سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: قائدِاعظم جون تقريرون

باب: --

صفحو : 9

نظام حڪومت

 برطانيه جي ماڻهن کي اهو احساس ڪرڻ گهرجي ته هندستان جون حالتون، مغربي جمهوريت لاءِ ڪنهن به صورت ۾ سازگار ناهن. ان سلسلي ۾ سندن سڄي جدوجهد محض اجائي ۽ بي معنيٰ آهي.

هندستان ۾ پارٽي گورنمينٽ ڪنهن به خيال سان درست نه ٿيندي.

سڀ حڪومتون، خواه اهي مرڪزي هجن يا صوبائي هجن، اهڙيون ٺاهجن جي ملڪ جي سڀني باشندن جي طبقن ۽ فرقن جي صحيح صحيح ترجماني ۽ نمائندگي ڪري سگهن.

لنڊن جي اخبار، ٽائم اينڊ ٽائيڊ کي انٽرويو

19 - جنوري 1940ع

- ٻه سال اڳي مون شملي ۾ چيو هو ته جمهوري پارليماني طرز جي حڪومت هندستان جي لاءِ ناموزون آهي، ان تي مون کي چيو ويو ته مون اسلامي تعليمات کي ڪو وڏو نقصان پهچايو آهي، ۽ وڏو جرم ڪيو آهي، ڇو ته اسلام جمهوريت پسند آهي.

منهنجو چوڻ آهي ته جنهن حد تائين مون "اسلام" کي سمجهيو آهي، ان حيثيت سان چئي سگهان ٿو ته اسلام اهڙي جمهوريت جي تلقين نه ٿو ڪري، جنهن بنياد تي مسلمانن جي قسمت جي فيصلن جو اختيار "غير مسلم اڪثريت" جي هٿ ۾ ڏنو وڃي.

اسان ڪنهن به اهڙي طرز حڪومت کي قبول نه ٿا ڪري سگهون، جنهن ۾ غير مسلم رڳو تعداد جي اڪثريت جي ڪري اسان تي قبضه اختيار حاصل ڪن ۽ پوءِ پنهنجي مرضيءَ ۽ ڪثرت راءِ جي آڙ ۾ حڪومت ڪندا رهن.

مون کان اهو سوال پڇيو ويو هو ته جيڪڏهن مان جمهوريت نه ٿو چاهيان ته آخر ٻيو ڇا ٿو چاهيان؟ فسطائيت، نازيت يا آمريت؟

منهنجو جواب آهي ته آخر انهن ڀڳتن ۽ جمهوريت جي پوڄارين هن وقت تائين ڇا ڪيو آهي؟ انهن ڇهه ڪروڙ  انسانن کي اڇوت بنائي  ڇڏيو آهي. حڪومت جا اهڙا سخت ۽ بد ترين اصول ۽ قاعدا ٺاهيا اٿن جي فسطائي مجلس  اعليٰ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهن. انهن جو مطلق العنان ڊڪٽيٽر، گانڌي جي ڪانگريس جو چئن آنن وارو ميمبر به ناهي، پر حڪومت جو سڄو انتظام سندن اشارن تي هلايو پيو وڃي. ڇا اها آهي جمهوريت؟

انهن ڪانگريسي ڀڳتن اهڙيون ڪٺ پتليون وزارتون بنايون آهن، جي مجلس دستور ساز يا پارليامينٽ يا راءِ ڏيندڙ ووٽرن وٽ جوابدار ناهن. بلڪ هو مسٽر گانڌي جي پاران ٿاڦيل هڪ ڪميٽيءَ وٽ جوابده آهن.

مغرب جي مختلف ملڪن ۾ به عام طور تي مختلف نوع جي جمهوريت ٿئي ٿي. جڏهن ته مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته هندستان لاءِ جنهن جون حالتون يورپ کان بلڪل مختلف آهن، برطانوي جماعتي طرز حڪومت ۽ نام نهاد جمهوريت قطعي ناموزون آهي.

مسلم يونيورسٽي عليگڙه

6 - مارچ 1940ع

- جمهوريت جي معنيٰ آهي اڪثريت جي حڪومت. جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ ڪا هڪڙي قوم آباد هجي ۽ سڄي معاشري جو نظام به هڪ ئي طرز جو هجي، ته پوءِ انهن حالتن ۾ اڪثريت جي حڪومت جي ڪاميابيءَ جو امڪان سمجهه ۾ اچي سگهي ٿو. حالانڪ هڪ قوم جي صورت ۾ به اسان کي ته اها طرز هميشه ناڪام ئي نظر آئي آهي.

ان طرح اها حڪومت جا ماڻهن جي چونڊيل نمائندن جي ذريعي ڪئي وڃي ٿي، بشرطيڪ اهي ماڻهو يڪ رنگ ۽ هم آهنگ قوم تي مشتمل هجن. سا سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي.

پر جيڪڏهن ان مسئلي جي درست نتيجن تي پهچڻ لاءِ ذهن تي ٿورو به زور ڏنو وڃي ته پوءِ صاف نظر اچي ٿو ته جڏهن هڪ ئي ملڪ ۾ ٻه قومون آباد هجن، ته پوءِ ان صورت ۾ اهڙو نظام هلي نه ٿو سگهي ۽ نه ڪو ڪامياب ٿي سگهي ٿو. ان کان سواءِ اهو به ڏسڻو آهي ته اسان جي هندستان ۾ مسلمانن ۽ هندن وٽ ٻه مختلف معاشرا آهن ۽ اهڙا مختلف آهن جو انهن جي اختلاف کي مڪمل اختلاف چوڻ گهرجي.

اجلاس مسلم ليگ - مدارس

اپريل 1941ع

- نمائنده طرز جي پارليماني حڪومت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، منهنجي راءِ ۾ هندستان منڍ کان ڪڏهن هڪ قوم جو ملڪ ئي نه رهيو آهي ۽ نه ڪو هن ملڪ ۾ ڪڏهن هڪ قومي حڪومت قائم ٿي آهي. خواهه هندن جي حڪومت رهي هجي، خواهه مسلمانن جي. هتي هميشه هڪ شخصي ۽ مطلق العنان حڪومت رهندي آئي آهي.

اڄ به برطانيه جون سنگينيون آهن جن هندستان کي جڪڙي هڪ بنائي ڇڏيو آهي. جنهن وقت به اهي سنگينيون هن ملڪ مان هٽايون وينديون، تنهن وقت هندستان جي جغرافيائي وحدت ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي.

اجلاس مسلم ليگ -اوٽاڪمنڊ

جون 1941ع

- اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته هندستان ڪڏهن به هڪ نه رهيو آهي، نه ڪو هڪ قوم جو ملڪ رهيو آهي. مٿس ڪا به هڪ طاقت شمشير جي نوڪ سان به حڪومت نه ڪري سگهي آهي.

هندستان اصل ۾ مختلف قومن جو هڪ برصغير آهي جڏهن ته اڄ به برطانيه پاران مٿس حڪومت هلائي وڃي ٿي. چوٿون حصو کن اڃا برطانيه جي زيرنگين نه ٿيو آهي. انتظام جي موجوده هڪجهڙائيءَ خالص برطانوي پيداوار آهي. ان کان پوءِ برصغير جي هيءَ حڪومت جا 150 ۽ 160 سالن کان قائم ٿيل آهي، سا ڪا اهڙي حڪومت ناهي جا عوام جي منظوريءَ سان قائم ٿي آهي.

هي محض مغل طرز حڪومت تي جمهوري طرز حڪومت جي نظري اطلاق آهي. ان جي منظوري عوام نه پر برطانوي سنگينين ڏني آهي.

عوام ۾ زبردست سياسي شعور پيدا ٿي چڪو آهي. اسان آزادي گهرون ٿا. اسان گهرون ٿا ته پنهنجي ملڪ جا مالڪ اسان پاڻ هجون. اسان هاڻي برطانوي حڪومت کي خدا حافظ ڪرڻ گهرون ٿا. اسان جي مطالبي ۾ پاڪستان ۾ هندستان جي آزادي ۽ خود مختياري مضمر آهي.

اجلاس ڪائونسل مسلم ليگ

9 - نومبر 1942ع

- حيدرآباد جي مسلمانن کي منهنجو مشورو اهو آهي ته ليڊرن جي چونڊ ۾ هو هميشه احتياط کان ڪم وٺن.

ڇو ته اڌ جنگ ته ليڊرن جي صحيح چونڊ ڪرڻ سان ئي فتح ڪري سگهبي آهي.

جلسه عام حيدرآباد دکن

11 - جولاءِ 1946ع

- اسان هندن کي ڪامل يقين ڏيارڻ ٿا گهرون ته پاڪستان ۾ اقليتن سان منصفانه ۽ برادرانه سلوڪ ڪيو ويندو.

ان جي ثبوت ۾ اسان جي تاريخ شاهد آهي. اسلام جي تعليم اسان کي اهو ئي سيکاريو آهي.

ياد رکڻ گهرجي ته جي حڪومتون، عوام جي اعتماد ۽ مرضيءَ سان نه ٿيون قائم ٿين، سي ڪڏهن به ترقي ڪري نه ٿيون سگهن.

جمهوريت مسلمانن جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي. اسان هميشه مساوات، اخوت ۽ استقلال کي پيش نظر رکيو آهي.

اسان ۾ اهڙي ڪا به گنجائش ناهي، جو ڪو فرد پنهنجي خيال سان يڪ طرفي ڪارروائي ڪندو رهي.

اسان اوهان کي يقين ٿا ڏياريون ته اوهان هڪ شخصي حڪومت جي مقابلي ۾ اسان جي طرز حڪومت ۾ وڌيڪ حفاطت ۽ امن سان گذاري سگهندا.

ميمڻ چيمبر آف ڪامرس بمبئي

17 - مارچ 1947ع

- جڏهن اوهان جمهوريت جون ڳالهيون ٿا ڪريو تڏهن مون کي شبهو پيدا ٿئي ٿو ته شايد اوهان اسلام جو مطالعو نه ڪيو آهي.

اسان اوهان کان تيرنهن سؤ سال اڳ جمهوريت جو سبق سکيو آهي.

پريس ڪانفرنس 14 - جولاءِ 1947ع

- اوهان پاڪستان جي طرز حڪومت جي باري ۾ منهنجي ذاتي راءِ معلوم ڪرڻ گهرو ٿا.

مان چوندس ته دستور ساز اسيمبليءَ جهڙي بااختيار اداري جي فيصلي کان اڳ ڪو به ذميوار شخص پنهنجي ذاتي راءِ جو اظهار ڪري نه ٿو سگهي ۽ نه ڪو ائين ڪرڻ گهرجي.

پاڪستان جي دستور کي تيار ڪرڻ، دستور ساز اسيمبليءَ جو ڪم آهي.

پريس ڪانفرنس 14 - جولاءِ 1947ع

- دنيا جي ڪا به طاقت، منظم عوام جي راءِ ۽ مرضيءَ جي اڳيان رڪاوٽ پيدا ڪري نه ٿي سگهي ۽ عوامي راءِ ڪڏهن به ڪنهن غلطيءَ تي متفق نٿي ٿي سگهي.

برما جي ٻن ليڊرن جي قتل تي اظهار افسوس

20 - جولاءِ 1947ع

- آخر حڪومت جي اڳيان مقصد ڪهڙو آهي؟

حڪومت جي اڳيان صرف هڪ ئي مقصد ٿي سگهي ٿو. عوام جي مخلصانه خدمت، عوام جي فلاح ۽ ترقيءَ لاءِ مناسب تدبيرون اختيار ڪرڻ. ان کان سواءِ برسر اقتدار حڪومت جو ٻيو ڪهڙو مقصد ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ان کان سواءِ ڪو ٻيو مقصد آهي ته پوءِ اهڙي حڪومت کي اقتدار کان برطرف ڪرڻ گهرجي، پر هلڙ بازي ۽ هنگامي سان نه. اقتدار اوهان وٽ آهي، اوهان جي شيءِ  آهي، اوهان کي ان جي استعمال ڪرڻ جو فن به اچڻ گهرجي. اوهان کي سياسي نظام جي رمزن ۽ ريتن ۽ طريق ڪار کي سکڻ آزمائڻ گهرجي. آئيني طور تي اهو اوهان جي اختيار ۾ آهي ته جيڪڏهن اوهان ڪنهن حڪومت کان مطمئن نه هجو ته پوءِ ان کي برطرف ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي مرضيءَ سان حڪومت قائم ڪريو.

جلسه عام ڊاڪا

21 - مارچ 1948ع

- اوهان جو ووٽ، هڪ قومي امانت آهي، ان کي رڳو پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ استعمال ڪرڻ نه گهرجي.

ڊيره اسماعيل خان

17 - اپريل 1948ع

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org