سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1964ع

مضمون

صفحو :6

ايم. آر. ڪياني

سنڌيڪار: گل نصرپوري

پريس جي آزادي

(مرحوم محمد رستم ڪياني، پاڪستان جو نامور چيف جسٽس، عوام جي قانوني ۽ انساني حقن جي محافظات ۽ ترجمانيءَ جو حق اهڙي عجيب دور ۾ ۽ عجيب انداز سان ادا ڪري ويو، جنهن جهڙو مثال تاريخ ورلي پيش ڪري سگهندي. اهڙا سدا حيات انسان سدائين ڪين ايندا آهن. هو هن دور جو هڪ عظيم صاحبدل ۽ صاحب نظر، جمهوريت جو زبردست مبلغ، عوامي ۽ انساني حقن جو بيباڪ ترجمان هو، جنهن کي قوم ”لسان القوم“ جي خطاب سان ياد ڪري ٿي. هر هنڌ ۽ هر موقعي تي، پنهنجين تقريرن دوران، مرحوم ڪيانيءَ عوام جي بهترين رهنمائي ڪئي. آهي سموريون تقريرون، انداز ۽ اسلوب جي لحاظ کان، علم ادب جي دنيا ۾ هڪ مستقل مقام حاصل ڪري چڪيون آهن. اسان جو ارادو آهي ته وقت بوقت اُهي تقريرون ”مهراڻ“ ۾ پيش ڪندا رهون. ۽ انهيءَ سلسلي ۾ مرحوم ڪيانيءَ جي هڪ تقرير جو ترجمو هن پرچي ۾ شامل ڪري رهيا آهيون، جيڪا پاڻ لاهور ۾ صحافين جي هڪ وڏي ميڙ اڳيان ڪئي هئائين، ۽ جنهن ۾ تقرير ۽ تحرير جي آزاديءَ ۽ فرد جي بنيادي حقن تي پر لطف انداز ۾ روشني وڌي اٿس، انگريزيءَ ۾ سندس تقريرن جو مجموعو ڪتابي صورت ۾ ڇپيو آهي، جنهن جو پيش لفظ صدر مملڪت محمد ايوب خان لکيو آهي._ش.ح)

معزز حاضرين ۽ صحافي حضرات!

ڊنر کان پوءِ جنهن به ماڻهوءَ کي تقرير ڪرڻي هوندي آهي، سو فقط ٽن ڳالهين بابت گهڻي قدر سوچيندو آهي: پهرين هيءَ ته ڊنر عمدي هجي، ٻي هيءَ ته حاضرين معزز ۽ ممتاز هجن، ۽ ٽين هيءَ ته ٻئي ڏينهن سندس تقرير اخبار ۾ سٺي طريقي ۽ طرز سان ڇپجي. پر اڃا به سندس خوشيءَ جي تڪميل چوٿينءَ هن اميد تي ٿيندي آهي ته سندس تقرير دلچسپ ۽ نفيس هجي.

هن وقت مون کي پنهنجي پراڻيءَ نوڪريءَ جو هڪ آفيسر ياد اچي ٿو، جنهن کي انتظاميه ۾ ڪم ڪندي ڏهاڪو سال ٿي ويا هئا. انهيءَ آفيسر کي اوچتو عدليه ڏانهن بدلي ڪيو ويو هو. هن اوچتيءَ تبديل جو خاص سبب هي هو ته ان وقت جي حڪومت منجهانئس خوش نه هئي. هن تبديل جي عمل ۾ اچڻ سان گڏ هن ويچاري کي پنهنجي ٺهيل ٺڪيل سوسائٽي به ڇڏڻي پيئي، ڇو ته کيس خوف هو ته سندس دوستن جي زبان مان همدرديءَ جا لفظ ٻڌي ٻڌي، مبادا هو اعصابي خلل جو شڪار نه ٿي وڃي. انهن يا اهڙين ٻين حالتن سببان هن کي جن صدمن سان دوچار ٿيڻو پيو، تن جو ذڪر ته رهيو هڪ طرف، پر هن ويچاري کي وڌيڪ مونجهارو هيءُ اچي لڳو ته هو عدليه جو ڪم ڪيئن ڪري سگهندو: ڇو ته هن قسم جو ڪم هن کي نئين سر هٿ ۾ کڻڻو پيو هو، ۽ کيس ان کان اڳ هن باري ۾ الف_بي جي به ڄاڻ ڪانه هئي. اهو حال ڏسي، مون کيس چيو ته ”تون ڪوبه فڪر نه ڪر، ڇو ته قانون ڪتابن ۾ آهي، ۽ عقل سليم تنهنجي دماغ ۾! توکي ڪرڻو فقط هي آهي ته قانون ۽ عقل سليم کي هڪٻئي جي موافق بنائي ڇڏ.“ هن ٻڏل آواز سان وراڻيو ته ”قانون بابت ته اهو صحيح آهي ته اهو ڪتابن ۾ آهي، پر عقل سليم بابت مون کي ڪوبه يقين ڪونهي ته اهو منهنجي دماغ ۾ آهي به يا آهي ئي ڪونه!“

هاڻي، جيستائين ڊنر کان پوءِ واريءَ تقرير جي سلسلي ۾ ٽن ضرورتن جو تعلق آهي. انهن مان پهرين ضرورت ته خود ”ڊنر“ ئي آهي، جا اڄ واقعي عمدي هئي___سواءِ هن معمولي ڳالهه جي، ته اوهان مان ڪن جي دلين ۾ هيءُ خيال نه اچي ته ”فليٽيز“ جي ڪنهن به ڊنر ۾ اڪيلائيءَ ۽ سانت وارو ماحول نٿو رهي، ۽ ڊنر جي مختلف محفلن کي جو ڪاٺ جو پردو هڪٻئي کان جدا ٿو ڪري، اهو اوهان کي هيءُ احساس نه ڏياري ته اوهان کي ڪاٺ جي ڪنهن ڪمري ۾ بند ڪيو ويو آهي. زندگيءَ ۾ اهي ئي ڪاٺ جا پردا آهن، جن جي خلاف اخبارن کي احتجاج ڪرڻو آهي. فليٽيز جي هنن هٿرادو حد بندين کي ڏسي. مون کي اڪثر هي ءُ خيال ايندو آهي ته انسان جو اهو هڪ فطري حق آهي ته هو پنهنجو خيال بلڪل آزاديءَ سان ڪنهن چوبي قانون (اهڙن قانون، جنهن ۾ ڪابه لچڪ نه هجي ۽ جيڪو تخيل جي سهڻائيءَ کان خالي، يعني سادو ۽ واضح هجي) جي مڙهيل پابنديءَ کان سواءِ ظاهر ڪري، ايتريقدر جو کيس اهو گمان به نه رهي ته ڪو هو ڪنهن پابنديءَ ۾ جڪڙيل به آهي.

ٻي شي به، جنهن کي مون ”ممتاز ۽ معزز حاضرين“ جو نالو ڏنو آهي، منهنجي سامهون آهي - ”شنيدہ ڪي بود مانند ديدہ.“ پر هتي فقط ايتريءَ ڳالهه تي اڪتفا ڪانه ڪبي ته اوهان جو تعلق هڪ بين الاقوامي تنظيم سان آهي. جيتوڻيڪ اقوام متحده جي هيءَ دعوا آهي ته جيڪڏهن هوءَ ڪشمير جو مسئلو حل نه ڪرائي سگهي، ته به ايترو ته ڪيائين جو هن قصي کي ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ختم ڪرائي ڇڏيائين. هيءَ صورت ايتريقدر ته اطمينان بخش آهي جو اڃا ڪالهه منهنجي هڪ دوست، جو ڪنهن زماني ۾ وزير ٿي سگهندو هو، مون کي سرگوشيءَ واري انداز ۾ ٻڌايو ته کيس ان بابت ڪابه خبر ڪانهي ته ”لوممبا“ جي رهائش [1] جي جاءِ ڪٿي آهي! مون کيس ساڳيءَ طرح رازدارانه انداز سان وراڻيو ته ”اقوام متحدہ هي بلڪل واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ”لوممبا“ ڪو ملڪ نه، پر هڪ انسان هو، جنهن جي قبر جو پتو ڪنهن کي به ۽ ڪڏهن به نٿو پئجي سگهي. جيستائين جاگرافيءَ جو تعلق آهي، ته به يقين سان چئي نٿو سگهجي ته هو فنلئڊ  جو هو يا ڪٽنگا جو: باقي ايترو سو چئي سگهجي ٿو ته انهن ٻنهي ملڪن جي وچ ڌاري ڪٿي جو هو. انهيءَ کان وڌيڪ، اترئين ڀاڱي سان هن جو ڪوبه واسطو ڪونهي.“ منهنجي دوست مون کي چيو ته ”آءٌ به اخبارون پڙهندو آهيان، ۽ آزاد اخبارن ۽ اقوامتحدہ جي اطلاع نامن جي بدولت - جيڪي سياسي رهنمائن جي گمشدگيءَ جا اطلاع انهن جي قتل کان پوءِ شايع يا نشر ڪندا آهن هيءَ معلوم ڪري ته ”لوممبا“ هڪ ماڻهو هو، مون کي هيءُ معلوم ٿيو آهي، ته ”لوممبا“ ۽ لائوس جي وچ ۾ لڙائي ٿي رهي آهي، ۽ ”لائوس“ هڪ ماڻهوءَ جو نالو آهي، جو روس جو دوست آهي!“ منهنجي دوست هيءَ معلومات فقط هن ڪري پئي هٿ ڪئي جو کيس آفريڪا جي ڪنهن ملڪ ۾ ڪنهن سفارتي عهدي تي موڪليو پئي ويو.

ٽينءَ جنهن شي جي ضرورت ظاهر ڪيل هئي، سا هئي”اخبارن ذريعي سٺي پبلسٽي.“ مون کي پورو يقين آهي، ڇو ته سڀ کان اول اخبارون اوهان جون پنهنجيون آهن، ۽ نمبر ٻي، ٽين ۽ چوٿين ڳالهه هيءَ ته برطانوي ملڪ ۽ سندس خاوند دورو ختم ڪري هتان هليا ويا آهن، ۽ هاڻي هتي جي عوام ۾ هنن لاءِ ڪنهن به قسم جو جذبو ڪونهي، ۽ آءٌ ۽ اوهين اقوام متحدہ جي مدد کان سواءِ ئي انهن جو توجهه پنهنجي طرف ڦيرائي سگهون ٿا.

ليڪن، حضرات، ”ڊنر کان پوءِ واري چوٿين ۽ ضروري ڳالهه،“ جنهن بابت آءٌ خود مونجهاري ۾ آهيان، سا آهي ”تقرير جو نفيس ۽ دلچسپ هجڻ.“ هيتري سٺي هلت جو توهان مون سان ڪئي آهي، تنهن کان پوءِ منهنجو هي فرض ٿي وڃي ٿو ته آءٌ واقعي هڪ سٺي تقرير ڪريان. پر آءُ اخبارن جي باري ۾ ڇا ٿو چئي سگهان، سواءِ هن ڳالهه جي ته ڳالهه کي نه حڪومت کي وڌائڻ کپي نه اخبارن کي. مون کي اخبارن جي باري ۾ جيڪي تجربا آهن، اهي خاص ڪري انهيءَ قسم جا آهن. ڪيترن ملڪن ۾ تعلقات عامه جو کاتو ٿيندو آهي، جو اخبارن ۾ ڇپيل مواد جي باهمي تعلقات خواهه عوام ۽ حڪومت جي تعلقات کي بگاڙين ته ڪونه ٿيون. اڪثر ڪري هيءُ کاتو اخبارن ۾ جائز تنقيدن جي ڇپجڻ ڪري انهن جون ضمانتون ضبط ڪري وٺندا آهي. اهڙيءَ طرح، اهو کاتو اخبارن سان تعلقات خراب ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي، ضمانتن ضبط ڪرڻ جا هي قدم حڪومت کڻندي آهي: پر 1947ع ۽ 1948ع ۾ جڏهن مون حڪومت جي ميمبرنسز جي حيثيت سان ڪن ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي، تڏهن اندازن لڳايم ته ڪنهن شخص کي اها خبرئي ڪانه هئي ته اها شخصيت ڪهڙي آهي، جنهن جو نالو ”حڪومت“ آهي: پر تعلقات عامه جو کاتو هن ڳالهه کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿو ته فلاڻيءَ ”حڪومت“ کي بدنام ڪيو آهي. ضمانتن جي ضبط ٿيڻ تي، سزا جي زد ۾ آيل شخص ڪورٽ ڏانهن اچن ٿا. مون کي فقط هيءُ چوڻو آهي ته اڄڪلهه اخبارن لاءِ ”قانون“ کان بهتر ڪوبه ٻيو اهڙو قانون ڪونهي، جنهن جي تحت هاءِ ڪورٽ جا جج فيصلو ڪن ته آيا جنهن ڇپيل مواد تي اعتراض ڪيو ويو آهي، تنهن جي ذريعي عوام جي ڪنهن طبقي جا جذبات مجروح ٿين ٿا يا نه، يا عوام جي ڪنهن هڪ طبقي جي خلاف نفرت ۽ حقارت جا جذبات پيدا ٿين ٿا يا نه، يا هيءُ ته انهيءَ مواد جي ڇپجڻ جي ڪري عوام کي حڪومت جي خلاف اڀرڻ جو موقعو ملي ٿو يا نه، يا هيءُ ته انهيءَ ڇپيل مواد جي ڪري عوام جي حوصلي کي پست ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آهي يا نه، يا هيءُ ته آيا  اها تحرير حڪومت جي نقل و حرڪت تي محض هڪ جائز تنقيدي حيثيت رکي ٿي يا نه؟ اوهين بلڪل چڱيءَ طرح سمجهي سگهو ٿا ته جڏهن ٽي جج ڪنهن به مسئلي جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لاءِ هڪ هنڌ گڏجي ويهن ٿا، ته هو ٽن مختلف مزاجن جي نمائندگي ڪن ٿا. جيتوڻيڪ الله انسان کي پنهنجي ئي خاص تصور جي بناءَ تي پيدا ڪيو آهي، تڏهن به ڪو هڪ ماڻهو ٻئي جي هوبهو برابر ڪونهي. اهو هن لاءِ آهي ته خدا تعاليٰ جا تصورات به گونا گون آهن: ۽ هر تصور جو، هر ماڻهوءَ جي پنهنجي تصور جي مطابق هجڻ جو هيءُ دليل آهي ته جيڪڏهن آزاديءَ جي باري ۾ هڪ جج جا نظريا ترقي پسندانه هجن، ته ٻئي جا قدامت پسندانه هجن ۽ نه ترقي پسندانه. ڪٿي ڪٿي ته اهڙا جارحانه مزاج رکندڙ جج به آهي، جي جوش ۾ اچي ڪنهن مقدمي ۾ خود ئي بحث ڪرڻ لڳندا آهن. پر آءٌ انهن جي اهڙي جوش کي سندن ’وفاداري‘ سببان ڪجهه نه چوندس ڇو ته آءٌ پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن ائين ڪري ويهندو آهيان.

اهڙي طرح، جڏهن ٽي جج ڪنهن هڪ هنڌ گڏجي ويهن ٿا، تڏهن اوهين يقين ڪري سگهو ٿا ته هو پنهنجي عوام جي ڪمزورين ۽ عقيدن تي، هڪ قومي حڪومت جي فرضن ۽ اختيارن تي، ۽ سڀ کان وڌيڪ ان حقيقت تي نظر رکندا ته پريس (اخبارون) آزاديءَ جو واحد نشان آهي، ۽ سٺي پريس پنهنجي قوم جي رهنما ۽ دوست آهي، ۽ سماجي، اقتصادي ۽ سياسي سڌارا، جي فقط جائز تنقيد ۽ تبصري جي ذريعي حقيقي معنيٰ حاصل ڪن ٿا، ... دوستو ۽ صحافيو! فقرو نهايت طويل به ٿيندو ٿو وڃي، پر اوهين يقين ڪريو ته اهي ٽيئي جج ڪوبه اهڙو فيصلو صادر ڪندا، جو سڀ کان بهتر هوندو: اهي جج نه رڳو فيصلو ٻڌائيندا، پر ان سان گڏ اهو به ٻڌائيندا ته اهي ڪهڙيون حدون آهن، جن کي اورانگهڻ درست نه آهي. انهن ججن کي حڪومت تي هڪ برتري هيءَ به حاصل رهي ٿي ته هو ڪنهن آفيس جي حجري نما اڪيلائين ۾ ويهي نٿا رهن، پر کليو کلايو ويهي ٿا ڪارروايون هلائين، ۽ ڪنهن به موضوع کي اهڙيءَ طرح ڇنڊي ڇاڻي ٿا رکن.جو مقدمي جي سڀني پهلوئن تي بحث ٿي ٿو وڃي. ڪئين دفعا ائين به ٿيو آهي ته ڪوجج ڪنهن مقدمي جو مسودو پنهنجي گهر ۾ پهريون ڀيرو پڙهي جيڪا راءِ قائم ڪري ٿو، ان کي ٻيءَ ڌر جي دليلن ٻڌڻ کان پوءِ بدلائڻ ۾ ڪابه دير نٿو ڪري. آءٌ هميشه صبح جو ناشتي تي ويهندو آهيان ته هيءُ فيصلو ڪري ڇڏيندو آهيان ته جوا هڪ وڏي برائي آهي: پر پوءِ هڪ قابل وڪيل مون کي هيءُ سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو آهي ته جوا هڪ عمدو فن آهي، بشرطيڪ اها ڪنهن سٺي سوسائٽي ۾ ويهي کيڏي وڃي، ۽ ان کي فقط ڪلبن تائين محدود رکيو وڃي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪنهن عام پبلڪ چوسول تي به ڪڏهن ڪڏهن ٻه_چار داءَ لڳايا وڃن ته غريب شهرين لاءِ هڪ قسم جي ”اوپن ايئر“ مشق ٿي پوي ٿي. غالباً اهو ئي سبب آهي جو پشاور جي هڪ مئجسٽريٽ هن ڳالهه کي قبول ڪرڻ کان صفا انڪار ڪري ڇڏيو هو ته هن وٽ جن ملزمن جي خلاف مقدمو بحث هيٺ آهي، تن اهڙيءَ جڳهه تي ويهي جوا کيڏي هوندي، جنهن کي هن خراب جاءِ ٺهرايو هو: ڇو ته اتي هڪ گهوڙو به ڏٺو ويو هو، جو پنهنجي ”هيٺين ٿڙيءَ“ تي ليٽيل هو. هو هن حقيقت کان نظر بچائي ويو ته ريس (race) کيڏڻ وارن ۽ جوا کيڏڻ وارن ۾ لفظ ايترو فرق آهي، جيترو جينئس (genius) ۽ پاڳل ۾. پر قابل وڪيل جي مقابلي ۾ هميشه قابل وڪيل ئي آندو ويندو آهي. حڪومت جي طرفان هيءُ مختصر دليل پيش ڪيو ويو ته ڪجهه به هجي، پر جوابازي هڪ خراب عمل آهي، ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن خراب جاءِ تي ويهي ٿو جوا کيڏي ته اهو ڪنهن به وڌيڪ سزا جو مستحق ناهي. هن گروهه جي دليلبازي حڪومت کي آفيس ۾ ميسر ٿي نٿي سگهي. ڪئين ڀيرا ائين به خبر ملي آهي ته ڪنهن تحرير کي ضبط ڪرڻ جو حڪم هن طرح ٿيو آهي ته 1954ع ۾ ڪنهن اهلڪار کي خبر پيئي آهي ته پاڪستان جهڙي هڪ اسلامي ملڪ ۾ هڪ پادريءَ جي لکيل اهڙي جرمن ڪتاب جي اردو ترجمي ذريعي، جنهن ۾ مسلمان عالمن جي تحريرن جا صحيح حوالا ڏنل آهن، عيسائيت کي اسلام کان وڌيڪ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آهي، ۽ ٻن مذهبن ۾ نفرت جي جذبن پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي: حالانڪ انهيءَ ڪتاب مان 1870ع جي لڳ ڀڳ مدت کان وٺي اهڙي ڪابه نفرت پيدا نه ٿي آهي، جڏهن انهيءَ ڪتاب جو ترجمو پهرين پهرين 1870 ۾ ئي ٿيو هو.

دوستو، ٻه شيون اهڙيون آهن، جن جي باري ۾ مون پنهنجن خيالن کي نامعلوم طور تي انهيءَ وقت کان بدليل محسوس ڪيو، جڏهن آءٌ هڪ نوجوان مئجسٽريٽ هوس. انهن ٻن شين مان هڪ آهي پريس، يعني اخبارون، ۽ ٻي بار ائسوسئيشن. انهيءَ وقت مون لاءِ اهي ٻئي شيون اڻوڻندڙ هيون، ۽ هاڻي اهي ِئي ضروري آهن.انهيءَ وقت جڏهن آءٌ هڪ مئجسٽريٽ جي حيثيت سان ڪنهن مقدمي جي ڪارروائي هلائيندو هوس، ته وڪيل منهنجي ڪم ۾ رنڊڪ وجهندو هو ۽ جرح ڪندو ويندو هو، حالانڪ کيس خبر هوندي هئي ته آءٌ سندس اصيل کي سزا ڏيندس. جڏهن آءٌ انهن ڳالهين کي اوهان جي اڳيان دهرايان ٿو، تڏهن اوهين چئي سگهو ٿا ته اِها ته مئجسٽريٽن يا عدليه جي آفيسرن جي پراڻي عادت آهي! هميشہ جڏهن آءٌ پاڻ بابت ڪجهه چوندو آهيان ته منهنجي ذهن ۾ ڪي ٻيون هستيون هونديون آهن، ۽ جڏهن ٻين بابت ڳالهائيندو آهيان، تڏهن منهنجي مراد پاڻ بابت هوندي آهي: انهيءَ جو فائدو اهو ٿيندو آهي جو بيعزتي جي ڪيس لاءِ هڪ سٺو بچاءُ بنجي پوندو آهي.

خوشتر آن باشد ڪہ سرَّ دلبران،

گفتہ آيد در حديثِ ديگران.

هاڻي، جيستائين انهيءَ وڪيل جو تعلق آهي، هو منهنجي خوشيءَ يا جوش کان بيپرواهه ٿي، هيءُ ڄاڻندي به ته آءٌ سندس اصيل کي سزا ڏيندس، مسلسل جرح ڪندو ٿو هلي ۽ وڏيءَ دعوا سان چئي ٿو ته هو اها جرح عدالت جي اپيل لاءِ پيو ڪري. مگر ڪئين دفعا ائين ٿيو جو مون ان جي اصيل کي فقط هن ڪري آزاد ڪري ڇڏيو ته جيئن عدالت کي اپيل ڪندڙ ۽ انهيءَ جي وڪيل، ٻنهي کي جرح جي ڪارروائي پڙهڻ جي خوشيءَ کان محروم ڪري ڇڏيان! ليڪن هاڻي آءٌ کليو کلايو ڏسي رهيو آهيان (جيتوڻيڪ مون عينڪ جو استعمال شروع ڪري ڏنو آهي) ته وڪيل هڪٽِڪ يا بيسُري آلاپي، ٻنهي حالتن ۾، اوهين جيڪڏهن انهيءَ مقدمي جي سڀني پهلوئن تي حاوي ٿيڻ چاهيو ٿا، ته وڪيل کان سواءِ گذارو ممڪن ڪونهي، ڇو ته هو فائيل جو ناگوار رخ ڦيرائڻ ۾ ماهر آهي، ۽ هڪ مضبوط بار ائسوسئيشن ته ”مِلڪ آف مئگنيشيا“ وانگر آهي. هيءَ ائسوسئيشن وزارت داخله جي تمام معلومات کي جهنجهوڙيو ڇڏي، تان جو ڪنهن صحيح نقطي تي اچيو بيهي، ۽ نظام جي سڀني خرابين ۽ بيمارين، ۽ سماجي، سياسي ۽ جسماني نقصن جو ازالو ٿيو وڃي!

ٻي شي جنهن کان آءٌ بيزار هوس، سا هئي اخبار. اخبارون ته ٻليءَ کي ٿيلهي کان ٻاهر ڪڍيو ٿيون وٺن. اخبارون ٻلين کان سواءِ ڪئا به تيارڪن ٿيون. اوهين ته هي تصور به نٿا ڪري سگهو ته ٻليون ۽ ڪئا ڪو هڪ ئي ٿيلهيءَ ۾ پئجي سگهن ٿا. هي واقعو 1929ع ۾ ٿيو، جڏهن سنڌو دريا ۾ اٿل آئي هئي. انهيءَ وقت آءٌ بکر ۾ سب ڊويزنل مئجسٽريٽ هوس، جتي هر سال اونهاري جي موسم ۾ دريا ڪيترن ئي ڳوٺن کي پنهنجي پيٽ ۾ آڻي ڇڏيندو هو. جنهن سال آءٌ اتي هوس، انهيءَ سال دريا منهنجي خيرمقدم ۾ گهرن جي اندر ڌوڪي آيو. اوهان منهنجي سوانح حيات ته ضرور پڙهي هوندي، جا اڄ تائين لکي ئي نه وئي آهي. اميد آهي ته اوهين هي به ٻڌائي سگهندا ته مون تي شروع کان وٺي طوفانن، ڪئن، ٻلين ۽ ٻين اهڙين شين جا حملا ٿيندا رهيا آهن، جن جي ڌمڪي حضرت موسيٰ جي زماني ۾ اسرائيلن کي ڏني ويئي هئي خير، انهيءَ وقت جنهن جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، منهنجي باري ۾ هڪ اخبار جي ايڊيٽر لکيو هو ته ”جهڙيءَ طرح ٻلي ٽاڪ اُس ۾ گهريءَ ننڊ ۾ ستل هوندي آهي ۽ ڪئا ان جي نادانيءَ تي کلندا وتندا آهن، بلڪل اهڙي طرح اسان جو مئجسٽريٽ پنهنجي آفيس ۾ آرام سان ويٺو آهي ۽ ٻوڏ هيٺ آيل علائقن جا ماڻهو بکن ۾ مري رهيا آهن، ۽ ڪيترن هنڌن تي ته ماڻهو وڏن وڻن تي پناهه وٺي رهيا آهن.“ اخبار جي اها ڳالهه بلڪل درست هئي؛ پر اهي ماڻهو جيڪي ٻليءَ کان وڌيڪ هشيار ۽ عقلمند ٿين ٿا، سي اُس ۾ اُٻهاڪيون ڏيڻ لڳندا آهن. وري اهو وقت به ته اونهاري جي جوانيءَ جو هو. پر عجب آهي ته آءٌ ڪنهن ٿڌي ڇانوَ ۾ آرام به ته ڪونه ڪري رهيو هوس! حقيقت هيءَ هئي ته جنهن ڏينهن سڀ کان پهرين ٻوڏ آئي هئي، ان ڏينهن آءٌ گهوڙي تي سوار ٿي آسپاس جو واءُ سواءُ وٺڻ نڪتس، ۽ صبح جو ڇهين بجي کان وٺي شام جي چئين بجي تائين لڳاتار سفر ڪيم. اهو سمورو پنڌ ڪجهه خشڪيءَ تي ۽ ڪجهه پاڻيءَ ۾ ڪيم. هڪ دفعي ته منهنجو گهوڙو پاڻيءَ ۾ هلندو ترڪي پيو، ٻڏندي ٻڏندي بچي ويس؛ انهيءَ لاءِ ته مذڪور اخبار جو اهو ڇپيندڙ جملو پڙهي سگهان ته ”بکر ٻڏي رهيو آهي، ۽ مئجسٽريٽ صاحب بنسري وڄائڻ ۾ مشغول آهي!“ مون ڊپٽي ڪمشنر صاحب سان صلاح ڪئي ته ”آءٌ ڇو نه انهيءَ اخبار جي ايڊيٽر خلاف بيعزتيءَ جو ڪيس داخل ڪريان!“ ڊپٽي ڪمشنر صاحب صلاح ڏني ته بجاءِ ڪيس ڪرڻ جي، آءٌ اصل انهيءَ واقعي کي ئي وساري ڇڏيان. مون کي تڏهن کان ئي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته جيڪڏهن اوهين نٿا چاهيو ته ڪو اوهان جي خلاف ٻاڙو ٻوليو وڃي، ته سڀ کان بهتر ڳالهه هيءَ آهي اوهين خود چپ ٿي وڃو! ڇو ته اسان ۾ ڪير اهڙو آهي، جو بيخطا  ۽ معصوم آهي؟ هيءَ هڪ جدا ڳالهه آهي ته اسين پنهنجين ڪوتاهين کي شنگهائيءَ جي سلڪ، شيزان جي پيسٽرين، يا ڪنهن ٻئي بين الااقوامي ليبل، مثلاً ”يونيسڪو“ يا ”انٽرنئشنل“ ”پريس انسٽيٽيوٽ“ جي پردي ۾ لڪائڻ جا عادي ٿي ويا آهيون. ان وقت بکر جي ڊپٽي ڪمشنر مون کي هيءَ بلڪل ڪم جي ڳالهه ٻڌائي ته ”اخبار جي آزادي“ نالي به ڪا شي دنيا ۾ موجود آهي. اگرچ هيءَ تعريف گٽر پريس جي حق ۾ نٿي اچي، تاهم گٽر به اڄلڪهه تهذيب ۽ تمدن جو هڪ ضروري حصو آهن، ۽ اسان ۽ اوهان کي ڪرڻو فقط هي آهي ته انهن کي جيوڙا مار دوائن سان ڀريندا اچون.

مون اخباري آزاديءَ کي هميشه بنيادي آزادي ٺهرايو آهي. تاهم هن ڳالهه جو اندازو ان جي پنهنجيءَ عظمت جي تارازيءَ ۾ ٿيڻ کپي. صدر روزويلٽ اڄ کان 23 سال اڳ ٻڌايو هو ته ”اخباري آزادي“ جي عظيم اصلاح کان ڪم وٺي. ڪيتريقدر وهمي خطرن کي جاڳايو ٿو وڃي. صدر روزويلٽ جو مطلب هيءُ هو ته ڪيترا اهڙا اقتصادي مسئلا آهن، جي هن قسم جي آزاديءَ تي اثرنداز ٿي سگهن ٿا. اوهين هي اندازو بخوبي ڪري سگهو ٿا ته هيءَ صورتحال آڳاٽي زماني ۾ ڪيڏي پيماني تي هوندي. عقلمندي سيکاريندڙ ڪتابن ۾ لکيل آهي ته جيڪي ماڻهو ”خدا“ ۽ قائم ٿيل ”حڪومت“ جي نالي تي اختيار سان نوازيل هوندا آهن، اهي اهڙيءَ تقرير يا تحرير کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جنهن مان سندن حيثيت يا اقتدار کي خطري پهچڻ جو انديشو هجي. ڇهين صدي قبل مسيح ۾ آٿينس جي قانون سازن ڪيترائي قانوني سڌارا نافذ ڪيا؛ پر مردہ يا زندہ ٻنهي جي ”بدڪلاميءَ“ تي بندش وجهي ڇڏيائون. هن ڳالهه جو مطلب هيئن کڻي چئجي ته گويا اوهين ڪنهن ڳالهه کي غلط يا صحيح سمجهون ٿا، ته پوءِ اوهين اهو به ڄاڻڻ چاهنيدو ته اها ڳالهه ڪٿي ۽ ڪڏهن چئي ويئي آهي. بهرحال، ائين ته هميشه کان ٿيندو آيو آهي ته اخبارون جنهن شي کي ”ماکي“ چون، وقت جي حڪومت ان کي ”قاتل زهر“ چيو ڏئي. جيتوڻيڪ ائين به ممڪن آهي ته ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جو کاڌو ٻئي لاءِ زهر ٿي پوي، پر تڏهن به موزون ۽ مهلائتي ڳالهه هيءَ آهي ته اڄڪلهه هر فائديمند دوا جي مٿان ”زهر“ جو ليبل لڳل ڏسبو آهي، جنهن جو استعمال طبيب جي هدايت کان سواءِ نه ڪري سگهبو آهي. سو، اخبارن جي آزادي ”ملڪ آف مئگنيشيا“ وانگر ڪانهي، جنهن کي مون ”بار ائسوسئيشن“ سان مشابهت ڏني آهي.

اخبارن جو مثال سنکئي سان بلڪل ٺهڪي ٿو اچي، جو جيڪڏهن ماريل هجي ته قوت بخش دوا آهي، ۽ جيڪڏهن ڪچو هجي ته قاتل زهر! اوهين ته هن ترقي يافته دور جا فرد هجڻ ڪري وڏا خوش نصيب آهيو. ورنه اوهان کي ياد هوندو، يا ياد رکي ڇڏڻ گهرجي، ته گليلو جي خلاف ڪفر جي فتوا هن ڪري ڏني ويئي هئي جو هو نظام شمسي جي هڪ نظريي کي ٻئي کان وڌيڪ درست سمجهندو هو. آءٌ ته ٻنهي کي ڪفر چوندس، ڇو ته مون کي اها خبر ڪانهي ته هڪڙي نظام شمسيءَ جو ٻئي اهڙي نظام سان ڪهڙو اختلاف آهي. آءٌ هن ڳالهه کي به اهميت نٿو ڏيان ته گليلو کي ساڙيو ويو يا ڦاسي ڏني ويئي___ٿي سگهي ٿو ته هن خودڪشيءَ جي نموني تي، لاهور جي قلعي ۾، لکت ۾ ڪا معافي ورتي هجي!

ڪنهن زماني جي هڪ ڌڪاريل اسپينيءَ جو چوڻ آهي ته ”هڪ ڏوهاريءَ جي ڇٽي وڃڻ کان هڪ سو بيگناهن جو سزاياب ٿيڻ بهتر آهي.“ سورهين صديءَ ۾، هينري اٺين جي زماني ۾، ڪنهن به ماڻهوءَ جي خيالن جو بادشاهه جي خيالن سان ٺهڪڻ به ڏوهه جهڙي ڳالهه سمجهي ويندي هئي. اوهان کي تعجب لڳندو ته جيستائين خيالن جو اظهار نٿو ڪجي، تيستائين انهن جي ٺهڪڻ يا نه ٺهڪڻ جو فيصلوئي ڪيئن ڪري سگهبو؛ ۽ وري ازخود ڪنهن جي خيالن کي معلوم ڪري وٺڻ به ته ممڪن ڪونهي، يا ڪنهن جي خيالن کي پري کان ئي پڙهي وٺڻ خداداد صلاحيت جي ڳالهه به ڪانهي. هڪ ڀيري ڪنهن شخص بادشاهه جي درٻار ۾ وڃي پيغمبريءَ جي دعوا ڪئي. بادشاهه کيس امتحان ڏيڻ لاءِ چيو (ان زماني ۾ اهڙن شخصن جو امتحان ورتو ويندو هو). بادشاهه ساڻس وعدو ڪيو ته صحيح جواب ڏيڻ تي هو کيس پنهنجي ننڍي ڌيءَ نڪاح ۾ ڏيندو. (انهيءَ بادشاهه کي ست شهزاديون هيون، جن مان سڀ کان ننڍي شهزادي پنهنجي دل جي ڳالهه آزادي سان چئي ڏيندي هئي، ۽ ان لاءِ اها راءِ قائم ڪيل هئي ته اها باغي آهي.) بادشاهه انهيءَ شخص کي هي ٻڌايو ته جيڪڏهن جواب صحيح نه ٿيو ته کيس قتل ڪيو ويندو. نيٺ بادشاهه انهيءَ شخص کان، جنهن پيغمبريءَ جي دعوا ڪئي هئي، هيءَ سوال ڪيو ته ”ٻڌاءِ ته هن وقت منهنجي دل ۾ ڇا آهي؟“ هن شخص بيڌڙڪ چئي ڏنو ته ”اوهان جي دل ۾ هن وقت هي خيال آهي ته آءُ ڪوڙو آهيان؟“ هينري اٺون ته دلين جا حال ڄاڻندوئي ڪونه هو؛ هو ته پنهنجيءَ رعيت کان پهرين قسم وٺندو هو، ۽ پوءِ کانئن دلي راءِ پڇندو هو.انهيءَ زماني ۾ سرٽامس مور جهڙا به ماڻهو هئا، جي قسم کڻڻ کان پوءِ به ائين چوڻ کان نه گسندا هئا ته بادشاهه کي رعيت تي ڪو به روحاني اختيار ڪونهي؛ ۽ انهيءَ ڳالهه تان کيس قتل ڪيو ويو. حضرات، هن وقت جيتوڻيڪ سرٽامس مور جهڙا ماڻهو ڪونه آهن، پر اهڙا زندہ دل ماڻهو جن منزلن تي روشني ڇڏي ويا آهن، سي هن وقت وڌيڪ ظاهر، وڌيڪ روشن ۽ وڌيڪ چمڪندڙ آهن، اهڙيءَ حالت ۾، جڏهن رات ڪاري آهي ۽ آسمان تي گهاٽا ڪڪر ڇانيل آهن، هر طرف شڪن ۽ گمانن جو ڌنڌ آهي، ۽ سخت سرديءَ جي موسم آهي.

هن وقت ته حالتون اهڙيون خراب ڪينهن، نه ته اڄ کان ويهه سال کن اڳ هڪ ماڻهوءَ کي، جو اسان جي پاسي جو رهاڪو هو، هن ڪري سزا ڏني ويئي جو هن هڪ عام جلسي ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته ”گذريل رات مون هڪ خواب ڏٺو هو ته اسان جا اڳوڻا حڪمران ملڪ مان وڃڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن.“ هن جي خلاف الزام هيءُ هو ته هن جا خيال باغين جهڙا آهن. آءٌ هي قصو ڪنهن ٻئي موقعي تي به ٻڌائي سگهيس ٿي، پر هن وقت انهيءَ قصي جو ذڪر ان ڪري ضروري سمجهيم ته جيئن اوهان کي حوالي طور__جيئن سرڪاري خطن پٽن ۾ لکيو ويندو آهي___هيءُ ٻڌائي ڇڏيان ته مون انهيءَ شخص کي آزاد ڪري ڇڏيو: سندس فيصلي ۾ لکيم ته ”آزاديءَ جا خواب ڏسڻ ممنوع نه آهن“!

هاڻي اسين سترهين صديءَ ڏانهن اينداسين ته ڏسڻ ۾ ايندو ته چيف جسٽس سڪروگس ڇاپخانن کي ليسنن ڏيڻ جو حق حڪومت جي نقصان ۾ ڏنو آهي. هيءُ هڪ واقعي خراب فيصلو آهي. پر ائين به صحيح آهي ته سڀ چيف جسٽس هڪ جهڙا نٿا ٿين، هرهڪ وٽ پنهنجا پنهنجا دليل ٿين ٿا. هن چيف جسٽس وٽ هي دليل هو ته ”ڪابه اخبار ڇاپڻ يا پڌري ڪرڻ قانون جي خلاف آهي، ۽ اخبار ڇاپڻ يا پڌري ڪرڻ جو مقصد امن ۾ رخنو وجهڻ آهي.“ اهوئي سبب آهي جو حفاظتي قانون جو هر حڪم ”هروقت“ جي لفظ سان شروع ٿئي ٿو. انهيءَ طريقي جي ابتدا جسٽس سڪروگس ڪئي. مثال طور: ”ڪنهن به (هر) وقت لغڙ اڏائڻ ڪري امن ۾ رخنو پوي ٿو، تنهنڪري آءُ هن ذريعي هدايت ٿو ڪريان ته.“ ۽ اها ڳالهه وڃي ٻئي هڪ جسٽس تائين پهتي (جنهن کي اڄ شام اوهين هتي ڏسي رهيا آهيو)، تنهن مٿئين حڪم کي هن ريت مڪمل ڪيو ته ”آءٌ هن ذريعي هدايت ٿو ڪريان ته ”لاهور شهر جي ڪنهن به اهڙي جاءِ جي ڇت تي لغڙن اڏايا وڃن، جنهن جي چوڌاري چار فوٽ اوچي جَهل نه هجي.“!“

منهنجي انهيءَ حڪم تي (لاهور جي مشهور انگريزي اخبار) ”پاڪستان ٽائيمس“ ۾ هڪ لطيفو شايع ٿيو، جنهن ۾ هڪ ٻالڪ ٻئي هڪ لغڙ اڏائيندڙ ٻالڪ کي هيئن چيو ته ”تنهنجي گهر جي ڇت جي جهل پنج فوٽ اوچي آهي، تنهنڪري تون سرڪارجي انهيءَ حڪم جي تعميل پوريءَ طرح نٿو ڪرين جنهن ۾ فقط 4 فوٽ جهل هجڻ جو شرط آهي!“

چيف جسٽس سڪروگس جي دليل ۾ امن ۾ رخني وجهندڙ ڳالهه کي جيڪڏهن في الحال ڇڏيو وڃي، ته پوءِ آءٌ با ادب هيءُ عرض ڪندس ته حڪومت کي ڪنهن به شي جي ليسن ڏيڻ جو حق ڪونهي، حتاڪ ڇاپڻ ۽ پڌري ڪرڻ جو به لائسننگ هڪ واضح ۽ ٺوس قانون جوهڪ ڀاڱو آهي، جو ڪنهن به مفيد مقصد لاءِ گهڙيو ويو هجي، ۽ ان جي گهڙڻ جو اصل مقصد مملڪت جو تحفظ ۽ عوام جي بهبودي هجي. جيڪڏهن اوهان لاءِ هٿيارن جو ليسن وٺڻ ضروري آهي ته ان جو مقصد هيءُ ناهي ته اهو اندازو لڳايو وڃي ته اوهين ڪيتريقدر معزز آهيو، يا هيءُ ته اوهان جو ڪو درجو متعين ڪرڻو آهي؛ پر انهيءَ جو مقصد هيءُ آهي ته جي ماڻهو ڪنهن سٺي ڪردار جا مالڪ نه آهن، تن کي ڏوهن ڪرڻ جو موقعو نه ملي. ڇاپخانن کان تفصيل ان ڪري ورتا ويندا آهن، ۽ سڀ کان پهريائين کانئن ضمانتون ان لاءِ طلب ڪيون وينديون آهن، ته هي يقين ٿي وڃي ته واسطيدار ادارا يا فرد مقرر ڪيل حدون اورانگهي ته نه ويندا.جيڪڏهن هن طريقي جو نالو ليسن ڏيڻ آهي ته پوءِ ان جو مطلب هيءُ ٿيو ته آزاديءَ کي به ليسن جي لهه وچڙ ۾ رکيوويو آهي.

ارڙهين صديءَ جو 1763ع سال برطانيه جي تاريخ ۾ هن ڪري ممتاز آهي جو هن سال مسٽر جان ولڪس، اخبار ”نارٿ برٽن“ ۾، بادشاهه جي هڪ تقرير تي، جيڪا هن پارليامينٽ جي افتتاح جي موقعي تي ڪئي هئي، سخت نڪته چيني ڪئي هئي. هن قسم جون تقريرون هميشه وزير تيار ڪري بادشاهن کي ڏيندا آهن، ۽ ولڪس به اهو موقف اختيار ڪيو ته هيءُ تقرير هڪ وزير جي تيار ڪيل آهي، تنهنڪري انهيءَ تقرير تي نڪته چيني ڪرڻ کي غداري نه ٺهرايو وڃي، مقاله نگار انهيءَ مضمون ۾ هڪ جملو هي به لکيو ته ”معزز بادشاهن جي واتان ڪوڙ ڳالهائڻ جي ذميداري به وزيرن تي عائد ٿئي ٿي.“ ٿيو به ائين جو حڪومت انهيءَ نڪته چينيءَ کي غدار ٺهرائي، ان جي لکندڙ جي عام گرفتاريءَ جا احڪام جاري ڪيا. انهن حڪمن جي ذريعي ڪيترن ئي ماڻهن کي اختيار ڏنو ويو هو ته هو اخبار ”نارٿ برٽن“ جي لکندڙن ۽ پڙهندڙن کي ڳولين ۽ کين جتي هٿ اچن اتي گرفتار ڪن، ۽ مذڪور اخبار۽ ڇاپخاني جا ڪتاب خواهه مضمون جتي ملن اتي ضبط ڪيا وڃن، آخرڪار، انهيءَ سلسلي ۾، ولڪس کي گرفتار ڪري جيل ۾ رکيو ويو. پر هاءِ ڪورٽ ان جي هيس ڪارپس درخواست منظور ڪري، کيس فقط هن ڪري آزاد ڪري ڇڏيو جو هن کي پارليامينٽ جي هڪ رڪن هجڻ جو شرف حاصل هو. انهيءَ سبب ڪري هن جو جيل ۾ رهڻ يا گرفتار ٿيڻ لازمي نه هو، ۽ اٽلو جن ماڻهن سندس گهر جو جهاڙو ورتو، تن تي بيعزتيءَ جو ڪيس ڪيو ويو. هن نئين ڪيس جي ڪارروائيءَ ۾ هڪ چيف جسٽس، پرٽس، جيوريءَ کي ٻڌايو ته ”اهو عام وارنٽ“، جنهن ۾ اهو نه لکيل هجي ته اصل ملزم ڪير آهي ۽ ان جو نالو ڇا آهي، ۽ نه هيءُ واضح ڪيل هجي ته جهاڙو وٺندڙ کي ڪهڙيون ڪهڙيون شيون قبضي ۾ ڪرڻيون آهن وغيره، ته اهو دراصل ڪو وارنٽ ئي ڪونهي؛ پر جيڪڏهن اهڙو اختيار ڪنهن وزير داخلا کي ڏنو وڃي ۽ اهو وري انهيءَ قسم جو حڪم پنهنجن زيردستن ڏانهن منتقل ڪري، ته شڪ ناهي ته انهيءَ قسم جو هر فرد ۽ هرڪا جائداد انهيءَ اختيار جي زد ۾ اچي وڃي ۽ ملڪ جي آزادي جيڪر تباهه ٿي وڃي.

جن ماڻهن کي تخريبي سرگرمين جي الزام ۾ ”سلامتي قانون“ (سيفٽي ايڪٽ) هيٺ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، انهن جي تخريبي سرگرمين کان اسان جا مئجسٽريٽ، ۽ باالخصوص پوليس جا ماڻهو، بخوبي واقف هوندا آهن. پر آءٌ جڏهن هن مسئلي تي سوچيان ٿو ته لفظ ”تخريب“ کان منهنجي تخيل کي ڏاڍي مهميز ٿي ملي. اهو فقط هن ڪري ٿوٿئي جو هن اصلاح جو استعمال چيف جسٽس پرٽيس مجرمن جي هڪ بلڪل مختلف طبقي بابت جاري ڪيو آهي. هن جي نظر ۾ صحيح مجرم اهو سيڪريٽري آف اسٽيٽ هو، جنهن اهڙو وارنٽ جاري ڪيو، جنهن جي ڪري شهر جي هر جڳهه جي هر ڪٻٽ جو جهاڙو وٺي سگهجي ٿو!

ولڪس جي ڪيس ۾ جيوريءَ هڪ هزار پائونڊن  تائين ڏنڊ مڙهيا. چيف جسٽس سڪروگس سترهين صديءَ ۾ جيڪي ڪجهه ڪيو، تنهن کي چيف جسٽس پرٽيس ارڙهينءَ صديءَ ۾ خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. بهرحال، مٿئين مثال مان منهنجي هن خيال کي ڪافي وزن ملي ٿو ته سڀئي چيف جسٽس هڪ جهڙا ڪين آهن، ۽ هر ڪنهن ملڪ جو ”سڪروگس“ انهيءَ ملڪ جي ”پرٽيس“ جي رحم ۽ ڪرم تي رهي ٿو: انهيءَ ملڪ جون قسمتون ۽ آزاديون انهن ٻنهي جي درميان ڀٽڪنديون رهن ٿيون: آزادي خطري ۾ رهي ٿي، ۽ عقل ودانش تي هڪ قسم جو بوجو پئجي وڃي ٿو.

مون هن کان اڳ ۾ ئي ٻڌايو هو ته حڪومت کي ليسنن ڏيڻ جو ڪوبه حق ڪونهي. پرنٽنگ پريس انساني فڪرن کي سٺي طريقي سان انساني زندگيءَ جي هر شعبي تائين پهچائين ٿيون. تنهنڪري هن معاملي ۾ انهيءَ حق جي شروعات يا شروعات جو مسئلو_ ته حڪومت ليسنن کي ضروري اقرار ڏيئي اظهار خيال تي پابندي وجهي سگهي ٿي يا پريس کي ڪنهن پابنديءَ کان سواءِ اظهار خيال جو حق آهي يانه_ اسان کي گهڻو پوئتي، شخصيت يا فرد ڏانهن واپس وٺي ٿو وڃي. انسان جڏهن ننڍو هوندو آهي ته پنهنجيءَ ضرورت لاءِ روئندو رڙندو آهي. ان وقت اسين مائٽن کي ائين ڪونه چوندا آهيون ته هو پنهنجي ٻارجي روئڻ يا رڙڻ لاءِ ڪو ليسن وٺي يا ٻار جي لڳاتار روئڻ لاءِ ڪا سرڪاري سند يا اجازتنامو حاصل ڪري. جيڪي ماڻهو هن وقت ڄم_روڪ جا علمبردار آهن، تن کي هن ڳالهه ڏانهن خاص توجهه ڏيڻ گهرجي ته ٻار جي پهرين ٻن سالن جي عمر تائين روئڻ جي ليسن جي في ويهه روپيا مقرر هجي، ۽ ان کان پوءِ وارن پنجن سالن لاءِ پنجاهه رپيا سالانه: ڇو ته وارن پنجن سالن جي مدت ۾ ٻار پنهنجي ضرورت ٻوليءَ ۾ به ادا ڪري سگهي ٿو، ۽ هن جو روئڻ ضرورت جي لحاظ کان گهٽ، ۽ تيسي ۽ تماشي جي لحاظ کان وڌيڪ هوندو. بهرحال، هن سلسلي ۾ انهن اصلاحي تنظمين کي وڌيڪ تحقيقات ڪرڻ گهرجي، جن کي ڪيترائي الڳ الڳ نالا ڏنا ويا آهن. آءٌ هتي دعوا سان ته نٿو چئي سگهان ته انهن جو نالو ”واپڊا“ آهي يا ”اپوا“ وغيره. باقي هيءُ بلڪل ديانتداريءَ سان چوندس ته جيڪڏهن آدم ۽ حوا لاءِ ڪنهن نئين وسايل ڳوٺ ڏانهن وڃڻ کان اڳ ليسن وٺڻ ضروري ٺهرايو وڃي ها ته هوضرور جنت ۾ ئي رهڻ پسند ڪن ها، ۽ ”منع ڪيل وڻ“ ڏانهن سترهين  صدي عيسويءَ تائين فقط ڏسندائي رهن ها، جڏهن هيءَ ارضيءَ نعمت چيف جسٽس سڪروگس جي بدولت ميسر ٿي هئي.

آءُ چئي رهيو هوس ته کيرپياڪ ٻار پنهنجيءَ ضرورت جو اظهار روئي ڪندو آهي، ۽ پوءِ جڏهن وڏو ٿيندو آهي، تڏهن ڳالهائڻ شروع ڪري، پاڻ کي حيوانن کان مٿاهون ڪري وٺندو آهي. هن نڪتي تي غور ڪرڻ بعد جيڪڏهن هيئن چيو وڃي ته خيال کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڳالهائڻ جي قوت انسان جي لاءِ قدرت جي پنهنجي چونڊيل نعمت آهي، جيڪا هن کي حيوانن کان الڳ ۽ افضل بنائي ٿي، ته پوءِ اها طاقت انسان جو هڪ بنيادي حق ٿي پوي ٿي: يعني ته انسان کي جيڪا به ڳالهه دل ۾ اچي، ان کي زبان جي ذريعي بنا کٽڪي ظاهر ڪري سگهي ٿو. ڪن مفڪرن کي آزاديءَ کي فطري حق قرار ڏيڻ ۾ اعتراض آهن، پر انهن جي دلين ۾ هن ڳالهه لاءِ ته ڪوبه اعتراض ڪو نه هوندو ته ڳالهائڻ جي قوت کي قدرت ۽ فطرت جو هڪ قديم قانون قرار ڏيئي سگهجي ٿو. منهنجي دليل لاءِ ته هيءُ ئي ڪافي آهي ته فطرت جو هڪ قديم قانون ۾ ڪابه رنڊڪ پيدا نٿي ڪري سگهجي؛ البت ڪن بهتر مقصدن لاءِ هن کي ڪنهن ٻيءَ بهتر راهه تي آڻي سگهجي ٿو جڏهن ٽاري ڪنهن ميوي کي ڇڏي ٿي ڏيئي، تڏهن اهو پٽ تي ڪري پوي ٿو. اهو قدرت جو قانون آهي، جنهن کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. ها، البت ايترو سو ڪري سگهجي ٿو ته زمين جو مٿاڇرو اهڙو نرم ڪري ڇڏيون، جيئن ميوي کي ڪرڻ بعد ڪو نقصان نه پهچي ۽ صحيح سلامت اچي پٽ تي پوي!

مون قدرت جي قانون ۽ فطري حقن جي وچ ۾ هڪ حد قائم ڪرڻ جو سعيو ڪيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان جو سبب هيءُ هجي ته آءٌ انهن کي رنگين شيشن سان ڏسي رهيو هجان. پر آءُ نٿو سمهجي سگهان ته اوهين به هن حقيقت کان ڪيئن ٿا انڪار ڪري سگهو ته سماجي ۽ سياسي سطح تي هنن مان هڪ جي ٻئي کان سڌريل شڪل آهي، جيڪڏهن اسين ائين نه چئون ته ناسپاتيءَ کي به ڪو زمين تي ڪرڻ جو حق آهي، تڏهن به ائين ضرور چونداسون ته پنهنجي حفاظت ڪرڻ قانون هر ماڻهوءَ کي پنهنجي دفاع جو فطري حق ڏئي ٿو؛ ۽ وقت جي گذرڻ سان گڏ، هن حق کي هڪ قانوني حيثيت ملي ويئي آهي. جيڪي فطري حق نوعيت جي اعتبار کان زياده بنيادي آهن، ۽ قانوني حقن کان ڪجهه وڌيڪ اهميت رکن ٿا، تن کي ”بنيادي حق“ چئجي ٿو. مختلف ملڪن جا قانون به انهن بنيادي حقن جي حفاظت جي ذميداري کڻندا آهن. برطانيه جهڙن ملڪن ۾ عوام کي آئين جي بنسبت فطرت تي وڌيڪ اعتماد ٿئي ٿو_انهن کي اهو ٻڌائڻ لاءِ ڪنهن آئين جي ضرورت ڪانهي ته تقرير جي آزادي هڪ انساني ضرورت آهي، ۽ ڇاپخانا هن ضرورت جي اظهار جو هڪ بهترين ذريعو آهن. اها ڳالهه  آءُ ريڊيو کان معافي وٺندي چوندس. پر معافي وٺڻ جي به ڪهڙي ڳالهه آهي: ريڊيو ته فقط خبرون ئي نشر ڪري ٿو، ۽ ريڊئي جي خبرن ٻڌڻ بعد به ٻئي ڏينهن جي اخبار جو انتظار بدستور باقي رهي ٿو، جيڪڏهن هي چوڻ درست نه آهي ته ريڊيو فڪر کي ماريو ڇڏي، ته پوءِ هيءُ به بلڪل صحيح هوندو ته ڪوبه فڪر ريڊئي تي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ پاڻيهي پاڻ کي ماري ڇڏي!

منهنجو چوڻ هي آهي ته تقرير کي قدرتي قانون کان ڪجهه وڌيڪ حيثيت حاصل آهي. ان لاءِ مون وٽ دليل هي آهي ته قدرت جو قانون اڻوڻندڙ آهي، ۽ ان سان ڪابه مباديات وابسته ڪانهي. پر، ان جي مقابلي ۾، انساني يا قانوني حقن ۾ اهڙو ڪوبه شرط ڪونهي. قانون وارا اسان کي هميشه هي ٻڌائيندا آهن ته جتي ”حق“ جو ذڪر اچي ٿو، اتي ”فرض“ جو ذڪر به ضروري اچڻو آهي. هتي هيءُ جيتوڻيڪ  فرض جو سوال ڪونهي، تاهم هيءُ ڪنهن ٻيءُ ڌر جو اهڙوئي حق آهي. هن حق جو صحيح اندازو هن مثال مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪو ماڻهو (هڪ آزاد شهري) هڪ ڇري کي پنهنجي هٿ سان ائين ئي بيخياليءَ ۾ ڦيرائيندو پئي ويو. ايتري ۾ سامهون ٻيو هڪ ماڻهو (هڪ آزاد شهري) پئي آيو. پهرئين ماڻهوءَ بدستور ڇريءَ سان کيڏندي کڻي ڇري اڇلي، ته وڃي ٻئي جي نڪ تي لڳي. ٻئي شهريءَ احتجاج ڪندي چيو ته ”ميان، تون اها ڇري ائين ڇو ٿو گهمائين؟“ تنهن تي پهرئين آڪڙجي وراڻيس ته ”ڇا توکي اها خبر ناهي ته آءٌ هڪ آزاد شهري آهيان!“ ٻئي چيو ته ”ٺيڪ آهي، تون هڪ آزاد شهري آهين، پر تنهنجي آزادي اتي اچي ختم ٿئي ٿي، جتان کان منهنجو حق شروع ٿئي ٿو.“

صحافيو ۽ دوستو، جيفرسن چيو آهي ته ”جيڪڏهن مون کان پڇيو وڃي ته هنن ٻن ڳالهين مان ڪابه هڪ کڻ: (1) حڪومت اخبار کان سواءِ هجڻ کپي، يا (2) اخبار حڪومت کان سواءِ، ته آءٌ جيڪر ٻئي نمبر واري ڳالهه وڌيڪ پسند ڪريان.“ جيفرسن جي انهيءَ فيصلي بابت به هيءَ ڳالهه ته بلڪل واضح پيئي آهي ته هو ٻن ماڻهن جي نڪن جو بلڪل خيال نٿو رکي. نڪ به ته آزاديءَ جو نشان آهي! اهوئي سبب آهي جو جڏهن ماڻهو ازخود ڪا شي سُنگهي نٿا سگهن، تڏهن نڪ سندن رهنمائي ڪري ٿو. ڏوهن جي سائنس ۾ به نڪ کي خاص مقام حاصل آهي. اوهان کي خبر هوندي ته جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي کي بيعزتو ڪرڻ چاهيندو آهي ته هن جو نڪ ڪپي يا بدنما ڪري ڇڏيندو آهي. عام طور تي اهڙي بدسلوڪي عورت سان ڪئي ويندي آهي. جيفرسن جي قول جو مطلب هي آهي ته (1) عوام ئي آهي، جو پنهنجي حاڪم جو پيڇو ڪري سگهي ٿو_ عام طور عوام کي اخبارن جي ئي وسيلي هي معلوم ڪرڻ جو حق آهي ته حڪومت جو ڪم ڪيئن پيو هلي؛ ۽ (2) عوام کي حڪومت جي نقل و حرڪت تي نڪته چيني ڪرڻ جو پورو حق آهي. جيتوڻيڪ هتي ڪنهن ماڻهوءَ جي نڪ جو سوال پيدا نٿو ٿئي، تاهم بهتر نيت سان ٿيڻ کپي. ڪيترائي ڀيرا ائين به ٿيو آهي ته حڪومت ڪنهن اخبار جي ضمانت سخت تنقيد سببان ضبط ڪري ڇڏي آهي، پر اسان ان بابت هيءَ راءِ قائم ڪئي آهي ته جيتوڻيڪ تنقيد سخت هئي، پر تڏهن به ان کي ”حڪومت کي بدنام ڪندڙ“ نٿو چئي سگهجي. ڪا به حڪومت جڏهن هي احساس رکي ٿي ته ڪي نگاهون کيس تڪي رهيون آهن ۽ ڪنهن به حالت ۾ تنقيد ڪرڻ کان نه گسنديون، تڏهن اها پنهنجن معاملن کي وڌيڪ خوبيءَ سان سرانجام ڏيڻ لڳندي آهي. حڪومت جو ڪاروبار به ته آخرڪي ماڻهو هلائين ٿا، هاڻي جيڪڏهن عوامي اخبارن جون چرڪس نظرون انهن انساني ڪوتاهين جو پيڇو نه ڪنديون، ته پوءِ اهي ڪوتاهيون اڳتي هلي پاڙون پختيون ڪري وينديون.

اسان کي ڪڏهن ڪڏهن هي معلوم ڪري تعجب لڳندو آهي ته هڪڙو اخباري نامه نگار ماڻهن جي دلين جي گهراين ۾ لڪل خبرون ڪيئن ٿو معلوم ڪري سگهي! حالانڪ اها ڳالهه اهڙي مشڪل ناهي، جهڙي عام طور سمجهي وڃي ٿي. هو جرح ئي اهڙي ڪندو آهي جو ٻيا جواب ڏيڻ تي مجبور ٿيو ٿا پون. اسين انهيءَ قسم جي قابليت کي ”انٽرويو“ چوندا آهيون. اڪثر ائين به ٿيندو آهي ته ڪو ماڻهو ڪا سٺي ڳالهه چوندو اڌ ۾ ڇڏي ڏيندو آهي، تڏهن به صبح جو اخبارن ۾ هن قسم جون سرخيون ڇپيل ڏسبيون آهن:

__”پٽاٽن کي ونگن جا پيوند لڳايا ويندا!“___”پٽاٽا ڪميشن جي صدر جو بيان!“___”اهي پيوند ڇهن سالن ۾ تيار ٿي ويندا!“

اهڙيءَ طرح ”پٽاٽا ڪميشن“ جي صدر کي مجبور ڪيو ٿو وڃي ته هو هيٺينءَ ريت پنهنجو ترديديءَ ۽ وضاحتي بيان ڏئي:

”مون ته فقط ائين چيو هو ته پٽاٽا ايتروئي سرد ٿيندا آهن، جيترو ونگا! مون ان لاءِ ڇهن سالن جي مدت جو ڪو قيد ڪونه لڳايو هو، تاهم هن ڪم ۾ ڪجهه سالن جي مدت ضرور لڳندي. جيڪڏهن اهي پٽاٽا کڻي جلد ئي تيار به ٿين، تڏهن به ماڻهو موسمي تقاضائن جي مدنظر انهن پٽاٽن جا عادي ايترو جلد ٿي نه سگهندا.“ هن بيان مان پڙهندڙن تي هيءَ ڳالهه ته ضرور واضح ٿي ويئي ته پٽاٽا جلد تيار نه ٿيندا، ۽ ونگن جا پيوند به منجهن نه لڳندا؛ سڀ کان وڌيڪ، هي به معلوم ٿي ويندو ته پٽاٽن واريءَ اسڪيم جا ڪاغذ اڃا سردخاني ۾ پيا رهندا، تا ته ماڻهو پٽاٽن کي صفا وساري ڇڏين ۽ آهستي آهستي وري ٻين خبرن ڏانهن توجهه ڏيڻ لڳن!

حضرات، آءُ ڪميشن جي باري ۾ ڪجهه نه چوندس، پر تڏهن به حقن ۽ فرضن کي هڪٻئي جو رفيق ضرور چوندس. جيڪڏهن اخبارن کي آزاد رهڻ جو حق حاصل آهي، ته پوءِ اهي جنهن فرد جي نمائندگي ڪن ٿيون، تنهن کي به زندگيءَ ۾ پنهنجي موقف اختيار ڪرڻ جو پورو حق حاصل آهي. تنهنڪري، ڪنهن به حالت ۾ ان جي بيعزتي نه ٿيڻ کپي، اخبارون جنهن سوسائٽيءَ يا سماج لاءِ تيار ٿين ٿيون، تنهن کي به خراب اثرن کا محفوظ رهڻ جو حق حاصل آهي. منهنجي انداز فڪر موجب ته ڪنهن به شي کي شايع ڪرڻ جو اهڙو حق موجود آهي، جهڙو ڪنهن به ماڻهو کي ڪنهن شي کائڻ جو؛ پر اوهين جيڪڏهن نانگ کائي ڇڏيندا ته ان جا نتيجا اوهان جي اڳيان آهن. ڇاپڻ ۽ پڌري ڪرڻ جو به اهوئي حال آهي. جيتوڻيڪ نظرياتي طور تي اخبارن کي اسڪئنڊل يا فحش ڳالهين جي ڇاپڻ جي به اجازت آهي، پر جيڪڏهن اها آزادي انهن قانونن سان هٿ چراند ڪندي، جن جو مطلب اخلاقيات يا بهتر قانونن کي قائم رکڻ آهي، ته پوءِ اهڙي آزاديءَ تي لازمي طور پابندي لڳائڻ گهرجي.

جذبات اٿاريندڙ خبرن شايع ڪرڻ سان پيدا ٿيندڙ دلچسپيءَ سان گڏ، انجي آڌار تي مقدمن شروع ٿيڻ جي امڪان کي پڻ نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. پاڪستان جهڙن ملڪن جو عوام معمولي ڏنڊ جي بدران سزائن تي وڌيڪ يقين رکي ٿو. پر جيڪڏهن ڪنهن شخص کي پئسن جي ضرورت محسوس ٿي، ته هو اهڙو ڪو مقدمو شروع ڪري ڏيندو، جنهن ۾ اوهان کي ڏنڊ وصول ٿيڻ جي اميد هوندي. اهڙي ڏنڊ جي اصل رقم ته بلڪل معمولي ٿئي ٿي، پر مقدمي وغيره جو خرچ تمام وڏو ٿي ويندو آهي!

1917ع جي ڳالهه آهي، جڏهن پهرين جنگ عظيم شروع ٿي ۽ آمريڪا ڪنهن سٺيءَ پوزيشن ۾ نه هو، ته ”شڪاگو ٽربيون“ اخبار مسٽر هينري فورڊ کي ”انارڪسٽ“ لکي ڇڏيو. فقط نالي ۾ ڀلا رکيو به ڇا آهي؟ مون هڪ ڀيري هڪ اهڙو ماڻهو به ڏٺو، جيڪو پاڻ کي حضرت عيسيٰ جو مخالف سڏائيندو هو. انهي ماڻهوءَ مون کي درخواست ڪئي ته 1952ع وارن فسادن جي تحقيقات ۾ هڪ شاهد جي حيثيت ۾ سندس بيان لکيو وڃي. سندس باري ۾ اسان کي خلوص دل سان گڏ هي گمان به لڳو ته هو سابق حڪومت سان تعلق رکندڙ هوندو. آخرڪار مون کيس گهرايو. هن بيان ڏيندي چيو ته هو حضرت عيسيٰ جي مخالف جو نائب آهي، ۽ کائنس پيغام وصول ڪندو آهي، ان کان پوءِ جڏهن اسان جي تحقيقات شروع ٿي، تڏهن انهيءَ شخص جو ڪٿي پتو به ڪونه پيو. بهرحال، مسٽر فورڊ ”ٽربيون“ جي خلاف ڪيس شروع ڪيو، جنهن جي فيصلي ۾ ”ٽربيون“ تي ڇهه سينٽ ڏنڊ پيو. هيءَ رقم ڇهن پئسن کان ڪجهه وڌيڪ ٿئي ٿي_ پر هن ڪيس جو خرچ پنج لک ڊالرن کان به وڌي ويو هو! مذڪور ڇهه سينٽ ڏنڊ پياريو ويو، ڇو ته ”ٽربيون“ اصل هي موقف اختيار ڪيو ته شيگن جي عدالت کي هن ڪيس جي هلائڻ جو حق ئي ڪونه هو.

خير، آءٌ اوهان تي ذميدارين جو بوجهه وجهڻ نٿو چاهيان. مون کي هتي اهڙو ڪوبه ذڪر نه ڪرڻ کپي، جنهن کي ”توهين عدالت“ چئجي ٿو. اسان کي ڏسڻو فقط هي آهي ته ڪنهن به ماڻهو سان، ڪنهن به موضوع تي ڳالهائيندي، اخلاقي حدن کان ڪريل رويي اختيار ڪرڻ بدران اخلاق سان پيش اچون، ته جيئن حڪومت، عوام ۽ عدالتون ان مان رهنمائي ۽ اظهار راءِ جي اميد رکن. ڪابه راءِ صحيح هجي يا نه، پر ضروري آهي ته اها راءِ نيڪ نيتيءَ تي مبني هجي. مثال طور، ”نيويارڪ ٽائمز“ جي ايڊيٽر لکيو هو ته (هن ڳالهه جو شاهد هڪ جانبدار ماڻهو) “زنده باد اخبارون!__اهي اخبارون، جيڪي آزاديءَ جون محافظ، انصاف جون شمشيرزن ٻانهون، ۽ سچائيءَ جون روشن ڏياٽيون آهن.“ هتي آءٌ انهن اخبارن جي تعريف ڪونه پيو ڪريان، جن جي نه ڇپائي سٺي آهي، نه ڪاغذ وڻندڙ! بهرحال، شاباس آهي ”انٽرنيشنل پريس انسٽيٽيوٽ“ ۽ ان جي مسز روز کي، جنهن کي هي امتياز حاصل آهي ته هوءَ هن محفل ۾ اڪيلي خاتون آهي_ پر جيڪڏهن هتي ڪا ٻي خاتون به آهي، ته پوءِ هن امتياز کي ڪنهن امتياز کان سواءِ ورهائڻ جي اجازت آهي: ۽ زنده باد آءِ. پي. آءِ. (انٽرنيشنل پريس انسٽيٽيوٽ) جو ايشيائي نمائندو، مسٽر ڊماشي، جنهن جي نالي جو تلفظ، اميد آهي ته آءٌ ڪنهن توهين جي انديشي کان سواءِ ڪري رهيو آهيان: ۽ زنده باد اهي صحافي، جي هن محفل ۾ شريڪ آهن.


 

شيخ عبدالرزاق ”راز“

آزاد شاعري

سنڌي شاعريءَ جي مطالعي مان واضح ٿئي ٿو ته سنڌي شاعريءَ جي ابتدا وقت جي صوفياي ڪرام جي ڏوهيڙن ۽ بيتن ذريعي ٿي. انهن بزرگن عام ماڻهن کي زهد و تقوا، علم و معرفت، تزڪيه نفس وغيره جون ڳالهيون سمجهايون. سنڌ ۾ اها روايت تصوف جي اثر جي پيداوار آهي، جنهن جا نظرياتي لحاظ کان بنيادي علمبردار قاضي قاضن، شاهه ڪريم، شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف آهن. انهن بزرگن اخلاقي ۽ الاهياتي مواد کي پنهنجي شاعريءَ جو مرڪز خيال بنايو، جنهن سان ڪيترن شعري لوازمات جي مدد سان شعر کي خوبصورت بنائي، ماڻهن جي سامهون پيش ڪيو. انهيءَ مخصوص نظريي ۽ مقصديت کي هر طبقي خوشيءَ ۽ عقيدت سان قبول ڪيو، ۽ انهن بزرگن کي عظيم منزلت نصيب ٿي. دراصل اهو دور صوفيانه طرز جي تجربي جو زمانو هو. عام ماڻهن ۽ انهن شاعرن جي هڪ ئي ماحول ۾ پرورش ٿي هئي، جنهن جو بنيادي نظرياتي طرح تصوف تي ٻڌل هو. اها شاعري اڄ تائين زنده آهي، ۽ ان جي حڪمراني اڃا تائين قائم آهي، جنهن صوفيائي تجربي ۽ مذهبي صداقتن کي نمايان حيثيت بخشي آهي، ۽ انهيءَ ڪري ئي اخلاقي ۽ الاهياتي قدرن کي تقويت حاصل ٿي آهي. مذڪور شاعريءَ کي ڪڏهن مذهبي ۽ ڪڏهن صوفياڻي شاعريءَ جي نالي سان سڏيو ويو آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ صوفياڻيءَ شاعريءَ کي واقعاتي شاعريءَ سان ملايو ويو، جنهن مان مقصديت جي لحاظ کان اسان جي قومي ۽ سماجي شاعريءَ جي جهلڪ نظر اچڻ لڳي ۽ سنڌي ڪلاسيڪي آکاڻيون سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ دخل انداز ٿيون. شاهه عنايت پهريون شاعر هو، جنهن واقعاتي شاعريءَ کي عمر مارئيءَ ۾ ڳايو، ۽ شاهه لطيف ڪيترائي  خوبصورت ۽ دلڪش تجربا ڪيا، ۽ انهيءَ قسم جي شاعريءَ حيات ابدي حاصل ڪئي.

مٿين شاعريءَ جي عروج جي دور ۾ ئي ثابت علي شاهه جا مرثيا هيئت ۽ مواد جي لحاظ کان هڪ خاص مذهبي نظريي جو خاڪو آهن، ۽ ان کان فوراً بعد سنڌ جي شعري دنيا ۾ غزل جو اجراءُ ٿيو، جنهن صنف ۾ گل جي مضبوط قوت مشاهده سنڌي ماحول جي عڪاسي ڪئي آهي. غزل جي صنف. منزلون طي ڪيون، ”حامد“ ۽ ”سانگي“ جي غزل جي شاعريءَ سان عروج حاصل ڪيو؛ ۽ ان کان پوءِ، شاعريءَ جي بي احتياتيءَ سببان، تنزل جي طرف گامزن ٿي. اخلاقي ۽ اصلاحي شاعريءَ کي ازسرنو زنده ڪرڻ لاءِ ”اٻوجهي“ ۽ ”بلبل“ ڪوششون ڪيون. ”بيوس“ هڪ نئين ڍنگ سان قومي ۽ سماجي شاعريءَ کي رائج ڪرڻ لاءِ هڪ قدم اڳتي وڌايو. ليڪن غزل واري روايتي شاعريءَ جو تسلط اڃا تائين قائم هو، ۽ ان جو سڪو اڃا سوڌو رائج الوقت هو. 

ٻي عظيم جنگ جي آخري زماني ۾ شيخ ”اياز“، غزل جي شاعريءَ کان هٽيءَ، نظم لکڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ فارسي لفظن ۽ تشبيهن جي ڪثرت سبب ڪوبه سنڌي رنگ ڄمي نه سگهيو ۽ مٿس روايتي تغزل جو اثر بدستور قائم رهيو؛ مگر اسلوب ۽ هيئت جي خيال کان سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئون هو، ۽ ادب نواز حلقي لاءِ دلپسند ضرور هو.

قريباً ويهه سال اڳ، سنڌي ادب ۾ ترقي پسند رجحانات جي تحريڪ شروع ٿي. ترقي پسند ادب جي متعلق ڪي به اصول معين ٿي نه سگهيا. ڪيترن ان تحريڪ کي ”اشتراڪي جمهوريت“ جو جز ڪري سمجهو ۽ هاري ۽ مزدور جي مجبوري ۽ مظلوميت جو نعرو بلند ڪيو. سرمائيدار جي مٽي پليد ڪرڻ جو سعيو ڪيو ويو. انهيءَ شدت ڪري انتها پسندانه رجحانات سنڌي ادب ۾ داخل ٿي ويا، جن ۾ ڪجهه عرصي کان پوءِ نرمي اختيار ڪئي ويئي. پهريائين ته روايت کان گهڻيءَ حد تائين بغاوت ڪرڻ جو ارادو هو، ليڪن ماضيءَ کي يڪلخت جو نتيجو اهو نڪتو جو هري ”دلگير“، شيخ ”اياز“، ”تنوير“ عباسي وغيره، جن کي ترقي پسند جماعت ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو، انهن ۾ ڪنهن به قسم جي انتها پسنديءَ جو شائبو نٿو ملي. ”اياز“ پڻ روايت جو سهارو وٺي، مواد جي لحاظ کان ڪجهه نوان تجربا پيش ڪيا آهن؛ تڏهن به سندس لاڙو قدامت ڏانهن زياده آهي. هري ”دلگيري“ پنهنجي استاد ”بيوس“ جي نقشِ قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ شعر ۾ ڪجهه ”جديد موضوع“ پيش ڪيا آهن؛ ليڪن نارائڻ ”شيام“ سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ خوشگوار فضا قائم ڪئي آهي، جنهن مغربي تهذيب کان متاثر ٿي ڪجهه نوان تجربا ڪيا آهن. مغربي تهذيب جي زير اثر، ادب کي زندگيءَ جي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. تنهنڪري هر اها تخليق ترقي پسند آهي، جنهن جو تعلق انسان جي زندگيءَ جي ڪنهن به صحتمند پهلوءَ سان آهي، ۽ جا ڪنهن سماجي مسئلي جي حامل آهي. انهيءَ تحريڪ جي ڪري ادب جو زندگيءَ سان براه راست رشتو قائم ٿي ويو. مطالعو وسيع ۽ وضاحت طلب موضوع آهي، جنهن سان سر دست منهنجي مقالي جو ڪجهه واسطو آهي، تنهنڪري وقتاً فوقتاً هن مقالي جي متن ۾ ڪجهه نه ڪجهه وضاحت ڪرڻ ۾ ايندي. منهنجي موضوع جو تعلق شاعريءَ جي هڪ ترقي پسند صنف سان آهي. جنهن کي سنڌيءَ ۾ ”آزاد شاعريءَ” سان موسوم ڪيو ويو آهي.

آزاد شاعريءَ، هيئت ۽ مواد جي لحاظ کان، جدت پسند رجحانن ۽ زندگيءَ جي جديد لاڙن جي پيداوار آهي، ليڪن سرزمين سنڌ لاءِ هڪ شعري ڳجهارت بنجي پيئي آهي. اها شاعري دراصل يورپ ۽ آمريڪا کان انگلينڊ ۾ آئي، ۽ گذريل صديءَ جي مشهور انگريزي شاعرن منجهس ڪيترائي انوکا تجربا ڪري ان کي هڪ مقبول عام صنف جو درجو ڏنو آهي.

اردو شاعري هلندڙ صديءَ جي چوٿين ڏهاڪي ۾ انهيءَ قسم جي شاعريءَ کان متاثر ٿي، ۽ اردو شاعرن منجهس طبع آزمائي ڪئي. گذريل صديءَ ۾ مولانا عبدالحليم ”شرر“ ۽ اسماعيل ميرٺيءَ به اهڙي قسم جي ابتدائي ڪوشش ڪئي، ليڪن سندن ڪوشش ڪامياب چئي نٿي سگهجي. جيئن ته سنڌي جديد شاعريءَ عموماً اردو شاعريءَ کان متاثر رهي آهي، ۽ تنهنڪري سنڌي شاعري، پنهنجي روايتي دستور موجب، ويهين صديءَ جي پنجين ڏهاڪي ۾ انهيءَ قسم جي صنف جو اثر قبول ڪيو. آزاد شاعري سان گڏ سنڌي شاعريءَ ۾ مختصر نظم جو به رواج پيو، جا پڻ بنيادي طور انگريزي صنف آهي. انهيءَ زماني ۾ سانيٽ جو رواج پڻ انگريزيءَ کان اردو جي ذريعي سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ٿيو.

سانيٽ ته سنڌ جي درمياني، پڙهيل ڳڙهيل طبقي جي سمجهه ۾ جلد اچي ويو. جيتوڻيڪ انهيءَ شاعريءَ ۾ قافيي ۽ بندن جو انتظام هڪ انوکي نموني جو آهي، ليڪن قافيي جي شعبده بازيءَ ۽ مروجه بحر جي وزن ۽ رڪتن سنڌي ذهن تي قبضو ڪيو. پنهنجي نرالي نظام جي طفيل، اها شاعري به اڃا تائين زياده مقبول ڪانه ٿي سگهي آهي، ۽ سنڌ ۾ هن وقت مون کي سانيٽ جو رواج گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، البت هندستان ۾ ڪڏهن انهيءَ صنف جون ڪي سهڻيون چيزون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.

سال 1943ع ۾ نارائڻ ”شيام“، شيخ ”اياز“ ۽ مان ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ بي. اي. پڙهندا هئاسون، ”اياز“ گيت سان گڏ مختصر نظم به لکڻ شروع ڪيو، جا صنف آزاد نظم کان به وڌيڪ مشڪل آهي. نارائڻ ”شيام“ سانيٽ لکڻ شروع ڪيا، ۽ راقم الحروف آزاد نظم لکيو. غير مقفيٰ نظم به انگريزي شاعريءَ جي هڪ صنف آهي، جنهن ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به طبع آزمائي ڪانه ڪئي آهي. شيخ ”اياز“، مختصرنظم جي مشق سبب، آسانيءَ سان بيت جي صنف تي حاوي ٿي سگهيو. سندس هيٺيون شعر”مختصر نظم“ جو نمونو آهي:

چنڊ جي ڀرون تي ڀير،

ڄڻ صدين جي سوچ جا گهرا نشان،

هيءُ ستارن ۾ چلڻ جاڳڻ جي هير،

ڄڻ ته آهن روح تنهنجي جا گمان:

نيرا نيرا آسمان!

آزاد شاعريءَ کي پنهنجو نرالو اسلوب ۽ هڪ انوکي قسم جو مواد آهي، جنهن ۾ سياسي، نفسياتي، فڪري، معاشرتي، ۽ معاشي مسئلن جو خام مال موجود آهي، جنهن جو رشتو گهڻو تڻو زندگيءَ جي خارجي معاملات سان وابسته آهي. بعض اوقات آزاد شاعريءَ ۾ داخلي ڪيفيت جا به نقش نگار اڀري اچن ٿا جيئن ته

ڪجهه سرءُ جي شام ۾ سوچا سڙان، لوچان لهان،

ڪنهن پکيئڙي جي مثال،

صبح سانجهيءَ ٿو رهان،

داڻي پاڻيءَ جي پٺيان.     ”اياز“

مندرجه ذيل شعر ۾ جنسي قدرن جي باوجود هڪ پاڪيزه تصور موجود آهي:

وري منتظر هي رهن ٿيون نگاهون،

اڏامي وئي ننڊ نيڻن منجهان،

جڏهن  ياد تنهنجي ٿي مون کي ستائي،

۽ مون کي روئاري،

ٺٺوليون ڪري ٿو لڪي چنڊ مون تي،

ٿڌي هير ٿي دل جا جذبا اٿاري،

۽ ٿو جوش جاڳي.    (اياز)

انهيءَ ڪري آزاد شاعريءَ، هيئت ۽ موضوع جي لحاظ سان، اسان جي روايتي رائج شاعريءَ جي لازمي ۽ بنيادي اصولن کان بلڪل بي نياز آهي. اهوئي سبب آهي جو هن طرز سخن کي اسان جي سرزمين تي اڃا تائين اجنبي ۽ غير مانوس سمجهيو وڃي ٿو، ۽ اها شاعري ڪن بزرگن ۽ سيکڙاٽ اديبن لاءِ هڪ مضحڪ خيز چيز بنجي پيئي آهي.

هيئت جي مختلف رد بدل جي علاوه، مواد جي فني ۽ فڪري ترتيب صحيح معنيٰ ۾ آزاد شاعريءَ جي تخليق جو باعث بنجي ٿي. طبقاتي ڪشمڪش جو هڪ منظر پيش ڪجي ٿو!

هي تو آواز ٻڌو،

ڪنهن جي آشفته سريءَ جو آواز!

آ هلي هيڏي، تون آ منهنجي قريب.....

هو ڏٺئي سامهون جو آ قصر بلند،

ڪنهن تونگر جو اهو آهه محل:

مون کي هن مان ٿي اچي خون جي بوءِ،

جنهن جي بنياد ۾ مزدور جو گوشت

جنهن ۾ مفلس جو لهو.   (راز)

آزاد شاعريءَ ۾ نه فقط قافيي ۽ رديف جي پابنديءَ کان انحراف آهي، پر ان سان گڏ پراڻي اسلوب ۽ فرسوده مواد کان بغاوت ئي صحيح نموني آزاد شاعريءَ جو فن آهي.

هر ڪنهن زبان جي ادب زندگيءَ ۾ هڪڙو اهڙو نازڪ وقت ايندو آهي، جڏهن انهيءَ ادب جو وجود خطري ۾ اچي ويندو آهي. انهيءَ زماني ۾ پراڻا ۽ فرسوده تاثرات گهٽجڻ لڳندا آهن، ۽ جديد تاثرات جي نشو و نما لاءِ راهه هموار ٿيندي رهندي آهي؛ ۽ جديد معيار ۽ ترقي پسند قدر پنهنجي اهڙو انوکي طرز ۽ نرالي ڍنگ سان ڪا اهم جاءِ والارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ۽ اهڙو اسلوب پيش ڪندا آهن، جو جاذب صورت هوندي به پڙهندڙ کي متحير ڪري ڇڏي. ڪنهن به نئينءَ تحريڪ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ دماغي، روحاني ۽ جذباتي طاقتن جو استعمال ڪرڻ ۾ اچي ٿو. هڪ نئينءَ چيز تخليق ڪرڻ لاءِ صلاحيت جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.

مختلف دورن جي جائزي کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جي صنف، برصغير هند_پاڪ جي ٻين ٻولين جي مقابلي ۾، ڪجهه تيزيءَ سان بدلجندي رهي آهي. سنڌي شاعريءَ جي ابتدا هندي دوهي جي ٽيڪنڪ سان شروع ٿي آهي. انهيءَ فن جي پيش نظر، سنڌي شاعرن پنهنجي افتاد طبع جي لحاظ کان ڪيترائي نوان تجربا ڪيا آهن، جي تجربا سنڌي شاعرن جي فهم ۽ شعور جي عظمت جو کليل دليل آهن.

هندي عروض کان پوءِ سنڌي شاعريءَ، فارسي عروض جو اثر قبول ڪري، پنهنجي نقطهء نظر جي ترجماني ڪئي آهي. ساڳئي نموني آزاد شاعري به سنڌي ادب ۾ هڪ قسم جي جدت ۽ تغير آهي، جنهن کي روايتي شاعريءَ کان بغاوت ڪري سڏجي ته غلط نه ٿيندو. اسان وٽ روايتي شاعري موجوده صديءَ جي پهرين چوٿائيءَ کان وٺي ڪجهه اهڙي بيپرواهي اختيار ڪئي، جو اسان جي قديم ۽ بلند شاعري ساغر ومينا، گل و بلبل ۽ رند و زاهد جي فرسوده ۽ بي معنيٰ روايتن ۾ اهڙو جڪڙجي ويئي، جو موجوده دور جي تعليم يافته طبقي جي دل ۽ دماغ تي ڪوبه جمالي ۽ نظرياتي اثر ڪري نه سگهي. وقت جي تقاضا ڪن ٻين صنفن کي سنڌي ادب سان روشناس ڪرايو، جن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي، ۽ انهن جي ڪري موضوعن ۾ وسعت پيدا ٿي ۽ نيون چيزون اجاگر ٿيون. آزاد شاعري بحر واري مقرر ترنم کان آزاد آهي. بحر وارو ترنم فطري  ترنم کي ختم ڪري ڇڏيو.

رات بد مست ٿي، ڪڪر ڪارا

جهومندا آسمان تي آيا__

چاندنيءَ جو سهاڳ لٽجي ويو:

هيءَ ٻئي رات!

چنڊ ۽ تارا،

ڪير ڄاڻي، ڇپي ويا ڪيڏانهن؟   (اياز)

”مند آ برسات جي،

اڄ ڪئي ڪڪرن ٿي راند،

۽ ڍڪي ٿي آفتاب

ڪاري بادل جي سياهه چادر مٿان.“   (راز)

مقفيٰ شاعريءَ ۾ فطري آواز سان گڏ علم عروض جي بحر جو ميڪانڪي آواز شامل رهي ٿو، جي گڏجي ترنم پيدا ڪن ٿا. پر آزاد شاعري آواز ۽ ساهه کڄڻ جي فطري ترنم، خيال ۽ احساس جي بيساخته موسيقيءَ سان هڪ بيتڪلف آهنگ جو وهڪرو پيدا ڪري ٿي. هڪڙو فنڪار، انهن سڀني جزن کي ڪٺو ڪري هڪ اهڙو نغمو پيدا ڪري ٿو، جنهن جي پڙهڻ سان ڪنهن مقرر ۽ معين بحر جو گمان پيدا ٿئي ٿو. جيڪڏهن ذهني تحريڪ ۾ ڪا لغزش پيدا ٿئي ته اهو نغمو لطف ۽ سرور ڏيڻ بجاءِ بي ڪيف ۽ بدمزي ٿي پوي ٿو. آزاد شاعري هڪ خاص موڊ ۽ هڪ خاص تجربي جي مرهون منت آهي. ڪامياب آزاد شاعري لاءِ آهنگ ۽ نغمگي جو واضح شعور درڪار آهي، جنهن جي جادوگري شاعرانه صلاحيت تي هڪ سخت پابندي ۽ ضابطو عائد ڪري ٿي، ۽ اها بحر واري ترنم کان آزاد رهي ٿي.

منهنجي دل جهومڻ لڳي،

جهولڻ لڳي ڪل ڪائنات؛

چشم دل جي سامهون،

مون ڏٺو،

ديوتائون عرش مان ڄڻ ڦول برسائڻ لڳا.“  (دلگير)

آزاد شاعريءَ تي آزاد گهٽ ۽ ذميداري زياده آهي. جيڪڏهن فني ۽ بنيادي پابندين جو خيال نه رکيو وڃي، ته فن سان گويا بي انصافي ٿيندي.

آزاد شاعري دراصل آهنگ جي نغمي جو مسئلو آهي. آزاد نظم جي مصرعن جو وزن بحر جي مياڻ ۾ ميو ويندو آهي، ۽ اهو شعر مروجه بحر ۾ هوندو آهي، جنهن ۾ رڪنن جي تعداد ۾ ڪمي_بيشي ۽ تبديل ڪئي ويندو آهي. رڪنن جي رد بدل جي باوجود مصرعن کي پنهنجو ”اسپيچ ردم“ آهي، ۽ هر مصرعي جو پنهنجو آهنگ به شاعرانه ترنم جي خصوصيت بنجي پوي ٿو.

هن ئي ٻنيءَ تي ايندي مون کي سال ڏهه_يارهن ٿيا:

هاري اهو، ساڳي ٻني، سونهين به سا،

ساڳيو سرنهن، نم ڀي اها،

مٽ سٽ نه ڪا:

ليڪن پکي،

هي لات ٿي جنهن جي مٺي،

آهي اهو ساڳيو اڳوڻو ڪينڪي__

هو ته ويو ڪنهن چيٽ گذريل ساڻ گڏ معدوم ٿي! (شيام)

رڪنن جي تعداد بدلجڻ ڪري شعر لاءِ ٺهيل ٽڪرا ملي وڃن ٿا، جن کي مصرعن جي صورت ۾ کپايو وڃي ٿو. مٿن شعر جو مواد به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. آزاد شاعري ۾ فقط هيئت جو بدلجڻ ڪا وڏي ڪاميابي ڪا نه آهي، پر مواد جي فني ۽ فڪري ترتيب، داخلي ۽ خارجي احساسات جي ترجماني ۽ امتزاج، صحيح معنيٰ ۾ آزاد شاعري جي تخليق جو باعث بڻجي ٿو. پراڻي اسلوب ۽ فرسوده مواد کان بغاوت، صحيح نموني آزاد شاعريءَ جو فن آهي. اهو هڪ تغير آهي، ۽ اهڙو تغير ۽ انقلاب ئي زندگيءَ جو دليل آهن.

آزاد شاعري ڪن خاص حقيقتن ۽ ڪنهن خاص نظريه حيات ۽ فڪر جي رد عمل کان پوءِ ظاهر ٿي آهي، ۽ انهن حالتن کان متاثر ٿي، مٿيون اسلوب پنهنجي اظهار خيال جو جاذب، آسان ۽ موثر ذريعو ڪري تسليم ڪيو ويو آهي، ۽ انهيءَ خاص مواد پنهنجي اظهار لاءِ مخصوص اسلوب پيدا ڪيو آهي اها سڀ جديد ادب جي ڪارفرمائي آهي.

انساني ذهن ۾ ڪيترائي تخيلات پيدا ٿين ٿا. دماغ ۾ مختلف خيال هڪٻئي پٺيان ايندا رهن ٿا. اهي لمحاتي ۽ تيز رفتار خيال، انساني دماغ ۾ هڪ هيجان پيدا ڪري، مختلف قسم جون تصويرون پيش ڪن ٿا. اهي مختلف خيال هڪ شاعر لاءِ شعر تخليق ڪرڻ جو سامان بڻجيو پون. جيتوڻيڪ اهي مختلف خيال هڪٻئي سان ظاهري طرح ڪنهن به قسم جو لاڳوپو نٿا رکن، پر آخر ۾ مجموعي طرح هڪ واضح ۽ مڪمل تاثر پيدا ڪن ٿا، انهيءَ نموني شعر ڪاميابيءَ جي منزل تي پهچي وڃي ٿو. آزاد شاعري گهڻوڪري ترڪيبن، تشبيهن ۽ محاورن کان آزاد هوندي آهي، ۽ منطقي دليلن کان بي نيازي، آزاد شاعري جي جان آهي. جيڪي ڪجهه جيئن محسوس ڪبو آهي، تيئن پيش ڪرڻ ۾ ايندو آهي. لمحاتي احساسات کي منطقي، معنوي ۽ لفظي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي ويندي آهي، سڌي سنئين خالص شي ٻڌندڙ جي سامهون پيش ڪبي آهي، جنهنڪري بعض اوقات اها شاعري مبهم ۽ بي معنيٰ ڏسڻ ۾ ايندي آهي، ليڪن ٻڌندڙ انهيءَ تي سوچڻ لاءِ مجبور ٿيو پوي ۽ ڪوشش ڪري ڪنهن نه ڪنهن نتيجي تي پهچي وڃي ٿو. انهيءَ مان ظاهر آهي ته نظم جو آزاد تسلسل ٻڌندڙ جي دل ۽ دماغ تي هڪ مڪمل تاثر ڇڏي ٿو. آزاد تسلسل مان منهنجي مراد آهي ته شعر جون مختلف ۽ ڇڙو ڇڙ تصويرون ٿوري سوچڻ کان پوءِ هڪ واضح تصوير پيش ڪن ٿيون، جنهن مان ڪنهن نقطهء نظر جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ”اياز“ جي هڪ مختصر نظم ۾ مختلف تصويرون هڪ زنجير جون ڄڻ خوبصورت ڪڙيون بڻجي پيون آهن:

هر قدم تي زندگيءَ جو جام زهر،

ڪنهن نئين سقراط جو آ منتظر:

هر گهڙيءَ سوري سڏي

ڪنهن نئين منصور کي:

ٿي ٻري شمع حيات،

آ جلڻ جنهن تي پتنگن جي نجات:

ڪوئي عيسيٰ ڪوئي گوتم، ڪوئي گانڌيءَ جي صفات

زندگيءَ جي سينڌ جو جهومر ٿيو،

جنهن سان جرڪيو حسن ذات.

مٿئين مختصر نظم ۾ ”اياز“ قافيي سهارو ورتو آهي، جو آزاد شاعريءَ جي روح جي منافي آهي، ليڪن فلسفيانه حيثيت سان هڪ وڏي اهميت جو مالڪ آهي. آزاد تسلسل جو هڪ ٻيو مثال پيش ڪجي ٿو:

ڇا ٻڌايان داستان زندگي،

زندگي کي ناهه ڪا پايندگي،

اڄ اسان جي ۽ اوهان جي رات آهه،

رات ڪيڏي مختصر، ڪيڏي قليل،

غم نصيبن جي مقدر ۾ فقط آه و فغان.

 

بي وسيلن بي سهارن جي مٿان صبح ومسا

ظلم جي تلوار جي هڪ تيز ڌار:

داستان غم نه ڇيڙ،

اي منهنجي جان،

تنهنجي ڀاڪر ۾ ملي مون کي پناهه!  (راز)

مٿئين شعر ۾ هڪ فڪري ماحول جي عڪاسي ڪئي ويئي آهي، جنهن مان فراريت ۽ بيزاريءَ جا عناصر نمايان آهن. ”تلوار جي تيز ڌار“ وقت نظم منتها (Cilmax) تي پهچي وڃي ٿو. ان کان پوءِ يڪدم گريز جي ڪيفيت  طاري ٿئي ٿي. محبوب جي ڀاڪر ۾ پناهه جي تلاش شروع ٿي وڃي ٿي، جنهن ۾ هڪ پاڪ جذبو نمايان آهي.

آزاد شاعريءَ ۾ تشبيهن ۾ نئين روح پيدا ڪرڻ جا به ڪيترائي مثال ملن ٿا. ”اياز“ هن ڏس ۾ ڪيترائي انوکا تجربا ڪيا آهن:

چنڊ جي ڀرون جا ڀير،

ڄڻ صدين جي سوچ جا گهرا نشان.

مون مٿي چيو آهي ته آزاد شاعري مواد جي لحاظ سان مختلف موضوعن جي شاعري آهي، هر مسئلي جي نفس مضمون ۾ وسعت پيدا ڪئي وڃي ٿي. معاشري جا ڪيترائي مسئلا جن کي حل ڪرڻ لاءِ هن دور ۾ ڪافي تشويش پيدا ٿي آهي، تن جي ترجماني ڪرڻ آزاد شاعريءَ جو مسلڪ بنجي چڪو آهي، جا قوم جي ذهن ۾ هڪ نئون خون پيدا ڪري سندس تاديبي حيثيت کي بلند بنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.

اسان جو نئون نسل پنهنجي اجداد جي نقش قدم تي تقليدي طور هلڻ جو متمني رهي ٿو. منجهس انفراديت پيدا ڪرڻ جو نه جذبو آهي، ۽ نه سليقو؛ جنهنڪري سندس دل ۽ دماغ تي هڪ خوف ۽ هراس طاري رهي ٿو ۽ ڪڏهن انفرادي طور سوچڻ لاءِ تيار نه آهي. آزاد شاعري جيئن روايتي شاعريءَ کان هيئت جي لحاظ سان مختلف آهي، تيئن مضمون جي خيال کان هر اڳينءَ شاعريءَ کان منفرد آهي. هن وٽ پنهنجو نفس مضمون موجود آهي، ۽ ان سان گڏ هڪ انوکو اسلوب بيان.

آزاد شاعريءَ لاءِ جيڪڏهن صرف اهو غور ڪجي ته هن ۾ قافين جي استعمال کان گريز، اصول جي خلاف مصرعن جي سٽا ۽ ترتيب، رڪنن جي تعداد ۾ تبديلي ڪو وڏو ڪارنامو آهي ته بلڪل غلط ٿيندو. هن ۾ فقط نئين فڪر ۽ جديد کي اسلوب بيان سان اهڙي نموني هم آهنگ بنائڻو آهي، جنهن سان شاعر جي انفراديت جي ڪا جهلڪ نظر اچي سگهي. اها شاعري پنهنجي همه گير ۽ بلند نظريات جي باوجود، اسان جي شاعريءَ ۾ هڪ تجربو آهي، ليڪن ان جو مستقبل شاعرن جي ڪاوش جو محتاج آهي.

اسان جي قديم شاعري، اسان جي ملڪ جي روايتي موسيقي لان فيضياب ٿي آهي، ليڪن گذريل سوا سو سالن جي شاعري جو مزاج علم عروض تي گهڙيو ويو آهي، جنهن جو فن موسيقي سان ڪوبه تعلق نه رهيو آهي، ليڪن ان جي شعريت اسان جي دلين تي ڪافي قبضو ڪيو آهي. آزاد شاعري به ساڳئي نموني سنڌي سنگيت جي اثر کان بي نياز آهي، ليڪن منجهس نغمگيءَ جي بجاءِ آواز جي آهنگ جي لطافت موجود آهي، جنهن جي ذريعي، احساسات ۽ جديد تصورات جو اظهار ڪري، ٻڌندڙ جي دل و دماغ تي اثرنداز ٿي سگهجي ٿو. شعر ۾ انهيءَ قسم جي دلڪشي وزن جي مرهون منت آهي. وزن جي اهميت کي هر ملڪ جي شاعريءَ ۾ تسليم ڪيو ويو آهي، جنهن جي ذريعي عميق خيالات، بلند احساسات ۽ ذاتي مشاهدات کي متوازن زبان جي صورت ۾ پيش ڪجي ٿو، شاعريءَ ۾ وزن راڳ وانگر دل تي اثر ڪري ٿو، تنهنڪري وزن شعر جو زيور آهي، ۽ هر شاعريءَ ۾ موجود آهي، وزن جي طفيل ئي آزاد شاعريءَ ۾ آهنگ موجود آهي. جيڪا شاعري مڪمل طرح جذبات ۽ احساسات جي ترجماني ڪري ٿي، اهائي اعليٰ شاعري چئي سگهجي ٿي.

شاعريءَ کي ٻن وڏن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي، جن کي ”داخلي“ ۽ ”خارجي“ شاعريءَ جي نالي سڏيو وڃي ٿو. انهن ٻنهي وڏن حصن جون به ڪيتريون ئي شاخون آهن. داخلي شاعريءَ ذاتي تجربات ۽ دلي محسوسات تي مبني آهي، ۽ گهڻو ڪري عشقيه شاعري ليکجڻ ۾ اچي ٿي، ۽ جا فڪريه ۽ فلسفيانه شاعري به آهي:

آ اهو مچ سهارو پنهنجو،

فقط بس مچ سهارو پنهنجو:

ڀو ٿئي ٿو ته ڪٿي هي به وسامي نه وڃي،

آگ اجهامي نه وڃي!   (اياز)

خارجي شاعريءَ جو انحصار ڪائنات جي مطالعي سان تعلق رکي ٿو، ۽ اها شاعري اجتماعي تجربات جي حامل آهي.

رات بي نُور، سياهه ۽ تاريڪ،

هر جڳهه ڄڻ آ موت جو سايو؛

ٿي ڪري راهه، هر تسليم

موت جي اڄ شهنشاهي:

يعني هر واٽ آ بيهوش

۽ فضا آهه خاموش        (راز)

ليڪن ٻنهي حصن جو گهڻو ڪري هڪٻئي سان ڳوڙهو رشتو آهي، جنهنڪري ٻنهي جون حدون هڪٻئي سان ملي وڃن ٿيون. آزاد شاعري، اصولي طرح، داخلي ۽ خارجي احساسات ۽ تجربات جو امتزاج آهي، ۽ اها آميزش ئي ان جي ڪاميابي آهي. جديد شاعريءَ جي تقاضا به اهائي آهي. ”شيام“ جي هڪ نظم ”پهرين ۽ پوءِ“ ۾ اهڙيون تصويرون موجود آهن، جي داخلي ۽ خارجي احساسات جي ترجماني ڪن ٿيون، جنهن ۾ خلوص به آهي ۽ صداقت به.

پهرين پوپٽ جي مٺي،

سمجهه توکي ڪا ذري سڌ ناهي،

منهنجو منهن غنچه سندءِ

پنکڙين ساڻ سٿيل ڪئن آهي،

هت مٺي هُت مٺي، جيئن ڄاڻ پويم،

ڪوئي آهي جو منکي ٿو چاهي،

۽ پوان لال! ٽڙي.

آزاد شاعري جذبات جي اظهار ڪرڻ ۾ گهڻو ڪري تصنع ۽ آورد کان پاڪ آهي، ۽ عموماً ان جو دارومدار مواد جي لحاظ کان خلوص تي رهندو آهي. داخلي شاعري گهڻو تڻو بيانيه شاعري هوندي آهي، جنهن ۾ مختلف واقعات جو ذڪر ۽ مختلف مناظر جي عڪاسي هوندي آهي. سماجي ۽ سياسي شعور بيدار ٿيڻ کان پوءِ ڪيترن ئي خارجي اثرن اسان جي دل ۽ دماغ تي اثرانداز ٿي، آزاد شاعريءَ لاءِ مختلف موضوع پيدا ڪيا آهن. آزاد شاعريءَ ۾ جيڪڏهن هڪ طرف قدرت جا منظر پيش ڪيا وڃن ٿا، ته ٻئي طرف فلسفيانه خيالات سان گڏ، ڪيترن ئي خارجي پهلوئن جي عڪاسي ڪئي وڃي ٿي، تنهنڪري نظم ۾ خارجي ۽ داخلي عناصر شامل ٿي وڃن ٿا.

آخر ۾ هيئت ۽ موضوع جي لحاظ کان ڪجهه مثال پيش ڪري، مقالي کي ختم ٿو ڪريان.

هن جڳ ۾،

پاپي جڳ ۾،

جيئڻ آ جنجال:

تنهنجي ياد سهارو آهي،

هڪ پل جو موهوم سهارو:

تنهنجي شيرين شيرين ياد،

هڪڙي تلخ حقيقت آهي.   (بشير)

جيتوڻيڪ مٿيون شعر بحر جي لحاظ کان گيت جو ترنم، ۽ ٻوليءَ جي خيال کان گيت جو مزاج پيدا ڪري ٿو، مگر منجهس آزاد شاعريءَ جي سٽا موجود آهي، ۽ آزاد نظم جي صورت پيدا ڪئي ويئي آهي. ”بشير“ جو ٻيو خالص آزاد شاعريءَ جو مثال پيش ڪريان ٿو:

دل نادان ٿي چوي،

حسن جا جلوا ٿيا ارزان تر؛

يار جا زلف، جيئن ڪاري گهٽا

جهومي اٿندي آ ڪڏهن مغرب مان!

آزاد شاعريءَ ۾ شمشير الحيدريءَ ڪافي مشق ڪئي آهي. هيٺئين شعر ۾ شاعري گهٽ، ۽ تبليغ زياده آهي:

منزل جي مندر جي گهنڊ جو آواز ٻڌو ٿا، اي ساٿيو؟

بس چند قدم منزل آهي،

اڳتي ئي هلي منزل ٿيندي:

هلندا ئي هلو، وڌندا ئي هلو،

تاريڪ فضائن جا سينا، همت جي چراغن سان چيري،

وڌندا ئي هلو،

ڪجهه عزم سفر کي تيز ڪريو......

شاعر جو ڪم جذبات کي بيدار ڪرڻ آهي، ۽ تبليغ لاءِ ڪتابن ۽ اشارن کي استعمال ڪرڻ جائز ۽ مباح آهي. سندس هيٺيون شعر آزاد نظم جو سهڻو مثال آهي:

ڪو زمانو ٿي ويو،

ظلمتون ۽ روشنيون اينديون رهيون،

دوبدو ٿينديون رهيون:

هرگهڙي هڪ آزمائش،

هر گهڙي هڪ امتحان،

ڪير ڪنهن جو ترجمان!

هيٺئين شعر ۾ زندگيءَ تي تنقيد آهي:

ٿي ويو، دوست! هي شب خيز زمانو سارو،

بي بسي پاڻ کي ئي پاڻ پريشان ٿي ڪري،

زندگي موت جو ارمان ٿي ڪري،

بيڪسي پنهنجي جوانيءَ تي ڪري رنج و ملال،

پنهنجي ناڪام محبت جو ٻڌائي احوال.   (راز)

سياسي بحران تي هڪ شاعرانه تبصري جو مثال پيش ڪجي ٿو:

مون ته سمجهيو هو، منهنجو ملڪ ٿيو آهه آزاد،

مون ته سمجهيو هو، هتي کير جون نهرون وهنديون،

مون ته سمجهيو هو، هتي رقص ڪنديون حورو قصور،

مون ته سمجهيو هو، هتي عيش جوٿيندو سامان،

نه اهو درد مصيبت جو زمانو رهندو،

نه اهو گردش دوران جو فسانو رهندو:

منهنجا محبوب، وطن ٿيو آباد،

منهنجا محبوب، مگر تنگ ٿيو ساز حيات،    (راز)

ناسازگار حالات کان مرعوب نه ٿجي، ڇاڪاڻ جو نااميديءَ ۾ ئي اميد جي جهلڪ نظر اچي ٿي:

اي منهني جان! مٺي، زهرا جبين،

ڇو ٿي تون لڙڪ وهائين ايڏا،

تيرگي وقت گهڻو رهندي ڇا؟

هي سياهه رات گهڻو رهندي ڇا؟

هو ٻڌين ٿي تون ڀيانڪ آواز،

ڪجهه به ناهي، مهنجي جان! ڪجهه به نه آهه.“    (راز)

مصطفيٰ جتوئيءَ جي معاشري تي هڪ وڏيءَ چوٽ جو مثال پيش ڪجي ٿو:

چئه، اي محبوب، بدلبو نه هي ماحول خراب،

جنهن ۾ انسان کي انسان ٿو پيڙي بيجا،

جنهن ۾ انصاف جي مٽي ٿي ٿئي هر وقت پليد،

بيگناهن تي جتي ظلم وستم آهي روا،

۽ جتي جرم ۽ غداري آهي حب وطن!

ساڳئي نظريي جو هڪ ٻيو مثال:

جواني اسان جي مشقت ۽ محنت ۾ گذري وئي آهه،

گوارا خدا کي نه محنت اسان جي رهي آهه،

ٿئي ٿي شب وروز ذلت اسان جي،

هي انسان جيڪو امانت خدا جي،

ٿو سوچي، ڪنهن جي غريبيءَ تي سوچي،

 

سڄو هي زمانو فريب گلستان،

فريب گلستان، فريب نظر آهه:

هلون دور ٻئي،

زمان و مڪان جا هي قصا پراڻا ڇڏي ڏي! (راز)

پنهنجي ماحول جو هڪ دلفريب مثال ڏجي ٿو:

چاندني رات جو تارن جون اکيون،

ڌرمشالا ۾ جيئن ڪوئي مسافر، ٿڪجي،

تنگ ڪمري جي هٻس، بوءِ ۾ لڇندي لڇندي،

منگهڻن کي ڳڻي ماريندي، ورائي پاسا،

ذهن تي زور ڏيئي ننڊ کي ڪوٺيندو هجي. (سڳن)

هيٺئين شعر ۾ ڪيتريون  تصويرون چٽي، شاعر پنهنجي قاريءَ کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي:

تنهنجي چهري تي لڳي جا گرد راهه،

ان جو هرذرڙو نرالي ڪائنات!

ذري ذري ۾ ٿا چمڪن چنڊ ڪئين،

ذرو ذرو آهه روشن آفتاب.     (بردو سنڌي)

ڪيترن  دوستن آزاد شاعريءَ کي فقط لفظن جي راند سمجهي طبع آزمائي ڪئي آهي. منجهن شعر چوڻ جي صلاحيت ته خيرڪا آهي، پر هنن شايد آزاد شاعريءَ کي هڪ آسان صنف سمجهي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، هر شاعريءَ لاءِ شعر جي لوازمات جي ڄاڻ نهايت ضروي آهي: پر آزاد شاعريءَ لاءِ ته وڏي محنت ۽ مشفقت درڪار آهي ۽ شاعر تي هٿان هڪ وڏي ذميداريءَ عائد ٿئي ٿي. عروضي شاعرن آزاد شاعريءَ کي صنف شاعريءَ کان خارج سمجهي، ان جي پڙهڻ ۽ ٻڌڻ کي به ڄڻ ناجائز قرار ڏنو آهي، شايد انهن دوستن موجوده دور جي شاعرن__فيض، نديم، قيوم نظر، يوسف ظفر، سلام ۽ جعفري وغيره جي آزاد شاعري ڪانه پڙهي آهي، جن کي اردو شاعريءَ ۾ هڪ وڏو مقام حاصل آهي.

هن کان پوءِ مان شاعريءَ متعلق حضرت شاهه ولي الله رحه جو رايو پيش ڪريان ٿو: مصرع ۾ شامل ڪجي ته ڪا قباحت نه آهي؛ ليڪن شعراي عجم ان کي ناجائز  سمجهندا آهن.

”هندن پنهنجي شاعريءَ لاءِ وزن جو بنياد اکرن جي تعداد تي رکيو آهي. هو وزن ۾ حرڪات ۽ سڪنات جو ڪو لحاظ نه رکندا آهن، ليڪن تڏهن به سندن گيت جي ٻڌڻ کان پوءِ لذت حاصل ٿئي ٿي. اسان ڳوٺاڻن جا گيت ٻڌا آهن. انهن گيتن ۾ رديف سان ”تخميني موافقت“ هوندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن ٽڪري ۾ هڪ لفظ گهٽ ۽ ڪنهن ۾ هڪ لفظِ وڌيڪ آهي، ته هو ڳائڻ جي لي ۾ ان ڪمي بيشيءَ کي ٺيڪ ڪندا آهن. هر قوم جي نظم جو هڪ خاص اسلوب هوندو آهي، ۽ سڀ قومون دلڪش آوازن ۽ دلفريب نغمن کان لطف اندوز ٿينديون آهن، ليڪن ڳائڻ جا طريقا ۽ قاعدا مختلف هوندا آهن.

”يونانين ڪجهه وزن مقرر ڪيا، ۽ نالو رکيائون ”مقامات“ اهل هند ڇهه راڳ ٺاهيا. ديهاتي پنهنجي سليقي ۽ ذوق سان پنهنجي حسب منشا ڪجهه وزن، راڳڻيون، سر ۽ تال ايجاد ڪري، گيت ڳائيندا ۽ ٻڌائيندا رهيا. انهن اختلافات جي باوجود اسين انهن ۾ ”تخميني موافقت“ ضرور ڏسون ٿا. عقل جي نظر فقط اجمالي امر تي آهي. قافين ۽ رديفن جي تفصيل سان ان کي ڪو بحث ڪونه آهي. ذوق سليم صرف لطف ۽ حلاوت جو خواهشمند آهي، ان کي بحر طويل ۽ بحر مديد سان واسطو ڪونهي.“

زير بحث موضوع تي مٿئين مقالي پڙهڻ کان پوءِ هيٺئين نتيجي تي پهچجي ٿو ته آزاد شاعري:

هيئت ۽ مواد جي لحاظ کان جديد لاڙن جي پيداوار آهي.

آزاد شاعري مغربي تهذيب جي مرهون منت آهي؛

آزاد شاعري هيئت ۽ مواد جي تشڪيل جي لحاظ کان مختصر نظم، سانيٽ ۽ نظم معرى کان مختلف آهي؛

آزاد شاعري سياسي، فڪري، معاشري ۽ معاشي مسئلن جي خام مواد مان پنهنجي صورت تخليق ڪري ٿي؛

آزاد شاعريءَ ۾ داخلي ڪيفيت گهٽ، ۽ خارجي ڪيفيت زياده اثرانداز رهي ٿي؛

آزاد شاعريءَ جو قافيي ۽ رديف جي روايتي پابنديءَ کان انڪار آهي؛

آزاد شاعريءَ بحر واري مقرر ترنم کان آزاد آهي؛

آزاد شاعريءَ کي هڪ فطري ترنم آهي، جنهنڪري اها هڪ بي تڪلف آهنگ پيدا ڪري ٿي؛

آزاد شاعري ڪنهن نه ڪنهن هڪ اڌ مروجه بحرن ۾ هوندي آهي، مختلف مصراعن ۽ رڪنن جي تعداد ۾ ڪمي بيشي ڪئي ويندي آهي؛

رڪنن جي تعداد جي رد بدل جي باوجود، مصرعن ۾ ”ردم“ قائم رهي ٿو؛

آزاد شاعري مختلف لمحاتي تصويرن جي شاعري آهي، جيڪا مجموعي طرح هڪ واضح ۽ مڪمل تاثر پيدا ڪري ٿي.


[1]  لاهور جي هڪ جديد طرز جي هوٽل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com