سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: قائدِاعظم جون تقريرون

باب: --

صفحو : 14

فوجن کي خطاب

 خدا جو قسم! جيستائين اسان جو دشمن اسان کي کڻي عربي سمنڊ ۾ نه اڇلائي  تيستائين اسان هار نه مڃينداسون.

پاڪستان جي حفاظت جي لاءِ مان اڪيلو وڙهندس . ان وقت تائين وڙهندو رهندس جيستائين منهنجن هٿن ۾ ساهه ۽ منهنجي رڳن ۾ رت جو هڪ قطرو به موجود آهي.

اوهان کي فقط ايترو چوڻو آهي ته جيڪڏهن ڪڏهن ڪو اهڙو وقت اچي وڃي، جو پاڪستان جي حفاطت لاءِ جنگ وڙهڻي پوي  ته ڪنهن به حالت ۾ هٿيار نه ڇڏجو ۽ نه ڪو شڪست قبول ڪجو.

پهاڙن ۾، جهنگن ۾، ميدانن ۾ ۽ دريائن ۾ جنگ کي جاري رکيو اچجو.

10-  آڪٽوبر 1947ع

- اسان ڄاڻون ٿا ته اڄ ڪلهه جي جنگ سرحدن جي قيد کان آزاد آهي، ڇا لاءِ ته جديد جنگ ۾ فيصله ڪن هٿيار فضائي ٿين ٿا.

فضائيه قوت جي مقابلي ۾، بـَـري ۽ بحري طاقتن جي حيثيت هاڻي ٻئي درجي تي پهچي چڪي آهي.

مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه

10-  مارچ 1941ع

- خدا اوهان کي ۽ اسان کي سونهري موقعو عطا ڪيو آهي ته اسان اهو ثابت ڪري ڏيکاريون ته اسان واقعي هڪ نئين مملڪت جا معمار آهيون. اسان هڪ نئين مملڪت کي ٺاهڻ جي اهليت رکون ٿا.

خدارا! ڪٿي ماڻهو اسان جي متعلق ائين نه چون ته اسان مملڪت جي بار کڻڻ جهڙا نه هئاسون.

فوجي آفيسرن کي خطاب - ڪراچي

11-  آڪٽوبر 1947ع

- ڇا اسان جون قربانيون جي اسان پيش ڪيون آهن، سي ائين اجايون وينديون؟ ڇا اسان هٿ تي هٿ رکي ويٺا رهنداسون ۽ پنهنجن نقصانن تي رڳو دل ۾ ڪڙهندا رهنداسون. جيڪڏهن اسان ائين ئي ڪيو ته ڄڻ ته اسان اهو ڪجهه ڪيو جنهن جي اميد دشمن رکيو ٿي آيو. ڄڻ ته اسان انهن جي اشارن تي ناچ ڪندي نظر اينداسون ۽ پوءِ تمام جلدي اسان جي سلامتي ۽ عزت به انهن جي رحم ۽ ڪرم تي وڃي رهندي. دشمنن جي سازشن جو بهترين جواب اهو آهي ته اسان پاڪستان جي تعمير لاءِ پڪو ارادو پيدا ڪيون ۽ هڪ اهڙي عظيم مملڪت کي پيدا ڪريون، جا اسان جي ايندڙ نسلن جي رهڻ جي قابل ثابت ٿئي.

ان شاندار نصب العين جي ضرورت آهي: ڪم، ڪم ۽ مسلسل ڪم.

فوجي آفيسرن کي خطاب - ڪراچي

11-  آڪٽوبر 1947ع

- اوهان کي صرف پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر مجاهداڻي جذبي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اوهان ان قوم سان تعلق رکو ٿا، جنهن جي تاريخ بهادريءَ، شجاعت ۽ ڪردار جي بلنديءَ جي بيشمار مثالن سان ڀري  پئي آهي. انهن جي شاندار روايتن موجب پنهنجي صلاحيت ۽ زندگيءَ کي بڻايو ۽ چمڪايو ۽ ان تاريخ  ۾ هڪ نئين ۽ چمڪندڙ باب جو اضافو ڪيو.

جلسه عام - لاهور

30-  آڪٽوبر 1947ع

- اوهان جهڙي ريجمنٽ جي تشڪيل جي لاءِ، جن وصفن جي ضرورت آهي، سي انتهائي بلند ۽ اعليٰ آهن. مثلاً سخت محنت، شديد قسم جو نظم وضبط، دلي وفاداري، بي غرض عمل، فرض شناسي ۽ زبردست قوت برداشت.

بيشڪ ماڻهو هر وقت اعليٰ وصفن متعلق نٿو سوچيندو رهي، پر اهو ماڻهو ئي ڪهڙو، جيڪو خاصيتن جي تجزيي ۽ امتحان ۾ ناڪام رهجي وڃي.

سڀني وصفن جو لب لباب هي آهي ته هر حال ۾ پنهنجي ريجمنٽ سان وفاداري ڪئي وڃي. اوهان جو جهنڊو ريجمنٽ جي مقصدن جو نشان ۽ ترجمان آهي. جيئن اوهان پاڻ پاڪستان جي مقصدن جو نشان ۽ ترجمان آهيو. اوهان جي ڪارنامن جي تعريف ڪرڻ نٿو گهران. پر ايترو ضرور چوندس ته مون کي اوهان جي شاندار جرئت منداڻن ڪارنامن تي فخر آهي.

پنجاب مشين گن ريجمنٽ - پشاور

15-  اپريل 1948ع

- جنگ کان ستايل انسانيت اڄ گڏيل قومون ڏانهن آس ۽ نراس جي جذبات سان ڏسي رهي آهي، ڇو ته بني نوع انسان جي ڇوٽڪاري ۽ تهذيب حاضره جو مستقبل ان ڳالهه تي ٻڌل آهي ته هيءُ ادارو جنگ جي اسباب ۽ امن عالم لاءِ پيدا ٿيل خطرن کي پري ڪرڻ ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿي سگهي ٿو.

پاڪستان جو اڃا تازو گڏيل قومن جو رڪن بڻيو آهي، سو ان اداري جي تقويت لاءِ پنهنجي حال آهر ڀرپور ڪوشش ڪندو رهندو ۽ جو نصب العين ان اداري پنهنجي اڳيان رکيو آهي، ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ مدد ڏيندو رهندو، ان هوندي به پاڪستان پنهنجي دفاع کان غافل رهي نٿو سگهي. ڇو ته گڏيل قومن جو ادارو ڪيترو به مضبوط ڇو نه هجي، اسان کي پنهنجي وطن جي دفاع واري بنيادي ذميداريءَ کي پاڻ نباهڻو آهي. تمام ضروري آهي ته پاڪستان سڀني خطرن ۽ حادثن کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهي. هن ناقص دنيا ۾ ڪمزوري، ٻين کي حملي ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ جي برابر آهي.

پاڪستان اڃا کير پياڪ ٻار آهي، اهو ئي حال سندس بحري طاقت ۽ ٻي فوج جو پڻ آهي. پر اهو ٻار، جوان ٿيڻ جو ارادو ڪري چڪو آهي، انشاءَ الله هي ٻار ايترو ته وڌندو ۽ ويجهندو جو ماڻهن جي قياس ۾ به نه ٿو اچي سگهي.

پاڪستان نيوي کي خطاب

23-  جنوري 1947ع

- پاڪستان جي دفاع کي مضبوط کان مضبوط بنائڻ لاءِ اوهان مان هرهڪ کي پنهنجي پنهنجيءَ جڳهه تي الڳ الڳ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪرڻو آهي. ان سلسلي ۾ اوهان جو نعرو هي هئڻ گهرجي: ايمان، تنظيم ۽ ايثار!

اوهان پنهنجي تعداد جي گهٽ هئڻ متعلق ڪو به خيال نه ڪيو. ان گهٽتائيءَ کي همت، استقلال ۽ بي لوث فرض شناسيءَ سان پورو ڪرڻو پوندو. ڇا لاءِ ته اصل شيءِ زندگي ناهي، بلڪ همت، صبر، تحمل ۽ مضبوط ارادو. انهن سان ئي ته زندگي کي زندگي بنائي سگهجي ٿو.

جهاز "دلاور" جي افتتاح تي

23-  جنوري 1948ع

- ياد رکڻ گهرجي ته اوهان جو صدر مقام ڪراچي، جو پاڪستان بلڪ ايشيا جو دروازو آهي ۽ ان سان گڏ ٻين قومن جي بحري جهازن لاءِ بندرگاهه آهي، وڏي اهميت رکي ٿو. هيءَ شهر، اوڀر کي اولهه سان ملائيندڙ فضائي رستو به آهي. پوري دنيا جا ماڻهو ڪراچيءَ کان چين وڃن ٿا، دنيا جون اکيون اوهان ۾ کتل آهن.

مون کي ڪامل يقين آهي ته اوهان پنهنجي روش ۽ طرز عمل سان پاڪستان کي ڪڏهن به شرمسار ٿيڻ نه ڏيندا. بلڪ خدمت جي بهترين روايتن کي قائم رکندا ۽ دنيا جي عظيم ترين قومن ۾ هڪ حيثيت سان، پاڪستان جي عزت ۽ وقار کي سربلند ۽ سرفراز رکندا.

بحريه پاڪستان کي خطاب

23-  جنوري 1948ع

- اسان پاڪستان جي آزاديءَ جي جنگ ته فتح ڪئي آهي، پر پنهنجي آزاديءَ کي برقرار رکڻ ۽ پاڪستان کي مضبوط بنيادن تي تعمير ڪرڻ واري سنگين تر جنگ ته اڃا جاري آهي. پر اسان کي هڪ عظيم قوم جي حيثيت سان زنده رهڻو آهي ته پوءِ اها جنگ تيستائين جاري رهندي، جيستائين مڪمل ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي.

اهو قدرت جو اٽل قانون آهي ته جو بهترين آهي، اهو ئي زندهه رهي سگهي ٿو، باقي مري ٿا وڃن. اسان کي اهو پڻ ثابت ڪرڻو آهي ته اسان هن نئين حاصل ڪري آزاديءَ جي بلڪل لائق آهيون.

اوهان فسطائيت ۽ آمريت جي خلاف، جمهوريت آڻڻ لاءِ، ميدان جنگ ۾ شجاعت جو جوهر ڏيکاريو آهي.

اوهان کي ئي پاڪ سرزمين ۾، اسلامي جمهوريت، اسلامي معاشرتي انصاف ۽ انساني مساوات جي اصولن کي فروغ ڏيڻو آهي، ان ڪري اوهان لاءِ لازم آهي ته هر وقت تيار ۽ هوشيار رهو. ڇو ته سستيءَ ۽ آرام جو هي وقت ناهي. ايمان، تنظيم ۽ بي غرض فرض شناسيءَ جي سونهري اصولن تي ڪاربند ٿيڻ سان ڪا اهڙي شيءِ نه آهي، جنهن کي اوهان حاصل ڪري نه ٿا سگهو.

افواج پاڪستان کي خطاب - ڪراچي

21 - فيبروري 1948ع

- هن مشيني دور ۾ جڏهن انسان جي گمراه ذهانت، تباهيءَ ۽ برباديءَ لاءِ، نت نيون مشينون ايجاد ڪندي رهي ٿي. اوهان کي زماني جي مطابق هلڻو پوندو. پنهنجي علم ۽ فن، ساز ۽ سامان، هٿيارن ۽ اوزارن کي جديد فن جي مطابق ٺاهڻو پوندو.

اهو ان لاءِ نه ته اسان ڪنهن پاڙيسريءَ جي خلاف ڪا بري نيت رکون ٿا، بلڪ ان لاءِ ته اسان جي بنيادي سلامتيءَ جي تقاضا ئي اها آهي ته اسان ڪمزور نه رهون. اسان تي ڪو اوچتو حملو ڪري نه سگهي. ان کان وڌيڪ اسان جي ٻي ڪا به خواهش ناهي ته اسان امن ۽ امان سان رهون ۽ ٻين کي به امن وامان سان رهڻ ڏيون. ڪنهن به ٻي ٻاهرين مداخلت کان سواءِ پنهجي نقطهءِ نظر جي مطابق پنهنجي ملڪ کي ترقي  ڏياري سگهون. عام انسان جي زندگيءَ کي بهتر کان بهتر بڻائي سگهون. بيشڪ اهو ڪم ڏاڍو ڏکيو آهي، پر جي اسان شوق ۽ خلوص سان ڪم ڪرڻ جو مضبوط ارادو پيدا ڪنداسون ۽ قوم جي اجتماعي مفاد جي لاءِ وڏي ۾ وڏي قرباني ڏيڻ کان به نه هٽنداسون، ته پوءِ لازمي طور تي، اسان پنهنجي نصب العين کي تمام جلد حاصل ڪري سگهنداسون.

بري فوج کي خطاب

21-  فيبروري 1948ع

- غلاميءَ جي زماني ۾ بنگال کي، جنهن ۾ اسان جو مسلم اڪثريت وارو مشرقي بنگال به شامل آهي، فوجي مقصدن لاءِ نهايت ڪمتر سمجهيو ويندو هو. تعداد جي لحاظ کان به ۽ ڪارگذاريءَ جي لحاظ کان به. حالانڪ بنگال جي باشندن جي مجاهداڻي جذبي ۽ فوجي روح سان جيڪي تاريخي ڪارناما انجام ڏنل آهن، سي ڪنهن کان به ڳجها ناهن.

اها تلخ حقيقت به ڪنهن کان لڪل ناهي ته سندن ٻين صلاحيتن سان گڏ، فوجي صلاحيت ۽ جذبه شهادت کي به نهايت سختيءَ سان ڪچلي ڇڏيو ويو ۽ هڪ ٻرندڙ شعلي کي وسائي رک جو ڍير ڪيو ويو. نتيجو اهو نڪتو جو اهو تاثر پيدا ڪيو ويو ته بنگال، فوجي مقصد جي اعتبار کان تمام گهٽ آهي.

اڄ اهو آزاد پاڪستان ۾ شامل آهي، جو دنيا جي عظيم ترين قومن جي پهرينءَ صف ۾ شامل ٿي رهيو آهي. هن وقت مناسب اهو آهي ته اوهان پنهنجي شجاعت جي جذبي کي بيدار ڪريو ۽ فوجي صلاحيت کي بحال ڪري اڳتي قدم وڌايو. اهو سڀ ڪجهه اوهان جي هٿ ۾ آهي.

مون کي يقين آهي ته پاڪستان جي دفاع ۽ سلامتيءَ جي سلسلي ۾، اوهان پنهنجي ذميداريءَ جو مڪمل احساس پيدا ڪندا ۽ پاڪستان جي دفاع ۽ سلامتيءَ لاءِ جان جي بازي لڳائڻ کان به نه گسندا.

هڪ فوجي پريڊ کي خطاب

20 - مارچ 1948ع

- جيستائين مشرقي پاڪستان جي ماڻهن جي فوجي صلاحيت ۽ شجاعت جو تعلق آهي، ان متعلق ڪافي ثبوت موجود آهن ۽ تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پيئي آهي.

حڪومت پاڪستان پاران مسلح ۽ فوجي ۽ پاڪستان نيشنل گارڊز ۾، هن صوبي جي نوجوانن جي ڀرتيءَ ۽ تربيت لاءِ اهم قدم کنيا ويا آهن.

اوهان کي هميشه لاءِ يقين رکڻ گهرجي ته پاڪستان جي دفاع ۾ هن صوبي جي نوجوانن کي پنهنجي حصي جي ڪردار کي ادا ڪرڻ لاءِ، هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي.

جلسهءِ عام - ڍاڪا

21 - مارچ 1948ع

- اهو ڪڏهن به نه وسارڻ گهرجي ته اتحاد ۾ برڪت آهي. اوهان پنهنجي ريجمنٽ تي فخر ڪريو. پنهنجي پاڪستان تي فخر ڪريو، نه صرف فخر ڪريو، پر پاڻ کي ان لاءِ وقف ڪريو.

پاڪستان اوهان تي اعتبار رکي ٿو. پاڪستان جو اوهان تي دارومدار آهي. پاڪستان اوهان کي پنهنجو محافظ سمجهي ٿو. اوهان پاران پاڪستان جي ان اعتماد کي ڪو به ضعف پهچڻ نه گهرجي. پاڻ کي پاڪستان جي شايان شان بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪريو، فوج جي جيڪڏهن ڪا عظمت ۽ شهرت آهي ته اها اوهان جي ابن ڏاڏن جي شجاعت ۽ عظمت جي ڪري آهي. اوهان پنهنجي وڏن جو قابل فخر اولاد بڻجو.

بري فوج کي خطاب

13- اپريل 1948ع

- کي هميشه فوج جي هر اول دستي جي حيثيت حاصل رهي آهي. گهوڙن جي زماني ۾ به ۽ اڄ جي مشيني زماني ۾ به رسالو هر حملي جي دفاع لاءِ قيادت ڪندو آيو آهي.

ان اهم ڪردار کي سرانجام ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته رسالي ۾ جيترا به آفيسر ۽ جوان هجن، سي سڀ چونڊيل ۽ بهترين هجن. جيتوڻيڪ انهن جي صلاحيت جي بهترين ۽ عملي مظاهري جو دارومدار مجموعي ڪارڪردگيءَ تي آهي.

بري فوج کي خطاب - نوشهره

13 - اپريل 1948ع

- ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته جو ملڪ پنهنجي مضبوط فضائي قوت نه ٿو رکي، سو ڄڻ پنهنجي دشمن جي رحم ۽ ڪرم تي ٿو رهي. پاڪستان کي گهرجي ته جلد کان جلد پنهنجي فضائي قوت کي مضبوط بڻائي. هڪ اهڙي قابل، هوشيار ۽ تيز فهم فضائيه جنهن جو مثال دنيا ۾ ملي نه سگهي. هڪ اهڙي فضائيه، جا پاڪستان جي دفاع ۾، بري ۽ بحري طاقتن لاءِ  مضبوط ٻانهن ثابت ٿئي.

فضائي فوج کي خطاب - رسالپور

13 - اپريل 1948ع

- هوائي جهازن ۽ ان جي عملي جي تعداد سان ڪو به فرق پيدا نه ٿو ٿئي، اصل شيءِ فضائيه ۽ جذبو، نظم ۽ ضبط آهي.

مان اوهان کي ياد ڏيارڻ ٿو چاهيان ته رڳو نظم و ضبط ۽ خود اعتماديءَ سان ئي، پاڪستان جي فضائيه پاڪستان جي شايان شان بڻجي سگهي ٿي.

فضائي فوج کي خطاب - رسالپور

13 - اپريل 1948ع

- اوهان هميشه ان قسم جي تصورن ۽ ارادن مطابق زندگي بسر ڪرڻ شروع ڪيو، جن جي لاءِ اوهان تازو پنهنجي زندگيءَ کي وقف ڪرڻ جو عهد ڪيو آهي.

منهنجي مراد آهي، پاڪستان جي خدمت.

ان طرح ڪمزور ماڻهن جي حمايت ۽ شهيدن جي پاڪيزه ياد جي سلسلي ۾ پنهنجو فرض ادا ڪري، اسلام جي شان کي چار چنڊ لڳايو.

پنجاب مشين گن ريجمنٽ - پشاور کي خطاب

15 - اپريل 1948ع

- لفظن جو ايترو قدر نه ٿو ٿئي، جيترو عملن  جو قدر پيدا ٿئي ٿو.

مون کي يقين آهي ته جڏهن پاڪستان جي دفاع ۽ قوم جي سلامتيءَ ۽ حفاظت لاءِ اوهان کي سڏ ڪيو ويندو. تڏهن اوهان پنهنجي اسلاف جي روايتن مطابق شاندار ڪارنامن جو مظاهرو ڪندا.

مون کي اهو به يقين حاصل آهي ته اوهان پاڪستان جي هلالي جهنڊي کي هر حال ۾ سر بلند رکندا.

مون کي يقين آهي ته اوهان پنهنجي عظيم تر قوم جي عزت ۽ وقار کي هميشه لاءِ برقرار ۽ سر بلند رکندا.

پنجاب مشين گن ريجمنٽ - پشاور کي خطاب

15 - اپريل 1948ع

- پاڪستان جي ٻين ملازمن جي مقابلي ۾، دفاعي فوج کي وڌيڪ اهميت حاصل  آهي، ان نسبت سان اوهان جون ذميداريون به وڌيڪ آهن.

مون  جو ڪجهه به ڏٺو آهي، ۽ ان جي بنياد تي بلاشڪ ۽ شبهي جي چئي ٿو ڏيان ته اسان جي فوج جو حوصلو فخر جي قابل آهي. سندن همتون بلند آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ اطمينان بخش ڳالهه اها آهي ته هر آفيسر ۽ سپاهي خواه اهو ڪهڙي به فرقي يا نسل جو هجي، هڪ سچي پاڪستانيءَ وانگر ڪم ڪري رهيو آهي.

جيڪڏهن اوهان اهڙي جذبي سان سچن رفيقن ۽ سچن پاڪستانين وانگر بي غرضي‌ءَ سان ڪم ڪندا رهيا ته پوءِ پاڪستان کي ڪنهن به شيءِ جو ڪو خوف ناهي.

پاڪستاني فوج کي خراج تحسين - ڪوئيٽه

14 - جون 1948ع

- پاڪستان جي ٻين فوجن جي همراهيءَ ۾ اوهان پاڪستان جي ماڻهن جي زندگيءَ، جائداد ۽ عزت جا محافظ آهيو.

اسٽاف ڪاليج جي آفيسرن کي خطاب - ڪوئٽه

14 - جون 1948ع

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org