سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1964ع

مضمون

صفحو :4

 

مصطفى لطفي المنظوطي

(اصل عربيءَ ۾)

سنڌيڪار: محمد علي سانگي

بختاور شهر

بلڪل ائين، جيئن هڪڙو ننڊ ۾ ستل ماڻهو ڏسندو آهي، ڏٺم ته هڪڙي ميدان ۾ گهمي رهيو هوس، جتي ساوڪ جو نالو ئي ڪونه هو، ۽ سموريءَ زمين تي واري ائين وروڪڙ ڪري پيئي هئي، جيئن سمنڊ جي سطح تي، وچ سير ۾، ڀڳل ڇوليون وروڪڙ پيدا ڪنديون آهن. سج به موٽي وڃڻ لاءِ ڳاڙهو ٿي ويو هو. ان سڄي ميدان ۾، ٻيو ڪو پاڇو به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيو، سواءِ منهنجي مستطيل پاڇي جي، جنهن کي سج جي هٿ، غلطيءَ کان انسانذات جو ابو آدم سمجهي، ايترو ته ڊگهو ڪري ڇڏيو هو جو ميل کن ڊگهو ٿي ويو هو.

اتي گهمڻ ته لڳس، پر نه ڪنهن رستي جي خبر، ۽ نه چرڻ ڦرڻ جي ڪنهن جاءِ جو پتو. پيچرا هڪجهڙا هئا، ۽ سو ڪوهيءَ ۾ سڃ لڳي پيئي هئي. آخر سج پنهنجيءَ جاءِ ڏانهن هيٺ لهڻ لڳو. رات جو پکي، آڙ مان نڪري اڏامڻ لڳو، ۽ اونداهيءَ به پنهنجا ڪارا پرکڻي اُفق تي پکڙيا. اِتي پاڻ کي ڏٺم، ته عاشق جي اک واري پيار جي ڳوڙهي کان به وڌيڪ پريشان هوس، جنهن کي محبت ٻاهر ڌڪيندي آهي ۽ حيا ٻاهر نڪرڻ کان منع ڪندو آهي. مون کي اها به خبر نٿي پيئي ته مان اونداهيءَ جي اندر ۾ لڪل راز هوس، يا سمنڊ جي پيٽ ۾ ڦٿڪندڙ مڇي. ڪڏهن وري مون کي خيال ٿي آيو ته مان ڪوئلي جي کاڻين مان ڪنهن کاڻ جي تري ۾ پيو هوس؛ سو پنهنجا هٿ ڊگها ڪري، ان جي ڀتين کي ٿي لاتم ته مَن ڪنهن ڀت کي هٿ وڃي ڇُهن. منهنجي گهڻي وقت تائين اها حالت رهي. آخر محسوس ڪيم ته اونداهيءَ جو رنگ ڦٽي رهيو هو، ۽ ان جا ذرڙا هيڏانهن هوڏانهن پکڙجي رهيا هئا. ائين ئي، اوچتو ڏٺم ته هڪڙي اُتاهين جبل اڳيان بيٺو هوس، جيڪو ائين ٿي معلوم ٿيو، ڄڻ هڪڙي مضبوط ڀت هئي، جيڪا آسمان کي زمين تي ڪرڻ کان جهَل ڏيئي رهي هئي؛ يا هڪ طاقتور بادشاهه هو، جيڪو سج جي ٽڪيءَ جو ڳاڙهو تاج ۽ ان جي ڪِرڻن جو زرد چوغو پهري بيٺو هو.

جنهن وقت مون ڏٺو ته انهيءَ جبل تي چڙهڻ کان آسمان تي چڙهڻ جي اميد قريب هئي، ته ان وقت منهنجيءَ دل ۾ جيڪا بيقراري ۽ ڳڻتي پيدا ٿي، ۽ عقل جي چريائي ظاهر ٿي، سا بيان کان ٻاهر آهي. مان منجهي پيس: هڪ پير اڳتي ٿي وڌايم ته ٻه پير پوئتي ٿي هٽايم. ان وقت موت جي آڏو پيش پوڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ئي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيو. ائين ئي، اکيون کڻي ڦيرايم ته جبل جي پاڙ ۾، ٽڙيل پکڙيل پٿرن جي وچ ۾، هڪڙو سفيد ۽ لسو پٿر ڏسڻ ۾ آيم. مان به ان جي مٿان ليٽي پيس، ۽ ابوالعلا معريءَ جي هن قول جي پيروي ڪرڻ لڳس ته ”موت جي ننڊ ئي صحيح معنيٰ ۾ ننڊ آهي، جنهن ۾ جسم کي راحت ملي ٿي، باقي هيءَ زندگي ته اوجاڳو ئي اوجاڳو آهي.“

اکڇنڀ ۾ ائين محسوس ڪيم ته اهو پٿر ٿورو ٿورو چري رهيو هو، ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ مٿي ٿي اڏامڻ لڳو. جيڪڏهن اکيون کولي نه ڏسان ها ته ائين سمجهي ويهان ها ته موت نازل ٿي چڪو هو، ۽ روح عالم ارواح ڏانهن مٿي وڃي رهيو هو: پر ڏٺم ته جنهن کي مان اڏامندڙ پٿر خيال ڪري رهيو هوس، سو بناوت ۾ عقاب سان ۽ ضخامت ۽ گولائيءَ ۾ قبي سان مشابهت رکي رهيو هو. اهو مون کي کڻي، آسمان جي افق تي هلندو رهيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ، هوا ۾ هيڏانهن هوڏانهن اکيون ڦيرائي، جبل جي چوٽيءَ تي لهي پيو. مان به تڪڙ ڪري ان تان لهي هيٺ بيهي رهيس. اتي مون اميد جو ٿڌو آبحيات محسوس ڪيو، جيڪو منهنجي دل ۾ دورو ڪري، ان جي پياس اجهائي رهيو هو---ڇا ڪاڻ ته مون جبل جو ٻيو پاسو ڏٺو هو، جتي زندگيءَ جي رونق ۽ شادابيءَ جا گل هئا.

اتان ٿورو پرڀرو، پاڻيءَ جي ننڍڙين واهين جي چوڌاري، ساوڪ جا ليڪا ڏٺم، ۽ ننڍڙيون جهوپڙيون ۽ عظيم محلاتون به ڏسڻ ۾ آيم، جيڪي ڄڻ ته ڪاريون جهرڪيون ۽ سفيد ڪبوتر معلوم ٿي رهيون هيون. اهو مزيدار منظر ڏسي، خوشيءَ وچان، جسم جو سمورو ٿڪ وسري ويم ۽ آءٌ اوڏانهن وڌيس.

جيئن ئي مان اتي پهتس. ته پاڻ کي هڪ سبززار واديءَ ۾ ڏٺم، جنهن جي وچ ۾ هڪ عمارت هئي. عمارت جي دروازي تي هڪڙو پوڙهو بيٺو هو، جيڪو هڏ ڪاٺ ۾ انهن ماڻهن سان ٿي مليو، جن جي باري ۾ هيئت جي ماهرن جي هڪڙيءَ جماعت جو خيال آهي ته اهي مريخ جا رهاڪو آهن. هو مون کي ڏسي ائين ڇرڪي ويو، جيئن انسان جن کي ڏسي ڇرڪي ويندو آهي. منهنجي باري ۾ جيڪو خيال هن جي دل ۾ پيدا ٿيو، سو ان کان وڌيڪ نه هو، جيڪو هن جي متعلق منهنجي دل ۾ پيدا ٿيو. جيڪڏهن عجيب غريب شين سان الفت نه هجي ها ۽ اهي آزمايل نه هجن ها، ته هوند خوف ۾ هنياءُ ڦاٽي پويم ها. مان هن ڏانهن اڳتي وڌي ويس. مون کي ڄڻ هن جي ٻوليءَ جو الهام ٿي ويو. مون سندس ٻوليءَ ۾ کيس سلام ڪيو. هن به مون کي سلام ڪيو، ۽ چوڻ لڳو: ”مون نٿي ڀانيو ته هن شهر کان سواءِ ڪنهن ٻئي شهر مٿان به ڪو سج اڀري ٿو، يا هتي جي انسانن کان سواءِ جهان ۾ ٻيو به ڪو انسان رهي ٿو!“ مان هن سان ڳالهائيندو رهيس، ۽ هن جي ويجهو ٿيندو ويس. آخر هو مون سان ٺهي ويو، ۽ مون کي دعوت ڏيئي پنهنجي گهر وٺي هليو. گهر ۾ مون کي پنهنجي گهر جي ڀاتين سان ملايائين، منهنجي لاءِ لذيذ طعام تيار ڪرايائين، ۽ نرم بسترو وڇارايائين. مون به ڏاڍي آرام ۽ اطمينان سان ننڊ ڪئي، جنهن ۾ نه موت جي خيال جو خوف هو ۽ نه ڪنهن به قسم جو ڪو وسوسو.

آخر رات کٽي. مان ۽ سج، انهيءَ شريف خاندان جي ٻارڙن جي آواز تي ننڊ مان سجاڳ ٿي بسترن مان اٿياسون. مون ڏٺو ته سارو خاندان خشوع ۽ خضوع سان الله پاڪ جي عبادت ڪري رهيو هو، ۽ هڪڙيءَ صف ۾ بيهي دعا گهري رهيو هو ته الله تعاليٰ سندن ڏکن کي سکن ۾ تبديل ڪري، سندن معاملن کي آسان بنائي، سندن حالتن کي درست ڪري، ۽ کين پنهنجي امداد عطا ڪري. انهيءَ نظاري منهنجيءَ دل تي ڏاڍو اثر ڪيو، سو انهن سان گڏ صف ۾ بيهڻ، انهن سان گڏجي دعا گهرڻ، ۽ انهن سان گڏجي روئڻ کان سواءِ ٻيو چارو ڪونه ڏٺم. مون کي هن شهروارن جي دل ۾ راسخ ٿيل اهڙي خالص ايمان تي عجب اچڻ لڳو، حالانڪ هنن ڏانهن نڪو رسول موڪليو هو ۽ نه مٿن ڪو ڪتاب نازل ڪيو ويو هو. جنهن وقت عبادت کان فارغ ٿياسون، تنهن وقت گهر جي مالڪ ڏانهن نهاري هن کي چيم: ”مان ڏسان ٿو ته اوهين عبادت ڪريو ٿا، اها ڪنهن جي عبادت ٿا ڪريو؟ ۽ دعا گهرو ٿا، سو اهو ڪير آهي، جنهن کان دعا گهرو ٿا؟“ هو چوڻ لڳو: ”اسين الله جي عبادت ڪريون ٿا، جيڪو هن ڪائنات جو خالق ۽ ان جو هلائيندڙ ۽ ڪارساز آهي. مون چيو، ”ڇا اوهان هن کي ڏٺو آهي، يا هن کي سڃاڻندا آهيو؟“ هو چوڻ لڳو: ”هائو اسان هن کي سندس نشانين ۽ سندس پيدا ڪيل شين ۾ ڏٺو آهي. اسان هن کي آسمان ۾، گردش ڪندڙ فلڪ ۽ سير ڪندڙ سيارن ۾، پاڻيءَ ۾، حيوانن جي عضون ۾، پکين جي پرن ۾، ۽ نباتات جي ٻجن ۾ ڏٺو آهي، ۽ ان کان به اڳ، اسان هن کي پنهنجين دلين، عقل ۽ روحن ۾ ڏٺو آهي.“ مون چيو: ”هن جي عبادت ڇو ٿا ڪريو؟“ هو چوڻ لڳو: ”اسان کي پيدا ڪرڻ ۽ رزق جي نعمت عطا ڪرڻ جي شڪر ۾. اسان مان هر هڪ کي اهڙي صاحب نعمت جو شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي، جيڪو پاڻيءَ جي ڍڪ جو احسان ڪري ٿو يا مانيءَ جي گرهه جي بخشش ڪري ٿو. تڏهن انهيءَ جو شڪر ڪرڻ ته وڌيڪ لازمي آهي، جيڪو بخشش ڪندڙن کي عطا ڪندڙ، ۽ محسنن جو به محسن آهي.“ مون دل ۾ چيو: ”هيءُ مرد ته انهن سچن موحدن جي رتبي کي پهتل آهن، جيڪي عبادت ۽ بندگي خالص خدا جي واسطي ڪن ٿا: نه ثواب جي اميد رکن ٿا، ۽ نه عذاب کان ڊڄن ٿا.“ مون هن کان سوال ڪيو: ”اوهين موت کان پوءِ ڪيڏانهن ٿا وڃو؟“ هو چوڻ لڳو: ”بقادار سک يا دردناڪ عذاب ڏانهن.“ مون چيو: ”شايد تنهنجو مطلب جنت ۽ دوزخ آهي؟“ هو چوڻ لڳو: ”مان ڪونه ٿو سمجهان، تون الاجي ڇا ٿو چوين. مون کي فقط ايتري ڄاڻ آهي ته الله حڪيم ڪنهن به محسن کي سندس احسان جي چڱي بدلي ڏيڻ ڌاران نه ڇڏيندو، جيئن هن جو عدل چڱائي ڪندڙ ۽ برائي ڪندڙ درميان برابري ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو.“ مون چيو: ”نيڪ ڪڏهن نيڪ ٿيندو آهي، ۽ برو ڪڏهن ٿو برو ٿئي؟“ هو چوڻ لڳو: ”احسان“ ڪنهن به خير جي ڪم کي چئبو آهي، ۽ ”گناهه“ ڪنهن به بري ۽ خراب ڪم کي چئبو آهي: ان ڪري تون اسان ۾ ڪوبه اهڙو ماڻهونه ڏسندين، جنهن سان سندس دل هن جي ڀاءُ کي نقصان پهچائڻ بابت ڳالهه ڪندي هجي، يا اهڙو ماڻهو، جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي تڪليف دور ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪندو هجي.“ مون دل ۾ چيو: ”ڪاش، اهي فقيهه (علم فقه جا ڄاڻو) جيڪي حيض، استحاضه، حدث اصغر ۽ حدث اڪبر جي بحثن ۾ پنهنجون عمرون صرف ڪن ٿا: اهي علم ڪلام جا ماهر، جيڪي صفات جي عين يا غير هجڻ، جوهرو عرض، حدث و قدم ۽ دورو تسلسل جي مسئلن ۾ راتيون جاڳي پنهنجون اکيون پچائي ٿا رکن: ۽ اهي صوفي، جيڪي خدا سان سندس مشيت ۾ تنازعي ڪرڻ، سندس قدرت تي حملي ڪرڻ، هن جي امر ۽ نهيءَ تي غالب پوڻ، ۽ هن جي لوح ۽ قلم سان مقابلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اهي سڀ جيڪر دين جي راز ۽ ان جي حڪمتن کي سڃاڻن ۽ ان جو غرض ۽ مقصد معلوم ڪن، جيئن هنن ساده دل ۽ ڪم عقل ماڻهن معلوم ڪيو آهي، جيڪي جنت ۽ دوزخ جي معنيٰ به نٿا سمجهي سگهن، ۽ جيڪي ”دين“ ۽ ”تين“ (انجير) جي درميان به فرق ڪري نٿا سگهن!“

ڳالهين مان واندو ٿياسون ته پوڙهي مرد کي شهر گهمائڻ لاءِ عرض ڪيم. هو مون کي شهر ڏانهن وٺي هليو. ڏٺم ته ان جون گهٽيون ڪشاديون ۽ صاف سٿريون هيون: جايون هڪٻئي کان جدا جدا ۽ وڇوٽيءَ سان هيون. هر هڪ جاءِ جي چوڌاري هڪ گلن سان ڀريل ٻهڪندڙ باغيچو هو. ڏٺم ته شهر جا سڀئي ماڻهو، ننڍا خواهه وڏا، زالون توڙي مرد، پنهنجن ڪمن مٿان جهڪيا پيا هئا، ۽ محنت سان ڪم ڪري رهيا هئا. انهن ۾ ڪوبه اهڙو مسڪين ۽ فقير ڪو نه هو، جيڪو پنندو هجي، ۽ نه منجهن ڪو ٽوٽي ۽ آرسي ئي هو، جيڪو ويٺو اوٻاسيون ڏئي يا ڪڪ ٿي ڪر ڀڃي. وڏي عجب جهڙي ڳالهه، جنهن منهنجي نظر کي موهي وڌو، سا هيءَ هئي ته مون انهيءَ شهر جي ماڻهن ۽ سندن جاين، سوارين کاڌي پيتي جي شين ۽ سندن پوشاڪن ۽ لباسن ۾ اهو فرق ۽ تفاوت ڪونه ڏٺو، جيڪو مون پنهنجن شهرن ۾ ڏٺو آهي_ ڄڻ ته اتان جا سڀئي باشندا روزگار جي حالت ۽ دولت جي درجي ۾ برابر هئا. مون پوڙهي مرد کان پڇيو: ”اوهان ۾ شاهوڪار ۽ مفلس، آقا ۽ غلام ڪونه آهن ڇا؟“ هو چوڻ لڳو: ”نه سائين، اسان مان هرڪنهن کي اهوئي ڪافي آهي جو هن کي اَجهو ڏيندڙ گهر، قوت مهيا ڪندڙ ٻئي، ۽ بار کڻڻ لاءِ ڪو وهٽ هجي: ان کان پوءِ هن جو ٻيءَ ڪنهن به شي سان ڪوبه واسطو ڪونهي. انهيءَ ڪري ئي اسان ۾ ڪوبه آقا ۽ غلام ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو، ڇاڪاڻ ته اسان ۾ شاهوڪار ۽ مفلس آهي ئي ڪونه.“ مون چيو: ”اوهان ۾ ضرور ڪونه ڪو ڪم ڪرڻ کان عاجز، سست ۽ نڪمون هوندو؟“ هن چيو: ”سست جو ته اسان ۾ وجود ئي ڪونه آهي، ڇا ڪاڻ ته هن کي خبر آهي ته اسين اهڙي ماڻهوءَ تي ڪو رحم ڪونه ڪندا آهيون. ۽ عقل ۽ طاقت جهڙين نعمتن کي ڪم کان بيڪار رکڻ سان حقير ڪرڻ واري غلطي هن کي ڪڏهن به نه بخشيندا آهيون. باقي رهيو عاجز ماڻهو، سو اسين هن تي هٿن جي ڇانو ڪندا آهيون، ۽ هن تي احسان جا پر رکندا آهيون. اسين ان ۾ پنهنجي لاءِ ڪا برتري ڪونه ٿا ڏسون، ڇاڪاڻ ته اسين هن کي انهيءَ قوت جو هڪڙو ڀاڱو ڏيون ٿا، جيڪو اسان کي الله تعاليٰ انهيءَ لاءِ عطا ڪيو آهي ته ان سان سندس عبادت ڪريون: ۽ اسين عاجزن جي مدد ڪرڻ، ڏکويلن سان همدردي ڪرڻ ۽ ستايلن تي رحم ڪرڻ کان وڌيڪ، عبادت جي ٻئي ڪنهن به طريقي ۾ بهتري نٿا ڏسون.“

هو مون کي اهي ئي ڳالهيون ٻڌائيندو ٿي هليو ته هڪڙي عاليشان عمارت نظر آئي، جيڪا سهڻائيءَ ۽ سٿرائي ۾ ٻين مڙني عمارتن کان ممتاز ڏسڻ ۾ ٿي آئي. مون پوڙهي مرد کي چيو: ”ڇا، مان هيءُ بادشاهه جو محلات ڏسي رهيو آهيان؟“ هو چوڻ لڳو: ”نه، اهو محلات هڪڙي لالچيءَ ۽ شرير ماڻهوءَ جو آهي. هن الله جي ارادي ۽ سندس حڪمت جي مخالفت ڪري، هن جي ٻانهن لان سندن زمين ۽ مال کسي پاڻ وٽ گڏ ڪيو آهي، ته جيئن انهن کان مٿڀرو ٿئي: ۽ انهن جو آرام ۽ ٻيون زندگي جون شيون به پنهنجي لاءِ پسند ڪري رکيون اٿس. الله تعاليٰ به هن تي اچي ڏمريو، سو هن جي آرام ۽ سک کي ڏک ۾، ۽ هن جي شاهوڪاريءَ کي سڃائيءَ ۾ بدلائي ڇڏيائين، ڇا ڪاڻ ته هن اڃا خوشحاليءَ جي بوءِ ئي مس سنگهي هئي ته پاڻ کي نفساني خواهشن جي حوالي ڪري ڇڏيو هئائين، ۽ پنهنجيءَ طبيعت کي ان جي برداشت کان وڌيڪ بار کڻايائين. هاڻي هو پيو بيمارين جا سور سهي ۽ قسمين قسمين مرض لوڙي، جن جي ڪري هو تنگ ٿي زندگيءَ کان نفرت ڪرڻ لڳو آهي، ۽ موت کي محبوب سمجهڻ لڳو آهي. هن کي نه محلات بچائي سگهيو ۽ نه مال ۽ دولت ئي کيس فائدو پهچائي سگهيا. هاڻي هو عبرت حاصل ڪندڙن لاءِ عبرت، ۽ ٻين لاءِ نصيحت بڻيو پيو آهي!“

پوڙهي جي اها گفتگو ٻڌي، مون کي هن لاءِ ڏاڍو چڱو خيال پيدا ٿيو. منهنجي نظرن ۾ هن جي عزت وڌي ويئي. مون هن جي ۽ هن جي قوم جي اخلاق جي تعريف ڪئي، ۽ دل ۾ چيم ته ”اسان جا اسڪول ۽ مدرسا، جيڪي حڪمت جي قاعدن، ترتيب جي اصولن، ادب ۽ فن جا سبق ڏيئي رهيا آهن، سي اهڙن ماڻهن پيدا ڪرڻ کان عاجز آهن، جيڪي خوبين ۽ فضيلتن ۾ هن قوم جي ماڻهن سان مقابلو ڪري سگهن.“ اسڪولن جي ڳالهه ياد پوڻ تي مون چاهيو ته هنن جو تعليمي نظام ۽ نصاب معلوم ڪريان. ان ڪري پوڙهي مرد کي چيم: ”ڇا، تون مون کي پنهنجن اسڪولن مان ڪو اسڪول ڏيکاريندي؟“ هن کي منهنجي انهيءَ سوال تي عجب لڳو، ۽ چوڻ لڳو. ”اسڪول ڇا آهي؟“ هن جو جواب ٻڌي مون کي ان کان به وڌيڪ عجب لڳو، جيڪو هن کي منهنجي سوال تي لڳو هو. سو مون چيو: ”اسڪول هڪ اهڙي محدود جڳهه هوندي آهي، جتي ننڍا ٻار گڏ ٿي سکندا آهن، ۽ وڏا کين سيکاريندا آهن.“ هو چوڻ لڳو: ”اها ڪهڙي شي آهي، جيڪا ننڍا ٻار وڏن کان سکندا آهن؟“ مون چيو: ”اها شي، جيڪا انهن جي حالت کي بهتر بنائي، ۽ کين دنيا توڙي آخرت ۾ فائدو پهچائي.“ هو چوڻ لڳو: ”اسان کي ڪهڙي ضرورت  پيئي آهي جو هيڏي ساري ٻارن جي ميڙ کي کڻي اهڙيءَ محدود جاءِ ۾ واڙيون! سائين، اسين پنهنجي اولاد تي ايترو مهربان آهيون جو انهن جي معاملن کي ٻين جي حوالي ڪرڻ نٿا گهرون. اسين خود ئي انهن جي هر ڪنهن حالت جا سڌاريندڙ ۽ سنڀاليندڙ آهيون. اسان وٽ ڪارخانن ۽ ٻنين کان سواءِ ڪي به اسڪول ڪين آهن، اسين اتي ٻارن کي اهو سيکاريندا آهيون ته هو ٻج ڪيئن ڇٽين، ۽ انهن کي ڪيئن ڄمائين: اوزار ڪيئن ٺاهين ۽ انهن کي استعمال ڪيئن ڪن: هنن کي اتي اهو به سيکاريندا آهيون ته هو پنهنجيون جايون ڪيئن جوڙين، پنهنجا ڪپڙا ڪيئن اڻن، ۽ پنهنجا هٿيار ڪيئن تيار ڪن. اسين ڪم کان سواءِ ٻيو ڪو علم ڪونه ڄاڻندا آهيون، ۽ ڪم به ٻيو ڪونه ڄاڻندا آهيون، سوا ان جي، جنهن سان زندگيءَ جي بنياد جي حفاظت ڪري سگهندا آهيون، ۽ جنهن سان پنهنجي رب کان عبادت جي مدد وٺي سگهندا آهيون.“ مون چيو: ”ڇا، اوهان جو ڪو حاڪم آهي، جيڪو اوهان جي معاملن جي سنڀال ڪندو هجي؟“ هن چيو: ”اسان جو ”امين“ هوندو آهي، ”حاڪم“ ڪونه آهي: ۽ اهو اهڙو ماڻهو هوندو آهي، جنهن جي مٿان اسان کي ڀروسو هوندو آهي، ۽ جنهن جي فهم ۽ عقل تي اعتماد هوندو اٿئون. ان ڪري، جيڪڏهن ڪو اتفاق ٿي پوندو آهي ته اسين ان کي ئي جهڳڙن نبيرڻ لاءِ چوندا آهيون.“ مون هن کي چيو: ”ڇا، هن کي ڪو لشڪر يا ڪي مدد گار ڪين آهن، جيڪي سندس پٺڀرائي ڪن ۽ سندس حڪمن کي جاري ڪرڻ جو ڪم ڪن؟“ هن چيو: ”هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو هن جي خلاف وڃي يا هن جي حڪم خلاف بغاوت ڪري ته اسين سڀ انهيءَ ماڻهوءَ جي خلاف هن جو لشڪر ۽ هن جا مدد گار آهيون، ڇا ڪاڻ ته اسان کي هن تي ۽ هن جي انصاف تي ڀروسو هوندو آهي--- ۽ اسان لاءِ اهوئي ڪافي آهي، ۽ بس.“ مون چيو: ”ڇا، هن کي ڪو جيل ڪونه آهي، جنهن ۾ ڏوهارين کي بند ڪيو وڃي؟“ هو چوڻ لڳو: ”نه! اسان وٽ ڏوهه جي سزا اها ئي ڪافي آهي جو شهر جا سڀيئي رهاڪو مڙي هن کي تنبيهه ڪن، ۽ هن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسن. اسان مان هر هڪ ان ڳالهه کي وڌيڪ پسند ڪندو آهي ته کيس پکي جهٽ هڻي کڻي وڃي يا مٿائنس آسمان جو ٽڪرو ڪري پوي، پر پاڻ کي قوم ۾ ڌڪاريل، سڀني جي دلين ۾ خسيس ۽ انهن جي نظرن ۾ ذليل نه ڏس، جو هن ڏانهن اهي اک کڻي نه ڏسن ۽ نه هن کي ڪا عزت ۽ اهميت ڏين.“

جيئن ئي اسان پنهنجون ڳالهيون اتي پهچايون ته ڏٺو سون ته شهر کي چڪر ڏيئي واندا ٿي چڪا هئاسون، ۽ جتان نڪتا هئاسون، موٽي اتي پهتا هئاسون. ايتري ۾ هن جي گهر جي ڀاتين خوشيءَ مان مرڪندي اسان جو استقبال ڪيو. هنن پوڙهي مرد جو هٿن چمڻ ۽ ڀاڪر پائڻ سان استقبال ڪيو. اتي سوچيم ته دنيا جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جيڪي به مون گهر ڏٺا آهن، انهن ۾ ڪوبه گهر هن گهر کان نيڪ بختيءَ، خوشحاليءَ ۽ سک ۾ وڌيڪ ڪونه آهي.

اهو هو ”بختاور شهر،“ جنهن جا باشندا خوش زندگي گذارين ٿا. هو غم ۽ ڳڻتيءَ جي دانهن ڪونه ٿا ڪن، ڇا ڪاڻ ته هو قناعتي آهن: هو دلين ۾ ڪينو ۽ بغض ڪونه ٿا سانڍين، ڇاڪاڻ ته سڀيئي برابر ۽ هڪ جهڙا آهن: ۽ هوڪو خوف ۽ خطرو به نٿا محسوس ڪن، ڇاڪاڻ ته امن ۾ آهن. اهوهو بختاور شهر، جيڪو مون ڏٺو، جنهن کي مون پسند ڪيو، ۽ جنهن ۾ زندگي گذارڻ لاءِ دل ٿي گهريو.

... رات اچي چڪي هئي. پوڙهي مرد جي گهر ۾ بستري تي وڃي جاءِ ورتيم. جيئن ئي ننڊ مان سجاڳ ٿيس ته پاڻ کي پنهنجي گهر ۾، پنهنجي بستري تي پيل ڏٺم. نه اهو ميدا هو نه جبل، نه اهو پوڙهو مرد هو نه سبزه زار، ۽ نه اهو شهر هو، نه خوشي ۽ سعادت!   

 

امر جليل

هولي

هميشه وانگر، ڊوڙندو آيو. ڪتابن جو ٿيلهو ڪلهي سان لٽڪائي، رنڌڻي ڏانهن هليو ويو. مان کيس پنهنجي ڪمري جي دريءَ مان ڏسي رهيو هوس. سندس عمر پنج سال مس ٿيندي، پر چنچلتا سرير ۽ آتما ۾ اوتيل اٿس. منهنجو سڀ کان ننڍوڀائٽيو آهي. کيس بيحد ڀانئيندو آهيان. آهي به ڏاڍو سندر، بلڪل چينيءَ جي گڏن جهڙو. ڀاڀي اڪثر رنگارنگي نڪرون ۽ قميصون پهرائيندي اٿس. بيحد پيارو اٿم، ان ڪري ئي ”هولي“ سڏيندو آهيانس.

هميشه وانگر ڊوڙندو آيو. ڪتابن جو ٿيلهو ڪلهي سان لٽڪائي، رنڌڻي ڏانهن هليو ويو. منجهند جي ماني آڻي ٽيبل تي رکيائين. ڏاڍي بک لڳي هيس، جو هٿ ڌوئڻ به وسري ويس. ڪرسي آڻي ٽيبل وٽ رکيائين ته چيومانس:

”هولي!“

”جي، چاچا.“

”پٽ، هٿ نه ڌوئيندين؟“

”ڌوئان ٿو، چاچا.“ هٿ وارو گرهه اتي ئي رکي، گينڊيءَ جو نل کولي، هٿن کي صابڻ سان ڌوئي صفا ڪيائين. جيترو مان کيس گهرندو آهيان، ان کان وڌيڪ مون لاءِ ماندو رهندو آهي. ٽوال سان هٿ اگهي، وري اچي ڪرسيءَ تي ويٺو. هڪ گرهه مس کاڌائين ته کيس ڪجهه ياد آيو.

”چاچا!“

”هولي پٽ“

”چاچا، مون کي ”هولي“ ڇو سڏيندا آهيو؟“

”پيارو جو آهين!“

پر سندس اڻتڻ پوري نه ٿي. ٻه-چار گرهه کائي، منهن ورائي چيائين: ”اڄ اسان جي نئين ٽيچر پڇيو ته سڀ توکي هولي ڇو چوندا آهن.“

”تو ڇا چيس؟“

”مون چيومانس ته منهنجي چاچا منهنجو نالو رکيو آهي.“

پاڻيءَ جا ٻه_ٽي ڍڪ ڀري، شوخيءَ سان ٻڌايائين: ”چاچا، ٽيچر مون کي هوليءَ جي معنيٰ به ٻڌائي.“

مون سوچيو، ڀلا ڪرستان ليڊي ٽيچر ننڍڙي هوليءَ کي ”هوليءَ“ جي ڪهڙي معنيٰ ٻڌائي هوندي. جنهن رنگين پاڻيءَ جي راند ئي نه ڪئي هوندي، تنهن کي ڀلا هوليءَ جي ڪهڙي ڄاڻ؟ پر هوليءَ کان ئي پڇيم: ”ٽيچر توکي ڇا ٻڌايو هولي؟“

مون سوچيو، سچ ئي ته ٽيچر کيس ٻڌايو آهي! سڪ ۽ محبت سان هڪٻئي تي هاريل پاڻي، پاڪ ئي ته هوندو. پر جنهن جذبي ڪري مان کيس هولي سڏيندو آهيان، ان کي معصوم هولي ڪيئن سمجهي سگهندو؟ مون ته کيس ڪنهن جي ياد سان وابسته ڪري ڇڏيو آهي. مون چيو مانس: ”هولي معنيٰ، پاڪ پاڻي!“

هو منجهي پيو. سندس ننڍڙي دماغ لاءِ اهي ڳالهيون بي معنيٰ هيون. پر تڏهن به پڇيائين: ”ڀلا ڪيئن هوندو آهي اهو پاڻي؟“

”رنگا رنگي.......انڊلٺ جهڙو!“ مون کيس سمجهايو: ”پچڪارين ۾ رنگين پاڻي ڀري، هڪ ٻئي کي پيار وچان پسائڻ جو نالو اٿئي ”هولي“، رنگين پاڻيءَ جي راند جو نالو اٿئي ”هولي!“

”ڪهڙي رنگ جو هوندو آهي پاڻي؟“ هن ڏائي ڳل تي هٿ رکي چيو.

”ڳاڙهو، سائو، گلابي، ... ۽“ نه ڄاڻان ڪيئن منهنجو آواز ڀرجي آيو.

”ڀلا ڪير ڪندا آهن اها راند؟“ هوليءَ وري پڇيو.

”ڪندا هئا.....هولي! ڪندا هئا“ مون دل جي درد کي اکين ۾ لڪائيندي چيو، ”پرڪاش، موهن، پرشوتم.......۽ اندرا...۽__“ منهنجون پنبڻيون آليون ٿي ويون. پراڻا زخم وري تازا ٿيڻ لڳا___ناسور ڪيئن ڇٽندا! هولي غور سان ۽ دلچسپيءَ سان رنگين پاڻيءَ جي ڪهاڻي ٻڌي رهيو هو، ۽ مون کيس وري ٻڌائڻ شروع ڪيو: ”ساڌ ٻيلي کان شيشا محل تائين، ڄڻ سنڌو به رنگجي ويندي هئي. ڍورو، نارو شالا، چيوتڙو، ڍڪ بازار، سڀ انڊلٺ کان وڌيڪ سهڻن رنگن ۾ رنگجي ويندا هئا!“

هولي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌي رهيو هو.

”.......۽، هولي! اندرا اسان جي گهر اچي، امان، بابا، ادا ۽ مون کي پچڪاريءَ سان رنگي ڇڏيندي هئي. هميشه آسماني رنگ هڻندي هئي... اهڙو سندر، اهڙو پيارو رنگ، هولي!“

لڙڪ پنبڻين جو بند ڀڃي، اندر جي آگ اجهائڻ آيا. مون هوليءَ کان نظرون بچائي، اکيون اگهي ڇڏيون. هولي ٽپ ڏئي ڪرسيءَ تان اٿي آيو، ۽ پنهنجون نرم ٻانهون منهنجي ڪنڌ ۾ وجهي، ڳراٽڙي پائي چيائين.

”چاچا، اسين به رنگين پاڻيءَ جي راند ڪنداسين!“

گهاءَ گهرا ٿي ويا. سڏڪا جهلي چيومانس: ”اسان وٽ اهو پاڻي ڪونهي، هولي، اسان وٽ اهو پاڻي ڪونهي!“

هوليءَ جو منهن مرجهائجي ويو، ۽ مون کيس پنهنجي گهائل سيني سان لڳائي ڇڏيو.


 

ناٽڪ

زان پال سارتر

سنڌيڪار: غلام نبي ميمڻ

معزز طوائف

ڪردار: لزي ميڪي - طوائف؛ فريڊ - سينيٽر جو پٽ؛ حبشي؛ جان - جيمس - پوليس آفيسر؛ سينيٽر؛ ۽ شهري.

ڏيک پهريون

]آمريڪا جي ڏاکڻي علائقي واري هڪ شهر ۾، جاءِ جو هڪ ڪمرو. هڪ صوفو، جو بستري جو ڪم ڏئي ٿو. ساڄي پاسي هڪ دري، کاٻي پاسي غسلخاني ۾ وڃڻ لاءِ هڪ دروازو پٺئين پاسي هڪ ننڍڙو ڪمرو، جنهن مان جاءِ جي ٻاهرئين دروازي ڏانهن رستو وڃي ٿو. پردي کڄڻ کان اڳ ۾ اسٽيج تي طوفان جهڙو آواز پردو کڄي ٿو ته لزي، بلائوز ۽ اسڪرٽ پهريل اڪيلي، صفائيءَ واري مشين هلائيندي نظراچي ٿي. دروازي جي گهنٽي وري وڄي ٿي.لزي ڪجهه ڪيٻائي ٿي، ۽ غسلخاني جي دروازي ڏانهن ڏسي ٿي. دروازي جي گهنٽي وري وڄي ٿي. هوءَ مشين بند ڪري ٿي، ۽ غسلخاني جي دروازي تي پهچي، ان کي ٿورو کولي ٿي.[

لزي_(آهستي) دروازي تي ڪو آهي،.....ٻاهرنه اچجانءِ. (دروازو کولي ٿي. دروازي جي فريم ۾ تصوير وانگر جڙيل، قداور ۽ ٿلهو، هڪڙو حبشي نظر اچي ٿو. سندس مٿي جا واراڇا آهن. هو ڏاڍو ڪاوڙيو بيٺو آهي.) ڇا  ڳالهه آهي؟ تون شايد غلط دروازي تي اچي پهتو آهين. (وقفو) خير، ڇا کپيئي؟.......ڪڇين ڇو نٿو؟

حبشي_(خوشامد سان) ميم صاحب، ٿورو ٻڌ ته سهي، ميم صاحب!

لزي_ ڇا ٻڌان؟ (غور سان ڏسي) ترس.......تون گاڏيءَ ۾ ته ڪو نه هئين؟ ڀڄي وڃڻ  ۾ ڪامياب ٿي وئين؟ توکي منهنجي خبر ڪيئن پيئي؟

حبشي_ مون ڳوليو، ميم صاحب!مون هرهڪ جاءِ ڳولي. (هڪ قدم اڳتي وڌي) ٻڌ ته سهي! ميم صاحب.

لزي_ اندر نه اچجانءِ. ٻيو ماڻهو ويٺو آهي. آخر توکي ڇا گهرجي؟ تون چاهين ڇا ٿو؟

حبشي_ ڪجهه به نه، ميم صاحب!

لزي_ پوءِ تون ڪهڙي ڳالهه ٿو ٻڌائڻ گهرين؟ پئسا کپنئي؟

حبشي_ (وقفو) ميم صاحب، هن کي چئو ته مون ڪجهه نه ڪيو آهي!

لزي_ ڪنهن کي چوان؟

حبشي_ جج کي. ان کي چئو، ميم صاحب، جج کي چئو.

لزي_ ٻڌ، مان ان کي ڪجهه نه چونديس. مون وٽ پنهنجيون مصيبتون گهڻيون آهن. هاڻي هليو وڃ.

حبشي_ توکي خبر آهي ته مون ڪجهه نه ڪيو آهي، ميم صاحب!

لزي_برابر، تو ڪجهه نه ڪيو آهي. پر مان ڪنهن جج ٻج ڪانه ڏانهن ڪانه هلنديس. ججن ۽ پوليس وارن کان منهنجي دل گهٻرائيندي آهي.

حبشي_منهنجا ٻار ٻچا آهن.....مان سڄي رات پيادل هليو آهيان، هاڻي اڳتي وک نٿي کڄيم...

لزي_چڱو ائين اٿيئي ته هن شهر مان هڪدم ڀڄي وڃ.

حبشي_انهن ريل تي به پهرو بيهاري ڇڏيو آهي!

لزي_ ڪنهن؟

حبشي_گورن.

لزي_گورن؟

حبشي_ها، سڀني گورن. تون اڄ ٻاهر ڪانه نڪتي آهين ڇا، ميم صاحب؟

لزي_نه، مان اڄ صبح کان ٻاهر ڪانه نڪتي آهيان.

حبشي_سڀ رستا ماڻهن سان ڀريا پيا آهن. جوان ۽ پوڙها، سڀ پاڻ ۾ سس پس ڪري رهيا آهن.

لزي_ڇا مطلب؟

حبشي_مطلب هيءُ ته مون کي هروڀرو هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻو ۽ لڪڻو پوندو، تان جو هو نيٺ مون کي پڪڙي ويندا. جڏهن گورا ائين ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪندا آهن ته ڪنهن نه ڪنهن ڪاري ماڻهوءَ جو موت ايندو آهي. (ڪجهه ترسي) هن کي چئه ته مون ڪجهه نه ڪيو آهي، ميم صاحب! جج کي چئه.....اخبار وارن کي ٻڌاءِ.....ٿي سگهي ٿو ته تون جيڪي ڪجهه چوين، سو اخبارن وارا ڇاپي ڇڏين تون انهن کي هلي چئه، ميم صاحب، ڀلا رڳو اخبار وارن کي هلي چئه!

لزي_دانهون نه ڪر. مان توکي چوان پيئي ته هتي ڪو ٻيو ماڻهو به آهي (ترسي)اخبار وارن کي چوان؟ هرگز نه. مون کي ڪنهن به شهرت جي درڪار ڪانهي. (ترسي) پر جيڪڏهن انهن مون کي شاهد جي حيثيت ۾ گهرايو ته پوءِ مان واعدو ٿي ڪريان ته سچو سچو بيان ڏينديس.

حبشي_ميم صاحب، تون انهن کي چوندينءَ ته مون ڪجهه نه ڪيو آهي؟

لزي_ها، مان انهن کي چونديس ته تو ڪجهه نه ڪيو آهي.

حبشي_قسم کڻ، ميم صاحب، ته تون پڪ سان انهن کي چوندينءَ!

 لزي- ها، ها، ها...

حبشي_خدا جوقسم کڻ ته تون...

لزي_توبهه! جهنم ۾ وڃي پئه! مون توکي چيو ته مان چونديس...چڱو، هاڻي هتان نڪري وڃ.

حبشي_مهرباني ڪري، ميم صاحب، مون کي لڪائي.

لزي- توکي لڪايان؟

حبشي_ها، ڪٿي لڪائي.

لزي_توکي لڪايان؟ مان؟ حد ٿي ويئي! (زور سان دروازو بند ڪري ٿي ڇڏي.) اُف. مون کي پنهنجيون پريشانيون ئي گهڻيون آهن. (غسلخاني ڏانهن مڙي ٿي) هاڻي تون ٻاهر اچي سگهين ٿو.

فريڊ_(غسلخاني مان، بنا ٽاءِ ۽ ڪالر جي قميص سان، ٻاهر نڪري) ڪير هو؟

لزي_ڪير ڪونه.

فريڊ_مون سمجهيو ته پوليس اچي ويئي.

لزي_پوليس! تون پوليس جي چڪر ۾ آهين؟

فريڊ_مان؟ نه. پر مون سوچيو ته شايد

تون آهين.

لزي_(خراب سمجهي) واه! ڏاڍي  ٿو ٻڌائين!

مون ڪڏهن ڪنهن جي هڪ دمڙي به ڪانه

چورائي آهي.

فريڊ_تون ڪڏهن به پوليس جي ڦندي ۾

ڪانه ڦاٿي آهين؟

لزي_چوريءَ جي الزام ۾ ته ڪڏهن به ڪانه ڦاٿي آهيان. (صفائيءَ واري مشين هلائڻ ۾ مصروف ٿي وڃي ٿي. مشين جو شور تمام گهڻو آهي.)

فريڊ_(گوڙ کان گهٻرائجي) او، توبهه!

لزي_(رڙڪري، جيئن سندس آواز ٻڌڻ ۾ اچي) ڪهڙي ڳالهه آهي، جاني؟

فريڊ_(رڙ ڪري) منهنجا ڪن ٿا ڦاٽن!

لزي_(رڙ ڪري) بس، هاڻي ڪم اجهو ختم ٿو ٿئي. (ترسي) مان بس اهڙي ئي آهيان!

فريڊ - (رڙ ڪري) ڇا؟

لزي _(زورسان) مون چيو ته مان اهڙي ئي آهيان.

فريڊ_ (رڙڪري) ڪهڙي؟

لزي_(رڙڪري) اهڙي ئي؟ هر ٻئي صبح جو مون کي وهنجڻو پوي ٿو، هيءُ غاليچو صاف ڪرڻو پوندو اٿم. (مشين بند ڪري ٿي.)

فريڊ_ جيڪڏهن توکي ڇنڊ ڦوڪ ئي ڪرڻي آهي ته هنڌ ويڙهي ڇڏ. (هنڌ ڏانهن اشارو ڪري ٿو.)

لزي_ ڇا؟

فريڊ_هنڌ.....مون چيو ته هيءُ ويڙهي ڇڏ هن مان گناهه جي بوءِ ٿي اچي.

لزي_گناهه؟ تو اهي لفظ ڪٿان سکيا؟ تون پادري ته ڪونه آهين؟

فريڊ_ڇو؟

لزي_ڳالهيون ته اهڙيون ئي پيو ڪرين.

(ڏانهسن نهاري) تون پادري نه آهين. تون ته چڱو معقول ماڻهو پيو لڳين. مون کي پنهنجي منڊي ته ڏيکار. (پسندگيءَ سان) او، تون ڪو امير ماڻهو آهين؟

فريڊ_ها.

لزي_وڏو امير؟

فريڊ_وڏو!

لزي_خوب! (ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي، کيس پنهنجا چپ پيش ڪري ٿي.) منهنجي خيال ۾، امير ٿيڻ ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي. اهڙيءَ طرح خود اعتماد پيدا ٿئي ٿي.

(فريڊ چمي نٿو ڏئي، ۽ منهن ٻئي پاسي ڦيرائي ٿو ڇڏي.)

فريڊ_هيءُ بسترو ته بند ڪري ڇڏ!

لزي_چڱو چڱو، بند ڪري ٿي ڇڏيان.

(بسترو ويڙهي ٿي ڇڏي، ۽ هڪدم ٽهڪ ڏيڻ لڳي ٿي.) ”گناهه جي بوءِ ٿي اچي!“ مان ته ائين سوچي به نٿي سگهيس. توکي خبر آهي.

جناب، هيءُ توهان جوئي گناهه آهي! (فريڊ ڇرڪي وڃي ٿو.) ها، مون کي خبر آهي ته منهنجو گناهه به آهي. پر منهنجو ضمير ته گناهن سان ڀرپور آهي. (فريڊ کي ڇڪي، صوفي تي ويهي ٿي رهي.) هيڏانهن اچ، هتي ويهه... ڪيڏانهن ٿو نهارين؟ مون کان ڊپ ٿو ٿيئي ڇا؟ (فريڊ وحشين وانگرکيس ٻانهن ۾ جڪڙي ٿو ڇڏي.)

ائين مون کي تڪليف ٿي ٿئي. (فريڊ کيس ڇڏي ٿو ڏئي.) اڙي، تون به عجيب انسان آهين!

(ترسي) تنهنجو نالو ڇا آهي؟... ٻڌاءِ! مون کي تنهنجو نالو نٿو اچي، اها ڳالهه سٺي ڪانهي. ماڻهو مون کي مشڪل سان پنهنجو خانداني نالو ٻڌائيندا آهن - ۽ مون کي ان جي سبب جي به خبر آهي. پر پنهنجو پهريون نالو.....جيڪڏهن مون کي اوهان ماڻهن جي نالن جي خبر هجي، ته پوءِ ٻڌاءِ ته مان هڪٻئي جي وچ ۾ تميز ڪيئن ٿي ڪري سگهان؟ ٻڌاءِ نه پنهنجو نالو، جاني!

فريڊ_ اونهون!

لزي_چڱو ڀلا، ٺهيو، تون بنا نالي وارو ماڻهو  هوندين. (اٿي بيهي ٿي) ترس. مان ڪمري جي صفائي ڪري وٺان. (ڪجهه شيون هيڏانهن هوڏانهن رکي) ٺيڪ، هر شي ٻيو دفعو صفا ٿي ويئي.

(ڪرسيون ميز جي چوڌاري رکندي) ڏس، اميراڻا ٺٺ ٿي ويا! تون مون کي تصويرون جو ڪو سٺو دڪان ٻڌائي سگهين ٿو. مان ڪجهه تصويرون وٺڻ چاهيان ٿي. هڪڙي تصوير مون وٽ آهي. صندوق ۾ رکي آهي. ڏاڍي سهڻي آهي. ان جو نالو آهي__”ڀڳل مَٽُ“. اها هڪڙيءَ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ جي تصوير آهي. ويچاري جو مٽ ڀڄي پيو آهي!اها فرانس جي هڪڙي مصور ٺاهي آهي.

فريڊ__مٽ ڪهڙو؟

لزي_توکي خبر آهي؟ ان ڇوڪري جو  مٽ... منهنجي خيال ۾، هن وٽ هڪڙوئي مٽ هو. مان چاهيان ٿي ته مون کي هڪڙي پوڙهيءَ ڏاڏيءَ جي تصوير ملي وڃي، جيڪا هن تصوير جي مقابلي ۾ لڳائي وڃي. ڪا پوڙهي اما هجي، جيڪا تصوير ٺاهيندي يا وري پنهنجن پوٽن پوٽين کي آکاڻي ٻڌائيندي هجي....مان چڪ هٽائي، دري کولي ٿي ڇڏيان. (دري کولي ٿي.) واه، ڪيڏو نه حسين صبح آهي.

بلڪل نئون ڏينهن شروع ٿي رهيو آهي.

(ڪرموڙيندي) آها، ڏاڍو مزيدار صبح آهي!

اڄ مون ڏاڍو فرحت بخش غسل ڪيو آهي. رات به ڏاڍي موج هئي. صبح جي هيءَ مهل مون کي ته ڏاڍي ٿي وڻي. هيڏانهن اچي ٿورونظارو ڏس. اچ، ڏس.......مون وٽان، هتان، ڏاڍو حسين منظر نظر ٿو اچي. ڇا مان خوش قسمت نه آهيان؟ پهرين ئي ڏينهن مون کي شهر جي حسين ترين حصي ۾ هيءُ ڪمرو ملي ويو، تون اچين ڇو  نٿو؟ ڇا توکي پنهنجي شهر جو نظارو نٿو وڻي؟

فريڊ__ها، پنهنجي دريءَ مان - لزي _ (تڪڙ ۾) اهو بدسوڻ ته ناهي؟ ڪيئن؟

جيڪڏهن صبح جو پهريون شخص نظراچي، اهو حبشي هجي؟

فريد - ڪيئن؟

لزي_مون کي هن سامهون واريءَ پڙيءَ تي نظر اچي رهيو آهي.

فريڊ_حبشين کي ڏسڻ هميشه خراب سوڻ هوندو آهي. حبشي ته خسيس ٿيندا آهن. (ترسي) دري بند ڪري ڇڏ.

لزي_ڇا توکي ڪمري ۾ هوا نٿي وڻي؟

فريڊ_مون توکي دري بند ڪرڻ لاءِ چيو آهي، سمجهئه! ۽ پردو لاهي ڇڏ، بجلي ٻار، ۽ ... لزي_ ڇو؟ حبشين جي ڪري؟.....اس ڏاڍي خوشگوار آهي.

فريڊ_ اُس کي هڻ کڏ ۾. مان چاهيان ٿو ته تنهنجو ڪمرو اهڙوئي رهي، جهڙو ڪلهه رات هو. مان چوانءِ ٿو ته دري بند ڪري ڇڏ. اس ته ٻاهر به گهڻي پيا کائيندا آهيون. (اٿي، لزيءَ جي ڀرسان وڃي، کيس غور سان ڏسي ٿو.)

لزي_ (ڪجهه عجب مان) ڇا آهي؟

فريڊ _ ڪجهه نه! مون کي پنهنجي ٽاءِ ڏي.

لزي _ چڱو. غسلخاني ۾ آهي. (وڃي ٿي. فريڊ يڪدم ميز جا خانا کولي ڏسي ٿو. لزي  ٽاءِ کڻي واپس اچي ٿي.) اچي، هيءَ وٺ. هيڏانهن اچ ته مان ٻڌانءِ. (ٻڌي ٿي.) توکي خبر آهي ته مون کي وقتي واپار پسند ڪونهي، ڇو ته انهيءَ جو مطلب هوندو آهي گهڻا ئي نوان ماڻهو. مان چاهيان ٿي ته ٽن _ چئن مستقل گراهڪن سان معاملو طي ٿي وڃي - هڪڙواڱاري ڏينهن لاءِ، هڪڙو خميس لاءِ، ۽ هڪڙو هفتي جي آخري ڏينهن لا. تون ڪجهه گهٽ عمر وارو آهين، پر سنجيدي قسم جو. ممڪن آهي، توکي اهو خيال پسند اچي. مان ٻيو ڪجهه نٿي چوان. تون خود سوچي سمجهي سگهين ٿو. هي وٺ، ۽ هوڏي... تون سهڻيءَ شڪل جو نوجوان آهين... مون کي چمي ڏي... چمي ڏي (فريڊ جهنگلين وانگر پيار ڪريس ٿو، ۽ پوءِ پرتي ڌڪي ڇڏيس ٿو.) اوه!...

فريڊ_تون ڏاڍي خبيث آهين!

لزي_اڃا تائين پادرين جهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين! آخر توکي ٿي ڇا ويو آهي؟

فريڊ_ڪجهه نه. مان پنهنجو پاڻ کان بيزار ٿي پيو آهيان.

لزي_پر ان کي ظاهر ڪرڻ جا اهي تنهنجا طريقا ڏاڍا نيارا ۽ دلچسپ آهن. ڇا تون خوش آهين؟

فريڊ_ خوش؟ ڪنهن مان؟

لزي_ (فريڊ جي آهل ڪندي، مشڪي) ”خوش؟ ڪنهن مان؟“ تون ڪهڙو نه نادان، معصوم ڇوڪريءَ جهڙو آهين!

فريد – اوه، ها! ڏاڍو خوش، اصل ڏاڍو خوش! توکي ڪيترا پئسا کپن؟

لزي_پئسن جي ڪير ٿو ڳالهه ڪري؟ مون توکان پڇيو ته خوش آهين يا نه، انهيءَ جو جواب نرميءَ سان به ڏيئي سگهئين ٿي. آخر ڳالهه ڇا آهي؟ ڇا مان توکي پسند ڪانه آيس؟... سمجهيم! تون نٿو چئي سگهين ته مان توکي پسند ڪانه آيس!

فريڊ - چپ ڪر.

لزي - تو مون کي آغوش ۾ ورتو، ۽ زور سان دٻايو، ۽ پوءِ ڏاڍي نرم آواز ۾ چيو ته مان تو سان محبت ڪريان ٿو...

فريڊ_تون نشي ۾ چور هئينءَ.

لزي_مان نشي ۾ ڪانه هيس.

فريڊ_مان چوان ٿو ته تون نشي ۾ هئينءَ!

لزي_مان چوان ٿي ته ڪانه هيس!

فريڊ_چڱو، ته پوءِ مان هوس، مون کي ڪجهه به ياد ڪونهي!

لزي_ڪيتري نه افسوس جي ڳالهه آهي. مون غسلخاني ۾ ڪپڙا لاٿا، ۽ جڏهن واپس آئيس ته شرم کان تنهنجو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. توکي ياد ڪونهي؟ ڇا توکي ياد ڪونهي ته مون توکي پنهنجو ننڍڙو کيکڙو سڏيو هو؟ تو روشني گل ڪري ڇڏي هئي، ۽ اونداهيءَ ۾ مون سان پيار ڪيو هو. مون سوچيو هو ته اهو سڀڪجهه ڏاڍو پر لطف ۽ شريف طريقو آهي. ڇا توکي ياد ڪونهي؟

فريڊ_نه، بلڪل نه.

لزي_۽ اسان ائين محسوس ڪيو هو، ڄڻ اسين هڪ ئي پينگهي ۾ پيل ٻه ننڍڙا ٻار هئاسون...... ڇا توکي اهو به ياد ڪونهي؟

فريڊ_مون توکي چيو ته خاموش رهه! انسان جو ڪجهه رات جو ڪندو آهي، اها رات جي ڳالهه هوندي آهي: صبح جو اهڙي ڪابه ڳالهه نٿو ڪري.

لزي_۽ جيڪڏهن مان اهڙي ڳالهه ڪرڻ چاهيان ته؟ خبر اٿئي، مون کي بي انتها خوشي پهتي هئي.

فريڊ_هون، ته توکي ڏاڍي خوشي پهتي هئي! (ويجهو وڃي، لزيءَ کي ڪلهن تي زور ڏيئي، ان جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي ٿو.) جڏهن توکي احساس ٿئي ٿو ته تو ڪنهن کي بيوقوف بنايو آهي. مون ڪلهوڪي رات بلڪل وساري ڇڏي آهي. مون کي صرف نائٽ_ڪلب ياد آهي، ۽ بس، ان کان پوءِ جون ڳالهيون رڳو توکي ئي ياد آهن، فقط توکي. (ٻنهي هٿن سان لزي جو ڪنڌ آهستگيءَ سان مروڙي ٿو.)

لزي_ڇا پيو ڪرين؟

فريڊ_تنهنجو ڪنڌ پيو مروٽيان!

لزي__مون کي تڪليف ٿي ٿئي!

فريڊ_رڳو توکي تڪيلف ٿي رهي آهي: جيڪڏهن ٿورو زور سان مروٽيان، ته دنيا ۾ ڪو به اهڙو شخص نه رهي. جنهن کي ڪلهوڪي رات ياد هجي! (ڇڏي ٿو ڏئي) توکي گهڻا پئسا کپن؟

لزي_جيڪڏهن توکان ڪلهوڪي رات وسري ويئي آهي، ته انهيءَ جو مطلب هيءُ آهي ته اها سٺي ثابتي نه ٿي آهي. مان ڪنهن اهڙي شي جا پئسا وٺڻ نٿي چاهيان، جيڪا سٺي ثابت نه ٿي هجي.

فريڊ_بڪواس بند ڪر، ٻڌاءِ، پئسا گهڻا ڏيانءِ؟

لزي_ٻڌ، مان هن شهر ۾ اڃا ٽيون ڏينهن آئي آهيان. تون منهنجو پهريون گراهڪ آهين. مان پهرئين گراهڪ کان ڪجهه نه وٺنديس، بدسوڻ سمجهي.

فريڊ_منهنجي خيال ۾، مون کي تنهنجي ڪنهن به تحفي جي ضرورت ڪانهي. (ڏهن ڊالرن جي نوٽ ڪڍي ميز تي رکي ٿو.)

لزي_مون کي تنهنجا پئسا ڪين کپن. پر مان اهو ڏسڻ چاهيان ٿي ته تنهنجي خيال ۾ منهنجي گهڻي قيمت آهي. ترس. مون کي اندازو لڳائڻ ڏي. (نوٽ وٺي،اکيون بند ٿي ڪري) چاليهه ڊالر؟ نه، اهي ته تمام گهڻا ٿي ويا..... ۽ پوءِ ان جا ٻه نوٽ هجن_ويهه ڊالر؟ وڌيڪ؟ ته پوءِ چاليهه ڊالرن کان وڌيڪ هئڻ گهرجن..... پنجاهه؟ سوء! (ان وچ ۾ فريڊ کيس خاموشي سان مشڪندي ڏسندو رهي ٿو.) ته چڱو ڀلا مان پنهنجون اکيون کوليان ٿي. (نوٽ ڏسي ٿي) توکان ڪا غلطي ته ڪانه ٿي!

فريڊ_منهنجي خيال ۾ ته ڪانه ٿي.

لزي_توکي خبر آهي ته تو مون کي ڇا ڏنو آهي؟

فريڊ_ها.

لزي_هي موٽائي وٺ. هي يڪدم واپس وٺ! (فريڊ هٿ لوڏي انڪار ڪري ٿو.) ڏهه ڊالر! ڏهه ڊالر! مون جهڙي ڇوڪري، ڏهن ڊالرن ۾! خدا توکي جهنم ۾ وجهي!.....تو منهنجيون ٽنگون ڏٺيون آهن؟ (ٽنگون ڏيکاري ٿي) منهنجي ڇاتي ڏٺي آهي؟ ڇا، هيءَ ڏهن ڊالرن جهڙي ڇاتي آهي؟ پنهنجا پئسا واپس وٺ، ۽ انهيءَ کان اڳ ۾ جو مان ڪاوڙ ۾ آپي کان ٻاهر نڪري وڃان، هتان هڪدم ٽري وڃ. هونهه، ڏهه ڊالر! تو منهنجي سڄي جسم کي چميو، چٽيو، ۽ ... تو چاهيو ٿي ته مان توکي پنهنجي آتم ڪهاڻي ٻڌايان... اڄ صبح جو تنهنجي طبيعت خراب ٿي رهي هئي، ۽ تو مون مٿان اهڙي طرح حڪومت ڪري رهيو هئين، ڄڻ تو مون کي سڄي مهيني جو اجورو ڏيئي ڇڏيو هو... پر اهو سڀڪجهه ڪيترن پئسن ۾؟ چاليهن ڊالرن ۾ نه، ٽيهن ۾ نه، ويهن ۾ نه، صرف ڏهن ڊالرن ۾!

فريڊ_هڪ رنڊيءَ لاءِ اهي ڪافي آهن.

لزي_رنڊي!......رنڊي! تڏهن تون ڇا آهين؟ مان معلوم ڪرڻ چاهيان ٿي!.....توکي ڪهڙي ماءَ ملي، جنهن توکي عورت جي عزت ڪرڻ به نه سيکاري!

فريڊ_زبان بند ڪر!

لزي_ڪتيءَ جو پٽ!

فريڊ_(غير فطري، پرسڪون آواز ۾) ٻڌ، ميم صاحب، هتي جي ڇوڪرن سان سندن مائرن متعلق گهڻو نه ڳالهاءِ، متان ڪنڌ ڀڃائين!

لزي_(تيزيءَ سان اڳتي وڌي) ته پوءِ چڱو، ائين ئي سهي.....اچي، ڀڃ ڪنڌ!

فريڊ_(پوئتي هٽندي) خاموش! پري هٽ! (لزي ميز تان هڪڙو گلدان کڻي ٿي_ ظاهر آهي ته فريڊ جي مٿي تي هڻڻ لاءِ) اچي، هي ڏهه ڊالر ٻيا به وٺ. هاڻي چپ ڪر، نه ته جيل ۾ وجهائي ڇڏيندوسانءِ!

لزي_جيل ۾ وجهائيندين؟

فريڊ_ها، بلڪل.

لزي_بلبل بند ڪرائي ڇڏيندين؟

فريڊ_بلڪل!

لزي_ مون سان اهڙي بڪواس نه ڪر.

فريڊ_(آپي کان ٻاهر نڪري) مان ”ولسن ڪلارڪ“ جو پٽ آهيان!

لزي_اهو ڪير ٿيندو آهي؟

فريڊ_سنيٽ جو ميمبر، ولسن ڪلارڪ!

لزي_۽ مان ”ٽريو مئن“ جي ڌيءَ آهيان!

فريڊ_ تو منهنجي والد جون تصويرون اخبارن ۾ ڏٺيون آهن؟

لزي_ پوءِ ڇا ٿي پيو؟

فريڊ_هي ڏس (هڪڙي تصوير ڏيکاري ٿو.) مان سندس ڀر ۾ بيٺل آهيان، هن جو هٿ منهنجي ڪلهي تي آهي.

لزي_(يڪدم سانتيڪي ٿي) ته ڇا هيءُ تنهنجو پيءُ آهي؟ وه وا! (فريڊ تصوير سندس هٿ مان ڦري ٿو وٺي.)

فريڊ_بس، هاڻي گهڻوئي ڏٺئه.

لزي_ڏاڍو سهڻو آهي! ڪيڏو سٺو ٿو لڳي، ڪيترو نه عقلمند! ڇا هي اوهان جو باغ آهي؟

فريڊ_ها.

لزي_۽ هي ننڍيون ڇوڪريون، ڇا اهي تنهنجون ڀينر آهن؟ (جواب نٿو ڏئي) تنهنجو گهر ٽڪريءَ تي آهي؟

فريڊ_ها.

لزي_۽ جڏهن صبح جو تون نيرن ڪندو آهين ته پنهنجي دريءَ مان سڄي شهر جو نظارو ڪري سگهين ٿو؟

فريڊ_ها.

لزي_ڇا، کاڌي جي وقت توکي سڏڻ لاءِ گهنٽي وڄائي ويندي آهي؟ گهٽ ۾ گهٽ اهو ته ٻڌاءِ!

فريڊ_اسان وٽ ان لاءِ هڪڙو گهنڊ آهي.

لزي_گهنڊ؟ (خوشيءَ مان) گهنڊ! تنهنجون ڳالهيون منهنجيءَ سمجهه کان ئي ٻاهر آهن. جيڪڏهن منهنجو اهڙو خاندان هجي ها، هڪ اهڙو گهر هجي ها، ته مان ڪنهن به قيمت تي گهر کان ٻاهر سمهڻ لاءِ تيار نه ٿيان ها. (ڪجهه ترسي) مون کي افسوس آهي جو مون تنهنجيءَ ماءُ جي باري ۾ ائين ڳالهايو. شايد چري ٿي پيئي هيس. ڇا هوءَ به تصوير ۾ آهي؟

فريڊ_مون چيو مانءِ ته ان جو نالو نه وٺ.

لزي_چڱو، چڱو. (ترسي) مان توکان ڪجهه پڇي سگهان ٿي؟ (جواب نٿو ڏئي) جيڪڏهن توکي پيار ڪرڻ ۾ مزو نٿو اچي ته پوءِ تون مون سان هتي ڇو آيو هئين؟ (فريڊ جواب نٿو ڏئي. لزي آه ڀري ٿي.) چڱو، ٺيڪ آهي. جيڪڏهن تون ايندو رهين ته منهنجو خيال آهي ته مون کي توسان هري مري وڃڻو پوندو.

فريڊ_(وقفو_آئيني ۾ پنهنجا وار سنواري ٿو.) تون ڏکڻ طرف کان آئي آهين؟

لزي_ ها.

فريڊ_نيويارڪ کان؟

لزي_توکي انهيءَ سان ڪهڙو مطلب؟

فريڊ_تو رات نيويارڪ جي باري ۾ ڪجهه ڳالهيون ڪيون هيون.

لزي_نيويارڪ جي باري ۾ ڪير به ڳالهه ڪري سگهي ٿو. انهيءَ مان ته ڪجهه ثابت نٿو ٿئي.

فريڊ_تو اتي ئي ڇو نه رهينءَ؟

لزي_مان اتي ڪڪ ٿي پيئي هيس.

فريڊ_ڪنهن مشڪل ۾ ڦاسي پيئي هئينءَ؟

لزي_ظاهر آهي، مصيبتون هميشه مون سان گڏ هونديون آهن. ڪجهه ماڻهو اهڙائي هوندا آهن. هيءُ نانگ ڏسين ٿو. (هڪڙو بازوبند ڏيکاري ٿي.) اهو سڀ هن جوئي ڪيل آهي. هيءُ منهنجو ”تعويذ“ آهي.

فريڊ_پوءِ هي پائين ڇو ٿي؟

لزي_ جيستائين هي مون وٽ آهي، اهو مون کي پائڻو ئي پوندو. چوندا آهن ته بدقسمتيءَ جو نانگ جيڪي پاڻ سان آڻيندا آهن، ڏاڍي تباهي ڏسندا آهن.

فريڊ_تون اها ئي ڇوڪري ته نه آهين، جنهن سان حبشيءَ جو معاملو بيان ڪيو وڃي ٿو؟

لزي_ جي؟

فريڊ_تون هتي ڪلهه صبح جو ڇهين بجي واريءَ گاڏيءَ ۾ آئي آهين نه؟

لزي_ها.

فريڊ_ته پوءِ اها تون ئي آهين!

لزي_ نه نه، حبشيءَ سان ته .......(ڪجهه شوخيءَ سان کلي ٿي.) مون سان زوري؟.......منهنجو مطلب سمجهي وئين نه؟

فريڊ_اها تون ئي هئينءَ. ”ويسبرٽ“ مون کي ڪلهه رات ڪلب ۾ ٻڌايو هو.

لزي_ته چئبو اها ڳالهه آهي! اهو ئي سبب آهي جو تنهنجيون اکيون اهڙيءَ طرح چمڪي رهيو هيون! ايڏي نامور پيءُ هوندي به تو.....

فريڊ_ (ترسي) جيڪڏهن مون کي سچ پچ خبر هجي ها ته تون هڪ حبشيءَ سان.....

لزي_ ته پوءِ؟

فريڊ_مون وٽ پنج حبشي نوڪر آهن. جڏهن به منهنجي فون ايندي آهي ۽ انهن مان ڪير به کڻندو آهي، ته مون کي رسيور ڏيڻ کان اڳ ۾ ان کي چڱيءَ طرح اگهي صفا ڪندو آهي.

لزي_(وات سان سيٽي وڄائيندي) آ ها ها!

فريڊ_(نرميءَ سان) اسين ماڻهو حبشين کي پسند ڪونه ڪريون: ۽ نه وري انهن گورين ڇوڪرين کي، جي انهن سان کل ڀوڳ ڪنديون آهن.

لزي_ٺيڪ آهي. منهنجو ان ڳالهه سان ڪوبه واسطو ڪونهي. پر مان اهو ڪڏهن به پسند نه ڪنديس ته ڪو حبشي مون کي هٿ لڳائي.

فريڊ_ڪهڙي خبر، تون ته آهين ئي خبيث. حبشي به خبيث ٿيندا آهن.....ها، ته هن توسان زوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئ هئي.

لزي_تنهنجو مطلب؟

فريڊ_ٻه حبشي تنهنجي گاڏي ۾ لنگهي آيا هئا. ٿوريءَ دير کان پوءِ انهن تو تي حملو ڪيو. تو مدد لاءِ رڙيون ڪيون، ۽ ڪجهه گورا تنهنجي مدد واسطي پهتا. هڪڙي حبشيءَ ڇرو ڪڍيو، ته گوري ان کي گولي هنئي، ٻيو حبشي ڀڄي ويو. ائين ئي ٿيو هو نه؟

لزي_بلڪل غلط. ائين هر گز نه ٿيو هو. ٻيئي حبشي آرام سان ويهي پاڻ ۾ ڳالهيون ٻولهيون ڪري رهيا هئا. انهن ته مون ڏانهن اک کڻي به ڪونه نهاريو هو. پوءِ چار گورا ڇوڪرا داخل ٿيا. انهن مان ٻن ڄڻن مون سان هٿچراند شروع ڪئي. هو انهيءَ وقت فٽبال مئچ کٽي موٽيا هئا، ۽ نشي ۾ بلڪل چور هئا. انهن چيو ته گاڏيءَ ۾ حبشين جي بدبوءَ پيئي اچي، ۽ انهن ٻنهي حبشين کي دريءَ مان ٻاهر اڇلائڻ ٿي چاهيائون. حبشين پاڻ کي بچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، ۽ آخرڪار گورن ڇوڪرن مان هڪڙي جي اک ۾ ڌڪ لڳو. پوءِ هن پستول ڪڍيو، ۽ فائر ڪيو، بس. ۽ جيئن ئي اسين اسٽيشن تي پهتاسين، ٻيو حبشي ريل گاڏيءَ مان ٽپو ڏيئي ڀڄي ويو.

فريڊ_اسين ان کي سڃاڻون. انتظار ڪرڻ سان ان جو ڪوبه نقصان ڪونه ٿيندو. (ڪجهه ترسي) جڏهن تون جج جي سامهون پيش ٿيندينءَ ته ڇا اهوئي چوندينءَ؟

لزي_پر ان جو توسان ڪهڙو واسطو؟

فريڊ_مون کي جواب ڏي.

لزي_مان ته ڪنهن به جج بج وٽ ڪانه ٿي وڃان. مون کي چيو ڪونه ته مان ڪوڙ کان نفرت ڪندي آهيان.

فريڊ_توکي بهرحال وڃڻو پوندو.

لزي_مان ڪانه وينديس، مان پوليس وارن سان ڪوبه واسطو رکڻ نٿي چاهيان.

فريڊ_هو خود اچي توکي وٺي ويندا.

لزي_پوءِ ته مان اهوئي ٻڌائينديس، جيڪو مون ڏٺو آهي.

فريڊ_توکي خبر آهي ته ائين چوڻ سان ڇا ٿيندو؟

لزي_ ڇا ٿيندو؟

فريڊ_تون هڪڙي حبشيءَ کي هڪ گوري جي مقابلي ۾ بچائيندينءَ!

لزي_پر گورو قصوروار آهي.

فريڊ_هو قصوروار ڪونهي.

لزي_هن هڪڙي ماڻهوءَ کي قتل ڪيو آهي، يقيناً هو ڏوهي آهي.

فريڊ_ ڇا جو ڏوهي؟

لزي_ خون جو.

فريڊ_هن رڳو هڪڙي حبشيءَ کي ئي ته گولي هنئي آهي!

لزي_پوءِ؟

فريڊ_جيڪڏهن حبشيءَ کي گولي هڻڻ سان ئي ماڻهو مجرم ٺهرايو وڃي ته.......

لزي_ان کي ڪو حق ڪونه هو.

فريڊ_ڇا جو حق؟

لزي_ان کي ڪوبه حق نه هو!

فريڊ_اها ته ڇڙي بڪواس آهي. قصوروار هجي يا نه، تون هڪڙي اهڙي ماڻهوءَ کي ڏوهي ٺهرائي سگهين.

لزي_ڏس، مان ڪنهن کي به سزاوار ٺهرائڻ نٿي چاهيان. جيڪڏهن انهن مون کان پڇيو ته مون ڇا ڏٺو هو، ته مان انهن کي اهوئي ٻڌائينديس، جيڪو مون ڏٺو.

فريڊ_(اڳتي وڌي) تنهنجي ۽ انهيءَ حبشيءَ جي وچ ۾ ڪهڙو معاملو آهي؟ تون ان کي ڇا جي ڪري بچائڻ چاهين ٿي؟

لزي_ مان ته ان کي سڃاڻان به ڪانه.

فريڊ_ته پوءِ؟

لزي_مون کي سچي ڳالهه ڪرڻ گهرجي.

فريڊ_سچي ڳالهه؟ هڪ ڏهن ڊالرن واريءَ رنڊيءَ کي سچ ڳالهائڻ گهرجي! ڪابه ڳالهه سچي ڪانهي_صرف گورا ماڻهو آهن، ۽ ڪارا ماڻهو آهن، ۽ بس_سترهن هزار گورا، ۽ ويهه هزار ڪارا. هيءُ نيويارڪ ڪونهي. اسان کي بيوقوفين ڪرڻ جو حق ڪونهي. (ڪجهه دير رکي) ”ٽام“ منهنجو سوٽ آهي!

لزي_ڪير؟

فريڊ_ٽام، جنهن وٽ پستول هو، اهو منهنجو ڀاءُ آهي.

لزي_(سمجهندي) اوه!

فريڊ_هن جو هڪ تمام سٺي گهراڻي سان تعلق آهي. ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ ڳالهه جي تو وٽ ڪا خاص اهميت نه هجي، پر ان جو تعلق هڪ تمام سٺي گهراڻي سان آهي.

لزي_خانداني ماڻهو!__جنهن مون کي ڀاڪر پاتو، منهنجي اسڪرٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي! مان اهڙي سٺي خاندان کان سواءِ ئي گذارو ڪري سگهان ٿي. مون کي اهو ٻڌي ڪو عجب ڪونه لڳو ته اوهين ٻيئي پاڻ ۾ عزيز آهيو.

فريڊ_(هٿ مٿي کڻي ٿو، پر پاڻ کي روڪي ٿو) تون خبيث آهين! جو به توسان ملي ٿو، تون ان کي به خبيث بنائي ٿي ڇڏين.

لزي_مون کي ڇڏي ڏي.

فريڊ_هن توسان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي، هن هڪڙي حبشيءَ کي ماري وڌو، اها هڪڙي وڏي ڳالهه آهي؟ اهي ته اهڙيون ڳالهيون آهن، جي انسان بنا ڪنهن سوچ ويچار جي ڪري ويندو آهي. انهن جي ڪا اهمت ڪانهي. ٽام پيدائشي ليڊر آهي__۽ هيءَ اها ڳالهه آهي، جا اهميت رکي ٿي.

لزي_ٿي سگهي ٿو. پر حبشيءَ ته ڪجهه به نه ڪيو هو.

فريڊ_برابر، پر حبشي ته ڪجهه نه ڪجهه ڪندوئي آهي!

لزي_مان ڪنهن کي پوليس جي حوالي ته ڪانه ڪري رهي آهيان.

فريڊ_ٽام، يا حبشي__توکي انهن مان هڪڙي کي قربان ڪرڻو آهي. انتخاب تنهنجي هٿ ۾ آهي.

لزي_ته اها ڳالهه آهي! هن دفعي مان چڱيءَ طرح ڦاٿي آهيان. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي. (پنهنجي بازو بند کي) خوني تعويذ، تون مون سان هميشه ائين ڪندو آهين! (بازوبند لاهي پلنگ تي اڇلي ٿي.)

فريڊ_گهڻا پئسا گهرين ٿي؟

لزي_مون کي هڪڙو سينٽ به نه کپي.

فريڊ_پنج سو ڊالر!

لزي_هڪ ڪوڏي به نه.

فريڊ_پنج سو ڊالرن ڪمائڻ لاءِ توکي هڪڙي رات کان وڌيڪ، تمام گهڻو وقت کپي.

لزي_۽ خاص طور جيڪڏهن تو جهڙن ڪنجوسن سان پلئه اٽڪي. (ترسي) ته اهوئي سبب هو جو ڪلهه رات تون مون کي وٺي آئين؟ هون، ته اها ڳالهه هئي! تو سوچيو هوندو، هيءَ ئي اها ڇوڪري آهي، مان هن سان گهر ويندس ۽ پنهنجو مطلب ڪڍي ايندس. ائين نه! تون منهنجي سڄي بدن تي مصنوعي پيار وچان هٿ ڦيرائيندو رهين. پر تون برف وانگر ٿڌو هئين، ۽ تون سوچي رهيو هئين ته مان ڪهڙي طرح هن کي پيرن تي آڻيان.....ليڪن هڪ منٽ، صرف هڪ منٽ.......جيڪڏهن تون منهنجي گهر اهائي تجويز کڻي آيو هئين ته توکي مون سان پيار ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه هئي.......ها! تو مون سان پيار ڇوڪيو؟ حرامزادا! تو مون سان پيار ڇوڪيو؟

فريڊ_مون کي پاڻ ڪا خبر هجي ته مون تي لعنت!......پنج سو ڊالر وٺ، ۽ رڙيون نه ڪر، خدا جي واسطي! هون، پنج سو ڊالر........پنهنجي بڪواس بند ڪر.......بڪواس بند ڪر! ٻڌ، لزي.....لزي! عقل واري ڳالهه ڪر........ڏس، پنج سو ڊالر!

لزي_(سڏڪندي) مون کي عقل جي ضرورت ڪانهي. مون کي تنهنجن پنج سو ڊالرن جي به پرواهه ڪانهي. مان جج سان ڪوڙ ڪانه ڳالهائينديس. مان نيويارڪ واپس وڃڻ چاهيان ٿي. مان هتان ڀڄي وڃڻ چاهيان ٿي. (دروازي جي گهنٽي وڄي ٿي. گهنٽي وري ٻيو دفعو وڄي ٿي. لزي وڏي سڏ چوي ٿي) مان دروازو ڪانه کولينديس!

هڪ آواز_(پري کان) کول!.......پوليس!

لزي_(نرميءَ سان) پوليس! مون کي اڳ ۾ ئي خبر هئي. (بازو بند کڻي، ٻانهن ۾ ٻڌي ٿي.) وڃ، غسلخاني ۾ وڃي لڪ! (وري در جو کڙڪو)

هڪڙو آواز_پوليس!

(فريڊ پنهنجيءَ جاءِ تان نٿو چري، لزي پوريءَ طاقت سان ان کي ڌڪي ٿي.)

هڪ آواز_ڇا تون هتي آهين، ڪلارڪ؟

ڪلارڪ! ڇا تون هتي آهين؟

فريڊ_مان هتي آهيان. (لزيءَ کي پري ڌڪو ڏئي ٿو. هوءَ تعجب مان ان کي ڏسي ٿي.)

لزي_سمجهيم، تڏهن اها ڳالهه آهي!

(فريڊ کولي ٿو. جان ۽ جيمس داخل ٿين ٿا. دروازو کليل ڇڏين ٿا.)

جان_تون ”لزي ميڪي“ آهين؟

لزي_(بنا ٻڌڻ جي، فريڊ کي گهوريندي) هون، اها ڳالهه آهي!

جان_(لزيءَ کي ڪلهن کان وٺي ڌونڌاڙي ٿو.) جڏهن توسان ڪا ڳالهه ڪئي وڃي ته ان جو جواب ڏيندي ڪر!

لزيذ_(پاڻ کي سنڀالي، ڪجهه تلخيءَ سان) تون منهنجي ڪمري ۾ ڇو آيو آهين؟ (جان کيس پنهنجو ”نشان“ ڏيکاري ٿو.) هي نشان ته ڪنهن وٽ به ٿي سگهي ٿو. (فريڊ ڏانهن اشارو ڪري) تون هن جو دوست آهين، ۽ مون کي ڦاسائڻ چاهين ٿو.

جان_(هڪڙو ڪارڊ سندس نڪ هيٺان نيندي) هن کي سڃاڻين ٿي؟

لزي_(جميس ڏانهن اشارو ڪري) ۽ هي ڪير آهي؟

جان (جيمس کي) هن کي پنهنجو ڪارڊ ڏيکار. (جيمس پنهنجو ڪارڊ ڏيکاري ٿو، لزي ان ڏانهن ڏسي ٿي. بنا ڪجهه ڪڇڻ جي، ميز وٽ وڃي، ڪجهه ڪاغذ ڪڍي ٿي ۽ انهن کي ڏئي ٿي.)

جان_(فريڊ ڏانهن اشارو ڪري) تون ڪلهه رات هن کي پاڻ سان وٺي آئي هئينءَ؟ ڇا توکي خبر نه هئي ته هن رياست ۾ پيشو ڪرڻ ڏوهه آهي؟

لزي_ڇا توهان کي اهو حق آهي ته ماڻهن جي گهرن ۾ بنا ڪنهن وارنٽ جي اوچتو اندر هليا اچو؟ آءٌ جيڪڏهن اوهان کي ڪنهن الزام ۾ ڦاسايان ته پوءِ؟

جان_تون اسان جو فڪر نه ڪر. (ترسي) ها، مون توکان اهو پڇيو هو ته تون ڪلهه رات هن شخص کي پاڻ سان وٺي آئي هئينءَ؟

(لزي، پوليس وارن جي اچڻ کان پوءِ ڪجهه بدلجي ويئي آهي. هوءَ وڌيڪ ترش ۽ وڌيڪ سخت ٿي ويئي آهي.)

لزي_ پنهنجي آپي ۾ رهو! يقيناً مان هن کي گهر وٺي آئي هيس: پر بنا ڪجهه ڏيڻ جي!... هاڻي اوهين سوچ ۾ پئجي ويا! ڪيئن، ائين آهي نه؟

فريڊ_ميز تي ڏهن_ڏهن ڊالرن جا ٻه نوٽ رکيا آهن، اهي منهجا آهن!

لزي_ثابت ڪر!

فريڊ_(جان ۽ جيمس کي) مون اهي ڪلهه ئي بئنڪ مان ڪڍايا آهن، انهيءَ سلسلي جي نمبر وارن اٺاويهن ٻين نوٽن سان گڏ. اوهين بئنڪ مان نمبرن جي تصديق ڪرائي سگهو ٿا.

لزي_پر مون اهي ورتائي ڪٿي هئا! مان هن جا غليظ پئسا وٺي ئي ڪانه رهي هيس. مون ته اهي اڇلي سندس منهن تي هنيا هئا.

جان_جيڪڏهن تو اهي ورتائي نٿي ته پوءِ هن وقت تائين اهي تنهنجيءَ ميز تي ڪيئن پيا آهن؟

لزي_(ٿورو ترسي ۽ هٻڪي) اوهان مون کي چڱو ڦاسايو آهي. (فريڊ ڏانهن بيوقوفن وانگر ڏسي، ڪجهه نرميءَ سان) اهو سڀ انهيءَ لاءِ ئي هو؟ (ٻين کي) پوءِ؟ اوهين مون کان ڇا ٿا چاهيو؟

جان ويهي رهه. (فريڊ کي) تو هن کي ٻڌايو آهي؟ (فريڊ هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ٿو.) مون توکي ويهڻ لاءِ چيو هو. (زوريءَ ڪرسيءَ تي ويهاريس ٿو.) ها، ته جج هينئر ٽام کي ڇڏڻ لاءِ رضامند ٿي ويو آهي، بشرطيڪ هن وٽ تنهنجو تحريري بيان هجي. اسان اهو لکي ڇڏيو آهي، توکي صرف صحيح ڪرڻي آهي. سڀاڻي توکان سرڪاري طور سوال پڇيا ويندا. تون پڙهي سگهين ٿي؟ (لزي پنهنجا ڪلها لوڏي ٿي. جان هڪڙو ڪاغذ اڳتي وڌائي ٿو.) هن کي پڙهه، ۽ پوءِ صحيح ڪر.

لزي_(پڙهندي) هي ته شروع کان آخر تائين سڀ ڪوڙ آهي!

جان_ته ڇا ٿي پيو؟

لزي_مان صحيح ڪانه ڪنديس!

فريڊ_(ڪاوڙ ۾، زور سان) هن کي وٺي هلو! (لزيءَ کي) ارڙهن مهينا، گهٽ ۾ گهٽ!

لزي_ارڙهن مهينا؟ ٺيڪ آهي.......(فريڊ ڏانهن نهاري) ۽ جڏهن مان ٻاهر اينديس ته تنهنجي ٺاهي منڍي مروٽينديس!

فريڊ_جيڪڏهن منهنجي وس ۾ هوندو ته تون مون کي ڪجهه به ڪري نه سگهندينءَ. (سڀيئي هڪٻئي کي ڏسن ٿا. فريڊ، جان کي چوي ٿو) توکي نيويارڪ تار موڪلڻ گهرجي: منهنجو خيال آهي ته هيءَ اتي به ڪنهن ڳڙٻڙ ۾ ڦاٿل هوندي.

لزي _ (ترشيءَ سان) تون ڪميڻو آهين! مان ته ڪڏهن سوچي به نٿي سگهيس ته ڪو به مرد ايتريقدر هيچ ٿي سگهي ٿو.

جان _ فيصلو ڪر. صحيح ڏي، نه ته مان توکي عدالت ۾ رجوع ڪندس.

لزي _ ڀلي رجوع ڪر. مان ڪوڙ ڪانه ڳالهائينديس!

فريڊ _ تون ڪوڙ ڪانه ڳالهائيندينءَ؟ ۽ تڏهن سڄي رات ڇا ڪندي رهينءَ؟ جڏهن تو مون کي پنهنجو پيارو، پنهنجو دلبر ٿي سڏيو، تڏهن تو ڪوڙ ڪونه پئي ڳالهايو؟ جڏهن تو مون کي پسند ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ خاطر وڏيون وڏيون آهون پئي ڀريون، ان وقت تو ڪوڙ ڪونه ڳالهايو؟

لزي _ (طنز سان) ان کي تون چڱيءَ طرح محسوس ڪري سگهين ٿو... ڇا مان ڪوڙ ڳالهائي رهي هيس؟ (هڪٻئي ڏانهن نهارين ٿا. فريڊ پنهنجون نظرون جهڪائي ڇڏي ٿو.)

فريڊ_اچ ته اهو قصو به پاڪ ڪريون: وٺ هي منهنجو قلم .....صحيح وجهه.

لزي_ وڃي جهنم ۾ پئه!

(ٽيئي، پريشان حالت ۾، ڪجهه دير شانت آهن.)

فريڊ_ ڇا ڪرڻ کپي؟... هو شهر جو بهترين جوان آهي! ۽ ان جو مستقل هڪ ڪسبياڻيءَ جي هٿ ۾ آهي! (هيڏانهن هوڏانهن چڪر ڏئي ٿو. وري لزيءَ وٽ موٽي اچي ٿو.) وٺ، هي ڏس، (هڪڙي تصوير ڏيکاريس ٿو) تو پنهنجيءَ غليظ زندگيءَ ۾ ڪي شخصيتون ضرور ڏٺيون هونديون، پر هن جهڙا گهڻا هوندا؟ جڏهن هو ڏهن سالن کان پوءِ جيل مان ايندو ته هڪڙو پوڙهو پيو لڳندو. ائين ڪري، تون پاڻ تي فخر ڪري سگهين ٿي__ڏاڍو سٺو ڪم ڪري رهي آهين! هن وقت تائين ته تو اسان جي کيسن مان صرف پئسا ڪڍيا آهن. پر هن دفعي تو اسان مان بهترين انسان چونڊيو آهي ۽ ان جي جان وٺي رهي آهين!.......ڳالهائين ڇو نٿي؟ ڇا تنهنجون هڏيون به سڙي ويون آهن! (لزيءَ کي زوريءَ گوڏن ڀر جهڪائي ٿو.) هيٺ جهڪ رنڊي!

(سينيٽ جو ميمبر، مسٽر ڪلارڪ، دروازي مان اندر داخل ٿئي ٿو، جيڪو در هنن کولي ڇڏيو هو.)

مسٽر ڪلارڪ_هن کي ڇڏي ڏي!

فريڊ_هئلو، ڊيڊي!

جان_هئلو سينيٽر!

ڪلارڪ_(فريڊ کي) هئلو! (لزيءَ کي) اٿي بيهه.

جان_(لزيءَ کي) هي آهي مسٽر ڪلارڪ سينيٽ جو ميمبر.

ڪلارڪ_ هئلو، لزي!

لزي_هئلو.

ڪلارڪ_اسين سڀ هڪٻئي کان واقف آهيون. (لزيءَ ڏانهن نهاري) ڀلا هن نوجوان خاتون جي خبرچار؟.....ڏاڍي رحمدل پيئي نظر اچي.

فريڊ_هيءَ صحيح ڪانه ڪندي!

ڪلارڪ_ ان جو ته هن کي پورو حق آهي اوهان سندس ڪمري ۾ بنا ڪنهن اختيار جي داخل ٿيا آهيو. (جان احتجاج ڪرڻ چاهي ٿو. پر مسٽر ڪلارڪ وڌيڪ زور سان ڳالهائي ٿو.) - ڪنهن به اختيار بنا! وري اوهين هن سان جهنگلين جهڙو ورتاءُ ڪريو ٿا، ۽ انهيءَ ڳالهه جي ڪوشش ڪريو ٿا ته هيءَ پنهنجي ضمير خلاف ڳالهائي! اهڙو برتاءُ ڪرڻ، سخت غير آمريڪي حرڪت آهي! (لزيءَ کي) ڌيءَ، حبشيءَ توکي ڪا تڪليف پهچائي؟

لزي_نه، بلڪل نه.

ڪلارڪ_ٺيڪ آهي. ان ۾ شڪ جي ڪابه ڳالهه ڪانهي. مون ڏانهن نهار (لزيءَ ڏانهنس نهاري ٿي.) مون کي يقين آهي ته هيءَ ڪوڙ ڪانه ٿي ڳالهائي. (ترسي)... ويچاري ”ميري“! (جان، جيمس ۽ فريڊ کي) ٺيڪ آهي، هاڻي اسان کي هلڻ گهرجي. اسين هاڻي ڪجهه به ڪري نٿا سگهون. اسان کي مس ميڪي کان معافي وٺڻ گهرجي.

(فريڊ، جيمس ۽ جان ٻاهر هليا ٿا وڃن.)

لزي_”ميري“ ڪير آهي، سائين؟

ڪلارڪ_ميري؟ منهنجي ڀيڻ آهي، بدبخت ”ٽامس“ جي ماءُ. ڏاڍي پياري پوڙهي عورت آهي. هيءُ واقعي ان کي ماري ڇڏيندو.......خير، خدا حافظ ڌيءَ! (وڃڻ لاءِ چري ٿو.)

لزي_(گهٽيل آواز ۾) سينيٽر صاحب! (مسٽر ڪلارڪ جي پٺيان ڊوڙي ٿي.)

ڪلارڪ_جيءُ.

لزي_مون کي سخت افسوس آهي.

ڪلارڪ_جڏهن تون سچ ڳالهائي رهي آهين ته افسوس جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟

لزي_مون کي افسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي جو حقيقت اها ئي آهي.

ڪلارڪ_اسان ٻنهي مان ڪوبه ڪجهه ڪري نٿو سگهي، ۽ ڪنهن کي به حق نه آهي ته توکي ڪوڙي بيان ڏيڻ تي مجبور ڪري. (ترسي) تون ان بابت بلڪل نه سوچ.

لزي_ڇا بابت؟

ڪلارڪ_منهنجيءَ ڀيڻ بابت. تون هاڻي ان بابت ڪانه سوچيندينءَ نه؟

لزي_ مان ضرور سوچينديس.

ڪلارڪ_مان تنهنجيءَ دل ۾ ڏسي سگهان ٿو، ڌيءَ! ٻڌايانءِ ته تون ڇا سوچي رهي آهين؟ (لزيءَ جو نقل ڪندي) - جيڪڏهن مان صحيح ڪريان ته پوءِ سينيٽر پنهنجيءَ ڀيڻ ڏانهن ويندو ۽ کيس چوندو: ”لزي ميڪي تمام سٺي ڇوڪري آهي، ۽ هوءَ تنهنجو پٽ توکي موٽائي ڏيئي رهي آهي.“ هوءَ ڳوڙها ڳاڙيندي مرڪندي، ۽ چوندي: ”لزي ميڪي!“ مان اهو نالو ڪڏهن به ڪانه وسارينديس.“ مون کي ته ڪوبه گهر گهاٽ ڪونهي، ۽ قسمت به معاشري جي حدن کان ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيو آهي: هڪ اهڙي سٺي پوڙهي عورت آهي، جا پنهنجي وڏي گهر ۾ ويهي منهنجي باري ۾ سوچي ٿي! هڪ اهڙي آمريڪي ماءُ به آهي، جنهن مون کي پنهنجيءَ دل ۾ سمائي ڇڏيو آهي!.......لزي، منهنجي ڌيءَ، اهي ڳالهيون وساري ڇڏ.

لزي_ڇا هن جا وار اڇا آهن؟

ڪلارڪ_ها. ڇو؟ مان ان وٽ پيو وڃان. پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ٿيل گفتگو بابت ان کي ٻڌائڻو اٿم.

لزي_هن کي خبر آهي ته اوهين هتي آهيو؟

ڪلارڪ_هن ئي ته مون کي هيڏانهن موڪليو هو!

لزي_ تڏهن هوءَ اوهان جو بيحد انتظار ڪندي هوندي... اوهين کيس ائين وڃي ٻڌائيندا ته مون صحيح ڏيڻ کان انڪار ڪيو.. انهيءَ ڳالهه تي ته هوءَ مون کان نفرت ڪرڻ لڳندي!

ڪلارڪ_ (لزيءَ جي ڪلهن تي هٿ رکندي) ڌيءَ، تون واقعي تمام مجبور آهين. مان خود جيڪر تنهنجيءَ جاءِ تي هجڻ ڪڏهن به پسند نه ڪريان.

لزي_ مان ته ڏاڍي منجهي پيئي آهيان! انهيءَ کان ته ائين چڱو هو جو حبشيءَ مون سان سچ پچ هٿچراند ڪئي هجي ها!

ڪلارڪ_ مون کي سچ پچ ته ڏاڍي همدردي آهي توسان، لزي_ منهنجي ڌيءَ!

لزي (غمگينيءَ سان) اوهين ڪيتريقدر نه شفيق ۽ مهربان آهيو... پر انهيءَ سان منهنجي لاءِ ڪو خاص فرق نه پوندو.

ڪلارڪ_ ڪاش، مان تنهنجي ڪجهه مدد ڪري سگهان! (ترسي) پر سچ ته نيٺ به سچ ئي آهي.

لزي_ درست آهي.

ڪلارڪ_ ها. (ترسي) پر فطري طور تي اهو دراصل بنيادي حقيقت جو سوال آهي.

لزي_ (ڪجهه به نه سمجهندي) بنيادي حقيقت؟

ڪلارڪ_ ها، منهنجو مطلب آهي، هڪ بهتر حقيقت.

لزي_ بهتر؟ ڇا، تڏهن منهنجي حقيقت، حقيقت نه آهي؟

ڪلارڪ_ يقيناً، اها هڪ حقيقت آهي، سچ آهي... پر سچ جا به ڪيترائي درجا هوندا آهن.

لزي_ تڏهن اوهان جو خيال آهي ته حبشيءَ مون سان زبر دستي ڪئي هئي؟

ڪلارڪ_ نه نه، هن توسان ڪانه ڪئي؛ ائين به صحيح آهي ته هن توسان قطعي زبردستي نه ڪئي. پر توکي خبر آهي ته مان هڪ ٻڍو انسان آهيان، ۽ مون گهڻو ڪجهه دنيا ۾ ڏٺو وائٺو آهي ۽ ڏاڍيون غلطيون ڪيون اٿم. پر گذريل چند سالن ۾ مون اڪثر گهٽ غلطيون ڪيون آهن، ۽ هن واقعي بابت تنهنجي باري ۾ قدري مختلف انداز سان سوچيان ٿو.

لزي_ ڇا مطلب آهي اوهان جو؟

ڪلارڪ_ ڪهڙي طرح وضاحت ڪريان؟ ٻڌ... فرض ڪر، جيڪڏهن ”چاچو سام“ هن مهل اوچتو هن دروازي وٽان اچي لنگهي، ته تنهنجي خيال ۾ هو جيڪر ڇا چوي؟

لزي_ (خوفزده ٿي) منهنجو خيال آهي، هن وٽ مون کي ڪجهه چوڻ لاءِ گهڻو ڪجهه نه هوندو.

ڪلارڪ_ ڇا تون ڪميونسٽ آهين؟

لزي_ اِها ڪهڙي ڳالهه آهي!يقيناً نه.

ڪلارڪ_ پوءِ ته هن وٽ توکي چوڻ لاءِ منهنجن ٻن پٽن مان هڪڙي کي چونڊڻ آهي؛ ٻنهي مان ڪنهن هڪڙي کي ختم ٿيڻو آهي!... اهڙن موقعن تي ڇا ڪيو ويندو آهي؟ ظاهر آهي ته ٻن مان هڪڙو اُهو چونڊبو آهي، جيڪو ٻئي کان بهتر هجي. ٺيڪ آهي نه؟ هاڻي اهو فيصلو ڪرڻ کپي ته بهتر ڪهڙو آهي“.... ڪيئن، ڪريون فيصلو؟

لزي_ بلڪل، ڪريو فيصلو.

ڪلارڪ_ ”چاچا سام“ چوندو؛ ”لزي، اُهو حبشي جنهن جي تون پشت پناهي ڪري رهي آهين، آخر ڪهڙي ڪم جو آهي؟ خدا ٿو ڄاڻي ته هو ڪٿي پيدا ٿيو هو. مون هن جي پرورش ڪئي آهي، ۽ هو ان جي بدلي ۾ ڇا ٿو ڪري؟ ڪجهه به نه! هو ڪوبه ڪم نٿو ڪري، رڳو پيو رُلي ۽ سڄو ڏينهن ڳائيندو وتي. قيمتي سوٽ پائي ٿو، ۽ رڳو پيو خوشيون ڪري. هو منهنجو پٽ آهي، مان هن سان هڪ پٽ وانگر محبت ڪريان ٿو، پر مان توکان پڇان ٿو_ ڇا، هو انسان جيان زندگي گذاري رهيو آهي؟ مون کي ته شال ان جي موت جي به خبر نه پوي!“

لزي_ اوهان جو ڳالهه ڪرڻ جو ڍنگ ڏاڍو سٺو آهي!

ڪلارڪ_ (ڳالهه جاري رکندي) _ ”۽ ٻئي نوجوان ٽامس، هڪ ڪاري ماڻهوءَ کي خون ڪيو آهي. اها ڏاڍي خراب ڳالهه آهي. پر مون کي هن جي ضرورت آهي. هو سوء في صدي آمريڪي آهي. ان جو تعلق اسان جي هڪ پراڻي خاندان سان آهي. هو ”هارورڊ“ جو تعليم يافته، ۽ هڪ آفيسر آهي_ ۽ مون کي آفيسرن جي گهڻي ضرورت آهي.هن جي ڪارخاني ۾ ٻه هزار مزدور نوڪريءَ ۾ آهن. جيڪڏهن هو مري ويندو ته پوءِ سڄا سارا ٻه هزار مزدور بيروزگار ٿي ويندا! هو مزدورن جو ليڊر آهي؛ ”ڪميونزم“، ”ٽريڊ يونين اِزم“ ۽ يهودين خلاف هڪڙو پختو محاذ کڙو ڪريو بيٺو آهي. هن جو فرض آهي ته هو زندهه رهي، ۽ تنهنجو فرض آهي ته ان جي جان بچائين... بس، هاڻي تون انتخاب ڪر، لزي!.

لزي_ اوهين ڪيتريقدر نه دلچسپيءَ سان ڳالهيون ڪريو ٿا!

ڪلارڪ_ انتخاب ڪر!

لزي_ (ڇرڪي) جي؟... اوه، ها! (ڪجهه دير رکي) اوهان ته مون کي بلڪل منجهائي وڌو آهي. مون کي هينئر اها به خبر ڪانه ٿي پوي ته مان آهيان ڪٿي!

ڪلارڪ_ مون ڏانهن نهار، لزي! ڇا توکي مون تي ڀروسو آهي؟

لزي_ ها.

ڪلارڪ_ تڏهن توکي صحيح ڏيڻ گهرجي. اچي هي وٺ منهنجو قلم.

لزي_ ڇا، اوهين سمجهو ٿا ته هوءَ ٻُڍڙي ماءُ مون کان خوش ٿي ويندي؟

ڪلارڪ_ ڪير؟

لزي_اوهان جي ڀيڻ.

ڪلارڪ_هوءَ توکي پنهنجين ڌيئرن وانگر ڀانئيندي.

لزي_شايد هوءَ مون ڏانهن ڪجهه گل ۽ تحفا موڪلي!

ڪلارڪ_ٿي سگهي ٿو.

لزي_يا ڪا صحيح ڪيل تصوير!

ڪلارڪ_ممڪن آهي.

لزي_مان اها ڀت تي ٽنگي ڇڏينديس! (ڪجهه دير خاموشيءَ سان هيڏانهن هوڏانهن ٽهلي ٿي،) عجيب ماجرا آهي! (مسٽر ڪلارڪ جي ويجهو اچي) جيڪڏهن مان صحيح ڪريان ته پوءِ اوهين انهيءَ حبشيءَ جو ڪهڙو حشر ڪندا؟

ڪلارڪ_حبشي؟ حبشيءَ کي هڻ کڏ ۾، (لزيءَ جي ڪلهن تي هٿ رکي) جيڪڏهن تون صحيح ڏيندينءَ ته سڄو شهر توکي پنهنجو ڪري سمجهندو_سڄو شهر، شهر جون سڀ مائرون!

لزي_ليڪن.....

ڪلارڪ_ڇا تنهنجو خيال آهي ته سڄو شهر غلطيءَ تي ٿي سگهي ٿو؟ سڄو شهر، ان جا سڀ پادري، ڊاڪٽر، وڪيل ۽ مصور_سڄو شهر، ان جو ميئر، ان جا ڪائونسلر، سڀ آفيسر! ڇا، تون سمجهين ٿي ته اهي سڀ غلطيءَ تي ٿي سگهن ٿا؟

لزي_نه.

(فريڊ، جان ۽ جيمس اندر اچن ٿا ۽ دروازي وٽ بيهي رهن ٿا.)

ڪلارڪ_مون کي ڏي پنهنجو هٿ! (زوريءَ صحيح ڪرائيس ٿو.) بس، ٺيڪ آهي. لزي! مان پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀاڻيجي طرفان، پنهنجي شهر جي سترهن هزار گورن ماڻهن طرفان، آمريڪي قوم طرفان، جنهن جي مان نمائندگي ڪريان ٿو، ۽ ”چاچا سام“ جي طرفان، تنهنجو شڪريو ادا ڪريان ٿو. (لزيءَ کي پيشانيءَ تي چمي ڏيئي) خدا حافظ، ڌيءَ. مان وري جلد توسان ملندس. هينئر اسان کي اڃان گهڻيون ڳالهيون ڪرڻيون آهن. (فريڊ، جان ۽ جيمس کي) ڇوڪرا، اچو ته هلون.(ڃي ٿو.)

فريڊ_خدا حافظ، لزي!

لزي_خدا حافظ. (سڀ هليا وڃن ٿا. لزي گم سم حالت ۾ اتي ئي بيٺي رهي ٿي. پوءِ يڪايڪ در ڏانهن ڊوڙي ٿي.) سينيٽر!.......سينيٽر! موٽي اچو!......اهو ڪاغذ ڦاڙي ڇڏيو!.......سينيٽر! (ڪمري ۾ موٽي ٿي اچي، ۽ بيڌيانيءَ سان صفائي ڪرڻ واري مشين کڻي ٿي.) چاچو سام!.......آمريڪي قوم! (جوش وچان، مشين کي ڇڏي، بسترو کولي ٿي ڇڏي. پوءِ وري مشين هلائڻ شروع ڪري ٿي.)

 

ڏيک ٻيو

(منظر ساڳيو آهي.ٻارهن ڪلاڪن کان پوءِ. بجلي روشن آهي، دريون کليل آهن. ٻاهر اونداهي آهي. ٻاهر شور ۽ غل جو آواز پيو اچي، جو وڌندو پيو وڃي. حبشي دريءَ مان نظر اچي ٿو. هو دريءَ تي چڙهي ٿو، ۽ ڪمري اندر ٽپو ڏئي ٿو. حبشي اڃا ڪمري جي وچ تي ئي پهچي ٿو ته دروازي جي گهنٽي وڄي ٿي. حبشي پردن جي پٺيان لڪي ٿو وڃي. لزي غسلخاني مان ٻاهر اچي ٿي. ٻاهرئين دروازي تائين وڃي ٿي، ۽ در کولي ٿي.)

لزي_اندر اچو. (سينيٽ جو ميمبر، مسٽر ڪلارڪ، داخل ٿئي ٿو.) فرمايو.

ڪلارڪ_ٽامس آزاد ٿي، پنهنجي ماءُ وٽ پهچي ويو آهي. مان انهن ٻنهي جو شڪريو تو تائين پهچائڻ آيو آهيان.

لزي_هو خوش آهن؟

ڪلارڪ_ڏاڍا خوش.

لزي_ويهو.

ڪلارڪ_مهرباني.

لزي_هوءَ ضرور رني هوندي؟

ڪلارڪ_روئندي ڇو؟ هوءَ هڪ بهادر عورت آهي.

لزي_اوهان مون کي چيو هو ته هوءَ روئي پيئي.

ڪلارڪ_سو ته ائين ئي کڻي چيو هوندم.

لزي_هن کي مون مان اهڙي توقع ڪانه هئي__ائين نه؟ هن جو خيال هوندو ته مان هڪ ڏاڍي خراب ڇوڪري آهيان، ۽ ضرور حبشيءَ جو ساٿ ڏينديس.

ڪلارڪ_هن پنهنجو پاڻ کي خدا جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو هو.

لزي_منهنجي باري ۾ هن جو ڪهڙو خيال آهي؟

ڪلارڪ_هوءَ تنهنجي شڪر گذار آهي.

لزي_ڀلا هن توکان پڇيو هوندو ته مان ڪير آهيان؟

ڪلارڪ_نه.

لزي_سندس خيال ۾، مون ٺيڪ ڪيو؟

ڪلارڪ_ها، هن جي خيال ۾، تو تمام ٺيڪ ڪيو. کيس اميد آهي ته تون هميشه اهوئي ڪم ڪندينءَ، جيڪو ٺيڪ هوندو.

لزي_ ها.

ڪلارڪ_مون ڏانهن نهار، لزي! (کيس ڪلهن کان جهلي) تون هميشه اهو ڪم ڪندينءَ، جيڪو ٺيڪ هوندو، ائين نه؟ تون ائين ته ڪانه گهرندينءَ ته ڪو هوءَ مايوس ٿئي؟

لزي_اوهين ڪوبه فڪر نه ڪريو، مان پنهنجيءَ ڳالهه تان ڦري نٿي سگهان__نه ته جيل وڃڻو پوندم. (ترسي) هيءُ هيڏو گوڙ ڇا جو آهي؟

ڪلارڪ_ڪجهه ناهي.

لزي_مان اهو برداشت نٿي ڪري سگهان. (دريءَ ڏانهن وڃي ٿي) ......سينيٽر!

ڪلارڪ_ڇو، ڌيءَ؟

لزي_اوهان کي يقين آهي ته اسان ڪا غلطي نه ڪئي آهي، ۽ بلڪل ٺيڪ ڪيو اٿئون؟

ڪلارڪ_ڪامل يقين. (ٻاهر گوڙ وڌندو وڃي ٿو.)

لزي_مون کي ڪابه خبر ڪانهي. توهان مون کي صفا منجهائي ڇڏيو آهي. اوهين ڏاڍو تڪڙو سوچيو ٿا. ڇا وقت ٿيو هوندو؟

ڪلارڪ_ٻارهن وڳا آهن.

لزي_ صبح ٿيڻ ۾ اڃا ڇهه ڪلاڪ آهن. مان اڄ رات اصل ڪانه سمهي سگهنديس. (ترسي) راتيون ڏينهن کان وڌيڪ گرم آهن. (ترسي) حبشيءَ جو ڇا ٿيندو؟

ڪلارڪ_ڪهڙو حبشي؟.....ها، ان کي ڳوليو پيو وڃي.

لزي_پڪڙجڻ کان پوءِ ان جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟ (سينيٽر، ڪلها ڪوهي، منهن ڦٽائي ٿو. گوڙ اڃا به وڌندو وڃي. لزي دريءَ ڏانهن وڃي ٿي.) هي هيڏو هل ڇا جو آهي؟ ماڻهو ٽارچون ۽ ڪتا وٺيو، ٻاهر ميڙ ڪري بيٺا آهن! ڇا، اهو ڪو مشعلن جو جلوس آهي؟ يا هي.......مون کي ٻڌايو، سينيٽر، هي آهي ڇا؟ مون کي ٻڌايو ته هي ماڻهو ڪن ڇا پيا؟

ڪلارڪ_(هڪڙو لفافو کيسي مان ڪڍي) منهنجيءَ ڀيڻ هيءُ توکي ڏيڻ لاءِ چيو هو.

لزي_هن مون ڏانهن خط لکيو آهي! (لفافو کولي، هڪ سو ڊالرن جو نوٽ ٻاهر ڪڍي ٿي. خط لاءِ لفافي ۾ ڏسي ٿي، پر ان ۾ خط ڪونهي. لفافو مروڙي ڦٽو ٿي ڪري. سندس آواز مٽجي وڃي ٿو.) سو ڊالر؟ توهان کي خوش ٿيڻ گهرجي. توهان جي پٽ مون کي پنج سو ڊالرن ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو......اوهان تمام گهڻا پئسا بچايا آهن!

ڪلارڪ_ٻڌ ته .......

لزي_اوهين پنهنجيءَ ڀيڻ جو شڪريو ادا ڪري سگهو ٿا. ان کي چوندا ته مان هڪ لپسٽڪ يا نائلن جي جورابن کي ترجيح ڏيان ها، يا ڪنهن ٻيءَ شي کي، جيڪا هوءَ خود تڪليف وٺي منهنجي لاءِ تحفي طور چونڊي ها! (نوٽ پري اڇلي ٿي ڇڏي) اٽڪلبازيءَ کي به وڏي وقعت هوندي آهي - ائين نه؟ اوهان مون کي ڏاڍي سهڻي نموني سان بيوقوف بنايو آهي! (خاموشيءَ سان ٻئي هڪٻئي کي ڏسن ٿا. سينيٽر لزيءَ ڏانهن هڪڙو قدم وڌائي ٿو.)

ڪلارڪ_لزي، اچ ته ڪجهه آرام سان ڳالهيون ڪريون. تون هڪڙي اخلاقي بحران مان گذري رهي آهين، ۽ توکي منهنجيءَ مدد جي ضرورت آهي.

لزي_مون کي هن وقت جيڪڏهن ڪنهن شي جي ضرورت آهي ته نج اسڪاچ وسڪي جي. پر مون کي اميد آهي ته مان ۽ اوهين هڪٻئي کي بهتر نموني سمجهي سگهون ٿا.

ڪلارڪ_(ڪجهه دير خاموشيءَ بعد) توکي خبر آهي ته تو ۾ فطري حسن آهي! تو ۾ هڪ اهڙي شي آهي، جا تنهنجين خواهشن کي تباهه ڪري نٿي سگهي. ها ها، هڪ اهڙي شي آهي!(لزي جي جسم کي زور ڏئي ٿو. لزي نفرت آميز خاموشيءَ سان ائين ڪرڻ ڏئي ٿي)... چڱو، مان وري اينديس. تون ٻاهر تائين هلڻ جي تڪيلف نه ڪر.

سينيٽر مسٽر ڪلارڪ، ٻاهر هليو وڃي ٿو. لزي ائين بيٺي رهي ٿي، ڄڻ سندس پير زمين تي ڄمي ويا آهن. پوءِ هوءَ پٽ تي پيل نوٽ کڻي ٿي، ۽ مروڙي سروڙي پري اڇلائي ٿي ڇڏي، پوءِ ڪرسيءَ تي آهلجي پوي ٿي، ۽ زاروزار روئڻ شروع ڪري ٿي. ٻاهران گوڙ جو آواز ويجهو ايندو وڃي ٿو. اوچتو پري کان گولين جي ٺڪائن جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ان وقت حبشي پردي جي پٺيان نڪري ٻاهر اچي ٿو. ۽ لزيءَ جي سامهون اچي بيهي ٿو رهي. لزي ڪنڌ مٿي ڪري، اوچتو ڇرڪ ڀري، رڙيون ڪري ٿي، جلد ئي حبشيءَ کي سڃاڻي ٿي.) لزي_واه! (ڪجهه دير خاموشيءَ سان حبشيءَ کي ڏسندي) مون کي يقين هو ته تون موٽي ايندين، مون کي پڪ هئي! پر تون اندر ڪيئن آئين؟

حبشي_دريءَ مان.

لزي_ڇا گهرجي توکي؟

حبشي_مون کي ڪٿي لڪاءِ!

لزي_نه، مان توکي پهرين به چئي چڪي آهيان.

حبشي_اوهين اهي آواز ٻڌو ٿا، ميم صاحب؟

لزي_ها.

حبشي_هو سڀ شڪار لاءِ نڪتا آهن.

لزي_ڪهڙو شڪار؟

      حبشي_انسان جو شڪار!

لزي_آه! (ڊگهو وقفو) توکي يقين آهي ته هنن توکي ڪونه ڏٺو آهي؟

حبشي_ها.

لزي_جيڪڏهن هو توکي پڪڙي وجهن پوءِ ڇا ڪندا؟

حبشي_پيٽرول.......

لزي_ڇا؟

حبشي_پيٽرول! (وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.) پيٽرول هاري، باهه ڏيندا!

لزي_چڱو، ويهي رهه. (حبشي هڪ ڪرسيءَ تي ويهي ٿو رهي.) مون وٽ اچڻ لاءِ ڪا ضروري ڳالهه هئي؟ تون منهنجي پٺ ڪونه ڇڏيدين؟ مون گڙٻڙ کان نفرت آهي، سمجهيئه؟ (پير زمين تي هڻي) نفرت آهي، نفرت آهي، نفرت آهي!

حبشي_ماڻهن جو خيال آهي ته مون اوهان سان هٿچراند ڪئي آهي، ميم صاحب!

لزي_پوءِ؟

حبشي_انهيءَ ڪري، مون کي ڳوليندي، هو هتي نه ايندا.

لزي_هو توکي ڇو ڳولي رهيا آهن، توکي خبر آهي؟

حبشي_انهيءَ ڪري جو سندن خيال آهي ته مون اوهان سان ڪا ناشائسته حرڪت ڪئي آهي.

لزي_توکي خبر آهي ته ماڻهن کي ائين ڪنهن ٻڌايو آهي؟

حبشي_نه.

لزي_مون! (ڊگهو وقفو. حبشي حيرت سان لزيءَ ڏانهن ڏسي ٿو.) ٻڌاءِ هاڻي ڇا ٿو چئين؟

حبشي_اوهان ائين ڇو ڪيو، ميم صاحب؟ اوهان ائين ڇو ڪيو!

لزي_اهوئي ته مان خود توکان پڇان پيئي!

حبشي_هو رحم بنهه نه ڪندا.......هو منهنجين اکين تي هنٽر هڻندا، ۽ مون مٿان پيٽرول هاري، مون کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيندا! اف، اوهان هي ڇا ڪيو!......مون ته اوهان جو ڪجهه به ڪونه بگاڙيو هو!

لزي_توبهه!......ها، تو بگاڙيو هو، پر توکي ڪوبه اندازو ڪونهي ته تو مون سان ڇا ڪيو آهي. (ترسي) تون منهنجو ڪنڌ ڇو نٿو ڀڃي ڦٽو ڪرين؟

حبشي_هتان جا ماڻهو اڪثر ڪري انسان کان اها ڳالهه چوارائيندا آهن، جيڪا هو چوڻ نه چاهيندو آهي.

لزي_ها، اڪثر... ۽ جڏهن نه چوائي سگهندا آهن ته دل لڀائيندڙ ڳالهين جي ڄار ۾ ان کي ڦاسائيندا آهن (وقفو) ٻڌ، مان سڀاڻي رات تائين توکي لڪائينديس. (حبشي اڳتي جهڪي ٿو.) مون کي هٿ نه لائجانءِ! مون کي ڪارا ماڻهو ڪونه وڻندا آهن. (گوڙ ۽ گولين جا آواز ويجهو اچن ٿا.) هو ماڻهو ويجهو ايندا پيا وڃن. (بتي وسائي ڇڏي ٿي. دريءَ وٽ وڃي ٿي. پردو هٽائي، هيٺ گهٽيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسي ٿي.)...... اسان بلڪل ڦاسي پيا آهيون!

حبشي_هو ڇا پيا ڪن؟

لزي_گهٽيءَ جي ٻنهي ڇيڙن تي سپاهي بيهاري ڇڏيا اٿن، ۽ سڀني گهرن جي تلاشي پيا وٺن!... توکي اچڻ لاءِ فقط اهائي هڪڙي جاءِ وڃي بچي هئي!... ڪنهن نه ڪنهن توکي گهٽيءَ ۾ ڏسي ورتو هوندو. (وري گهٽيءَ ۾ نهاري ٿي.) هاڻي اسان جو وارو آهي... هو ماڻهو مٿي پيا اچن!

حبشي_گهڻا آهن ماڻهو؟

لزي_پنج_ڇهه ڄڻا آهن. ٻيا هيٺ انتظار پيا ڪن. (موثي هن وٽ اچي ٿي.) اڙي. تون ايترو ٿڙڪي ڇو رهيو آهين؟ خدا جي واسطي، ائين ڏڪ نه. (پنهنجو بازو بند پٽ تي ڦٽو ٿي ڪري، ۽ ان کي پيرن سان لتاڙي ٿي.).......تون هتي آئين، چڱو ٿيو. (حبشي اٿي بيهي ٿو، ڄڻ وڃڻ چاهيندو هجي.) آرام سان ويٺو رهه. جيڪڏهن ٻاهر ويندين ته پڪ سان مري ويندين!

حبشي_ها.

لزي_هن چانڊوڪيءَ ۾ جيڪڏهن تون گولين جوشڪار ٿيڻ چاهين ٿو ته پوءِ ڀلي وڃ. (ڪجهه ترسي) ترس، هتي پهچڻ کان اڳ هنن کي اڃا ٻن منزلن جي تلاشي وٺڻي آهي. (ڊگهو وقفو_لزي هيڏانهن هوڏانهن ٽهلي ٿي. حبشي ڪرسيءَ تي ڳٺڙيءَ وانگر پيو آهي.) ......تو وٽ پستول آهي؟

حبشي_نه.

لزي - چڱو... (هڪڙيءَ پيتيءَ ڏانهن وڃي، کولي، پستول ڪڍي ٿي.)

حبشي_هي ڇا پيئي ڪرين، ميم صاحب!

لزي - مان در کولينديس ۽ هنن کي اندر اچڻ لاءِ چونديس... پنجويهن سالن کان هي ماڻهو مون کي بيوقوف بنائيندا رهيا آهن... اڇن وارن واريون مائرون، بزرگ ۽ نوجوان، چاچا سام، ۽ آمريڪي قوم! هاڻي مان سمجهي ويئي آهيان. هاڻي هو مون کي ڪڏهن به ڦاسائي نه سگهندا! مان دروازو کولينديس، ۽ چونديس ته هو هتي آهي هو هتي آهي، پر هن ڪجهه نه ڪيو آهي، مون کي هڪ ڪوڙي بيان تي صحيح ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو هو! مان خدا جو قسم کڻان ٿي ته هن ڪجهه به نه ڪيو هو!

حبشي_هو اوهان تي يقين ئي ڪونه ڪندا.

لزي_ٿي سگهي ٿو ته هو منهنجيءَ ڳالهه تي اعتبار نه ڪن. پر تون پستول تيار رکجانءِ......۽ پوءِ......جيڪڏهن هو واپس نه وڃن ته تون فائر ڪجانءِ!

حبشي_ٻيا ماڻهو اچي ويندا.

لزي_تون انهن کي به گولي هڻجانءِ.......۽ جيڪڏهن توکي سينيٽر جو پٽ نظر اچي فريڊ، ته ڪوشش ڪجانءِ ته جيئن تنهنجو نشانو گسي نه وڃي: ڇو ته هي سڀڪجهه انهيءَ جو ڪيل آهي......مان توکي ٻڌايان ٿي ته اسين بلڪل ڦاسي چڪا آهيون. اسين هر صورت ۾ ختم ڪيا وينداسين.......جيڪڏهن هنن توکي هتي لڌو ته مان پنهنجيءَ جان جي تر جيتري به پرواهه نه ڪنديس! اهڙي طرح، اسين ٻئي گڏجي، چڱي نموني وارو موت مرنداسين. (پستول وڌائي ٿي) هي وٺ،.......اچي، وٺ.....مان چوانءِ ٿي ته وٺ!

حبشي_ميم صاحب، اهو ڪم مون کان نه ٿيندو!

لزي_ڇا چيئه!

حبشي_مان هڪ گوري ماڻهوءَ کي گولي هڻي نٿو سگهان.

لزي_پر هو ته اهڙا نرمدل ثابت نه ٿيندا.

حبشي_هو گورا آهين، ميم صاحب!

لزي_ته پوءِ ڇاهي؟ رڳو انهيءَ لاءِ ته هو گورا آهن، انهن کي حق آهي ته شڪاري ڪتن وانگر ٻين انسانن جو پيڇو ڪن؟

حبشي_هو گورا ماڻهو آهن.

لزي - جلدي ڪر، غسلخاني ۾ وڃي لڪ. (حبشي تعميل ڪري ٿو. لزي انتظار ۾ آهي. گهنٽي وڄي ٿي. هوءَ پنهنجي سيني تي صليب جو نشان بنائي ٿي، بازوبند کڻي ٿي، ۽ پوءِ در کولي ٿي. ڪيترائي ماڻهو، بندوقون تاڻي، دروازي تي نظر اچن ٿا.)

پهريون شخص_اسين حبشيءَ جي ڳولا ۾ آهيون.

لزي_ڪهڙو حبشي؟

پهريون شخص_اهوئي، جنهن گاڏيءَ ۾ هڪ گوريءَ عورت سان زبردستي ڪئي هئي ۽ سينيٽر جي ڀاڻيجي کي چاقوءَ سان زخمي ڪيو هو.

لزي - اوهان کي ان جي تلاش ڪرڻ لاءِ هتي اچڻ نه گهريو هو. ڇا اوهين مون کي سڃاڻو ڪونه ٿا؟

ٻيو شخص - ها، مون ٽيون ڏينهن توکي گاڏيءَ مان لهندي ڏٺو هو.

لزي - مان ئي اها ڇوڪري آهيان، جنهن سان هنن زبردستي ڪئي هئي.  

(خاموشي ڇائنجي وڃي ٿي. سڀ لزيءَ کي تعجب، پسنديدگيءَ ۽ ڪجهه هراسائيءَ سان ڏسن ٿا. ٿورو پوئتي هٽن ٿا_ خاموشي_ کلن ٿا.)

هڪڙي شخص_ تون هُن کي ڦاسيءَ تي لٽڪندو ڏسي ضرور خوش ٿيندينءَ؟

لزي_ جڏهن اوهين ان کي پڪڙيو، تڏهن مون کي اچي وٺي وڃجو.

ٻيو شخص_ گهڻو وقت نه لڳندو، ڄاڻ ته پڪڙيو! ٽيون شخص_ توکي خبر آهي ته هو هِن ئي گهٽيءَ ۾ لڪل آهي؟

لزي_ ڏاڍي خوش قسمتيءَ جي ڳالهه آهي! (سڀ هليا وڃن ٿا. لزي در بند ڪري، پستول بستري تي ڦٽو ڪري ٿي.) هاڻي تون ٻاهر اچي سگهين ٿو. (حبشي گوڏن ڀر زمين تي ويهي ٿو، ۽ لزي جي فراڪ جو پلاند چمي ٿو.مون توکي چيو هو ته مون کي نه ڇُهجان! (هن کي ڏسي ٿي.) تون ڪو وڏو منحوس آهين جو سڄو شهر پنهنجي پٺيان لڳل آهي!

حبشي_پر اوهان کي ته خبر آهي ته مون ڪجهه به نه ڪيو هو، ميم صاحب.

لزي_ماڻهو چون ٿا ته ”حبشي ڪجهه نه ڪجهه ڪندوئي آهي.“

حبشي_مون ته ڪجهه به نه ڪيو هو.

لزي_(پنهنجو هٿ پيشانيءَ ڏانهن کڻي ٿي.) خبر نه آهي ته مان آهيان ڪٿي! (ڪجهه دير ماٺ ڪري) بهرحال، ”سڄو شهر.....هو سڀ جا سڀ غلطيءَ تي نٿا ٿي سگهن“......(وقفو) لعنت آهي، ڪجهه سمجهه ۾ ئي نٿو اچي!

حبشي_ائين ئي ٿيندو آهي، ميم صاحب. گورا ماڻهو هميشه ائين ئي ڪندا آهن.

لزي_ڇا تون به پاڻ کي ڏوهي سمجهين ٿو؟

حبشي_جي ها، ميم صاحب.

لزي_۽ تو ڪجهه به نه ڪيو؟

حبشي_جي نه، ميم صاحب.

لزي_پر ماڻهو هميشه هنن جو ساٿ ڇو ٿا ڏين؟

حبشي_هو گورا آهن، ميم صاحب!

لزي_مان به گوري آهيان! (خاموشي__قدمن جو آواز) ٺهيو، ٺيڪ آهي. هو واپس پيا وڃن. (ازخود هن وٽ وڃي ٿي. هو ڏڪي رهيو آهي: پر پنهنجي ٻانهن لزيءَ جي ڪلهي تي رکي ٿو. قدمن جو آواز بند ٿي وڃي ٿو. خاموشي. لزي هڪدم پاڻ کي ڇڏائي ٿي.) اوئي!...اسين ڏاڍا اڪيلا معلوم ٿي رهيا آهيون___يتيمن جي هڪ جوڙي وانگر. (گهنٽي وڄي ٿي. ٻئي ڄڻا خاموشيءَ سان ٻڌن ٿا. گهنٽي ٻيو دفعو وڄي ٿي.) غسلخاني ۾ هليو وڃ! (ڪو دروازي کي زور سان کڙڪائڻ شروع ٿو ڪري. حبشي لڪي ٿو وڃي. لزي دروازو کولي ٿي. فريڊ اندر اچي ٿو.) چريو ٿي پيو آهين ڇا، منهنجي دروازي کي اهڙي نموني ڇو پيو کڙڪائين؟.......نه، تون اندر نٿو اچي سگهين! (فريڊ هن کي هڪ طرف ڌڪي ٿو، بجلي ٻاري ٿو، لزيءَ کي ڪلهن کان پڪڙي ٿو. طويل خاموشي.) ڇا هي؟

فريڊ_ماڻهن حبشيءَ کي پڪڙيو هو.....پر اهو ساڳيو نه هو. پوءِ به ان کي ٻوٽي ٻوٽي ڪري ڇڏيائون!

لزي_پوءِ؟

فريڊ_مان به انهن سان گڏ هوس.

لزي_(داد ڏيڻ لاءِ وات سان سيٽي وڄائي) وه وا! (طنز سان) چون ٿا ته ڪنهن حبشيءَ کي ٻوٽيون ٻوٽيون ٿيندو ڏسڻ واقعي هڪ وڏي ڳالهه آهي!

فريڊ_مان توکي چاهيان ٿو.

لزي_ڇا؟

فريڊ تون به ڏاڍي خبيث آهين! تو مون تي جادو ڪري ڇڏيو آهي. مان انهن ماڻهن ۾ شامل هوس. منهنجي هٿ ۾ پستول هو، ۽ حبشي هڪڙي وڻ تي ويٺو هو. مون ان ڏانهن ڏٺو، ۽ پاڻ کي چيم، مون کي لزي گهرجي، اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي.

لزي مون کي ڇڏي ڏي... ڇڏ مون کي، چوانءِ ٿي!

فريڊ ڇا مطلب؟ تو مون کي ڇا ڪري ڇڏيو آهي! مون هڪڙي حبشي کي ڏٺو، ۽ انهي ۾ به مون کي تون نظر آئينءَ. مون توکي باهه جي شعلن ۾ بيٺل ڏٺو... مون گولي هلائي.

لزي - ڇڏ، ڇڏي ڏي مون کي، خوني!

فريڊ تو مون کي ڇا ڪري ڇڏيو آهي؟ تون بلڪل اهڙيءَ طرح ويڙهجي ويئي آهين، جيئن منهنجي ڏندن سان مهارون. (زوريءَ بستري ڏانهن گهلي ٿو.) هر جاءِ مون کي تون ئي نظر اچين ٿي. تنهنجو جسم، تنهنجو ظالم جسم! مان پنهنجن هٿن ۾ تنهنجي گرمي محسوس ڪريان ٿو. منهنجي ساهه ۾ صرف تنهنجي ئي بوءِ آهي. مان هتي ڀڄندو آيو آهيان__اها خبر ڪانهي ته اڦٽ مارڻ ڪاڻ، يا زوريءَ توکي حاصل ڪرڻ لاءِ پر هينئر مان محسوس ڪريان ٿو ته.....(لزيءَ کي ڇڏي ٿو، ۽ وري هڪدم ان ڏانهن وڌي ٿو.) اڄ صبح جو تو ڪجهه چيو هو. ڇا، اهو سڀ سچ هو؟

لزي_ ڇا؟

فريڊ_اهو ته تون مون کي پسند ڪرين ٿي؟

لزي_منهنجي جند ڇڏ.

فريڊ_قسم کڻ ته اهو سڀ سچ هو. (لزيءَ جي ٻانهن مروٽي ٿو ۽ هوءَ رڙ ڪري ٿي. غسلخاني مان آواز اچي ٿو.) هي ڇا آهي؟ (ڌيان ڏيئي ٻڌي ٿو.) هتي ڪو آهي؟

لزي_چريو آهين، هتي ڪير ڪونه آهي.

فريڊ_ها، آهي، غسلخاني ۾!(اوڏانهن وڃي ٿو.)

لزي_تون اوڏانهن نٿو وڃي سگهين.

فريڊ_ضرور ڪو هتي آهي!

لزي_هڪ گراهڪ آهي، تمام مالدار ماڻهو.

فريڊ_گراهڪ؟ تو وٽ ڪو گراهڪ ٻراهڪ ڪونه ايندو. ڪڏهن به نه. تون منهنجي آهين. (ترسي) مان هن کي ڏسڻ چاهيان ٿو. (رڙ ٿو ڪري) ٻاهر نڪري اچ!

لزي_ (رڙ ڪندي) ٻاهر نه اچجانءِ!

فريڊ_ٻاهر نڪري اچ! (زورسان لزيءَ کي ٿيلهو ڏئي ٿو، ۽ غسلخاني جي دروازي وٽ وڃي اهو کولي ٿو. حبشي ٻاهر اچي ٿو.) هيءُ ئي تنهنجو گراهڪ آهي!

لزي_گولي نه هڻجانءِ.....توکي خبر آهي ته هي بيقصور آهي.

(فريڊ پنهنجو پستول ڪڍي ٿو. حبشي ٽپو ڏيئي فريڊ کي ٿيلهو ڏئي ٿو، ۽ ٻاهر ڀڄي وڃي ٿو. فريڊ هن جي پويان پوي ٿو. لزي در تائين وڃي ٿي، ۽ دانهون ڪرڻ شروع ڪري ٿي ڏئي.)

لزي_هو بيقصور آهي!.....هو بيقصور آهي! (ٻه دفعا گولي هلڻ جو آواز اچي ٿو. لزيءَ جو منهن سخت ۽ سنجيدو ٿي وڃي ٿو. ميز ڏانهن وڃي ٿي، ۽ پستول کڻي ٿي. فريڊ واپس اچي ٿو، لزي ان ڏانهن مڙي ٿي. حاضرين ڏانهن سندس پٺي آهي، ۽ پستول پٺيان اٿس. فريڊ پنهنجو پستول اڇلي ٿو ڇڏي؟ ڇا تو هن کي پنهنجو نشانو بنائي ڇڏيو. (فريڊ جواب نٿو ڏئي.)... چڱو، هاڻي پنهنجو وارو آهي! (پستول سان نشانو وٺي ٿي.)

فريڊ_اوه، لزي! منهنجي ماءُ جو خيال ڪر!

لزي_جهنم ۾ پوي تنهنجي ماءُ! انهيءَ نموني مون کي اڳ ۾ ئي بيوقوف بنايو ويو آهي.

فريڊ_(آهستي آهستي ڏانهس ويندي.) منهنجي سياڻي ڏاڏي هڪڙو جهنگل خود پنهنجن هٿن سان صفا ڪيو هو، ۽ خود هڪڙيءَ جهڙپ ۾ مرڻ کان اڳ هن سورهن ريڊانڊين ماريا هئا! ان جي پٽ سڄو شهر آباد ڪيو هو. هو ”واشنگٽن“ جو دوست هو، ۽ هن يارڪ ٽائون ۾ آمريڪا جي آزادي واريءَ جنگ ۾ وڙهندي وڙهندي سر ڏنو... منهنجو پڙ ڏاڏو سئن فرانسڪو ۾ داروغو هو. هن باهه مان ٻاويهن ڄڻن جي جان بچائي هئي... منهنجو ڏاڏو هتي اچي آباد ٿيو. هن مسيسپيءَ مان هڪڙو واهه ڪڍيو، ۽ هتي جو گورنر مقرر ٿيو...منهنجو والد سينيٽر آهي، ۽ ان کان پوءِ مان سينيٽر ٿيندس. مان ان جو اڪيلو پٽ آهيان، ۽ آخري فرد آهيان، جنهن سان ”ڪلارڪ“ خاندان جو نالو اڳتي هلندو.....هيءُ ملڪ اسان ٺاهيو آهي، ۽ ان جي ڪهاڻي اسان جي ڪهاڻي آهي! الاسڪا، فلپائن ۽ نيومئڪسيڪو ۾ به ”ڪلارڪ“ خاندان آباد ٿي چڪو آهي.....ڇا، تون سڄيءَ آمريڪا کي گولي هڻڻ جي جرات ڪري سگهين ٿي؟

لزي_جيڪڏهن تون اڃا به ويجهو آئين ته مان گولي هڻي ڪڍينديس!

فريڊ_هڻ گولي، هڻ!...ڏٺو تو، تون گولي نٿي هلائي سگهين! تو جهڙي هڪ ڇوڪري مون جهڙي ماڻهوءَ کي خون ڪري نٿي سگهي.....تون ڪير آهين؟ تون ڇا ٿي ڪري سگهين؟ توکي پنهنجي ڏاڏي جي نالي جي به خبر ڪانهي! مون کي زندهه رهڻ جو حق آهي، مون کي گهڻو ڪجهه ڪم ڪرڻو آهي هو منهنجا منتظر آهن هيڏانهن ڏي پستول!

(لزي پستول ڏيئي ٿي ڇڏي. فريڊ اهو کيسي ۾ رکي ٿو.)

فريڊ - حبشي ڏاڍو تکو ڀڄي ويو. مان ان کي نشانو بنائي نه سگهيس... (وقفو- لزيءَ کي زور سان ڀاڪر ۾ جهلي ٿو.) مان تنهنجي لاءِ جبل تي هڪڙو گهر خريد ڪندس - نديءَ جي هن ڀر، هڪڙو سٺو گهر، باغ وارو! تون باغ ۾ ٽهلندي رهجانءِ.....پر ٻاهر وڃڻ جي منع هوندءِ! منهنجي طبعيت ۾ رقابت جو مادو ڏاڍو آهي. مان هفتي ۾ ٽي دفعا شام جي وقت ايندو رهندس__اڱاري، خميس ۽ آچر تي. تو وٽ حبشي نوڪر هوندا، ۽ دولت ايتري، جيتري تو خواب ۾ به ڪانه ڏٺي هوندي.....پر توکي هر اها ڳالهه ڪرڻي پوندي، جيڪا مان چاهيندس، ۽...(لزي پاڻ کي هن جي ٻانهن ۾ ڍرو ڇڏي ٿي ڏئي.) ڇا، تو مون کي سچ پچ پسند ڪيو هو؟ ٻڌاءِ، ڇا تو مون کي واقعي پسند ڪيو هو؟

لزي_(خواب آلود آواز ۾) ها، مون تو کي واقعي پسند ڪيو هو.

فريڊ_(لزيءَ جي ڳلن تي ٿڦڪيون هڻندي) ٺيڪ! (وقفو).....تون مون کي ”فريڊ“ جي نالي سان سڏي سگهين ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com