سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1964ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 1964ع

غلام محمد گرامي

گذارش

سماج جي تعمير ۽ ادب

ادب جي جيڪڏهن ڪا مختصر تعريف ڪئي وڃي، ته پوءِ رڳو ائين چوڻ ڪافي آهي ته زندگيءَ جي تعمير ۽ ارتقاء، جي راههَ ۾ هڪ مشعل جي حيثيت رکي ٿو. ادب زندگيءَ کي سنواري ۽ سينگاري ٿو. زندگيءَ جي سونهن ۽ سوڀيا کي اجاري ٿو. صحتمند قدرن کي اڀاري ٿو. بيمار ۽ پَست، مرده ۽ بيڪار قدرن کي ناس ڪري ٿو. انسان جي غلط ڪارين ۽ غلط فهمين جي اصلاح ڪري ٿو ۽ انسان جي ذهني ۽ فڪري قوتن ۾ روشني پيدا ڪري ٿو. اهو ادب، جي زندگيءَ لاءِ ڪو به افادي ۽ اصلاحي پهلو نٿو رکي، اهو بي مقصد ۽ بيراهه چئبو. اهو انسان لاءِ ”آفيم“ کان وڌيڪ نقصانڪار آهي. اهو ادب زندگيءَ لاءِ راهزن آهي، ۽ ان جو مطالعو انساني ذهن لاءِ حد کان وڌيڪ خطرناڪ آهي.

ادب جو اصلي ۽ بنيادي ڪم آهي: سماج جي ذهني ۽ فڪري تعمير. ان سلسلي ۾ ادب، سماج جي ذهين ۽ علمي طبقي کي متاثر ڪري ٿو، ۽ انهن جي واسطي سان عوام تائين رسائي حاصل ڪري ٿو.

ان سلسلي ۾ اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ادب ۽ اديب جو سماجي تعمير ۾ ڪهڙو حصو ٿي سگهي ٿو؟ سماج جي تعمير لاءِ اديب اڳيان ڪهڙو نصب العين رهي ٿو، ۽ ”اديب“ جو فني ۽ فڪري زاويه نگاهه ڪئن ڪم ڪري ٿو ۽ سندس منصبي حيثيت ڇا آهي.

اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ”زندگيءَ“ ۾ ٻن رخن تي عوامل ڪم ڪري رهيا آهن: زندگي گويا هِن عوامل ۽ محرڪات جي دورخي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي. هڪ هنگامهء ڪشمڪش آهي، جنهن ۾ زندگي ڪڏهن جند ڇڏائي، ٻه قدم اڳتي ٿي وڌي، ته ڪڏهن پوئتي ٿي هٽي، ڪڏهن روشن ۽ تابناڪ مسقتبل ڏانهن وکون ٿي وڌائي، ته ڪڏهن ماضيءَ جي پاافتاده، بيڪار ۽ مرده دور ظلمات ۾ وڃي ٿي ڪري.

ان سلسلي ۾ سڀ کان پهريائين اسان جڏهن انسان جي فطرت تي نگاهه ٿا وجهون، تڏهن ڏسون ٿا ته هڪ طرف منجهس تخريب جا محرڪات ڪم ڪندي نظر ٿا اچن، ته ٻئي طرف تعمير جا عوامل ڪارفرما ۽ ڪارڪشا نظر ٿا اچن. بلڪل ساڳيو حال آهي، انساني سماج ۽ انساني تمدن جو. ان ۾ اصلاح ۽ تعمير جا اسباب به موجود آهن، ته ان سان گڏ تخريب ۽ بگاڙي جو سامان به موجود آهي.

اسان تاريخ  جي گوناگون انساني ڪردارن، تحريڪن، هنگامن ۽ ادارن کي جڏهن تنقيدي نگاهه سا ڏسون ٿا، تڏهن معلوم ٿئي ٿو ته هڪ طرف کان تخريبي محرڪات پيا ڪم ڪن، ته ٻئي طرف انساني فطرت جا تعمير محرڪات پيا پنهنجو اثر هلائين. گويا ساري انساني تاريخ تعميري ۽ تخريبي، ٻن محاذن ۾ ورهايل آهي. ان صورتحال ۾ اسان جي علم ۽ فن جو ڪم اهو آهي ته اسان کي ان دورخي ڪشمڪش متعلق صحيح سمجهه ۽ ٻوجهه عطا ڪري ۽ تخريبي عوامل ۽ اسباب کان بچي ڪري، روشن ۽ تعميري عوامل کي روبڪارآڻڻ لاءِ قابل بنائي.

اسان جي روزمره جي زندگيءَ کي اگر جاچجي ته معلوم ٿيندو ته اها هڪ بحر بي پايان وانگر اسان جي سامهون ڦهليل آهي. ان جي ڪناري تي بيهي، جيڪڏهن تماشو ڏسون ته پوءِ ان ۾ بيشمار تخريبي ۽ تعميري عوامل ۽ محرڪات جون گرم ۽ سرد لهرون نظر اينديون، جي ڪڏهن خاموش هونديون ته ڪڏهن پرشور، ڪڏهن هڪ ٻئي کي ڪاٽيندي نظر اينديون، ته ڪڏهن هڪٻئي سان گڏجي هلندي نظر اينديون، ڪڏهن پهاڙن وانگر اٿلندي ڏسنداسون، ته ڪڏهن بلڪل خاموش ۽ سطح آب سان هم آغوش نظر اينديون، ڪٿي ڪن هوندا ته ڪٿي جهڳ اڇلون کائيندي.

سماج به هڪ سمنڊ وانگر آهي. ان ۾ به لهرون اٿن ٿيون، ان ۾ به طوفان اچن ٿا، ان ۾ به پهاڙن جهڙيون اٿلون اٿن ٿيون. ان جي مٿاڇري تي جهڳ پئي اڇلون کائي، ۽ سندس تري ۾ موتي پيا سجن. ان ۾ به زندگيءَ جون ٻيڙيون ٻڏن ٿيون ۽ ڪي ترن ٿيون، منجهس موافق ۽ مخالف، ٻنهي قسمن جون هوائون موجود آهن.

زندگيءَ جي ان سمنڊ ۾ اسان ڪڏهن ڪيف افراز ۽ روح پرورلمحات ۾ گذاريون ٿا ته ڪڏهن رنج ۽ الم جي گهڙين ۾ گهاريون ٿا. سماج جو چمن جتي تبسم جي گلڙن سان آراسته آهي، اتي ڳوڙهن جي نوڪدار ڪنڊن سان به پيراسته آهي، بهر حال، اسان هر وقت مختلف، متضاد ۽ بدلجندڙ احساسات کي محسوس ڪريون ٿا.

اسان جنهن بدلجندڙ احساسات ۽ واردات کي محسوس ڪريون ٿا، اهي احساسات ئي هڪ اديب لاءِ سرمايهء فن بنجن ٿا.

اديب احساسات، واردات، ڪيفيات ۽ تاثرات کي ئي زندگيءَ جو فهم ۽ شعور لاءِ ذريعو ۽ وسيلو بنائي ٿو. ”اديب“ بيشمار ذهني تجربن مان گذرڻ کان پوءِ، آهستي آهستي زندگيءَ جي حقيقت متعلق هڪ جامع تصور بنائي ٿو. هو سماج جي هنگامه خيز ۽ پرشور زندگي جي ڪا نه ڪا توجيهه حاصل ڪري ٿو.

اديب جڏهن زندگيءَ جي ڪنهن جامع تصور انساني سماج جي ڪنهن غائب ۽ انتها سان پنهنجي ذهن کي آراسته ڪري ٿو، تڏهن هو پنهنجي مشاهدات ۽ تجربات جي ساري ماحصل کي اُنَ جي تصّور ۽ غائب جي ماتحت مرتب ڪري ٿو، ۽ ان غائب ۽ تصوّر جي مدد سان زندگيءَ جي حادثن ۽ مختلف النوع واقعن ۽ انهن جي تحريڪن ۽ سببن جي تخريبي ۽ تعميري قدر کي معين ڪري ٿو.

اِتي اچي اديب جو فني منصب اڳيان اڀري ٿو. اديب جو فني منصب اهو ٿو پيدا ٿئي ته هو پنهنجي مطالع حيات ۽ سماجي تجربات جي حاصل کي، پنهنجي فني تخليق جي وسيلي سان، ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪري.

مگر جڏهن ته اديب پنهنجي تخليقات ۾ انساني ڪردارن، تمدني حادثن، ۽ زندگيءَ ۾ ڪشمڪش پيدا ڪندڙ عوامل ۽ اسباب جو عڪس، هڪ خاص ترتيب سان ۽ هڪ خاص طرز فڪر سان گڏ، اسان جي اڳيان آڻڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، تڏهن زندگيءَ جي ان تصور ۽ سماج جي ان غابت کي به اسان تائين پهچائيندو رهي ٿو. جنهن کي بيشمار تجربن کان پوءِ پاڻ حاصل ڪيو اٿس. اصل ۾ سندس اهو سماجي مطالعو ۽ تجربو آهي، جو سندس فن جو اصلي جوهر آهي ۽ سندس تخليقات جو مرڪزي روح آهي.

ان لحاظ سان اديب جو صحيح منصب اهو ٿو پيدا ٿئي ته هو اسان جي ذهني ۽ فڪري دنيا جي تعمير ۾ حصو وٺي ٿو. هو تلوار کڻي، سماج جي اصلاح لاءِ لڙائي نٿو ڪري: هو بم ۽ بارود سان سماج دشمن عناصر سان مقابلو نٿو ڪري: هو قانون جي لٺ هٿ ۾ کڻي، سماج جي غلط عناصرن جا مٿا نٿو ڦاڙي: هو سياسي گندگيءَ ۾ گهڙي، سياسي سانڊن وانگر رنگ نٿو بدلائي: هو هنگامه آرائي ڪانه ٿو ڪري، هو سوشل ورڪر بڻجي، افراد جي فلاح ۽ صلاح لاءِ خدمتون سرانجام نٿو ڏئي: هو واعظ ۽ ناصح بنجي، ملن ۽ مولوين وانگر رشدو هدايت لاءِ وعظ نٿو ڪري: هو دستوري رفارمر ۽ مصلح جو پارٽ ادا نٿو ڪري.... مختصر طور کڻي چئجي ته هو اديب جي حيثيت سان سماج جي عملي سرگرمين ۾ براه راست ڪوبه عملي حصو نٿو وٺي. سندس منصب رڳو ايترو ٿو رهي ته هو سماج جي ذهني ۽ فڪري تعمير ۽ تشڪيل ۾ حصو وٺي ٿو. ۽ ديانتداريءَ سان پنهنجي تجربن کي تخليقي ۽ فني حيثيت سان پيش ڪري ٿو. اديب اگر سماج جي ذهني قالبن ۾ تعميري ۽ اصلاحي جذبات ۽ رجحانات کي پلٽڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو، ته پوءِ لازمي طرح سان سماج جي عملي زندگيءَ ۾ تعميري عوامل ۽ اسباب زور وٺن ٿا. پر جي ان جي برعڪس، سماج جي ذهن کي تخريبي ۽ مدي خارج رجحانات جو شڪار بنائي ٿو ته پوءِ لازمي طرح سان سماج ۾ به تخريبي ۽ مدي خارج عوامل زور وٺن ٿا. سماج ۾ گندگي ۽ پرا گندگي پيدا ٿئي ٿي. اهو سماج، زندگيءَ جي مقصدن ۽ تعميري لاڙن کان محروم رهجي وڃي ٿو. ان سماج جو نه حال روشن رهي ٿو ۽ نه مستقبل. اهو سماج بي ذهن، نامعقول ۽ غلط ڪار ماڻهن جو هڪ هنگامه خيز انبوهه رهجي وڃي ٿو، ۽ ظاهر آهي ته اهو سماج جلدي يا دير سان وڃي ڪنهن اوڙاهه ۾ ڪرندو ۽ ناس ٿي ويندو.

سماج جي ذهني دنيا جي تعمير ڪرڻ وارين طاقتن ۾ ادب کان سواءِ ڪي ٻيون قوتون به آهن. مثال طور، هڪ طاقت فلسفي جي طاقت آهي. فلسفو، قياس جي ذريعي سان دليل ۽ نتيجن جون ڪڙيون ملائي، اسان کي زندگيءَ جي حقيقت سمجهائڻ گهري ٿو. ٻي وڏي ۽ ماثر طاقت مذهب جي آهي. مذهب الهام جي روشنيءَ ۾ اسان کي زندگيءَ جي روح جي خبر۽ شناس بخشي ٿو.

ٽين وڏي طاقت ادب جي طاقت آهي. ادب اسان کي احساسات، ذهني واردات، جذباتي مدوجزر ۽ نفسياتي رد عمل جي روشنيءَ ۾، زندگيءَ جي ماهيت سمجهائڻ گهري ٿو.

ذهني تعمير لاءِ اهي ٽيئي طاقتون اسان جي ٽن مختلف ضرورتن کي پورو ڪن ٿيون: فلسفو اسان کي فڪر سان آراسته ڪري ٿو، مذهب اسان کي ايمان سان روشناس ڪري ٿو، ۽ ادب اسان کي شعور سان مالا مال ڪري ٿو، زندگيءَ کي جيتري ضرورت ”فڪر ۽ ايمان“ جي آهي، اوتري ئي ضرورت ”احساس ۽ شعور“ جي آهي. احساس ۽ شعور جي بلندي ۽ پاڪيزگيءَ کان سواءِ انسان هڪ جامدپهاڙ بنجي ٿو يا ڪاٺ جو بيجان گڏو بنجي وڃي ٿو. نه ان ۾ فڪري صلاحيت رهندي ۽ نه منجهس ايمان ۽ معرفت جو ڪو جزو سمائجي سگهندو. ان بيجان بت لاءِ نه مذهب ڪارگر چيز آهي، ۽ نه فلسفوئي کيس ڪنهن نئين واٽ تي هلائي سگهندو.

ان مان اهو به ثابت ٿئي ٿو ته سماج جي تعمير جي سلسلي ۾، ”فڪر ايمان ۽ شعور“، ٽنهي عناصرن جي باهمي آميزش گهرجي. انهن ٽنهي جي گڏيل حيثيت سان ئي، سماج جي تعمير وابسته آهي. انهن مان ڪنهن به هڪ کي جيڪڏهن خارج ڪيو ويو ته پوءِ يقيناً انساني سماج گمراهيءَ جي کڏ ۾ وڃي ڪرندو، ڇو ته فڪر ۽ شعور کان سواءِ ”ايمان“ بي معنيٰ آهي، ايمان ۽ فڪر کان سواءِ ”شعور“ ڪا حيثيت نٿو رکي، ۽ شعور ۽ ايمان کان سواءِ ”فڪر“ جي ڪا حيثيت نٿي رهي.

ان مان چڱيءَ طرح اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ”اديب“ جو منصب ڪيترو نه بلند آهي. هو فلسفيءَ ۽ مصلح جو ڄڻ ته جوڙ جيس آهي.

اتي پهچي، اها حقيقت به خيال ۾ رکڻ جهڙي آهي ته ”اديب“ جيترو حصو سماج جي ترقيءَ ۽ تعمير ۾ وٺي سگهي ٿو، اوتروئي امڪان ان امر جو به آهي ته ان جو ”فن“ تخريب تنزل ۽ جو سبب بنجي وڃي. جيئن فلسفو، اگر محض قياس ۽ استدلال جي عالم ۾ سرگردان، حيران ۽ پريشان رهيو ته پوءِ اهو انسان ذات لاءِ رڳو شڪ ۽ گمان، ريب ۽ فريب جي دنيا پيدا ڪندو رهندو ۽ انسان يقين ۽ اثبات کان محروم رهجي ويندو. ان طرح اگر ”مذهب“ غلط ۽ دور ازڪار تاويلات ۽ مابعدالطبيعي خيالات ۽ رسمي معمولات جو شڪار بنجي، فقط ڪنهن هڪ اڌ گروهه جو آله ڪار بنجي ويندو ته پوءِ انساني تمدن ۾ فتنو ۽ فساد ئي پيدا ڪندو. مذهب مان اگر اجتهاد روشن خيالي ۽ زماني جي مقتضيات سان ساٿ ڏيڻ جون روشن صلاحيتون سلب ٿي وينديون ته پوءِ اهو بيروح ۽ بي بصيرت ڍانچو رهجي ويندو، جو سماج جي ڪنڌ تي هڪ مرده لاش وانگر رهندو، ۽ نه فقط اُن دور جي سماج جي صلاحيت کي سلب ڪري ڇڏيندو، پر ان سان گڏ، نئين نسل جي ترقي پذير جوهر لاءِ به زهر آلود فلسفهء حيات رهجي ويندو. بلڪل ان طرح اگر ادب ۾ ڪا اصطلاح ۽ ارتقا نه رهي. ادب ۾ ڪو مقصد نه رهيو ۽ ڪو افادي نقطه نظر نه رهيو، ته اهڙو ادب به تخريب ۽ مردنيءَ  جو سبب بنجي وڃي ٿو، ۽ اهڙو ادب به زهر آلود آهي. اهو ادب انساني ذهن ۽ فڪر لاءِ زوال جو سبب بنجي ٿو. اهڙو ادب نئين نسل لاءِ ڪنهن تابناڪ ۽ روشن مستقبل پيدا ڪرڻ کان قاصر ۽ عاجز رهجي وڃي ٿو. اهڙو ادب محض ”ادب برائي ادب“ آهي، جو فقط تخيلات جي پتنگ پروازيءَ ۽ لفظن جي جادوگريءَ تائين محدود رهجي وڃي ٿو. ان جو زندگيءَ جي زندهه ۽ روشن قدرن ۽ تقاضائن سان ڪو واسطو نٿو رهي.

اديب جي صحيح طرح سان فرض ادائيءَ جو مدار ان ڳالهه تي به آهي ته هن ڪيتريءَ حد تائين زندگيءَ جي تازه دم ۽ مڪروهه عوامل ۽ اسباب کي سمجهيو آهي، سندس فهم ۽ شعور جا ماخذات ۽ سر چشما ڪهڙا آهن، زندگيءَ جي مطالعي ۽ تجربي کان پوءِ پاڻ ڪهڙا اصلاحي ۽ ترقي يافته معيار اخذ ڪري سگهيو آهي؟ هو سماج جي باهمي ڪشمڪش، مختلف طبقاتي ڪشاڪش، فڪري ۽ مذهبي آويزش جي ڪيترن مرحلن کان گذري چڪو آهي؟ ان کان سواءِ انسان جي نفسياتي تجربي ۽ جذباتي تجزيي سان گڏ انسان جي ڪيفيات ۽ واردات جي مختلف ۽ متبدل مدّوجَزر کان ڪيتري قدر واقف ٿيو آهي؟ ان ايتري علم ۽ مطالعي کان پوءِ، زندگيءَ جو ڪهڙو مرڪزي تصور بنايو اٿس؟ ان مرڪزي تصور سان سندن قلب و نظر جو ڪيترو ايماني ۽ عرفاتي رشتو رهيو آهي، ۽ سماج جي خير ۽ شر وارين مختلف النوع حيثيتن جي غايت ڪهڙي مقرر ڪئي اٿس، ۽ تخريبي ۽ تعميري عناصر جي تجزيي کان پوءِ ڪنهن فيصلي تي پهتو آهي: آيا اڃا شڪ ۽ ريب، اضطرار ۽ اضطراب ۾ مبتلا آهي، يا ڪنهن فيصلي تي قلب جو اطمينان ۽ انشراح به حاصل ٿيو اٿس: آيا اڃا پيو تلاش ڪري يا ڪجهه حاصل به ڪيو اٿس؟ آخري ڳالهه اها ته سندس ذهن ۽ فڪر، قلب ۽ نگاهه، فن ۽ ادب جو نظرياتي واسطو ڪهڙي نتيجي سان وابسته آهي: آيا مثبت ۽ تعميري فڪر سان، يا منفي ۽ تخريبي نظريي سان؟

ايتري ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ اهو سمجهڻ گهرجي ته اگر اديب ۾ ڪوبه مثبت ۽ تعميري ذهن پيدا نه ٿيو آهي، هو سماج جي اٿل پٿل ۽ سماج جي متضاد عوامل جي ڪشمڪش جو ڪوبه شعور حاصل ڪري نه سگهيو آهي، يا ڪشمڪش جي شعور حاصل ڪرڻ کان پوءِ به صحيح نصب العين سان ساٿ ڏيڻ سندس وِتَ کان ٻاهر آهي، ۽ اڳتي قدم وڌائڻ جي بدران فرار ۽ رجعت جون راهون تلاش ٿو ڪري يا ڄاڻي ڪنهن انسان دشمن قوت جو آله ڪار ٿو بنجي، يا زر ۽ زور تي ضمير فروش بنيو آهي، يا ماڻهن جي ديکا ديکي يا تحسين ۽ آفرين تي اهو وڙ ۽ وکر ادب جي بازار ۾ وڪڻڻ شروع ڪيو اٿس، جو ماڻهن کي پسند ٿو اچي، يا پنهنجي ڪمزور مطالعي جي بنياد تي يخ بسته خارجي حالات کان متاثر ٿي، ماڻهن جي لعنت ۽ ملامت کان ڊڄي، تخريبي ۽ ڪُورچشم ميلانات جو ساٿ ڏيڻ شروع ڪيو اٿس.... ته پوءِ اهڙي اديب کي ”رهزن قلب ۽ ابليس نظر“ سمجهڻ گهرجي. اهڙي ضمير فروش اديب جي هر فني ڪاوش باطل پسند ۽ تخريبي سمجهڻ گهرجي.

ان طرح، جو اديب سماج جي اصلاح ۽ فساد ۾ ڪم ڪندڙ متضاد قوتن جي تصادم ۽ ٽڪر کي سمجهي نٿو سگهي، ۽پوري عزم ۽ شعور سان پاڻ کي ڪنهن واضح ۽ صاف محاذ ۽ فيصلي تي قائم رکي نٿو سگهي،  اهو اديب ذهني انتشار ۽ بي ربطيءَ افڪار ۾ مبتلا سمجهڻ گهرجي. اهو پريشان حال ۽ پراگنده خيال اديب، سماجي حادثن ۽ واقعن جي ڪردارن ۽ انهن جي تاثرات، احساسات، تجربات ۽ ڪيفيات کي ڪنهن هڪ مرڪزي تصور تي جمع ڪري نٿو سگهي. اهو اديب، پنهنجي تخليقي فن ۾ آيل منتشر احساسات، وقتي ڪيفيات، ۽ متضاد ميلانات کي بلڪل بي ارادي، مقصد ۽ افاديت کان سواءِ، ڪنهن سليقي ۽ قريني کان سواءِ ڪنهن به مفاد ۽ غرض کان سواءِ وڃي ٿو اڇلائيندو. تنهنڪري، پڙهندڙن جي تقاضائن ۽ ضرورتن کي نظر انداز ڪري، پنهنجي ذاتي پسند کي مسلط ڪرڻ واريءَ ان راهه کي، ”ادب برائي ادب“ جي راهه سمجهڻ گهرجي، ۽ نه ”ادب برائي زندگيءَ“ يا ”زندگي برائي مقصد“ جي راهه چوڻ گهرجي.

ان سلسلي ۾، هڪ قسم جواديب اهو به ٿئي ٿو، جو سماج جي متضاد عوامل جي ڪشمڪش کي چڱيءَ طرح سان سمجهي سگهي ٿو. پر، ان سمجهڻ کان پوءِ، جڏهن ان متعلق اظهار خيال جو مرحلو اچي ٿو، تڏهن مرعوب ٿي، هَڄي، پير ڇڏائي وڃي ٿو. منجهس حوصلو نه آهي جو اهڙين تلخ حقيقتن کي ڪنهن نه ڪنهن پيرايهء بيان ۾ پيش ڪري سگهي. ظاهر آهي ته اهڙو اديب يا ته ”پاس ۽ قنوطيت“ جو شڪار ٿي وڃي ٿو، يا ڪن خارجي سببن کان دٻجي وڃي ٿو. اهڙو اديب جو فن، هوا ۾ ترارن هئڻ جي برابر آهي. ان مان نه هوند نه شڪر. سماج ۽ ان جي مسئلن جو منهن هڪ پاسي، ته هن يار جو رخ ٻئي پاسي. ”اٽو“ چي ”گهوٻاٽو“! اهڙو اديب لکڻيداس ته چئبو، پر حقيقي اديب نه چئبو، زمانه شناس نه چئبو، حقيقت بين نه سڏبو. اهڙو اديب، نااميديءَ جي شڪار ٿيڻ کان پوءِ، رڳو نالهء ماتم بلند ڪندو رهندو، پر رجز خوانيءَ کان محروم رهجي ويندو، قوم کي اڃا به هيڪاري وڌيڪ نااميد ڪندو، ۽ کيس گهريءَ ننڊ ۾ سمهاري ڇڏيندو، پر جاڳائيندو اصل ڪين. مان ائين ڪونه ٿو چوان ته فراري اديب، اديب ئي نه آهي، يا هو ادب ۾ ڪا تخليق نٿو ڪري ۽ فن جا ڪرشما نٿو ڏيکاري. هو بيشڪ فن جي ميدان ۾ ڪيئي خيالي تاج محل بنائي ٿو سگهي. ليڪن سندس فن ۽ ادب جڏهن ته ”فن برائي فن“ ۽ ”ادب برائي ادب“ آهي، تنهنڪري ”سماج“ ۽ ان جي ذهين طبقي لاءِ نه منجهس جاذبيت آهي ۽ نه سماج جي تعمير لاءِ منجهس ڪا زندگي آهي.

هت اهو واضح ڪرڻ به ضروري آهي ته فراري ۽ رومانوي اديب جي فني ڪارنامن ۾ ڪڏهن ڪڏهن، جزوي حد تائين، ڪجهه نه ڪجهه تعميري خيالات به ملن ٿا. ان طرح، ٻئي طرف، ڪنهن تعمير پسند اديب جي مقصدي شهپارن ۾ به جزوي طور ياسيت ۽ رومانويت جورنگ ملي سگهي ٿو. ٻنهي صورتن ۾ ڏسڻ جي فقط اها چيز آهي ته ڪنهن ”اديب“ جي مجموعي فني ڪارنامي جي حيثيت ڪهڙي آهي، سندس ”فن“ اجتمائي کان سماج جي تعمير يا تخريب ۾ ڪيترو ۽ ڪهڙو حصو وٺي چڪو آهي.

مون عرض ڪيو آهي ته سماج جي تعمير ۾ حصي وٺندڙ اديب لاءِ اهو لازمي آهي ته هو زندگيءَ جي دوگونه ۽ دورخي عوامل ۽ انهن جي ڪشمڪش کي ڄاڻي سگهي ۽ بيان ڪري سگهي. ان ۾ انساني فطرت جي محرڪات ۽ تمدن جي ادارن کي ڪم ڪندي ڏسي سگهي، ۽ ”خير۽ شر“، ”حق ۽ باطل“ ۾ نمايان فرق جو احساس ۽ ادراڪ حاصل ڪري سگهي. ان کان پوءِ، عملي طور سماج جي تعميري عوامل جو ساٿ ڏئي سگهي، ۽ فساد پيدا ڪندڙ عناصر جي خلاف جنگ جو نعرو بلند ڪري سگهي.

اڄ اسان جنهن دور مان گذري رهيا آهيون، اهو نظريات جي ڪشمڪش جو دور آهي. انساني تاريخ ۾ هڪ اهڙو دور به گذريو آهي، جنهن ۾ قبيلي کي فيصله ڪُن طاقت جي حيثيت حاصل هئي. ٻيو دور اهڙو به گذريو آهي، جنهن ۾ بادشاهه کي ”ظل سبحاني“ ڪري تسليم ڪيو ويو، ۽ ان جي آڏو سجدو به ڪيو ويو ته ان جو هر حڪم، الاهي امر ڪري مڃيو ويو. ٽيون دور اهڙو به گذريو، جنهن ۾ جاگيردارانه نظام، زندگيءَ جي پيشوائي ڪري رهيو هو. زندگيءَ جا سڀ مسئلا، هڪ جاگيردار جي اشاري سان صفا ٿيندا هئا. انهن دورن ۾، ”مذهب“ جو مسخ شده نظام انهن جي تائيد ڪندي نظر اچي ٿو. هر دور ۾ ڪي نه ڪي پنڊت ۽ پوپ، ملا ۽ مولوي، انهن جا تائيد ڪندڙ نظر اچن ٿا. مختصر چئجي ته اهي دور ٽن طاقتن ۾ ورهايل هئا. هڪ فرعون، جو مطلق العنان بادشاهه جو پارٽ ادا ڪري رهيو هو. ٻيو قارون، جو سرمائيدارانه نظام جي نمائندگي ڪري رهيو هو، ۽ ٽيون هامان، جو مذهبي اجاره داري جي منصب تي فائز هو. پوري انساني تاريخ، انهن ٽنهي قوتن جي موجودگيءَ جي ساک ڀري رهي آهي.

ان کان پوءِ جي انقلاب آيا، تن بادشاهي ۽ جاگيرداري دور کي جهوري وڌو، ۽ ”قوميت“ ۽ ڪن حالتن ۾، نسلي برتريءَ جي آڙ ۾ سماج جي تعمير جو نعرو بلند ڪيو ويو. انساني سماج جي ارتقاء، ان قومي ۽ نسلي بَرتريءَ واري دور کي به گهٽ ۾ گهٽ ذهني طور، آخر ختم ڪري ڇڏيو آهي.

هن دور ۾ انسانيت، ”نظريات“ جي بنيادن تي تعمير ٿي رهي آهي. اڄ عالمي بلاڪن جا رشتا، ايٽم بم ۽ هيڊروجن بم جا فتيلا، مصنوعي سيارن جا ڏورا، مختلف نظريات جي هٿن ۾ آهن. تاريخ جي هن دور ۾ زندگيءَ جا تخريبي ۽ تعميري اسباب ۽ عوامل هڪ ٻئي کان جدا نه آهن، پر ڪنهن نه ڪنهن نظريي جي ماتحت جمع ٿي چڪا آهن.

نظريات جي ڪشمڪش واري هن دور ۾، سماج جي ذهني تعمير ۾ حصو وٺندڙ، ڪنهن نه ڪنهن نظريي سان وابسته هجڻ تي مجبور آهن. اهڙي دور ۾ اهو ظاهر آهي ته اڄ ڪوبه اديب انساني سماج جي تعمير ۾، تيستائين ڪوبه نمايان ۽ شايان شان حصو وٺي نٿو سگهي، جيستائين سندس تخليقات ۾ ڪنهن صحيح ۽ صحتمند نظريهء حيات جو روح ڪارفرما نه  هجي.

هن موجوده دنيا تي سڀ کان زياده جن نظريات کي تسلط حاصل آهي، انهن جو نقطهء آغاز خواهش پرستي آهي. هڪ فرد ۾ جا چيز خواهش پرستيءَ ۽ نفسيات جي آڙ ۾ نمودار ٿئي ٿي، اها پوري تمدني نظام ۾ ماده پرستيءَ جو رنگ اختيار ڪري ٿي. معاشيات ۾ استحصال باالجبر (يعني زبردستيءَ سان زندگيءَ جي نعمتن ۽ پيداوري جنسن تي قبضو ڪرڻ) جو رنگ وٺي ٿي. عمرانيات ۾ طبقاتي ڪشمڪش کي اڀاري ٿي. سياست ۾ مڪاري ۽ غيرجمهوري فريب کي جنم ڏئي ٿي. سائنس جي تعميري ايجادات کي انسان ذات کي فنا ڪرڻ لاءِ ميدان جنگ ۾ آزمائي ٿي. اهائي بين الاقوامي دائري ۾ چنگيزيت ۽ پرويزيت جي پنجهء خونين کي تيز ڪري ٿي. ياد رکڻ جهڙي ڳالهه آهي ته هيءَ خواهش پرستيءَ يا ماده پرستي رڳو دهريت يا فلسفهء ماديت سان ئي همڪنار ڪانه ٿي رهي، پر اُها مذهبي ۽ روحانيت جي متوالن وٽ پڻ ڪجهه اوتري قدرئي موجود ٻڌجي ۽ ڏسجي ٿي. ٻنهي طرفن جي فردن توڙي قومن وٽ اهڙي امتياز جي دعوا درحقيقت خود پسنديءَ کان مٿي ڪا حيثيت ڪانه ٿي رکي. خواهش پرستيءَ يا ماده پرستيءَ جا هي نظريا، جن کي آءٌ هوند خود پرستي جا نظريا سڏيان، اهي مادي نظريات: جن جي زندگيءَ جو مقصد آهي انسان ذات تي پنهنجن ذاتي، طبقاتي يا قومي تفاخر کي مسلط ڪرڻ، پنهنجي نظريهء حيات کي غالب رکڻ، ۽ پنهنجي سياسي ۽ سماجي نظام کي رائج ڪرڻ، تن اصل ۾ پوري انسانيت کي قومي توڙي بين الاقوامي دائري ۾، حيواني تصوارات جو آماجگاهه بنائي ڇڏيو آهي. هر هنڌ دفاع ۽ انتقام لاءِ ٻارڻ ٻري رهيو آهي. هر فرد، هر قوم ۽ هر ملڪ تي هڪ قسم جو خوف طاري آهي. وڏيون قوتون، ننڍين قوتن کي يا ته بنهه ڳهي وڃڻ لاءِ واڳون وارو وات ڦاڙي چڪيون آهن، يا کين زوريءَ پنهنجي پُڇ سان ٻڌي، گهلجڻ تي مجبور ڪري رهيون آهن. زندگيءَ جي هر دائري ۾، هڪ گروهه باقي انسانيت تي پنهنجي خدائيءَ جو حڪم هلائي چڪو آهي.

هن دور جي نظريات ۾، بلالحاظ مذهبيت يا عدم مذهبيت جي، هڪ طرف سرمائيدارانه جمهوريت آهي ته ٻئي طرف پرولتاري اشتراڪيت. اڄ انهن ٻنهي نظرين جي چَڪيءَ ۾ انسان ذات ذهني ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي چڪي آهي. خدا نه خواسته، اهي ٻئي نظريا اگر ايٽم بم جهڙن مهلڪ هٿيارن سان ميدان جنگ ۾ ڪُڏي پيا ته پوءِ پوري دنيا هيرو شيما بنجي ويندي. انهن نظريات جي ڪشمڪش ۾، انسان لاءِ نه رهيو آهي، امن نه ايمان، نه سڪون نه اطيمنان، بلڪ نه موت رهيو آهي ۽ نه حيات! موت ۽ حيات جي درمياني ڪيفيت ۾ پوري انسانيت مبتلا ٿي چڪي آهي، ۽ ماده پرستيءَ جو عذاب انسان ذات جي جسم کان وٺي روح تائين پهچي چڪو آهي.

موجوده دور ۾، انساني سماج کي هڪ جوابي نظريهء حيات جي ضرورت آهي. هڪ اهڙو جوابي نظريو، جنهن جو نقطهء آغاز خداشناسي ۽ انسان دوستي هجي، جو معاشيات ۾ طبقاتي تعاون پيدا ڪري سگهي، جو سياست کي انساني نصب العين تي مضبوط ڪري سگهي، جو اخلاق جو بنياد فرض جي احساس تي رکي سگهي، جو هر عمل ۽ حرڪت کي ايثار ۽ قربانيءَ جي لذت کان آشنا ڪري سگهي، جو علم ۽ فن کي انسانيت جي تعمير لاءِ مجموعي طرح سان استعمال ڪري سگهي، جو سائنس جو ايجادات کي انسان ذات جي فلاح ۽ ترقيءَ لاءِ خدمتگذار بنائي سگهي، ۽ جو بين الاقوامي فساد   ظلم کي انساني وحدت ۽ اخوت جي تصور تي آڻي، هڪ ترقي يافته ۽ امن پسند سماج جو بنياد وجهي سگهي: بهرحال، هن دور ۾ اهڙو نظريهء حيات گهرجي، جو مادي خواهش پرستيءَ کان عالم انسانيت جي جند ڇڏائي، ۽ انسان جي انسان تي خدائيءَ واري برتريءَ کي ناس ڪري سگهي: طبقاتي ڪشمڪش جو بنياد اکيڙي، اخوت ۽ وحدت کي پيدا ڪري سگهي، زندگيءَ جي نعمتن ۽ پيداواري جنسن کي صحيح نموني ۾ ورهائي سگهي: جمهوريت پسند خيالن کي فروغ ڏئي سگهي: ۽ مذهب جي بيروح ڍانچي ۾ عمل ۽ اخلاق جو روح ڦوڪي سگهي: دنيا مان ظلم ۽ استبداد کي فنا ڪري سگهي: انسان ۾ روحاني ۽ اخلاقي قدر پيدا ڪري سگهي: موجوده بيمقصد ۽ نامراد زندگيءَ ۾ ڪو عظيم مقصد پيدا ڪري سگهي: ۽ ظلم ۽ استبداد جي خلاف ذهني ۽ فڪري، عملي ۽ اخلاقي جدوجهد لاءِ ميدان هموار ڪري سگهي.

ان سلسلي ۾ اها ڳالهه به خيال ۾ رکڻ جهڙي آهي ته هر ”انقلاب“ انقلاب نه آهي، جيستائين اهو وقت ۽ ماحول جي ضمير مان نه پيدا ٿئي. اهو ”انقلاب“، جو ڪن سطحي ۽ دور ازڪار مسئلن يا اڻ ٺهڪندڙ خارجي محرڪات کان متاثر ٿي پيدا ڪيو وڃي ٿو، اهو پائدار ۽ جاندار نٿو رهي: اهو ڌاريو ۽ اوپرو ٻوٽو ٿئي ٿو، جو غير مانوس مٽيءَ ۽ ڦريل موسمي هوائن جو مقابلو ڪري نٿو سگهي.

ادب جي خدمتگذارن کي هن ملڪ جي سماج جي اصلاح لاءِ... جو مسلم سماج آهي---- ”اسلامي نظريي“ جي ماتحت ئي علم و فن جي آبياري ڪرڻ جڳائي، ڇا لاءِ ته ٻيا نظريا هن ملڪ جي ”ضمير ۽ مزاج“ جي مواقف نٿا اچن آهن. بقول حضرت مولانا عبيدالله سنڌي:

”هن ملڪ ۾ انقلاب ايندو ۽ ضرور ايندو. پر اهو هن ملڪ جي ضمير مان پيدا ٿيندو. ان لاءِ ڪنهن به ٻاهرئين نظريي جي تقليد جي گنجائش ڪانه آهي.“

موجوده دور ۾، ”ضمير“ جو مطلب ٿيندو، سماج جا اهي دانشور ۽ ذهين انسان- جي عمل ۽ ڪردار، اخلاق ۽ پاڪيزگيءَ جا مجسما آهن، جي باشعور آهن ۽ اهل نظر آهن--- انهن جي فڪر ۽ ڪردار مان ئي ”انقلاب“ پيدا ٿيڻو آهي، جو سچو پچو ”انقلاب“ هوندو.

هاڻي ڏسڻو هي آهي ته، موجوده مسلم معاشري جي ڪيفيت ڪهڙي پد تي پهتل آهي؟ مولانا سنڌي ان سلسلي ۾ فرمائي ٿو:

”هي آکيرا جي اوهان ٺاهيا آهن، سي زماني جي هٿن کان، ڪڏهين به بچي نه سگهندا. توڙي جو اوهان انهن کي فلڪ الا فلڪ ٿا سمجهو. اوهان جو تمدن، اوهان جي سماج، اوهان جو فن ۽ فڪر، اوهان جي سياست ۽ اوهان جي معاشري، سڀ بي روح بوتا بڻجي چڪا آهن. اوهان ان کي ”اسلامي تمدن“ ٿا سڏيو، پر ان تمدن ۾ اسلام جي بوءِ به ڪانهي! اوهان مذهب جو نالو وٺو ٿا، پر اهو مذهب رڳو اوهان جي ضد ۽ هٺ ڌرمي جونالو آهي. مسلمان ٿيڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ”اسلام“ کي سمجهيو. هي ”اسلام“ جنهن کي اوهان ”اسلام“ سڏيو ٿا: سو ته ”ڪفر“ کان به بدتر آهي. اوهان جا امير جاه پرست آهن، حڪمران شهوات ۾ مبتلا آهن، غريب طبقي جا ماڻهو وهمن ۽ وسوسن ۾ گرفتار آهن، اوهان پاڻ کي جلدي سنڀاليو ۽ جلدي بدلايو، ورنه زمانو اوهان جو ڪو نشان به نه ڇڏيندو.“

مولانا سنڌيءَ جي گفتگو آهي ذرا تلخ ۽ تيز، ان تلخيءَ کي ڇڏي اگر ڏٺو ويندو ته آهي سورهن آنا سچ!

اهڙي دور ۾، اسان جي اديبن ۽ فنڪارن جي ڪهڙن حالت آهي. هو سماج جي تعمير لاءِ ڪهڙو ”فن“ پيش ڪري رهيا آهن. انهن جي فن ۽ فڪر ۾ ڪهڙا حيات آفرين قدر آهن؟ سماج جي اصلاح لاءِ وٽن ڪهڙو پيغام آهي؟ اگر غور سان ڏسبو، ته پوءِ معلوم ٿيندو، ته ڪٿي اسان جي ”فن ۽ فڪر“ تي فرسوده، خيالات قابض آهن، ڪٿي، شهوات ۽ جنسيات جي چس آهي. ڪٿي فحش گوئي ۽ حسن پرستي آهي، ۽ ڪٿي بوالهوسي ۽ خواهش پرستي جورنگ غالب آهي، اهي ئي پراڻا قصا آهن، جي نون نون رنگن ۾ پيش ڪيا وڃن ٿا. سماج جي شعور ۽ اخلاق جي تعمير ۽ اصلاح لاءِ اسان مان گهڻن وٽ نڪو آهي ”فن“ نڪو آهي ”فڪر“.

جنهن سماج جو پورو نظام حيات بي روح هجي. ان سماج جو دانشمند ۽ فڪري طبقو، جيڪڏهن ايتريقدر غلط، پاروٿي ۽ بي اثر فن ۽ فڪر ۾ مبتلا هوندو ته پوءِ ان سماج جو واهي الله!

اهوسماج چند ڏينهن جو مهمان آهي. تاريخ جو انقلابي فيصلو، کيس هڪ ڌڪ سان ناس ڪري ڇڏيندو. تاريخ اهڙن، ڪيترن بي روح ۽ مقدس، ملمع ساز ۽ منصوعي معاشرن کي ختم ڪري چڪي آهي، جن جو نالو نشان به موجود ڪين آهي.

سچ پچ، ته هن دور جي زندگيءَ ۽ موت جو سوال وابسته آهي، دانشور طبقي سان. جن جي فن ۽ فڪر سان، قوم ۾ صالح ۽ صحتمند انقلاب پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ هيءَ مرده ۽ کوکلو سماج نه فقط زنده ٿي سگهي ٿو، پر هڪ مثالي سماج بنجي سگهي ٿو. ڪاش، اسان جا دانشور ڪجهه سوچن ۽ ڪجهه سمجهن. غ . م. گ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com