سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1964ع

مضمون

صفحو :3

 

مادري زبان

مشهور فلم ائڪٽر بلراج ساهني، جيڪو شانتي_ نڪيتن ۾ گرديو ٽئگور جي گود ۾ ڪيترا سال رهيو، تنهن، پنهنجي ”يادگيرين“ ۾، ٽئگور سان ڪيل هڪ اهم گفتگو جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ ٽئگور جا مادري زبان جي اهميت بابت ويچار وڌيڪ صاف ۽ سٿرا ٿي بيهن ٿا ۽ اڄ زبردست معنى رکن ٿا. گفتگو هيٺينءَ ريت آهي:

”تون ماستريءَ کان سواءِ ٻيو ڇا ڪندو آهين؟“ گرديو پڇيو.

”مان هنديءَ ۾ آکاڻيون لکندو آهيان. ڪافي لکيو اٿم ۽ ڪافي نالو ڪڍيو اٿم.“ بلراج وراڻيو.

”پر تون ته پنجابي آهين نه! هندي ته تنهنجي ٻولي ڪانهي، تون پنجابيءَ ۾ ڇو نٿو لکين؟“

”پر هندي ته راشٽر ڀاشا آهي. مان پنهنجي صوبائي ٻوليءَ ۾ ڇو لکان، جڏهن سڄي ملڪ جي ٻوليءَ ۾ لکي سگهان ٿو؟“

”مان بنگاليءَ ۾ لکندو آهيان، اها پڻ صوبائي ٻولي آهي. پر نه فقط سڄو هندستان، بلڪ سڄي دنيا ان کي پڙهندي آهي.“

”مان توهان وانگر وڏو ليکڪ ڪو نه آهيان.“

”اهو ننڍي يا وڏي جو سوال ڪونهي، هرڪو ليکڪ پنهنجن ماڻهن ۽ پنهنجي ٻوليءَ جوئي ليکڪ آهي، رڳو اتي ئي هو پاڻ کي گهر ۾ محسوس ٿو ڪري.“

”شايد اوهان کي اسان جي صوبي جي حالتن (1937ع) جي سڌ ڪانهي. اسين پنجاب ۾ هنديءَ يا اردوءَ ۾ ئي لکندا آهيون، ڪير به پنجابيءَ ۾ ڪونه لکندو آهي. اها تمام مسڪين ٻولي آهي. حقيقت ۾ اها ڀاشا ڪانهي، پر هنديءَ جي هڪ اپڀاشا آهي.“

”مان توسان شامل راءِ ناهيان. پنجابي ادب ايترو قديم آهي، جيترو بنگالي. ڇا تون ائين چوڻ ٿو چاهين ته جنهن ٻوليءَ گرونانڪ جهڙا شاعر پيدا ڪيا، سا غريب ٻولي آهي؟“

”پر اهي ته سک ڌرم جا ڪتاب آهن. مان غير مذهبي ادب جي ڳالهه ٿو ڪريان،جيڪو پنجابيءَ ۾ ڪونهي، ڇو ته جديد پنجابي تمام مسڪين ٻولي آهي.“

”ٺيڪ ان طرح ئي هڪ سؤ سال اڳ ۾ اسان جا انگريزي تعليم يافته بنگالي داناءَ چوندا هئا. پنهنجي ٻوليءَ کي ٻهڳڻي بنائڻ ڏکيو ڪونهي. بنڪم چندر بنگالي ٻوليءَ کي ويهه هزار نوان اکر ڏنا، ۽ مون اسي هزار لفظ. مون بنگالي ڀاشا کي اَڏيو آهي. اڄ اها اظهار جي لحاظ کان دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ سان برميچي سگهي ٿي.“ گررديو فخر سان چيو: ”هڪ وئيشا کي دنيا جو ڪيترو به ڌن دولت ڇو نه هجي، ته به هوءَ عزت لائق ڪا نه ٿي ليکي وڃي: تون ڀلي سڄي زندگي ٻيءَ ڪنهن اڌاريءَ ورتل ٻوليءَ ۾ لکين، ليڪن توکي نڪو تنهنجا ماڻهو، نڪو ان اڌاريءَ ورتل ٻوليءَ جا ماڻهو پنهنجو سمجهندا: تون ٻئي ڪنهن جو بڻجين، تنهن کان اڳ توکي پهرين پنهنجن ماڻهن جو بڻجڻو پوندو.“

(”ٽئگور------ هڪ جهلڪ“، از اتم، ص 39ـ)

 

2

 

 

افسانا

1- سون ورني                  _ حسن علي ”نذير“ احمد زئي

2- آسرو                        _ ع. ق. شيخ

3- ماڌوري                     _ ڪرشن کٽواڻي

4- بختاور شهر (ترجمو)       _ سنڌيڪار: محمد علي سانگي

5- هولي                       - امر جليل

ناٽڪ

6- معزز طوائف (ترجمو)       _ سنڌيڪار: غلام نبي ميمڻ

 

 

”روح کان سواءِ جسم جو زنده رهڻ امڪان کان ٻاهر آهي. لفظ جو روح آهي، سندس معنيٰ. تيئن زنده زبان جي زندگيءَ جو دارومدار ۽ جٽاءُ آهي، انهيءَ تخيل تي، جو اها زبان ڪنهن موزون طريقي سان اظهار ڪرڻ ٿي گهري. موزونيت، بجاءِ خود صرف لباس جو ڪم ڏئي ٿي. سو جنهن وقت خيالات جي ترقي ۽ فڪر جو استعداد ڪنهن به قوم ۾ مفقود ٿي ٿو وڃي، تڏهن ان قوم جي زبان به بيٺل پاڻيءَ وانگر ڪنو ٿيڻ شروع ڪري، مرضيل ٿي، آخرڪار مريو وڃي.

- علامه آءِ، آءِ، قاضي

 

حسن علي ”نذير“ احمد زئي

سون ورني

مينا ننڍي هوندي ئي يتيم ٿي ويئي. ماءُ جي ته کيس ڪابه يادگيري ڪانه هئي، پر اٺن سالن جي عمر ۾ سندس پيءُ به کيس هن جهان ۾ اڪيلو ۽ بي سهارو ڪري هميشه هميشه لاءِ هليو ويو. هوءَ انهيءَ عمر کان مسڪينيءَ ۽ يتيميءَ جو شڪار ٿي، ۽ زماني جي زوراورين سان منهن مقابلي ٿيندي، حياتيءَ جا سورهن سال ڪاٽي اچي چڙهي هئي.

پيءُ جي وفات کان پوءِ مينا پنهنجي پاڙي ۾، سندس پيءُ جي گهڻگهري دوست جي گهر ۾ هلي آئي، جو کيس دوست جي نشاني سمجهي گهڻوئي پيار ڪندو هو، ۽ پنهنجي حال سارو سندس پالنا ڪندو رهيو. پر ان شخص جي زال کي اها ڳالهه پسند نه ايندي هئي، ۽ هوءَ اٿندي ويهندي مينا تي ڪاوڙ ۽ غصو پيئي ڪندي هئي. هن کان سڄي گهر جو ڪم ۽ هٽ بازار جو پورهيو ڇڙٻين ۽ دڙڪن سان وٺندي هئي، ۽ سڄو ڏينهن طعنا تنڪا هڻندي، کيس هيسيندي  رهندي هئي.

اتفاق جي ڳالهه، جو اهو شخص جنهن ۾ مينا کي همدرديءَ جي اميد هوندي هئي، سو اوچتو .ئي فيڪٽريءَ ۾ باهه جي حادثي جو نذر ٿي ويو، ۽ ان جي زال جا هن ابهم مٿان پٽڪا پئجي ويا. زماني جا سمورا عيب مينا ۾ ظاهر ڪري، هوءَ کيس ايترو ته ننديندي ۽ هيسيندي هئي جو مينا جو ذري گهٽ ساهه ئي نڪري ويندو هو. اهڙين عقوبتن سبب هاڻي هن جو انهيءَ گهر ۾ رهڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو هو. پر سندس آڏو وڏو مسئلو هيءُ هو ته آخر وڃي ته ڪيڏانهن؟

حقيقت ۾ مينا جي بدبختيءَ جو دور ان ڏينهن کان ئي شروع ٿيو، جڏهن سندس ماءُ کيس ٽن سالن جي عمر ۾ ڇڏي راهه رباني اختيار ڪئي، ۽ وري سندس آخري سهارو، هن جو پيءُ به کانئس خدا کسي ورتو، تڏهن هاڻ فقط قدرت جي مهربانيءَ ڌاران هن لاءِ باقي ڪهڙو آسرو هو، جنهن ۾ هوءَ يقين رکي ٿي سگهي؟ هن جي غير معمولي سمجهه ۽ فطري ذهانت واري خوبي جا ازل کان ئي منجهس پوشيده هئي، سا به زماني جي زوراورين ۾ ايتريقدر ويسلي ٿي چڪي هئي جو هوءَ پنهنجي لاءِ ڪابه راهه سوچي ئي ڪانه ٿي سگهي. هن هيڏيءَ ساريءَ دنيا ۾ ڪوبه ته ڪونه هو، جنهن کي هوءَ پنهنجو چئي سگهي، ۽ نه وري ڪو آجهوئي هوس، جنهن ۾ هوءَ ڏکئي سکئي حال سان مٿو لڪائي ويهي سگهي. مطلب ته صبح کان شام تائين انهيءَ جهنم  جهڙي گهر ۾ گذارڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه چاڙهو ڪونه هوس، جتي سندس پيءُ جي هڪڙي ئي دوست جي گهرواري، جنهن کي هوءَ چاچي ڪري چوندي هئي، کيس ڏنڀڻ لاءِ ويٺي هوندي هئي. اهڙو ڪو به ظلم نه هو جو مينا تي نه ٿيو هو، اهڙو ڪوبه وار نه هو جو هن نه سٺو هو، ۽ اهڙو ڪو به ويڻ باقي نه رهيو هو جنهن مينا جي زخمي دل تي لوڻ جو ڪم نه ڪيو هجي. پر، انهن مڙني عذابن جي باوجود، هوءَ جيئري هئي: کيس ڪو به ويڻ ۽ ڪوبه وار اصل ماري ڪونه ٿي سگهيو، هوءَ الاجي ڇا جي ٺهيل هئي! شايد کيس وڌيڪ ڏکن سهڻ لاءِ جيئرو رهڻو هو.

هن جو رنگ روپ، صحت ۽ جواني انهيءَ ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيا هئا. نئين سج هن لاءِ نئين ظلم جو گويا نياپو ٿي آندو، اهڙي ئي دور ۾، هڪ ڏينهن، سندس چاچيءَ کيس سڏي  ڪا ڳالهه چئي. هوءَ خاموش ٿي، بنهه بت بڻي، هن جي آڏو بيٺي رهي. پر ٻئي ڏينهن صبح جو هوءَ چاچيءَ سان گڏجي هڪ اهڙي گهر ۾ داخل ٿي، جتي هن جيڏيون ڪيتريون ئي نينگريون جابجا هڪ نه ٻئي ڪم ۾ رڌل هيون.

هوءَ انهن سڀني کي ڏسندي، هڪ وڏي ۽ ڪشادي ڪمري جي دروازي جي ٻاهران وڃي بيٺي. سندس چاچيءَ ڪمري ۾ اندر گهڙي کيس اندر اچڻ لاءِ سڏ ڪيو. ان ڪمري ۾، هڪ سينگاريل پلنگ تي، هڪ ڪرڙوڍ عورت ليٽي پيئي هئي، ۽ سندس پيرانديءَ کان بيٺي، هڪ ڇوڪريءَ هن جي پيرن کان مالش پئي ڪئي.

مينا کي اتي پهچي احساس ٿيو ته سندس چاچي کيس اتي محض نوڪريءَ لاءِ وٺي آئي آهي. ۽ هوءَ دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳي ته جيڪر خدا سائين انهيءَ مهربان عورت جي دل ۾ وجهي جو هوءَ کيس پنهنجي نوڪريءَ ۾ رکي، ۽ روز روز جي گهپيءَ ۽ ڪلڪل کان هن جي جان آزاد ڪرائي. سندس دل جي ڳالهه گويا خدا ٻڌي ورتي، ۽ کيس انهيءَ گهر ۾، جو هڪ وڏو بنگلو هو، ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ نوڪري ملي ويئي.

شروع شروع ۾ مينا کي انهيءَ بنگلي جي بورچيخاني ۾ موڪليو ويو، جتي هوءَ سج اڀرئي کان رات تائين مختلف ڪم ڪري پيئي ڳهندي هئي. پرکيس ڪوبه ٿڪ محسوس نه ٿيندو هو، ڇو ته هن ننڍي لاڪرئي پاڻ کي ڪم تي اهڙو هيري ڇڏيو هو جو هاڻي کيس ڪم جي ڪائي پرواهه ڪانه ٿيندي هئي: پاڻ ٻين جو ڪم به خوشيءَ سان ڪري، انهن جي مدد ڪندي هئي، سندس رهڻ جو بندوبست انهيءَ بنگلي ۾ ٻين نوڪراڻين سان گڏ ڪيل هو، جتي ڪم ڪار کان فارغ ٿي هوءَ وڃي ليٽندي هئي.

تمام جلد هن تان بورچيخاني جي ڊيوٽي ختم ڪئي ويئي، ۽ سندس ڪم جي سچائيءَ،اڻورچائيءَ، نماڻائي ۽ يتيمي تي قياس آڻي، سندس مالڪياڻيءَ هن کي پنهنجيءَ خدمت ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو. مالڪياڻيءَ جي خدمت ۾ رهڻ سبب نوڪراڻيون گويا هن جون تابع ٿي ويون، ڇوته مينا ئي هاڻي انهن نوڪراڻين کي ڪم ڪار سمجهائيندي هئي. هن جي نظرداريءَ ۾ هر ڪو ڪم وقت تي ۽ بلڪل سهڻائيءَ سان ٿي ويندو هو، ۽ سندس مالڪياڻيءَ کي ڪابه شڪايت نه رهندي هئي. اهوئي سبب هوجو هوءَ مينا مان ڏاڍوخوش هوندي هئي ۽ مينا کي تمام گهڻو گهرندي هئي.

مينا هاڻي اها مينا نه رهي هئي، جنهن جو هر ڏينهن قيامت وانگر گذرندو هو. سندس مالڪياڻيءَ جي راز ۽ سندس دل جي اطمينان کيس اڳي کان اڳرو ڪري، هن جي رنگ روپ ۾ اضافو آڻي ڇڏيو. سندس صحت به هاڻي ٺيڪ هئي، ۽ ڪابه اهڙي ڳالهه باقي نه رهي هئي، جنهن ۾ هن جي دل کي ڪو عذاب پهچندو هجي. انهن ڳالهين سندس پويون زمانو ۽ ان زماني ۾ ڪاٽيل سختيون سندس دل تان ميساري ڇڏيون هيون. هوءَ واندڪائيءَ جو وقت هڪ جيڏين سان کلندي ڪڏندي ۽ بلڪل اطمينان سان گذاريندي رهي.

سندن مالڪياڻي نهايت رحمدل ۽ غريبن تي قياس ڪندڙ عورت هئي. هن ڪڏهن به ڪنهن نوڪرياڻيءَ يا نوڪر کي ڇينڀيو يا هيسيو ڪونه هو، پاڻ انهن جي دلجوئي ڪندي هئي ۽ کين وقت سر هر ڪا سهوليت ۽ مدد ڏيندي هئي. هن کي جڏهن مينا جي پوئين زندگيءَ جو حال معلوم ٿيو ته هوءَ اڳي کان به وڌيڪ مٿس مهرباني ٿي ويئي. اهڙي ئي پرسڪون دور ۾، مينا جي حياتيءَ ۾ وري هڪ نئون انقلاب آيو.

هڪ ڏينهن سندس مالڪياڻيءَ کيس سڏي ڪنهن اهڙي مهمان جي اچڻ جي خبر ڏني، جو ڪيترن ورهين کان پوءِ انهيءَ بنگلي ۾ اچي رهيو هو. مينا کي ٻڌايو ويو ته اهو شخص سندس مالڪياڻيءَ جو ويجهو عزيز آهي: هن کي ڪا تڪليف آهي، جنهن جي علاج ڪرائڻ لاءِ هتي اچي رهيو آهي، تنهنڪري مينا کي ئي هن جي تيمارداري ڪرڻي پوندي، ڇو ته کانئس وڌيڪ هن گهر ۾ ٻي ڪابه نوڪرياڻي نه آهي، جا ڪنهن اهڙي معتبر شخص جي تيمارداريءَ جا فرض ادا ڪري سگهي. اهو حڪم ٻڌي، مينا نهايت سليقي سان هڪ ڪمري ۾ اُن شخص جي رهائش جو مڪمل انتظام ڪيو.

شام جو وقت هو، سج جا پويان پاڇا بنگلي جي ديوارن تان آهستي آهستي کسڪي رهيا هئا. نوڪر چاڪر پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ مصروف هئا، پر مينا هٿ ٻڌيو مالڪياڻيءَ جي آڏو بيٺي هئي، جا پريشانيءَ سان مهمان جي اچڻ جو انتظار ڪري رهي هئي. اوچتو ٻاهر هڪ گاڏي اچي بيٺي ۽ اهو شخص بنگلي ۾ ايندو نظر آيو. هو واقعي بيمار ٿي ڏٺو. هن جون اکيون ڏرا ڏيئي وييون هيون، ۽ ڳل پيلاڻ مائل پئي ڏٺا، جن تي ڏاڙهيءَ جا وار سوئن وانگيان اڀا ٿيا بيٺا هئا. ائين ٿي لڳو، ڄڻ هو ڪنهن وڏيءَ اذيت ۾ گرفتار آهي. مينا کي خيال ٿيو ته شايد سندس دماغي توازن به درست ڪونهي: پر جڏهن هو سندس مالڪياڻيءَ سان مليو تڏهن سندس احترام ۽ عزت واريءَ گفتگو هن جي دماغي صلاحيت جي ساک ڀري، ۽ مينا کي پنهنجو خيال بدلائڻو پيو.

حڪم موجب، مينا ان مهمان کي سندس ڪمري ۾ وٺي ويئي، جنهن جي جوڙ جڪ صبح کان ئي مڪمل ڪري ڇڏي هئائين. هو ڪمري ۾ گهڙي، آسپاس جي شين تي نظر وجهندي، هڪ آرام ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. مينا هڪدم ٻاهر اچي چانهه جو انتظام ڪيو. ضروري شيون ٽري ۾ رکي، پنهنجي سر اها چانهه مهمان کي پيش ڪرڻ لاءِ ڏانهنس ويئي. هوءَ نهايت آهستگيءَ سان اندر ڪمري ۾ ويئي، جتي مهمان اطمينان سان آرام ڪرسيءَ تي ليٽيو پيو هو. هو چانهه جي ٽري ميز تي رکي واپس وري. مينا جي پيرن جي آهٽ تي مهمان پنهنجو ڪنڌ مٿي کنيو، ۽ هن کي ٻاهر ويندو ڏسي سڏ ڪيائين. هوءَ موٽي اندر آئي. مينا جي ٻارهن مهينن جي نوڪريءَ ۾ هيءُ پهريون گهمرو اهڙو آيو هو جو هوءَ مالڪياڻيءَ جي مرضيءَ موجب هڪ مرد مهمان جي خدمت ڪري رهي هئي، ان ڪري مينا حجاب ۽ شرم کان ويڙهجي سيڙهجي اچي هن جي سامهون بيٺي. سندس نگاهون زمين ۾ کتل هيون، ۽ دل زور زور سان ڌڪ ڌڪ ڪري رهي هئي.

مهمان هن سان مخاطب ٿيندي، کانئس سندس نالو پڇيو، ۽ پڇيائينس ته ”تون ڪڏهن کان هن بنگلي ۾ آئي آهين؟“ سندس نالو ٻڌي، مهمان چيو، ”واه، نالو ته ٺاهوڪو آهي! اهو نالو توتي مائٽن رکيو يا تو خود تجويز ڪيو؟“ ”منهنجو پيءُ آرٽسٽ هو، هو مون کي انهيءَ نالي کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به ڏيئي نه سگهيو.“ مينا ڏڪندڙ زبان سان اهو جملو چئي، ٻاهر نڪتي. پيءُ جي نالو وٺندي، سندس ماڻڪين مان ٻه ڳوڙها ڳڙي اچي هن جي پوتيءَ تي ڪريا جن کي سميٽي هوءَ دل جي اندر هڪ عجيب آنڌ مانڌ محسوس ڪرڻ لڳي.

ان کان پوءِ مجيد، مينا سان ايندي ويندي ڪا نه ڪا کلائيندڙ ڳالهه ضرور ڪندو هو_ ۽ ڪنهن حد تائين مينا کي انهيءَ يقين ڏيارڻ جي ڪوشش پڻ ڪندو هو ته هو مدت کان جنهن قرار جي تلاش ۾ آهي، سو هاڻي کيس نصيب ٿي ويو آهي، ۽ هاڻ هن کي دربدر ڀٽڪڻ جي ڪائي ضرورت ڪا نه ٿي سجهي. مينا جي زندگيءَ ۾ مجيد اهڙي نموني واقعي داخل ٿي چڪو هو جو هوءَ هر حال ۾ هن جي خوشيءَ کي پوري ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ لڳي هئي. گويا هن جي سالن جي ستل ۽ بنهه مري ويل جذبن کي مجيد ڪجهه اهڙي نموني سان اڀارڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جنهن جو مينا کي ڪڏهن به ڪو خيال ڪونه هو. معصوم ۽ بلڪ بي سهارا مينا، آخر اهڙي زندگيءَ جو خيال ڪري به ڪيئن ٿي سگهي! پر الاجي مجيد جي ڳالهين ۾ ڪهڙي ڪشش هئي، جو هوءَ سندس پويان ائين هلڻ لڳي، جئين ڪو نابينا ڪنهن اکين واري جي پويان هلندو آهي.

ڏينهن گذرندا رهيا.... ان بنگلي جي وسعت ۾ مينا ۽ مجيد کي هڪ ٻئي سان ملڻ جا گهڻا ئي موقعا ملندا هئا. مجيد جيترا ڀيرا هن کي ڏسندو هو، مينا کيس سواليه نگاهن سان نهاري ڪجهه پڇڻ گهرندي هئي، ۽ هو سندس ڳالهه کي سمجهي، کيس اهوئي يقين ڏياريندو هو ته هو موقعي جي تلاش ۾ آهي، ۽ تمام جلد مينا جي شاديءَ جي باري ۾ گهر جي مالڪياڻيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪندو.

هن جي اهڙي همدردي ۽ پيار جون ڳالهيون ٻڌي، مينا کي انهيءَ ڳالهه جو يقين ٿيڻ لڳندو هو ته هاڻ اجهو ٿو سندس قسمت جو ستارو چمڪي، ۽ هوءَ جلد دنيا جي هر نعمت کان مالا مال ٿي ويندي_ هن کي پنهنجو گهر هوندو، نوڪر ۽ خدمتگار هوندا، ۽ ان کان وڌيڪ، کيس هڪ اهڙي ساٿيءَ جي صحبت ميسر ٿي ويندي، جيڪو کيس دل سان پيار ڪري ٿو. دنيا ۾ انهن نعمتن کان وڌيڪ هڪ بي سهارا ماڻهوءَ لاءِ باقي ڪهڙي خوشي ۽ ڪهڙي راحت ٿي سگهي ٿي؟ هوءَ سڄي سڄي رات اهڙي روشن آئيندي جا حسين خواب ڏسندي گذاريندي هئي. هن کي ائين ٿي لڳو ته مجيد کان سواءِ هڪ پل به گهارڻ هن لاءِ مشڪل هو.

پر مينا جي خيالن جو حسين محل اوچتوئي اوچتو اچي پٽ پيو. هڪ ڏينهن، صبح صبح جو، هن کي خبر پيئي ته رات مجيد ڪنهن طرف هليو ويو_ سواءِ ڪنهن اطلاع جي! هن ته مينا کي به ڪونه ٻڌايو.... ۽ هو هليو ويو! انهي خبر مينا جي ذهن کي ڌونڌاڙي ڇڏيو. هن جي عجيب حالت ٿي ويئي. کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو ته اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو ۽ ڇا ٿيو. انهيءَ ڏينهن کان پوءِ هن پاڻ کي بنگلي جي ڪمن ڪارين ۾ غرق ڪري ڇڏيو، پر کيس ائين محسوس ٿيو ته هرڪا نوڪرياڻي کانئس پاسو ڪندي هئي، ۽ سندس مهربان ۽ مشفق مالڪياڻيءَ جي نظرن ۾ همدرديءَ ۽ پيار جي بدران ڪاوڙ ۽ قهر پيو ليئا پائيندو هو.

(ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي شڪريي سان)


 

ع. ق. شيخ

آسرو

ڊسمبر مهيني جون پويون تاريخون هيون، سيءُ به چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان! صبح کان ئي جهڙالو هو، ۽ ٿڌيءَ هوا جا سوساٽ پئي پيا: ٻپهري لڙي ته سيءُ ويتر وڌي ويو. شام جو علي اڪبر اچي گهر تي سڏ ڪيو، ٻاهر نڪتس ته چيائين، ”تيار ٿي اچ ته هوٽل تي هلي چانهه پيئنداسين.“ آءٌ تيار ٿي آيس، ۽ ٻيئي ڄڻا ٻاهر نڪتاسين.

ٻاهر، رستي تي، ماڻهو ڇڊا پاڊا هئا، باقي ٽانگا البت هليا پئي. اڃا اڌ رستي تي پهتاسين ته ڀرسان هڪ ماڻهو، ديوانن وانگر رڙيون ڪندو، اڳتي ڊوڙندو ويو. هن جي سٿڻ بنهه ليڙون ليڙون هئي.

”هو اڳڀرو ٿيوئي ڪونه، ته علي اڪبر چيو: ”اهو اٿئي مڪو مست، جو هر روز شام جو هن مهل، هن رستي تي ائين ئي ڊوڙندو رهندو آهي!“

”مستن تي ڪهڙي ميار! هنن جي دنيا ئي پنهنجي آهي. نڪا اڄ جي ڳڻتي، نڪو سِڀاڻي جو اونو. بس، پنهنجيءَ ۾ ئي پورا آهن“. مون چيو.

اسان جي ڀرسان ٻه_ٽي ٽانگا ٺڪ ٺڪ نڪري ويا، ۽ هو مڪو مست، دانهون ڪندو، ڊوڙندو، واپس وري رهيو هو. هو بلڪل اسان جي ڀرسان ڊوڙندو لنگهي ويو. هن جون ٽنگون گوڏن تائين اگهاڙيون، ڏاڙهي کنڊريل، ۽ مٿي جا وار بيڊولا ۽ لڙاٽيل هئا. هن جون اکيون ٽانڊن وانگر پئي چمڪيون. هن جي بي معنيٰ رڙين جا ڪي اکر_ ”کڻي آئي!“، ۽ پوءِ ڪجهه ٽهڪ مون ٻڌا. هو ائين ڊوڙندو ٿي ويو، ڄڻ ڪو بکايل شينهن اچي پٺيان پيو هجيس. سندس پير به ته اگهاڙا هئا. مون ڪنڌ ورائي کيس جاچيو، ته هو موٽي رهيو هو.

اسين اڳتي وڌياسين. ”ڇا تون هن کي سڃاڻين ٿو؟“ مون پنهنجي دوست کان سوال ڪيو، جنهن وراڻيو: ”نه، مون کي هن جي ڪابه خبر ڪانهي، باقي شام جو هو هتي هميشه ڊوڙندو نظرايندو آهي. ماڻهو کيس مڪو مست، مڪو مست ڪري سڏيندا آهن.“ ايتري ۾ اسين هوٽل وٽ اچي پهتاسين، ۽ ڪنڊ واري پان ٻيڙيءَ واري دڪان تي سگريٽن وٺڻ لاءِ ترسياسين. سرد هوا جي لري پئي لڳي. مڪو مست به اتي اچي پرڀرو بيٺو. هو سهڪي رهيو هو. هن کي ڪو تمام پراڻو ۽ ٻانهن کان ڦاٽل ڪوٽ پيل هو، هن جي قميص بلڪل ميري ۽ ٻيڙن کان سواءِ هئي، جنهن مان هن جي وارن ڀريل ڇاتي پئي ڏٺي. شايد هو ٿڪجي پيو هو. پان _ٻيڙيءَ واري اسان کي سگريٽ ڏنا، ۽ هن کي سڏ ڪري چيو، ”مڪو مست، هان، هيءُ سگريٽ وٺ.“ هن فقط زور سان ڪنڌ لوڏي انڪار ڪيو. هن جو منهن وارن سان ويڙهجي ويو. ٻيڙين واري وري هڪ پان مٿي کڻي چيو، ”ڀلا پان ته کاءُ!“ هن ڀيري مڪو مست جوش سان ويجهو ٿيندي، ٻئي ٻانهون مٿي کڻي هيٺ اڇلائيندي، رڙڪئي، ”نه کپي! نه کپي!“ هن پنهنجي منهن تان وار پري ڪيا. هن جو سڄو منهن پگهريل هو. هو يڪٽڪ پان واري ڏانهن گهورڻ لڳو. هن جون اکيون ڄڻ چڻنگن وانگر دکي رهيو هيون. هو اڃا ٿورو اڳتي، پان واري ڏانهن وڌيو، ۽ مون سمجهيو ته بس، هاڻي خير ڪونهي، پان واري ٻيئي هٿ ٻڌندي چيو، ”مڪو بابا، معاف ڪريو!  مڪو بابا، معاف ڪريو!“ اهي لفظ ٻڌي، مڪو مست هڪ وڏو ۽ ڀيانڪ ٽهڪ ڏنو. خبر نه آهي ته هن جي جسم مان يا هن جي وات مان، هڪ بدبوءَ جو اٻارو آيو. هو زمين تي دڙها هڻي، خوفناڪ نموني، تڪڙو تڪڙو، ”ٻلي ٻچا کڻي آئي! ٻلي ٻچا کڻي آئي!“ چوندو، ڪوڪرا ڪندو، رستي تي ڊوڙندو هليو ويو.

علي اڪبر پان واري کان پڇيو، ”ڀائو، تون هن مست کي سڃاڻين؟“

”هائو سائين، هتي جو هرڪو ماڻهو هن کي سڃاڻي. مون کي هن دڪان تي پورا پنج سال گذري ويا آهن، هو هرروز هن ئي رستي تي ۽ هن ئي وقت ڪلاڪ ڏيڍ تائين پيو ڊوڙندو ۽ ڪوڪاريندو آهي، بس سائين، مست آهي، چريو، پر آزاري ڪنهن کي ڪونه هونئن ته هن کي جيڪي ملندو آهي سو وٺندو آهي، پر هن مهل ڪنهن کان ڪجهه ڪونه وٺي. اڄ ٿي آزمايومانس. خدا الاجي ڪهڙين ڳالهين ۾ راضي آهي. درويش آهي، درويش!“

”ادا، هي ڪٿي رهندو آهي، ۽ ڪيئن چريوٿيو؟“ پان واري کان وري مون ٻيو سوال ڪيو. پان واري ٿڌو ساهه ڀريندي چيو، ”سائين، اها خبر مون کي به ڪانهي ته ڪيئن چريو ٿيو. شل انسان جي ڪل نه ٿڙڪي. سامهون بلڊنگ ڏسو ٿانه، هيءُ به انهيءَ ۾ رهندو آهي.“

مست وري موٽي رهيو هو، ۽ اسين هوٽل ۾ وڃي هڪڙيءَ پاسي واريءَ ڪيبن ۾ ويهي رهياسين. هوٽل ۾ اندر فرحت لڳي پيئي هئي، پر آءُ سوچڻ لڳس، ”مڪو مست! خبر نه آهي ته هو ڪير آهي؟ هن جا به ڪي مٽ مائٽ هوندا. هو ڇو چريو ٿيو؟ ڇا هن جو علاج نٿو ٿي سگهي؟ هيءُ به هڪ انسان آهي........ ڇا هيءَ به ڪا زندگي آهي!“

بيري ميز تي چانهه اچي رکي. منهنجي دوست ڪٽليءَ ۾ کنڊ جو چمچو وجهي، ڍڪ ڏنو. اسان کان ٿورو پرڀرو هڪ ڪرڙوڍ شخص ڏسڻ ۾ آيو. هن جي اڳيان چانهه جو ڪوپ رکيو هو، هن باربار علي اڪبر ڏانهن پئي ڏٺو. ”هو همراهه تو ڏانهن هر هر پيو ڏسي،“ مون آهستي آهستي پنهنجي دوست کي ٻڌايو. علي اڪبر هن کي ڏسندي ئي خوشيءَ مان چيو، ”چاچا حامد علي: هيڏانهن اچو نه!“ ۽ هو ڪوپ کڻي اچي اسان سان گڏ ويٺو.

علي اڪبر تعارف ڪرائيندي چيو، ”هي آهي چاچو حامد علي، هن ئي پاڙي جو ۽ هتي جو رهاڪو آهي.“ مون مشڪندي ساڻس هٿ ملايو. چاچو حامد علي، علي اڪبر کان خبرون چارون وٺڻ لڳو. مون پاسي واريءَ دريءَ کان ٻاهر نهاريو. مڪو مست اڃا تائين ڊوڙي رهيو هو. ايتري ۾ چاچي حامد عليءَ مون ڏانهن نهاريندي چيو، ”ڪوئيٽا جي لهر آئي آهي.پر اوهين ڪهڙيءَ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويا آهيو؟ ماڳهئين کڻي ماٺ ڪئي اٿو!“ مون چيو، ”چاچا، اوهان ٻنهي پئي پنهنجيون ڳالهيون ڪيون تنهنڪري گستاخي نه ڪيم.“ منهنجو جواب ٻڌي، چاچي حامد عليءَ هڪ هلڪڙو ٽهڪ ڏنو. ايتري ۾ ٻاهريان رڙيون ٿيون، ۽ هو مڪو مست رستي تان ڊورندي پئي ويو. علي اڪبر افسوس سان چيو: ”ويچارو مڪو مست!“ مون چيو: ”شل نه انسان ويچارو ٿئي!“ چاچي گنڀير ٿيندي چيو، ”ڪنهن جو دشمن به شل نه ويچارو ٿئي! جيڪي هن مست تي گذريو آهي، سو جيڪڏهن ڪنهن سياڻي سان ٿئي ها ته ان جو حال هن کان بدتر هجي ها.“ ائين چئي، هو خاموش ٿي ويو. ”چاچا،“ علي اڪبر چيو، ”پر هن مست جي اوهان کي ته سڄي خبر هوندي؟ اوهين ته هن محلي ۾ ئي رهو ٿا.“ ”هي ڪيئن چريو ٿيو؟“ مون بيتاب ٿي پڇيو.

چاچو حامد علي، سگريٽ دکائي، هڪ ڊگهو سوٽو هڻي چوڻ لڳو: ”آءٌ هن مست کي سڃاڻان. هن جو نالو ”مڪو“ نه، پر ”مقبول مستري“ آهي. هونءَ ته هر ڪنهن انسان جي زندگيءَ ۾ لاهيون چاڙهيون آهن، پر مقبول رڳو ڏک ڏٺا آهن. هو چئن سالن جو هو ته سندس ماءُ مري ويئي. ڏهن سالن جو ٿيو ته پڻس به مري ويو. پڻس جو هتي بازار ۾ لوهه جو دڪان هو. هو هڪ سيٺ هو. پر ان جي مرڻ کان پوءِ مقبول جا چاچا ۽ ماما ملڪيت مٿان اکيون پوري، ڳجهن وانگر ڪري پيا. ويچارو مقبول مائٽن هوندي به ڇورو ڇنو ٿي پيو. کيس ڪنهن به نه سنڀاليو. نيٺ پاڙي جي دين محمد مستريءَ کي خيال ٿيو، تنهن کيس پنهنجي گهر ۾ رهايو ۽ پنهنجي ڪارخاني تي ملازم ڪري رکيو...“

”پوءِ ڇا ٿيو؟“ علي اڪبر چيو.

چاچي پنهنجي ڳالهه جاري رکندي ٻڌايو: ”ماڻهو چون ٿا ته مقبول مستريءَ رستي تي پنهنجي ملڪيت پوري هئي، اها ڪير چورائي ويو. ڪي چون ٿا ته هن کي ڪچي قلعي مان لڳت جو حساب ٿيو آهي. وري ڪن جو چوڻ آهي ته هن کي ڪنهن پهتل شخص امانت ڏني آهي. پر مون کي ذاتي خبر آهي،  ته هن رستي ۾ پنهنجي دولت ڪانه پوري هئي، نڪو وري هن تي ڪنهن جو واسو آهي، ۽ نه وري ڪنهن هن کي امانت ئي ڏني آهي. هائو، ڪي وري اهي ڳالهيون به ڪندا آهن ته هن وٽ ڪيميا جو نسخو آهي، ۽ هيءُ رڳو ٻاهريون بيک ڪريو پيو ماڻهن کي ڀنڀلائي. پر اهي سڀ ڪوڙيون ۽ غلط ڳالهيون آهن......“

چاچا حامد عليءَ ٻيڙي دکائيندي چيو: ”دين محمد مستري شاهه ڪاريگر هو. هن مقبول کي هر قسم جي مشينريءَ جو ڪم سيکاريو. مقبول اهڙو ته ايماندار ۽ سعادتمند ثابت ٿيو جو دين محمد مستريءَ پنهنجي ڌيءَ کڻي پرڻايس. پوءِ ته هيءُ جوان نالو ڪڍي آسمان تي چڙهي ويو. هن اسان جي گهر جي سامهون بلڊنگ ۾ هڪ جاءِ مسواڙ تي ورتي ۽ زال سان اتي جدا رهڻ لڳو_“ اسان ٽنهي سگريٽ دکايا ۽ وري چانهه جو آرڊر ڏنوسين، ته چاچا حامد عليءَ وري ڳالهه کنئي: ”مقبول جي شاديءَ کي ٻه_ ٽي سال گذري ويا، پر کيس اولاد ڪو نه ٿيو. هن جي زال هڪ ننڍڙي اڇي ٻلي پالي هئي. ٻلي وڏي ٿي ۽ ٻچا ڪيا، ته مقبول کي به هڪ سهڻو پٽ ڄائو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، هڪ شام جو، انهيءَ بلڊنگ کي اچي باهه لڳي. باهه لڳي، جو بجليءَ جو تارون هيون پراڻيون ۽ خراب. مالڪ خرچ جي بچاءَ کان مڙيئي ٽيڪڙ سيڪڙ ڪريو پيو ڪم هلائيندو هو. پر نيٺ انهيءَ ڏينهن اوچتو باهه لڳي پيئي. خبر تڏهن  پيئي، جڏهن باهه سڄيءَ بلڊنگ کي وڪوڙي ويئي. فائر برگيڊ جون سڀئي لاريون باهه وسائڻ لاءِ آيون، پر انهن به پهريائين مالڪ جي رهڻ واري پاسي کان باهه وسائڻ شروع ڪئي—“ ايتري ۾ بيرو چانهه کڻي آيو، ۽ اسين گرم گرم چانهه ٺاهي پيئڻ لڳاسين. علي اڪبر چيو، ”هائو چاچا، باهه لڳي، پوءِ؟“ چاچي حامد عليءَ چيو: اها باهه ته نه هئي! ان جا شعلا آسمان تائين ٿي ويا. هزارن جو سامان رک ۽ ڇار ٿي ويو. انهيءَ رات، قيامت زمين تي هيٺ لهي آئي هئي. رڳو مالڪ جي رهڻ واري جاءِ بچي، باقي واويلا پئجي ويئي. هر ڪنهن کي پنهنجي سر سان لڳل هئي. بلڊنگ جو هرڪو رهاڪو حيران ۽ پريشان هو. مقبول مستريءَ پنهنجيءَ زال ۽ پٽ کي بچائڻ لاءِ هزارين حيلا هلايا. هن جي زال ۽ پٽ جڏهن ٻاهر ڪڍي آندا ويا، ته اهي ٻيئي ڄڻا هنن جي سامهون ئي لڇي لڇي مري ويا. عين انهيءَ وقت، مقبول جي ڀرسان اها سندس زال واري پاليل ٻلي، خبر نه آهي ته ڪيئن ۽ ڪٿان، پنهنجي پلونگڙن سميت، اچي ”ميائو ميائو“ ڪري هن جي پيرن ۾ پيئي. مقبول مستريءَ ٻليءَ کي ڏسي وٺي چرين وانگر رڙيون ڪيون، ۽ ڊوڙندي ڊوڙندي چوڻ لڳو: ”ٻلي ٻچا کڻي آئي! ٻلي ٻچا کڻي آئي!“ ۽ پوءِ، چرين وانگر ڊوڙي ڊوڙي، مورڇا ٿي ڪري پيو. انهيءَ حادثي کي پورا پندرهن سال ٿي چڪا آهن، پر مقبول مستري، اهو مڪو مست، اڃا به هر روز شام جو باهه لڳڻ وقت ڦٿڪندو، رڙيون ڪندو ۽ پيو ڊوڙندو آهي.“

(ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي شڪريي سان)

 

ڪرشن کٽواڻي

ماڌوري

سياري جا تارا روئي رهيا هئا. رات جي اوندهه ڌرتيءَ تي ائين ليٽيل هئي، ڄڻ ڪنهن ٻار ڪاريءَ مس جي ڪپڙي آڇي ڪاغذ تي اوتي هئي. سڄو شهر ستل هو. شهر جون وڏيون، اوچيون عمارتون، ڏينهن جي شادمانن ۽ هلچل کي وساري، اٻوجهه ۽ اڻڄاڻ انسانن جيان ڪنڌ جهڪايو، سيءَ ۾ کڙيون هيون. ڪٿي، ڪنهن بنگلي ۾، بجلي بتين هيٺيان، فرش تي، ٻه پير، نچندي، پازيبن کي وڄائي رهيا هئا: گديلن تي ويٺل، شراب ۾ مدهوش رانديڪا واه واه جو سر ملائي رهيا هئا..... ته ڪنهن ننڍي ڪمري ۾، بيماريءَ جو مبتلا ٻڍو سانت ۾ موت جو انتظار ڪري رهيو هو.

رات اڪيلي، اونداهي ۽ شانت هئي، جهڙي صرف تهه سياري ۾ ٿي سگهندي آهي. ميونسپالٽيءَ جي اوچي ٽاور ٺڪاءَ وڄائڻ شروع ڪيا، جي هوا جي لهرين تي ترندا، چو طرف ڦهلجي ويا. هڪ پٺيان ٻيو ٺڪاءَ ٿيو ٿي_ ڄڻ خود بيهي ويو هو، ۽ صرف دهل وڄائي رهيو هو. ماڌوري اهي ٺڪاءَ ڳڻي ڪانه رهي هئي_ ۽ جيڪڏهن ڳڻڻ جي ڪوشش به ڪري ها ته سندس ٿڪل دماغ اهي ڳڻي ڪونه سگهي ها. پر ٺڪائن جي يڪي سلسلي ۾ هن سمجهيو ته شايد رات جا ٻارهن وڳا آهن.

ماڌوريءَ جي بدن جو عضوو عضوو سور ۽ ٿڪ ۾ ڪڙهي رهيو هو. سندس ننڊ ساڻس لڪڇپ راند ڪري رهي هئي. هن ڪڏهين ڪنجهيو ٿي، ڪڏهين بيوسيءَ ۽ لاچاريءَ ۾ اٿي ٿي ويٺي، ۽ ڪڏهين اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هڻي، هٿ ڀر ۾ سمهيل ننڍي ٻار مٿان ٿي رکيائين. ٻار جي باهه جهڙي گرم بدن کي ڇهڻ سان ئي هوءَ ڏڪي ٿي ويئي. سندس پيٽ ۾ بک وڪڙ وجهي رهي هئي. مٿو، هيڻائيءَ ڪري، ڪن جيان گول ڦري رهيو هوس، ۽ سندس ڪمزور اکيون وٽڙي رهيون هيون. وار سندس اڻڀا ۽ مٽيءَ سان ڀريل، ڪپڙا ليڙون ليڙون، ۽ هنڌ سندس هڪ ڦاٽل گودڙي. وٽس هڪڙي ملڪيت هئي، سندس ننڍڙو ٻار، جو بخار ۾ بيهوش، سندس ڀر ۾ سمهيو پيو هو.

ماڌوري هڪ فقيرياڻي هئي. سياري جي سخت رات جو، شهر جي شاهي سراءِ جي فٽپاٿ تي هوءَ ليٽي پيئي هئي. ههڙي سيءَ تي ته هوءَ هري ويئي هئي، پر اڄ سندس من بيحد بيچين هو. سندس ننڍڙو ڏيڍ سال جو پٽ اڄ ٽن ڏينهن کان سخت بيمار هو. ماڌوري، سڄو ڏينهن هن کي ڇاتيءَ سان لڳائي، گهٽين ۾ گهمندي رهي هئي---- انهيءَ آسري ۾ ته شايد ڪو رستو کلي پوي. هڪڙو دفعو هوءَ همت رکي هڪڙيءَ اسپتال تي به پهتي هئي، پر ڪنهن اندر اچڻ ڪونه ڏنس.

ماڌوري اٿي ويٺي، ۽ ٻار کي پنهنجيءَ گود ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪيائين. ٻار جو بخار وڌي ويو هو. هن اڌوريءَ ننڊ جي حالت ۾، هوءِ ضعيف ٻار کي وڏو وزن محسوس ڪري رهي هئي. هن ٻار کي ڀر ۾ سمهاري ڇڏيو: ۽ ڊانواڊول من سان، بيوس بڻجي، وري ليٽي پيئي. بيچين ننڊ ۾، سندس سامهون ماضي سپني جيان ڦرڻ لڳو.

ماڌوريءَ تڏهين جوانيءَ ۾ پير پاتو هو: هن پنڻ ڪڏهين شروع ڪيو هو، سو کيس ياد نه هو، ڄڻ ايامن کان هوءَ پنندي آئي هئي. ماءُ، پيءُ، ڀاءُ ڀيڻ جي کيس ڪابه سمر تي ڪانه هئي. جڏهين کان هوءَ سانڀر ۾ آئي هئي، هن پاڻ کي اڪيلو پاتو هو_ ڌارين جي وچ ۾، لمبيءَ سڙڪ جي وسيع دنيا ۾، جنهن ۾ لکين انسان پنهنجن خيالن ۾ هلندا رهن ٿا، ۽ ٻين جي دک سور کان غافل، پنهنجي ئي پوڄا ڪندا، گهنڊ وڄائيندا وڃن ٿا.

هن جي زندگي ٻالڪپڻ کان ئي دک درد سان ٽمٽار رهي هئي ۽ جوانيءَ ۾ اچڻ سان سندس لاءِ ٻي مصيبت به آئي. جڏهين کيس ڌوندڙ ڇاتيءَ کي ڍڪڻ لاءِ پورو ڪپڙو ڪونه هوندو هو، ته سوين نگاهون، ڦاٽل ڪپڙي کي چيري،سندس ڪاري بدن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪنديون هيون. ڪڏهين ڪڏهين سندس جهول ۾ پئسي بدران آنو پوندو هو، ته هوءَ شڪجي ڏاتار ڏانهن نهاريندي هئي. ڏينهن جو رستن تي بيعزتي، رات جو فقيرن جي پاڙي جا دڙڪا ۽ منٿون. ٻه_ٽي دفعا ماڌوريءَ ائين به سوچيو هو ته هوءَ انهيءَ ئي رستي مٿان ڊوڙ پائي، ڪنهن طرف، تمام پري ڀڄي وڃي ۽ دنيا جي گوڙ شور ۾ گم ٿي وڃي. ڇا، هيڏيءَ وڏيءَ دنيا “ ڪوبه اهڙو ٽڪرو ڪو نه هو، جنهن ۾ هوءَ سک ڀري زندگي گذاري سگهي!

پر سندس من ۽ اڇا شڪتي به اهڙي ئي غريب هئي، جهڙو سندس بدن. نه هوءَ روئندي هئي، نه کلندي هئي، بس، دنيا تي عجب کائيندي، زندگيءَ جي هڪ هڪ ڏينهن کي ڪڙيءَ دوا جيان ڳيت ڏيئي پيئندي ويئي. هن ڪڙيءَ دوا کان ڪوبه ڇوٽڪارو ڪونه هو_ ڇاڪاڻ ته هوءِ ”بيمار“ ڄائي هئي، ۽ دائمي طرح ”بيمار“ رهڻي هئي.

فقيرن جي پاڙي جي ڀر وارن ميدان تي، پپر جي وڻ هيٺيان، هڪ نوجوان ساڌوءَ اچي ڌرڻو هنيو هو. هو ٻه چار سرون ميڙي آيو: هڪ ٻه پراڻي ڳوڻ، هڪ ٺڪر جو ڪنو ۽ لوهه جو چمٽو وٽس هئا. هو جوان هو، ۽ بدن جو جانٺو. نرڙ تي رک جو تلڪ ڏيئي، اکين ۾ ڪجل پائيندو هو. کيس ڪافي دان ملي ويندو هو، ۽ رات جو پيٽ ڀري کائي، باهه دکائي ڪجهه ڳائنيدو هو.

اهڙي وقت فقيرياڻيون پنڻ تان موٽي، پنهنجين جهوپڙين ڏانهن ورنديون هيون. ڪڏهين ڪڏهين هو ٻه منٽ بيهي ساڌوءَ سان چرچو مسخري به ڪنديون هيون. ساڌو بابا ڏاڍيون مٺيون ڳالهيون ڪندو هو، ۽ سندس ڏند ڏاڍا مضبوط ۽ سهڻا هئا. سندس ڪجل سان ڀريل اکيون ماڌوريءَ کي نه وڻنديون هيون، پر سندس اگهاڙو بدن ڏاڍو سڊول ۽ موهيندڙ هو.

اهو ڪيئن ٿيو، سو سڀ ماڌوريءَ کي ياد نه هو. پر هڪ رات ماڌوريءَ، الاجي ڪيئن ساڌو بابا سان ڀڄي نڪتي، هو شهر ۽ ڳوٺ گهمندا، رٽن ڪندا رهيا. ساڌو جدا بيک تي ويندو هو، ماڌوري جدا، ۽ رات جو کاڌو گڏجي کائيندا هئا. ماڌوري جا اهي ڏينهن ائين گذريا، ڄڻ هوءَ نشي ۾ هئي. دنيا جي دک ۽ درد کي ذري گهٽ ڀلجي ويئي هئي. سندس پيٽ ٻاهر نڪرڻ لڳو هو، ۽ اهو ساڌو بابا کي نه وڻندو هو. هو اڪثر ماڌوريءَ تي بگڙجندو رهندو هو، ۽ ڪڏهين ته مٿس مارڪٽ به ڪندو هو. ماڌوري، ساڌوءَ جي هن ڦيري تي عجب به کائيندي هئي، ۽ سندس هرڪا اڇا پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. هڪ رات جيئن هوءَ بيک ڪٺي ڪري جهوپڙيءَ ۾ واپس وري، ته جهوپڙيءَ ۾ هميشه موجب ساڌو ڪونه هو. عجب ته جهوپڙي مان سڀ ٽپڙ به گم هئا! ايتريقدر جو چانورن رڌڻ جو ٺڪر جو ڪنو، کاڌو کائڻ جي جست جي ٿالهي ۽ ٺڪر جو ڏيو به گم هو! اها سڄي رات ماڌوري ساڌوءَ جي واٽ نهاريندي رهي، ۽ ٻئي ڏينهن بيک پنڻ به ڪانه ويئي. پر ساڌو بابا جوهڪ دفعو دنيا جي گوڙ ۾ گم ٿيو، سو وري نه لڌو.

ماڌوري، اڪيلي، سڄو ڏينهن زندهه رهڻ خاطر پنندي هئي، ۽ جڏهين کيس نائون مهينو ٿيو ته هوءَ هڪ سرڪاري اسپتال ۾ ويئي، ۽ پنجن ڏينهن بعد هڪڙو ننڍڙو ٻار کڻي هميشه جي ڪرت کي لڳي ويئي.

ٻار جو روئڻ ٻڌي، ماڌوريءَ جي ياد جو سلسلو سپني جيان ٽٽي پيو. ٻار ايترو ته ضعيف هو جو هو روئي به نٿي سگهيو. سندس ”آئان آئان“ جو آواز اهڙوئي هو، جهڙو ماڌوري رستي تي پيل هڪ بيمار ڪتڙي جو ٻڌندي هئي. هوءَ اٿي ويٺي، ۽ اکيون مهٽي چوڌاريءَ نهاريائين. هوءَ اڪيلي ان سنسان ۽ ڊگهي فٽپاٿ تي ويٺي هئي. ٻيا فقير اڪثر ننڍين گهٽين ميدانن تي گروهه ٺاهي سمهندا هئا، پر ماڌوريءَ کي ٻين فقيرن مان ڊپ ٿيندو هو، ۽ هو اڪيلي ئي مکيه رستي جي فٽپاٿ تي سمهي پوندي هئي. هن جيئن وري اکيون مهٽيون سامهون نهاريو ته ڪنهن شخص کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺائين. جيئن هو ويجهو آيو ته ماڌوري سڃاتو ته چوڪيدار هو.

ماڌوريءَ کي ويٺل ڏسي، چوڪيدار اڳيان وڌي آيو. ٿلهو گرم اوور ڪوٽ، نيل لڳل بوٽ، هٿ ۾ ٿلهو، سندس قد کان به ڊگهو ڏنڊو. سندس عادت هئي ته هو پنهنجين وڏين مڇن کي هرهر پيو مروٽيندو هو. هينئر به هو مڇن کي وراڪا ڏيندو، ماڌوريءَ جي بنهه اڳيان اچي بيٺو.

ماڌوريءَ چوڪيدار کي سڃاڻي منهن ڦيري ڇڏيو، پر چوڪيدار فٽپاٿ کي عام ڌرمشالا ڄاڻي، ٻارجي ڀر ۾ ويهي، آرام سان آسپاس جو جائزو وٺڻ لڳو. ڪنهن خيال اچڻ سان، ٻار جي بدن تي هٿ رکي چيائين: ”اڙي، هن کي ته زبردست بخار آهي!“ فقيرياڻيءَ ڪوبه جواب نه ڏنو. هوءَ ڪيڏانهن دور نهاري رهي هئي.

چوڪيدار، پنهنجيون مڇون مروٽيندي، ڪڏهين رستي جي ٻنهي ڇيڙن ڏانهن نهاري رهيو هو ته ڪڏهين لالچي نگاهن سان فقيرياڻيءَ طرف ٿي نهاريائين. ٿوريءَ ٿوريءَ دير ۾، ڄڀ ٻاهر ڪڍي، مڇن کي آلو ٿي ڪيائين------ ڄڻ ته برف ٿي ويل ٿڌن چپن کي گرم ڪري رهيو هو. اوچتو هو ڄڻ ننڊ مان جاڳيو، ۽ ڊگهو ساهه کڻي چيائين: ”ويچارو ننڍڙو ٻار! ولهه پيئي واڪا ڪري، هي ته بک ۽ ٿڌ ۾ مري ويندو!“ ماڌوريءَ ڇرڪ ڀريو، ۽ سندس سڄو بدن ڏڪي ويو، پر هن پاڻ سنڀالي ورتو، ۽ منهن منهن ۾ وجهي ويٺي رهي.

چوڪيدار ڌيري ڌيري آواز کي وڌائيندي، ڄڻ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندو، چيو: ”اڄ ٽين رات آهي،مان روز هت اچيو ويهان، هر رات سيءُ وڌندو رهي ٿو. ذرا سوچ ته چوڪيدار جي دوستي هن فٽپاٿ تي رهندڙ لاءِ ڪيتري فائديمند ٿي سگهي ٿي. پر تون آهين، جا هٿ وٺي هن ننڍي ٻارڙي کي موت جي منهن ۾ اڇلي رهي آهين!“ بکارڻ هڪ نفرت ڀري نگاهه چوڪيدار طرف اڇلائي، ۽ هوا جي ٿڌن جهوٽن کان بچڻ لاءِ پنهنجي چادر کي ٺاهڻ لڳي.

چوڪيدار ڏنڊو پٽ تي رکيو. ”هو سامهون هوٽل وارو منهنجو دوست آهي. منهنجي چوڻ تي هو صبح جو هوٽل کلڻ سان توکي گرم چانهه جو ڪوپ ۽ ڊبلروٽي ڏيندو: هن ننڍي ٻار لاءِ توکي کير به ڏيندو. هن ننڍي ٻار کي ته کير جي سخت ضرورت آهي!“ ماڌوريءَ هڪ دفعو نگاهون مٿي ڪري چوڪيدار ڏانهن نهاريو، ۽ وري ڪنڌ جهڪائي ڇڏيائين.

چوڪيدار نشان کي خيال ۾ رکي، چوندو هليو: ”ههڙي سياري ۾ صبح جو سويل گرم چانهه جو ڪوپ امبرت سمان ٿيندو آهي. بدن ۾ نئين طاقت ۽ ڦڙتي اچي ويندي آهي. ۽ توکي ته هن ٻار جو پهرين خيال رکڻ گهرجي!........ مائرون ته ٻارن لاءِ جان قربان ڪنديون آهن، پر تون هڪ ننڍي قرباني به نٿي ڪرين!“

مڇ کي مروٽيندي، چوڪيدار وري چيو: ”مان سچ ٿو چوان، مان خراب انسان نه آهيان، پر تون ئي ٻڌاءِ ته ههڙي ٿڌ ۽ دل کي ڌڙڪائيندڙ تنهائي...... اهڙن موقعن تي سڀڪو ساٿي ڳوليندو آهي. سچ ٿو چوان ته منهنجو به ڏوهه ڪونهي......۽ .....۽------“ چوڪيدار آڪاش ڏانهن نهاريندي، چوندو هليو: ”منهنجي کيسي ۾، هي ڏس، رپيو آهي..... تون ان مان ٻار لاءِ کير وٺي سگهين ٿي، هن لاءِ دوا آڻي سگهين ٿي........ هي رپيو تنهنجي ٻار کي مرڻ کان بچائي وجهندو.“

ماڌوريءَ محسوس ڪيو ته هوا وڌيڪ ٿڌي ۽ تيز ٿيندي وڃي. هوءُ ڏڪڻ لڳي. هن جي دل ۾ آيو ته هوءَ اٿي ڊڪ پائي، وٺي ڀڄي: پر سندس پير ٺري، ڄمي، صفا نستا ٿي ويا هئا. هن پنهنجو پاڻ سنڀالڻ چاهيو: پر سندس سڀ حواس ڪم ڪرڻ کان جواب ڏيئي بيٺا. هوءَ ماڌوري نه هئي، بکارڻ نه هئي، انسان ئي نه هئي------- هوءَ هئي وڻ جو هڪ پن، جيڪو هوا ۾ لڏي رهيو هو.

چوڪيدار موقعو تاڻي رهيو هو. هو سرڪي آيو، ۽ فقيرياڻيءَ کي سهارو ڏيئي، پنهنجي ويجهو ڪري، اوورڪوٽ سان ڍڪي ڇڏيائين. ان وقت سندس منهن رک جهڙو ٿي ويو هو هوءَ ائين لڇڻ لڳي، جيئن مڇي پاڻيءَ بنا ٻاهر لڇندي آهي: ۽ کن پل بعد ئي، جيئن مڇي لڇي ۽ ڦٿڪي شانت ٿي ويندي آهي، تيئن ماڌوري به شانت ٿي ويئي.

ڪيتري دير گذري ويئي. تارن جي روشني ڌيمي پوڻ لڳي هئي، ۽ پون ۾ ڪا تازگي ۽ سرهاڻ اچڻ لڳي هئي. ٽاور زور سان ٻن جا ٺڪا هنيا. هڪ ننڍيءَ گهٽيءَ مان فقيرياڻي ڌڪا ۽ ٿاٻا کائيندي ٻاهر آئي، ۽ ڀتين جو آسرو وٺندي، ڌيري ڌيري اڳتي وڌي. سندس بدن کي ڄڻ ته ڪنهن ڪترا ڪري وري سبيو هو: سندس هر ڪو عضوو، هڪ ٻئي کان وڇڙي، دور ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هن ٿنڀي جي ٽيڪ وٺي، ڪجهه دير ساهي پٽي، ۽ پوءِ پنهنجي ٻار ڏانهن وڌي. هوءَ ٻار جي ويجهو وڃي بيٺي، ۽ ٻانهون ڦهلائي ٻار کي گود ۾ کنيائين. ٻار کي ڇاتيءَ سان لڳائي، هوءَ زور زور سان سندس ڳلن کي چمڻ لڳي. اوچتو هن وڏي چيخ ڪئي. ماڌوريءَ لاءِ ڌرتي ۽ آسمان ٻيئي ڄڻ لڏڻ لڳا.......ٻار ٿڌو، ڄڻ برف لڳو پيو هو! هو ماڌوريءَ جو ٻار نه رهيو هو، هو ڪجهه به نه هو.

ماڌوري روئڻ لڳي، هينئون ڦاڙي_ هڪ سڏڪي پٺيان ٻيو سڏڪو، هڪ دانهن مٿان ٻي دانهن. سندس سڄو بدن لرزي رهيو هو، ڄڻ ڪو جلاد سندس بدن ٿي ڦڙڪا هڻي رهيو هو.

هوءَ ڪيتري دير ائين روئندي رهي. ٻار کي ڀاڪر پائي، چمندي رهي..........۽ آخر سندس بدن ڍرو ٿيڻ لڳو، روئڻ جو آواز ڌيمو پوڻ لڳو........ آخر، ٻار سندس هٿن مان ڇڏائجي پٽ تي ڪري پيو، ۽ هوءَ ٻار مٿان پئجي رهي_

فقيرياڻي بيهوش هئي. سندس هٿ مان رپيو ڪري، گول چڪراپائي، ڪجهه پر ڀرو وڃي فٽپاٿ تي چمڪڻ لڳو. چوطرف بلڪل شانت هئي_ ڄڻ فقيرياڻي جي سموري پيڙا ناس ٿي ويئي هئي_ ڄڻ هوءَ به بنگلن ۾، سوڙن هيٺيان سمهيل انسانن جيان مٺي ننڊ ڪري رهي هئي. سڀ شانت هئي، سڀ آرامي هئا، صرف جاڳي رهيو هو__ ننڍڙو گول رپيو. 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com