سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1964ع

مضمون

صفحو :13

آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين!“

(شاهه)

مولانا عبدالڪريم چشتي

هيءُ وحشت اثر خبر، وڏي افسوس ۽ رنج سان ٻڌي ويندي ته سنڌ جو مشهور واعظ اسلام. ۽ سحرطراز اهل زبان، ”سحبان السند“ حضرت مولانا عبدالڪريم چشتي شڪارپوري، ڪافي عرصي جي علالت کان پوءِ 31_مارچ 64ع تي، شڪارپور۾، هن دارفانيءَ مان انتقال ڪري؛ سراي جاودانيءَ ڏانهن راهي ٿيو . انا لله وانا اليہ راجعون.

مولانا چشتي پنهنجي علمي ۽ فني حيثيت سان، هڪ مخلص قومي خادم، سحرالطراز واعظ، ۽ جادو بيان اهل قلم هو. سندس علمي ۽ ادبي زندگي سنڌ جي ماڻهن لاءِ عبرت جو داستان آهي.

مولانا هڪ غريب ۽ پسمانده خاندان ۾ پيدا ٿيو، پنهنجي ذاتي جوهر ۽ رياض سان، بلند شخصيتن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. جن سندس گوهر افشان زبان سان، تقرير ٻڌي  آهي: اهي اڄ سندس انداز بيان ۽ اسلوب تقرير لاءِ سڪي رهيا آهن. سنڌ کي مرحوم مولانا چشتيءَ جي طلاقت لساني تي ناز آهي.

مولانا چشتي، ساري عمر وطن عزيز جي آزاديءَ جي جنگ ۾، مجاهدانه پيش قدمي ڪندو رهيو، کيس قومي ۽ ملڪي حلقن ۾، عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.

مولانا جي سياسي زندگي، خلافت ۽ ڪانگريس جي تحريڪن مان پيدا ٿي. پاڻ آزاد وطن جي هلچل ۾، ڪيئي سال قيد فرنگ جون مشقتون به ڪاٽي چڪو هو.

 مولانا چشتي، خلافت تحريڪ ۾، سنڌ جي مجاهد اعظم، حضرت مولانا امروٽي جو مقلد رهيو. ان سلسلي ۾، علي برادران، اجمل خان، حڪيم نثار احمد انصاري، مهاتما گانڌي، ابوالڪلام آزاد پارن شهره آفاق سياسي ليڊرن سان گڏ ڪم ڪيائين، ۽ ساري هندستان ۾ انهن سان گڏجي دورا ڪيائين، سندس تقريرون دهليءَ، لکنو، ڪانپور، اجمير ۽ لاهور جي سياسي جلسن ۾ نهايت پسند ڪيون ويون.

سندس اسلامي تبليغ ۽ وعظ گوئيءَ جي شهرت سنڌ کان ٻاهر پنجاب، بلوچستان، يوپي ۽ سي پي، تائين پهتل هئي، اسلامي تقريبن، خاص طور ميلادالنبي ۽ واقع ڪربلا تي سندس بصيرت افروز خطاب، ولوله انگيز ۽ پرجوش رهندا هئا. سندس انداز بيان ۾ بي پناهه رواني، برجستگي،شستگي ۽ شائستگي هئي. پاڻ اسلامي تبليغ جي سلسلي ۾، به هندستان جي وڏن وڏن شهرن ۾، عطاء الله بخاري جهڙن جادوبيان مقررين جي موجودگيءَ ۾ نالو ڪڍيائين.

مولانا چشتي، هڪ صوفي الطبع شخص هو، ۽ ساري عمر هندو مسلم اتحاد لاءِ ڪم ڪيائين. سندس تقريرون ۽ تحريرون، اخبارون ۽ ايڊيٽوريل نوٽ، اڄ به سندس جودت طبع حب الوطني ۽ لساني خصوصيات لئي ساک ڀرين ٿيون.

مولانا چشتي، هڪ طرف هڪ عالم دين ۽ مبلغ اسلام جي حيثيت سان وڏو مقام حاصل ڪيو، ته ٻئي طرف، سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان جي خدمت جي سلسلي ۾ به ڪافي خدمت ڪيائين.

مولانا جي ادبي خدمتن، خاص طور سندس علمي ۽ ادبي جواهرن پارن، تقريري انداز ۽ تحريري اسلوب کي اڳيان رکي؛ سنڌ جي علمي ادبي حلقن کيس ”سحبان السند“ جي لقب سان نوازيو.

مولانا چشتي، سنڌ جو ڪامياب ۽ با اصول صحافي پڻ هو. سنڌ جي ڪيترين روازنه اخبارن جو ايڊيٽر ٿي رهيو. سندس ايڊيٽوريل نهايت سنجيده، پرڪشش، زوردار ۽ بصيرت افروز هوندا هئا. ملڪي معاملات جهڙن خشڪ ۽ ٿڪائيندڙ مسئلن تي به پنهنجي رنگين ۽ شيرين زبان سان، جادوءَ جهڙو رنگ چاڙهي ويندو هو. سندس عبارت، هميشه رنگين ۽ حسين هوندي هئي. سندس هرهڪ ايڊيٽوريل، زبان جي نقطه نگاهه سان، هڪ ادبي شهپارو هوندو هو. سندس قلم ادب ۽ سياست جو گويا جامع هو.

تصنيفات ۽ تاليفات جي سلسلي ۾، فارسي ۽ سنڌي، 54 ڪتاب لکيائين، سندس ڪتابن جو مواد تبليغي آهي، ڪابه مناظرانه ۽ دل آزار تحرير سندس قلم مان نه نڪتي.

مولانا چشتي، مشرباً چشتي طريقي جو پوئلڳ هو، ۽ سياسي طور هندو مسلم اتحاد جو حامي هو. کيس ملڪ جا سڀ خلافتي ۽ ڪانگريسي سياسي ليڊر، عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا.

مذهبي خيال کان، پاڻ ديوبندي مڪتب فڪر جو مقلد هو. ان سلسلي ۾ سندس تاليفات پڻ معرڪ آرا مباحث تي مشتمل آهي، ديوبندي نظريات ۽ افڪار جي مدلل تائيد ۽ تشريح سندس مشهور ڪتاب ”تلوار حق“ ۾ موجود آهي، مزو اهو آهي ته اهڙو مذهبي ۽ متنازع فيہ موضوع به انتها درجي جي سنجيده شيرين ۽ ادبي زبان ۾ لکائين، جنهن جي مطالع کان پوءِ اندازو ٿئي ٿو ته مولانا چشتيءَ جو قلم، هر موضوع تي ادييانه نڪته سنجين جو حامل هو.

مناظرانه ميدان ۾ به مولانا جا مباحثا، بريلوي خيالن وارن سان، توڙي شيعه حضرات سان پڇاڙيءَ تائين جاري رهيا، ان سلسلي ۾ مولانا چشتي جون مناظرانه تقريرون ، پڻ قابل داد آهن، سندس دقيقه گوئي ۽ بديهي مناظرانه گفتگو جو داد، سندس مخالف به دل کولي ڏيندا هئا.

اسان مرحوم مولانا جي وفات حسرت آيات کي سنڌ جي سياسي، علمي ۽ ادبي حلقن واسطي وڏو نقصان تصور ٿا ڪريون، ۽ اهڙو نقصان ٿا سمجهون، جنهن جي تلافي مشڪل آهي.

هن اندوهناڪ قضيي ۾ مرحوم جي عزيزن ۽ پسماندن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪندي، دست بدعا آهيون ته الله پاڪ شال مرحوم کي مرهي، ۽ کيس غريق رحمت ڪري ۽ سندس پسماندن کي صبر جميل جي توفيق عنايت فرمائي آمين

غ. م. گ

مولانا چشتي مرحوم جي مختصر سوانح حيات

شڪارپور جو مشهور قومي اڳواڻ مولانا محمد عبدالڪريم چشتي، سن 1898ع ۾ شهر شڪارپور ۾ ڄائو. ڇهن ورهين جي ڄمار ۾، خليفي حاجي عبدالغفور  وٽ قرآن شريف جي تعليم لاءِ ويٺو، 1906ع ۾ قرآن شريف جي تعليم پوري ڪري، 1910ع تائين سنڌي ۽ اردو تعليم وٺندو رهيو، جنهن کان پوءِ عربي ۽ فارسي ۾ مشغول ٿيو. 1918ع ۾ سيالڪوٽي نصاب ختم ڪيائين. مولانا مولوي غلام رسول صاحب چشتي صرف_نحوي ۽ ابتدائي مرحوم کيس طي ڪرايا؛ حضرت مولانا علامه عبدالرحمان صاحب ميمڻ، صدر معلم ”وڪٽوريا عربي اسڪول“ وٽ فقہ، اصول، حديث، تفسير، ادب ۽ منطق پڙهي ختم ڪيائين. 1917ع ۾ سندس والد صاحب هن جهان فانيءَ مان دارالبقا ڏانهن راهي ٿي ويو، پر مولانا صاحب هي صدمو سهي به پنهنجي تعليم کي لڳو رهيو. ان تعليم سان گڏ، مولانا چشتي صاحب، طب جو علم به حاصل ڪري ورتو.

ان بعد مولانا، پنهنجو طبابت جو دڪان کوليو، سن 1917ع ۾ ڊاڪٽر ايني ايبسنٽ جي ”انڊين هوم رول ليگ“ ۾ شامل ٿيو، ۽ ملڪ جي آزاديءَ واري ميدان ۾ قدم وڌايائين. جنهن کان پوءِ 1918ع جي آخر ۾، ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيو. ساڳئي وقت پنهنجي استاد مولانا عبدالرحمان عليہ رحمة سان مشوري ڪرڻ کان پوءِ ”انجمن مجاهدين اسلام“ برپا ڪيائين. جنهن جو مقصد هو ته ”اسلامي وڏن ڏينهن تي دين جي وڏن بزرگن جون حياتيون ٻڌايون وڃن.“ انهيءَ انجمن قريباً، ٻه ورهيه خوب خدمت ڪئي. 1919ع ۾ جيئن خلافت ڪاميٽي قائم ٿي ته مولانا صاحب ان جو ميمبر ٿيو، 1920ع ۾ مسلم ليگ جو ميمبر ٿيو. ”قطع تعلقات“ جي هلچل ۾ ٽي ڀيرا جيل ويو: پهريون ڀيرو فوجداري ڏوهه (بنا اجازت جلوس ڪڍڻ) ۾، جيڪب آباد مان مهينو جيل؛ ٻيو ڀيرو 144 قلم جي نافرمانيءَ سببان 4 مهينا ميهڙ مان جيل؛ ۽ ٽيون ڀيرو 108 قلم سان بغاوت جي ڏوهه هيٺ نصير آباد مان ٻارهن مهينا جيل جي سزا سٺائين.

مولانا صاحب ٽي ورهيه بنا ڪنهن پگهار جي، ڪانگريس ۽ خلافت جو سڄي سنڌ ۾ ڪم ڪيو. 1921ع مولانا ”مدرسه محموديه“ جو بنياد وڌو، جنهن کي پورا ڇهه ورهيه قائم رکيو آيو، ۽ جنهن جو ڪڏهين به ڪو معاوضو نه ورتائين. 1922ع جي ٻئي ڀيري واري جيل جي وقت ۾، مولانا جي پهرين گهرواريءَ ۽ سندس فرزند برڪات احمد رحلت ڪري ويا. مولانا صاحب وري ٻي شادي 1928ع ۾ ڪئي، ۽ وري ٽين شادي 1948ع ۾ ٻي گهرواريءَ جي رحلت ڪرڻ سبب ڪيائين. ان کان پوئين گهر مان ٻه ڌيئرون ۽ هڪ پٽ ڄائس.

1924ع ۾ مولانا صاحب شڪارپور جي مشهور ”انجمن اشاعت اسلام“ جو بنياد وڌو، ۽ پڇاڙيءَ تائين پوري جوش سان خدمت ڪندو رهيو. مولانا صاحب ڪيترو وقت، سموريءَ سنڌ ۾، سوراج، سوديشيءَ، ۽ هندو_مسلم، ايڪتا جو پرچار ڪندو رهيو. ”ڪامل آزادي“، سندس اصل متو هو. وطن سان بيحد محبت هيس. هڪ طرف کان هن جو ملڪي عشق عجيب هو، ته ٻئي طرف کان هي 1921ع کان وٺي، تبليغ، تجارت، ۽ اصلاح رسوم تي وعظ پيو ڪندو هو. خصوصاً 1924ع  کان وٺي تبليغ ۽ تنظيم ۾ مولانا ڏاڍو گهڻو ڪم ڪيو. 1927ع ۾ آرين جي مقابلي ۾، مولانا قلم ۽ زبان سان جيڪو عظيم جهاد ڪيو، سو هميشه ياد رهندو.

آگسٽ 1927ع ۾، مولانا مرحوم جيڪب آباد مان ”صداقت“ اخبار جاري ڪئي، جا پنجن مهينن کان پوءِ مسٽر ٽانوريءَ (ايڊيٽرالحنيف) جي حوالي ڪيائين. ”صداقت“، مولانا جي ايڊيٽريءَ وقت، ڏاڍي مشهور ۽ مقبول اخبار هئي. ان بعد مولانا مرحوم، 1929ع ۾ شڪارپور مان ”پيغام“ اخبار جاري ڪئي. مگر ڪم فرصتيءَ ۽ کوٽ سببان ڇهن مهينن کانپوءِ ”پيغام“ جي اشاعت باقاعدي جاري نه رهي سگهي.

1922ع ۾ مولانا صاحب حج تي ويو، سنڌ_خلافت ڪاميٽي جي وفد طرفان، اتي رهڻ واري وقت ۾، ”خدام الحجاج“ جو کيس پريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو، هن ويندي ايندي، حجاز ۾ ڪل 392 بيمار ماڻهن جي مفت دوا ڪئي. ۽ مديني پاڪ ۾ ”خلافت“ طرفان قريباً ويهه هزار روپيا، تقسيم ڪيا. مولانا جي عرب جي بادشاهه، گورنرن ۽ اتان جي عالمن، پيرن ۽ معزورن ڏاڍي مرحبا ڪئي. ۽ دعوتون ڪيون. ان بعد 1932ع ۾ ٻيو حج ڪيائون، وري 1933ع ۾ ٽيون حج ڪيائون. ۽ چوٿون حج 1944ع ۾ ڪيائون.

مولانا چشتي صاحب، پنجونجاهه کن عمدا ڪتاب تصنيف ڪيا آهن، جن مان ست فارسي ۾ لکيل آهن، ۽ باقي سنڌي ۾ لکيل آهن. اهي سڀ ڪتاب ڇپجي مقبول عام ٿي چڪا آهن. ڪي ڪتاب ته ٻه ٻه، چار چار، ايڊيشنون ڇپجي چڪا آهن. جهڙي طرح مولانا مرحوم مضمون نگاريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، تهڙيءَ طرح وعظ توڙي تقرير ۾ به لاثاني هو. اجمير، ملتان، خانپور، لاهور، دهلي، لکنو وغيره ۾، سندس تقريرون ڏاڍيون پسند پيون. مولانا، سنڌ مسلم ائسوسيئيشن جو ميمبر به هو. انهيءَ کان سواءِ ڪيترا سال ”سنڌ خدمت ڪاميٽي“ (ڪراچي) جو نائب صدر، ڪيترا سال جميعت العلماء سنڌ (ڪراچي) جو نائب ناظم، ۽ ڪيترا سال ”آزاد قومي پارٽي“ جو نائب ناظم ٿي رهيو هو. انهيءَ کان سواءِ ”پيغام“، هفتيوار اخبار شڪارپور؛ ”صداقت“ هفتيوار اخبار جيڪب آباد؛ ”حمهور“ هفتيوار اخبار، شڪارپور، ”الوحيد“ روزانه اخبار ڪراچي؛ ”آزاد“ روزانه اخبار ڪراچي؛ ”قرباني“ روزانه اخبار ڪراچي؛ ”مجاهد“، روزانه اخبار ڪراچي ۽ ”پاڪستان“ هفتيوار لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر ٿي رهيو هو.

سن 1950ع ۾ جيڪا يارهين ”سنڌي ادبي ڪانفرنس“، 9_ نومبر 1950ع ۾ منعقد ٿي هئي، تنهن ۾ بالاتفاق ”سحبان السنڌ“ جو خطاب، مولانا مرحوم صاحب جن کي عطا ڪيو ويو. ٽي سال شڪارپور، ميونسپل جو وائس پريزيڊنٽ ۽ چار مهينا پريزيڊنٽ پڻ ٿي رهيو هو. ۽ ٻارهن سالن کان ”جي . پي“ جو خطاب پڻ مليل هوس.

مولانا صاحب، مقامات مقدس جي زيارت لاءَ عراق، نجف اشرف، بغداد، ڪربلا معليٰ وغيره جو سفر به ڪري آيو هو.

پڇاڙي جي وقت ۾، مولانا مرحوم، ميونسپل ميمبر، جي. پي. شهر شڪارپور، نيوايريا هاءِ اسڪول جو چونڊيل صدر، ”مدرسه محموديه“ عربي جو صدر، ”جميعته علمائي اسلام“ شڪارپور جو صدر، ”انجمن اهل سنة“ شڪارپور جو صدر، ”انجمن اطباء“ شڪارپور جو نائب صدر، ۽ سنڌ جي مشهور جامع دينيه ”دارالهدى“ ٺيڙهي شريف جو نائب صدر رهيو.

مولانا مرحوم ڪل پنجونجاهه  ڪتاب لکيا. جن مان 48 سنڌي آهن، ۽ 7 فارسي آهن. مولانا صاحب جي ڇپايلن  ڪتابن ايتري ته مقبوليت حاصل ڪئي، جو ڪي ٽي ٽي، چار چار ۽ پنج ڇهه دفعا به ڪتاب ڇپيا رهيا! سڀني ڪتابن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي.

سنڌي: (1) هدايات محمدي، (2) انوارمحمدي، (3) حالات محمدي، (4) ڪمالات محمدي، (5) احسانات محمدي، (6) وصال محمدي، (7) حبيب خدا، (8) آئينه حق، (9) تلوار حق، (10) آفتاب حق، (11) صراط المستقيم، (12) برهان رباني، (13) حجت حقاني، (14) امهات المومنين، (15) شهيد ڪربلا، (16) قضيئه ڪربلا، (17) امام اعظم، (18) امام شافعي، (19) محبوب سبحاني، (20) امام رباني، (21)سلطان الهند،(22) بيان المعراج، (23) نورخدا، (24) جواهرات، (25) تعليم الاسلام، (26) مجاهد اسلام، (27) اولياء اسلام، (28) رهبر حج،(29) علامات قيامت،(30) اميرمعاويه، (31) تقديس الرسول، (32) پيغام محبت، (33) جواب لاجواب،(34) علمن جو انجام، (35) مجموعہ وظائف، (36) ڪتاب النڪاح، (37) هدايت المسلمين، (38) ميلادنبي، (39) باطل نبوي،(40) طاهرات، (41) قرآني دعائون، (_42) پيغمبري دعائون، (43) مجربات چشتيه، (44) پنج سوره مترجم، (45) شفاءُ الاسقام، (46) عبدالڪريم ۽ (48) معجزات محمدي.

فارسي: (1) قرب قيامت، (2) معامله باغ فدڪ،(3) القول المقبول، (4) القول الاظهر، (5) التلقين والهدايہ، (6) ڪشف الغطاء ۽ (7) رافع الحجب.

 

تبصرا

جادو ۽ سائنس (جلد پهريون ۽ ٻيو): مصنف سرجيمس جارج فريزر، سنڌيڪار سومار علي سومرو؛ صفحا، ٻئي جلد، پوڻا يارهن سو؛ قيمت__پهريون جلد 8 روپيا، ٻيو 2 روپيا؛ ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ؛ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال، 3_ سول لائينز، حيدرآباد سنڌ، ۽ سڀني شهرن جا وڏا بڪ اسٽال.

اڄوڪو دور انساني هنر ۽ سائنس جي معراج جو دور آهي. انساني عقل جي جادوءَ برن ۽ بحرن، پهاڙن ۽ بيابانن، فضائن ۽ خلائن کي مطيع ڪري ڇڏيو آهي. انسان بي انت ۽ هيبتناڪ خلائن جي چانئٺ ٽپي چڪو آهي. سندس فرمانبردار قاصد چنڊ کي سندس سلام پهچائي آيا آهن، ۽ ان جي ڪنواري ۽ اڻڇهيل جسم کي ڇهي آيا آهن. سندس لمبا ڪمند مريخ، زهره ۽ مشتريءَ کي اسير ڪرڻ لاءِ فضائن ۾ لهرائي رهيا آهن. سندس شوخ نگاهون فطرت جي سيني ۾ لکهان سالن کان لڪل رازن کي تيزيءَ سان بي نقاب ڪري رهيون آهن. اڄ هيءَ ڌرتيءَ ۽ هيءَ محدود فضا، حضرت انسان جي عقل ۽ دماغ جي شوخ ۽ تند گهوڙن جي جولانين جي تاب جهلڻ کان عاجز آهن، ليڪن انسان جي سمجهه هميشه اهڙي اعليٰ نه هئي. سندس نگاهون سدائين اهڙيون بيخوف ۽ بيباڪ نه هيون. سندس عقل اصل کان اهڙو فاتح ۽ ڪامران نه هو. انسان نسل ٻالپڻ جي بيسمجهئي، هيڻائيءَ ۽ بيوسيءَ جي هڪ اهڙي هزارها سال لمبي، اونداهي ۽ ڀوائتي دور مان لنگهيو آهي، جڏهن فطرت جي هر ڳالهه هن جي ڪمزور سمجهه لاءِ هڪ زبردست ۽ ڊيڄاريندڙ اسرار هئي. ٻوٽن جو اسرڻ ۽ مرجهائجڻ، ڏينهن ۽ راتين جا ڦيرا، موسمن جا گول چڪر، ويرن جو لهڻ ۽ چڙهڻ ۽ سج، چنڊ، تارا، اونداهيون ۽ روشنيون جهنگل ۽ بيابان_ هر شي، هر واقعو، هر منظر، هن لاءِ نامعلوم، پراسرار ۽ هيبتناڪ هو. رات ختم ٿيندي يا نه؟ سج وري اڀرندو يا نه؟ ڪوماڻل ٻوٽو وري سائو ٿيندو يا نه؟ سڪل ندي وري وهندي يا نه؟ سج گرهڻ کان پوءِ سج بلڪل مري ويو يا وري جيئرو ٿيندو؟ اهي، ۽ يا هزارين سوال، انديشا، فڪر ۽ ڳڻتيون، هن جي ڪمزور دماغ کي حيران ۽ پريشان ڪندا رهندا هئا. نفسيات جي عالمن جو چوڻ آهي، ته وڏن جي فطرت ۽ هلت چلت جو راز معلوم ڪرڻو هجي ته سندن ٻالپڻ جي دور جو احوال معلوم ڪجي. ساڳيءَ طرح، جيڪڏهن انسانن جي اصل حقيقت معلوم ڪرڻي آهي ته سندن اوائلي، ٻالپڻ واري دور جي زندگيءَ، سندن ننڍپڻ  جي آزمائش، تجربن، وهمن ۽ وسوسن، عقيدن ۽ رسمن جو مطالعو  ڪرڻ لازمي آهي. ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو شايع ڪيل ڪتاب ”جادو ۽ سائنس“ انسان جي ان دور جي زندگيءَ جو آئينو آهي، جڏهن هو ذهني ۽ عقلي طرح اڃا هڪ ابهم  ٻار مثل هو.

هيءُ ڪتاب مشهور انگريز عالم سرجيمس فريزر جي جڳ_مشهور علمي شاهڪار، Golden Boug جو سنڌي ترجمو آهي. ”جادو ۽ سائنس“ انهن عجيب غريب وهمن ۽ خونريز رسمن جو لڱ ڪانڊاريندڙ داستان آهي، جن ۾ صدين تائين انسان جا سوين نسل اڳ جا ابا ڏاڏا، مبتلا ۽ گرفتار هئا. هن ڪتاب جي پڙهڻ مان اسان کي اوائلي انسانن جي قابل رحم اڻڄاڻاين ۽ دردناڪ بيوسين جو حيرت انگيز احوال ملي ٿو. مثال طور معلوم ٿو ٿئي ته اوائلي دور ۾ ماڻهن  کي ايتري به خاطري ڪانه هئي ته سج هڪ دفعي الهڻ کان پوءِ وري به اڀرندو يا مرڳو گم ٿي ويندو ۽ سدائين رات ئي رات هلندي! انهيءَ لاءِ سندن ڏاها ۽ دانا، جن کي قدرت جي اسرارن جو واقف سمجهيو ويندو هو، سي ڏاڍيءَ صدق دليءَ ۽ عقيدت سان، ساز وڄائي دعائون پڙهي، سج کي ريجهائيندا هئا، ۽ کيس ايلاز ڪندا هئا ته تون اڄ وري به اڀر. پوءِ جڏهن سج اڀرندو هو ته ماڻهو ائين سمجهندا هئا ته هو انهن ڏاهن جي ڦيڻن جي برڪت ڪري اڀريو آهي، نه ته جيڪر هميشه لاءَ گم ٿي وڃي ها. جڏهن سج گرهڻ ٿيندي هئي ته سڀ ماڻهو، پنهنجن انهن روحانيءَ مرشدن ۽ ولين جي هدايت موجب، آسمان تي تيرن ۽ ڀالن جا وسڪارا لائي ڏيندا هئا، ۽ سندن مرشد ولي وري زور شور سان دعائون پڙهندا هئا ۽ ذڪر ڪندا هئا ته جيئن انهن نيزن ۽ ڀالن جي ڊپ ۽ انهن دعائن ۽ درودن جي برڪت سان سج تي حملو ڪندڙ آسماني راڪاس دفع ٿي وڃن، ۽ ويچاري سج جي جان بچي پوي! جڏهين بهار جي موسم ختم ٿيندي هئي ۽ ٻوٽن ۽ وڻن جا پن ڇڻي ويندا هئا، سرسبز ميدان ۽ جهنگل سنسان ۽ اداس ٿي ويندا هئا، تڏهين اسان جا قديم ابا ڏاڏا سمجهندا هئا ته ڌرتيءَ تي موت نازل ٿيو آهي. کين ڳڻتيون ۽ فڪر ويڙهي ويندا هئا ته هاڻي گاهه ۽ ٻوٽا هميشه لاءِ ختم ٿي ويا، جانور ۽ ماڻهو بکن وگهي مري ويندا. پوءِ سندن اوليا ۽ ڪرامت جا ڌڻي، کين گڏ ڪري، ”موت“ کي مارڻ لاءِ ڦيڻا وغيره پڙهندا هئا، ۽ ”مثل ڌرتيءَ“ کي وري جيئارڻ لاءِ ساٺ سوڻ ڪندا هئا، انهيءَ مان ڪي ساٺ سوڻ ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اڃاتائين هلندا اچن. اهڙيءَ طرح، جڏهين سياري جون سرد هوائون لڳنديون هيون، پارو ۽ ڳڙا وسندا هئا، تڏهن پراڻي زماني جا انسان سمجهندا هئا ته جيڪڏهين ان سياري ختم ڪرڻ لاءِ ڪو بلو نه ٿيو ته اهو مردار هميشه لاءِ ملڪ تي ديرو ڄمايو ويٺو هوندو. بس، پوءِ ته سندن اڳواڻ سياري تي پنهنجي جادوءَ جا حملا شروع ڪري ڇڏيندا هئا. خاص رسمون ادا ڪيون وينديون هيون. دهلن ۽ باجن جي تيزتال تي ناچ ڪري، ماڻهو سياري ٿي لعنت ۽ ملامت ڪندا هئا، ۽ سندس جنازا ڪڍي، سندس موت جو سانگ رچائيندا هئا. سندس دشمنن يعني بهار ۽ اونهاري جي ساراهه جا ڳيت ڳائي، کين اچڻ جون دعوتون ڏيندا هئا. هو اونهاري ۽ سياري جي ويڙهه جو سانگ رچائيندا هئا. پاڻ اونهاري جو پاسو وٺندا هئا، ۽ کيس همت ڏياري، سندس هٿان سياري کي شڪست ڏياري مارائيندا هئا. بهار ختم ٿيڻ تي، ان جي موت جو ايڏي سوز سان ماتم ملهايو ويندو هو جو سندن مرثيا پڙهي، پٿر کان پٿر دل انسان  جي دل به پاڻي ٿي پوندي هئي. بابل جي قديم مذهبي دعائن جو حوالو ڏيئي، سرجميس فريزر لکي ٿو ته بهار جي موت تي مرد ۽ زالون بنسرين جي سنهي ۽ تيز آواز تي ماتم ڪندا هئا. سندس مجسمي کي پاڪ پاڻيءَ سان غسل ڏيئي، سندس جسم کي سرخ رنگ جو خوبصورت جبي ۾ ڍڪيو ويندو هو. هر طرف کان تيز ۽ خوشبودار ڌوپ جو واس، هوا ۾ ملي، مثل وليءَ جي ستل حواسن کي بيدار ڪرڻ ۽ کيس موت جي اگهور ننڊ مان جاڳائڻ جو ڪم ڪندو هو. سندن مرثين ۾ اسان کي انهن ڳائيندڙن جو سريلو آواز ۽ بنسرين جو ماتمي سر ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. هڪڙي مرثيي جو نالو آهي ”بنسرين جا بهار لاءِ ورلاپ“ جو هن ريت آهي:

”بهار جي غائب ٿيڻ تي، هوءَ وڏي واڪي پار ڪڍي ٿي: ”منهنجا پٽڙا!“

هن جي غائب ٿيڻ تي هوءَ پار ڪڍي ٿي: ”منهنجا دلبر! منهنجا ولي!“

سندس پار انهيءَ ٻوٽي لاءِ آهن، جيڪو پنهنجيءَ ٻاري ۾ نٿو وڌي.....

هڪ ماندي عورت، هڪ ماندو ٿڪل ٻار، ان نديءَ لاءِ پار ٿا ڪڍن، جنهن جي ڪناري تي ڪوبه سلو نٿو اڀري. هو ان ڍنڍ لاءِ پار ٿا ڪڍن، جنهن ۾ مڇيون نٿيون اچن. هو ڪانن جي انهيءَ ٻوڙي لاءِ پار ٿا ڪڍن، جنهن ۾ سنگ نٿا اڀرن....“ ٻئي هڪ مرثيي جا درد ناڪ لفظ ٻڌو:

”اي بهار! تون ائين وئين، ڄڻ تون اهو ٻوٽو هئينءَ، جنهن کي باغ ۾ پاڻي ڪونه مليو. اهو بيد هئينءَ، جو ڪسيءَ جي ڪنڌيءَ تي ملول بيٺو هو. اها گلاب جي ول هئينءَ، جنهن جون پاڙون پٽيون وييون. اها ٻوٽي هئينءَ، جنهن  چشمي جو پاڻي ڪونه پيتو.....“

هي ورلاپ انهن بيوس ۽ مجبور انسانن جا هئا، جن لاءِ فطرت سراسر راز ۽ اسرار هئي؛ جن کي خبر نه هئي ته بهار ۽ اونهارو هڪٻئي پٺيان ايندا رهندا آهن، ۽ ايندا رهندا. هنن کي فطرت جي انهن اٽل قانون جي خبر ڪانه هئي، جي کانئن پوءِ ايندڙ انسانن کي هزارها سالن جي تجربي کان پوءِ خاطريءَ سان معلوم ٿيا، جنهنڪري هوسياري جي خوف ۽ بهار کي منٿون ڪري آڻڻ جي ضرورت کان بي نياز ٿي ويا. هو پنهنجن سردارن ۽ بادشاهن کي مذهبي اڳواڻ ۽ قدرتي قوتن جو مالڪ ڪري ليکيندا هئا. سندن عقيدو هو ته اهي بادشاهه ئي کين ڀلا فصل، کير_پُٽ وڻندڙ موسمون ۽ ٻيون ڪيتريون برڪتون ۽ نعمتون ڏيئي سگهن ٿا. هو سمجهندا هئا ته هڪڙي سردار جي مرڻ کان پوءِ ان جي روح ۽ ان جون روحاني قوتون وري ان جي جاءِ وٺڻ واري بادشاهه ۾ اچي ٿيون واسو ڪن، تنهنڪري اهي شاهي اولياء سندن جانين ۽ مالن جا مالڪ هئا. هو سندن اشارن تي زندگيون قربان ڪري ڇڏيندا هئا. اوهين ڀانئيندا ته پوءِ انهن ديوتا_بادشاهن کي ڏاڍيون موجون هونديون! اوهان جو خيال بلڪل صحيح آهي. پر ٿورو ترسو! اسان جا قديم وڏا سوچيندا هئا ته جيڪڏهين ڪو ديوتا_بادشاهه بيمار ٿي مئو ته پٺيان جيڪو روح پنهنجي گاديءَ نشين کي ورثي ۾ ڏيئي ويندو، سو هوندو ئي بيمار ۽ مرڻينگ ته پوءِ ڀلا هيڏا قدرتي ڪارخانا ڪير هلائيندو: مينهن وسائڻ، فصل ڀلا ڪرڻ، مال ۾ برڪت وجهڻ، سياري کي ماري، بهار کي جيئارڻ جهڙا زبردست ۽ نازڪ ڪم ڪيئن ڪري سگهندو؟ تنهنڪري ڇو نه اهو روح چڱڀلائيءَ ۽ تندرستيءَ جي حالت ۾ ئي هڪڙي ديوتا مان ڪڍي ٻئي ۾ وجهي ڇڏجي! انهيءَ ڪري، جڏهين ڪو سندن سردار ۽ بادشاهه ٿورو عمر ۾ چڙهڻ جا آثار ڏيکاريندو يا تپ تاءُ ۾ ڪرندو هو ته هڪدم کيس ماري ڇڏيندا هئا ته ڀلي سندس روح مضبوط حالت ۾ نئين گادي نشين ۾ پئجي  وڃي. سرجيمس لکي ٿو ته: ڪموڊيا ۾ ”باهه“ ۽ ”پاڻيءَ“ جي بادشاهن مان ڪو بيمار ٿي پوندو هو ته کيس خنجر هڻي ماري ڇڏيندا هئا. ڪانگو جي ماڻهن جو اعتقاد هوندو هو ته جيڪڏهين سندن سردار_”چتومي“ قدرتي موت مري ويو ته سڄي دنيا فنا ٿي ويندي ۽ هيءَ ڌرتي، جنهن کي هوئي پنهنجيءَ طاقت ۽ زور سان جهليو ويٺو آهي، سا پرزا پرزا ٿي ويندو. ان ڪري، جڏهين هو بيمار ٿيندو هو، تڏهن سندس جاءِ نشين کيس ڏنڊا هڻي يا گهٽا ڏيئي ماري ڇڏيو ٿي. شلڪ  قبيلي وارا پنهنجي بادشاهه کي قدرتي طرح مرڻ نه ڏيندا آهن ته متان سندن مرڻ ڪري فصل سڪي سڙي وڃن، ۽ ماڻهو چٽ ٿي وڃن؛ تنهنڪري بادشاهه کي ٿورو به بيماريءَ جو واءُ لڳو، ته سندس قبيلي وارا، وڏا ڌام  ڌوم سان مذهبي مجلس ڪوٺائي، کيس ڪهي ڇڏيندا هئا. ڊانڪا قبيلي وارن وٽ پنهنجا مينهن وسائڻ ديوتا  آهن، جيڪي غيبي طاقت سان مينهن وسائيندڙ سمهجيا ويندا آهن. قبيلي وارا چوندا آهن، ته جي اهو ديوتا پاڻيهي مري ويندو ته ماڻهو ڏڪار ۽ بيمارين سبب مکين وانگر مري ويندا، چوپايو مال ڦر ڏيڻ بند ڪندو، ۽ اناج ٻنين ۾ بيٺي بيٺي سڙي ويندو! ان ڪري،  جڏهن به ڪو مينهن وسائيندڙ اولياءُ پاڻ ۾ ٻڍاپي ۽ ڪمزوريءَ جون علامتون محسوس ڪندو آهي، تڌهين هو پاڻيهي پنهنجي اولاد کي چوندو آهي ته آءٌ مرڻ ٿو چاهيان. پوءِ هڪ وڏي قبر کوٽي ويندي آهي، جنهن ۾ مينهن وسائيندڙ ديوتا ليٽي پوندو آهي، دوست ۽ مٽ مائٽ ڀرسان بيهندا اٿس. پوءِ هو کين نيصيحتون ڪندو آهي. وعظ ختم ٿيڻ کان پوءِ هو پاڻ کي جيئري دفن ڪرائي ڇڏيندو آهي. جهاگا قوم وارا پنهنجي بادشاهن کي ڦاهو ڏيندا هئا، ته جوڪو قوم وارا پنهنجي بيمار بادشاهه کي ڀالن سان ماريندا هئا. سرجيمس يورپ، عربستان، روس ۽ ٻين ملڪن ۾ انهن رسمن جا ڪيترائي مثال ڏنا آهن.

ديوتا جي روح کي مضبوط رکڻ لاءِ انهيءَ هيبتناڪ بين الاقوامي چٽا ڀيٽيءَ ۾ گوءِ وري هندستان کڻي ٿي ويو، هڪ قديم پورچوگيز سياح لکي ٿو ته ”آءٌ جنهن شهر ۾ آيو آهيان، تنهن ۾ بادشاهي ٻارهن سال هلندي آهي. جڏهن اهي ٻارهن سال پورا ٿيندا آهن، تڏهن هڪ ميلو لڳندو آهي. انهيءَ ميلي تي بيشمار ماڻهو ڪٺا ٿيندا آهن، بادشاهه پنهنجي لاءِ ڪاٺيءَ جو هڪ اوچو صندل ٺهرائيندو آهي، جنهن جي چئني طرفن کان ريشمي ۽ رنگ برنگ پڙدا لٽڪايا ويندا آهن. ان ڏينهن هو مندر جي پاڪ حوض ۾ وڏن ساٺن سوڻن ۽ دهلن باجن سان غسل ڪري، وڏي بت جي پوڄا پاٽ ڪندو آهي. پوءِ هو انهيءَ صندل تي چڙهي، سڀني جي روبرو، تيز چاقن سان، پهريائين پنهنجو نڪ، پوءِ ڪن، پوءِ چپ، ۽ پوءِ ٻيا عضوا وڍي، تيزيءَ سان اڇلائيندو آهي. ان کان پوءِ بدن تان گوشت جا ٽڪر وڍي اڇلائيندو آهي. آخر پنهنجو گلو ڪٽي ڇڏيندو آهي. ان بعد ماڻهو سندس جانشين کي ڪلهن تي کڻي، شان مان سان بادشاهي تخت تي ويهاريندا آهن.“

”جادو ۽ سائنس“ انسان جي اوائلي دور جي زندگيءَ جي هڪ دردناڪ تاريخ آهي، جا اسان کي سوچڻ تي مجبور ٿي ڪري ته ڇا، اڄ هن سڌريل زماني ۾ به اسين انهن خطرناڪ وهمن جي پنجوڙ مان پوريءَ طرح ڇوٽڪارو پائي سگهيا آهيون؟ ائين ته ناهي ته هزارها سالن ۾ انسان انهن وهمن ۽ وسوسن جي اونداهن غارن ۾ جيڪي دردناڪ عذاب سٺا آهن، سي سڀ رائگان ويا ۽ اسين اتي جو اتي بيٺا آهيون!

سنڌي ادبي بورڊ ههڙو علمي شاهڪار سنڌيءَ ۾ پيش ڪري، سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. مسٽر سومار علي سومري ترجمي تي ڪافي محنت ڪئي آهي، پر جملن جون بندشون ۽ ترڪيبون اڃا به اوپريون پيون لڳن. اميد ته ٻئي ڇاپي ۾ نظرثانيءَ تي توجهه ڪيو ويندو.

ڪتاب جي ڇپائي ۽ گيٽ اپ عمدو آهي. رکيل قيمت، هن پايي جي علمي ڪتاب واسطي گهڻي ڪانهي.

گرمس جون آکاڻيون (جلد پهريون):

سنڌيڪار مرحوم خانصاب مريد علي خان، وائس پرنسپال سنڌ مدرسو، ڪراچي؛ صفحا سوا سؤ، ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ؛ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال، 3_سول لائنس، حيدرآباد، ۽ سنڌ جا سڀئي وڏا بڪ اسٽال.

چوندا آهن ته ”ننڍڙو ٻار، مڇ جو وار.“ دنيا جي ترقيءَ يافته ملڪن ۾ ٻارن جي دلچسپيءَ ۽ اخلاقي تربيت واسطي، سندن سمجهه آهر، آکاڻين جا ڪتاب ۽ رسالا ڇاپيا وڃن ٿا. سنڌ ۾ به ڪجهه وقت کان ٻارن جي ادب تي ڪافي توجهه ڏنو پيو وڃي. تازو سنڌي ادبي بورڊ ”گرمس جون مشهور آکاڻيون“ سنڌي ۾ ترجمو ڪرائي ڇاپيون آهن. هي آکاڻيون مختصر، دلچسپ، ۽ ٻارن جي طبعيت وٽان آهن. انهن جي ٻولي ڏاڍي مزيدار ۽ سوادي آهي، ڄڻ ته اصلوڪيون سنڌي آکاڻيون آهن.

مثال طور، هڪڙي آکاڻي آهي پهلوان درزيءَ جي. هن اتفاق سان ڪي ست مکيون ماري وڌيون. پوءِ ته مڙس کي پنهنجي پهلوانيءَ جي پڪ ٿي ويئي. دنيا کي پنهنجي بهادريءَ ڏيکارڻ لاءِ روانو ٿيو. واٽ تي هڪ ديو گڏيس، جنهن کي ٺڳي، اهڙو منجهائي وڌائين، جو هن ڀانيو ته هي مون کان به ڪا وڏي آفت آهي. هاڻي آکاڻي جا ڪي ٽڪرا ٻڌو:

”پنهنجو هي ڪارنامو ڏسي، درزي ڦونڊ ۾ ڀرجي ويو، ۽ وڏي واڪي پاڻ کي چيائين، ”ير، تون ته ڪو اچرج جهڙو بهادر مڙس آهي! تنهنجي هن بهادريءَ جي هاڪ ته ملڪان ملڪ مشهور ٿيڻ گهرجي“!“

”هاڻ هي همراهه هڪ بانڪي جوان وانگر، آسمان سان چوٽي گسائيندو، اڳتي وڌيو. جڏهن جبل جي چوٽيءَ وٽ پهتو، تڏهين ڏٺائين ته سامهون هڪ ٿلهو متارو ڀيانڪ ديو ويٺو مزي سان هيڏانهن هوڏانهن نهاري. درزي دل جهلي، وڌي ديو وٽ ويو، ۽ گهڻيءَ چستائيءَ سان سلام ڪري چيائينس: ”اڙي يار، تون اتي ويٺو هيڏي ساريءَ دنيا کي ڏسڻ لاءِ سڪين! خبر اٿئي آءٌ اوڏانهن پيو وڃان. هلين ته صلاح اٿئي.“ ديو هڪ پٿر کڻي، وٺي زور سان مٿي اڇلايو. سو ايترو مٿي اڇلايو جو ذري گهٽ نظر کان غائب ٿي ويو. پوءِ درزيءَ کي چيائين، ”کٿل ڄامڙا، هيئن ته ڪري ڏيکار!“ درزيءَ ڇيو ته ”تو برابر گهڻو مٿي ڦٽو ڪيو، پر آخر وري به اچي زمين تي ڪريو نه! آءٌ اهڙي زور سا اڇلائي ٿو ڏيکاريانءِ، جو وري زمين تي موٽندوئي ڪونه“، ائين چئي، هن کيسي مان پکي ڪڍي، زور سان مٿي هوا ۾ کڻي ڦٽو ڪيو، پکيءَ جي جند ڇٽي، سو اهڙو ته اکڇنڀ ۾ وٺي اڏاڻو جو وري موٽيوئي ڪونه. تنهن تي ديو کي چيائين، ”هاڻي ڇا ٿو ڀانئين، اسين به ڪجهه آهيون يا نه“؟“

”گرمس جون آکاڻيون“ ٻاراڻي ادب ۾ هڪ سهڻو اضافو آهي، ۽ ترجمي ڪندڙ ترجمي جو پورو حق ادا ڪيو آهي.

 باکون. ٻارن جو هيءُ رسالو، ”باکون“، حيدرآباد جي ”اداره آواز ادب“ شايع ڪيو آهي. نوجوان اديب، جمال رند، هن سهڻي رسالي جو ايڊيٽر آهي. منهنجي اڳيان جيڪو پرچو آهي، تنهن ۾ تنوير عباسي، نياز همايوني، ابن حيات پنهور، ۽ ٻين وڏن ۽ ننڍن اديبن جون وڻندڙ آکاڻيون، نقل ۽ معلوماتي مضمون آهن. اميد ته ”باکون“ پڙهي، ٻارن جي دماغن ۾ سمجهه ۽ ڄاڻ جون نيون باکون ڦٽنديون.

”اداره آواز ادب“ هن قسم جو دلچسپ رسلو ڇاپي، اسان جي اسرندڙ نسل جي وڏي ضرورت پوري ڪئي آهي.

-رسول بخش پليجو

***

سماهي ”مهراڻ“ رسالو: ڇپائيدڙ سنڌي ادبي بورڊ، صفحا 280، قميت 3 روپيا، ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊَ جو بڪ اسٽال، 3 سيول لائين حيدرآباد، ۽ سڀني شهرن جا وڏا بڪ اسٽال.

سنڌي ادبي بورڊ جي سماهي رسالي ”مهراڻ“ جو، 1963ع جي 3۽ 4 نمبرن جو گڏيل پرچو تازو شايع ٿيو آهي. سنڌي علم، ادب سان دلچسپيءَ رکندڙ هن رسالي جو گهڻو انتظار ڪڍندا آهن. هن پرچي ۾ هڪ هنڌ ٽئگور جو هڪڙو شعر ڏنل آهي، جنهن ۾ شاعر چوي ٿو ته: ”منهنجن گيتن ۾ گرمين بعد آيل پهرين وسڪاري واري خوشبو سمايل آهي:“

”مهراڻ“ جي شايع ٿيڻ سان به ”مهراڻ“ جي شائقين کي اهڙيءَ خوشي محسوس ٿيندي آهي. ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي ڪم ڪندڙن ”مهراڻ“ رسالي جو شروع کان جيڪو معيار قائم رکيو آهي ۽ سٺي مواد سان گڏ سهڻي ڇپائيءَ جي جيڪا روايت  قائم رکندا اچن، سا سچ پچ تحسين جوڳي ڳالهه آهي، ۽ سنڌي زبان ۽ ادب جو روشن مستقبل جو ڏس ڏيئي ٿي. هجڻ ته ائين کپي جو بورڊ جا باني ڪار ٿوري وڌيڪ تڪليف وٺي، هن رسالي کي پوري وقت تي ڇاپين ۽ سال ۾ برابر چار شايع ڪن. بهر حال، هي پڻ غنيمت آهي هميشه وانگر، هن دفعي به ”مهراڻ“ رسالي پنهنجي روائتي حسن کي برقرار رکيو آهي، ۽ لڳ ڀڳ 300 صفحن جي هن شاهڪار ۾ سنڌي نظم ۽ نثر جا گونا گون مضمون پيش ٿيل آهن.

شروع شروع ۾، ضميمي طور، ائٽمي تجربن تي جزوي بندش جي معاهدي جو مختصر  تعارف ۽ معاهدي جو متن ڏنل آهي. سيد ميران محمد شاهه (مرحوم) جون ٻه تصويرون هڪ سندس اڪيلي پنهنجي ۽ ٻي تازو بورڊ جي اعزازي سيڪريٽريءَ جي عهدي جي چارج ڇڏڻ بعد، بورڊ جي آفيس ۾ نئين اعزازي سيڪريٽريءَ ۽ ٻئي عملي سان گڏ ڪڍايل گروپ فوٽو، ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن وٽ هميشه يادگار رهنديون.

ايڊيٽر جي ”گذارش“ ۾، ”ادب ۽ اديب“ جي عنوان سان، ادب ۽ زندگيءَ جي رشتي ۽ اديب جي سماجي حيثيت تي کلي دل سان بحث ٿيل آهي، ۽ ”ادب براي ادب“ ۽ ”ادب براي زندگي“ جهڙن مکيه مسئلن تي روشني وڌي ويئي آهي. مختصر طور، ائين چئي سگهجي ٿو ته مهربان مدير سنڌي ادبين کي، طبقاتي نمائندگيءَ جي مدنظر، زندگيءَ جي جدوجهد ۾ مددگار ادب پيدا ڪرڻ ۽ پنهنجي غزل، پنهنجي افساني، پنهنجي ڊرامي ۽ پنهنجي ناول ۾ اها حقيقت پيش ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي، جيڪا حقيقت زوال آشنا قوم ۾ زندگيءَ جو احساس پيدا ڪري سگهي. ان ”گذارش“ ۾ عالمي برادريءَ سان تعلق رکندڙ ۽ تازو فوت ٿيل انهن ٽن عظيم انسانن جي حياتيءَ ۽ سندن ڪارگذارين تي پڻ مختصر نوٽ لکيل آهن. جي تاريخ ۾ علامه مشرقي، جان ڪينيڊي ۽ ائڊولس هگزلي جي نالن سان ياد رهندا. ان ”گذارش“ جي سلسلي ۾، مان رڳو ايترو عرض ڪندس ته ادب سان تعلق رکندڙ مسئلن کي جيڪڏهن وڌيڪ سولائيءَ ۽ چٽائيءَ سان بيان ڪيو وڃي ها ته هوند مدير صاحب جو مافي الضمير وڌيڪ اثرائتو ثابت ٿي سگهي ها.

هن دفعي پير اشرف شاهه مرحوم جي ڪافي ۽ بيت، سنڌ جي لافاني شعر طور ڏنا ويا آهن. سچ پچ ته سنڌي سماج ۽ تهذيب تي اسان جي انهن ڪلاسيڪي شاعرن وڏا ٿورا لاتا آهن، ۽ موٽ ۾ پاڻ کي پڻ لافاني ڪيو اٿن.

شعر جو حصو پنجاهه صفحن تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ سنڌ جي قديم ۽ جديد شاعرن جا بيت، دوها، ڪافيون، وايون، گيت، نظم، آزاد نظم، غزل، رباعيون، قطعا ۽ نيون طرزون ڏنل آهن. بيتن مان شيخ اياز جا بيت نئون نياپو ڏين ٿا، ۽ جاندار آهن. خاص طور،

”ماضيءَ ۾ مرڻينگ ٿي، ڍونڍيندو آ ڍال،

وَڌ وڌ، جئين شال! مڙي ڏس نه ماڳ کي!“

هردم جوان ۽ روان زندگيءَ جو پيغام ڏئي ٿي. ۽ هيٺيون بيت،

”تنهنجا پير چمان، ڌرتي منهنجي مائڙي،

ڀاڪر پايان ڀاو مان، ماڻهوءَ ماڻهوءَ سان،

آءُ نه ٻيو ڄاڻان، مذهب منهنجو ماڻهپو!“

شاعر جي عالمگير انساني برادريءَ جي جذبي ۽ مذهب انسانيت جي نمائندگي ڪري ٿو.

اوڀر پاڪستان ۾ رهندڙ، ميڊيڪل ڪاليج جي شاگرد، نعيم دريشاڻيءَ جا دوها نهايت پر معنيٰ ۽ پيارا آهن، ۽ انهيءَ نوجوان شاعر سان سنڌي شاعريءَ جون وڏيون اميدون وابسته آهن.

ڪافيون مڙيئي روايتي رنگ ۾ ڇپيل آهن، حالانڪ سنڌي ڪافي ئي اسان جي شاعريءَ جي اها صنف آهي، جنهن تي اسين بجاطور تي فخر ڪري سگهون ٿا. شايد اسان جا بزرگ شاعر ڪافيءَ کي ايترو ته مڪمل ڪري ويا آهن جو ان جي وڌيڪ ترقي نٿي ٿي سگهي، يا وري اڄ جا شاعر وقت جي تقاضائن کان پوري ريت واقف نه آهن جو ڪافيءَ کي پنهنجي اندر جو آئينو ڪري پيش ڪن. قمر شهباز جي وائي، ”نيٺ ته ڪوئي ايندو.“ سهڻي ڪوشش معلوم ٿي ٿئي، ۽ اميد ته اڳتي هلي شاعريءَ جي خالص صنف ۾ اسان کي ٻيون به سٺيون شيون ڏيندو.

هن دفعي نظم جو حصو البت ڀرپور آهي. هونئين به، غزل جي ڀيٽ ۾، نظم ۾ شاعر پنهنجو مقصد وڌيڪ صفائيءَ سان بيان ڪري سگهي ٿو. مرحوم حافظ محمد هارون جو ”نظاره گورستان“ چڱو نظم آهي. سليم ڳاڙهوي باقاعدي لکندو رهي ٿو، ۽ سٺو لکي ٿو. هن دفعي ”گهنڊ“ جي عنوان سان هڪ ترانو  ڏنو اٿس، جنهن ۾ وطنيت جي جذبي جو چڱو اظهار ٿيل آهي. امداد حسينيءَ جو ”دستور“ پڻ چڱيرو آهي، پر سندس آزاد نظم، ”آخرين فيصلو،“ نهايت جاندار ۽ انقلاب آفرين آهي. نياز همايونيءَ سٺو موضوع چونڊيو آهي ۽ اسان کي هڪ ڪامياب نظم ڏني اٿس، پر جابجا پروف جي چڪن سندس نظم کي ڪافي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. اميد ته آئيندي ائين نه ٿيندو. شمشيرالحيدريءَ جي مختصر نظم، ”تخليق“، ڪجهه ڪجهه ميهم ۽ منجهيل پئي معلوم ٿئي خاص طرح جڏهن موضوع فلسفانه هجي ته شاعر کي ڪوشش ڪري عام فهم ٿيڻ گهرجي، ته جيئن پڙهندڙ يا ٻڌندڙ کي به ڪجهه پلئه پوي.

غزل سڀني عام انداز ۾ ڇپيل آهن. ڪنهن هڪ غزل کي به خاص سٺو غزل چئي نٿو سگهجي. ساڳي حالت رباعين ۾ قطعن جي آهي؛ سڀ پرتيءَ جا پيا معلوم ٿين.

نين طرزن مان هرچند ”اجهل“ جو ترائيل، ”سنڌ“، سٺو آهي. وطنيت جي جذبي کي وڏيءَ خوبي سان شعر ۾ آندو ويو آهي.

افسانن جو حصو به ڪو خاص سٺو نه آهي. اصلوڪن افسانن منجهان جمال رند جو”مائٽ بچو“ جيئرو جاڳندو ڪردار پيو معلوم ٿئي، ۽ سٺيءَ ٻوليءَ ۾، سٺي نموني پيش ڪيو ويو آهي. حميد سنڌيءَ جي افساني ”سمنڊ  ۽ مان“ جي شروعات ڏاڍي سٺي ٿيل آهي، پر پڇاڙيءَ ۾ ڪافي نااميد ٿيڻو پوي ٿو. ٽئگور جي افساني جو ترجمو، موڪل، چڱو آهي. بالزاڪ جي افساني ”نگهبان“ کي سٺو، ڪامياب افسانو چئي سگهجي ٿو، ۽ غلام نبي ميمڻ  ترجمي جا حق پوريءَ طرح ادا ڪيا آهن. سجاد حيدر جي ريڊيائي ناٽڪ، ”سورج مکيءَ“ جو ترجمو، ممتاز مرزا نهايت ڪاميابيءَ سان ڪيو آهي، ۽ هيءُ شاهڪار توڙي بالزاڪ جو افسانو هن پرچي جي افسانوي حصي کي اصل کنيو بيٺا آهن. ”سورج مکي“ هڪ نهايت وڻندڙ ۽ سبق آموز ناٽڪ آهي، ۽ فن سان واسطو رکندڙ هڪ اهم مسئلي سان بحث ڪري ٿو. هن ناٽڪ کي غور ۽ سنجيدگيءَ سان پڙهڻ جي، مان فنون لطيفه سان واسطو رکندڙ سڀني دوستن کي زوردار سفارش ڪريان ٿو.

ٽئين حصي ۾ مضمون، ادبي خط، ”مهراڻ جا موتي“ وغيره ڏنل آهي.

چيتن ماڙيوالا تاريخي مضمون لکڻ ۾ استاد آهي؛ خاص طور سنڌ جي تاريخ سا تعلق رکندڙ معاملن کي قلمبند ڪرڻ کان مشهور آهي. هن پرچي ۾ جيڪو مضمون ڏنو اٿس، تنهن جي عنوان آهي ”هندستان ۾ انگريزي سلطنت تي روسي ڪاهه جو آڊڪو“. مضمون نهايت معلوماتي، سٺي ۽ سهڻي انداز بيان ۾ لکيل آهي ۽ سنڌ جي تاريخ تي گهڻي روشني وجهي ٿو.

شيخ اياز جا ”سنڌي ادب ۾ هڪ جدت آهن، شيخ اياز پنهنجن خطن ۾ جاپاني شاعريءَ جو جنهن نموني ۾ تعارف ڪرايو آهي ۽ سنڌي شاعريءَ سان جا ان جي ڀيٽ ڪئي آهي، سا تعريف جي لائق آهي. ”مهراڻ“ رسالي سان سندس تعلق سنڌي ادب لاءِ سڀاڳو آهي.

سيوهڻ شهر بابت ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو مضمون به ڪافي معلوماتي ۽ تحقيقي آهي، ميمڻ صاحب جو لاڙو تاريخ ۽ تحقيق ڏانهن گهڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

مولانا غلام محمد گراميءَ جو مضمون، ”سنڌي ادب ۾ مزاح نگاري“، تمام سٺو آهي. ۽ ادبي تنقيد ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. هن قسم جو مضمون عام طور ڪونه لکيو ويندو آهي. گرامي صاحب هي مضمون لکي سنڌي ادب جي خدمت هڪ طرف ڪئي آهي ته نوجوان اديبن جي رهبري ٻئي طرف. ”بلبل“ جي فن جو تنقيدي مطالعو نهايت باريڪ بينيءَ ۽ تحقيقي انداز ۾ ڪيو ويو آهي، ۽ ان طرف ”بلبل“ متعلق گهڻين غلط فهمين يا خوش فهمين کي دور ڪري سنڌ جي هن عظيم مزاحيه ۽ ظريف شاعر کي سندس صحيح مقام عطا ڪيو ويو آهي. اميد ته هن کان پوءِ گرامي صاحب ٻين سنڌي شاعرن بابت به ان قسم جا مضمون ڏيندو رهندو.

تبصرن واري حصي ۾ شمشيرالحيدريءَ جي شعرن جي مجموعي ”لاٽ“، سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ لوڪ ادب جي نائين ڪتاب ”واقعاتي بيت“، آغا سليم جي افسانن جي مجموعي ”چنڊ جا تمنائي“، شمس الدين ”بلبل“ مرحوم جي مزاحيه ۽ طنزيه شاهڪار ”رحيما لطيف“، پير اشرف شاهه ”اشرف“ جي رسالي، ڀٽائيءَ بابت  مضمونن جي ڪتاب ”شاعرن جي سرتاج“، ڪريم ڏني راڄپر جي طبعزاد مضمون جي ڪتاب ”ڪک هيٺان لک“، ”سام سان گڏ ٻه ٽي گهڙيون“، ۽ حر تحريڪ متعلق محترم محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي نئين ناول ”سانگهڙ“ تي تفصيلي رايا لکيا ويا آهن، جن جي پڙهندي معلوم ٿئي ٿو ته اسان جا اديب ۽ شاعر ڪافي سجاڳ ٿي چڪا آهن ۽ سنڌي ادب ۾ چڱو واڌارو ٿي رهيو آهي.

”مهراڻ جا موتي“ ڏيڻ سان سنڌي ادب جي چڱي خدمت ڪئي ويئي آهي.

ويجهڙائيءَ ۾ فوت ٿيل چئن سنڌي شخصيتن جي حياتيءَ بابت، ”آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين“ جي عنوان هيٺ، نهايت سٺيون ۽ ڪارآمد ڳالهيون لکيو ويون آهن. خاص_طرح مراد علي اختر جو مرحوم مرزا امام بخش بابت لکيل احوال ڏاڍي سٺي پيرائي ۾ بيان ٿيل آهي. پڙهڻ سان مرحوم جو ڪردار جيئرو جاڳندو اکين اڳيان پيو ڦري، ۽ جنهن ماڻهوءَ مرحوم کي ڪڏهن ڏٺو به نه هوندو، سو به هڪ دفعو ائين چئي ڏيندو ته مرحوم جيڪر ڪجهه وقت وڌيڪ جيئي ها. آغا سيد اڪرم علي شاهه، مير غلام علي ٽالپر  ۽ سيد ميران محمد شاهه بابت به ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي. سيد ميران محمد شاهه مرحوم جي زندگيءَ ۽ شاعريءَ تي اڃا به هڪ جامع ۽ وڌيڪ تفصيلي مضمون درڪار آهي.

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون جلد ٽيون:    

مربت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ؛ ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ؛ صفحا سوا ٽي سؤ؛ قميت ساڍا چار رپيا؛ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال، 3- سول لائنس، حيدرآباد سنڌ، ۽ سنڌ جا سمورا وڏا بڪ اسٽال.

لوڪ ادب سلسلي جو هيءُ ٽيون ڪتاب آهي، ۽ سنڌي لوڪ ڪهاڻين جو ٽيون جلد. هن ڪتاب ۾ پرين، ديون، جادوگرن، ڏائڻين ۽ نجومين جون مڙئي اوڻٽيهه (29) آکاڻيون ڏنل آهن، جي سڀئي ڪلاسيڪي قالب واريون آهن، جن جا بنيادي ڪردار__جنّ، پريون ديو، ڏائڻيون، جادوگرن ۽ جادوگراڻيون__ڪي غيبي ۽ غيرانساني طاقتون آهن، ته ڪي وري انساني گروهه سان تعلق رکن ٿا. ٻين لوڪ ڪهاڻين وانگر، هنن ڪهاڻين ۾ پڻ غيبي طاقتن تي انسان جي غالب پوڻ وارو خيال ڪار فرما آهي. هن مجموعي ۾ اڪثر ڪهاڻين ۾ مرڪزي خيال ”ڪشالا ۽ همتون“ آهي، جيتوڻيڪ ڪن ڪهاڻين ۾ ٻين مقصدن کي پڻ اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.

300 کان وڌيڪ صفحن جو، پڪي جلد، سٺي ڊسٽ ڪور ۽ جابجا آکاڻين جي آڌار تي تيار ٿيل اسڪيچن سان سينگاريل، سنڌي ادبي بورڊ جو هيءُ ڪتاب سنڌي ادب ۾ وڏي جاءِ والاري ٿو. ڇپائيءَ کان ته سنڌي ادبي بورڊ هونئن ئي مشهور آهي.

سنڌي لوڪ ادب جون هي ڪهاڻيون يا ان سلسلي جا ٻيا ڪتاب هڪ ٻئي لحاظ کان پڻ نهايت اهم آهن. اسان جي اڻپڙهيل عوام جو سانڍيل هيءُ ادبي خزانو اسان جي قيمتي ميراث آهي، جنهن تي اسين جيترو به فخر ڪيون سو ٿورو آهي. سنڌي زبان خاص طرح، ۽ پاڪستان جون ٻيون علاقائي زبانون عام طرح، وڏي اهميت واريون آهن. اهي علاقائي زبانون ئي صحيح معنيٰ ۾ عوامي زبانون آهن، ڇاڪاڻ ته اسان جا اٽڪل 90 سيڪڙو عام ماڻهو، بنا ڪنهن اسڪولي تعليم يا لکڻ_پڙهڻ جي، پنهنجي زندگيءَ جوسمورو وقت، اٿڻ_ويهڻ يا زندگيءَ سان واسطو رکندڙ ٻين سڀني ڳالهين ۾، اهي علاقائي زبانون ئي ڪم آڻين ٿا، ۽ عام طور ڏٺو ويندو ته شهرين جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙين وارا ماڻهو ئي نج، بامحاوري ۽ صحيح ٻولي ڳالهائين ٿا ان خيال کان به، جيڪڏهن سنڌي سٻاجهڙن وٽان اهو لوڪ ادب سندن ئي ٻوليءَ، لب_لهجي ۽ انداز بيان ۾ قلمبند ڪيو ويندو، ته آئندي جي ادبي تاريخ جي سدا حيات جذبن ۽ عام پڙهندڙن جي همت افزائيءَ سان هن اسڪيم جو سلسلو باقاعدي جاري رهندو، ۽ ان سلسلي جا سڀئي ڪتاب جلد شايع ٿي اسان جي آڏو ايندا.___نورالدين سرڪي.

وئتپتي ڪوش: جوڙيندڙ جهمٽمل نارومل وسڻائي، صفحا 81، قيمت ڏيڍ روپيو، ڇپائيندڙ ”سنڌي ادبي بورڊ“ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال، 3_سول لائنس حيدرآباد سنڌ، ۽ سنڌ جا سمورا وڏا بڪ اسٽال.

آزادي کان پوءِ، سنڌ جي اڳئين حڪومت طرفان، سنڌي ادب جي حفاظت ۽ اشاعت لاءِ ”سنڌي ادبي بورڊ“ قائم ڪيو ويو. سنڌي ادبي بورڊ هڪ اداري جي حيثيت ۾ ادب جي سڀ کان وڌيڪ خدمت ڪئي آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي ان خدمت لاءِ مختلف اسڪيمون عمل ۾ آنديون، جن مان لغت اسڪيم، سنڌ جي تاريخ  جي اسڪيم، لوڪ ادب اسڪيم، ۽ پراڻي ادب کي وري ڇپائڻ جي اسڪيم قابل ذڪر آهن. سنڌي پراڻا ڪتاب اسان جو اهڙو ورثو آهن، جنهن تي جيترو ناز ڪريون، اوترو ٿورو. تازو سنڌي ادبي بورڊ، ان اسڪيم هيٺ، سرڳواسي جهمٽمل نارومل جو ”وئتپتي ڪوش“ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هي ننڍڙو ڪتاب علم لغت جو هڪ خزانو آهي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ نظريو اهو به آهي ته اها سنسڪرت جي هڪ اُپڀرنش، وارچڊ ٻولي مان نڪتل آهي. هن ڪتاب ۾ اهي سنسڪرت جا ڌاتو گڏ ڪيا ويا آهن، جن مان، جهمٽمل جي خيال موجب، اڪثر سنڌي لفظ ڪڍي سگهجن ٿا. هن ڪتاب تي جهمٽمل جا محنت ڪئي آهي، ان جو داد ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي. هر ممڪن ڪوشش ڪري، ڪنهن هڪ ئي ڏاتوءَ سان لاڳاپيل سمورا لفظ هڪ ئي هنڌ گڏ ڪيا ويا آهن. مثال طور، ”دڙ“ مولشبد مان ٽيهه لفظ نڪتل ڏيکاريا ويا آهن. ان مان نه رڳو اشتقاق جي خبر پوي ٿي، پر ٿوريءَ ڦير گهير سان ساڳيا لفظ ڪيئن معنيٰ بدلائين ٿا ۽ هڪ ئي ڪتب جا لفظ ڪهڙيءَ طرح پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ لاڳاپيل آهن، تنهن ڳالهه جي سڌ پڻ پئجي وڃي ٿي. علم الغت سان دلچسپي رکندڙ دوستن لاءِ هيءُ هڪ املهه خزانو آهي. هيءُ ڪتاب، سٺي پني تي، ادبي بورڊ جي روايتي خوبصورت ڇپائيءَ سان شايع ٿيو آهي.  _ سراج

اخلاق حميدہ: سنڌيڪار مرزا علي نواز بيگ، صفحا 94، قيمت هڪ رپيو - ڇپائيندڙ ”سنڌي ادبي بورڊ،“ 3- سول لائنس، حيدرآباد سنڌ.

سنڌي زبان ۾ ٻارن ۽ عورتن لاءِ ڪي مفيد ۽ خالص ادبي نموني جا ڪتاب البت گهٽ آهن. انهيءَ گهٽتائيءَ کي مرزا علي بيگ، ”اخلاق حميده“ نالي ڪتاب لکي پورو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ اخلاق جا گهڻو ڪري سڀئي پهلو، نهايت مختصر پر سهڻين ۽ دلچسپ آکاڻين ۾ مثال ڏيئي سمجهايا ويا آهن، جنهنڪري هي ڪتاب ازحد دلچسپ ٿي پيو آهي. ڪتاب جيتوڻيڪ مڪمل آهي اها هن ڪتاب جي ادبي خوبي آهي. ڪتاب کي ٽن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي: توضع، گفتگو جي آداب جي بيان ۾، ۽ سهڻا اخلاق.

اخلاق ايترو ته وسيع موضوع آهي جو ان تي جيترو لکجي، ٿورو آهي. مگر مرزا علي نواز بيگ هن ڪتاب ۾ پنهنجن ادبي صلاحيتن جو مڪمل اظهار ڪيو آهي ۽ درياء کي ڪوزي ۾ بند ڪيو آهي. مثال طور، جيڪڏهن اهو سمجائڻو اٿس ته ”اهائي زبان کٽ تي ويهاري ۽ اهائي زبان پٽ تي“، ته پهريائين ڪتاب ۾ مثال پيش ٿو ڪري، ان بعد سمجهاڻي ڏئي ٿو، ته جيئن نصحيت چڱيءَ طرح ذهن نشين ٿي وڃي، جنهنڪري ڪتاب ۾ سلسلو ۽ بيان جو لاڳاپو آخر تائين برقرار رهي ٿو، جيئن هتي ڏجي ٿو:

”ڳالهه ٿا ڪن ته سلطان ملڪ شاهه سلجوقي هڪ رات خواب ۾ ڏٺو ته سندس سڀيئي ڏند وات مان هيٺ ڪري پيا آهن؛ جڏهن صبح جو ننڊ مان جاڳيو، تڏهين انهيءَ واقعي کان نهايت خوف ۽ فڪر ۾ پئجي، حڪم ڏنائين ته ڪنهن تعبير ڪرڻ واري کي حاضر ڪجي. جو هن خواب جي تعبير ڪري، هڪڙي تعبير ڪرڻ واري کي بادشاهه جي خدمت ۾ وٺي آيا. اگرچ هو انهيءَ فن ۾ ماهر هو، پر هن جي مغز ۾ غرور ۽ وڏائيءَ جي هوا اهڙي ڀريل هئي جو ڪنهن کي به خيال ۾ نٿي آندائين. هن ناخردمند تعبير ڪندڙ ڪنهن به انديشي ۽ تامل کان سواءِ چيو ته ”بادشاهه جا سڀيئي عزيز ۽ خويش بادشاهه جي روبرو مري ويندا.“ سلطان کي هيءُ نا ملائم جواب طبع جي خلاف ڏسڻ ۾ آيو ۽ نهايت غضب ۾ اچي حڪم ڪيائين ته بيعقل تعبير ڪندڙ کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو وڃي. اهڙي طرح، ٻيو تعبير ڪندڙ آيو. سلطان ان کي خواب جو احوال ٻڌايو، تنهن احتياط ۽ عاقبت انديشيءَ کي سامهون رکي چيو ته ”جيڪو خواب حضور ڏٺو آهي، تنهن مان ثابت آهي ته حضور جي عمر وڏي ٿيندي يعني حضور جي عمر سڀني عزيزن ۽ خويشن کان زياده ٿيندي.“ سلطان  کي هن جي حسن ڪلام ۽ طريقه بيان نهايت پسند آيو، ۽ هن کي گهڻو انعام ڏنائين.“

اهڙيءَ طرح،  هرهڪ آکاڻي کان پوءِ وري سمجهاڻي آهي. مثال طور، گفتگو جو رستو بلڪل ناهموار ۽ خوفناڪ آهي ۽ ان ۾ گهڻا خطرا آهن، تنهنڪري بنا غور ۽ تامل جي هڪ  لفظ به چپن مان به ڪڍجي“؛ وغيره وغيره.

مطلب ته ڪتاب ”اخلاق حميده“ هڪ نصيحت آميز ڪتاب آهي. ڪتاب جي ٻولي البت عربي ۽ فارسي لفظن ۽ تشبيهن سان ڀريل آهي، جنهنڪري اهو انديشو ٿئي ٿو ته ٻارن ۽ گهٽ ڄاڻ وارن لاءِ مونجهارو پيدا ڪري؛ پر ايترو ضرور آهي ته رنگين زبانيءَ ۽ افادي پهلوءَ کي مدنظر رکجي ٿو ته پوءِ هن جو ادبي رتبو مٿانهون ٿو ڏسڻ ۾ اچي. سنڌي ادب ۾ هن جهڙن خالص ادبي نثر وارن ڪتابن جي ڪمي آهي، هن کي مرتب ڪري مرزا صاحب سنڌي ادب تي احسان ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪيترائي عمدا مثال آهن، جي پنهنجيءَ جاءِ تي ادب جو بي بها ذخيرو آهن، جن مان ڪجهه مثال هت ڏجن ٿا:

_”جيڪڏهين ڀانئين ته ٻنهي جهانن جي سعادتن جو ميوو کائين، ته فياض ٿي.“

_”نيڪ نيت ۽ چڱا ماڻهو اهي آهن، جيڪي رات ڏينهن خدا جي خلق جي خيرخواهيءَ ۾ آهن.“

_”غرور انسان ۾ هڪ وڏو عيب آهي، مگر تواضع انسانيت ۽ آدميت آهي.“

_”بي ادبي هڪڙو سيلاب آهي، جو عزت ۽ وقار جي ماڙيءَ  کي ڊاهي چٽ ڪري ٿو ڇڏي.“

_”تحقيق، خدا تعاليٰ جون نعمتون ۽ ٻنهي جهانن جو فيض ان کي حاصل ٿيندو جيڪو خلق جي عيبن ظاهر ڪرڻ کان پرهيز ڪندو ۽ انهن جي دلين کي پنهنجي لفاق جي ڏنگ سان زخمي نه ڪندو.“

اهڙيءَ طرح، هي ڪتاب قيمتي مثالن سان ڀريو پيو آهي، ۽ اعليٰ خيالات ۽ وڻندڙ بيان سبب هڪ دلچسپ ۽ دل ۾ گهر ڪندڙ مواد جو مجموعو آهي. مصنف هن جي ترتيب ۾ جيڪا  جانفشاني ڪئي آهي، ان جو ثبوت هن جي نه ختم ٿيندڙ سلسلي مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي، ۽ قيمت هڪ رپيو اٿس.

ابن الياس سومرو.

(مٿين سمورن تبصرن لاءِ اداروريڊيوپاڪستان حيدرآباد جو ٿورائتو آهي.)

سنڌي مختصرافسانا (Sindh Short Stories)

مترجم: حشو ڪيولراماڻي؛ ناشر: حشمت پبليڪيشن دهلي؛ ڪرائون سائيز؛ صفحا 152+12؛ قيمت ساڍا ست روپيا.

اڄ کان ڇهه سال اڳ، مسٽر حشو ڪيولراماڻي سنڌ ۽ هند جي ڪن برک سنڌي افسانه نگارن جا 12 افسانا انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ”چونڊ سنڌي افسانا“ (Selected Sindhi Short Stories) نالي هڪ ننڍو ڪتاب شايع ڪيو هو، جنهن کي عام طرح ۾ غير مقبوليت حاصل ٿي. همعصر روزانه انگريزي ”ڊان“ ڪراچي، ان تي تبصري ڪندو لکيو: ”80 صفحن جو هي ڪتابڙو سون ۾ تورڻ لائق آهي.“

پريس ۽ پبلڪ طرفان متوقع قدردانيءَ ڪري، مسٽر حشو ڪيولراماڻي جو اتساهه وڌيو. چناچه، هن ٻيا به 9 سنڌي افسانا انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري، جملي 21 افسانن جو نئون مجموعو مرتب ڪيو، ۽ هاڻي ان کي ”سنڌي مختصر افسانا“ نالي سان شايع ڪيو آهي.

”سنڌي مختصر افسانا“ ڪتاب مسٽر حشو ڪيولراماڻيءَ جي هڪ ڪامياب ڪوشش_بلڪ ائين چئجي ته هڪ قابل فخر پيشڪش آهي، جا جديد سنڌي افسانوي ادب کي غير سنڌي حضرات سان روشناس ڪرائڻ جي سلسلي ۾ مثالي حيثيت رکي ٿي__انگريزي هڪ عالمگير زبان آهي، جنهن کي مواصلات جي ذريعو بنائي، سنڌي ادبين جا افڪار دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائي سگهجن ٿا. هن کان اڳ ڪن لائق ترجمان اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن ۽ ادبين (جهڙوڪ ”شاهه عبدالطيف“ ڀٽائي عليہ الرحمة جو شعر) انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري، انهن جو پيغام دنيا جي مختلف قومن تائين پهچايو آهي. هينئر، مسٽر حشو ڪيولراماڻيءَ ۽ جي. الانا ۽ پڻ ڪن ٻين صاحبن جديد سنڌي ادب ۾ دلچسپي وٺي، موجوده افساني نگارن ۽ شاعرن جا خيال ۽ ويچار، دنيا جي ٻين قومن اڳيان پيش ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، انهيءَ نموني، انگريزي زبان جي معرفت، سنڌي ادب جو چوڏس ڦهلاء انتهائي خوشيءَ جو امر آهي ۽ اميد آهي ته اهو اسان جي زبان ۽ ادب ۽ ان جي لکندڙن لاءِ نيڪناميءَ جو باعث ٿيندو.

زيرنظر ڪتاب ۾ هيٺين افساني نگارن جا افسانا آهن: امرلعل هنڱوراڻي، آچاريه ڪرپالاڻي، تيرٿ بسنت، نارائڻ ڀارتي، ڪلاپرڪاش، سندري اتمچنداڻي، پوپٽي هيراننداڻي، ڪرشن کٽواڻي، گنوسامتياڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اتم، آنندگولائي، سڳن  آهوجا، آنچل، موهن گيهاڻي، حشوڪيولراماڻي، موهن ڪلپنا، محمد ابراهيم جويو، جمال ابڙو، غلام نبي مغل ۽ غلام رباني. افساني نگارن جي هن لسٽ ۾ ڏسبو ته وڏي اڪثريت هندستان جي سنڌي افساني نگارن جي آهي سنڌ مان فقط چئن افساني نگارن جا افسانا چونڊيا ويا آهن. حالانڪ هن وقت سنڌ ۾ سٺي پايي جا ڪافي افساني نگار موجود آهن. اميد آهي ته آئندي جڏهن هن ڪتاب جي نئين ڇاپي ڪڍڻ جي ضرورت پيش آئي، ته لائق مترجم سنڌ مان ڪجهه وڌيڪ افساني نگارن جا افسانا پنهنجي ان ڪتاب ۾ شامل ڪندو.

هن ڪتاب ۾ ڏنل افسانا زندگيءَ جا حقيقي عڪس آهن. انهن جو اڀياس گويا اڄ جي سنڌي معاشري ۽ ان جي مسئلن جو مطالعو آهي. چناچه، جڏهن به ڪي غير سنڌي حضرات جي ڪتاب پڙهندا، ته ان ۾ کين هڪ خاص مقصد ۽ پيغام نظر ايندو. شايع اهوئي سبب آهي جو همعصر ”ڊان“ جي فاضل مبصر هنن افسانن تي راءِ زني ڪندي چيو هو، ”شاهه عبدالطيف جاهي هم وطن واقعي عظيم فنڪار آهن.....جيڪڏهين سنڌي ادب ۾ ايڏي تازگي ۽ زنده رهڻ جي قوت نمايان آهي. ته پوءِ اردو ادب ۾ ڏهن سالن کان ”جمود“ جو هڪ ئي سر ڇو ٿو آلاپيو وڃي؟“

ڪتاب جي منڍ ۾، مسٽر حشو ڪيولراماڻيءَ جو مختصر پر جامع ”مهاڳ“ آهي، جا پنهنجي جاءِ تي هڪ انتهائي پر مغز ۽ پراثر تحرير آهي. مسٽرحشوڪيولراماڻي تاريخ جي پس منظر ۾، سنڌي ذهن ۽ ان جي ارتقا جو نقشو پيش ڪيو آهي. سنڌ قديم اتهاس ۽ زماني جي گردش سبب، وقت بوقت، ان جي بدلجندڙ صورت جا نقش نگار جڏهن مسٽرحشوڪيولراماڻيءَ جي قلم مان نڪرن ٿا، ته نهايت پرڪشش ۽ پيارا نظر اچن ٿا. هن مهاڳ ۾ اها گنجائش آهي، ته ان کي وڌائي هڪ جدا ڪتاب تيار ڪري سگهجي ٿو ۽ مسٽر حشوڪيولراماڻيءَ کي ائين ڪرڻ گهرجي. قدرت کيس قلم جي ڏات سان نوازيو آهي.

ماهوار رسالو، ڇپائي سهڻي، ڪاغذ اُچو، 50 صفحا، قميت 31 نوان پئسا، ملڻ جو هنڌ اڪبر آشرم پبليڪيشن، ايم، زيڊ هاسپيٽل مٿان، لاڙڪاڻه ۽ هندستان ڪتاب گهر19_21 حمام اسٽريٽ، فورٽ بامبي1_انڊيا.

رهاڻ، هڪ ماهوار اصلاحي، روحاني ۽ اخلاقي رسالو آهي، جنهن جا هن  وقت تائين مسلسل 13 پرچا، شايع ٿي چڪا آهن. هي پرچو، روحاني ۽ فقيرانه، محبت آميز ۽ پرسوز خيالن جو ترجمان آهي، منجهس، سنڌي ادب جي مشهور صوفي ۽ فلسفي عالم، ديوان ا_ح، جئسنگاڻي سام، جي صحبتن، تصوف ۽ ويدانت تي سندن ڪيل تبصرن، ۽ روحاني رهاڻ کي باقائده شايع ڪيو وڃي ٿو. ديوان ”سام، صاحب، هڪ روحاني ۽ با بصيرت عالم آهي. سندس ڪتاب، پينوءَ جي سوغات، آتم باغ، دل جو جام، ”تون ۽ مان“ ۽ اٿيا جا آواز، مواد توڙي روحاني خيال کان وڏي وٿ آهن. ان سلسلي ۾، مائي سرلا ديوي، جيتامڙي جي ڊائري، جي عنوان سان، جو ڪجهه روحاني مجلس متعلق لکندي آهي؛ ان جي پڙهڻ سان روح کي راحت، دماغ کي طراوت پهچي ٿي. ديوان صاحب، اصل ۾، هڪ روحاني ۽ فقيراڻي تحريڪ جو علمبردار آهي، جنهن ۾ انسان ذات سان محبت، ۽ انسان ذات جي خدمت کي ئي دين ۽ ڌرم“ عبادت ۽ تپشيا قرار ڏنو ويو آهي، ”حسن ۽ حق ۽ خير“ کان سواءِ ٻي ڪابه چيز سندن تاليفات ۾ نه ملندي، ذات پات، رنگ ۽ نسل، مذهب ۽ ڌرم جي سڀني مسئلن کان اعليٰ ۽ اوچو مشرب آهي؛ عشق! ”رهاڻ“ ۾ سچ پچ، هڪ روحاني رهاڻ سمايل آهي، جا مائي سرلا ديوي، ڊائريءَ جي صورت ۾ پيش ڪندي آهي.

”رهاڻ“ جو هر پرچو، گوناگون خيالن، اصلاحي لفظن، تصوف ۽ ويدانت جي حقيقتن سان ڀرپور ٿي شايع ٿئي ٿو. هن دور ۾ جڏهن ته موجوده انسان رنگ ۽ نسل، قوميت ۽ مذهب جي اختلافن ۾ ڦاسي ڪري، انسانيت ۽ محبت جي بنيادي مول متي کان هٽي چڪو آهي، ان سان گڏ، موجوده انسان جو اخلاقي معيار به ڪري چڪو آهي، اهڙي شورانگيز ۽ محشر خيز دور ۾، ديوان سام ۽ مائي سرلا ديوي اسان کي ”حق“ حسن، ۽ خير، جي تلاش لاءِ آماده ڪن ٿا، محبت آميز ماحول ۾ آڻين ٿا اسان کي روح رهاڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪن ٿا، اسان کي اخلاقي ۽ اوچي آدرش جو دعوت ڏين ٿا، اسان ۾ پريم ۽ پيار ونڊڻ لاءِ اتساهه جاڳائين ٿا. اهو ڪم ڪو گهٽ نه آهي.

سندن ”اڪبر آشرم“ ننڍي پئماني تي، ٽيگور جي شانتينڪيتن واريون سڪون ٿو لاهي اتي، پريم ۽ پيار آهي، اي حسن ۽ حق ۽ خير جي ڳولا آهي، اتي سوز ۽ ساز آهي اتي راز ۽ نياز آهي؛ اتي فقير ۽ صوفي آهن اتي شعر ۽ شاعري آهن. اتي گيت ۽ سنگيت آهي، اتي راڳ ۽ رهاڻ آهي. عاليشان ڪتبخانو آهي، سرها  گل آهن، ۽ مٺيون ۽ ٿڌيون دليون آهن، انهن سڀني پر ڪيف نظارن ۽ رنگين خيالن جو ترجمان آهي رسالو ”رهاڻ“ هر سنڌي اهل ذوق تي فرض آهي ته هو ”رهاڻ“ جو خريدار ٿئي ۽ ان کي باقاعده پڙهي. شاهه چيو آهي:

ڏينهان ڏورن ڏٿ سي، راتيون  ڪن ”رهاڻ“

عمر تنين ڪاڻ، منهنجو روح رڙيون ڪري._

م . ع . گ

 

سنڌي ٻولي: مصنف: سراج الحق - ڇپائيندڙ ”عظيم پبليڪيشنس“، حيدرآباد_صفحا 190، سائيز ڊيمي، پڪي جلد ۽ ٽرنگي گردپوش سان، پنو اوچو، ڇپائي ۽ گيٽ اپ معياري؛ ڊزن کن قيمتي تصويرون سان سينگاريل_قيمت ڇهه روپيا_ڇپائيندڙ ۽ ٻين وڏن بوڪ اسٽالن تان ملي سگهندو.

”سنڌي ٻولي“، سنڌ جي نواجوان اهل قلم، مسٽر سراج جي تحقيق ۽ علمي ڪاوش جو هڪ شاهڪار آهي. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ لساني ۽ فني حيثيت متعلق، اسان وٽ ڪي ٻه_چار علمي ڪتاب مس لکيا ويا آهن. هي ڪتاب ان سلسلي ۾ هڪ مفيد اضافو چئي سگهجي ٿو.

هن قسم جي تحقيقي ڪتابن لکڻ لاءِ، جنهن مواد جي ضرورت ٿئي ٿي، اهو مواد اسان جي ملڪ ۾ سولائيءَ سان ملڻ مشڪل آهي، لسانيات، خاص طرح سان مشرقي زبانن تي به اڄڪلهه جو ڪم يورپ ۽ آمريڪا ۾ ٿي رهيو آهي، ان جهڙو اسان وٽ ڪين آهي. اسان جي لساني مسئلن جي ماخذات جي تلاش لاءِ برٽش ميوزم يا ڪنهن اورئينٽل انسٽيٽوٽ جي ضرورت آهي، جتي ڪو محقق ويهي، آثار قديمه، ڪتبات ۽ مهرن کي ڇنڊي ڇاڻي، ۽ ڪي مفيد علمي نتيجا ڪڍي سگهي. سراج کي آفرين آهي، جو هتي ويهي، ٻه_چار سال لاڳيتا، فني ۽ لساني ڪتاب پڙهي اٿس. موهن جي دڙي جون مهرون اٿلايون اٿس، انهن جون پڙهڻيون، پنهنجي خيال موجب، معين ڪيون اٿس، ۽ ڪي نادرنتيجا ڪڍي، ٻڌايو اٿس ته سنڌي ٻولي پنهنجي جاءِ تي هڪ مستقل ۽ مک ٻولي آهي، ۽ سنسڪرت به گهڻي ڀاڱي، سنڌي ٻوليءَ کان اثر ورتو آهي. هن ڪتاب ۾ جتي لساني مسئلن جي لغوي ۽ تهذيبي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي، اتي، سنڌ جي قديم تمدن، خاص طور موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ ٻوليءَ تي به ڪافي بحث ڪيو اٿس، ان سلسلي ۾ ڪيترا اهڙا نتيجا به ڪڍيا اٿس، جي هن کان اڳ، ڪنهن به مغربي توڙي مشرقي عالم نه پيش ڪيا آهن.

سراج، پنهنجي هن تحقيقي بحث ۾ ٻڌايو آهي ته سنڌي ٻوليءَ متعلق ديسي خواه پرديسي عالمن ۽ لسانيات جي ماهرن، جي به مفروضا ۽ نظريا پيش ڪيا آهن، اهي ڪي هروڀرو سڀ درست نه آهن، هن ڪتاب ۾ اهو پڻ ٻڌايو آهي ته مستشرقين جي ساري تحقيق ان مفروضي کان پوءِ ميدان تي آئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌي، سنسڪرت جي ڪنهن شاخ جي پيداوار آهي. ان مسئلي متعلق، مغربي عالمن کي جڏهن مارڪنڊيه ۽ هيمچندر پاران عالمن وٽان ڪجهه اشارا مليا، تڏهن کين خيال ٿيو ته سنڌي ٻولي، اپڀرنش مان، شايد وڌ ۾ وڌ ڏهين يا ياهين صدي عيسويءَ ۾ جڙي راس ٿي هوندي. ان کان سواءِ، ان بحث سان تعلق رکندڙ مسئلو آرين جو پڻ آهي، جن لاءِ سڀني محققن ائين پئي چيو آيه ته آريا، ٻاهران آيا، ۽ پوءِ اچي هن ملڪ ۾ آباد ٿيا، سراج انهن سان اختلاف رکندي، ٻڌايو آهي ته سنڌو تهذيب، آرين کان به جهوني تهذيب آهي، جنهن جا اثر، بابل ۽ اشور تائين پهتا. ان دلچسپ بحث ڪندي، ڪيترن مغربي عالمن جي تحقيق کي پڻ پيش ڪيو ويو آهي.

هن ڪتاب جو هڪ خصوصي بحث آهي، موهن جي دڙي جي مهرن جي ڇنڊڇاڻ. فاضل مولف، ان سلسلي ۾، انهن مهرن جي تصوري زبان کي نه فقط پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر انهن جو ڪو مناسب ملهه مقرر ڪري، انهن جي لساني ۽ حرفي صورت پڻ پيدا ڪئي اٿس. ان سلسلي ۾ لکي ٿو:

”آ۽ کليل لفظن ۾ اعتراف ڪرڻ گهران ٿو ته موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي حل ڪرڻ متعلق مون کي ڪا خوش فهمي نه آهي، اڄ تائين ان کي ڪنهن به حل نه ڪيو آهي__جيتوڻيڪ ڪوششون گهڻن ئي ماهرن ڪيون آهن، منهنجي هن ڪتاب کي به هڪ ڪوشش سمجهڻ گهرجي، عين ممڪن آهي ته منهنجي ڪوشش به قلعي غلط هجي،ان حالت ۾ اميد ته پڙهندڙ ۽ عالم ان کي هڪ طالب علم جي ڪوشش ۽ پيار جو پورهيو سمجهي معاف ڪندا.“

موهن جي دڙي جي ٻوليءَ مقرر ڪرڻ کان پوءِ. مولف نهايت معقول ۽ مدلل طريقي سان صاف ڪيو آهي ته سنڌي ٻولي پنهنجي جاءِ تي هڪ مک ٻولي آهي، جنهن مان اڪثر هند_يورپي ٻوليون سنسڪرت سميت جڙيون آهن. حالانڪ هن کان اڳ، سڀ محقق ۽ عالم ائين ئي چوندا رهيا آهن ته سنڌي، هڪ اپڀرنش مان 10_11 صديءَ ۾ پيدا ٿي آهي، پر ”سراج“ ان کي 5_6 هزارق نيڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. اگر سندس لساني تحققن، محققن وٽ تسليم ڪئي وئي، ته پوءِ اهو هڪ قابل فخر ڪارنامو چئبو؛ جنهن جا سهرا، هڪ سنڌي نوجوان جي سر تي ٻڌا ويندا.

سنڌ جي تهذيب جي سلسلي ۾ پڻ اهو ٻڌايو ويو آهي ته موهن جي دڙي جي تهذيب، نهايت قديم آهي. اها مسلسل هلندي آئي آهي، ان جا بنياد تاريخي آهن؛ ٻين فاتح قومن، بالخصوص عربن جا اثرات مٿس  ايترا نه پيا آهن، جيتراڪ بيان ڪيا وڃن ٿا. البت لساني ۽ لغوي طور ڪي لفظ، ٻين ٻولين جا عربيءَ سميت، سنڌي ٻوليءَ جذب ضرور ڪيا آهن. پر ان تبادلي کي فني طور ائين نه چئبو ته سنڌي ٻولي ۽ تهذيب جو بنياد ئي آهي عربي ٻولي يا سنسڪرت يا عربي تهذيب يا آريه تهذيب! فاضل مولف، ان سلسلي ۾ ڪي تلخ حقيقتون به ڏنيون آهن. جن کي ٿڌي سيني سان مطالع ڪرڻ جڳائي، ڪٿي لٿي ڪلام ۾ سختي آئي آهي جا ڪجهه قدر اجوڳ پيئي محسوس ٿئي.

ڪتاب جي منڍ ۾، سنڌ جي مشهور اهل قلم مسٽر محمد ابراهيم صاحب جويي هڪ معلومات افزا، ديباچو لکيو آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جي پيدائش، ٻوليءَ جي ارتقا، ٻوليءَ جي حسب  نسب، ٻوليءَ جي ڦهلاءَ ۽ ٻوليءَ جي بنيادي فني نظرين تي نهايت عالمانه بحث ڪيو ويو آهي. اهو بحث، هڪ طرف عالمي لسانيات جي تحقيق جو نچوڙ آهي، ته ٻئي طرف لساني نظريات جي تحقيقي چنڊ ڇاڻ پڻ آهي، هي بحث پنهنجي جاءِ تي هڪ تحقيقي شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو.

ٻوليءَ جي مرڪزي حيثيت متعلق هڪ هنڌ جويو صاحب لکي ٿو:

ٻولي ئي آهي جنهن جي بنياد تي قوم جو مخصوص مزاج ۽ علحده وجود

ٺهي ٿو ۽ قائم رهي ٿو. سَوَن، هزارن بلڪ لکن سالن جي تاريخي

پس منظر ۾ ئي ٻولي پنهنجي مستقل ۽ علحده اختيار ڪري، ۽ قائم

رکي سگهي ٿي. قومون پڻ پنهنجي تاريخ ۾ ايتريون ئي قديم آهن، جيتريون

سندن علحده علحده ٻوليون.“

جويي صاحب آخر ۾ ”سراج“ جي هن تحقيق ۽ ڪاوش متعلق لکيو آهي:

”جڏهن ڪا قوم، پنهنجي شخصيت کان باخبر ٿيندي آهي، تڏهن ان جو پهريون ڌيان، پنهني تاريخ ۽ پنهنجي ٻوليءَ ڏانهن ويندو آهي. اسان جي عزيز دوست، محترم سراج صاحب جو هيءُ ڪتاب ان نوع جي هڪ اهم ڪوشش آهي. لائق مصنف هن ڪتاب ۾، سنڌي ٻوليءَ تي، پنهنجو مطالعو پيش ڪيو آهي، جنهن مان هن جي جذبي، ۽ هن جي محنت جو اندازو پڙهندڙ پاڻ لڳائي سگهندا. سنڌي ٻوليءَ بابت، ڪن عام ۽ ڪن خاص راين کي، هن ڪتاب ۾ رد ڪيو ويو آهي، ۽ ان بابت هڪ نئون نظريو پڻ پيش ڪيو ويو آهي. سنڌي لاءِ اڃا به ائين چوڻ ته اها يارهين يا بارهين عيسويءَ صديءَ ڌاري پيدا ٿي. جديد ٻولي وگيان جي روشني ۾، هڪ نهايت ڪسي ۽ بي بنياد راءِ چئي سگهجي ٿي. عربيءَ جو سنڌي تي اثر پڻ، صرف هن حد تائين مڃي سگهجي ٿو ته ٻنهي ٻولين هڪٻئي کان اڌارا لفظ ورتا آهن_سنڌي وڌيڪ ۽ عربيءَ گهٽ.۽ اها صورتحال ٻولين جي سهل پسنديءَ جي اسول مطابق عين ممڪن، به آهي ۽ اٽل پڻ. ان کان وڌيڪ هيءُ چوڻ ته سنڌيءَ کي حرف علت (Vowels) (سي به اکرن صورت نه، پر آواز صورت ۾!) عربيءَ کان مليا، يا عربي صرف نحوي جا قاعدا، سنڌيءَ قبوليا، وغيره_اهڙو آهي، جو ان اُن لاءِ، انگريزي ۾ لفظ بنڪ(Bunk) آهي، سوئي ڪم آڻجي ته سونهي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ قائم ڪيل اهڙن هٿرادو مفروضن کي سراج صاحب پختن دليلن سان رد ڪيو آهي. لائق مصنف هن ڳالهه جي مڃڻ کان به انڪاري آهي ته سنڌي ڪا سنسڪرت جي ڄائي آهي. ان باري ۾ سندس راءِ هي آهي ته: (هاڻوڪي) سنڌي توڙي سنسڪرت (۽ ٻيون اڪثر هند_پاڪستان ٻوليون) سڀيئي ڪنهن هڪڙيءَ ساڳيءَ آڳاٽيءَ (اوائلي) ٻولي مان نڪتل آهن، جنهن کي پڻ هو ”سنڌي“ سڏي ٿو، پر جنهي لاءِ هو شايد ”پروٽوسنڌي“ يا ”پروٽو_انڊڪ“ (يا_پروٽو_”هند_يورپي“) لفظ استعمال ڪرڻ وڌيڪ موزون سمجهندو. ان آڳاتيءَ ٻولي متعلق سندس راءِ اهي ته اها اصل هتي سنڌو ماٿري ۾ ئي پيدا ٿي، ۽ سنڌو ماٿري جا ماڻهوئي پوءِ ان کي هند ۽ پاڪستان جي ٻين حصن ۽ ان کان ٻاهر ٻين ملڪن ڏانهن پاڻ سان کڻي ويا، جتي اها ماحول جي تبديلي ۽ نين ضرورتن سبب الڳ الڳ ٻولين جي صورت اختيار ڪري ويئي_بلڪل اهڙيءَ ريت، جيئن ڪجهه پوءِ واريءَ منزل تي رومن لوڪن جي لئٽن ٻوليءَ مان اڳتي هلي، خود ان ملڪ جي اٽالين ٻولي ۽ يورپ جي ٻين ملڪن جون ٻوليون ڦٽي نڪتيون، جن کي رومانس ٽولي جون ٻوليون چيو وڃي ٿو. لائق  مصنف ان آڳاٽيءَ ٻولي جا تحريري نشان موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي مهرن ۾ موجود سمجهندي، انهن مهرن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ۽ جيڪي پڙهڻيون هو قائم ڪري سگهيو آهي، تن مان هو اهو نتيجو ٿو ڪڍي ته اسان جي (هاڻوڪي) سنڌي ٻولي سڌي طرح، ان آڳاٽي ٻولي جي اسريل ۽ تراقي يافته صورت آهي. پنهنجي ٻوليءَ جو ايڏو قديم ۽ ايڏو عظيم اصل معلوم ڪري، هر سنڌيءَ کي خوشي ٿيندي ۽ ان تي اسان مان هر ڪو بج طور فخر محسوس ڪري سگهي ٿو_ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ جي عظمت ۽ شان کان الڳ اسان جي ڪا عظمت، اسان جو ڪو شان ڪونه آهي.“

اميد ته ”سنڌي ٻوليءَ“ کي نه فقط عالم ۽ اديب پسند ڪندا. پر ڪاليج جي استادن توڙي شاگردن لاءِ به هيءُ هڪ فني ۽ معلومات افزا ڪتاب ثابت ٿيندو.         

غ . م .گ

 

پروفيسر عبدالحسن زرين ڪوب. تهران، (ايران)

سنڌي ادبي بورڊ جا ڇپايل فارسي ڪتاب

”سنڌي ادبي بورڊ“_ يا جيئن فارسي عبارت ۾ چئجي، ”انجمن ادبي سند“_پاڪستان ۾ تاليف ۽ ترجمي جو هڪ ادارو آهي، جو 1951ع کان سنڌي ادب ۽ علم جي توسيع ۽ ترويج لاءِ وجود ۾ آيو آهي. جيتوڻيڪ هن اداري جي تاسيس ۽ طرح اندازيءَ کي اڃا 13 سال به نه گذريا آهن، تاهم هن جي نشريات جو انداز قابل ملاحظہ آهي، جيئن ته اڄ تائين هڪ سؤ جلدن کان به مٿي ڪتاب نشر ڪيا اٿس، نيز عربي، فارسي، اردو هتي هڪ انگريزيءَ ۾ به ڪتاب شايع ڪيا اٿس. هڪ سہ ماهي اعليٰ پايي جو رسالو بنام ”مهراڻ“ ۽ هڪ ٻارن جو رسالو ”گل ڦل“ نالي به شايع ڪري ٿو.

سنڌي ادبي بورڊ جا ڪتاب هر موضوع  تي آهن. لغت، تاريخ، تصوف، تذڪره، شعر، ادب، افسانه وغيره موضوعات تي هن اداري ڪتاب شايع ڪيا آهن. هن اداري جيڪي خذمتون سر زمين سنڌ جي علم ۽ تمدن لاءِ ڪيون آهن، انهن جي ذڪر جي هيءَ جاءِ نه آهي، تاهم اداري جي مختلف ڪتابن جو معيار (جيڪي سنڌي، اردو، عربي، انگريزي ۾ آهن) به تعريف جي لائق آهي.

هن مختصر تبصري ۾ منهنجو اردو آهي ته هن اداري جي فارسي نشريات جو ذڪر ڪريان. در حقيقت اداري جي فارسي نشريات جي اهميت ڪنهن به طرح، ان جي غير فارسي کان گهٽ نه آهي، خاص ڪري ان حالت ۾؛ جڏهن ڪن ايراني شاعرن جا احوال ۽ آثار انهن فارسي نشريات مان دستياب ٿين ٿا.

1_مثنوي چنيسر نامہ:  تاليف: ادراڪي بيگلاري. سيد حسام الدين راشديءَ جي تصحيح ۽ مقدمه سان مزين، ڪراچي 1956ع

هي ڪتاب منظور آهي، ”نظاميءَ“ جي تصنيف ”شيرين و خسرو“ جي وزن تي. منجهس هڪ سنڌي  ڪهاڻي آهي، جنهن کي فارسي نظم ۾ آندو ويو آهي. ڪتاب جي تصنيف جي تاريخ 1010هجري آهي، راشدي صاحب هن ڪتاب جو محققانه مقدمو ”سنڌي ٻوليءَ “ لکيو آهي، جنهن ۾ شاعر جي متعلق مفيد معلومات ڏنل آهي، ۽ هن عاشقانه داستان جو اصل ۽ منشاً پڻ سپرد قلم ڪيو ويو آهي.

2_ مثنوي هير و رانجها: حفيظ هوشيار پوريءَ جي تصحيح ۽ مقدمه سان. ڪراچي 1957ع هي مجموعو چند مثنوين تي مشتمل آهي. منجهس مشهور عاشقانه داستان ”هيرر۽ رانجهو“ بيان ٿيل آهي. جو پنجابي لوڪ ڪهاڻين ۾ زياده مشهور آهي. ايڊيٽر صاحب فارسيءَ ۾ هڪ تفصيلي مقدمو لکيو آهي، جنهن ۾ هن ڪهاڻيءَ جي اصل ۽ سندس شهرت جي ڪارڻ بابت بحث ڪيو اٿس، ۽ جن ٻين شاعرن هن داستان کي رشته نظم ۾ آندو آهي. تن جا احوال ۽ آثار بيان ڪيا اٿس. جن ٻين شاعرن هن ڪهاڻيءَ کي مثنوي جي وزن ۾ بيان ڪيو آهي. اهي هي آهن: عظيم ٺٽوي، آزاد، ولي محمد خان لغاري ۽ قادر بخش بيدل به هن انسان کي هڪ قطعه ۾ بيان ڪيو آهي. اهو قطعو چئن ئي منظوم مثنوين سان گڏ موجوده مجموعي ۾ ڇاپيو ويو آهي.

3_ ديوان عطا: تصنيف: عبدالحڪيم عطا ٺٽوي. سيد مطيع الله راشد برهانپوري جي تصحيح ۽ مقدمه سان.

”عطا“ سنڌ جي مشهور فارسي گوء شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. شاهه جهان جي دور حڪومت کان وٺي، محمد شاهه جي عهد حڪومت تائين سڀڪجهه ڏٿو اٿس. هندي طرز جا مزيدار تفصيلي غزليات چيا اٿس. سندس ديوان مان مسلڪ نمايان آهي. ڪتاب جي ناشر هڪ تفصيلي مقدمو سنڌي زبان ۾ 150 صفحن تي مشتمل لکيو آهي. جنهن ۾ شاعر جي تعارف ۽ سندس آثار ۽ احوال جي ذڪر سان ”ديوان عطا“ ۾ اضافو ڪيو اٿس.

4_ ديوان محسن ٺٽوي: حبيب الله رشديءَ جي تصحيح ۽ ترتيب ۽ مقدمه سان مزين. محمد محسن ٺٽوي، سر زمين سنڌ جي وڏي ۾ وڏي فارسي گوء شاعر هجڻ ڪري مشهورآهي. نادر شاهه افشار جو همعصر هو، پنهنجي هڪ قصيده ۾ نادرشاهه جي واکاڻ به ڪئي اٿسئ قصائد کان علاوه. غزليات، هندي طرز تي ڇپيا اٿس، جي تمام وجد ۽ آفرين ۽ جوش جاڳائيندڙ آهن، محسن شيعي مسلڪ جو هو، مرثيا ۽ مناقبا گهڻا ڇڏيا اٿس. سندس ديوان جي ناشر هڪ تفصيلي مقدمو 150 صحفات کان به زياده اردوءَ ۾ لکيو آهي، جنهن ۾ شاعر جي سرگذشت ۽ سندس دور جي تاريخ، ۽ سندس اشعار جي ڇنڊڇاڻ زير بحث رهي آهي.

5_ ديوان غلام: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌ يونيورسٽي جي مقدمه سان محليٰ هي ڪتاب، جنهن کي ديوان اشعار فارسي، نواب غلام محمد خان لغاري تاجپوري (وفات 1379هه) چيو وڃي ٿو، ان ۾ گهڻي ڀاڱي متوسط درجي جا غزليات آهن، جي هڪ سنڌي بلوچ نواب - جنهن جو دور اسان جي دور جي ويجهو آهي_چيا آهن. مقدمه جي لکندڙ محمد ۽ مفيد معلومات، شاعر ۽ ان جي خاندان  بابت، انگريزي ۾ پيش ڪئي آهي.

6_ ديوان عظيم (حسيني): مرتبہ ڊاڪٽر پروفيسر غلام مصطفيٰ خان حيدرآباد. مير عظيم الدين ولد سيد يارمحمد، عظيم ۽ حسيني سان مشهور، مير علي شير قانع جو ڀائٽيو، سنڌ جي مشهور شاعرن ۾ ڳڻيل آهي. هو 1162هه ۾، ٺٽي ۾ پيدا ٿيو، ۽ 1229هه ۾ وفات ڪيائين سندس ديوان ۾ 1500 (ڏيڍ هزارن) کان وڌيڪ بيت آهن، ان ديوان کان علاوه هڪ ٻيو مجموعو به ”انشاء عظيم“ نالي اٿس. جنهن مان سندس نثر نويسيءَ تي پوري مهارت ثابت ٿئي ٿي، عظيم ٺٽوي شيعي مسلڪ جو هو. شيعي امامن متعلق ڪئي مرثيا لکيا اٿس. ڪتاب جي ناشر. مزيد، 18 صفحا سندس اشعار ۽ احوال بابت انگريزي زبان ۾ لکي ڪتاب ۾ اضافو ڪيو آهي.

7_مثنويات وقصائد قانع: سيد حسام الدين راشديءَ جي مقدمي سان آراستہ.

هي ڪتاب قصائه ۽ مثنويات جو مجموعو آهي. ان جو مصنف سنڌ جو مشهور فارسي گوء شاعر، مير علي شير قانع آهي. جنهن جو هڪ ٻيو ڪتاب ”مقالات الشعراء“ ڪافي اهميت ۽ شهرت رکي ٿو، مير علي شير قانع جا قصيدار، پيغمبر صلي الله عليه وسلم ۽ حضرت علي ۽ سندس دورجي ڪن مشهور شخصيتن جي تعريف ۽ توصيف ۾ آهن، موصوف جون مثنويون هي آهن.

”مثنوي قضا و قدر“، ”مثنوي قصاب نامه“ ۽ ”مثنوي نامه“

جناب پير حسام الدين راشديءَ، جنهن مقالات الشعراء، ۽ ”تڪمله مقالات الشعراء“ به ڇپايو آهي، تنهن ڪتاب جي ابتدا ۾ هڪ تحقيقي ۽ نفع بخش مقدمو، سنڌيءَ ۾ لکيو آهي، جنهن مان قانع جي شناخت ۽ تعارف سان گڏ، سندس تخليقات جو معيار پڻ  معلوم ٿئي ٿو.

8_مثنوي مظهرالاآثار: شاهه جهانگير هاشمي، سيد حسام الدين راشديءَ جي تصحيح ۽ مقدمه سان مزين.

هي شاهه جهان ڪرمانيءَ، جو منظور شاهڪار آهي؛ ”مخزن الاسرار“ نظاميءَ جي وزن ۽ تتبع تي. هن جو مواد به ”مخزن الاسرار“ نظاميءَ جهڙو آهي. يعني مواعظ ۽ حڪايات. شاهه جهان هاشمي، ”ڪرمان“ کان سنڌ ۾ آيو هو ۽ سنڌ ۾ ئي وعظ ۽ ارشاد جي تعليم حاصل ڪيائين. جناب پير حسام الدين، هن منظومي تي هڪ تحقيقي ۽ تفصيلي مقدمو فارسي زبان ۾ لکيو آهي، جنهن مان هن شاعر جي احوال ۽ آثار بابت مفيد معلومات حاصل ٿئي ٿي.

9_ ڪليات مائل: تصنيف: مير غلام علي مائل ٺٽوي_محمود احمدعباسي ۽ محمد حبيب الله رشديءَ جي ترتيب ۽ تصحيح سان.

هن مجموعي جي اشعار جو صاحب، شيراز جي ساداتن مان آهي. ۽ سندس والد، مير علي شير قانع وانگر سنڌ جي مشهور شاعرن مان آهي، مائل قصائد کان علاوه، غزل ۽ مرثيا ۽ ماده تاريخ لکڻ ۾ پوري قدرت ۽ مهارت رکي ٿو. سندس هن مجموعي ۾ 30 سون کان به وڌيڪ ماده تاريخ آهن. سنڌ جي تاريخ سمجهڻ لاءِ انهن مادن مان گهڻو فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو.

10_ تازه نواي معارڪ: منشي عطا محمد شڪارپوري، عبدالحي حبيبي افعانيءَ جي تصحيح ۽ تشيہ تعليق سان.

هي ڪتاب هڪ مفيد شرح آهي. منجهس سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت جي ڊهڻ جا احوال بيان ٿيل آهن. جيڪي انگريزي فوجن جي اثر ۽ رسوخ وڌڻ ڪري رونما ٿيا هئا. مصنف چونڪ ان دور جي مشهور منشين مان هڪ هو ۽ سالها سال ميرن ۽ افغان اميرن سان، سنڌ، ڪابل، هرات، قنڌار ۽ پشاور ۾ گڏ رهيو آهي، ان ڪري گهڻن واقعن کي اکين سان ڏٺو اٿس. سنڌ جي تاريخي تحقيق ۽ مٿس انگريزن جي گرفت متعلق حالات معلوم ڪرڻ لاءِ هي ڪتاب نهايت معتبر ماخذ آهي.

آقاي عبدالحي حبيبي، هن ڪتاب تي نهايت مفيد ۽ مفصل تعليقات جو اضافو ڪيو آهي.

11_ لب تاريخ سنڌ: تصنيف: خان بهادرخداداد خان_تصحيح ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ.

هيءُ فارسيءَ ۾ سنڌ جي مختصر تاريخ آهي، جا 1318هه ۾ لکي ويئي آهي، سرزمين سنڌ جي سر گذشت، آڳاٽي زماني کان وٺي هن تصنيف جي دور تائين منجهس سمايل آهي. مصنف سنڌي پٺاڻ هو. سنڌ جي واقعات ۽ حالات جي جمع آوري وقت گذريل ماخذن مان خوشہ چيني ڪئي اٿس. انهن ماخذن جو ذڪر، مقدمي ۾ ڪيو اٿس. ناشر طرفان تفصيلي مقدمو، انگريزيءَ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، جو ڪتاب جي تعارف لاءِ نهايت مفيد آهي.

12_تحفة الطاهرين: شيخ محمد اعظم ٺٽوي_بدر عالم دانيءَ جي تصحيح ۽ حاشيہ سان.

هن ڪتاب ۾ 128 بزرگن جا احوال ۽ مقامات جو ذڪر آهي. جي سڀ راهه طريقت جا سالڪ ۽ صوفياء ڪرام جا پيشوا ۽ مقتدا هئا، ۽ جي ڪوهه مڪلي ۽ ٺٽي شهر ۾ خواب راحت ۾ محو آهن. مصنف هن ڪتاب کي 1194هه تاليف ڪيو. مصنف جو ڪتاب، چونڪ مشائخ ۽ اولياء ۽ صوفياء جي هڪ وڏي گروهه جي احوال تي مشتمل آهي، ان ڪري وڏي اهميت رکي ٿو.

13_تذڪره مقالات الشعراء:  تاليف مير علي شير قانع ٺٽوي_سيد حسام الدين راشديءَ جي مقدمي ۽ تصحيح ۽ حواشي سان مزين.

هي ڪتاب تذڪرو آهي. منجهس سنڌ جي فارسي گو شاعرن جا حالات ۽ آثار مذڪور آهن. انهن شاعرن جو انداز 719 آهي. مير علي شير قانع (وفات 1203هه) جي تخليق آهي. هي ڪتاب گهڻو وقت ناياب هو. آخر سنڌ جي مشهور مؤرخ ۽ عالم جناب سيد حسام الدين راشدي  صاحب جي اهتمام سان، زيورطبع سان مزين ٿيو، ايڊٽ ڪندڙ، ڪتاب تي مفيد حاشين ۽ تاريخي ۽ ادبي فوائد جو اضافو ڪيو آهي. ۽ جملي 34 فوٽو به وڌايا اٿس،. جي پڻ ڪتاب جي سمجهڻ ۾ ڪافي مدد ڏين ٿا، ان کان سواءِ ڪي فهرستون به بطور ضميمہ ڏنل آهن، جي به فائدي کان خالي ناهن. هن ڪتاب جو تڪمله به آهي جنهن جي اشاعت جو سهرو به پير صاحب جي سر تي آهي ان تڪمله جو ذڪر اجهو هيٺ بيان ڪجي ٿو.

14_ تڪملہ مقالات الشعراء: تصنيف: مخدوم محمد ابراهيم خليل ٺٽوي_تصحيح سيد حسام الدين راشدي.

هي ڪتاب، قانع ٺٽوي جي ڪتاب ”مقالات الشعراء“ جو (ذيل) ضميمو ۽ تڪمله آهي. سندس مصنف محمد ابراهيم، تخلص، خليل، هن کي ”مقالات الشعراء“ کان 130 سال پوءِ تصنيف ڪيو. پير صاحب هن ڪتاب کي مصنف جي سندس هٿ لکيل اصلي نسخي تان نقل ڪرائي ڇپايو آهي ۽ پنهنجي پاران قيمتي توضيحن ۽ تعليقن جو اضافو ڪيو آهي نيز اهڙيون فهرستون به وڌايون اٿن، جن ۾ جاين ۽ جڳهن جا نالا ۽ نشان آهن.

”مقالات الشعراء“ ۽ سندس تڪملو نهايت سهڻي صورت ۾ ڇپيل آهن ۽ تاريخ ادبيات ايران لاءِ اهم ماخذ آهن. خاص ڪري انهن شاعرن جي حالات ۽ اشعار معلوم ڪرڻ لاءِ بيحد سود مند آهن، جن جو مشهور تذڪرن ۾ ذڪر نه آيو آهي.

15_ تاريخ مظهر شاهه جهاني: تاليف:يوسف ميرڪ بن مير ابوالقاسم ”نمڪين“ بکري،  سيد حسام الدين راشدي صاحب جي تصحيح ۽ مقدمه ۽ حاشيہ سان آراسته.

هي ڪتاب تاريخ مظهر شاهجهاني جو ٻيو ڀاڱو آهي. هن ۾ سنڌ پرڳڻي جا احوال آهن.، بکر کان ٺٽي تائين، منجهن ملڪ جي خرابي جا ڪارڻ ۽ مفسدن جي پيدائش ۽ انهن جي بيخ ڪني ۽ سرڪوبيءَ جر تدبيرن جو به بيان آهي. ٻيا ڪيترا تاريخي ۽ اجتماعي فائدا هن مان حاصل ڪري سگهجن ٿا. ڪتاب جو پهريون ڀاڱو جيڪو اڃا نه ڇپيو آهي، ان ۾ سياست مدن، ۽ جهانباني جي قاعدن تي بحث آهي، اهو بحث تقريباً، سياست نامه خواجه نظام الملڪ وانگر آهي، ليڪن هي ٻيو ڀاڱو جيڪو پير حسام الدين راشدي صاحب جي ڪوشش ۽ سعي سان ڇپيو آهي، سو فوائد جي اعتبار کان نهايت اهم آهي. مصنف شاهه جهان جي دور ۾ هو. سندس ڪتاب مغل شهنشاهن جي دور واري سنڌ جي اجتماعي تاريخ لاءِ نهايت معتبر ماخذ آهي، راشدي صاحب هن ڪتاب تي هڪ مفيد مقدمون اردوءَ ۾ ۽ عالمانه تعليقات جو فارسيءَ ۾ پڻ اضافو ڪيو آهي. نسب ناما ۽ چند فهرستون جيڪي اضافي ڪيون ويون آهن، انهن به هن نفيس ڪتاب جي قيمت دوبالا ڪئي آهي.

 هن سلسلي ۾ هشت بهشت (جو به پير صاحب جي ڪوشش سان ڇپيو آهي ۽ مون اڃا ڪونه ڏنو آهي) ۽ ان کان سواءِ سنڌ جي تاريخ سان تعلق رکندڙ ٻين ڪيترن مفيد ڪتابن جو ذڪر پڻ ڪري سگهجي ٿو، جي اڃا زير بحث آهن.

بهر حال، سنڌي ادبي بورڊ، اڄ تائين ڪيترا قيمتي ۽ معياري ڪتاب شايع ڪيا آهن، جن کي ڏسي، اميد رکي ٿي سگهجي ته مستقبل ۾ پڻ اهو بي نظير سلسلو جاري رهندو.

از: ”راهنمائي کتاب“، شمارهدوازهم سال ششم، اسفند ماه 1346 طهران_ ايران)

 

 

سنڌي عوام کي اپيل

سنڌي اخبارن ۾ وقت بوقت، اختياريءَ وارن جو، ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو پئي ويو آهي، ته سنڌ جي ريلوي اسٽيشنن، رستن، ڳوٺن، پبلڪ جاين ۽ ٻين هنڌن جا قديمي ۽ تاريخي نالا بدلائي، نوان نالا رکيا پيا وڃن، جيئن ته ڪينجهر ڍنڍ جو نالو ڪلري، ۽ ڪڍڻ شهر جو نالو ٽنڊو روئداد خان وغيره.

انهيءَ کان سواءِ، سنڌ جي سڀني ريلوي اسٽيشنن جا سنڌي صورت ۾ لکيل نالا بدلائي، پنهنجي اردو ۾ لکيا ويا آهن، انهيءَ ڪري ڇا پيو آهي جو ڪيترو اسٽيشنن جا نالا، پنهنجي صحيح تلفظ ۽ معنيٰ مقصد کان بدلجي ويا آهن. جيئن الهڏنو ساند مان الهڊنو سانڊ. قومي شاهراه ۽ ٻين روڊن تي پڻ ساڳيءَ ريت، مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جا نالا، اردو صورت ۾ تبديل ڪري غلط لکيا ويا آهن.

انهن مسئلن تي اخبارن ۾ گهڻوڪي لکيو ويو آهي، پر اڃا تائين، اختياري وارن، انهيءَ ڏس ۾ قدم ڪونه کنيو آهي.

ريلوائي اسٽيشنن ۽ روڊن تي، شهرن ۽ ڳوٺن جي نالن جا بورڊ عام ماڻهن جي معلومات ۽ سهولت خاطرئي هنيا ويا آهن. چناچه، جڏهن انهن بورڊن تي غلط نالا لکيا وڃن ٿا، تڏهن نه فقط بورڊن هڻڻ جو صحيح مقصد پورو نٿو ٿئي، بلڪ عام مونجهارو پڻ ٿئي ٿو. بعضي ته مضحڪہ خيز صورتحال پيدا ٿي پوي ٿي. ازانسواءِ، قديمي شهرن، ۽ ٻين عام مشهور هنڌن جا نالا، بنا ڪنهن سبب جي بدلائڻ ڪري، انهن جي تاريخي حيثيت کي نقصان رسي ٿو.

مٿئين ڳالهين کي خيال ۾ رکي، سنڌي ادبي بورڊ فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ جي شهرن، ڳوٺن، ۽ عام مشهور هنڌن جي اهڙيءَ طرح بگڙيل نالن يا نون مقرر ڪيل نالن جي باري ۾ مفصل معلومات گڏ ڪري، هن مسئلي کي واسطيدار اختياري وارن وٽ، مناسب ۽ مؤثر اندز ۾ پيش ڪيو وڃي، ۽ موجوده صورتحال کي درست ڪرڻ لاءِ ڪوشش وٺجي. انهيءَ لاءِ سنڌ جي پبلڪ کي گذارش ڪجي ٿي ته مهرباني ڪري، پنهنجي حد اندر جتي به کين بگڙيل يا اصل نالن بدران نون نالن جا بورڊ نظر اچن، ته ان باري ۾ مفصل معلومات، مسٽر محمد ابراهيم جويو، اعزازي سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ، 3 سول لائينز حيدرآباد (سنڌ) کي ڏياري موڪلين.

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ (تمغه پاڪستان) ميمبر، نئشنل اسيمبلي آف پاڪستان

۽

چيئرمن، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد (سنڌ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com