سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: قائدِاعظم جون تقريرون

باب: --

صفحو : 5

پاڪستان جي قيام تي نشري تقرير

15 - آگسٽ 1947ع

 قائداعظم جي هيءَ تاريخي تقرير، جا پاڪستان جي قيام ۽ اُن جي اعلان کان پوءِ ريڊئي پشاور تان نشر ڪئي وئي، سا جناب انصار ناصري، رٽائرڊ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل، ريڊيو پاڪستان جي پيش ڪيل آهي.

قائداعظم جي هن تقرير جو تاريخي ۽ افادي پهلو اهو به آهي ته خود وزارت اطلاعات جي طرفان قائداعظم جي تقريرن واري شايع ڪيل مجموعي ۾ هيءَ تقرير موجود ناهي، ان ڪري مسٽر انصار ناصري ان تقرير کي قائداعظم جي امانت قرار ڏنو آهي.

مسٽر انصار ناصري ان تقرير جي نشر و اشاعت جي سلسلي ۾ هڪ طول طويل تحرير ۾ ڪافي دلچسپ حقيقتون پيش ڪيون آهن.

انصار ناصري صاحب لکيو آهي:

قائداعظم جي تقرير جو ترجمو مون ڪيو. آخرڪار اها عظيم ۽ مقدس رات آئي، جا حق تعاليٰ جي ارشاد موجب هزار راتين کان افضل رات  هئي. يعني 14 ۽ 15 آگسٽ 1947ع جي درمياني رات. رمضان شريف 1366هه جي 27 (ستاويهين)، رات يعني ليلته القدر ۽ ان سان گڏ خميس ۽ جمعي واري مقدس رات! جنهن جي ٻئي ڏينهن تي، جمعته الوداع جو مقدس ڏينهن اچي رهيو هو. اهو عظيم ۽ مقدس بي مثال ۽ سعادت ڀريو وقت 27 - رمضان، ليلـته القدر ۽ جمعته الوداع هو. جڏهن پاڪستان جي قيام جو اعلان ٿيو.

معاهدي موجب پشاور جي ريڊيو اسٽيشن اڄ جي ٽين مجلس جي خاتمي تائين آل انڊيا ريڊئي جي ئي هڪ اسٽيشن هئي . ان طرح دهليءَ کان نشر ٿيل خبرون، پشاور ريڊيو تان اينديون رهيون. جڏهن ڏهين بجي پشاور اسٽيشن جي ٽين مجلس پڄاڻي تي پهتي  تڏهن اسان هن طرح اعلان ڪيو:

هينئر اوهان آل انڊيا ريڊيو تان رات جي خبرن جي بليٽن ٻڌي رهيا هئا، رات جا ڏهه ٿيڻ وارا آهن، ان سان گڏ آل انڊيا ريڊيو پشاور جي ٽين ۽ آخري مجلس ختم ٿي چڪي آهي. آداب عرض!

هن کان ٻه ڪلاڪ پوءِ يعني رات جي پوري ٻارهين بجي اوهان هن اسٽيشن تان ان ئي ميٽر تي براڊ ڪاسٽنگ سروس جي خاص مجلس جو پروگرام ٻڌندا. خدا حافظ.

آخر رات جا ٻارنهن وڳا ۽ اسان اڌ رات جي گجر فيلڊان ڪيو ۽ ان جي آخري ٽن ٽن سان ئي هي اعلان ڪيو ويو:

السلام عليڪم و رحمـته الله! هي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ سروس جي پشاور اسٽيشن آهي. هن وقت چوڏهين ۽ پندرهين آگسٽ جي وچين رات ۽ رمضان شريف جي ستاويهين رات جا ٻارنهن ٿيا آهن. الحمد الله.

مسلمانن جي عظيم ۽ آزاد مملڪت پاڪستان جو قيام عمل ۾ اچي چڪو آهي. ان مبارڪ ساعت تي اسان سڀني سامعين جي خدمت ۾ پرخلوص هديه تبريڪ پيش ڪيون ٿا. پاڪستان زنده باد! تلاوت ڪلام سماعت فرمايو.

تلاوت ۽ سوره قدر جي تلاوت ڪئي ويئي ۽ ان جو ترجمو پڻ ٻڌايو ويو. ان کان پوءِ نغما پيش ڪري 15 - آگسٽ 1947ع يوم استقلال پاڪستان جي پروگرامن جو خلاصو پيش ڪيو ويو. آخر ۾ انصار ناصري صاحب لکيو آهي:

بهرحال اهو داستان جنهن جو ديباچو 1857ع ۾ هزارن بي گناهن جي خون سان لکيو ويو، سو اڄ 15 - آگسٽ 1947ع تي تڪميل تي پهچي ويو

ان پهرئين پاڪستان جي قيام جي موقعي تي قائداعظم جي تقرير پيش ڪئي وئي، جنهن جو سنڌي ترجمو پيش ڪجي ٿو: غ. م. گ.

تقرير جو متن:

اهليان پاڪستان! السلام عليڪم!

مان انتهائي مسرت ۽ شادماني ۽ قلبي احساسات سان گڏ اڄ اوهان جي خدمت ۾ مبارڪ ۽ تهنيت پيش ڪريان ٿو.

14 آگسٽ اسان جي آزاد ۽ خودمختيار مملڪت پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جو ڏينهن آهي. اڄ جو مبارڪ ڏينهن مسلم قوم جي ڪاميابي ۽ آبرومندي جو ڏينهن آهي، جنهن پنهنجي وطن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ورهين کان جدوجهد ڪئي آهي.

اڄوڪي انتهائي اهم وقت تي منهنجي دل اسان جي جنگ آزاديءَ جي انهن دلير مجاهدن جي ياد سان معمور آهي، جن پاڪستان کي حقيقت ٺاهڻ جي راهه ۾ پنهنجي مال بلڪ جان جي قرباني پيش ڪئي آهي. مان انهن کي يقين ٿو ڏياريان ته پاڪستان هميشه انهن جو ممنون ۽ احسان مند رهندو ۽ انهن ساٿين کي، جي اڄ اسان وٽ موجود ناهن تن کي هميشه لاءِ ياد رکيو ويندو.

هن نئين مملڪت جي قائم ٿيڻ شرط پاڪستان جي شهرين تي زبردست ذميواري لاڳو ٿي آهي، کين اهڙو موقعو حاصل ٿيو آهي، جنهن ۾ هو دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاري سگهن ٿا ته، ڪهڙي طريقي سان هڪ اهڙي قوم جنهن ۾ ڪيئي مختلف عناصر شامل آهن، پاڻ ۾ اتحاد ڪري صلح ۽ امن سان زندگي گذارين ٿا ۽ مذهب، نسل جي امتياز ۾ فرق کان سواءِ پنهنجن سڀني شهرين جي فلاح ۽ بهبود لاءِ مخلصانه طور خدمت ڪن ٿا.

اسان جو نقطه نظر امن هئڻ گهرجي. ملڪ ۾ اندر به ۽ ملڪ کان ٻاهر به اسان صلح ۽ امن سان رهڻ گهرون ٿا ۽ ان سان گڏ پنهنجي پاڙيسري ملڪن جي باشندن سان ۽ ساري انسان ذات سان خوشگوار ۽ دوستانه تعلقات رکڻ گهرون ٿا. اسان ڪنهن جي خلاف جارحانه ارادا نٿا رکون ۽ اسان گڏيل قومن جي منشور جا پابند آهيون ۽ عالمي امن ۽ خوشحاليءَ جي فروغ ۾ دلي خوشيءَ سان حصو وٺندا رهنداسون.

هندستان جي مسلمانن اهو دنيا کي ڏيکاريو آهي ته مسلمان هڪ متحد قوم آهن. ان جا مطالبا ۽ مقصد سڀ حق ۽ انصاف تي ٻڌل آهن. جن کي ڪڏهن به رد ڪري نٿو سگهجي.

اچو اڄوڪي مبارڪ ڏينهن تي اسان الله تعاليٰ جي بخشيل نعمتن جو شڪر ادا ڪريون ۽ دعا ڪريون ته اسان کي ان جي اصل ثابت ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اڄوڪي ڏينهن تي اسان جي قومي تاريخ جي تلخين سان ڀريل دور جو خاتمو ٿي چڪو آهي ۽ اڄوڪي ڏينهن تي اسان جي نئين ۽ شاندار ۽ پروقار دور جو آغاز به هئڻ گهرجي.

پنهنجين سرحدن جي آزادي پسند قبيلن ۽ سرحدن کان ٻيءَ پار مملڪتن ۽ آباد باشندن جي خدمت ۾ پڻ اسان مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ۽ کين يقين ٿا ڏياريون ته پاڪستان انهن جي عظمت ۽ مرتبي جو هميشه هميشه احترام ڪندو رهندو ۽ امن جي قيام جي سلسلي ۾ انهن سان هميشه دوستانه طور تي تعاون ڪندو رهندو.

اسان چاهيون ٿا ته اسان پاڻ به باعزت زندگي بسر ڪريون ۽ ٻين کي به باعزت زندگي بسر ڪرڻ لاءِ موقعو ڏيون. ان کان وڌيڪ اسان جي ٻي ڪابه تمنا ڪانه آهي.

آخر ۾ منهنجا عزيز هم وطن دوستو ۽ ڀائرو! مان اوهان کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته  پاڪستان جي سرزمين عظيم وسيلن ۽ ذخيرن سان مالا مال آهي پر هڪ اهڙي ملڪ بنائڻ جي لاءِ جو مسلم قوم جي شايان شان هجي، اسان کي پنهنجين سڀني قوتن کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت رهندي ۽ مون کي ڀروسو آهي ته ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جا سڀ رهاڪو دل ۽ جان سان پنهنجي پوري قوت ۽ صلاحيت کي وقف ڪندا.

پاڪستان زندهه آباد!

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org