سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1964ع

مضمون

صفحو :5

3

 

مضمون

1 سنڌ ۽ افغانستان جي پهرين لڙائي 1839ع       

پرو فيسر چيتن ماڙيوالا

2 صوفين جي ديوانگي يا مجذوبي حالت   

مرحوم شمس العلماءُ مرزاقليچ  بيگ

3 پريس جي آزادي (ترجمو)

- سنڌيڪار: گل نصرپوري

4 آزاد شاعري

- شيخ عبدالرزاق ”راز“

5 سنڌي ليٿو گراف

- غ. م. گرامي

6 موت

- پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا

7 ”مهراڻ“ جا موتي

8 سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا

9 پڙهندڙن جا پيغام

10 ”آديسي اٿي ويا.....“

11  تبصرا

 

”ڪنهن به قوم يا ڪنهن به ڪتاب يا ڪنهن به زبان جي بقاءَ جو دارومدار صرف هن ڳالهه تي آهي، ته اهي ايندڙ نسلن کي ڪهڙو ڪم ڏيندا، ۽ ان سان گڏوگڏ بني نوع انسان کي ترقيءَ تي گامزن ڪندا، يا انهيءَ جي برعڪس مورڳوئي تنزل ڏانهن راغب ڪنداـ

پهرينءَ صورت ۾ فطرت انهيءَ کي لازمي طور زندهه رکندي، ۽ پوئينءَ صورت ۾ اهڙي قوم، اهڙي ڪتاب، خواهه اهڙي زبان کي مٽائڻ لاءِ فطري قانون، بهرحال ڪوشان رهندو.“

- علامه آءِ، آءِ، قاضي

پروفيسر چيتن ماڙيوالا

سنڌ ۽ افغانستان جي پهرين لڙائي - 1839ع

عيسوي ارڙهين صديءَ جي پوري ٿيڻ کان اڳ انگريز هندستان جو ڳچ حصو ڳڙڪائي چڪا هئا. هو نئينءَ هٿ ڪيل سلطنت ۾ مس ٿانئيڪا ٿي ويٺا ته دشمن جي ڪاهه جوانديشو نظر آيو. بس، پوءِ ته ساري صدي روس کين ستائيندو، ننڊ ڦٽائيندو رهيو. روس کي هندستان ڏانهن وڌڻ ۾ روڪڻ ڪاڻ هندستان ۾ انگريزي ناظمن هر ڪو حيلو هلايو. کين انهيءَ جو هڪ ئي حل ٿي سجهيو. هندستان ۾ انگريزي سلطنت جي اتر_اولهه سرحد تي بيٺل حڪومتن سان سلوڪت ۽ دوستي قائم رکڻ. لارڊ آڪلنڊ پڻ هن ڏس ۾ وسون نه گهٽايو. سندس ويچار هو ته هندستان ۾ انگريزي سلطنت جي بچاءَ خاطر اهو بلڪل ضروري هو ته افغان حڪومت قائم رهي، ۽ انگريزن جي ان حڪومت سان دائمي دوستي سالم هجي. انهيءَ مراد سان ئي، 1837ع ۾، الگزينڊر برنس کي افغانستان موڪليو ويو ته دوست محمد سان دوستي ڳنڍي، ڪم پختو ڪري اچي. پر انگريزن جو مفت جا مال ماري ڏٺا هئا، سو دوست محمد سان دوستي ڳنڍڻ ڪاڻ پڻ پنهنجي سر ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا،  هنن جي هيلتوڻي راڄنيتي کيڏ اها ئي پئي رهي هئي ته ٻئي کي ٻڌل رکجي، ۽ پاڻ کي ڇٽل. جڏهن برنس ڪابل پهتو ته کائنس اڳ روس ۽ ايران جا ايلچي اتي پهچي چڪا هئا. پر تنهن هوندي به افغان حاڪم، دوست محمد، ڳالهيون پهرين انگريزي ايلچيءَ سان شروع ڪيون. دوست محمد انگريزن سان دوستي ڳنڍڻ لاءِ خواهان هو. هن انگريزن جو چوڻ قبوليو، ۽ ايران ۽ روس سان ناتي ڳنڍڻ کان نابري واري، آيل ايلچين کي واپس ڪيو، ۽ ڌارين قومن کي افغانستان مان هندستان ڏي وڃڻ لاءِ لنگهه نه ڏيڻ جو اقرار ڪيو. پر دوست محمد جو چوڻ هو ته موٽ ۾ انگريز به ساڻس ڪجهه وهن. ۽ پاڻ گهريائين به ڇا ٿي! هن چيو ٿي ته انگريز پنهنجي دوست، سک مهاراجا رنجيتسنگهه کي چون ته هن افغان سلطنت جون جيڪي ايراضيون هڙپ ڪيون هيون، جڏهن افغان حڪومت جي راڄ_ گديءَ تان شاهه شجاع ۽ دوست محمد جي چڪري چالو هئي، سي هو دوست محمد کي مٺ محبت ۾ موٽائي ڏئي، ڇاڪاڻ ته هو سندن دوست هو. پر انگريز ڪٿان ٿا سڌو پلئه ڏين! برنس چوڻ لڳو ته اسين ڪيئن رنجيتسنگهه کي چونداسين ته هٿ ڪيل ملڪيت واپس ڪر! ڀلا کين پنهنجا پار سجهيا پئي ته پاڻ به پرائو ملڪ هڙپ ڪري ويا هئا، جو موٽائڻ لاءِ هو هرگز تيار نه هئا، سو رنجيتسنگهه کي هو ڪيئن چوندا؟ هو ساڳي ڳالهه کين ڪين منهن ۾ ڏيندا! سو، انگريز دوست محمد سان ڪين ٺهيا، مورڳو اچي مٿس مٽيا. اتر_اولهه کان ڪاهه جا افواهه جو وڌندا رهيا، ته لارڊ آڪلنڊ ڪو قدم کڻڻ لاءِ مجبور ٿيو. هن خيال ڪيو ته جي دوست محمد پورو پلئه نٿو ڏئي ته کيس تخت تان لاهي، تاج اهڙي حاڪم کي پهرائجي، جو هميشه وانگريزن جي چوڻ موجب هلي. اهڙو خام خيال لارڊ آڪلنڊ کي انهيءَ ڪري آيو جو شاهه شجاع، جو اصل افغانن جو حاڪم هو، تنهن کي ٿڏي، دوست محمد حڪومت جون واڳون پنهنجي وس ڪيون هيون، ۽ شاهه شجاع انگريزي پيشن تي، لڌياني ۾، حياتيءَ جو باقي حصو ڪاٽي رهيو هو. شاهه شجاع ڪجهه ڀيرا تخت هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ورتي هئي، پر کڙ_تيل ڪو نه نڪتو هو. اهڙي ماڻهوءَ کي تاجدار بڻائڻ فضول هو، پر انگريزن جي مٿي ۾ جو اٺ اچي ويٺو هو ته افغان بادشاهه سندن سُرَ سان سُرَ ملائي، سو شاهه شجاع ڌاران ٻيو ڪو اهڙو ڳهيلو ملڻ مشڪل هو. شاهه شجاع کي افغان تخت تي ويهارڻ ثواب جهڙي ڪم لاءِ، 26 جون 1838ع تي، ٽن ڌُرين هڪ عهدنامو ڪيو. اهي ٽي ڌريون هيون. شاهه شجاع پاڻ، سک مهاراجا رنجيتسنگهه ۽ انگريز بهادر. شروعاتي رٿ موجب، شاهه شجاع لشڪر وٺي افغانستان اُسهڻو هو، ۽ سک لشڪر کي ضرورت مهل سندس پٺڀرائي ڪرڻي هئي؛ انگريزي لشڪر کي هندستاني سرحد تان ساري تماشي ڏسڻ جو ڪم سونپيو ويو ۽ ضروري حالتن ۾ سک لشڪر جي حمايت ڪرڻي هئي. سک مهاراجا سياڻو هو، سو جيستوڻي آخرين ريت عهدنامو صحيح ٿئي، اُن کان اڳ پنهنجا پير ڪڍائي ويو. هن فقط شاهه شجاع ۽ انگريزي لشڪر جي افغانستان ۾ ڪارروائي تي نظرداري رکڻ ۽ گهرج مهل مدد جي هٿ ڊگهيرڻ جي جوابداري هموار ڪئي، باقي سڀ خير. هن شاهه شجاع جي مدد خاطر انگريزي لشڪر کي پنهنجي ملڪ مان لنگهه ڏيڻ کان به انڪار ڪيو، ۽ عذر اهو ڏنائين ته سک لشڪر اها ڳالهه بنهه برداشت ڪري ڪونه سگهندو ته سندن حدن مان ڪو ڌاريو لشڪر لنگهي وڃي. انگريز هن دفعي سِکن جا ڏنل ڏَنڀَ سڀ سَهي ويا؛ ڇاڪاڻ ته سندن گَتِي هئي، تنهنڪري سڀ سهڻو هونِ. سک سردار جيڪا ٿوري گهڻي جوابداري پاڻ تي کنئي هئي، سا ڪا مفت ڪانه هئي. انهيءَ مدد ڪاڻ شاهه شجاع کيس انهن ايراضين جو حقدار حاڪم ڪري مڃڻ جو اقرار ڪيو، جي هن افغان سلطنت مان ڇني ڦٻايون هيون. تنهن کان سواءِ شاهه شجاع سک مهاراجا کي، سندس سرحد تان نگهباني رکڻ جي عيوض، 15 لک رپيا پڻ ڏيڻا ڪيا. پر اهي پئسا اچن ڪٿان جو، سک مهاراجا کي به پنهنجو مُٽو ملي ۽ شاهه شجاع کي به ڪجهه هَڙَ ۾ پاڇي بچي، پنهنجين گهرجن پورين ڪرڻ خاطر شاهه شجاع کي ته پنهنجي ڪوڏي به ڪانه هئي، اِيسٽ اِنڊيا ڪمپني پڻ پنهنجي مالن ڏولاون ۾ هئي، هاڻ پئسا اچن ڪٿان؟ شاهه شجاع انهيءَ سبب البت دلگير ٿيڻ لڳو، پر لارڊ آڪلنڊ کيس دلداري ڏني. هيل مارَ ميرن تي پيئي هيل پڻ ”دائم دوستن“ کي چَٽي ڀرڻي هئي. انگريزي گورنر جنرل جي رٿ هئي ته شاهه شجاع ميرن کان گذريل سالن لاءِ نه ڏنل ڏَن جي گهُر ڪري، ڇو ته هو ئي افغانن جو حقدار حاڪم هو؛ ۽ ٻيو نه، ته نالي ۾ ته سنڌ افغان سلطنت جي تابعدار هئي، جنهن ڪارڻ مقرر ڏَن وٺڻ جو حق کيس ئي هو! شاهه شجاع کي ڳالهه دل سان نه آئڙي، پر انگريزن سندس گهُر جي پٺڀرائي ڪرڻ جوا قرار ڪيو، تڏهن آٿت آيس ته خاصو کڙ تيل نڪرندو. لارڊ آڪلنڊ ميرن جي جام ميڙيءَ چونڊيءَ بنسبت گهڻو ڪي ٻڌو هو، ۽ سندس ويچار هو ته اها سانڍيل پونجي جنهن صورت ۾ ڪنهن دائم دوست جي ملڪيت هئي، سا ساري هندستان جي ڀلي لاءِ رنڀائڻ جهڙو ثواب جو ڪم ڪو ٻيو ٿي سگهيو ٿي ڇا، پوءِ ڇونه کڻي اهو ڪم مالڪن جي موڪل ڌاران ئي ڪجي! لارڊ صاحب جو خيال هو ته ساڻن صلاح کان سواءِ ئي سهي، سنڌ جي ميرن کي هن ”جبريءَچال“  ۾ ڀاڱي ڀائي ڪجي. ڇا، دوستيءَ جي ناتي ۾، ڪو دوست، ڪنهن نيڪ رِٿَ ۾ پنهنجي دوستي پاران بهري وٺڻ جي ”ها“ نٿو ڪري سگهي؟ تنهن کان سواءِ، شاهه شجاع جي مدد ڪاڻ جو انگريزي لشڪر افغانستان وڃڻو هو، تنهن لاءِ غير سک جي حدن مان لنگهه کپندو هو، ڇاڪاڻ ته سک مهاراجا اهڙي لنگهه ڏيڻ کان صفا نابري واري هئي. انهيءَ ڏس ۾ پڻ سنڌ مان ئي سڻائو لنگهه ٿي سگهيو ٿي جيتوڻيڪ اهڙيءَ حالت ۾ 1832ع واري عهدنامي جو سخت اُلنگهن ٿي ٿيو، ڇو ته انهيءَ ۾ چٽيءَ طرح ڄاڻايو ويو هو ته ڪنهن به حالت ۾ سنڌ مان ڌاريو لشڪر يا لشڪري مال اسباب نه نيو ويندو! خود سک مهاراجا جو انگريزن انهيءَ قلم ڏانهن ڌيان ڇڪايو هو، جڏهن هن سنڌو درياءَ رستي جنگي مال موڪلڻ لاءِ ڪجهه سال اڳ وات وڌو هو. پر لاچار لاءِ آچار ڪونه هو، تنهنڪري انگريزي گورنر جنرل پنهنجي سنڌ لاءِ مقرر ڪيل ايلچيءَ کي لکي موڪليو ته ميرن کي انگريزي دوستيءَ لاءِ جو اُجورو چُڪائڻو هو، ان بنسبت سندن مَنجهُه لهي. انگريزي گورنر جنرل جيڪو بوجو سنڌ جي ميرن تي هيل وجهڻ ٿي چاهيو، سو هن اهڙو واجب ٿي سمجهيو جو سنڌ لاءِ انگريزي ايلچيءَ کي لکي موڪليو ته ڪيترو ۽ ڪهڙو به زور بار آڻي، ميرن کي انگريزي رٿن بحال ڪرڻ لاءِ ڪيئن به ڪري مڃائڻو آهي. ڪرنل پاٽنجر، سنڌ لاءِ انگريزي ايلچيءَ کي هن باري ۾ چٽيون هدايتون موڪليون ويون ته ”جيڪي حاڪم اسان جي واجب ۽ ضروري اختيار ڪيل تجويزن ۾ حمايت ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا، تن کي هٽائي، اهڙي حاڪمن کي اختياريءَ ۾ آڻڻ ضروري آهي، جن تي اسين بنا کٽڪي ڀاڙي سگهون.“ انهيءَ جي جواب ۾ تاريخ نويس ڪي (Keye) لکي ٿو: ”ڌرتي ۽ آسمان، حڪومتن ۽ سرڪارين جي نياءَ ۽ حق جا کوکلا اظهار ٻڌي، بيزار ۽ تنگ ٿي چڪا آهن!“

سو هاڻ سنڌ ۾ دٻڙ دس شروع ڪئي ويئي. 1836ع ۾ به انگريزن، پنهنجو پاڻ، ميرن ۽ مهاراجا رنجيتسنگهه جي وچ ۾ جهڳڙي نبيرڻ جي ذميواري پاڻ تي هموار ڪئي هئي، ۽ هينئر پڻ بنا پُڇڻي انگريزن ميرن کي لکي موڪليو ته شاهه شجاع ڏي رهيل ڏن (شڪارپور بلي) جو هو پاڻ واجب نموني نبيرو ڪندا، ۽ ميرن کي ٿورڙيائي رقم ئي شاهه شجاع کي ڏيڻي پوندي. پر رقم ڪيتري، سا ائين ئي مبهم ڇڏي ويئي. تنهن کان سواءِ ميرن کي چتاءُ ڪيو ويو ته سندن دائم دوستن (انگريزن) کي هڪ ڳالهه جا هن ويل خاص منجهائي رهي آهي، سان اها ته شاهه شجاع جي مدد لاءِ لشڪر موڪلڻ لاءِ کين لنگهه گهربل آهي، ۽ هن وقت به جي سندن دوست (مير) سندن (انگريزن جي) هن ڏس ۾ واهر نه ڪندا ته ٻيو ڪڏهن ڪندا! تنهنڪري انگريزن جو ويچار هو ته مير صاحب نه فقط انگريزي لشڪر لاءِ سنڌ مان لنگهه ڏين، پر ان سان گڏ افغان حاڪم جي اوچتي وڌيڪ گهربل واهر خاطر حاڪم پنهنجين حدن اندر الڳ انگريزي لشڪر جي رهائش جي پڻ رخصت ڏين. پر اهي حجتون ميرن اڳيان وڏي ٺاٺ سان رکيون وييون. انگريزي ايلچيءَ پنهنجي 27- سپٽمبر 1838ع واري خط ۾ ميرن کي لکيو ته ”جناب گورنر جنرل صاحب بهادر جو اهو ويچار آهي ته وقت اچي سهڙيو آهي، جڏهن انگريزن جا سچا دوست نڪري نروار ٿين ۽ گورنر جنرل صاحب جي انهن رٿن جي کُلي ۽ عملي واهر ڪن، جي هو اولهه طرف سرڪارين جي انگريزي سلطنت ۽ سندن دوستن ۽ حمايتن جي حڪومتن کي ضَرر رسائڻ ڪاڻ سٽيل منصوبي کي بيعمل بنائڻ لاءِ ضروري سمجهي، جيئن سندن دوستيءَ جي ثابتي چٽي ظاهر ٿي بيهي.“ تنهن کان پوءِ مير صاحبن کي هن حقاڻي تجويز بلي جيڪو بل ڀرڻو هو، تنهن جو تفصيلوار بيان ڏنو ويو. انگريزي ايلچيءَ جو خط پڙهي، مير صاحب دائم دوستيءَ جوابداريون خيال ۾ آڻيندي بنهه دنگ رهجي ويا. مير صاحبن گهڻيون ئي دانهون ڪيون ته جڏهن وٽن ڏنل ڏن جون قران شريف جي مبارڪ ورقن تي شاهه شجاع جي صحيح سان رسيدون آهن، ته پوءِ ٻيهر انهن رقمن جي کانئن ڇو ٿي گُهر ڪئي وڃي! پر ٻڌڻ وارو ڪير هو! مير صاحبن کي وڌيڪ اچرج ته انگريزن  جي انهيءَ منهن-پڪائيءَ جو هو ته هو پنهنجي عهدنامي کي پاڻ ئي لتاڙي رهيا هئا؛ هنن پاڻ ئي 1832ع واري عهدنامي ۾ اهو قلم داخل ڪيو هو ته سنڌو دريا رستي، لشڪر ته ڇڏيو، لشڪري سامان به ڪونه آڻبو، ۽ هاڻي خود پاڻ ئي لشڪر ۽ فوجي سامان آڻڻ جا سانباها ڪري رهيا هئا. سچ پچ ته مير صاحبن جي صبر جو جيڪو انگريز فائدو وٺي رهيا هئا. سو برداشت ڪرڻ کان ٻاهر هو. کانئن رقم به ڇڏائڻي هئي. سندن ملڪ ۾ ڌاريو لشڪر به رهائڻو هو، ۽ ساڻن ڪيل عهدنامن کي ٺڪرائڻو پڻ هو- ۽ اهو سڀ دوستيءَ ۽ خيرخواهيءَ جي ٻهروپي سايي هيٺ، مير صاحبن قصي اينگهائون جو بيشڪ يتن ڪيو. مگر ان مان گهڻو ڪجهه ڪونه وريو، جڏهن مير صاحبن ڏٺو ته سوڙها اچي گهٽيا آهيون، تڏهن سڌو سنوائو انگريزي گُهرن جي پورائي ڪرڻ جو ڪو چٽو جواب ڪونه ڏنائون، باقي انگريزن سان گهري دوستيءَ جي دم هڻڻ ۾ ڪسر اصل ڪانه وڌائون، پر اندر ۾ هو پاڻ کي سرچائي ڪيئن ٿي سگهيا ته هن ريت انگريز سندن ڳالهين ۾ ڪيئن ٿي دخل ڏيئي سگهيا. انهيءَ ڪري، پنهنجي پاسي کي ڪجهه پختي ڪرڻ ڪاڻ، هنن ايران جي شاهه سان لکپڙهه ڪئي. اهي خط انگريزن جي ور چڙهي ويا، ۽ کين خبر پئجي ويئي ته مير صاحبن جو رخ ڪهڙو هو. تنهنڪري پاٽنجر جو ويچار هو ته هن کان پوءِ ”ميرن کي ڊيڄاري ڪم ڪڍڻ کان سواءِ ٻيو چاڙهو ڪونهي“ انهيءَ ڪارڻ هن گورنر جنرل کي لکيو ته هو ميرن اڳيان نئون عهدنامو تڏهن رکندو، جڏهن انگريزي لشڪر (شاهه شجاع جي مدد خاطر) سنڌ ۾ پير ڌريندو، ڇو ته سندس ويچار موجب ”فقط اهو ئي طريقو آهي، جنهن دوران مير اسان جي ڳالهه مڃيندا.“ سنڌ جي ميرن جو سهڪار، جو هونئن هوند ميسر نه ٿي سگهي ها، سو هاڻ دڙڪي ۽ دٻاءَ دوران هٿ ڪرڻو هو: تنهنڪري انگريزي ايلچيءَ، ڪرنل پاٽنجر، نئين عهدنامي جو مسودو ميرن کي پيش ڪرڻ کان تيستوڻي ترسايو، جيستوڻي فرنگي فوج سنڌ ۾ پير رکي.

نومبر 1838ع جي آخر ۾ انگريزي فوج اچي بندر وڪر (گهوڙا ٻاريءَ) تي پهتي. پر فوج اڳتي وک وڌائي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته نه باربردار وهٽ ۽ نه وري کاڌ خوراڪ جوئي ڪو بندوبست ٿي سگهيو هو. ميرن جيتوڻيڪ انگريزن سان دوستيءَ ۽ وفاداري نباهڻ وڏي واڪي قبولي هئي، پر حقيقت ۽ عمل ۾ کين ڪابه واهر ڪانه ڪيائون. پنهنجن گماشتن دوران انگريزي فوج لاءِ گهربل وهٽ ۽ سيڌو سامان هٿ ڪرڻ، ميرن پنهنجن عملدارن کي اک ڏيکارڻ سان ناممڪن ڪري ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ گهڻيءَ ڊيگهه ڪرڻ ۽ دير وجهڻ بعد هنن (ميرن) سيٺ نائونمل ڀوڄواڻيءَ پارن انگريزي ايجنٽ کي مال سولائيءَ سان هٿ ڪرڻ لاءِ سرڪاري چٺيون به ڪري ڏنيون هيون. ميرپور جو مير ڪڇ کان موڪليل اٺن کي پنهنجي پٽن مان لنگهه ڏيڻ جي صفا نابري واري ويٺو. انگريزي ايلچيءَ جڏهن ميرن جي درٻار ۾ گهڻي دانهن ڪئي، تڏهن مس ڪري انگريزي فوج لاءِ اڳتي وڌڻ ممڪن ٿي سگهيو. پر پڪ ڪانه پئي ٿي سگهي ته مير انگريزن سان ڪو توڙ توڻي نباهيندا، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ الٽا افواهه ڦهلجي چڪا هئا. نئين عهدنامي تي ميرن جي صحيح آسانيءَ سان هٿ ڪرڻ خاطر، ڪرنل پاٽنجر جو ويچار هو ته جنهن مهل هو نئون عهدنامو ميرن جي قبوليت لاءِ پيش ڪري، ان مهل انگريزي لشڪر__جو آئيءَ ويل افغانستان ۾ ڪم آڻڻ ڪاڻ سنڌ ۾ رهائڻو هو__ڪراچيءَ اچي، ان بندر ۽ شهر تي قبضو ڪري. انهي ڪري هن بمبئيءَ سرڪار کي اهڙو اطلاع ڏنو، جيئن هو لشڪر ڪراچيءَ ترت موڪلڻ لاءِ تيار رهن. وقت گذرڻ سان سنڌ ۾ انگريزن خلاف افواهه وڌندا ۽ زور ٿيندا ويا. ميجر آئوٽرام (23 ڏيهي فوج وارو)، جو انگريزي فوج جي ڪمانيءَ جو ايڊ ڊي ڪانگ هو، تنهن ٺٽي ۾، پنهنجي روزنامچي ۾، 19_ڊسمبر 1838ع تي، هيٺين ريت لکيو: ”جيتوڻيڪ سنڌ جا مير اڃا توڻي اسان سان دوستيءَ جا وڏا دم هڻي رهيا آهن، پر اندران ئي اندران اسان خلاف سڀ قسم جي تياري ڪري رهيا آهن. پنهنجون توبون لاڙڪاڻي مان گهرائي حيدرآباد آڻايون اٿن ۽ پنهنجا ماڻهو ميڙي گڏ پيا ڪن: تنهنڪري اهو بلڪل ضروري آهي ته سنڌ ۾ اهڙو انگريزي لشڪري بندوبست قائم ڪجي، جنهن دوران افغانستان ڏي ويندڙ انگريزي فوج جي وهي واٽ پختيءَ ريت کليل رهي.“ تنهنڪري ڪرنل پاٽنجر، سنڌ ۾ رهائڻ لاءِ انگريزي لشڪر ڪراچيءَ موڪلڻ ۽ پوءِ ٺيڪ هنڌ ڇانوڻي هڻي رهڻ ڪاڻ، بمبئيءَ تڪڙي چٺي لکي موڪلي.

بمبئي سرڪار، ميرن جي غير دوستاڻيءَ روش جو ٻڌي، سنڌ ۾ رهائڻ لاءِ انگريزي لشڪر جي ترت ڪوچ جا تڪڙا حڪم ڪڍيا. سرڪاري اعلان موجب اهو لشڪر، ويليسلي جهاز ۾ سر فريڊرڪ ميٽلئنڊ__جنهن نيپولين کي 1815ع ۾ قيد (هٿ) ڪيو هو_جي ڪپتانپڻي هيٺ روانو ٿيڻو هو، ان سان هناهه ۽ سائرين ڇوٽا جهاز پڻ ٻيلهه ٿي وڃڻا هئا. مٿيان جهاز، ٻي ڏيهي گولندازي فوج کي ميجر فاربس جي ڪمانپڻي هيٺ چاڙهي، لنگر کڻي، بمبئيءَ کان مانڊوي ڏي راهي ٿي ويا، جتي باقي لشڪر چڙهڻو هو. لشڪر جو مکيه حصو چاليهين پيدل فوج جوئي ٿيڻو هو. چاليهن پيدل فوج جي ڊيسا (Deesa) مان جتي سندن ڇانوڻي هئي، مانڊوي پهچڻ تي (27_جنوري 1839ع) ڏٺو ته اتي يورپين توبچين جو هڪ دستو ڪئپٽن بريٽ جي نگهباني هيٺ ڀڄ کان اچي سهڙيو هو، جوپڻ سنڌ هلڻو هو. هاڻ سارو لشڪر ڪرنل ويلينٽ جي نگهبانيءَ هيٺ آيو. ڪرنل ويلينٽ جيئن ڊيسا کان مانڊويءَ اچي رهيو هو ته کيس رستي ۾ تازيون خبرون مليون، جنهن مان ظاهر ٿي بيٺو ته انگريزن کي ڪراچي بندر تي لهڻ ڪاڻ دوبدو ٿيڻو پوندو. کيس اهڙو پڻ اطلاع مليو ته جيئن ته سنڌ ۾ رهائڻ لاءِ انگريزي لشڪر جو اتي جلدي پهچڻ، افغانستان ڏانهن ويندڙ انگريزي فوج لاءِ گهڻو سهوليت ڀريو ثابت ٿيندو، تنهنڪري هو سيگهه ڪري سنڌ ڏي اسهي ته بهتر. تنهنڪري سڄي لشڪر سنڌوندي جي حجامڙي (منهن) ڇوڙ طرف تڪڙي وک کنئي، ۽ جهٽ اچي اتي سهڙيا. اتي ائلجرين ۽ ڪانسٽنس، ڇوٽا انگريزي جهاز، جي افغانستان ڏي ويندڙ انگريزي فوج کي ڇڏڻ ڪاڻ آيا هئا، سي پڻ اچي ساڻن گڏيا. 31 جنوري 1839ع تي انگريزي لشڪر جي ڪپتان کي چٽا ۽ تز حڪم مليا: ”ڪراچيءَ اسهو، ۽ اهو (بندر) هٿ ڪريو.“

هتي اهو ضروري آهي ته جاچجي ته ڪهڙن ڪارڻن انگريزي ايلچيءَ کي ڪراچيءَ خلاف قدم کڻڻ لاءِ مجبور ڪيو هو. مٿي ذڪر ڪيل، انگريزن خلاف ميرن جي منصوبن جا افواهه ڪي قدر سچا نڪتا هئا، ڇوته ميرن اَنَّ ۽ اٺن جي عدم موجودگيءَ ڪري انگريزي لشڪر جو اڳتي وڌڻ مشڪل ڪري ڇڏيو هو. اها پڻ خبر اچي چڪي هئي ته نائب ايلچيءَ ليڪيءَ جي ڪٺيءَ ڪيل اَنَّ جي انبارن کي ٻروچن، ميرن جي چرچ تي، باهه ڏيئي ڀسم ڪري ڇڏيو هو. ساڳئي وقت 24_جنوريءَ ڌاري ظاهر ٿي بيٺو ته مير صاحب نئون انگريزي عهدنامو صحيح ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. ليفٽينٽ ايسٽوڪ، جو ميجر آئوٽرام ۽ ٻئي انگريزي عملي سان ميرن اڳيان نئون عهدنامو رکڻ خاطر گڏجي ويو هو، سو پنهنجي 21 جنوريءَ واري خط ۾ لکي ٿو: ”آءٌ اهو ڄاڻائڻ پنهنجو فرض ٿو سمجهان ته عهدنامي بنسبت ڳالهين غير خيرخواهي رخ اختيار ڪيو آهي، تنهنڪري منهنجيءَ نظر ۾ هيل خاصي کڙ_تيل نڪرڻ جي اميد رکڻ نه گهرجي.“ آخر طور اهي افواهه پڻ ڦهلجي چڪا هئا ته ميرن پنهنجن ماڻهن تي حڪم ڪڍيا هئا ته ڪراچيءَ ۾ انگريزي لشڪر جي مخالفت ڪجو ۽ کين لهڻ کان روڪجو. ميرن جي هن ويرين واري وير انگريزي ايلچيءَ کي بنهه خفي ڪري ڇڏيو، ۽ انهيءَ ڪري ئي کين هيسائڻ خاطر ڪراچيءَ هٿ ڪرڻ لاءِ لکيو هئائين.

نديءَ جو ڇوڙ ڇڏڻ ويل، 31_جنوري تي، انگريزي فوج کي بخوبي خبر هئي ته ڇا ٿيڻو هو: ۽ انهيءَ ڪارڻ چاليهن ڏيهي فوج جا سپاهي خوشيءَ ۾ ڦوليا نه پئي سمايا، ڇاڪاڻ ته ڳچ وقت لاڪر کين هڏ ۽ هٿيارن هلائڻ جو موقعو ڪونه مليو هو. ٻئي ڏينهن شام ڌاري هو ڪراچي بندر جي منهن وٽ بيٺل منهوڙي جي ٽڪريءَ جي چوٽ تي بيٺل ڪوٽ کان ست_اٺ سو والن جي مفاصلي تي اچي سهڙيا. انگريزي لشڪر لاءِ دشمن جي ڪوٽ کي ايڏو اوڏو اچي لنگر هڻڻ بيشڪ جانبازيءَ جو ڪم هو، خاص طور انهيءَ خبر هوندي ته قلعي مان ڪنهن ويل به قهر وسڻ جو امڪان آهي.

منهوڙي جي اوچي مهاڙيءَ تي بيٺل ڪوٽ، مير فتح علي خان ٽالپر جي حڪم سان، سن 1801ع ڌاري ٻڌو ويو هو. اهو ڪوٽ جابلو اتانهين تي بيٺل هو، ۽ پڪي پٿر جو جڙيل هو، ۽ ڪراچيءَ بندر جي بچاءَ لاءِ اهوئي واهه وسيلو هو. اهو قلعو همچورس هو، جنهن جي چئن ڪنڊن ۽ بندر طرف ڀت ۾ مڙيئي پنج گنبذي منارا کڙا ڪيل هئا. ڪوٽ جي پٺ ۾، بهتر بچاءَ ڪاڻ، هڪ ٻي، اڌ گول ۾ ديوار پڻ کنيل هئي. قلعي ۾ گهڙڻ ڪاڻ زمين طرف کان، گنبذن جي وچ ۾، ٻٽا لوهي دروازا هئا، جي لتاڙي ماڻهو اچي اڌ گول ۾ ٿي پهتو،جتي ٻيو ٻٽو در هو، جو لنگهي مهمان اچي چورس چوڪنڊي کي ٿي رسيو. انهيءَ چوڪنڊي ۾ ڪمان واريءَ ڇت هيٺان بارود خانو ٺهيل هو. تنهن کان سواءِ لڪڙيءَ جو حوض پڻ اتي ميسر ڪيل هو. قلعي جي چوطرف ديوار کنيل هئي، جنهن ۾ بندوقن ڇوڙڻ لاءِ سوراخ ڇڏيل هئا. اندرئين همچورس ڪوٽ جون ديوارون سورهان ڪي ارڙهان فوٽ ٿلهيون ۽ پندرهان فوٽ اوچيون هيون، جن جي چوطرف ڏهه_ فوٽي ڪمر ڪوٽ ڏنل هئي. قلعي تي ڪل يارهن توبون بيهاريل هيون، جن مان ڇهه ۽ نو رتل گولا ڇوڙجي ٿي سگهيا. منهوڙي وارو قلعو بندر جي پوري بچاءَ لاءِ ڪارگر نه هو، ڇاڪاڻ ته اهو جابلو پڇڙيءَ تي ڪجهه اندر تي ٻڌل هو، جنهنڪري بندر اندر ايندڙ جهاز جو خاص مقابلو ڪرڻ ان لاءِ مشڪل ۽ محال هو. گول گنبذ ۾ ٽي ڪي چار الگ توبون بيهاريل هيون.

لنگر هڻڻ سان، انگريزي فوج بندر سان لڳ لاڳاپو روڪڻ کي جنبي ويئي. کين آيل ڏسي، بندر جون ڪجهه ٻيڙيون سندن طرف وڌي آيون. انهن کي روڪڻ خاطر، جيئن ئي ڪي انگريزي فوجي سپاهي وڌي آيا ته قلعي مان بندوقون ڇڙيون، جي انگريزن سمجهيو ته سندن خلاف ئي هيون، مگر کين هڪ گولي ڪانه لڳي. اها بندوقبازي دشمنيءَ جو چٽو اظهار ليکي ويئي، پر جيئن ته سج گهڻو لڙي چڪو هو، تنهنڪري انگريزي فوج جنگ جوٽڻ  صبح توڻي مهمل رکي. انهيءَ ڪارڻ هر ڪو پرهه ڦٽي پرڀات جي اوسيڙي ۾ رهيو. ڀل ته منجهانئن هڪ ان ويل جو نظارو پاڻ بيان ڪري: آخر صبح جي صاف سهائي ٿي، ۽ سج پنهنجي انهيءَ ڀڀڪي سان نڪري نروار ٿيو، جو نظارو فقط خط استوا نزديڪ ملڪن ۾ نصيب ٿئي ٿو. وايو منڊل ۾ ڪابه چرپر ڪانه هئي. اهو هوا جو جهوٽو ڪونه ٿي لڳو، جو ٻهڪندڙ پاڻيءَ جي سطح ۾ رخنو وجهي يا ڇوٽيون لهرون لهرائي. جابلو مٿانهينءَ تي بيٺل پتڪڙي ڪوٽ جون سفيد ديوارون سڌيون ۽ اڀيون ۽ پريان ڪراچيءَ جو شهر، جنهن جي پٺ ۾ گنجيون ٽڪريون چٽيون بيٺل پئي نظر آيون، تن مڙني نظاري کي غير رواجي نزاڪت ٿي عطا ڪئي ۽ هڪ سهڻو درشيه ٿي پيش ڪيو.

انهيءَ  ڏينهن اسر جو انگريزي لشڪر جا ماڻهو سڀ سخت پَرکَر ۾ هئا. حالتن کي پوريءَ ريت منهن ڏيڻ ڪاڻ سويرئي شانتي_مئه وايو منڊل ۾ رخنو پيو، ڇو ته ترت تياري ڪرڻ بلڪل ضروري هئي. بحري ۽ بري سپاهي پنهنجن شسترن جاچڻ کي جنبي ويا ته ڏسون ته ڪهڙي حال ۾ آهن، ڪم مهل ڪارائتا ٿيندا ڪين بنهه جواب ڏيئي بيهندا. اٺين لڳي اسر جو انگريزي ڪارروائي چالو ٿي. ليفٽينٽ جينڪنس (Lt.Jenkins) هٿ، صلح جو جهنڊو منهوڙي موڪليو ويو ته بنا کٽپٽ ۽ شرط شروط جي اچي پيش پئو. قلعدار هيءَ ”واجب ۽ نماڻي“ انگريزي رٿ نه قبولي، جنهنڪري حڪم جاري ٿيوته چاليهن فوج جون چار پلٽڻيون بندوقچي دستي سان گڏ، قلعي جي اولهه طرف ڇوٽن جهازن، الجرين ۽ ڪانسٽنس، جي نظرداريءَ ۽ بچاءَ هيٺ، لهي هيٺ ٿين. وري پڻ صلح لاءِ قلعدار کي چيو ويو، مگر ٻيهر پڻ هن ناڪار ڪئي. قلعدار قبول ڪيو ته انگريز کانئن زور هئا، مگر انهيءَ ڪارڻ هو ڪراچيءَ جي گورنر جي موڪل کان سواءِ قلعو کين پيش ڪري نٿي سگهيو. هن ڪراچيءَ جي گورنر ڏي پنهنجي ماڻهو موڪلڻ لاءِ رضامندي ڏيکاري، ۽ چيائين ته کيس يقين آهي ته هو پيش پوڻ جي رٿ منظور ڪندو. مگر انگريزي ڪپتان کي هيءَ اينگهه نه ائڙي، تنهن قلعدار کي پندرهن منٽن جي مهلت ڏني، جنهن جي اندر هو پيش پئي ٿي سگهيو. انهيءَ عرصي اندر به قلعدار باز نه آيو، تڏهن وري به، برطانوي ڀلمانسائي ڀاونامي، قلعدار کي ڪوٽ جي دروازن کولڻ لاءِ چيو ويو، پر هيئنر به هن اهائي وراڻي ورندي ڏني، جا پهرئين دفعي ڏني هئائين، جنهن تي ويليسلي جهاز جي توبن پنهنجو پُرڦل جلوو ڏيکاريو. انهيءَ وچ ۾ چاليهين فوج جي باقي سپاهين کي پڻ، ميجر هبرٽ جي اڳواڻيءَ هيٺ، لهڻ جا حڪم جاري ٿي ويا. جيستوڻي اهي فوجي سپاهي هيٺ لهي ٿين، تيستوڻي جنهن هنڌ انگريزي توبن قلعي جي ديوار ڊاهي وڌي هئي، ان ٻرگهل مان انگريزي جهنڊو بلند جهلندو نظر آيو. قلعي جي ڏاکڻي مهاڙي سڄي ساري ڊهي اچي پٽ پيئي هئي. انگريزي لشڪر جو هڪ ڪماني، هڪ انگريزي فوجي آفيسر، لکي ٿو: ”اسان هيل بنا رتوڇاڻ جي سوڀ حاصل ڪئي هئي، جنهن لاءِ اسان کي صرف پنج ڪي ڇهه سو رتل باروت جا ۽ حصي رسيءَ موجب ٻٽيهه رتلا گولا لڳائڻا پيا.“ قلعدار ۽ سندس ساٿين ”اسان جي چوٿين ڪي پنجين وسڪاري تي قلعي کي الله توهار ڪري، وڃي جبل جي ڏارن ۾ مٿو لڪايو هو، ۽ ان جي سرن ورتي هئي، جتان جلد کين هٿ ڪيو ويو.“ جي. ايم. بي. نيل (G.M.B.Neill) جي اکرن ۾، ”واه جو ڪارنامو ٿي گذريو. يا، جي محاوري ڪم آڻجي، ”عمدو ورزش وارو ويلو“ ٿي نبهيو.“ انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته قلعيوارا پڻ مهمانن کي پنهنجو بندوق ۽ گولاباريءَ جو ڀڀڪيدار جلوو ڏيکارين ها، جيڪڏهن سندن توبون نجسيون ۽ ناڪام ثابت نه ٿين ها. هڪ کي ته بيهڻ لاءِ بنهه گهوڙي ئي ڪانه هئي، ٻي وري گهوڙيءَ تان گهرڪي هيٺ لهي آئي هئي، ۽ پنهنجي جند آزاد ڪرائڻ جي جفاڪشيءَ ۾ هڻي گهوڙي ئي ڊاهي وڌي هئائين، ۽ باقي جيڪا رهيل کهيل هئي، تنهن قلعي جي بچاءُ لاءِ ڪم اچڻ کان صفا نابري واري هئي ۽ بنهه بيڪار ثابت ٿي.

ويليسليءَ جهاز جي منهوڙي واري قلعي تي بارود جي ڌوڙئي مچائڻ کان جلدئي پوءِ اچي آنڌي واچوڙو ڇڙيو. ڪراچيءَ جا ماڻهو انگريزي جهاز جي گولاباريءَ جا ڌڪاءَ ٻڌي دهلجي ويا، ويتر جو ڏينهن جو آنڌارو ڇائنجي ويو، ته باقي به دل هاري ويٺا، ۽ شهر مان لڏڻ لڳا، ڇوته سندن ليکي ته اهو انڌارو گولاباريءَ جي دونهي ئي کڙو ڪيو هو. انهن حالتن هيٺ ٽالپر سرڪار جا ڪراچيءَ ۾ سرڪردا - نواب خير محمد خان نظاماڻي، حاجي الله رکيو، ۽ ٻيا نائب عملدار - سيٺ پريتمداس (سيٺ نائومل هوتچند ڀوڄواڻي، جو سنڌ ۾ انگريزن جي ڀلاڻو مقرر ڪيو ويو هو، ان جي وڏي ڀاءُ) جي پيڍيءَ تي ڪهي آيا ۽ اچي عرض رکيائون ته ”جيئن ته دونهون ماڻهن جو ساهه ٿو گهٽي ۽ منجهن انگريزن جي سامهين ڪرڻ جي سمرتي ڪانهي، تنهنڪري تڪڙا اُپاءَ کنيا وڃن، جيئن گولاباريءَ جلد بند ٿئي.“ تيستوڻي ڪئپٽن گري (Grey) ۽ ليفٽيننٽ جينڪنس (Jenkins) به شهر جي پيش پوڻ جا شرط ساڻ ڪري اچي سهڙيا، جن جو ميرن جي عملدارن سهڻو آدرستڪار ڪيو، ۽ پوءِ سڀ سيٺ نائونمل جي ڪوٺيءَ تي آيا ته پيش پوڻ جا آخر طور شرط فيصل ڪجن. ڳالهين ڪرڻ بعد اهو فيصلو ٿيو ته ڪراچيءَ جي عملدارن پاران ڪي ماڻهو سڀاڻي اچي آئڊمرل ميٽلئنڊ ۽ ڪرنل ويلينٽ سان جهاز تي ملن، ۽ ڪراچيءَ جي پيش پوڻ لاءِ شرطن جي دستاويزي صحيح ڪن. اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته جيستوڻي دستاويز صحيح نه ٿئي، تيستوڻي انگريزي لشڪر شهر ۾ نه لاٿو ويندو. شام جو برگيڊيئر ۽ ائڊمرل صاحب پنهنجي سوڀ جو نشان، منهوڙي کي نظر مان ڪڍڻ آيا. ٻئي ڏينهن حسن بن بقا، منهوڙي جو قلعيدار، ڪراچيءَ جي فوجي گورنر پاران، ۽ صانع خان ڪراچيءَ جي شهري گورنر الله رکيي پاران، انگريزي عملدارن وٽ سهڙجي آيا، ۽ جهٽ ۾ صلح جا شرط ٺاهي ورتائون، جن موجب ”ڪراچيءَ جو شهر انهيءَ شرط تي انگريزن جي پيش ٿي پيو ته هو شهر ۾ نه ڦرمار،نه وري ڪا ارهه زوري ئي ڪندا، ۽ شهر جي مڪاني حڪومت وري به ميرن جي عملدارن جي هٿ ۾ ئي رهندي، جن اقرار ڪيو ته هو انگريزن کي کاڌو، ٻيڙيون ۽ اٺ حاضر اگهن تي ميسر ڪري ڏيندا.“

ٻئي ڏينهن گريناڊيئر ريجيمينٽ جي منهوڙي واري قلعي جي قبضي وٺڻ تي، پوري يارهين بجي، انگريزي لشڪر ڪراچي بندر تي لهڻ شروع ڪيو. جهازن پاڻيءَ جي اونهي نهر وٺي بندر طرف وک کنئي، پر جلد ڏٺو ويو ته پاڻي تانگهو هو، تنهنڪري فوجي سپاهي جهازن مان بتيلن ۾ لٿا ۽ ڪجهه مفاصلي طي ڪرڻ بعد مڇون ۾ مسافري ڪيائون، ۽ آخر ريت سنڌي مهاڻن جي ڊڊين تي سوار ٿيا، يا ٽنگون اگهاڙيون ڪري جوتا ۽ سوٽ ڪلهن تي اٽڪائي، لهي ٿيا پاڻيءَ ۽ چڪڻ ۾، ۽ ميل پنڌ جو جهاڳي - جنهن ۾ چهنبدار ڪوڏ ـ ستيئڙا ۽ تن سان گڏ سامونڊي وليون ۽ ٻوٽا ججها هئا، جن ماڻهن ڦاسائڻ جو عمدو اپيوگ ٿي ڪيو. مس اچي بندر کي رسيا.

پريان ڪراچيءَ جو نظارو بيشڪ دلڪش هو، ۽ فوجي سپاهي سمجهيو ته شهر سڻائو آهي، جتي هرڪا چيز مئو موجود هوندي. مگر ائين ثابت نه ٿيو. ڪراچيءَ شهر ٻين اوڀر وارن ملڪن جي شهرن جيان ئي هو. شهر پنجٽيهن کن ايڪڙن ۾ مس پکڙيل هو، ۽ چوڌاري عالم پناهه ڏنل هيس، جا ڪنهن زماني ۾ چڱي پڪي پختي هئي ۽ مٿس ڳچ هنڌ برج بيهاريل هئا، جيئن چوطرف نگاهه ٿي سگهي. پر جن تي اصل ۾ جدا جدا توفيق واريون توبون کليل هيون، جي هن ويل زمين تي هيٺ رکيل پئي نظر آيون، ۽ ائين پئي لڳو ته اهي ڳچ عرصي لاڪر ائين ئي پيون رهيون هيون. عالم پناهه سورهان فٽ اوچي، هڪ هٿرادو ڀر تي کنيل هئي، جنهن کي ڏهه فوٽي ڪمر ڪوٽ سان وڌيڪ سوگهو ڪيو ويو هو. پر انگريزن جي شهر وٺڻ ويل عالم پناهه جي ديوار بنهه زبون حالت ۾ هئي، ۽ ڪن هنڌ ته ماڻهو ديوار ۾ پيل ٻرگهلن مان ٻرانگهون ڀري، شهر مان اندر ٻاهر سولائي سان اچي وڃي ٿي سگهيا. شهر کي ٻه دروازا هوندا هئا: هڪ مٺو در، جو لياري نئين جي ڪپ تي هو، ۽ ٻيو کارو در، جو سمنڊ طرف هو، دروازا بيشڪ ڀرڪي وارا هئا، جن تي ٻروچ پهريدار بيهاريل هئا، پر جيئن ئي انگريزن واڳون ورتيون، تيئن اتي انگريزي فوجي سپاهي بيهاريا ويا، جيئن انگريزي لشڪر جا ماڻهو بنا لکيل موڪل جي شهر ۾ نه اچن وڃن. اندر شهر جو نظارو ڀل ته بلڪل ئي گندو شهر آهي، جنهن ۾ ڏهاڪو هزار غريب ۽ گدلا ماڻهو رهن ٿا. منجهانئن گهڻا هندو آهن. گهر گهڻو ڪري مٽيءَ جا آهن، جن کي سڌيون ڇتيون ڏنل آهن. سڀني گهرن کي منگهه آهن، جن جا منهن سمنڊ طرف آهن، ۽ اهي هوا ۽ روشني جو ٻٽو منورٿ پورو ڪن ٿا. شهر جون گهٽيون موڪريون ۽ سوڙهيون آهن. بازار تڏن سان ڍڪيل آهي، جيئن سج هلاک نه ڪري، اچن وڃن ٿا، تن کي ڳچ اهنج برداشت ڪرڻو ٿو پوي. سٺا گهر شهر جي وچ ۾ بيٺل آهن، پر عام ماڻهو جي سهنج لاءَ ڪابه جاءِ نظر ڪانه ٿي اچي. ڪراچي چمڙي جي تيار ڪرڻ کان چڱي هاڪاري آهي. بمبئي، ڊَمَن، مانڊويءَ، ملباري ڪناري ۽ مسقط سان ان جو چڱو واپار هلي ٿو. هتان خاص طور پٺا، پشم، مڇين جا کنڀڙا، سڪو ميوو، رڱ جا رنگ، چمڙو ۽ ريشم ٻاهر وڃن ٿا، ۽ کنڊ، مصالحا، انگريزي ڪپڙو، اناج، ڪاٺ، پتل، لوهه ۽ ٽين وغيره جي چڱي آمدني آهي.

جنهن کي هاڻ آرٽيلري ميدان (هاءِڪورٽ واري ايراضي) سڏجي ٿو، اتي انگريزي لشڪر اچي پنهنجي ڇانوڻي هنئي. لشڪر جا سپاهي ٺهي ٺڪي ويهڻ ۾ رڌل هئا، ته فرنگي فوجي آفيسرن شهر جي مکيه پوليس چوڪيءَ تي برطانوي جهنڊو وڃي بلند ڪيو. تنهن کان سواءِ هنن جدا جدا هنڌن تي ڪراچي جي انگريزن جي هٿ هيٺ اچڻ جا اعلان لڳارايا، ۽ ڪجهه آفيسر ۽ سپاهي پهري تي ڇڏيا، جيئن عام لشڪري سپاهي ڪابه ڏنگائي نه ڪن. هن سڀاڳي ڏينهن جو شغل سيٺ پريتمداس ڀوڄواڻيءَ طرفان ”سوڀ وارن“ جي شان ۾ کاني سان ٿيو. سوڀ وارا صاحب فوجي جٿي جي پيشڪي سان، بئنڊ باجن وڄندي، جهنڊن جي جهرمر سان آيا، ۽ سيٺ به سندن سهڻو سواڳت ڪيو ۽ کين عمدو کانو کارايو.

پر ڪراچيءَ  تي سوڀ حاصل ڪرڻ جو مٿيون بيان انهن بهادر بلوچين، جن نيپئر صاحب کي چند سالن ۾ چڱو مزو چکايو، تن بنسبت ساراهه جوڳو بنهه ڪونهي. جن به ماڻهن ڪراچي تي ڪاهه جو اکين ڏٺو بيان ڏنو آهي، تن مان ڪنهن به اهڙي ساک ڪانه ڀري آهي ته منهوڙي جي قلعيدار ۽ سندس ساٿين انگريزي فوج کي ڪراچي بندر تي اچڻ کان روڪڻ ڪاڻ ڪنهن قسم جي تياري ڪئي هئي. ڪراچي واري دوبدوءَ جي سلسلي مان ظاهر آهي ته ان ويل منهوڙي جي قلعي ۾ هٿن ٿي ڳڻڻ جيترا ماڻهو مس هئا___وڌ ۾ وڌ فقط ٽيهه. تنهنڪري ظاهر آهي ته نه توفيق هئي ۽ نه وري کين انگريزن جي سامهون ٿيڻ لاءِ حڪم ئي مليل هئا. جيڪڏهن ميرن وٽان حڪم آيل هجن ها ته انگريزن کي بندر اندر اچڻ نه ڏجو، ته اهڙي حڪم جي پوريءَ پيرويءَ خاطر يا حيدرآباد مان فوجي سپاهي موڪليا وڃن ها، يا ته وري ڪراچيءَ جي عملدارن کي چٽيون هدايتون ملن ها ته خاص طور ماڻهو ڀرتي ڪري، انگريزن جي سامهون ٿجو ۽ کين بندر اندر گهڙڻ نه ڏجو: پر اهڙن حڪمن ۽ هدايتن بنسبت ڪابه ثابتي يا ساک ڪانه ٿي ملي. ميرن لاءِ ڪراچي بندر جي بچاءَ لاءِ عمدا اُپاءَ اختيار ڪرڻ بلڪل ئي سڀاويڪ لڳن ها، ڇو ته خود سرجان ڪين (Sir John keene)، افغانستان ڏانهن ويندڙ سنڌ مان لانگهائو فوج جي ڪمانيءَ، نظر ۾ منهوڙي جي قلعي جو بچاءُ خاص اهميت وارو هو، ۽ ميرن جي جيڪڏهن اهڙي مرضي هجي ها ته ڪراچيءَ جي بچاءَ ۾ عمدو ٺڙو ٺڪاءُ ٿئي ها. تنهنڪري ڪراچيءَ جو ڪارنامو هڪ طرفو لقاءُ ڪري ليکبو، ۽ جيڪي اتي وهيو واپريو، تنهن لاءِ ائين ڪونه چئبو ته انگريزن ڪا خاص کيپ کٽي هئي، جيتوڻيڪ هنن پنهنجي سکڻي سوڀ جو جبرو پرچار ضرور ڪيو. انگريزي ايلچيءَ کي ميرن ڪراچيءَ جي ڪارروائيءَ جو هڪ بلڪل علحدو درشيه پيش ڪيو، جو سندس پنهنجي سر پڇاڳاڇا تي بلڪل سچو ثابت ٿيو، ۽ جنهن مان ظاهر ٿي بيٺو ته حقي واجبي انگريزن ڪراچيءَ واري ڪارنامي ۾ اجائي اٻهرائي ۽ زور آزمائي ڪئي هئي.

گهڻي ڀاڱي حالتن ئي انگريزن کي تڪڙن قدمن کڻڻ لاءِ مجبور ڪيو هو. انگريزي لشڪر کي اڳي ئي اهڙيون خبرون ڏنيون ويون هيون، جن مان کين بنهه خاطري ٿي ويئي ته ڪراچيءَ ۾ ٺڪا ٺوڪي ضرور ڪرڻي پوندي. تنهنڪري قلعيدار جو بيقصور قدم پڻ انگريزي فوج کي سندس اجائي آڪڙ واروئي نظر آيو، ۽ لڙائي ڪرڻ لاءِ ڪافي ضرور. تنهنڪري ئي، جڏهن انگريزي لشڪر منهوڙي جي ٻاهران اچي لنگر هنيو ۽ انگريزي سپاهي بندر تان ايندڙ ٻيڙين کي انگريزن جهازن ڏي وڌڻ کان روڪڻ ۾ رڌل هئا، ته قلعي مان توب ڇوڙي ويئي، جا انگريزن سمجهيو ته کين چتاءُ هئي ته قلعي وارا کين مئي مارائي بندر ۾ گهڙڻ ڪونه ڏيندا- جيتوڻيڪ توب جنهن ويل ڇوڙي ويئي، تنهن ويل سج چڱو لڙي چڪو هو، ۽ اهو ٽاڻو ٽڪر شروع ڪرڻ لاءِ ڪمهلو هو. حقيقت ۾ توب ڇوڙڻ دوران قلعي وارن شهر وارن کي اطلاع ٿي ڏنو ته ڪي جهاز بندر ٻاهران اچي سهڙيا آهن. ڪراچيءَ ۾ هن ريت اطلاع ڏيڻ جو رواج هو، ۽ انهيءَ رسم جي خود انگريزي ايلچيءَ کي پڻ پنهنجي سر خبر هئي.

جڏهن انگريز صلح جو جهنڊو کڻي منهوڙي جي قلعي طرف وڌيا ته ٻي غلط فهمي ٿي گذري. منهوڙي جي قلعيدار، جيتريقدر هو انگريزي عملدارن کي سمجهائي سگهيو، ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ورتي ته هو ڪراچيءَ جي فوجي گورنر جي خبر ۽ موڪل کان سواءِ قلعو انگريزن کي پيش نٿو ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته هو ڪراچيءَ جي فوجي گورنر نائب ئي هو ۽ هن جي حڪم جو هميشه طالبو. ڪرنل پاٽنجر انهي حقيقت جي پڇي پڪ ڪرائي ته قلعيدار جيڪي چوڻ ٿي چاهيو سو بلڪل ٺيڪ هو. پر انگريزي فوج وارن اهو انومان ڪڍيو ته هو کين ڦسلائي رهيو هو. وري جڏهن قلعدارن چيو ته آءٌ پنهنجو ماڻهو موڪلي، حڪم گهرائي ٿو وٺان، ۽ انگريزي عملدارن کي يقين ڏياريائين ته ڪراچيءَ جو فوجي گورنر هاڪار ئي ڪندو ته فرنگي اَنڊمرل سمجهيو ته قلعيدار ساڻن ٻروچڪي اٽڪل ئي آزمائي رهيو آهي. قلعيدار جڏهن انگريزي عملدارن کي زوردار لفظن ۾ ذهن نشين ڪرايو ته جيڪي هو چئي رهيو آهي سو سورهن آنا سچ آهي، ته ٻروچڪيءَ ٻاڪار جو ڄڻ صاحبلوڪن ٿي ٻيڻو الٽو اثرئي پيو ۽ ان کي غلط نگاهه سان ڏٺو ويو.

تنهن کان سواءِ اهو پڻ ضروري آهي ته جاچجي ته جنهن ويل انگريزي لشڪر اچي ڪراچي بندر جي ٻاهران لنگر هنيو، تڏهن قلعي ۾ انگريزن جي دوبدو ٿيڻ لاءِ ڪيتريقدر تياري ڪيل هئي. انهيءَ باري ۾ انگريزي ايلچيءَ، ڪرنل پاٽنجر، ڪراچيءَ جي مڙني عملدارن مان هرهڪ کان الڳ طور پڇا ڳاڇا ڪئي، ته سڀني ساڳي حقيقت سڻائي، جيتوڻيڪ کين اها خبر اصل ڪانه هئي ته ڪرنل پاٽنجر ڪو ٻين عملدارن کان به انهيءَ باري ۾ پڇا ڪئي هئي ۽ هنن پنهنجي بيان ۾ ڇا چيو هو. منهوڙي جي قلعيدار، حسن بن بچا، انگريزي ايلچيءَ کي يقين ڏياريو ته کيس ميرن وٽان انگريزن کي سامهون ٿيڻ جا ڪي به حڪم ڪين آيل آهن، ۽ انهيءَ ڪارڻ هن ڪنهن به قسم جي تياري ڪانه ڪئي آهي. انگريزي ايلچيءَ، جيڪي به قلعيدار چيو ان تي اعتبار ڪيو، جيئن هن (انگريزي ايلچيءَ) گورنر جنرل کي لکيو: ”هن جوان ڄام، قلعيدار، جيڪي به مون کائنس پڇيو، ٺهه پهه ٻڌايو، ۽ ڪنهن قسم جي لڪ لڪاڻ ڪانه ڪئي.“ قلعيدار ڪاررواين جو وڌيڪ احوال ڏيندي چيو ته ”جڏهن انگريزي لشڪر منهوڙي جي ٻاهران اچي سهڙيو ته قلعي ۾، هميشه موافق فقط سورهن ماڻهو هئا ۽ قلعي ۾ ايتريون ڪٽاريون يا تراريون به ڪين هيون جو هرهڪ کي هڪ سونپي سگهجي: قلعي ۾ باروت جوته ڄڻ نالو به ڪونه هو: قلعي ۾ توبن مان ڇوڙڻ لاءِ وڌيڪ هڪ گولو به ڪونه هو، ۽ ڪل باروت جو هڪ ٺڪر جي ٿانو ۾ رکيل هو، سو ڇهه رتل مس هو.“ قلعي جي بچاءَ لاءِ ڪيترو نه عمدو بندوبست ڪيل هو!ڪراچيءَ جي نواب پڻ انگريزي ايلچيءَ کي اهڙوئي حال ٻڌايو. هن چيو ته ”نه منهوڙي جي قلعي ۽ نه ڪراچي شهر جي بهتر بچاءَ خاطر ڪو هڪڙو به ماڻهو خاص طور ڀرتي ڪيو ويو هو، ۽ شهر ۾ ڪل سرڪاري ماڻهو اسي کن ئي هئا، جي هميشه سرڪاري ڪم ۽ ڍلن اڳاڙڻ لاءِ گهربل هئا. تنهن کان سواءِ ٻروچ قلعيدار انگريزي فوجي عملدارن کي ساري حقيقت چٽيءَ ريت سمجهائي ته منهوڙي وارن کي خواب خيال ۾ ڪونه هو ته ڪو انگريزي جهاز باهه ٻارڻ شروع ڪري ڇڏيندا. انهيءَ ڪارڻ صلح جي جهنڊي وارا انگريزي آفيسر جئن ئي پنهنجن جهازن ڏي موٽي ويا ته قلعي جا ماڻهو انگريزي جهازن جي قد بت جي قدر ۽ ڪٿ ڪرڻ ڪاڻ ٻاهر ٿي اچي بيٺا، ته ائين ئي، اوچتو، سندن حيرت جي حد نه رهي، جڏهن ويليسلي جهاز سندن طرف آگِي ڄڀيون موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيون. جيئن ته انگريزي گولا هڪٻئي پٺيان ايندا پئي ويا ته قلعي جي ماڻهن لاءِ جان بچائڻ خاطر هڪ ئي حيلو هو: جبلن جي چرن ۽ خالن ۾ وڃي سر لڪائڻ، جتي ئي انگريزي سپاهين آخر کين وڃي ڳولي لڌو هو.“ وڌيڪ ڪراچيءَ جي نواب جو انگريزي ايلچيءَ کي ٻڌائڻ ته ”وٽس سوڙهي وقت ميرن وٽان حڪم آيا هئا ته هو انگريزي لشڪر جي هرڪا مدد ڪن،“ جڏهن خيال ۾ ٿو آڻجي ته ڪراچيءَ وارو ڪارنامو بلڪل علحدي رنگ ۾ ٿو پيش اچي. تنهنڪري اهڙيءَ چٽا ڀيٽيءَ ۾، جا شروع کان ئي انگريزن جي فائدي ۾ هئي، ٻروچن کي ڪراچيءَ واري ڪارنامي ۾، حالتن جي غلط ڪٿ سبب، زوريءَ، بنا سندن ڪنهن مراد يا چاهه جي، گهليو ويو هو. خود انگريزي ايلچيءَ جاچ پڙتال بعد گورنر جنرل لکيو ته ”اهڙي بيسود ڇڪتاڻ سولائيءَ سان، ۽ انگريزن جي فائدي ۾، هٽائي سگهجي ها. پر ائين ٿيڻو ئي ڪونه هو، ۽ ڪراچيءَ برطانوي سلطنت سان لاڳو ڪئي ويئي__مهاراڻي وڪٽوريا جي تخت تي اچڻ سان سندس ڪاڻ پهرين عمدي ۽ لائق سوکڙي!

اڃا ته ڪٿي ڳالهه ٿي. انگريزي آفيسر جيڪا ڪراچيءَ ۾ ميرن جي عملدارن سان هلت هليا، سا پڻ شانائتي نه هئي. منهوڙي جي قلعي جي ماڻهن کان نه فقط سندن هٿيار کسيا ويا، پر ان سان گڏ سندن ورديون ۽ وڳا وغيره پڻ کنيا ويا، جي پوءِ وڪيا ويا! ميرن جي ڪراچيءَ وارن عملدارن جي وڌيڪ درگتي ٿي. کانئن نه فقط سندن خذمتگار کسيا ويا، پر جڏهن کين انگريزي ڇانوڻيءَ ۾ اچڻو هوندو هو ته کين رواجي ڪپ کڻڻ جي به اجازت ڪانه هوندي هئي، خذمتگار ته کهه پيا! هي هئا افعال، ڪيل صلحنامي جا! ڪرنل پاٽنجر جڏهن ڪراچيءَ جي نواب کي ملاقات لاءِ برٽش ڪئمپ ۾ گهرايو، ته ان کي ڏسي کيس تپرس وٺي ويو. خود پاٽنجر لکي ٿو ته ”هو هڪ گهٽ درجي جي ملازم موافق، بنا هٿيار ۽ خذمتگار جي، لٻائڻ جيان پئي لڳو.“ عالي سرڪار ڏي ان جي حال تي ٽيڪاٽپڻيءَ جي نوع ۾ لکندي، هو چئي ٿو، ته آءٌ هن عهدي وارن آدمين جي هن ريت بيعزتي ڪرڻ جي بيقياسگيءَ ۽ بڇڙائي بنسبت وڌيڪ وستار ڪرڻ ضرور نٿو سمجهان“___ڪرائيءَ جي ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ڪهڙي ضرورت! خط لکندي، ڪرنل پاٽنجر چوي ٿو ته:“ مون کي نظر اچي ته ههڙي هلت نه فقط انهن ۾ جن سان اهڙي جٺ ڪئي ٿي وڃي، پر ساري ملڪ جي هرفرد جي اندر ۾ اسان بنسبت سخت نفرت ٿي پيدا ڪري، ۽ اهڙي روش يا نيتي نه فقط بي سا ڱاهي آهي، پر سخت ڇيهو رسائيندڙ پڻ!“

ان ريت، ڪراچيءَ هميشه لاءِ انگريزن جي هٿ هيٺ اچي ويئي،- جيتوڻيڪ ميرن انهيءَ عهدنامي کي، جنهن مطابق ڪراچي انگريزن کي سپرد ٿي، رد ڪرائڻ جي حد ۽ سر ٽوڙ ڪوشش ۽ جفاڪشي ڪئي__۽ سالن اندر ڪراچي سنڌ جي نئين انگريزي پرڳڻي جي گادي مقرر ڪئي ويئي،

 

مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ

صوفين جي ديوانگي يا مجذوبي حالت

(16_ڊسمبر 1926ع تي ڪيل هڪ تقرير)

ديوانگي يا چريائي دل ۽ دماغ سان واسطو ٿي رکي، ۽ انهن جي خلل مان پيدا ٿي ٿئي. پر عام ماڻهن ۽ خاص ماڻهن جي چريائيءَ ۾ البت فرق آهي. جن ماڻهن ۾ دل ۽ دماغ زياده طاقت وارا آهن، تن جي چريائي به خاص طرح جي ۽ زور واري ٿي ٿئي، ۽ انهيءَ جا جدا جدا درجا ۽ رنگ ٿا ٿين، جي انهن جي خيالن ۽ عادتن تي تعلق ٿا رهن. طبعي يا قدرتي قانون آهي ته جي ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪو خاص حواس ڪن سببن ڪري رد يا گم يا ڪمزور ٿئي ٿو ته انهيءَ جو ٻيو ڪو حواس يا ٻيا سڀ حواس زياده تيز ٿين ٿا: انڌن ۽ گونگن ۽ ٻوڙن جي حالت ۾ اهڙا آزمودا ورتا ويا آهن. ساڳيءَ طرح، جي ڪنهن جي دل ۽ دماغ ۾ خلل ٿو پوي يا عقل ۽ هوش ۾ رولو ٿو پوي  ته انهن جا باطني يا روحاني حواس زياده تيز ۽ زور وارا ٿا ٿين. اهو قانون نه رڳو طبعي ديوانگيءَ سان لاڳو آهي، پر مصنوعي يا هٿرادو چريائيءَ سان به آهي - يعني ڪن خاص دماغي بيمارين ۽ مرضن وارن، يا هپناٽزم يا مسمريزم يا ڀنگ، آفيم، چرس، شراب يا ڪنهن به نشي جي عادت وارن سان به. اها ڳالهه ليپونيٽڪ يا ٻين اسپتالن جي رپورٽن مان ثابت ٿي ٿئي. جڏهن اها بيماري يا نشي جي حالت يا اهڙو ٻيو هٿرادو وڌل اثر لهي وڃي ٿو، تڏهن اها چالاڪي ۽ تيزي ۽ قابليت به گم ٿي وڃي ٿي. پليٽو يا افلاطون جنون جو ذڪر ڪندي ڏيکاريو آهي ته انهيءَ جا ٻه قسم آهن: هڪڙو عام رواجي ديوانگي، ۽ ٻي خاص روحاني فوقيت يا ترقي، جا نبين، ولين، شاعرن ۽ موحدن کي ٿيندي آهي، جا خدائي ڏات آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ”جينيس“ ٿا چون.

ڊاڪٽر هرزن هڪڙي ديواني بابت لکيو آهي ته هو اهڙو ذهين هو جو اٺ_ڏهه وڏا ڪتاب برزبان هئس، ۽ ڪن اهڙا تيز هئس جو پري ڪي ماڻهو سس پس ڪندا هئا ته چٽو پيو ٻڌندو هو. انگريزي ڪيترا عالم ۽ شاعر- جيئن ته جانسن، ڪوپر، شيلي ۽ ٻيا، توڙي سقراط يا ساڪريٽيز، سويڊ نسبرگ، نيپولين بونا پارٽ، ۽ ٻيا ڪيترا، جي مشهور جينيس وارا ٿي گذريا آهن، سي ديوانا شمار ڪيا ويا آهن. اسان ننڍي هوندي اسڪول ۾ پڙهيو آهي ته دهليءَ جي بادشاهن مان محمد تغلق چريو هو ۽ فلاڻا فلاڻا چريائيءَ جهڙا ڪم ڪيائين. پر حقيقت ڪري هو هڪڙو وڏو عالم، فاضل، سخي ۽ فيض وارو شخص هو. هڪڙي ترڪي غلام جو پٽ، ماڻس جتڻي، تنهن کي ماڻهن، اصلوڪي شاهي خاندان جو ماڻهو ڇڏي، کڻي بادشاهه ڪيو! ”جوڻو خان“ نالو مٽائي، محمد تغلق رکيائونس. منطق، فلسفي، هندسه، طب ۽ ٻين ڪيترن علمن ۾ قابل هو. خدا پرست، شريعت جو پابند، شراب کان پرهيز ڪندڙ، جنگين ۾ بهادر، ۽ سخي اهڙو جو خزانو خالي ڪري ڇڏيائين. نوٽ يا ڪاغذ جا سڪا ڪڍيائين، ٽامي جا سڪا به ڪڍيائين. مطلب ته انهيءَ وقت جي عجائبن مان هو، مشهور سياح ابن بطوطه سندس زماني ۾ هو، تنهن جو بيان ڪو پڙهي ڏسي.اهو شخص هو، جو چريو بادشاهه شمار ۾ آيو.  سنڌ کي اهو فخر حاصل آهي ته اهو بادشاهه نيٺ ٺٽي ۾ اچي مئو،جيئن اڪبر جهڙو بادشاهه  سنڌ جي عمرڪوٽ شهر ۾ ڄائو. هاڻ نشي جي چريائيءَ جو هڪڙو مثال ڏيندس، سو به سنڌ مان. ثابت علي شاهه مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. ڀنگ جي عادت هيس، نهايت گهڻو شعر چيو اٿس، سو سڀ ڀنگ جي نشي ۾. هو ڀنگ کي پنهنجي ”عينڪ“ سڏيندو هو. جڏهن ڪلهوڙا يا مير ڪنهن خاص شعر في البديهه چوڻ لاءِ حڪم ڏيندا هوس، تڏهن پنهنجي نوڪر کي ڪچهري مان ڊوڙائيندو هو ته وڃي منهنجي ”عينڪ“ کڻي آءُ___يعني گهاٽيءَ ڀنگ جي جمني. انهيءَ طرح ثابت آهي ته وجد، بيماريءَ ۽ نشي وغيره واري بيهوشيءَ جي حالت ۾ ئي اها قابليت انهي وقت لاءِ موجود ٿي رهي، ۽ نه پوءِ. انگريزي چوڻي آهي ته   As health comes in at the door, genius flies out of the window. A man of genius is necessarily a fine animal. ۽ هي به اوهان ٻڌو هوندو ته نه فقط مستيءَ جي حالت ۾ دنيا ئي ۽ عملي ۽ عقلي قابليت ديوانن ڏيکاري آهي، پر غيب جي به خبر ڏني اٿن، دل جي ڳالهه ٻڌائي اٿن، ماضيءَ ۽ مستقبل جا واقعا ٻڌايا اٿن، ۽ اڻپڇيلن سوالن جا جواب ڏنا اٿن.مطلب ته ظاهري حواس جي گم هئڻ ڪري، باطني حواس تيز ٿين ٿا. اها ڪا عجب جي ڳالهه ناهي. هاڻوڪي سائنٽيفڪ ريسرچ سوسائٽيءَ وارا ۽ ٿيلسفيءَ وارا به انهيءَ جي شاهدي ڏين ٿا.

هاڻي جڏهن رواجي دنيائي ديوانگيءَ جو اهو حال آهي، تڏهن جيڪي صوفي اولياء ديوانا ٿي گذريا آهن ۽ جن جون ڪشف ڪرامتون مشهور آهن، سي فقط دنيا ئي ڪمن جي نسبت ۾ ديوانا ۽ نادان آهن، پر روحاني ڪمن ۽ خدائي ڳالهين ۾ هو خاص طرح قابل ۽ هشيارآهن. جن کي خلق ديوانا ٿي سمجهي، سي حقيقت ڪري دانا ۽ ڪامل انسان آهن، ۽ انهن جي نظر ۾ وري ٻي دنيا ئي خلق ديواني ۽ نادان آهي. اهي ديوانا پاڻ عقل کي هڪڙو مرض ڄاڻندا آهن. خيام ٿو چوي:

خوب فهميده ست ديوانه،          عقل بسيار درد سر دارد.

شيخ احمد جام، جو پاڻ مست درويش ۽ شاعر هو ۽ زنده پيل يا مست هاٿيءَ جو لقب هوس، سو چوي ٿو:

مولانا جامي به ٿو چوي:

بگذر از طور خرد ڪاندر طريقِ عشق هست، عاقلي ديوانگي، ديوانگي فرزانگي.

امير خسرو دهلويءَ جو به اهڙو هڪڙو بيت آهي؛

چند گوئي ڪہ مست بيخبري،  هر ڪہ او مست نيست بيخبر است.

مولانا جلال الدين رومي ٿو فرمائي؛

هر ڪس ڪہ ترا شناخت جان را چہ ڪند،

فرزند و عيال و خانعان را چہ ڪند؛

ديوانہ ڪني، هر دو جهانش بخشي،

ديوانهء تو هر دو جهان را چہ ڪند؛

...      ...      ...

دست در ديوانگي بايد زدن،

آزمودم عقل دور انديش را،

بعد زين ديوانه سازم خويش را.

شاهه ڀٽائي به سسئي لاءِ ٿو چوي ته

هوءَ جا گهوري گهوٽ جي، تنهن کي چَري چون-اُگهاڙيون آتڻ ۾... اهڙن ستن جا قول ۽ فعل جهان جي عقل ۽ دستور جي برخلاف هوندا آهن، تنهنڪري اهي ديوانا سڏجن ٿا. پر حقيقي معنيٰ جي نظر تي سندن اهي قول ۽ فعل پُر معنيٰ هوندا آهن. انهن کي صوفي اصطلاح ۾ ”شطحيات “ چوندا آهن، جي ظاهري ڪري شريعت جي برخلاف آهن، ۽ جن ڪري گهڻن تي ڪفر جي فتوا ڏيئي انهن کي قتل ڪري ڇڏيائون. تصوف جي اصطلاح ۾ اهڙيءَ ديوانگيءَ يا مستيءَ کي جذب يا استغراق يا محويت يا سُڪر يا فنا سڏيندا آهن، ۽ جيڪي صوفي مجذوب ٿي گذريا آهن، سي خاص طرح ڪشف ڪرامت جا صاحب ٿي گذريا آهن.

ڪتاب ”عوارف المعارف“ ۾ آهي ته صوفي پهرين ٻن قسمن جا آهن؛ هڪڙا فقط سالڪ، ۽ ٻيا فقط مجذوب. فقط سالڪ عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول آهن ۽ طريقت يا سلوڪ جي رستي جا پانڌي آهن. اهي ٻين استادن جا مريد به ٿين ٿا، ۽ پوءِ نيٺ پاڻ  مرشد ٿي سگهن ٿا. فقط مجذوب آهي، جي عبادت ۽ رياضت کان لنگهي ويا آهن. شرع جي تڪليف انهن کي معاف آهي.غيبي ۽ روحاني تجليءَ جي ڪري، هنن کي نه پنهنجو سماءٌ آهي نه ٻيءَ خلق جو. اهي سدائين اِلاهي عشق ۾ غرق يا محو يا فنا آهن. اهي نه ڪنهن جا مريد آهن، نه مرشديءَ جي لائق آهن. وري مجذوب ٻن قسمن جا آهن؛ هڪڙا سالڪ مجذوب، ٻيا مجذوب سالڪ. سالڪ مجذوب اهي، جي عباتون ۽ رياضتون ڪري ڪري ذوق ۽ شوق ۽ عشق جي انهيءَ درجي کي وڃي پهتا آهن، جتي رهي ٻين جي عيبن ثوابن جي ۽ انهن جي علاجن جي انهن کي خبر پئجي ٿي سگهي ۽ ٻئي خلق کي ڪمائتا ۽ فيض وارا ٿي سگهن ٿا. انهن کي ڪڏهن ڪڏهن جذبو اچي ٿو ۽ سڪريا نشي جهڙيءَ حالت ۾ بيهوش رهن ٿا. جذبي لٿي کان پوءِ باهوش آهن، ۽ تڏهن شريعت تي پورا آهن. انهن لاءِ اهي ٻئي حالتون آهن-سڪر ۽ صحو، يا عروج ۽ نزول يا قبض ۽ بسط. باقي جيڪي مجذوب سالڪ آهن، سي پاڻ کي اصل فنا ڪري وڃي بقا جي منزل تي پهتا آهن. انهن جي دل تان صِفاتي ۽ ظلماتي پردا کڄي ويا آهن، ۽ غيب يا باطن جون حقيقتون انهن کي معلوم ٿين ٿيون، جنهن کي ’ڪشف‘ ٿا چون. اهي آهن سچا انسان ڪامل ۽ مرشد واصل. خواجه حافظ شيرازي مجذوب سالڪ شمار ڪيل هو، ۽ شيخ سعدي سالڪ مجذوب هو. مگر ڪن ٻين مجذوب سالڪن جا ڪي مثال ڏيندس.

زياده مشهور مثال شيخ بهلول جو آهي، جو هو ديوانو هو پر دانا سڏبو هو. خليفي هارون رشيد جي زماني ۾ بغداد ۾ هو شرع ۽ تصوف جي علمن جو عالم ۽ فاضل، عامل ڪامل هو. جذب ۽ ڪشف وارو به هو. اڪثر جهنگ ۽ بَرپٽ ۾ گذاريندو هو. مٽيءَ جون ڍيريون پيو ٺاهيندو هو، جيئن  ٻار راند ڪندا آهن. هڪڙي ڏينهن هارون رشيد شڪار ڪندي، اڪيلو ڪنهن کَڏ يا کاهيءَ تي اچي بيٺو. ڏينهن تتل هو. ٻيو رستو ڪونه هو. کاهي اونهي ۽ ڏکي هئي. ضرور ٽپي، تڏهن جاءِ تي پهچي. تنگ ٿي، دل ۾ هيءَ باسَ باسيائين ته جي گهوڙو ٽپي ويو ۽ آءُ سلامت بچيس، ته هي گهوڙو خدا جي واٽ ۾ صدقو ڪري ڏيندس. خدا کي ياد ڪري، گهوڙي کي ٽپايائين ۽ وڃي پار پيو. شهر ڏانهن ايندي، رستي ۾ خيال ڪيائين ته هلي ڪو ٻيو گهوڙو ڪڙهه مان صدقو ڪندس، ڇوته هي تمام قيمتي ۽ ڪمياب آهي. رستي ۾ بهلول وٽان لنگهيو، جو پنهنجي ڪم ۾ مشغول هو. هارون جي ويجهي اچڻ تي هو پنهنجي منهن چوڻ لڳو ته ’توبهه، خلق سان ته ٺڳي، پر خدا سان به ٺڳي! کڏون کاهيون به خدا جون، گهوڙا به خدا جا، ۽ نذر نياز به خدا جا. مرد اهو جو، انجام ڪري ۽ پاري!‘ هارون کي ڳالهه دل سان لڳي، ۽ اچڻ سان اهوئي گهوڙو صدقو ڪيائين.

ٻئي دفعي هارون پنهنجيءَ زال، بيبي زبيده، سان شيخ بهلول جي زيارت لاءِ جهنگ ۾ آيو. پڇيائونس ته ’فقير، ڇا ٿو ڪرين؟ مٽيءَ جون ڍڳيون ڇو  ٿو ڪرين؟‘ هن چيو ته ’بهشت جون ماڙيون ٿو ٺاهيان!‘ بيبي زبيده چيس ته ’هڪڙي ماڙي ته مون کي به ڏي.‘ چيائينس ته ’هنن مان جيڪا وٺين. بيبيءَ هڪڙي ڏيکاري. هن چيو ته ’انهي جو هڪ هزار درم مُلهه آهي!‘ بيبيءَ چيو ته ’چڱو، موڪليان ٿي.‘ بيبيءَ هارون کي چيو ته ’اوهين به ڪا وٺو.‘ هن چيو ته ’اها هڪڙي ماڙي پاڻ ٻنهي لاءِ ڪافي آهي.‘ بيبيءَ هزار درم ڏياري موڪليس. رات جو هارون خواب ۾ ڏٺوته قيامت جي ميدان ۾ آهي. اُس ۾ رُلي رُلي ٿڪو آهي. پري کان هڪڙو باغ ۽ محلات ڏسي، اوڏانهن ويو. اندر گهڙڻ جي ڪيائين، پر دربانن نه ڇڏيس. پڇيائين ته ’هيءُ باغ ۽ محل ڪنهن جو آهي؟ هنن چيس ته ’بيبي زبيده خاتون جو آهي.‘ هارون چيو ته ’آءُ انهيءَ جو مڙس آهيان، اندر ويندس.‘ هنن چيو ته ’اسان کي اهڙو حڪم ڪونهي!‘ آخر هٽائي ڪڍيائونس. هو اهڙو پريشان ۽ تنگ ٿيو جو جاڳي پيو. اڳوڻي ڏينهن واري حقيقت ياد پيس. ٻئي ڏينهن بهلول وٽ ويو، ۽ ساڳئي ڪم ۾ لڳل ڏسي چوڻ لڳس ته ’اڄ ته مون کي به ڪا ماڙي ڏيو؟ شيخ چيو ته ’ڪالهه وٺين ها ته ڏيانءِ ها، اڄ ڪونه ڏيندس، جڏهن بيبيءَ جي ماڙي مان ڌڪا ڏيئي ڪڍيو اٿنئي، تڏهن ڦڪو ٿي اڄ هيڏانهن آيو آهين!‘

انهي شيخ بهلول جي قولن مان هڪڙو هي آهي ته ”جڏهن اڃا زمين ۽ آسمان پيدا نه ٿيا هئا، تڏهن آءُ پيدا ٿيو هوس، بلڪ خدا کان به ٻه ورهيه اڳي آءٌ موجود هوس.“

ٻيا به اهڙا گهڻا ديوانا يا مجذوب صوفي آهن، پر خاص پنهنجي قديم سنڌ جا ٻه ٽي مثال ڏيندس. حيدرآباد ۾ گنجي ٽڪر تي به، ٺٽي جي مڪليءَ وانگي، گهڻا اولياءَ رکيل آهن. شاهه صاحب به ٿو چوي ته ”گنجو ڏونگر گام، پيهي جن پروڙيو، ڪري تَن تمام، لوچي لاهوتي ٿيا.“ انهيءَ گنجي ٽڪر تي شيخ ڀرئي جو قبو آهي. اهو اصل هندو برهمڻ هو. جهنگ ۾ گذاريندو هو. هندو مسلمان سندس معتقد هئا. جيڪو وٽس ايندو هو، تنهن کي ڳالهائڻ کان سواءِ دل جي ڳالهه جو جواب ڏيندو هو. ڪتاب ”حديقتہ الاولياءَ“ وارو لکي ٿو ته ”آءُ کيس ڏسڻ لاءِ ويس. هڪڙو سنڌي بيت ذري ذري پئي پڙهيائين. مون کي دل ۾ آيو ته خبر ناهي ته اهو بيت خود سندس آهي يا ڪنهن ٻئي جو. اوچتو پاڻ چوڻ لڳو ته ’ابا، اهو بيت اسحاق لوهار جو آهي‘. ٻيون ڳالهيون به جيڪي به دل ۾ رکي آيو هوس، تن سڀني جا جواب ڏيئي ويو. منهنجي ويٺي، ٻيو هڪڙو ماڻهو ڏينهن تتي جو وٽس آيو. ان کي ڏاڍي بک هئي ۽ ٿڪل هو. انهيءَ کي چيائين ته ’ابا، هن ٿوهر جي پاڙ ۾ ڪُني رکي اٿئي، سا هن دونهينءَ تي کڻي چاڙهه، ۽ انهن پَهڻين جو ٻُڪ ڀري منجهس وجهه، ۽ ڍڪڻ ڏيئي ڇڏينس.‘هن ائين ڪيو.جهٽ ۾ چانورن جو ڀت رجهي لٿو، ۽ هڪڙي ٻڪري به ٽَڪر تان لهي آئي، جنهن مان کير ڏُهائي اسان کي کائڻ لاءِ ڏنائين.“

شيخ طاهر، جنهن کي اُڏيرو لال چوندا آهن، سو به اهڙو مجذوب درويش هو. هو به اصل نصرپور جو واڻيو هو-منگل پٽ رتن جو، ڪوهري. فقيرن جي صحبت ۾ درويش ٿيو. هندو ۽ مسلمان معتقد هئس. مست مجذوب ٿي گذريو آهي. ڪتاب ”تحفتہ الڪرام“ وارو لکي ٿو ته هڪڙي ڏينهن ڀنگ ويٺي ٺاهيائين ته هڪڙو مست اُٺ جهنگ مان اچي مٿان بيٺس. خدا جي يادگيريءَ ۾ اهڙو محو هو جو ڪنڌ کڻي، ان کي ڏسي، ڀانيائين ته خدا پاڻ اچي نڪتو آهي! چوڻ لڳس ته ’خدا سائين، ڀلي آئين، جيءُ آئين، ويهه ڳالهڙيون ڪريون ۽ پيالا پاڻي پيون!‘ ايتري ۾ اُٺ وري موٽي وڳ ڏانهن ڀڳو. شيخ طاهر پٺيان پيس. منٿون ڪندو ويس ته ذرو ترسي، رُسي نه وڃي. نيٺ موٽي اچي پنهنجي ڪونڊي تي ويٺو.

شيخ ڀِرڪيو، آچاري، ڪاتيارن وارو، ۽ وطايو فقير ٺٽي وارو، ۽مير محسن شاهه سائينداد جي ٽنڊي وارو، مجذوب اوليائن مان هئا.

پچاڙيءَ ۾ سعيد ڪاشانيءَ ٺٽي واري جو مثال ڏيندس، جو مجذوب شاعر هو. ’سرمد‘تخلص هوس. اصل فرنگي يا ارمني ڪرسچن هو، جو پوءِ مسلمان ٿيو. شاهجهان بادشاهه جي وقت ۾ آيو، ۽ شهزادو دارا شڪوه سندس گهڻو معتقد هو. اگهاڙو گهٽين ۾ گهمندو وتيو، ۽ شريعت جي برخلاف ڪلام چوندو هو. آخر مٿس ڪفر جي فتوا جاري ڪيائون، ۽ 1071 ۾ قتل ڪري ڇڏيائونس. ڪن ڏينهن کان پوءِ، جنهن قاضيءَ اها فتوا ڏني هئي، تنهن کي وري سندس قصاص ۾ قتل ڪري ڇڏيائون. ’سرمد‘ جي ٻن رباعين ڪري هن کي قتل ڪيائون، سي هي آهن.

’سرمد‘، اگرش وفا ست خود مي آيد، ور آمدنش رواست خود مي آيد؛

بيهوده چرا در پيء اُو ميگردي، بنشين، اگر اوخدا خود مي آيد.

(يعني ماڻهو خدا جي پٺيان ڇو ٿا رلن:  ماٺ ڪري ويٺا هجن، جي سچ پچ هو خدا هوندو ته پاڻهي وٽن ايندو.)

اَنڪو ڪہ سرّ حقيقتش ياور شد،خود پهن تر از سپيهر پهناور شد:

مُلاّ گويد ڪہ بر شد بفلڪ، ’سرمد‘ گويد، فلڪ باحمد در شد.

(يعني معراج ۾ نبي پاڻ عرش تي نه ويو هو، پر عرش هيٺ لهي وٽس آيو هو.)

چون ٿا ته قتل ٿيڻ وقت جڏهن ترار جي هيٺيان ڪنڌ رکيائين، تڏهن منهن مٿي ڪري، جلاد جي منهن ۾ نهاري، کِلي، هي بيت پڙهيائين:

شوري شد و از خوابِ عدم چشم ڪشوديم،

ديديم ڪہ باقي ست شب فتنہ، غنوديم.

(دنيا جي گوڙ تي، عدم جي ننڊ مان اک کوليم: ڏٺم ته فتني جي رات اڃا کُٽي ڪانهي، سو وري سمهي پيس!)

******

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com