سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: قائدِاعظم جون تقريرون

باب: --

صفحو : 15

شاگرد ۽ تعليمي نظام

 - اسان گذريل نسل جي ماڻهن اڳيان جيتريون به آزمائشون درپيش آيون هيون، سي گذري چڪيون.

پر اڄوڪي رات تي مان پنهنجن نوجوانن ۽ دوستن جي صحبت ۾، انهن سڀني آزمائشن کي وسارڻ چاهيان ٿو.

اڄوڪي رات تي مان انهن نوجوانن جي دلين ۾ لڪل اُمنگن جي تازه ترين چشمن کي ڇُهڻ چاهيان ٿو. ڇا لاءِ ته هي اهي ئي آهن، مردان عمل جي اڳتي هلي اسان جي قوم جي خواهشن جو بار کڻندا.

عيد جو پيغام ، 13 - نومبر 1939ع

- مان اوهان کي اهو تاڪيد ٿو ڪريان ته اوهان پاڻ کي هميشه عمل ۾ مصروف رکو، ڪم، ڪم ۽ بس ڪم. دل جي سڪون خاطر، صبر ۽ برداشت، نماڻائي ۽ نهٺائيءَ سان پنهنجي قوم جي سچي خدمت ڪندا رهو.

آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس ڪانفرنس - جالنڌر

15 - نومبر 1942ع

- هيءَ تلوار جا اوهان مون کي عنايت ڪئي آهي، سا صرف حفاظت لاءِ کنئي ويندي، پر في الحال جو سڀ کان وڌيڪ ضروري مسئلو آهي، سو آهي تعليم.

علم، تلوار کان به وڌيڪ طاقتور ٿئي ٿو. وڃو، وڃي علم کي حاصل ڪريو.

اجلاس بلوچستان مسلم ليگ ڪوئٽه.

3 - جولاءِ 1943ع

- اوهان تعليم تي پورو پورو ڌيان صرف ڪريو ۽ پاڻ کي عمل لاءِ تيار ڪريو، اهو اوهان جو پهريون فرض آهي. اوهان جي تعليم جو هڪ حصو اهو به آهي، ته اوهان موجوده دؤر جي سياست جو مطالعو ڪريو. اوهان اهو ڏسو ته اوهان جي چـوطرف ڇا ڇا ٿي رهيو آهي؟ ياد رکو. اسان جي قوم جي لاءِ تعليم، زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي.

دنيا ايتري ته تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي آهي، جو اوهان جيڪڏهن پاڻ کي تعليم يافته نه بڻايو ته پوءِ نه رڳو اوهان پوئتي رهجي ويندا، بلڪ (خدانخواسته) بلڪل ختم ٿي ويندا.

تعليم جي اشاعت ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيون وڏيون قربانيون ڏيڻ گهرجن.

وليڪا ٽيڪسٽائل ملز جي افتتاحي تقرير - ڪراچي

26 - سيپٽمبر 1947ع

- مان پاڪستان جي هر باشندي کي خاص طرح سان پنهنجن نوجوانن کي هيءَ حقيقت بلڪل چٽيءَ طرح سان ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته هو خدمت، همت ۽ برداشت جي سچي جذبي جو مظاهرو ڪن.

اهڙو شريفاڻو ۽ بلند مثال قائم ڪن، جيئن سندن دؤر جا توڙي ايندڙ دؤر جا نسل سندن تقليد ڪن.

شاگردن کي خطاب - لاهور

30 - آڪٽوبر 1947ع

- پنهنجن اخلاقن کي هر صورت ۾ بلند رکو. موت کان اصل نه ڊڄو. اسان جو مذهب اهو سيکاري ٿو ته موت جي لاءِ هر وقت تيار رهڻ گهرجي.

اسلام ۽ پاڪستان جي عزت بچائڻ لاءِ، اسان کي موت جو مقابلو نهايت بهادريءَ ۽ جوان مرديءَ سان ڪرڻ گهرجي.

مسلمان لاءِ ان کان بهتر ٻيو ڪو به ڇوٽڪاري جو ذريعو نه ٿو ٿي سگهي ته هو صداقت جي راهه ۾ شهادت جي موت کي حاصل ڪري.

شاگردن کي خطاب لاهور.

30 - آڪٽوبر 1947ع

- پاڪستان جي تعمير جي راهه ۾ مصيبتن ۽ دشوارين کي ڏسي گهٻرائڻ نه گهرجي.

تازين، جوان ۽ نين قومن جي تاريخ ۾ اهڙا ڪيئي باب اهڙن مثالن سان ڀريا پيا آهن، جن موجب انهن محض قوت ارادي، قوت عمل ۽ قوت ڪردار سان پاڻ کي سربلند رکيو آهي. اوهان پاڻ به فولادي قوت جا مالڪ آهيو ۽ عزت ۽ ارادي جي دولت جي حيثيت سان اوهان جو ڪو مثال موجود ناهي. مون کي ته ڪو اهڙو سبب نظر نه ٿو اچي ته اوهان پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر ڪامياب نه ٿيو! ضرورت فقط اها آهي ته اوهان پاڻ ۾ مجاهدانه ڪردار پيدا ڪريو.

اوهان اهڙي قوم جا فرد آهيو، جنهن جي تاريخ، شجاعت، اخلاق ۽ فولادي ارادي جي ڪارنامن سان ڀري پيئي آهي. ان ڪري پنهنجين شاندار روايتن جي مطابق زندهه رهو، بلڪ عظمت ۽ شوڪت جو هڪ نئون باب پيدا ڪريو.

شاگردن کي خطاب لاهور.

30 - آڪٽوبر 1947ع

- پاڪستان کي پنهنجن جوانن، بلڪ خصوصيت سان شاگردن تي فخر آهي، جي ضرورت ۽ آزمائش جي گهڙيءَ تي هميشه صف اول ۾ رهندا آيا آهن.

اوهان مستقبل ۾ قوم جا معمار آهيو، ان ڪري جو مشڪل ڪم اوهان جي مٿان بيٺو آهي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي شخصيت ۾ نظم ۽ ضبط پيدا ڪيو. مناسب تعليم ۽ مناسب تربيت حاصل ڪريو.

اوهان کي پورو پورو احساس هئڻ گهرجي ته اوهان جون ذميداريون ڪيتريون نه وڌيڪ ۽ اهم آهن، انهن کي نباهڻ لاءِ هر وقت تيار رهڻ گهرجي.

مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي وفد سان ڳالهيون.

31 - آڪٽوبر 1947ع

- تعليم ۽ صحيح قسم جي تعليم جي اهميت سڀني تي واضح آهي، هڪ صديءَ جي زائد عرصي تائين غير ملڪي تسلط جو هي قدرتي نتيجو آهي، جو اسان جي ماڻهن جي تعليم تي مناسب توجهه نه ڏنو ويو آهي.

اسان کي جيڪڏهن حقيقي تيز رفتار ۽ نتيجه خيز ترقي ڪرڻي آهي ته پوءِ اسان کي تعليم جي مسئلي ڏانهن خصوصي توجهه ڏيڻ گهرجي. پنهنجي تعليمي پاليسيءَ ۽ پروگرام کي اهڙن طريقن تي هلائڻ گهرجي جيڪي اسان جي مزاج جي مطابق هجن ۽ جي اسان جي تاريخ ۽ ثقافت سان هم آهنگ هجن. ۽ جي سڄي دنيا ۾ پيدا ٿيل وسيع ترقيءَ ۽ جديد تقاضائن سان مطابقت رکندا هجن.

ڪل پاڪستان تعليمي ڪانفرنس ڪراچي.

27 - نومبر 1947ع

- پاڪستان جي ترقيءَ جو مدار وڌيڪ تر طرز تعليم تر آهي، يعني اسان ڪهڙي نموني ۾ پنهنجن ٻچن کي سچا خدمتگذار بنائي سگهون ٿا.

تعليم جو مطلب محض مڪتبي تعليم نه ٿو ٿئي. اسان وٽ ته مڪتبي تعليم به نهايت ڪمزور ۽ ناقص آهي. اسان کي جو ڪجهه به ڪرڻو آهي، اهو هيءُ آهي ته پنهنجن ماڻهن جي صلاحيتن کي هڪ سنئين راهه تي آڻيون ۽ ايندڙ نسلن جي تعمير جو ڪم هاڻي کان ئي شروع ڪري ڇڏيون. ان ڪم جي فوري ۽ اشد ضرورت آهي ته اسان جي نوجوانن کي سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي شعبن ۾ تعليم ڏني وڃي. ڇو ته ان سان اسان جي مستقبل جي معاشي زندگيءَ جو معيار بلند ٿي سگهي ٿو.

تعليم کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ تجارت، ڪاروبار، صنعت ۽ حرفت ۾ داخل هئڻ گهرجي.

ياد رکڻ گهرجي ته اسان کي دنيا سان قدم سان قدم ملائي هلڻ گهرجي. جا دنيا انتهائي تيزيءَ سان بدلجي رهي آهي.

ڪل پاڪستان تعليمي ڪانفرنس - ڪراچي

27 - نومبر 1947ع

- اسڪائوٽنگ، اسان جي نوجوانن جي ڪردار جي تعمير ۾ تمام وڏو حصو وٺي سگهي ٿي. اسڪائوٽنگ، شاگردن جي ذهني ۽ روحاني ارتقا لاءِ معاون ٿي سگهي ٿي.

انهن کي منظم، مفيد ۽ سٺو شهري بنائي سگهي ٿي.

پاڪستاني اسڪائوٽن کي خطاب

22 - ڊسمبر 1947ع

- اسان جنهن دنيا ۾ هن وقت زندگي گذاري رهيا آهيون، سا ڪنهن به ريت مڪمل چئي نه ٿي سگهجي، تهذيب ۽ تمدن جي ترقيءَ جي باوجود اڄ ڪلهه جهنگ جو قانون رائج آهي. "جيڪو ڏاڍو سو گابو" جي مصداق طاقتور ڪمزور مان ناجائز فائدي وٺڻ کان باز نه ٿو رهي. پنهنجي ترقيءَ کي مقدم رکڻ، لالچ ۽ طاقت حاصل ڪرڻ جي هوس، نه صرف افراد بلڪ اقوام عالم جي تمام افعال جي محرڪ آهي. جيڪڏهن اسان دنيا کي وڌيڪ محفوظ، پاڪيزه ۽ پر مُسرت جڳهه بنائڻ گهرون ٿا ته پوءِ اسان کي پنهنجي اصلاح جو ڪم فردن کان شروع ڪرڻو پوندو. ٻاراڻي وهيءَ کان ئي فرد جي زندگيءَ ۾ اسڪائوٽ وارو ايثار، خدمت، قول، فعل ۽ خيال جي پاڪيزگيءَ وارو مسلڪ پيدا ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان جا نوجوان هر هڪ کي دوست رکڻ، هر هڪ کي هر وقت خدمت ڪرڻ، ذاتي مفاد کي ٻين جي ڀلائيءَ تي ترجيح ڏيڻ جو سبق سکي وٺن ته پوءِ مون کي اميد آهي ته عالمگير اخوت اسان جي امڪان ۽ دسترس ۾ هوندي.

بواءِ اسڪائوٽس کي خطاب

22 - ڊسمبر 1947ع

- منهنجا نوجوان دوستو، مان اوهان کي خبردار ڪرڻ گهران ٿو ته جيڪڏهن اوهان ڪنهن سياسي جماعت جا آله ڪار ٿي ويئو ته پوءِ اها اوهان جي سڀ کان وڏي غلطي ٿيندي. ياد رکڻ گهرجي ته هڪ انقلابي تبديلي رونما ٿي چڪي آهي، هاڻي اسان جي پنهنجي حڪومت آهي.

اسان هاڻي هڪ آزاد ۽ خود مختار مملڪت جا مالڪ آهيون. هاڻي اسان کي آزاد ماڻهن وانگر پنهنجن معاملن جو پاڻ انتظام ڪرڻ گهرجي. اسان هاڻي ڪنهن ٻاهرين طاقت جي تسلط ۽ دٻاءَ ۾ ناهيون. اسان غلاميءَ جا زنجير ٽوڙي  ڇڏيا آهن.

منهنجا نوجوان دوستو، مان هاڻي اوهان کي پاڪستان جو حقيقي معمار سمجهي رهيو آهيان، اهو ڏسي رهيو آهيان ته اوهان پنهنجي ذميداريءَ کي ڪهڙيءَ ريت نباهي رهيا آهيو.

اوهان اهڙا مضبوط ٿي رهو، جو ڪو به اوهان کي گمراهه ڪري نه سگهي، ڪو به اوهان کي غلط طرح سان استعمال ڪري نه سگهي، پنهنجين صفن ۾ مڪمل اتحاد ۽ استحڪام پيدا ڪيو، اوهان هڪ مثال قائم ڪيو ۽ ظاهر ڪري ڏيکاريو ته نوجوان ڇا ڇا نه ڪري ٿا سگهن.

اوهان جو اصل ڪم ڪهڙو هئڻ گهرجي؟ پنهنجي ذات سان وفا، پنهنجي والدين سان وفا، پنهنجي مملڪت سان وفا ۽ پنهنجي مطالعي تي ڪامل ڀروسو.

جلسه عام ڊاڪا

21 - مارچ 1948ع

- اوهان جي ڀلائي اوهان جي والدين جي ڀلائي، بلڪ ساري مملڪت جي ڀلائي ان ۾ آهي ته اوهان جو توجهه صرف علم جي حاصل ڪرڻ لاءِ وقف هئڻ گهرجي. صرف ائين ڪرڻ سان اوهان پاڻ کي زندگيءَ جي جنگ لاءِ هٿياربند ڪري سگهو ٿا. ان زندگيءَ جي جنگ اوهان جي آڏو عنقريب اچڻ واري آهي. صرف ان طريقي سان اوهان پنهنجي مملڪت لاءِ طاقت ۽ فخر جو سرچشمو ٿي سگهو ٿا. اوهان انهن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهو ٿا، جي هن مملڪت آڏو معاشرتي ۽ معاشي ميدان ۾ درپيش آهن. صرف ان صورت سان ئي اوهان دنيا جي هن قوم کي، عظيم ترين، طاقتور ۽ ترقي يافته بنائي کيس منزل مقصود تائين پهچائي سگهو ٿا.

جلسه تقسيم اسناد ڊاڪا يونيورسٽي

24 - مارچ 1948ع

- پراڻي طرز تعليم ۽ طرز حڪومت جو بنيادي مقصد اهو هو ته پڙهيل ڪڙهيل ڪلارڪ پيدا ڪيا وڃن. ان ۾ شڪ ناهي ته ڪي ڪلارڪ تمام مٿي اڏري ويا ۽ هڪ بلند مقام حاصل ڪري ورتائون، پر اها ئي حقيقت آهي ته تعليم جو مقصد فقط ڪلارڪ پيدا ڪرڻ تائين ئي هو. سول سروس ۾ گهڻو ڪري انگريز ئي رهندا هئا. هندستاني ماڻهن کي تمام دير سان سول سروس ۾ اچڻ ڏنو ويو. بهرحال پورو اصول ۽ خيال اهو هو ته هڪ خاص قسم جي ذهنيت، هڪ نفسيات ۽ هڪ خاص ذهني ڪيفيت پيدا ڪئي وڃي.

هڪ عام ماڻهو جڏهن بي.اي يا ايم. اي پاس ڪري ٿو تڏهن رڳو ملازمت جي ڳولا ۾ سرگردان نظر اچي ٿو. جيڪڏهن ملازمت ملي ويس ته پوءِ هو سمجهي ٿو ته کيس منزل ملي وئي. ان کان وڌيڪ بلندين جو تصور هو ڪري ئي نه ٿو سگهي. مان ڄاڻان ٿو ۽ اوهان به ڄاڻو ٿا ته ان جو نتيجو ڇا ٿو نڪري. عام مشاهدو هي آهي ته ايم. اي پاس جي آمدني هڪ ٽيڪسي ڊرائيور کان به گهٽ ٿئي ٿي ۽ سرڪاري ملازمن مان تمام گهڻا نهايت پست زندگي گذارين ٿا ۽ انهن کان ڪافي حد تائين اهي خوش ٿا گذران ڪن جي ذاتي ادارن ۾ ملازمت ڪن ٿا.

مان چاهيان ٿو ته هاڻي اوهان ان پراڻي گندگيءَ  کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو، ۽ ان قسم جي ذهنيت کي دور ڪريو. هاڻي اوهان آزاد پاڪستان ۾ آهيو. حڪومت هزارها ماڻهن کي ملازمت ۾ وٺي نه ٿي سگهي.  اهو ناممڪن آهي.

ٻيو ته سرڪاري ملازمت جي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ قسم جي مقابله بازي شروع ٿي وڃي ٿي. جنهن کان ڪن جو احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ٿيڻ لازمي امر آهي.

سرڪاري ملازمت ۾ ته چند ماڻهن جي ملازمت جي گنجائش رهي ٿي. باقي جن کي ملازمت نه ٿي ملي سگهي، اهي هميشه ناڪاميءَ ۽ مايوسيءَ جي ڪري اهڙن ماڻهن جي ڏٽن تي لڳي حڪومت جي خلاف نعره بازي ڪري پنهنجي غلط ۽ ناجائز مقصد حاصل ڪرڻ گهرن ٿا.

مان چاهيان ٿو ته هاڻي اوهان جو توجهه، اوهان جو ذهن، اوهان جا مقصد، اوهان جون تمنائون ۽ انهن جو رخ ٻين رستن، ٻين ميدانن ۽ ٻين منزلن ڏانهن هئڻ گهرجي. اهي سڀ ميدان اوهان لاءِ کليل آهن، ان طرح رفته رفته ٻيا به ڪيئي ذريعا پيدا ٿي سگهن ٿا. هٿ جي ڪم ڪار ۽ محنت ڪرڻ ۾ به ڪو عار محسوس ڪرڻ نه گهرجي. اسان وٽ ٽيڪنيڪل تعليم جي زبردست گنجائش آهي. ڇو ته اسان کي ڪاريگرن ۽ هنرمندن جي سخت ضرورت آهي.

اوهان معاشيات، بئنڪ ڪاري، تجارت، رموز ڪاروبار ۽ قانون وغيره جي تعليم حاصل ڪري سگهو ٿا، جن سان ڪيئي ترقيءَ جا رستا کلي سگهن ٿا. اوهان ڏسي رهيا آهيو ته نيون صنعتون کلي رهيون آهن. ڪارخانا قائم ٿي رهيا آهن. نوان تجارتي ادارا غور هيٺ آهن. اهي اوهان جي اڳيان کليل ميدان آهن، جي نين منزلن کي حاصل ڪرڻ جا ذريعا بڻجي سگهن ٿا. انهن متعلق غور ڪرڻ گهرجي. انهن ڏانهن توجهه ڪرڻ گهرجي، مان اوهان کي يقين ڏيارڻ ٿو گهران ته اوهان انهن ميدانن ۾ سرڪاري ملازمت کان وڌيڪ خوش گذاري سگهندا. وڌيڪ فائدو حاصل ڪري سگهندا. آخر سرڪاري ملازمت ۾ رکيو ڇا آهي؟ صبح شام تائين ڪلارڪي ذهنيت ۾ رهڻ ۽ انتهائي تڪليف وارين حالتن ۾ گذارڻ.

جيڪڏهن اوهان تجارت، ڪاروبار ۽ صنعت وحرفت جي راهه تي هلندا، ته پوءِ يقيناً اوهان گهڻو خوش گذاريندا، نه صرف خوش پر خوشحال پڻ. ان کان سواءِ خوشيءَ ۽ خوشحاليءَ جا ڪيئي موقعا به اوهان لاءِ منتظر رهندا.

ان مان صرف اوهان کي ئي فائدو نه پهچندو، بلڪ پوري ملڪ کي به فائدو پهچندو.

جلسه تقسيم اسناد - ڊاڪا

24 - مارچ 1948

- پاڪستان حاصل ڪرڻ واري جدوجهد جي دؤر ۾ اسان غير ملڪي حڪومت تي نڪته چيني ڪندا هئاسون، تان ته ان جي جاءِ تي اسان پنهنجي مرضيءَ سان حڪومت قائم ڪري سگهون. ان دؤر ۾ اسان ڏاڍيون قربانيون ڏنيون، جن مان هڪ هيءَ آهي ته اسان جي نوجوانن جي تعليمي زندگي تباهه ٿي وئي. پر مان اهو به چوندس ته اوهان پنهنجي بلند مقام تي شاندار طريقي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.

هاڻي اوهان پنهنجو نصب العين حاصل ڪري چڪا آهيو. اوهان جي پنهنجي حڪومت آهي. اوهان جو پنهنجو ملڪ آهي، جنهن ۾ اوهان آزاد ۽ عزت ڀرئي انداز سان رهو ٿا، ته پوءِ سياسي، معاشرتي ۽ معاشي مسئلن لاءِ اوهان جي نقطه نظر ۾ به تبديلي اچڻ گهرجي. اوهان جون ذميداريون به بدلجڻ گهرجن. هاڻي اوهان جا فرائض هي هئڻ گهرجن: نظم ۽ ضبط جو احساس، عمدو ڪردار، حقيقي عمل ڏانهن ترغيب ڏيندڙ تعليم، اوهان کي گهرجي ته پاڻ کي پوري دل ۽ دماغ سان مطالعي لاءِ وقف ڪريو ڇا لاءِ ته اها اوهان جي پهرين ذميداري آهي، پاڻ ڏانهن والدين ڏانهن ۽ پنهنجي مملڪت ڏانهن، اوهان کي پاڻ ۾ حڪم مڃڻ جي عادت ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اوهان ان ئي طريقي سان حڪم ڏيڻ سکي سگهو ٿا.

اسلاميه ڪاليج - پشاور

12 - اپريل 1948ع

- منهنجا نوجوان دوستو، هاڻي اوهان کي هن ضروري بنيادي تبديليءَ جو احساس هئڻ گهرجي، جا هن خطي ۾ تازو پيدا ٿي چڪي آهي. اوهان پاڻ کي محض سرڪاري ملازم بنجڻ واري خول ۾ محدود نه ڪريو، جيئن اڄ تائين سڀ ڪنهن اها تمنا پئي رکي. هاڻي نوان ميدان، نوان رستا ۽ نيون منزلون اوهان جي نگاه شوق لاءِ انتظار ۾ آهن.

سائنس، تجارت، بئنڪ، ويمي، صنعت وحرفت ۽ فني تعليم جا شعبا، اوهان جي توجهه ۽ تلاش لاءِ محتاج آهن.

اسلاميه ڪاليج - پشاور

12 - اپريل 1948ع

- اسان جي ڪاليجن جو مقصد هي هئڻ گهرجي ته ذراعت، حيوانات، انجنئري، ڊاڪٽري، ۽ ٻين خصوصي فنن ۽ اول درجي جا ماهر پيدا ڪيون. صرف ان طريقي سان ئي اسان انهن مسئلن جو ڪو مفيد حل پيدا ڪري سگهنداسون، جي عام ماڻهو جي معيار زندگيءَ کي بلند ڪرڻ جي سلسلي ۾ اسان جي اڳيان اچي رهيا آهن.

ايڊرورڊ ڪاليج - پشاور

18 - اپريل 1948ع

- زندگي جي هر شعبي ۾ اسان جي ڪاميابيءَ جو دارومدار صحيح ۽ ترقي پسند ذهني ترتيب تي آهي. اوهان لاءِ منهنجو پيغام اهو آهي ته جسماني قوت پيدا ڪرڻ جي خاطر، تان ته اوهان ساري عمر تائين زندگيءَ جي هر شعبي ۾ هميشه لاءِ امن امان، بين الاقوامي خيرانديشيءَ ۽ محبت جو سرچشمو بڻيا رهو.

ڪل پاڪستان اولمپڪ راندين جي موقعي تي خطاب

23 - اپريل1948ع

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org