سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: قائدِاعظم جون تقريرون

باب: --

صفحو : 8

پاڪستان جي تعمير

 - هڪ قوم جو ائين رضاڪاراڻا طور تي، مڪمل اقتدار ۽ حڪومت جو ٻيءَ قوم کي حوالي ڪرڻ، پوري دنيا جي تاريخ ۾ هڪ نرالو واقعو آهي.

هندستان کي صحيح نموني ۾ برطانيه جي تاج جو سڀ کان وڌيڪ چمڪيدار ۽ قيمتي هيرو سمجهيو ٿي ويو.

اڄ اهو هيرو پنهنجي مرضيءَ سان ٻين جي حوالي ڪيو پيو وڃي.

لارڊ مائونٽ بيٽن کي خطاب

13 - آگسٽ 1947ع

- پاڪستان جي سرزمين ۾ زبردست خزانا موجود آهن، پر کيس اهڙي ملڪ ٺاهڻ ۾، جو مسلمان قوم جي آباد ٿيڻ جي لائق ٿي سگهي، اسان کي پنهنجي قوت ۽ محنت جي ذري ذري کي استعمال ڪرڻو پوندو.

مون کي اميد آهي ته سڀ ماڻهو پاڪستان جي تعمير جي سلسلي ۾ دل ۽ جان سان حصو وٺندا.

جمعـہ الوداع 17 - آگسٽ 1947ع

- ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسان پاڪستان حاصل ڪيو آهي، ليڪن خيال ۾ رهڻ گهرجي ته هڪ قسم جو اڃا آعاز آهي. اسان جي ڪلهن تي هن وقت تمام وڏيون ذميداريون پئجي چڪيون آهن. جيتري وڏي ذميداري اوترو ئي وڏو ۽ مضبوط ارادو گهرجي. اسان کي عظيم جدوجهد لاءِ جذبو پيدا ڪرڻ گهرجي.

پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي جن ڪوششن ۽ قربانين جي ضرورت پيئي هئي، پاڪستان جي تعمير ۽ تشڪيل لاءِ انهن قربانين ۽ ڪوششن جي ضرورت پوندي. حقيقي معنيٰ ۾ ڪم جو وقت هاڻي آيو آهي. مون کي پورو پورو يقين آهي ته مسلمانن جي ذهانت هن بار عظيم کي آسانيءَ سان برداشت ڪندي.

يوم عيد 18 - آگسٽ 1947ع

- آزاد ۽ خودمختيار پاڪستان جي قيام جي خوشين ملهائڻ واري موقعي تي عيد به مسرت جو پيغام کڻي آئي آهي. هيءَ پاڪستان جي پهرين عيد آهي. پوري اسلامي دنيا ۾ مسرتن ۽ خوشين جو پيغام آڻيندڙ هي ڏينهن ان وقت ِظاهر ٿيو آهي جڏهن اسان جي قومي مملڪت ظاهر ٿي رهي آهي. ان لحاظ کان اڄوڪو ڏينهن اسان سڀني جي لا”، خاص اهميت ۽ مسرت جو ڏينهن آهي. مان اڄوڪي مبارڪ موقعي تي سڀني مسلمانن کي پوءِ اهي کڻي دنيا جي ڪهڙي به خطي ۾ آباد هجن، دل جي سچائيءَ سان عيد مبارڪ پيش ڪريان ٿو.

هڪ اهڙي عيد، جا انشاءَالله اسان لاءِ خوشحاليءَ جو نئون باب کوليندي ۽ جا اسلامي ثقافت ۽ نظريات جي نشاهِ ثانيه جي تحريڪ لاءِ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندي. دعا آهي ته شال الله تعاليٰ اسان کي گذريل قابل احترام تاريخ جي شايان شان بنائي.

پيغام عيد 18 - آگسٽ 1947ع

- مان پاڪستان جي هر مسلمان مرد ۽ عورت کي چوان ٿو ته هو سڀ پنهنجي موجوده ڏک ۽ تڪليف جي ٻوڏ ۾ نه وهن. انهن پنهنجي قومي سلطنت قائم ڪرڻ لاءِ، اڳ ۾ به تمام گهڻيون تڪليفون سٺيون آهن ۽ ڪافي قربانيون ڏنيون آهن، هينئر اهو به انهن جو ئي ڪم آهي ته هو پاڪستان جي تعمير ڪن جيئن تمام جلد هو دنيا ۾ سڀ کان وڏي اسلامي سلطنت جا معمار ۽ باني سڏجي سگهن ۽ دنيا جي قومن ۾ عزت وارو حق حاصل ڪري سگهن.

صرف ان صورت ۾ ئي اسان ان قتل وغارت  جو بهترين انتقام وٺي سگهون ٿا، جو ٻئي طرف کان اڄ ڪلهه ڪيو پيو وڃي. ياد رکڻ گهرجي ته اوهان کي فوري جذبات کان مغلوب ٿي ڪري جسماني انتقام ۽ بدلي جي لا محدود رڃ ۾ ڀٽڪڻ نه گهرجي.

بيان - 24 - آگسٽ 1947ع

- جي ماڻهو پنهنجي نادانيءَ جي ڪري اهو سمجهي رهيا آهن ته هو پاڪستان کي ختم ڪري ڇڏيندا، سي وڏي غلطيءَ ۾ مبتلا آهن. دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان جي شيرازي کي منتشر ڪري نه سگهندي. پاڪستان جون پاڙون پاتال تائين پهچي چڪيون آهن.

اسان جي دشمنن کي ان قسم جي خوابن ۽ ارادن جو ڪو ٻيو نتيجو نه ڏسڻو پوندو. سواءِ هن جي ته، اڃا به وڌيڪ معصوم ۽ بي گناهه مسلمان ماريا وڃن. اهڙن کي ياد رکڻ گهرجي ته اهي ماڻهو پنهنجن فرقن جي نرڙ تي بدنما داغ پيدا ڪري رهيا آهن. مهذب ۽ متمدن دنيا سندن ان قسم جي وحشياڻي طرز عمل کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندي.

مان خدا کان دعا ٿو گهران ته اي خدا، تو ئي اسان کي هيءَ آزاد ۽ خودمختيار سلطنت عطا ڪئي آهي، ۽ تون ئي هن ملڪ جي ماڻهن کي مصيبتن سهڻ جي توفيق ڏي، ۽ صبر ۽ استقلال عطا فرماءِ جيئن هر قسم جي اشتعال هوندي، هو پاڪستان ۾ امن امان قائم رکي سگهن.

بيان - 24 - آگسٽ 1947ع

- هندستان ورهائجي چڪو آهي ۽ ان جو ورهاڱو ٿيڻو هو. هيءَ ورهاست  بلڪل آخري ۽ ناقابل تنسيخ آهي. ان کي رد ڪري نه ٿو سگهجي. اسان کي ان جو به شديد احساس آهي ته هن عظيم آزاد ۽ خود مختيار سلطنت جي قيام ۾، اسان سان ڏاڍي بي انصافي ڪئي وئي آهي. جيترو به وڌ ۾ وڌ اسان کي مجبور ڪري ٿي سگهيا، اوترو مجبور ڪيو ويو.

آخري ضرب جا اسان کي هنئي وئي آهي، سو آهي بائونڊري ڪميشن جو ايوارڊ. اهو ايوارڊ، نهايت غير منصفاڻو، ناقابل فهم ۽ گمراهه ڪن آهي. اهو ايوارڊ غلط، غير منصفانه ۽ گمراهه ڪن ئي سهي، انصاف تي ٻڌل هجڻ جي بدران سياست تي ٻڌل ئي سهي، باوجود ان جي اسان ان تي عمل ڪرڻ لاءِ اتفاق ڪري چڪا آهيون ۽ هاڻي اسان ان جا پابند آهيون. هڪ عزت واري قوم جي حيثيت سان اسان کي ان جي پابندي ڪرڻ گهرجي. اها اسان جي بدقسمتي ئي سهي، پر ان هڪ ضرب کي استقلال سان برداشت ڪرڻ گهرجي.

بيان - 24 - آگسٽ 1947ع

- جنهن پاڪستان لاءِ اسان گذريل ڏهن سالن کان وٺي جدوجهد هلائيندا آيا آهيون، اڄ الله جي فضل و ڪرم سان ان جي حيثيت تسليم ڪئي ويئي آهي. پر ان سان گڏ اهو خيال ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن به قومي رياست کي وجود ۾ آڻڻ ڪو آخري مقصد نه چئبو آهي، بلڪ اهو ڪنهن مقصد کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو چيو ويندو آهي. اسان جو نصب العين اهو هو ته اسان هڪ اهڙي مملڪت جي تخليق ڪريون، جنهن ۾ اسان آزاد ۽ خود مختيار انسانن وانگر زندگي بسر ڪري سگهون ۽ جا سلطنت اسان جي تهذيب ۽ تمدن جي روشنيءَ ۾ ترقي حاصل ڪري سگهي، جنهن ۾ معاشرتي انصاف جي اسلامي تصور کي نشوونما حاصل ڪرڻ جا اڪيچار موقعا ملي سگهن.

پاڪستاني آفيسرن کي خطاب

11 - آڪٽوبر 1947ع

- اسان جيتريون به سخت تڪليفون سهنداسين، يا جيتريون به قربانيون ڏيڻ سکنداسين، اوترو وڌيڪ پاڪيزه، خالص ۽ مضبوط قوم جي حيثيت سان اڀري سگهنداسين.

جيئن سون باهه ۾ سڙڻ کان پوءِ خالص بڻجي ٿو، تيئن قومون مشڪلاتن کي برداشت ڪري، خالص بڻجن ٿيون.

عيدالاضحيٰ جو پيغام

24 - آڪٽوبر 1947ع

- جيستائين ٻن قومن جي نظريي واري سٽاء جو تعلق آهي، ان لاءِ ائين چوڻ ڪافي آهي ته اها هڪ حقيقت آهي. هندستان جي ورهاست ان حقيقت جي بنياد تي ڪئي وئي آهي، ٻين ڳالهين جي قطع نظر ان حقيقت جي تصديق گذريل ٻن مهينن جي افسوسناڪ بلڪ شرمناڪ واقعن مان به ٿئي ٿي، جن ۾ هندستان پاران هن ملڪ مان هندن کي نڪري وڃڻ جي سازش پڻ آهي.

ان هوندي اهو ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته برصغير ۾ صرف هڪ قوم آباد آهي! مان ان مسئلي تي ڪو به زور ڏيڻ نه ٿو گهران. ڪجهه ٻيا به اهڙا واقعا آهن، جي ان حقيقت جي تصديق ڪن ٿا ته هندستان جي مملڪت هڪ هندو مملڪت آهي.

هڪ پرڏيهي نامه نگار مسٽر هوپر کي انٽرويو

25 - آڪٽوبر 1947ع

- ممڪن آهي ته ڪي ماڻهو اهو سوچيندا هجن ته اسان 3 - جون واريءَ رٿ کي قبول ڪري غلطي ڪئي آهي. مان اهڙن کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته ان کان سواءِ ٻيو هرڪو قدم حد کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ تباهيءَ وارو ٿئي ها. اوهان ان جو ڪو تصور به ڪري نٿا سگهو. اسان پنهنجي طرف کان نهايت صاف ۽ نيڪ ارادن سان عمل ڪيو آهي. اڳتي هلي تاريخ ۽ زمانو شاهدي ڏيندا. ان جي برعڪس زماني ۽ تاريخ جي فتويٰ اهڙن ماڻهن جي خلاف هوندي، جن جي عياريءَ ۽ مڪاريءَ وارين تدبيرن سان هن برصغير ۾ بدامني ۽ انتشار وارو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي. بدامنيءَ جي ڪري لکين  بي گناهه قتل ٿي چڪا آهن، بي حساب جائداد تباهه ڪئي وئي آهي. لکين انسان بي گهر ۽ دربدر ٿي ڀٽڪي رهيا آهن. بي هٿيار ۽ ڪمزور، بي گناهن جي هن قتل عام جي منظم سازش جي اڳيان دنيا جي بدترين ظالمن ۽ جابرن جي انتهائي وحشيانه ۽ سنگدلانه خونريزي به سر جهڪائڻ لاءِ مجبور آهي. اسان هڪ ذليل سازش جو شڪار بنجي چڪا آهيون. ان سازش کي عمل ۾ آڻيندي، ديانت ۽ انسانيت جا سڀ اصول اورانگهيا ويا آهن. اسان کي ايمان جي دولت جو مقابلو ڪرڻ گهرجي.

جلسه عام لاهور

30 - آڪٽوبر 1947ع

- اوهان پنهنجو فرض بجا آڻيندا رهو ۽ خدا تي ڀروسو رکو. دنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان کي ختم ڪري نه ٿي سگهي. هي قائم ۽ دائم رهڻ لاءِ بنيو آهي.  اسان جا عمل ۽ ڪارناما دنيا تي ثابت ڪري رهيا آهن ته اسان سچائيءَ  ۽ حق تي آهيون.

مان اوهان کي اهو يقين ٿو ڏياريان ته دنيا جي همدردي خاص طرح سان اسلامي ملڪن جي همدردي ۽ محبت اوهان سان آهي. اسان به هر ان قوم جا احسانمند آهيون، جنهن امداد، تعاون، همدرديءَ ۽ دوستيءَ جو هٿ اسان ڏانهن وڌايو آهي.

جلسه عام لاهور

30 - آڪٽوبر 1947ع

- اچو ته اسان ۽ اوهان گڏجي، پنهنجي آزاد قوم، پنهنجي خود مختيار مملڪت پاڪستان جي تشڪيل ۽ تعمير لاءِ ڪجهه تدبيرون تيار ڪريون.

اوهان ڄاڻو ٿا ته پاڪستان دنيا ۾ سڀ کان وڏي اسلامي مملڪت آهي ۽ ساري دنيا ۾ پنجين عظيم ۽ آزاد سلطنت به آهي.

هر مسلمان مرد ۽ عورت لاءِ سونهري موقعو آهي، ته هو ان خوش قسمتيءَ تي فخر ڪن ۽ پنهنجي حصي آهر ڀرپور ۽ مڪمل ڪردار ادا ڪن.

پاڪستاني قوم ۽ ملڪ کي دنيا جي عظيم ترين قوم ۽ ملڪ بنائڻ لاءِ مسلسل ۽ اڻ ٿڪ محنت ۽ جدوجهد جي ضرورت آهي. بيشڪ اسان ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن.

پاڪ سرزمين زبردست وسيلن ۽ ذريعن سان ڀرپور آهي. پاڪستان ۾ ترقيءَ جا ڪيئي امڪان موجود آهن. باري تعاليٰ اسان کي قدرتي دولت سان مالا مال ڪيو آهي. ان ڪري هاڻي اهو ڪم اسان جو آهي ته اسان ان دولت مان وڌ ۾ وڌ فائدو وٺون.

نشري بيان - 30 - آڪٽوبر 1948ع

- اها حقيقت اڄ اظهر من الشمس ٿي چڪي آهي ته اسان پاڪستان حاصل ڪري ورتو آهي، ڪنهن به خوني جنگ کان سواءِ، امن ۽ امان سان، اخلاقي ۽ ذهني قوت جي زور تي ۽ قلم جي ان طاقت سان جنهن جي ڪاٽ، تلوار کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ناهي.

اسان ثابت ڪري چڪا آهيون ته اسان سچا آهيون ۽ اسان جو مقصد به سچو آهي.

پاڪستان هاڻي قطعي ۽ اٽل حقيقت بڻجي چڪو آهي، ان کي ڪوبه ختم ڪري نه ٿو سگهي.

- ان کان علاوه هن برصغير جي انتهائي منجهيل، آئيني مسئلي جو باعزت، منصفانه ۽ عملي حل به پاڪستان جي قيام کان سواءِ ٻيو ڪونه هو.

نشري بيان لاهور

30 - آڪٽوبر 1947ع

- پاڪستان جي تعمير واري بار عظيم جي شدت ۽ سنگينيءَ کان ڪڏهن به گهٻرائڻ نه گهرجي.

تاريخ ۾ اهڙين نين قومن جا ڪيئي مثال موجود آهن، جن پنهنجي قوت ارادي ۽ بلند ڪردار سان پاڻ کي ٺاهيو ۽ وڏي عزت واري مقام تي پهچايو.

اوهان جو خمير فولادي قوتن مان بنيو آهي. اوهان همت ۽ حوصلي جي ڪري، دنيا ۾ ڪنهن به قوم کان گهٽ نه آهيو ته پوءِ سوال آهي ته اوهان ٻين وانگر ڇو نه ڪامياب ٿي سگهندؤ؟ خاص طرح سان پنهنجن ابن، ڏاڏن وانگر ڪاميابي.

اوهان کي پنهنجي ذات ۾ فقط مجاهدن وارو روح پيدا ڪرڻ گهرجي.

اوهان اها قوم آهيو، جنهن جي تاريخ حيرت انگيز نموني ۾، بلند ڪردار، بلند حوصله، بهادر ۽ وڏي عزم وارين هستين سان ڀريل آهي. اوهان پنهنجي شاندار روايتن تي زندهه قومن وانگر قائم رهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ پنهنجي تاريخ ۾ شان ۽ شوڪت جي هڪ نئين باب جو اضافو ڪريو.

جلسه عام لاهور

30 - آڪٽوبر 1947ع

- مان چاهيان ٿو ته اوهان سڀ مڪمل اتحاد ۽ باهمي تعاون سان ڪم ڪيو، اڄ اوهان سڀني خطرن جو پاڻ ۾ گڏجي سڏجي مقابلو ڪريو، جي اڄ اوهان جي اڳيان آهن.

مون کي يقين آهي ته اسان سڀني مشڪلاتن ۽ خطرن مان ڪاميابيءَ سان گذري وينداسون.

پاڪستان جي عزت ۽ وقار کي اڃا به وڌيڪ بلند ڪنداسون ۽ اسلام جي روايتن کي برقرار رکندي، ۽ پنهنجي قومي جهنڊي کي ڦڙڪائيندي، ڪامياب ٿينداسون.

پاڪستاني فوجن کي خطاب

8 - نومبر 1947ع

- اسان جي پاران دشمن جي سازش جو موزون ۽ مناسب جواب اهو آهي ته اسان پنهنجي مملڪت کي مضبوط بنيادن تي تعمير ڪرڻ جو عزم پيدا ڪيون. هڪ اهڙي مملڪت، جا اسان جي اولاد لاءِ بهترين تربيت گاهه بنجي سگهي. ان لاءِ ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.

مان ڄاڻان ٿو ته جنگ جي دور ۾ اوهان مان گهڻن تي سخت تڪليفون آيون آهن، ان ڪري اڄ اوهان کي آرام جي ضرورت آهي.

پر ياد رکڻ گهرجي ته اسان لاءِ اڃا جنگ ختم نه ٿي آهي، بلڪ ڄڻ هاڻي کان شروع ٿي آهي. ان ڪري جيڪڏهن اسان کي هن جنگ کي فتح ڪرڻ جو ارادو آهي ته پوءِ اسان کي انتهائي جدوجهد سان ڪم ڪرڻو پوندو.

هي زمانو رڳو پنهنجي ذاتي ترقيءَ  ۽ وڏين جنگين لاءِ تياري ڪرڻ جو ناهي. هي فقط تعميري ڪمن لاءِ آهي. بي غرض خدمت ۽ فرض جي ادائيگيءَ جو دور آهي، اوهان تي فرض آهي ته اوهان پنهنجي قول ۽ عمل سان پنهنجي عوام ۾ نئون روح پيدا ڪيو. عوام کي اهو محسوس ڪرايو ته هو هڪ عظيم مقصد لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. هڪ اهڙي مقصد لاءِ جو هر قربانيءَ جو مستحق آهي. اسان کي خدا تعاليٰ هڪ نئين مملڪت جي معمار بڻجڻ جو شرف بخشيو آهي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو ماڻهو اسان کي طعنا هڻڻ شروع ڪن ته اسان نئين مملڪت بنائڻ جي لائق ئي ناهيون.

پاڪستاني آفيسرن کي خطاب - ڪراچي

11 - ڊسمبر 1947ع

- اسان مستقل مزاجيءَ اڻ ٿڪ محنت ۽ مشقت، جذبي ۽ خلوص، ايثار ۽ قربانيءَ سان، پاڪستان کي انشاءَ الله هڪ عظيم ۽ مستحڪم قوم بنائينداسون.

پاڪستان قائم ۽ دائم رهڻ لاءِ وجود ۾ آيو آهي. هن زمين تي ٻي ڪا به اهڙي طاقت ڪانه آهي، جا کيس تباهه ۽ برباد ڪري سگهي.

آمريڪي نامه نگار کي انٽرويو

5 - فيبروري 1948ع

- ايمانداريءَ، دل جي خلوص ۽ محبت سان ڪم ڪندا رهو، ڪم ڪيو ۽ گهڻو ڪم ڪيو.

حڪومت پاڪستان تي اعتماد ڪيو ۽ ان سان وفاداريءَ جو عزم ڪيو.

مان اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته اوهان جي ضمير کان وڏي ڪا به طاقت روءِ زمين تي موجود ناهي.

مان چاهيان ٿو ته مان جڏهن باري تعاليٰ جي روبرو پيش ٿيان، تڏهن اوهان پوري اعتماد سان شاهدي ڏئي سگهو ته مون بيشڪ پنهنجو فرض، انتهائي ايمانداريءَ، وفاداريءَ ۽ دل جي خلوص سان انجام ڏنو آهي.

آفيسرن کي خطاب - سبي

14 - فيبروري 1948ع

- پوري انساني تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن نئين مملڪت جي اڳيان اهڙا سنگين ۽ مشڪل مسئلا نه آيا آهن، جهڙا اسان جي اڳيان آهن.

ان طرح پوري انساني تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن نئين مملڪت اهڙن مشڪل مسئلن سان عزم ۽ استقلال سان مقابلو نه ڪيو آهي، جهڙو اسان ڪري چڪا آهيون.

اسان جي دشمنن کي اها اميد هئي ته پاڪستان پنهنجي ولادت سان گڏ ختم ٿي ويندو، پر انهن جي غلط اميدن جي ابتڙ پاڪستان پنهنجي ولادت  سان گڏ، مشڪل مسئلن جي هجوم مان نهايت مردانه وار ۽ ڪامياب نڪري چڪو آهي، ۽ نڪتو به اهڙي شان سان آهي جو اڳتي کان نهايت مضبوط ۽ مستحڪم ٿي چڪو آهي.

پاڪستان قائم رهڻ لاءِ بنيو آهي ۽ هميشه قائم رهندو، ۽ پنهنجو اهو عظيم ڪردار ادا ڪندو رهندو، جو سندس مقدر ۾ لکجي چڪو آهي.

بيان - ڊاڪا

21 - مارچ 1948ع

- آزاديءَ جو مطلب اهو ناهي ته هرڪو بي لغام ٿي وڃي. آزاديءَ جو مفهوم اهو به ناهي ته هرڪو مملڪت ۽ ٻين ماڻهن جي مفادن کي نظر انداز ڪري، رڳو پنهنجي مفاد لاءِ ڪوشش ڪندو رهي.

اوهان تي وڏي ذميداري اچي چڪي آهي، ۽ اها اڳ وارين ذميدارين کان گهڻو وڌيڪ نازڪ ۽ سنگين آهي.

ان ڪري ضروري آهي ته اوهان هڪ منظم ۽ متحد قوم وانگر رات ڏينهن ڪم ۾ لڳا رهو. اسان سڀني کي گهرجي ته پاڻ ۾ تعميري جذبو پيدا ڪيون. آزاديءَ جي دور واري جنگ جي اڄ ٻيهر ضرورت ناهي، ڇو ته آزاديءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ جنگ پسنديءَ جي جذبات ۽ جوش وخروش جو مظاهرو ڪرڻ نهايت آسان آهي. پر ملڪ ۽ ملت جي تعمير ڪرڻ نهايت مشڪل آهي.

ڊاڪا يونيورسٽي - 26 مارچ 1948ع

- جڏهن اوهان چئو ٿا ته پاڪستان جو بنياد معاشرتي انصاف ۽ "اسلامي سوشلزم" جي اصولن تي رکيو وڃي، تڏهن اوهان بني نوع انسان جي اخوت ۽ مساوات تي به زور ڏيو ٿا ۽ اهو سڀ ڪجهه منهنجي ۽ مون سان گڏ لکها مسلمانن جي جذبات جي ترجماني ڪيو ٿا. ان طرح اوهان جڏهن هر شخص جي ترقيءَ لاءِ مناسب موقعن جي طلب ڪيو ٿا، تڏهن به اوهان ڄڻ منهنجي خيالات جي ترجماني ڪيو ٿا. ترقيءَ جي موقعن ۽ اسبابن جي مقصد متعلق ته پاڪستان ۾ ڪنهن کي به اختلاف ناهي، ڇو ته اسان پاڪستان ان لاءِ ئي گهريو هو ۽ ان عظيم مقصد لاءِ ئي اسان جدوجهد ڪئي هئي. اسان پاڪستان ان لاءِ حاصل ڪيو هو، جيئن اسان پنهنجي روايتن مطابق پنهنجن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ جسماني ۽ روحاني آزادي محسوس ڪيون. اخوت، مساوات ۽ رواداري، اهي آهن اسان جي مذهب، تهذيب ۽ تمدن جا بنيادي اصول. اسان پاڪستان لاءِ ان ڪري جنگ ڪئي هئي جو برصغير ۾ اسان کي انساني حقن کان محروم ٿيڻ جا اسباب پئي نظر آيا. اسان عظيم تصورات جي لاءِ جدوجهد ڪئي هئي. جي تصورات، صدين کان غير ملڪي حڪمرانن ۽ ذات پات جي دقيانوسي معاشرتي نظام جي ٻٽي تسلط ۾ پيسجي چڪا هئا. اهڙو تسلط ٻن صدين کان اسان جي مٿان جائز رکيو ويو. اسان جي جدوجهد عظيم مقصدن لاءِ هئي.

جلسه عام - چٽگانگ

26 - مارچ 1948ع

- قدرتي ڳالهه آهي ته عوام جي سوچ، حڪومت جي قيام تائين ئي اڪتفا ڪري سگهي آهي. پر اسان کي جيترو جلد پاڻ کي نين تقاضائن جي مطابق بدلجڻو آهي. جيترو تيزيءَ سان اسان جو ذهن نئين رياست جي غير محدود امڪانات متعلق سوچي سگهي ٿو. اهو طريقو ئي آهي، جو پاڪستان لاءِ تعمير پسند ثابت ٿي سگهي ٿو.

اها ڳالهه چڱيءَ  طرح سان ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته صرف ان صورت ۾ ئي هر هڪ اخوت، مساوات ۽ معاشرتي انصاف جي مظاهري مان مستفيد ٿي سگهي ٿو. انهن قدرن کي عملي طرح سان قبول ڪرڻ  ئي انساني ترقيءَ جي معراج تائين پهچڻ جو وسيلو آهي. اهي ئي قدر آهن جي هڪ طرف پاڪستان جي قيام جو جواز پيدا ڪن ٿا ۽ ٻئي طرف هڪ مثالي معاشري جي تخليق جا ذميوار آهن.

مان پوري زور سان هن ڳالهه کي وري دهرايان ٿو ته ذات پات تي قائم ٿيل دقيانوسي سماج کان جيڪو انساني روح کي خطرو محسوس ٿي رهيو آهي. اهو پاڪستان جي قيام کي ممڪن بنائڻ جي راهه پيدا ڪري رهيو آهي. اڄ اسان جو اجتماعي روح سڀني زنجيرن مان آزاد ٿي چڪو آهي. اسان کي گهرجي ته اڳتي وڌون.

جلسه عام - چٽگانگ

26 - مارچ 1948ع

- هن مملڪت جي تعمير جي عظيم نصب العين ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ اوهان وٽ ڪيئي شاندار موقعا موجود آهن، اوهان پاڻ کي مستقبل جي مقابلي لاءِ تيار ڪيو، پنهنجن ڪمن کي ان ئي عزم ۽ استقلال  سان جاري رکندا اچو. جو عزم هن وقت تائين اوهان ڏيکاريندا آيا آهيو.

سڀ کان اهم هيءَ ڳالهه خيال ۾ رکڻ گهرجي ته اوهان پاڻ کي شرارت پسند، پروپيگنڊا ڪندڙن ۽ خود غرض فتني ۽ فساد  جو سامان  بنجڻ نه ڏيو. ڇالاءِ ته اهي اوهان مان انهن مشڪلاتن مان، جي نئين مملڪت جي اڳيان لازمي طور تي پيدا ٿينديون آهن، بلڪل ناجائز فائدي وٺڻ جي سازش ۾ رڌل آهن.

ان عظيم مملڪت جي خاطر جنهن جا اوهان فرد آهيو، ان عوام جي سببان جنهن جي خدمت ڪرڻ اوهان جي ذمي آهي، بلڪ خود اوهان لاءِ به فرض آهي ته ڪنهن به مشڪلات کان اوهان نه گهٻرايو بلڪ اڳتي وڌندا رهو.

پاڪستان جي اڳيان نهايت شاندار مستقل آهي. هاڻي اهو اسان جو ڪم آهي ته قدرت  جي نعمتن مان فائدو وٺون ۽ هڪ عظيم ۽ شاندار پاڪستان جي تعمير ڪيون.

جلسه عام - ڊاڪا

28 - مارچ 1948ع

- ياد رکو ته پاڪستان جو قيام هڪ اهڙو عظيم واقعو آهي، جنهن جهڙو تاريخ ۾ ڪو به مثال ملي نه ٿو سگهي.

هيءَ دنيا جي سڀ کان وڏي اسلامي سلطنت آهي. جيڪڏهن اسان ديانتداريءَ، ايمانداريءَ، خلوص ۽ بي غرضيءَ سان ڪم ڪيو ته پوءِ لازم آهي ته پاڪستان به سال به سال ترقي ڪندو رهندو.

مون کي پنهنجي عوام جي اعتماد تي ڪامل ڀروسو آهي ۽ يقين آهي ته هر موقعي تي هو اسلام جي تاريخ، شان شوڪت ۽ روايتن جي مطابق عمل ڪندا ايندا.

پاڪستان جي پهرين سالگره

14 - آگسٽ 1948ع

- قدرت پاران اوهان کي هر شيءِ سان نوازيو ويو آهي، اوهان وٽ لامحدود وسيلا موجود آهن، اوهان جي رياست جا بنياد نهايت مضبوط نموني ۾ رکيا ويا آهن. هاڻي اهو فقط اوهان جو ڪم آهي ته ان جي تعمير ڪيو ۽ جلد کان جلد ۽ عمدي کان عمدي تعمير.

اڳتي وڌو ۽ جيئن پوءِ تيئن وڌندا ئي رهو.

پاڪستان جي پهرين سالگره

14 - آگسٽ 1948ع

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org