سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: قائدِاعظم جون تقريرون

باب: --

صفحو : 10

پرڏيهي پاليسي

 پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جي ڪنجي هيءَ هوندي، ته دنيا جي سڀني قومن سان انتهائي دوستانه تعلقات پيدا ڪيا ويندا.

اسان پوري دنيا لاءِ امن ۽ امان جا تمنائي آهيون. عالمي امن کي قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي حال ۽ توفيق جي مطابق پنهنجي حصي جو ڪردار، اسان نهايت خلوص ۽ خوش اسلوبيءَ سان انجام ڏينداسون.

پريس ڪانفرنس

14 - جولاءِ 1947ع

- مان بار بار چئي چڪو آهيان ۽ هاڻي وري به ورجايان ٿو ته هندستان جو ورهاڱو باهمي ۽ ضابطه معاهدي سان عمل ۾ آندو ويو آهي. ان ڪري اسان کي ماضيءِ جي تلخين ۽ رنجشن کي وساري پاڻ ۾ اهو عهد ڪرڻ گهرجي ته اسان هڪ ٻئي ۾ دوستن وارو سلوڪ ۽ برتاءُ روا رکنداسون. اهڙيون ڪيتريون شيون آهن جي اسان هڪ ٻئي کان پاڙيسريءَ وانگر ضرورت جي وقت تي گهري ۽ وٺي سگهون ٿا. اسان مختلف طريقن سان هڪ ٻئي جي مدد ڪري سگهون ٿا. مالي خيال کان توڙي سياسي لحاظ کان، توڙي اخلاقي طرح سان.

ان طرح باهميءَ ميل جول ۽ ميٺ محبت سان دنيا جي قومن ۾ اسان ٻنهين مملڪتن جو وقار وڌائي سگهون ٿا.

رائٽر جي نمائندي کي انٽرويو

25 - آڪٽوبر 1947ع

- مان بلڪل صاف ۽ کليل لفظن ۾ اهو اعلان ڪرڻ ٿو چاهيان ته پاڪستان ڪڏهن به هڪ گڏيل مرڪز جي ماتحت ٻن آزاد مملڪتن جي وچ ۾ ڪنهن به قسم، شڪل ۽ طرز جي آئيني وحدت کي تسليم نه ڪندو ۽ نه ڪو ان تي اتفاق ڪندو.

رائٽر جي نمائندي کي انٽرويو

25 - آڪٽوبر 1947ع

- پاڪستان قائم رهڻ لاءِ بڻيو آهي، ۽ هميشه قائم رهندو، پر ٻن آزاد، مساوي ۽ خودمختيار مملڪتن جي حيثيت ۾ اسان ڀارت سان دوستيءَ جي معاهدي ڪرڻ لاءِ هميشه تيار آهيون.

جيئن اسان دنيا جي ٻين ملڪن سان معاهدو ڪري سگهون ٿا.

رائٽر جي نمائندي کي انٽرويو

25 - آڪٽوبر 1947ع

- پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام، افغانستان جي مسلم مملڪت جي لاءِ دوستيءَ وارا دلي جذبات رکن ٿا.

افغانستان اسان جو سڀ کان پهريون ۽ ويجهو پاڙيسري ملڪ آهي، جنهن سان پاڪستان جو عوام صدين کان ڪيترن نسلن کان، بي شمار مذهبي، ثقافتي ۽ معاشرتي رابطا قائم رکيو اچي ٿو.

پاڪستان جي عوام، افغان قوم جي جذبه حريت ۽ ڪردار جي بلنديءَ کي هميشه عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو آهي.

شاه افغانستان جي نمائندي، جي تقرير جي جواب ۾

3 - ڊسمبر 1947ع

- مون کي ان ۾ ذرو به شڪ ناهي، ته ماضيءَ وانگر مستقبل ۾ به برما ۽ پاڪستان جا تعلقات خوشگوار، مضبوط ۽ باهمي مفاد جي مطابق رهندا.

- هي ٻئي مملڪتون، جي تاريخ جي اعتبار کان قديم آهن ۽ ٻئي تقدير جي هڪ نئين راهه تي گامزن آهن.

اميد آهي ته ٻئي مملڪتون امن ۽ ترقيءَ جي نهايت مستقل ۽ ابدي زماني جي قيام لاءِ پوري طاقت ۽ توانائيءَ سان جدوجهد ڪنديون رهنديون.

برما جي سفير جي مقرريءَ تي

21 - جنوري 1948ع

- تاريخ جو هر طالب ڄاڻي ٿو ته آزادي، اخوت ۽ مساوات جو جيڪو آواز اوهان جي عظيم انقلاب جي دور ۾ بلند ٿيو هو ۽ جنهن کي اوهان جي جمهوريه سرڪاري طرح سان قبول ڪيو هو ان جو اثر پوريءَ دنيا ۾ پکڙجي چڪو آهي.

اهي تصور ۽ اهي اصول اڄ به ڪيترين ڪمزور قومن جي امنگن جو محور ۽ تمنائن جو مرڪز بڻجي چڪا آهن.

دنيا جي آزاد مسلمان ملڪن ۾ سڀ کان گهٽ عمر هن ملڪ پاڪستان جي ثقافت ۽ روايتن جو ذخيرو، هڪ ڊگهي ماضيءَ جي ميراث آهي، اهڙو ماضي، جو اسلامي دنيا سان فرانس جا گوناگون لاڳاپن جي پيش نظر فرانس جي حڪومت ۽ عوام جو چڱيءَ طرح جو ڄاتل سڃاتل آهي. اسلامي دنيا ۽ فرانس جي ڊگهي عرصي وارن رابطن کي نظر ۾ رکندي چئي سگهجي ٿو ته فرانس ۽ پاڪستان جو عوام هڪ ٻئي لاءِ اوپرو ناهي.

سفير فرانس جي تقرر تي تقرير

21 - جنوري 1948ع

- اسان جي خارجه پاليسيءَ جو اصل اصول آهي دنيا جي سڀني قومن سان دوستي قائم ڪرڻ ۽ همدرديءَ جي جذبي سان هلڻ.

اسان دنيا جي ڪنهن به ملڪ يا قوم جي خلاف ڪو به جارحاڻو ارادو نٿا رکون. اسان قومي ۽ بين الاقوامي مامرن ۾ ديانت ۽ انصاف جي اصول تي يقين رکون ٿا.

اسان دنيا ۾ امن ۽ خوشحاليءَ جي اضافي ۽ ترقيءَ لاءِ پنهنجو وڌ ۾ وڌ ڪردار انجام ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

پاڪستان دنيا جي مظلوم ۽ ڪمزور قومن کي اخلاقي ۽ مالي امداد ڏيڻ کان به پوئتي نه هٽندو.

پاڪستان گڏيل قومن جي منشور ۾ درج ٿيل سڀني اصولن جو حامي آهي.

آمريڪي عوام کي خطاب

فيبروري 1948ع

- پاڪستان جا رهواسي ڪنهن به اهڙيءَ شيءِ جا گـُـهرجائو ناهن جا انهن جي پنهنجي نه هجي. اسان دنيا جي سڀني آزاد قومن لاءِ دوستيءَ ۽ همدرديءَ جي جذبات کان سواءِ ٻي ڪا به شيءِ نٿا رکون.

اسان پاڪستاني اهو ارادو ڪري چڪا آهيون ته، جيئن ته اسان پنهنجي وڃايل آزاديءَ کي حاصل ڪري چڪا آهيون، ان ڪري نه فقط پنهنجي پاڪستان کي مستحڪم ۽ خوشحال بنائڻ لاءِ انتهائي جدوجهد ڪنداسون پر ان سان گڏ عالمي امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ به هر ممڪن صورت ۾ مدد ڪندا رهنداسون.

آمريڪي سفير جي تقرر جي جواب ۾

26 - فيبروري 1948ع

- سوال پڇيو ويو آهي ته ڇا اها اميد رکي سگهجي ٿي ته پاڪستان ۽ ڀارت ڪڏهن پنهنجي اختلافن کي پر امن طريقي سان حل ڪندا.

منهنجو جواب آهي ته هائو! يقينن ائين ئي ٿي سگهي ٿو. بشرطيڪ ڀارت سرسيءَ جي احساس کي ختم  ڪري پاڪستان کي پنهنجو پاڙيسري ڀاءُ تصور ڪري ۽ اصل حقيقتن کي هميشه نظر جي اڳيان رکي سوچي.

پريس بيان - 11 مارچ 1948ع

- مون کان سوال پڇيو ويو آهي ته ڇا عالمي مامرن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت پاڻ ۾ ملي ڪو ڪم ڪندا ۽ ڇا ٻاهرئين حملي جي صورت ۾ بري ۽ بحري محاذن تي ڪو گڏيل دفاع قائم ڪري سگهندا؟

منهنجو جواب آهي ته مون کي ان ۾ ذري جيترو به شڪ ناهي. اسان جي اعليٰ ملڪي مفادن جي به اها ئي تقاضا آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کي عالمي مامرن ۾ پنهنجو اهم ڪردار گڏيل سهڪار سان ادا ڪرڻ گهرجي.

ان طرح ٻن آزاد ۽ خود مختيار مملڪتن جي حيثيت سان پاڪستان ۽ ڀارت کي ٻاهرين حملن جو دفاع گڏيل سهڪار ۽ دوستاڻي انداز سان ڪرڻ جـُـڳائي.

پر ان جو دارومدار سراسر ان تي آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت سڀ کان اول پنهنجا اختلاف ختم ڪن، پر اسان پهرين پنهنجي گهر کي مضبوط ڪريون ته پوءِ اسان ان حيثيت وارا ٿي سگهنداسون، جو سڀ عالمي مامرا ثابت قدميءَ سان حل ڪري سگهنداسون.

سيئزرلينڊ جي هڪ صحافيءَ کي انٽرويو

11 - مارچ 1948ع

- مان ايشيا جي سڀني قومن ۽ خاص ڪري مسلمان قوم ۾ هم آهنگي، مقصد جي وحدت ۽ مڪمل افهام ۽ تفهيم جي ضرورت تي زور ڏيان ٿو. ڇالاءِ ته ايشيائي اتحاد، عالمي امن ۽ خوشحاليءَ جي لاءِ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو.

ايراني وفد سان ملاقات

9 - اپريل 1948ع

- نئين پيدا ٿيل مملڪت جي حيثيت ۾ پاڪستان دنيا جي لاءِ خير خواهيءَ ۽ همدرديءَ جو مڪمل جذبو رکي ٿو.

پاڪستان جي عوام پنهنجي نئين حاصل ڪيل آزاديءَ کي برقرار رکڻ لاءِ دل ۽ جان سان ڪم ڪرڻ جو پختو ارادو پيدا ڪيو آهي.

ان عظيم ڪم جي تڪميل جي دوران پاڪستان جا باشندا دنيا جي ٻين مملڪتن سان پر خلوص تعاون پيدا ڪندا خاص ڪري هنگامي حالتن ۾ پاڪستان دنيا جي سڀني قومن جو خاص خيال رکندو.

افغانستان جي سفير جي تقرر تي

8 - مئي 1948ع

- سڀني اسلامي مملڪتن کي عيد مبارڪ هجي، منهنجو عيد جو پيغام سواءِ دوستيءَ ۽ ڀائيپيءَ جي ٻيو ڇا ٿو ٿي سگهي.

اسان سڀ هڪ جهڙي نموني ۾ نهايت خطرناڪ دؤر مان گذري رهيا آهيون.

سياسي اقتدار جو ڊرامو جيڪو اسٽيج تي هلي رهيو آهي اهو اسان جي اکين کي کولڻ لاءِ ڪافي آهي. فلسطين انڊونيشيا ۽ ڪشمير ۾.

اسان پنهنجي مسلم اتحاد جي ذريعي سان دنيا کي پنهنجي آواز جي قوت محسوس ڪرائي سگهون ٿا.

عيدالفطر جو پيغام

27 - آگسٽ 1948ع

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org