سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1964ع

مضمون

صفحو :11

 

ضميمو ٻيو

 

1853ع کان 1930ع تائين ليٿو گراف ۾ شايع ٿيل ڪتاب

 

اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي ته سنڌي لپي 1853ع ۾ ٺهي. انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي. سڄا سارا ڏهه سال لپيءَ جي ٺاهڻ ۾ صرف ٿيا. ان کان پوءِ، عبارت آرائيءَ کان علاوه، تمام سادي نموني ۾ تجربي طور جو ڪجهه به شايع ٿيو، تنهن جو وچور هيٺ ڏجي ٿي.

 اول اول جارج اسٽئڪ جو گرامر 1840ع ۾ تيار ٿيو، ۽ ديوناگري رسم الخط ۾ ڇپيو. ”آکاڻي راءِ ڏياج جي“ به ان سال ديوناگري ۾ ڇپي.

1853ع ڌاري ”بابو نامو“ ڇپيو. ان ۾ الف_بي جي پوري تختي ڏني ويئي. ان ۾ اعرابون به غلط سلط نموني ۾ استعمال ڪيون ويون، ۽ ڪن لفظن جا اچار ۽ آواز به غلط ڏنا ويا. اهو ڪتابچو به تجربي طور شايع ڪري ورهايو ويو. ان ۾ الف_بي جي ڏنل ايڪونجاهه اکرن جي وچور هيٺينءَ ريت آهي.

عبرانيءَ مان: هوز، حطي، ڪلمن، سعفص.

يعني: ا ب ج د هه و ز ح ط ي ڪ م ن س ع ف ص.

عربي مان: ثخذ، قرشت ۽ ضظغ. يعني: ث خ ذ ق ر ش ت ض ظ غ.

پراڪت مان: ڀ ٿ ٺ ڦ جهه ج ڇ ڃ ڌ ڊ ڍ ک گهه ڱ.

خالص سنڌي مان: ٻ ڄ ڏ ڳ.

ان طرح ايڪونجاهه اکر ٺاهيا ويا.

ان کان پوءِ “ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“، غلام حسين محمد قاسم قريشيءَ جي لکيل، 1854ع/1275هه ۾ شايع ٿي، ان ئي سال ”آيسپ جون آکاڻيون“ ساڳيئي مسٽر غلام حسين محمد قاسم قريشيءَ ترجمو ڪري ڇپايون.

1860ع ۾ ”مطلع خورشيد“ شايع ٿي، ۽ ”وَنهئين ۽ ولهي جي ڳالهه“ منشي اُڌارام لکي. 1861ع ۾ ”سڌا تورو ۽ ڪڌاتورو“ ۽ ”مفيد الصبيان“ سيد ميران محمد شاهه اول (1245_1309هه) ترجمو ڪيا، جي گورنمنٽ طرفان ليٿو ۾ ڇپيا، ۽ ديوان اُڌارام جو ”سورٺ ۽ راءِ ڏياج“ پڻ ڇپيا.

1862ع “ اردشير ايرانيءَ جي پريس ۽ ڪمشنر جي پريس قائم ٿيون. انهن مان “ليکي جي پيڙهه“، ”انگ ۽ جدولون“، ”ڌرتي نروار“، ”الجبر و المقابله“، ”تاريخ معصومي“ (ننديرام جو ترجمو)، ”ڪولمبس جي تاريخ“ ۽ ديوان ڪوڙيمل جو ”پڪو پهه“ (زناني تعليم) شايع ٿيا.

1864ع ۾ ديوان ڪيولرام جي ”سوکڙي“ شايع ٿي.

1865ع ۾ نارائڻداس جڳن ناٿ ”سنڌ جو نروار“ لکيو.

1866ع ۾ ٽرمپ جو ”شاهه جو رسالو“ ۽ گرامر شايع ٿيا.

1868ع ۾ ديوان اُڌارام ۽ ديوان نولراءِ ”راسيلاس“جو ترجمو ڇاپيو.

1870ع ۾ ”هيڪلائيءَ ۾ سک آهي ڇا؟“ شايع ٿيو.

1871ع ۾ ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻيءَ جو ”گلقند“ ڇپيو.

1879ع ۾ اُڌارام ٿانور داس ميرچنداڻيءَ جي ”سنڌي لغت“ شايع ٿي، ۽ ”مقالات الحڪمت“ (قليچ بيگ جو ترجمو) ڇپيو.

1885ع کان 1889ع تائين مستر پوڪرداس شڪارپور واري ۽ مستر هريسنگه سکر واري ڪيترائي قصن ڪهاڻين ۽ دينيات جا ڪتاب ڇپايا.

1891ع (1309هه) ۾ شاهه محمد ديدڙ جا بيت ۽ ”تنبيهه نامو“ قاضي نورمحمد لاڙڪاڻي مان شايع ڪرايا.

1892ع (1310هه) ۾ ”مدحيات“ جو مجموعو ڇپيو.

1905ع مرزا قليچ بيگ جو ”خيام“ ڇپيو. ساڳئي سال ”ڪواڪب السعادات في شرح مناقب السادات“، جلد اول، مولوي مشتاق متعلويءَ جو ڇپيو.

(ب) سنڌ کان ٻاهر ڇپيل ڪتاب (1830 کان 1870 تائين).

سنڌ کان ٻاهر، بمبئي ۾، هڪ ڪاٺياواڙي  ميمڻ، قاضي ابراهيم، مطبع ”فتح الڪريم“ برپا ڪئي. ان ۾ سنڌي زبان ۾ دينيات ۽ قصن جا ڪيئي ڪتاب شايع ٿيا. ان کان پوءِ جلدي ”فتح الڪريم“ جي ڀائيوارن ۾ ڦوٽ پيئي ۽ ٻي ”ڪريمي“ پريس به کولي ويئي. انهن ٻنهي مان ڪافي ڪتاب شايع ٿيا.

1904ع ۾، ڪوٽڙيءَ ۾ مطبع ”سبحاني“ قائم ٿي، جنهن ۾ مولوي مشتاق متعلويءَ جا ڪتاب ڇپيا. ان ئي پريس مان قرآن شريف جو پهريون پارو ۽ سوانح رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم به شايع ٿيا.

1910ع ۾ حضرت مولانا عبيدالله سنڌي رحه امروٽ ۾ ليٿو پريس قائم ڪئي. ان مان قرآن شريف جا ڪجهه پارا سنڌي ترجمي سان، ۽ ڪي عربي ڪتاب شايع ڪيا ويا.

1920ع ۾ ”شمشير الاسلام“ نالي ليٿو پريس، سّيد جي ڳوٺ (ميهڙ) ۾، رئيس رضا محمد خان مشهور خلافتي ليڊر، قائم ڪئي. ان مان هفتيوار اخبار ”شمشير الاسلام،“ ڪي ديني رسالا ۽ پاره عّم جو ترجمو شايع ٿيا.

ان وقت ڌاري ڪراچيءَ ۾ ”دبدبه حيدري“ پريس، بلوچ ليٿو پريس ۽ ”حميديه“ ليٿو پريس پڻ قائم ٿيون، جن مان مختلف وقتن تي ”ترقي“ ”ڪاميابي“، ”اسلامي دنيا“، ”توحيد“ ”الاصلاح“، ”الاسلام“ وغيره رسالا ۽ ڪيئي ٻيا ليٿو ڪتاب شايع ٿيا.

بمبئيءَ جي ”فتح الڪريم“ ۽ ”ڪريمي“ پريس مان ليٿو ۾ ڇپيل مشهور ڪتاب

تنبيہ الغافلين (1317هه)

قرآن مترجم سنڌي

مفتاح رشدالله، تفسير ڪلام الله

تفسير هاشمي، جز عَمّ

تفسير تبارڪ سنڌي (مخدوم محمد هاشم ٺٽوي)

فرائض الاسلام (مخدوم محمد هاشم ٺٽوي)

نورالابصار (مخدوم محمد هاشم ٺٽوي)

فرائض الاسلام خورديعني فرائض الايمان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

قوت العاشقين (مخدوم محمد هاشم ٺٽوي)

رسالو شاهه لطيف

قصو حضرت يوسف

قصص الانبياء (ترجمو)

خلفائي راشدين درغزوات

جنگنامه محمد حنيف

ڪامل التعبير

مجموعه سنگنامو

تنبيہ الجاهلين

مخدوم ضياء الدين جي سنڌي

آداب النڪاح

تحفة الاحباب ترجمه ڪشف الحجاب

ابوالحسن جي سنڌي

سراج العابدين

منهاج الزاهدين يعني انيس العابدين

مجموعه چهار قصه

شرائط الجمعة

رساله عقيقي،يعني مخدوم ابراهيم جي سنڌي

ترتيب الصلواة

منتخب الفوائد (تعويذات)

انيس المتقين و سراج الجاهلين

حصن الاصول دربيان زڪواة

مجموعه ضرورت المسلمين و خلاصه نظم

هداية المريدين

حيات العاشقين درمناسڪ حج

مجموعه مدحيات سنڌي

مفتاح الصلواة سنڌي

معراج نامه سنڌي

شمائل نبوي سنڌي

مجموعه مولود سنڌي

قصه جابر انصاري

مجموعه قصهء جمجمہ

مجموعه وفات نامه

هفت قصه سنڌي

ڪريما مترجم سنڌي

ليلا مجنون فاضلي

قمرالمينر، شمائل و معجزات نبوي

قصه سيف الملوڪ

بدر منير في احوال قيامت ڪبير

مجموعه فوائد (تعويذات)

طب جعفري

تحفة المجربات درطب

سسئي پنهون

چهل حديث

مجموعه ٽيہ حرفي

قصه حضرت موسيٰ ۽ خضرعليہ السلام

مجموعه خطب

مصباح العاشقين يعني مولود النبي

ترغيب الصلواة يعني رساله آخر ظهر

سراج العابدين

مجموعه ضرورت المونين

مقصودالمومنين

مفيدالمومنين

ذخيرت الفقہ سنڌي

ذبح شڪار

حيرت الفقہ

بيان العارفين (شاهه ڪريم جو رسالو)

تفسير عزيزي (شاهه عبدالعزيز جي تفسير جو ترجمو)

ڪنزالعبرت

قصص الانبياء ڪلان

قلندر لال شهباز_حڪيم فتح محمد سيوهاڻي (مطبع نولڪشور لکنو)

معجزه دائي حليمان

سعدي شيرازيءَ جو فارسي ترجمو

مجموعه مدحيات، ڪلان

دائري وارن جي سنڌي، ڪلان (اڏيري لال جي بزرگن جي تاليف_نئينءَ ٽائيپ ۾ رساله ”نئين کيتي“ ۾ هلايل ۽ ايڊٽ ڪيل: گرامي)

پوڪر داس ۽ هريسنگ جا ڪتاب

وڏو قصو جهاندار ۽ آرام دل شهزادي جو

قصو آگر گل

قصو مهربانو راڻيءَ جو

قصو گل بدن

ناول عشق

قصو قاضيءَ ۽ چور جو

قصو ممتاز

قصا عجائب ۽ غرائب

راجا حاتم وڏو

”  “ ننڍو

نقش سليماني سنڌي

ننڍو تعويذات جو ڪتاب

امير حمزو

مخزن الا دويات

وڏو لغت جو ڪتاب فرهنگ سميت

زينت القاري

ڏاڙهياري جبل جو سير

سڪندر نامو

چاردرويش

گل بڪاولي

طوطي نامه

گل منير جو قصو

دل بهار عجيب ناول

الف ليليٰ حصو اول

“ “ “ ٻيون

“ “ “ ٽيون

“ “ “ چوٿون

مومل راڻو مينڌرو وڏو قصو

سسئي پنهون وڏو)

)

زليخان جي سر تي )

يوسف زليخان، سنڌيءَ ۾ وڏو

عالم آبي قصو

فراق نامو

حشرات الارض

زميندارن ۽ پٽيلن لاءِ هدايت

هڪ سو عجيب ڳالهين جو ڪتاب

فسانهء عجائب

صيفل الملوڪ

پتورتا ناٽڪ

اندر سڀا ناٽڪ

شاهنامون رستم بهادر جو قصو

گل بڪاولي، بيتن ۾

ليلامجنون

عجب العجائب قصو

عجيب گلدستو قصو

عجيب چهچٽو

گڏيل ڏه قصا

عمر مارئي راتيون

سورنهن سهيلين جو ڪتاب

لولي ۽ ڪافيون

خواب جو تعبير

فالنامون

فا لنامون وڏو

مومل مينڌرو ننڍو

دردن جو داستان

درسني هنڊي

پند سودمند

ٻاراڻا اوراڻا

رسالو ”غمٺار“ بيربل نالو حصو اول

رسالو ”غمٺار“ بيربل نالو حصو ٻيو

ملان دوپيازو

آفيمين جا نقل

ڏوهڙا ۽ سس ننهن جو قصو

ڏير ۽ ڀاڄائيءَ جو قصو

عجيب داستان، دل جي وندر

هير رانجهو حمل خان

عشق تماچه

ملو موالي

شادي ٻڍاپڻ

ٽوپي پڳ جو قصو

نصيحت جو نقطو

گلستاني گل

مجمع گلشن راڳ

رسالو غره

قصو گهوڙي جو

دودوچنيسر وڏو

عبارتن جو ڪتاب

بهادر بهرام جو قصو

بهرام گور

قصو کينهون

ڪوا ٻلي باتصوير

چور پوليس جو

شادي طوطي مينا

قصو ڪسبائتو

زال مڙس جو قصو

ڪريما سنڌي

ڪريما فارسي سنڌي

مناجات خورد

مناجات  وڏي

اعتقاد نامو

ڪانگل جا بيت

نام حق سنڌي

مفيدالطالبين

سوداگر جي پٽ جو قصو

نصحيت جو نانءُ

قصو چوڏهين صدي

جهڳڙو سون ۽ لوهه جو

ٽه ڪتابي آمدنامه

هفت ڪتابي

فالنامون

سهڻي مهوال جو قصو

دوايو سنڌي

ٽوايو سنڌي

مجموعو ڪافين جو وڏو ڪتاب

ڪافين جو حصو اول، ٻيو، ٽيون، چوٿون

نورجهان ۽ مهرالنساء

واڻڪوويچارو

دال ڀاڄي جو يار

گوپيچند، نيڻاوينتي

قصو منصور شاهه

مارئيءَ جو فراق نامو

چرخو

مومل ماري

علي بابا چاليهه چور

شيرين فرهاد

چمن بخت بازي

تيرنهن ڄار، مڪرن جا مار

ميلو لال شهباز

آئينه تي رت

لطائف ظرائف

روضة الشهداء

صد حڪايت

طب

طب اڪسير علوي

طب قرابادين علوي

طب سڪندري

طب اڪبري

طب آب حيات مع مخزن الادويات

طب باد فرنگ

تحفة العاشقين

هدايت العاشقين

گلشن حڪمت

ميزان الطب

مجربات المعالجات

قرابادين (ولي محمد)

لغت

مفتاح العلم

انيس الطالبين

انشاء خادمي

هفت ڪتابي

ڪتاب انشاء سنڌي

انشاء سنڌي حصو 1

انشاء حصو 2، 3

ناول

دل بهار ناول

عجائب غرائب ناول

ناول نونهال

تعويذات، جفر ۽ نجوم

اڪسير الاحمر

اسرار الجفر

فالنامون ۽ تعويذات

علم نجوم جو ڪتاب سنڌي

هندن جا ڌرمي ڪتاب

رامائڻ (ڪانڊپورا)

جنم ساکي (گرونانڪ صاحب)

جپ صاحب (ارٿ سميت)

راجا وڪرماجيت

راجا هريشچندر جي ڪٿا

ساميءَ جا سلوڪ

شعر جا مشهور ڪتاب

ديوان سانگي

ديوان واصف

ديوان نجفي

ديوان بيدل

ديوان بيڪس

روحل فقير جو رسالو

مراد فقير جو رسالو

غلام علي فقير جو رسالو

ديوان بلبل

ديوان تاج

نورمحمد تاجر ڪتب لاڙڪاڻه جا ڪتاب

تنبيہ نامو (شاهه محمد ديدڙ، 1309هه)

چئن يارن جي صفت (“   “)

مناجاتون (“   “)

چوڏهين صدي (“   “)

نصيحت نامو (“   “)

مولوف لطف الله هالائي (“  “)

ڪريما مترجم سنڌي          1892ع

دوايه سنڌي                    ”

ٽه وايه سنڌي                   ”

ناگهان (قصو)                 ”

خط ۽ عبارتون                ”

آئيويٽا سنڌي                  ”

آمدنامه سنڌي                 ”

شاڪرنامه سنڌي              ”

تعويذات                       ”

چو وايه سنڌي                  ”

گنج العرش سنڌي             ”

خطبه جمع سنڌي              ”

روضة الشهداء                 ”

رساله قاضي نورمحمد فقہ     ”

معجزه حضرت اسماعيل       ”

قصه اعرابي نينگر             ”

مولود                   ”

خطبة العيدين                 ”

مسڪيو، رڊ مرثيه (ثابت علي شاهه)

شاهه محمد ديدڙ فقير                 ”

رسالو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه        ”

 

مولوي عبدالحق (سکر) جا

ڇپايل ڪتاب

صحيح بخاري، مڪمل (6 حصا)

اُمهات المومنين

سيرت صديق اڪبر

سيرت فاروق اعظم

سيرت ذي النورين

سيرت حيدر ڪرار

سيرت حضرت فاطمة الزهرا

سيرت حسين عليه السلام

سيرت حسن عليه السلام

قصص الابنياء

سراپا رسول

بهشتي ڪوثر

شمائل ترمذي

سنڌ ۾ ڇپيل متفرقه ليٿو ڪتاب

نورالايمان مقدمہ تفسير القرآن،

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

1338هه

فتح محمدي

 

تحفة المرصلين (اسلامي نماز)

مولانا مولوي عبدالرحيم، مرحوم

1923ع

سيرت النبي

1924ع

اسلام جا دنيا تي احسان

حضرت عائشه جي سيرت

اسلام ۽ عورت

تاريخ اسلام، 4 حصا

رسالا نيڪ صلاح

مولانا الاهي بخش صاحب رحه

 

تاريخ القرآن

قاضي عبدالرزاق

1949ع

توضيع التقليد مع سبيل الرشيد

محمد هارون صباغ،

1354هه

توحيد نامو

(مدرسه دارالرشاد جهنڊو شريف)

1327هه

ڪشف الغطاء والحجاب عن

حاجي الهڏنو صاحب

1353هه

منع الصلواة الي القبوروالقباب

 

 

بهشتي باغ

مولانا الاهي بخش رحه

1332هه

 

ارشاد المريدين وهداية المتقين_

 

1327هه

هديد سلام الله

دين محمد هالائي،

1905ع

 

هدايت العباد اليٰ مسائل الضاد

مولوي هدايت الله هالائي

1351هه

انوار محمدي

مولوي عبدالڪريم چشتي

1938ع

تلوار حق،

1938ع

امام شافعي

1936ع

اسماعيل شهيد

1938ع

هدايات محمدي

1946ع

اعداء الثقلين

مولوي نظير حسين مجددي،

1347هه

شيعه نماز،

مولوي عبدالحق نصرپوري

1352هه

حق الشفاء

سيد محمد عارف واعظ

1352هه

تمدن عرب (تفسير سوره سبا)

مولوي غلام مصطفيٰ قاسمي

1347هه

الهام الرحمان في تفسيرالقرآن

مولانا عبيدالله سنڌي،

1952ع

عظمت قرآن مجيد

”بزم طلوع اسلام“، ڪراچي

1957ع

تفريح المومنين

ڊاڪٽر عبدالفتاح بلوچ

1960ع

حق الصريح

مفتي صاحبداد صاحب سلطان ڪوٽي

1956ع

 

قول الانور في بحث النوروالبشر

مولوي عبدالصمد (جامع راشديه)،

1960ع

 

تفسير تنويرالايمان

مولوي محمد عثمان نورنگ زادو

 

خطبات

خطبات جتوئي

مولوي غلام رسول جتوئي

 

جمال القرآن

(حضرت ٿانوي رحه) مترجم قاري شيرمحمد (گهوٽڪي)

 

تعليم القران

حضرت مولانا مولوي عبدالڪريم ديروي رحمة الله عليه

 

معلم القرات

هدات الاسلام ۽ نورالايمان

عقائد اسلام

قواعد فارسي

اخلاق نامه غزالي

مقدمه جزري

جواز سماع

مولوي محمد صالح غفاري

 

ڪلمةالحق، رد “جوازسماع“

مولوي محمد صادق راڻيپور

 

باب القرآن

مولوي ملادوست محمد کوسو، (مدرسه اسلاميه، ميهڙ)

 

ترتيل القرآن

قاري محمد مدني (ميهڙ)’

 

بهشت جي ڪنجي (نماز)

مولانا دين محمد صاحب فيروزشاهي،

1950ع

قصيده برده

مولوي علي محمد مهيري

1319هه (1901ع)

ترجمه و تفسير قرآن

مولوي محمد مهاجر مدني

1945ع

رسالو شاهه لطيف،

مرزا قليچ بيگ، شمس العلماء

1949ع

رسالو شاهه لطيف،

مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي

1955ع

شاهه محمد ديدڙ جا بيت ۽ مدحيات

 

 

1928ع 1309هه

تحفة الاسلام

مولوي محمد عثمان نورنگ زادو

 

غزليات

مولوي محمد عثمان نورنگ زادو

 

رسالو عبدالرحيم گرهوڙي

 

 

ديوان گل

خليفو گل محمد (پاڻ بمبئيءَ وڃي ڇپايائين)

 

توثيق الاحناف

مولانا مير محمد هالائي

1355هه

اعلاء الحق

مولانا مير محمد هالائي

1355هه

انڪشاف الحقيقة في تعارف اهل البدعة

مولوي عزيزالله ۽ مولوي محمد مبارڪ

 

والفتة

 

1356 _ 1937ع

الظهارالحق

عبدالعزيز عرب مرحوم

1930ع

مطالب القرآن

 

1940ع

آخري مذهب

مولوي عبدالرزاق

1934ع

آئينه محبت

(ترقي بڪ ڊيپو، ڪراچي)

ارشاد الامام

آخري مذهب

فاتح سنڌ

ڪمال پاشا

انورپاشا

دعوت الاسلام

ظهور مهدي

پنج گنج ترڪي

آخري رسول

تحقية الخلافة

علامه اسدالله شاهه ”فدا“ ٽکڙائي

1924ع

فتح الهادي

1925ع

حقيقة المحمديه (جلد 1۽ 2)

1926ع

نورهدايت(شيعه)

ڇپائيندڙ حاجي خواجه محمد جعفر

1925ع

تفسير القرآن (شيعه)

مولوي محمد خان لغاري

1925ع

فقہ شيعه (شيعه)

 

1925ع

ردتنا سخ

محمد بخش واصف

1931ع

فضلاالخطاب

1931ع

 

تذڪره اولياءُ (سنڌي): مڪتبه؛ عليگڙهه بڪ اسٽور، نيم جي چاڙهي سکر

ياقوت و مرجان؛ جناب حاجي مرزا افضل بيگ صاحب مڪتبه حڪيم عبدالحق حڪيم نورالهيٰ تاجران ڪتب؛ قيمت مجلد 50_1 رپيو؛ چوڪ گهنٽا سکر.

تحفته الفقيه: حافظ مولوي عبدالحميد حافظ شمس الدين ائنڊ برادرس؛ مالڪان: مڪتبه شمسيه بيراج روڊ سکر.

جنگ نامون، محمد حنيف (سنڌي زبان): مولوي عبدالحي سيد مٺن شاهه ائنڊ سنز؛ تاجران ڪتب فقير جوپڙ حيدرآباد سنڌ.

مجموعه مدحيات (سنڌي): رحمان برادرس فريئر روڊ ڪراچي.

قصص النبياء (سنڌي): مولوي محمد عظيم ائنڊ سنز؛ تاجران ڪتب، شاهي بزار شڪارپور پيشنگوئي سنه 1379ع: حافظ برداران؛ مڪتبه شمسيه سکر.

ڪمالات محمدي: مولانا چشتي؛ مڪتبه حڪيم خليفه غلام حيدر؛ تاجر ڪتب شڪارپور

حديث: مولوي شاهه محمد صاحب جتوئي، شڪارپوري، مولوي محمد عظيم ائنڊ سنز؛ تاجران ڪتب شاهي بزار شڪارپور.

ملان ۽ موالي: مولوي ثناءالله ثنائي، مولوي عظيم ائنڊ سنز؛ تاجران ڪتب، شاهي بزارشڪارپور.

فالنامون، موسيٰ مداحي: سيد مٺن شاهه ڪتب فروش؛ فقير جو پڙ حيدرآباد سنڌ.

خليفه اول، صديق اڪبر: مولوي عبدالحي، مولوي محمد عظيم ائنڊ سنس، تاجران ڪتب شاهي بزار شڪارپور سنڌ.

تنبيه النساء: ميان عبدالوارث دل، سعيد آبادي.

خطبه النڪاح: مڪتبه سيد مٺن شاهه، فقير جو پڙ حيدرآباد سنڌ.

تنوير الايمان: مولوي محمد عظيم ائنڊ سنز؛ تاجران ڪتب شڪارپور سنڌ.

السراجي الميراث (سنڌي زبان ۾): مڪتبه سيد مٺن شاهه؛ فقير جو پڙ حيدرآباد سنڌ.

ان طرح آر، ايڇ احمد، يوسف برادرس، فتح برادرس ۽ ٻين ڪيترن ڪتب فروشن جا مٿيان ساڳيا ڪتاب ۽ ڪي نوان ڪتاب پڻ شايع ٿيا آهن.

بهر حال، هي آهي ليٿو گراف جي تاريخ ۽ سنڌي ادب ۾ تاليفات جو تفصيل.

******

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com