ مان ڏاڍو حظ حاصل ٿئي ٿو. هر پرچو، اڳي کان اڳڀرو آهي، اهو اوهان جي جودت، طبع ۽ مواد جي اصلاح ۽ ترتيب جو مرهون منت آهي.

”دادا“ سنڌي، ميرپورماٿيلو

”مهراڻ“ مون کي منهنجي وڏي ڀاءُ کان مليو، پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. بيشڪ ”مهراڻ“ سنڌ جو واحد، علمي، ادبي، تاريخي، تمدني، اخلاقي ۽ اصلاحي رسالو آهي، ”مهراڻ“ هن وقت جا ترقي ڪئي آهي. ان جو داد اوهان کي ئي ڏيڻ  گهرجي. آءُ اوهان کي دلي مبارڪ ڏيان ٿو.

”مهراڻ“ ۾ غلام رباني جو خط نظر مان گذريو. پڙهي ڏاڍو ارمان ٿيو ته ڀٽائيءَ جي مقبري جي اهڙي حالت ڇو ٿي آهي؟

ذوالفقار راشدي

”مهراڻ“ مليو، مهرباني سچي ڳالهه هيءَ آهي ته مان پاڻ کي آزمائڻ جي پنهنجي پاڻ سان هوڏ ڪئي آهي، ڏسان ته منهنجي نظم ۽ نثر ۾ لفظ ۽ سوچ جي ڪيتري اڏام آهي؟ ان لاءِ بهترين پارکو ”مهراڻ“ جا پڙهندڙئي آهن، انهن تائين پهچڻ لاءَ ”مهراڻ“ ئي سڀ کان سٺو وسيلو آهي، اوهان مون کي پنهنجي پاڻ آزمائڻ واري هوڏ ۾ مدد ڪندا؟

ايشور چندر، دهلي

ڀاءُ، مهراڻ جو تازو پرچو پهتو ”مهرباني“ اوهان نئين اڀرندڙ اديبن جي همت افزائي ڪري، ادب جو مستقبل روشن ڪري رهيا آهيو، سچ پچ ته هند ۽ سنڌ جي سنڌي رسالن ۾ مهراڻ ئي رسالو آهي، جيڪو پنهنجو معيار بلند مرتبه تي قائم رکندو ٿو اچي. رب ڪندو، اڃا وڌندو ۽ ويجهندو، بس.

محسن عباسي، ٺٽو

مهراڻ جو ديدار نصيب ٿيو، اوهان جي سنڌي ادب ۽ تنقيد تي لکيل اداريه پڙهيم، گهڻي وقت کان پوءِ پڙهڻ جي شئي ملي (فقط مٿيون حصو، سچو مهراڻ نه) روح کي تازگي ـ سڪون حاصل ٿيا. جيڪڏهن ملن ته مسلسل اهڙيون شيون پيون پڙهجن. جيئن فڪر ۾ پختگي ٿئي. مگر اوهان گهرڻ جي باوجود پڙهڻ لاءِ نٿا ڏيو. اسان گندي لڙ ۾ لڙهيو وڃون.

غلام علي کوکر سب جج گنبٽ

”مهراڻ“ رسالو پهتو. يادگيريءَ لاءِ مهرباني، اسين ”مومل“ شايع ڪري رهيا آهيون، نظم جي حصي کي سينگارڻ جون جوابداريون مون تي آهن. اوهان کي اعتراض نه هجي ته مان، اياز جا چند بيت، نياز همايوني  جي ”هنگلائي“ جو پويون ڀاڱو، امداد حسينيءَ جي ”واپسيءَ“ جو ڪجهه ڀاڱو، صائب حيدرآباديءَ جي ”ايندي باغن منجهه بهار“ ۽ وڇوڙي جي ورق جو ڪجهه ڀاڱو، ”مومل“  ۾ شايع ڪريان. اجازت لاءِ ٿورائتو رهندس. مون کي اهي نظم بيحد پسند آيا. باقي اوهان جي غزلن جو انتخاب ڪين وڻيم، هڪ شعر به اهڙو نه آهي جو دل کي چوري ۽ ڀوري وجهي!

نياز علي شاهه ”محسن“ ڪڪڙ

مرحوم ”بلبل“ تي ايترو لکڻ فرمايو اٿو! قبله، غضب ٿا ڪريو، ايتري رواني! خدا جي ڏني مان فقيرن کي به ذرو عنايت ڪريو.

عبدالله ڦل ٽنڊو قيصر

تازو سماهي ”مهراڻ“ ۾ مرحوم بلبل جي مزاح نگاريءَ تي، اوهان جي علمي طور سير حاصل بحث ڪيا آهن، تن ته هيڪاري اوهان کي علم ۽ تحقيق جي دنيا ۾ بلند مقام عطا ڪيو آهي.

”مهراڻ“ نظرنواز ٿيو، هر لحاظ سان، حسب دستور، هي شمارو به ساهه سان سانڍڻ جي لائق آهي.

اوهان جو اداريه، ”ادب ۽ اديب“، وري وري پڙهيو اٿم. سچ پچ ته اوهان جو هر لفظ ۽ هر خيال، ذهن جي تار تار کي جهنجهوڙي ٿو ڇڏي، مختصر طور هيترو عرض ڪبو ته ادبين جي جدا جدا گروهن جو گهرو ۽ اونهون جائزو ورتو اٿو ۽ ڪنهن کي به معاف نه ڪيو اٿو! (اوهين ٻڌايو، ڀلا ڪوڙ آهي!)

مون پنهنجي پراڻي ڪلام کي شايع نه ڪرڻ لاءِ خط لکيو آهي. عرض ته جئن جئن مطالعو ۽ مشاهدو وڌن ٿا، تئن تئن ذهن ڪن اصولن سان بغاوت ٿو ڪري ۽ ڪي نيون پابنديون پاڻ تي پاڻهي عائد ٿو ڪري، پوءِ اهي نيون پابنديون صحيح هجن يا غلط، بهرحال انهن جو ڄار ايترو مضبوط ۽ وسيع ٿئي ٿو، جنهن مان هڪ شاعر ۽ اديب، فنڪار يا ڪلاڪار جندئي نٿو ڇڏائي سگهي. ان ڄار مان وري به فن جو وسيع تجربو، وسيع مطالعو ۽ وسيع مشاهدوئي ڪڍي سگهن ٿا. جيستائين ايتري وسعت نگاهه، ۽ فن جي پختگي اچي، تيستائين فنڪار، لازمي طور ان ڄار جي چڪر ۾ رهڻ ۽ وهڻ لاءِ مجبور به آهي ۽ معذور به آهي!

اسان جو ڪجهه اڄ چئي رهيا آهيون، اهو اڄ سو في صدي درست آهي، ليڪن سڀاڻي جي خبر نه آهي ته انهيءَ فيصلي جي ڇا حيثيت رهي؟ اصل ۾ اسان جو ڪجهه اڄ چئي رهيا آهيون، تنهن جي درست ۽ سچي هجڻ جي پرک سڀاڻي ٿيندي.

علي نواز سومرو، جوهي

سماهي ”مهراڻ“ مطالع ڪيو ويو. ”مهراڻ“ جي پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته ”سنڌي ادبي بورڊ“ ”مهراڻ“ جي وسيلي وڏي خدمت انجام ڏئي رهيو آهي. الله سائينءَ کان دعا آهي ته سندس ترقيءَ کي اڃا به وڌائي

ڪاڪو هريسندر روپچند ( اجمير)

”مهراڻ“ مليو. ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. 15 ڏينهن ته پئي اٿلايم، ڏٺم. اوهان ۽ مسٽر جويي ۽ ٻين سڀني دوستن کي لک مبارڪون هجن. اهڙي عاليشان سنڌي ساهتيه جي خدمت ڪرڻ لاءِ. اميد ته اڃا به گهڻي اتساه سان اڳتي قدم وڌائيندا رهندا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي لوڪ ساهتيه چونڊي سوڌڻ تي آفرين هجي. مون کي جتي تقريرن ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، اتي، سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتابن، ”مهراڻ“ ۽ اوهان جو ۽ جويي صاحب جو مثال ڏيندو آهيان، ۽ اوهان جي خدمتن جو ورنن ڪندو آهيان.

حافظ احسن، دادو

بلبل جي فن، تي اوهان جي قلم جي رواني، درياء وانگر موجزن محسوس ٿي آهي، اسان لاءِ اوهان جي ذات گرامي فخر جو باعث آهي. خدا وڏي ڄمار ڏئيو ۽ قلم کي وڌيڪ توفيق.

رشيد ارشد، ڪراچي

”مهراڻ“ مطالع ڪيم، __مهراڻ اڄ ڪلهه تاخير جي زد ۾ ٿو ڀائنجي. شال وقت جي اکين ۾ اکيون پائي نروار ٿئي. (آمين)

گذارش، بدران ”ڇوليون“ عنوان هجي ته ڪيئن؟ ”مهراڻ“ ۽ ”گذارش“ جو ڳنڍ ڪي قدر عجب ٿو لڳي. ”گذارش“ جي 2 صفحي جي آخري پيراگراف تشنہ ۽ مبهم آهي، جنهنڪري قابل توضيح آهي، فرمايو ته تفصيلي تبصرو ۽ راءِ موڪليان:_

عطيه جوڻيجو، حيدرآباد

”مهراڻ“ نهايت پسنديده رسالو آهي، سنڌي ادب جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ سندس ڪيل خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن، ”مهراڻ“ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

شيرين جوڻيجو، حيدرآباد

”مهراڻ“ رسالو پڙهيم، هر خيال سان معياري آهي شعر، افسانا، ۽ مضمون سڀ پڙهڻ جهڙا آهن، دعا آهي ته ”مهراڻ“ اڃا وڌي ۽ ويجهي، ۽ سنڌي ادب جي خدمت ۾ سڀ کان اڳرو رهي.

استاد بخاري، خيرپور ناٿن شاهه

مهراڻ جي مطالع، خصوصاً نظم جي حصي پڙهندي دل ۾ تڙپ پيدا ٿي آهي. ڪن ڪن شاعرن جي خيالن جي اونهائيءَ ۽ فني قابليت ڏاڍو متاثر ڪيو آهي. ڏاڍو تڙپان ٿو ته آءٌ به معياري لکي سگهان! بهرحال، هڪ نئين چڻگ چولي ۾ پٽجي وئي آهي، ”مهراڻ“ هڪ نئون سوز ۽ گداز پيدا ڪيو آهي.

ڊاڪٽر قيوم ”طراز“ بهاولپور

هت بهاولپور ۾ آهيان... بس تسي تسي يا ”ساڍي نال“ لڳي پئي آهي. ملڪ مڙيئي منصور آهي، ”مهراڻ“ نظرنواز ٿيو گيت موڪليم، ان ۾ زندگيءَ جي ڀيٽ ڪئي اٿم. سچ پڇو ته جيڪي ڇوليءَ ۾ تبديليون اچن ٿيون، سي ڄڻ  ته زندگيءَ جو پرتو آهن. انسان ڪنهن ڪنهن سان نالي الله جي وير رکي ٿو، ۽ ڪنهن سان پيار ڳنڍي ٿو. ڏسجي ته هراثبات ۾ نفي آهي، ۽ هر نفي ۾ اثبات آهي.

”آثم“ ناٿن شاهي

مهراڻ جو تازو پرچو نظر مان گذريو، اوهان جي قلم مان نڪتل، اداريه، تبصرا ۽ خطن جا جواب مطالع ڪيا ويا. ان کان اڳ اوهان ”ٻڍڙي“ ريڊيو پاڪستان جا ڳائڻا، اسلامي ڪانفرنس جي ڪارگذاري لکي، اسلوب ۽ بيان ۾ جدت پذير رنگ آندو آهي. تازي پرچي ۾ ادب ۽ اديب، ۽ بلبل جو فن، شاهڪار آهن. ڪهڙي نه رنگين قلم جا مالڪ آهيو! الله ڪري، اوهان جون ادبي موشگافيون، ۽ بوقلمونيون، سنڌي ادب ۽ زبان لاءِ تادير سلامت رهن.

مرزا اجمل بيگ ”اجمل“، حيدرآباد

رسالو مهراڻ ٽيون ڏينهن پهتو آهي، محترم گرامي صاحب جو مضمون، بعنوان سنڌي ادب ۽ مزاح نگاري، شروع کان آخر تائين، غور ۽ خوض سان پڙهيم، مون کي خوشي ٿي ته گرامي صاحب اهوئي خيال ظاهر ڪيو آهي جيڪو مون پنهنجي مختصر مقالي ۾ حضرت بلبل، مرحوم جي گذشته ورسيءَ جي موقعي تي دادوءَ ۾ پڙهيو هو. گرامي صاحب ص 151 جي آخري فقري ۾ لکي ٿو ته:

بلبل جي اثبات ۾ نفي ۽ امر ۾ نهي آهي، جتي هو جديد تهذيب ۽ انگريزي تعليم کي حاصل ڪرڻ لاءِ اثبات ۾ ڳالهائي ٿو، دراصل سندس مطمع نظر نفي آهي. جتي سنڌي جي درماندگيءَ ۽ سادگيءَ کي هدف ملامت ٿو بنائي، اتي اصل ۾ سندس مطمع نگاهه اثبات آهي...مگر مولفين بلبل جي نه اثبات کي سمجهيو آهي ۽ نه امر کي؛ نه نفيءَ کي ۽ نه نهي کي انهن

خردڪا نام جنون رک ليا، ”جنون“ ڪا خرد!

- بيشڪ حقيقت اها آهي ته حضرت بلبل جي شخصيت ۽ فن جي قدر و منزلت، قطب تاري وانگر دائم ۽ قائم آهي، ۽ رهندي...                              15 - جنووري 1964ع

راڄ محمد ”جمال“ پلي

”مهراڻ“ پهتو، بلبل جي فن تي اوهان معرڪ آرا مقالو لکيو آهي، اوهان جي تحقيق سنڌي ادب جي تاريخ ۾ منفرد ۽ مثالي رهندي. هن کان اڳ، جن به بلبل تي قلم کنيو آهي، تن ان ”فن“ جي وسعت ۽ همه گيري کي نظرانداز ڪيو آهي، اوهين فن ۽ شخصيت، مواد ۽ سيرت، ٻنهي کي ساڳئي وقت، اڳيان رکي، اڪبر ۽ حاليءَ جي فن سان علمي موازني ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيو. خاص طور ”بلبل“ جي فن جو تعارف پيش ڪري، اڪبري ۽ حاليءَ جي فن کان ممتاز ثابت ڪيو اٿو اها اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، اوهان جي اسلوب بيان، ۽ رنگين بيانيءَ لاءِ ڇا ٿو چئي سگهجي، اوهان جو فن تحرير، ۽ انداز بيان، سنڌي ادب ۾ پڻ مثالي آهي. اسين اوهان جي قلم ۽ فن تي ائين فخر ڪري رهيا آهيون، جئن اردو دان بوالڪلام آزاد تي، ۽ عرب امير شڪيب ارسلان تي، ۽ ايراني علامه قزوينيءَ تي! قلم جي بي پناهه روانيءَ ۽ ”مهراڻ“ جو عجيب سنگم نظر ٿو اچي اوهان جي تحرير ۾.

غلام رسول ناريجو، (ايڊيٽر دادو گزٽ، دادو)

سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد جي نڪرندڙ رسالي مهراڻ جو سال 1963ع وارو آخرين پرچو، نهايت آب تاب سان شايع ٿي چڪو آهي. ڇا ان جو ايڊيٽوريل مضمون آهي، ته ڇا ان جو نظم ۽ نثر وارو حصو آهي. تبصرا ۽ تنقيدون به اعليٰ معيار جون آهن. خاص طرح سنڌي ادب ۾ مزاحيه فن جو جيڪو مجموعي جائزو ورتو ويو آهي، تنهن ته هن شماري ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.

اهڙي اعليٰ ۽ معياري رسالي جي علمي، ادبي، ۽ تعليمي ادارا وڌيڪ قدرداني ڪن ته بهتر. اميد آهي ته قابل ۽ فاضل ايڊيٽر جناب مولوي غلام محمد صاحب گرامي، جناب ابراهيم جويي جي زير نظر هن رسالي کي اعليٰ معيار تي هلائي، پنهنجي رسالي کي ملڪان ملڪ مشهور ڪرڻ جو سهرو سرتي ٻڌندو.

اسان پنهنجي اداريه نوٽ ۾ هي عرض ضرور ڪنداسون ته اهڙي اعليٰ معياري رسالي ۾ پروف جو غلطيون ۽ ڀڳل حروف بنهه نه هجن ته بهتر، ان باري ۾ وڌيڪ چوڪسي ڪرڻ ۾ اچي.

اسان سنڌي ادبي بورڊ کي عام طرح ۽ جناب جويي صاحب ۽ جناب غلام محمد گرامي کي خاص طرح مبارڪ ٿا ڏيون، جو مهراڻ جهڙو شاندار رسالو شايع ٿي چڪو آهي.

مسٽر ”محمد علي“ دائود پوٽو

ايم. اي، بي. ٽي

موجوده دور ۾ سنڌي ادب جي جا خدمت ۽ صحيح حق ادائي، سماهي رسالو ”مهراڻ“ بجا آڻي رهيو آهي، سا دراصل سهسين ساراهن ۽ کيرن جي لائق ۽ مستحق آهي.

63ع جي مهراڻ ۾، ادب ۽ اديب عنوان تي جو ڪجهه به لکيو ويو آهي، سو ڪنهن به طرح صداقت کان خالي نه آهي. اهڙو، پرمغز ۽ مدلل بحث، سچ ته ايڊيٽر جي علمي تدبر ۽ سندس دليريءَ جو کليو ثبوت آهي.

ساڳئي رسالي ۾، ٻئي هند به سنڌ  جي لائق اديب ۽ سڄاڻ سپوت جو هڪ ٻيو مضمون پڻ صدتحسين جوڳو آيل آهي، جو ”سنڌ جي ماهر ظرافت، مرحوم شمس الدين ”بلبل“ جي مزاح نگاريءَ تي بحث ٿيل آهي. منهنجي نظر ۾ هي پهريون ۽ پويون مضمون ٿيندو جنهن کي جهڙيءَ طرح گرامي صاحب نباهيو آهي.

آءٌ کيس سندس حقيقت نگاريءَ ۽ خدمت گذاريءَ لاءِ دلي مبارڪ ڏيان ٿو.

حافظ محمد ”احسن“ دادو

سال 1963ع جو آخرين رسالو مهراڻ تازو شايع ٿي شائقين جي هٿن ۾ پهتو آهي ۽ دلين کي شاد ڪري چڪو آهي.

ان جو ايڊيٽوريل نهايت بلند پايه جو ۽ بصيرت افروز آهي، اردو جي رسالي ۾ ڪو اهڙو ايڊيٽوريل اچي ها ته هر طرف کان داد حاصل ڪري ها پر سنڌي ويچارا خواب خرگوشي ۾ اهڙين انمول افضل ۽ اعلي چيزن کان بيخبر پيا آهن ۽ علمي ادبي اخلاقي موتي، هيرا، لعل لٽجي رهيا آهن_ڪاش! ڪوهجي جو هن ايڊيٽوريل جي لکندڙ جو دل کولي صحيح داد ڏئي.

هن شماري ۾ ايڊيٽوريل کان پوءِ قابل فاضل ايڊيٽر جو جيڪو سنڌي مزاح ۽ ظرافت تي مدلل مضمون ڇاپيل آهي سو ته سون تي سهاڳو آهي، سنڌي مزاحيه ادب تي ايترو تبصرو نه ڪنهن اڄ سوڌو ڪيو آهي ۽ نه ڪري سگهندو.

سنڌي ادب ۾ مزاح، عشق ۽ تصوف جو تمام وڏو حصو آهي، اهڙي طرح واقعاتي احوال به سنڌي ادب ۾ تمام وڏو حصو ۽ درجو رکن ٿا. انهن چئني پاون مان في الحال محترم مولانا غلام محمد صاحب گرامي هڪ پائي مزاح کي کڻي انهيءَ موضوع کي واه جو نباهيو آهي ڏسجي ٿو ته هيءَ اڃا انهيءَ مضمون جو مهاڳ آهي، اميد ته انهيءَ بي بها ڇيڙيل بحث کي مڪمل ڪري گرامي صاحب سنڌي ادب تي وڏو احسان ڪندو.

شفيع محمد ”مومن“ مليرائي ڪراچي 26_2_1964ع

اسان ”اداري ادب“ نئون آباد ڪراچي پاران اوهان کي مبارڪ ٿا پيش ڪريون جو مهراڻ جي رسالي کي اوهان بلند معيار تي پهچائي ڇڏيو آهي.

”بلبل“ مرحوم بابت جيڪو اوهان مضمون لکيو آهي سو قابل داد آهي، اميد ته ان مضمون کي پورو ڪندا ته اهو اوهان جو سنڌي ادب تي هڪ احسان ٿيندو.

حبيب الله ڀٽو شڪارپور

اوهان جي رسالي جي ترتيب، گيٽ اپ، ڇپائيءَ، ۽ صفائيءَ کي ڏسي، سچ پچ ته دل خوش ٿي ٿئي! هي هڪ حقيقت آهي ته هن ادبي ۽ اخلاقي قحط الرجال ۽ نفسا نفسيءَ واري دور ۾ اوهان جي رسالي جو وجود، ”سٻاجهڙي سنڌڙي“ جي رهواسين لاءَ هڪ غنيمت آهي. ۽ اميد اٿئون ته اوهان ۽ اسان جو هي ميو متو ”مهراڻ“ اڳتي هلي، اسان جي اڄوڪي خشڪ ۽ ڪلر کاڌي، علمي ادبي ميدان کي، پنهنجي چمڪندڙ ۽ شفاف خيالات سان ضرور سرسبز ۽ شاداب بنائيندو. آمين

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com