سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: قائدِاعظم جون تقريرون

باب: --

صفحو : 2

ڇپائيندڙ پاران

قائد اعظم محمد علي جناح رحه جي همه گير شخصيت ۽ ڪردار کان ملڪ جو ٻچو ٻچو واقف آهي. جڏهن به پياري پاڪستان جي قيام جو ذڪر نڪري ٿو، ته هڪدم ذهن تي بانيءِ پاڪستان حضرت قائداعظم محمد علي جناح رحه جو نالو به تري اچي ٿو، ڇو ته رياستون ۽ قومون تاريخ ۾ پنهنجي قومي رهبرن جي نالن پٺيان سڃاپجنديون آهن. تاريخ ۾ قومي رهبرن جو رياست ۽ قوم سان گهرو سُٻنڌ قائم هوندو آهي. اُن لازوال رشتي جي بنياد تي هڪ قومي رهبر جو ڪردار عام ماڻهوءَ جي ڪردار کان وڌيڪ واضح، چٽو ۽ سگهارو ٿئي ٿو، ڇو ته هڪ رهبر جون سموريون سياسي، سماجي ۽ جذباتي وابستگيون پنهنجي قوم ۽ ملڪ سان لاڳاپيل هونديون آهن.

ڪتاب ”قائد اعظم جون تقريرون“ انهيءَ عظيم اڳواڻ جي گهڻ رخي شخصيت کي ظاهر ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڏئي ٿو. هونئن به ڪنهن شخصيت جي ڪردار کي واضح ڪرڻ ۾ ڪابه لکت هڪ دستاويزي سند جي حيثيت رکي ٿي. باباءِ قوم جيئن ته مملڪت خداداد پاڪستان جو بنياد رکندڙ هو، تنهنڪري هو اسان جي آڏو هر موڙ تي وڌيڪ قابل احترام بڻجي ٿو. هن ڪتاب جي اڀياس کان پوءِ پڙهندڙ تي نه صرف باباءِ قوم جي گهڻ رخي شخصيت ۽ سيرت ظاهر ٿئي ٿي، پر پڙهندڙ کي پنهنجي روزمره جي زندگي گذارڻ ۾ مستقل مزاجيءَ سميت حوصلو به ملي ٿو، ڇو ته باباءِ قوم جي ساري زندگي مستقل مزاجي ۽ حوصلي سان گذري.

هن ڪتاب ۾ جناب غلام محمد گراميءَ بانيءِ پاڪستان جون اهي چونڊ تقريرون شامل ڪيون آهن، جن جي سحر انگريزيءَ هن خطي ۾ هڪ نئين ملڪ جي قيام لاءِ هڪ راهه هموار ڪئي هئي، تنهنڪري هيءُ ڪتاب اسان جي ماڻهن لاءِ هڪ سوکڙيءَ جي حيثيت پڻ رکي ٿو.

هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1976ع ۾ ڇپيو ويو هو. مارڪيٽ ۾ ڪتاب جي گهُرج کي نظر ۾ رکندي نئون ايڊيشن ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. اُميد آهي ته پڙهندڙ حضرات طرفان سٺي موٽ ملندي.

 

 انعام الله شيخ

سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ

ڄام شورو سنڌ

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org