سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: قائدِاعظم جون تقريرون

باب: --

صفحو : 11

معاشيات

 اسان مسلمان پنهنجي وطن ۾ ٻين قومن جي بنسبت اقتصادي ۽ معاشرتي ترقيءَ جي لحاظ سان نهايت پسمانده رهندا آيا آهيون.

صرف ٻه صنعتون آهن جن ۾ مسلمانن پنهنجي جاءِ ٺاهي آهي. هڪ کلن ۽ چمڙي جو واپار ۽ ٻيو ٻيڙين ٻڌڻ جو ڌنڌو.

منهنجو چوڻ آهي ته ڇا اوهان صرفَ ٻِيڙين ۽ چمڙي جا واپاري ئي رهڻ گهرو ٿا؟ يا پنهنجي ملڪ جي صنعتي ۽ واپاري ترقيءَ ۾ ڪو اعليٰ مقام حاصل ڪرڻ پسند ڪريو ٿا.

اجلاس مسلم ليگ مدراس

20 - اپريل 1941ع

- مون کي ٻهراڙيءَ جي غريب هارين نارين ۽ ڪمين ڪاسبين جي غربت، افلاس ۽ تڪليفن کي ڏسي سخت صدمو محسوس ٿي رهيو آهي.

مون سفر جي دوران جڏهن ريلوي اسٽيشنن تي ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جا ٽولا ڏٺا آهن تڏهن انهن جي افلاس کان سخت ڏک ٿيو اٿم.

پاڪستان جي حڪومت جو سڀ کان پهريون ڪم اهو ٿيندو ته انهن ماڻهن جي زندگيءَ جو معيار بلند ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏ زندگيءَ  نه، پر بهترين زندگيءَ کان شادڪام ٿيڻ جو سامان پيدا ڪيو وڃي.

اجلاس مسلم ليگ - لائلپور

18 - نومبر 1942ع

- مان نهايت ضروري ٿو سمجهان ته زميندارن ۽ سيڙپڪارن کي خبردار ڪريان. ان طبقي جي خوشحاليءَ جي قيمت عوام ادا ڪري رهيو آهي. ان جو سهرو جنهن مٿي تي آهي، اهو انتهائي ظالماڻو ۽ شر انگيز نظام آهي. ان نظام پنهنجن پاليل (عناصر) کي ان حد تائين خود غرض بنائي ڇڏيو آهي. جو کين ڪنهن به جائز دليل سان اسان قائل ڪري نٿا سگهون. پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ واري بد حالت ۽ عوام جي استحصال ڪرڻ جي برائي. سندن رت ۾ سمائجي چڪي آهي. اهي ظالم اسلام جي حڪمن کي وساري چڪا آهن. حرص ۽ هوس،  سيڙپڪارن کي ايڏو ته انڌو ڪري ڇڏيو آهي جو هو مفاد طلبيءَ ۾ دشمن جي هٿيار بنجڻ کان به نٿا گسن.

اوهان کي صلاح ڏيندس ته اوهان ڪڏهن ڪنهن ٻهراڙيءَ ۾ هليا وڃو. مون پاڻ ننڍن ڳوٺن ۾ وڃي ڏٺو آهي ته اتي اسان جا لکين ماڻهو اهڙي زندگي گذاري رهيا آهن جنهن کي بيان ڪري نٿو سگهجي. کين ڏينهن رات ۾ ڪو هڪ وقت به پيٽ ڀري کائڻ نصيب نٿو ٿئي.

ڇا اوهان ان کي تهذيب ۽ ترقي سڏيندا؟ ڇا پاڪستان جو مقصد به اهو ئي آهي؟ ڇا اوهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته ڪيئن نه ڪروڙها ماڻهن جو استحصال ڪيو ويو آهي. اڄ انهن جي اها حالت آهي جو کين ڏينهن ۾ هڪ وقت جو کاڌو به نصيب نٿو ٿئي.

جيڪڏهن پاڪستان ان صورتحال ۾ تبديلي نٿو آڻي سگهي ته پوءِ اهڙي پاڪستان کي حاصل نه ڪرڻ ئي بهتر ٿيندو.

جي سيڙپڪار ۽ زميندار عقلمند آهن ته پوءِ نئين حالتن جي مطابق پاڻ کي جلد بدلائين. هو ائين ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ته پوءِ الله تعاليٰ سندن حال تي رحم ڪري. اسان سندن ڪا به مدد ڪري نٿا سگهون.

اجلاس مسلم ليگ - دهلي

24 - مارچ 1943ع

- منهنجو ايمان آهي ته پاڪستان جي بنجڻ کان پوءِ موجوده دور ۾ ضروري ۽ بنيادي نوعيت وارين صنعتن کي سرڪاري تحويل ۾ لازمي طور وٺڻو پوندو ۽ اهو ئي عمل آهي جو عوامي ضرورتن جي تحت اهڙن ٻين شعبن ۾ به ڪرڻو پوندو.

ائسوسيئيٽڊ پريس آف آمريڪا کي ڏنل انٽرويو

8 - نومبر 1945ع

- مان مسلمانن جي تعليمي، اقتصادي، ۽ معاشرتي ترقيءَ جي تمام گهڻين تجويزن تي غور ڪري رهيو آهيان.

منهنجي خيال ۾ مسلمان واپارين جي بهتري جو ٻيو ڪو به رستو ڪو نه آهي ته هو هر ممڪن ۽ جائز طريقي سان پاڻ ۾ اقتصادي تنظيم پيدا ڪن. ايتري قدر جو مسلمانن کي ٽاٽا جهڙي مهم جو جفاڪش ۽ جرئتمنداڻي صنعت سان همسري ڪرڻ گهرجي.

ان سان گڏ مسلمانن جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ صنعتي ۽ تعليمي ادارا پڻ کولڻ گهرجن. بهرحال اسان کي پنهنجي قوم کي منظم ڪرڻ گهرجي.

ميمڻ چئمبر آف ڪامرس بمبئي

27 - مارچ 1947ع

- مون کي اها اميد آهي ته اوهان پنهنجي ڪارخاني جي منصوبا بنديءَ ۾ ڪارڪنن ۽ مزدورن جي رهائشي عمارتن ٺهرائڻ سان، گڏ سندن ضروري سهوليتن جو به خيال رکندا.

ڇا لاءِ ته مطمئن رهندڙ ڪارڪنن ۽ مزدورن کان سواءِ ڪا به صنعت ترقي نٿي ڪري سگهي.

وليڪا ٽيڪسٽائل ملز جو افتتاح

26 - سيپٽمبر 1947ع

- ترقيءَ لاءِ بيشڪ رقم جي ضرورت آهي پر قومي ترقي سؤ سيڪڙو پئسن جي محتاج نه آهي. ان جو دارومدار انساني ڪوشش ۽ محنت تي ٿئي ٿو.

ان کي پورو ڀروسو آهي ته پاڪستاني قوم اهڙي محنتي ۽ ارادي جي پڪي قوم آهي جا شاندار روايتن جي ڪري ماضيءَ جي دؤر ۾ ممتاز رهي آهي.

وليڪا ٽيڪسٽائل ملز جو افتتاح

26 - سيپٽمبر 1947ع

- جيڪڏهن پاڪستان کي دنيا جي اسٽيج تي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو آهي جو سندس پکيڙ، آبادي ۽ وسيلن جي شايان شان ڏسڻ ۾ اچي ته پوءِ زراعت سان گڏ صنعت کي به زور وٺائڻو پوندو ۽ پنهنجي معيشت جو بـُـنياد صنعت تي رکڻو پوندو.

پنهنجي مملڪت کي صنعتي بنائڻ سان زندگيءَ جي ضرورتن جي سلسلي ۾ ٻين ملڪن جي محتاجيءَ کان جند ڇٽي پوندي. تمام گهڻن ماڻهن لاءِ روزگار کلي پوندو ۽ مملڪت جي ذريعن ۽ وسيلن ۾ به ڪافي اضافو ٿيندو.

قدرت پاران اسان کي صنعت جي لاءِ خام مواد جي ڪافي ذخيرو نعمت طور عطا ٿيل آهي. هاڻي اهو اسان تي فرض آهي ته انهن ذخيرن ۽ وسيلن کي مملڪت جي عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ وڌ ۾ وڌ استعمال ۾ آڻي سگهون.

وليڪا ٽيڪسٽائل ملز جو افتتاح

26 - سپٽمبر 1947ع

- قدرت پاڪستان کي بيحد ۽ بي حساب معدني دولت سان نوازيو آهي. اها دولت زمين جي هيٺان انتظار ڪري رهي آهي ته ان کي کوٽي ڪڏهن ٿو استعمال ۾ آندو وڃي.

آمريڪي ماڻهن کي خطاب (انٽرويو)

16 - فيبروري 1948ع

- اسان جي پاڪستان ۾ ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ بي پناهه امڪان موجود آهن. اسان ۽ اسان سان گڏ اسان جو عوام انهن سان مستفيد ٿيڻ لاءِ بيقرار ۽ مشتاق آهيون.

في الحال اسان وٽ سيڙپ جي گهٽتائي آهي ۽ فني علم جو فقدان. پر ڪجهه وقت کان پوءِ دوستن جي سهڪار سان اسان انهن ڪمزورين کي طاقت ۾ بدلائي ڇڏينداسون.

صنعت ۽ حرفت جي فروغ ۽ دولت جي واڌاري جي معاملي ۾ نه ڪو اسان تعصب جو مظاهرو ڪنداسون ۽ نه ڪو ڪوڙو غرور ظاهر ڪنداسيون. اسان پنهنجين موجوده ڪمزورين کان چڱيءَ طرح سان واقف آهيون، اسان اهڙي ٻاهرين سيڙپڪاريءَ جي به آجيان ڪنداسون جنهن ۾ اسان جي معيشت ۾ استحڪام پيدا ٿيڻ جو امڪان هوندو.

آسٽريليا جي وفد کي انٽرويو

19 - فيبروري 1948ع

- هر نئين ڪارخاني جي قائم ڪرڻ جو مطلب آهي پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ عوامي خوشحالي جي شاهراهه تي هڪ وڌيڪ قدم!

بنگال آئل ملز جو افتتاح

3 - فيبروري 1948ع

- ڪفايت شعاري هڪ قومي دولت آهي، ان سان اسان جي مملڪت جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ زبردست مدد ملي سگهندي.

ان ڪري پئسن جي بچت ڪريو ۽ سيونگ سرٽيفڪٽ خريد ڪريو.

قوم جي نالي پيغام

5 - مارچ 1948ع

- جڏهن اسان پاڪستان جي آزاد ۽ خودمختيار مملڪت جو مطالبو ڪيو هو، تڏهن ڪيئي اهڙا ڪوڙا نبي پيدا ٿي چڪا هئا جن ائين چئي ته پاڪستان معاشي طور تي زندهه رهي نٿو سگهي، اسان کي پنهنجي نصب العين تان هٽائڻ ٿي گهريو.

انهن اسان جي مملڪت ۽ ان جي مالي ۽ معاشي استحڪام متعلق انتهائي اونداهون ۽ مايوسي پيدا ڪندڙ خيالن جو اظهار ڪيو.

اوهان جي پيش ڪيل پهرين بجيٽ سان انهن ڪوڙن نبين کي سخت صدمو پهتو هوندو.

هن بجيٽ پاڪستان جي ماليات جي استحڪام کي به ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ۽ حڪومت جي ارادي کي به ظاهر ڪيو آهي ته پاڪستان جي ماليات کي اڃا به وڌ کان وڌ مستحڪم بنايو ويندو.

ناڻي واري وزارت جي آجياڻي ۾ خطاب

1 - اپريل 1948ع

- ڪاروبار ۽ ٻاهرئين واپار جي قوم لاءِ اها ئي حيثيت آهي، جا جسم لاءِ رت جي آهي. مان اهڙي پاڪستان جو ڪو تصور به نٿو ڪري سگهان. جنهن ۾ واپاري نه هجن.

جيئن هارين نارين ۽ سرڪاري ملازمن کان سواءِ پاڪستان تصور ۾ به نٿو اچي سگهي، تيئن ان ۾ ڪو به شڪ ڪرڻ نه گهرجي ته پاڪستان ۾ واپارين ۽ سوداگرن جي هميشه آجيان ڪيو ويندو. اميد اها آهي ته اهي به پنهنجيءَ جاءِ تي پنهنجي تقدير کي بنائڻ وقت پنهنجي معاشرتي ذميواريءَ کان ڪا به غفلت نه ڪندا ۽ سڀني سان وڏن توڙي ننڍن سان هڪجهڙو ۽ انصاف ڀريو سلوڪ ڪندا رهندا.

چئمبرس آف ڪامرس ڪراچي

27 - اپريل 1948ع

- مان حڪومت پاڪستان جي طرفان اهو يقين  ڏيارڻ گهران ٿو ته حڪومت جي پاليسي ۽ نيت اها آهي ته واپار جي سڀني وسيلن ۽ رستن کي وڌ کان وڌ حد تائين آزاد ڇڏيو وڃي.

چئمبرس آف ڪامرس ڪراچي

27 - اپريل 1948ع

- پاڪستان زرعي اعتبار کان ايشيا کنڊ جو سڀ کان وڏو ترقي يافته ملڪ آهي، ان طرح ان کي اهو به يقين آهي ته جيڪڏهن ان جي زرعي پيداوار کي صنعتن جي قيام ۽ واڌاري لاءِ بهترين نموني ۾ استعمال ڪيو ويو، ته پوءِ پنهنجي عوام جي مشهور ۽ معروف ڪاريگريءَ جي روايتن ۽ جديد فن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جي قابليت سان گڏ صنعت جي ميدان ۾ به پنهنجو نالو نڪري سگهي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ هڪ مستقل ۽ منفرد نقش قائم ٿي سگهي ٿو.

چئمبرس آف ڪامرس ڪراچي

27 - اپريل 1948ع

- واپار، ثقافت جي بنسبت وڌيڪ بين الاقوامي آهي. ان جي تقاضا آهي ته اوهان ان انداز سان ڪم ڪريو جيئن اوهان جي هر قدم سان پاڪستان جي طاقت ۽ وقار ۾ اضافو ٿئي. مون کي ان ۾ ڪو ذري جيترو به شڪ ناهي ته پاڪستان جي تجارت ۾ ڪاروباري ساک، پـَـتِ توڙي ديانت ۽ طريقه ڪار جو اعليٰ معيار قائم ٿي ويندو.

جيڪڏهن پاڪستاني شين کي پنهنجي خاص ۽ ڌار شهرت حاصل ڪرڻي آهي ته پوءِ شروع ۾، اصل اڄ کان وٺي اعليٰ معيار کي قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

منهنجي اها زبردست خواهش آهي ته پاڪستاني شين جو معيار، ڪوالٽيءَ جي اعتبار کان دنيا جي سڀني واپاري مرڪزن ۾ هڪ علامتي مثال طور متعارف  ٿيڻ گهرجي.

خدا ڪري لفظ پاڪستان  مال جي عمدگيءَ ۽ معيار جو مترادف لفظ بڻجي وڃي.

چئمبرس آف ڪامرس ڪراچي

27 - اپريل 1948ع

- تجارتي ڪاروبار جي ٻنهين ڦيٿن کي همدرديءَ سان هلائڻ لاءِ تمام ضروري آهي ته غير مسلمان واپارين جي وڃڻ ڪري جو خال پيدا ٿيو آهي، ان کي اول بنا دير مدار جي ڀريو وڃي.

مون کي اهو معلوم ڪري دلي خوشي پهتي آهي ته پاڪستانين کي بئنڪ جي ڪاروبار ۾ تربيت ڏيڻ جو شعبو ڪم ڪري رهيو آهي. منهنجي پر اشتياق نگاهه ان جي ترقيءَ جو مسلسل جائزو وٺندي رهندي. مون کي يقين آهي ته اسٽيٽ بئنڪ کي سڀني واسطيدار ادارن، تنظيمن، بئنڪن ۽ يونيورسٽين جو سهڪار حاصل رهندو. اسٽيٽ بئنڪ جو بنيادي مقصد آهي ان کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪرڻ.

بئنڪ ڪاريءَ سان معاشيات جي هڪ نئين ۽ وسيع دنيا کلي سگهندي جنهن ۾ اسان جي نوجوانن جي ذهانت لاءِ ترقي ڪرڻ جا انيڪ موقعا پيدا ٿي سگهندا.

مون کي اهو اعتماد آهي ته اسان جا پڙهيل ماڻهو وڏي تعداد ۾ اڳتي وڌندا ۽ سکيا جي سهولتن مان فائدو حاصل ڪندا. سکيا حاصل ڪرڻ کان پوءِ نه فقط هو پاڻ فائدو پرائيندا پر ان سان گڏ پاڪستان جي ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ به حصو وٺي سگهندا.

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو افتتاح

15 - جولاءِ 1948ع

- مان اشتياق ۽ دلچسپيءَ سان معلوم ڪندو رهندس ته اوهان جي مجلس تحقيق بئنڪ ڪاريءَ جي سلسلي ۾ اهڙا طريقا اختيار ڪندي جي معاشرتي ۽ اقتصادي زندگيءَ متعلق اسلامي تصورن جي مطابق هوندا.

اولهه جي معاشي نظام، انسانيت لاءِ ڏکيا ۽ منجهائيندڙ مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن، اڪثر ڄاڻن ماڻهن جو اهو چوڻ آهي ته اولهه کي ان تباهيءَ مان ڪو معجزو ئي بچائي سگهي ٿو جا اولهه جي غلطين جي ڪري سموري انسانيت تي ڇانئجي چڪي آهي.

مغربي نظام انساني فردن جي وچ ۾ انصاف ڪرڻ ۽ عالمي ميدان ۾ ڪشمڪش ۽ اختلاف کي دور ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي بلڪ گذريل اڌ صديءَ ۾ ٿيل ٻن مهاڀاري جنگين جي ذميواري به سراسر اولهه تي لاڳو ٿئي ٿي. مغربي دنيا صنعتي قابليت ۽ مشينن جي هوندي به زبردست فائدو رکندي به انساني تاريخ جي بدترين باطني تي بحران ۾ مبتلا آهي. جي اسان اولهه جي معاشي نظرئي ۽ نظام کي اختيار ڪنداسون ته پوءِ عوام جي لاءِ پر سڪون خوشحالي حاصل ڪرڻ واري پنهنجي نصب العين ۾ اسان کي ڪابه مدد نه ملي سگهندي.

پنهنجي تقدير اسان کي پنهنجي منفرد انداز ۾ بنائڻي پوندي. اسان کي دنيا جي اڳيان هڪ مثالي معاشي نظام پيش ڪرڻو آهي، جو انساني مساوات ۽ معاشرتي انصاف جي سچي اسلامي تصورن تي قائم هجي.

اهڙو نظام پيش ڪري، ڄڻ اسان مسلمانن جي حيثيت ۾ پنهنجو فرض پاڙينداسون. انسانيت کي امن جو صحيح پيغام ڏينداسون ۽ اهو واضح ڪنداسون ته صرف اهڙو امن ئي انسانيت کي جنگ جي تباهيءَ کان بچائي سگهي ٿو ۽ صرف اهڙو امن ئي سموري انسان ذات لاءِ خوشيءَ ۽ خوشحاليءَ جو امين ۽ محافظ بڻجي سگهي ٿو.

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو افتتاح

15 - جولاءِ 1948ع

- اسان جي دشمنن پاڪستان کي پيدا ٿيندي ئي سندس ڳلي گـُـهٽڻ لاءِ ڪيئي طريقا اختيار ڪيا. آخرڪار انهن سڀني ڪوششن ۾ ناڪام ۽ مايوس ٿيڻ کان پوءِ انهن سمجهيو ته معاشي سازش سان شايد اهو بدترين مقصد حاصل ڪري سگهندا جو رات ڏينهن سندن دل ۾ هو.

اهو ياد رهي ته دليل بازيءَ ۽ فصاحت و بلاغت جي پوري طاقت سان ڪينو ۽ حسد پيدا ٿين ٿا ۽ رقابت جي باهه ايجاد ٿي سگهي ٿي. انهن اڳڪٿي ڪئي ته پاڪستان جو جلد ڏيوالو نڪرڻ وارو آهي. کين اهو خيال هو ته دشمن جي تلوار ۽ باهه سان جو مقصد حاصل نه ٿيو آهي، اهو مملڪت جي تباهه ٿيل مالي حالتن سان حاصل ٿي ويندو. پر انهن ڪوڙن نجومين کي زبردست مايوسي ڏسڻي پئي. ڇا لاءِ ته اسان جي بجيٽ الله جي فضل سان ترقي يافته ۽ وڌندڙ بجيٽ رهي. واپار جو توازن اسان جي حق ۾ رهيو ۽ معاشي ميدان جي هر شعبي ۾ اسان جي ترقي صاف صاف نظر اچي رهي آهي.

پاڪستان جي پهرين سالگرهه تي

14 - آگسٽ 1948ع

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org