سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: قائدِاعظم جون تقريرون

باب: --

صفحو : 6

پاڪستان جي پهرين سالگرهه تي قوم کي خطاب

14 - آگسٽ 1948ع

 اهل پاڪستان! السلام عليڪم: اڄ اسان پنهنجي آزاديءَ جي پهرين سالگرهه جو جشن ملهائي رهيا آهيون، اڄ کان پورو هڪ سال اڳ پاڪستان جي رهواسين کي ڪامل اختيارات سپرد ڪيا ويا هئا ۽ پاڪستان جي حڪومت موجوده ترميم ٿيل دستور جي ماتحت مملڪت جي انتظام جون واڳون سنڀاليون هيون.

اسان گذريل سڄي سال ۾ پيدا ٿيل مشڪلاتن ۽ حادثن جو مقابلو حوصلي ۽ عزم بلند سان ڪيو آهي. دشمن جي وار، جنهن جو هر هر ذڪر ڪيو ويو آهي، خصوصاً مسلمانن کي هڪ مستقل قوم جي حيثيت هوندي به ختم ڪرڻ لاءِ جيڪي منظم سازشون ڪيون ويون آهن، تن جي خلاف جا ڪاميابي اسان حاصل ڪئي آهي، اها حيرت انگيز آهي. اسان جي ملڪي تعمير جي ڪم ڪار جو نتيجو اسان جي عزيز ترين دوستن جي اميدن کان گهڻو وڌيڪ نڪتو آهي.  مان دستور ساز اسيمبلي ۽ مجلس قانون ساز ۽ مختلف انتطامي محڪمن ۽ فوج کي انهن نمايان ۽ قابل فخر ڪارنامن تي مبارڪ ڏيان ٿو، جن تمام ٿوري عرصي  ۾ پاڪستان جي تعمير ڪندي، ڪامياب جدوجهد ڪئي آهي.

مان اهل پاڪستان جو پڻ شڪر گذار آهيان، جن نهايت صبر ۽ تحمل کان ڪم ورتو  آهي ۽ پاڪستان جو پهرئين سال جي تعميري پروگرام کي تڪميل تي پهچائڻ لاءِ اسان سان دلي تعاون ڪيو آهي.

حضرات! مان ٻڌائڻ گهران ٿو ته اهو ڪافي ناهي. ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان جو قيام هڪ  اهڙو ته حيرت انگيز واقعو آهي جنهن جهڙو مثال پوري تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي.

پاڪستان دنيا ۾ سڀ کان وڏي اسلامي مملڪت آهي. اسان جيڪڏهن ديانتداري، خلوص ۽ بي غرضيءَ سان ڪم ڪيو، ته پوءِ هيءَ اسلامي سلطنت به سال بسال شاندار خدمتون انجام ڏيندي ايندي.

مون کي پنهنجي عوام تي ڪامل ڀروسو آهي. مون کي اهو به يقين آهي ته هر موقعي تي اسان جو عوام اسلام جي تاريخ، ملت جي شان شوڪت ۽ پنهنجي تهذيبي روايات جي مطابق عمل پيرا رهندو ايندو.

انهن لکين مسلمان مهاجرن جو داستان، جي سرحدن جي هُن پار کان پنهنجن گهرن کي ڇڏي اچي پاڪستان ۾ پناه گزين ٿيا آهن، سڀني کي معلوم آهي. اهو المناڪ حادثو ان وقت پيش آيو، جڏهن پاڪستان جي مملڪت جو اڃا پوريءَ طرح سان قيام به نه ٿيو هو.

حقيقت اها آهي ته خود حڪومت جا ميمبر ۽ نمائندا جن کي حڪومت جو نظام سنڀالڻو هو، سي به ان دردناڪ حادثي سان منهن مقابل ٿي چڪا هئا.

مون کي خبر آهي ته اسان جي انهن بي گهر ستم رسيده ڀائرن جي آباديءَ لاءِ جو ڪجهه ٿيڻ کپندو هو، سو اڃا نه ٿي سگهيو آهي، اڄ سوڌو انهن جو وڏو حصو مشڪلاتن ۾ مبتلا آهي. پر اها به  هڪ حقيقت آهي ته  مهاجرن جي جيتري تعداد کي اسان آباد ڪري چڪا آهيون، سو به ڪو معمولي ڪم ناهي.

جيڪڏهن اهل پاڪستان، ڀائيپيءَ ۽ برادريءَ جي شاندار جذبي جو اظهار نه ڪن ها ته پوءِ عوام ۽ حڪومت زبردست مشڪلاتن ۾ گهيريل هجن ها ۽ جيڪڏهن مشڪلاتن جي مقابلي ۾  بي مثال ۽ تاريخي قرباني ۽ ايثار کان ڪم نه ورتو وڃي ها، ته پوءِ مملڪت جي سڄي عمارت زمين دوز ٿي وڃي ها.

حضرات! هن نئين پيدا ٿيل مملڪت کي شروع ۾ ئي سازشي طريقن سان تباهه ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو ويو پر اهي سڀ حربا ناڪام بنايا ويا.

اسان جي دشمنن کي اها اميد هئي ته سندن  دلي منشا اقتصادي چالبازين سان پوري ٿي سگهندي. ان سلسلي ۾ انهن سڀني دليلن ۽ معاملن کان ڪم ورتو ويو، جي بغض ۽ دشمنيءَ کان تراشيا ويا هئا.

اڳڪٿيون ڪيون ويون ته ڄاڻ پاڪستان جو ڏيوالو نڪتو! سندن اهو به خيال هو ته تلوار ۽ باهمي عناد مان جيڪڏهن مقصد حاصل نه به ٿيو ته به هيءَ مملڪت مالي تباهيءَ جي ڪري زوال پذير ٿي هڪ ڏينهن ناس ٿي ويندي.

پر الله جي فضل ۽ ڪرم سان اسان جي بدخواهه نجومين جون اهي سڀ اڳڪٿيون ڪوڙيون ثابت ٿيون ۽ اسان جي پهرين بجيٽ ۾ ئي بچت ڏيکاري وئي. اسان جي تجارت جو توازن اسان جي حق ۾ رهندو آيو آهي ۽ اقتصادي ميدان ۾ به باقاعده ۽ مجموعي حيثيت سان ترقي ٿيندي رهي آهي.

حضرات! ڪنهن ملڪ جي مستقبل ۽ ان جي خوشحالي ۽ ترقيءَ متعلق قطعي ۽ يقيني اندازي لڳائڻ لاءِ هڪ سال جي مدت تمام ٿوري آهي ، پر جنهن نموني سان اسان زبردست مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آيا آهيون ۽ گذريل ٻارنهن مهينن ۾ جا ترقي ڪئي وئي آهي، ان کي اڳيان رکي اسان آئنده لاءِ نهايت يقيني تصورات قائم ڪري سگهون ٿا.

نظام مملڪت کي ئي ڏسو. مرڪزي حڪومت ۾ جو ڪجهه نظام موجود آهي، اهو اسان کي نئين سر ڪرڻو پيو آهي پر هن طرف مغربي پنجاب ۾ ته مملڪت جي قيام سان گڏ انتظام حڪومت درهم برهم ٿي ويو!

مان نهايت دلي مسرت سان ائين چئي سگهان ٿو ته انهن سڀني خطرن کي اسان ڪاميابيءَ سان منهن ڏئي چڪا آهيون، جي خطرا اسان جي مملڪت جي استحڪام ۽ قومي اتحاد لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿين ها.

ٻيو ته وقت جي وڏن وڏن ۽ مشڪل مسئلن جي باري ۾ نه فقط پاڪستان عزم ۽ استقلال جو ثبوت ڏنو آهي بلڪ اهو به ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان عالمگير مسئلن کي به خوش اسلوبيءَ سان نباهڻ لاءِ صلاحيت پيدا ڪري چڪو آهي.

قدرت پاران اوهان کي سڀ ڪجهه بخشيو ويو آهي. اوهان جا  وسيلا لامحدود آهن. اوهان جي مملڪت جا بنياد مضبوط ۽ پختا پئجي چڪا آهن. هاڻي اهو اوهان جو ڪم آهي ته اوهان انهن بنيادن تي جلد کان جلد سهڻي عمارت تعمير ڪرڻ ۾ سرفراز ثابت ٿيو.

وڌو اڳتي وڌو، خدا اوهان جو حامي ۽ ناصر آهي.

 

ايمان، اتحاد ۽ تنظيم

 - ڪنهن  به شاندار ڪارنامي کي پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ يا ملڪ جي قومي زندگيءَ ۾ پنهنجي لاءِ صحيح مقام حاصل ڪرڻ جي لاءِ خدمت تڪليف ۽ قرباني ٽيئي بنيادي تقاضائون آهن.

بابو راجيندر پرشاد جي پيشڪش جي جواب ۾

26 - جولاءِ 1937ع

- مون هن کان اڳ ۾ به ڪيئي ڀيرا اشارو ڪيو آهي ته مسلمانن جو هڪ گروهه پوري جماعت ۽ تنظيم کان وڇڙيل آهي انهن جو رخ انگريزن ڏانهن آهي ۽ پٺي اسان ڏانهن آهي. جيڪڏهن اڄ انهن کي تلخ نتيجن جو ڪو احساس پيدا نه ٿيو آهي ته پوءِ ڪڏهن به نه ٿيندو.

خدا انهن جي مدد ڪري ٿو، جي پنهنجي مدد پاڻ ڪن ٿا. مان چاهيان ٿو ته مسلمان پنهنجي ذات تي اعتماد  ڪرڻ سکن ۽ پنهنجي تقدير کي پاڻ پنهنجن هٿن سان سنوارين.

اسان کي اهڙن مستقل مزاج ۽ ديانتدار، باحوصله ۽ ايماندار ماڻهن جي ضرورت آهي، جن ۾ اُمنگ ۽ عزم هجن، جي پنهنجن عقيدن لاءِ اڪيلي سر به وڙهي سگهن. خواهه سڄي دنيا سندن خلاف ڇو نه هجي! اسان کي پاڻ ۾ طاقت ۽ قوت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، طاقت ۽ قوت، جنهن جو سرچشمو آهي عوام جو استحڪام ۽ اتحاد.

اجلاس مسلم ليگ - لکنؤ 15 - آڪٽوبر 1937ع

- هندستان جي اٺ ڪروڙ باحوصله مسلمانن کي ڊپ ۽ ڊاءِ جي ضرورت  ناهي. سندن تقدير سندن ئي هٿن ۾ آهي. مسلمان متحد ۽ منظم طاقت جي حيثيت سان، هر خطري  جو مقابلو ڪري سگهن ٿا. اوهان جي هٿن ۾ يقين ڪريو ته ساحرانه طاقت موجود آهي. هاڻي اوهان کي پنهنجن فيصلن تي فولادي ديوار وانگر  قائم رهڻ گهرجي. اوهان جو مستحڪم ۽ متحد رهڻ، نهايت اهم، ضروري ۽ نتيجه خيز آهي. ڪنهن فيصلي تي پهچڻ کان اڳ ان تي پهريائين هڪ هزار ڀيرا غور ڪريو ، پر جڏهن ڪو فيصلو ٿي وڃي، تڏهن هڪ فولادي ديوار وانگر مضبوطيءَ سان قائم رهو. اوهان کي صداقت شعار ۽ وفادار رهڻ گهرجي.

انهن حقيقتن تي عمل ڪرڻ کان پوءِ، يقين آهي ته ڪاميابي ۽ فتح، اوهان جي قدمن ۾ هونديون.

سالانو اجلاس مسلم ليگ - لکنؤ

15 - آڪٽوبر 1937ع

- مون کي يقين آهي ۽ اوهان به مون سان اتفاق ڪندا ته ڪانگريس جي حڪمت عملي اها آهي ته ڪنهن به طرح سان مسلمانن ۾ ڦوٽ وڌي وڃي. اها برطانوي حڪومت جي اهائي پراڻي چال آهي ته ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو ڪانگريسي ليڊر، پنهنجي آقا انگريز بهادر جي نقش قدم تي هلي رهيا آهن اوهان کي انهن جي چال ۾ ڦاسڻ نه گهرجي. مسلمانن لاءِ اڄ ڪلهه موت ۽ حيات جو مسئلو سامهون آهي.

مون کان اهو ٻڌي ڇڏيو ته جيڪڏهن مسلمان ۾ اتحاد ۽ نظم نه پيدا ٿيا ته پوءِ هو ڪنهن به قيمت تي گهرو ويڙهه، بربادي، تباهي ۽ زوال جي گرفت کان نه ٿا بچي سگهن.

مسلم يونيورسٽي عليگڙهه

5 - فيبروري 1938ع

- اهو ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن الله نه ڪري مسلمانن کي پنهنجي ارادي ۽ مقصد ۾ ناڪامي نصيب ٿي، ته پوءِ اها پنهنجن مسلمانن جي ئي دغا بازي ۽ غداريءَ جي ڪري ٿيندي. جيئن گذريل زماني ۾ ڪئين ڀيرا ٿي چڪو آهي. پر هر انصاف پسند ۽ سچي مسلمان کي منهنجو عرض آهي ته هو پنهنجي جماعت جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ متحد ۽ متفق ٿي، مسلمانن جي نمائنده تنظيم ۾ شريڪ ٿين، ۽ ان جي نصب العين کي ڪامياب بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪن.

سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس ڪراچي

9 - آڪٽوبر 1938ع

- مسلمانن ۽ انهن جي تنظيم جو مدار مسلم عوام تي آهي. اهو خدائي آهي، جنهن ڏانهن مدد لاءِ مسلمانن جون آسائتيون نظرون کڄي چڪيون آهن.

اجلاس مسلم ليگ- پاٽنا 26 - ڊسمبر1938ع

- ڪنهن تي به اجائي ڀروسي ڪرڻ مان ڪو فائدو نه پهچندو. اسان کي پنهنجو پاڻ تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي.

مان هر شخص جي دوستيءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پر ڀروسو پنهنجي طاقت تي ڪندس.

مسلم ليگ اڄ تائين ڪيئي معقول ڪم ڪيا آهن، پر اڃا ته سندس آغاز ئي مس ٿيو آهي.

اوهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته هندستان ۾ به اصل ۾ هڪ جنگ جاري آهي. مان اوهان کي اپيل ٿو ڪريان ته ڪلهو ڪلهي سان ملائي، سرفراز ٿي بيهي وڃو ۽ مسلم ليگ جي صفن ۾ قوت پيدا ڪريو.

مسلم يونيورسٽي- عليڳڙهه 6 - مارچ 1940ع

- اي خادمانِ اسلام! اوهان پنهنجي ملت ۽ عوام کي اقتصادي، سياسي، تعليمي ۽ معاشرتي محاذن تي منظم ڪريو. ان کان پوءِ اوهان کي نظر ايندو ته اوهان يقيناً ڪا قوت آهيو، قوت به اهڙي جنهن کي هر ڪو شخص تسليم ڪندو.

اجلاس مسلم ليگ- لاهور، 23 - مارچ 1940ع

- پنهنجيءَ تنظيم کي اهڙو ته پختو ۽ مضبوط ڪريو، جو اوهان کي ٻين تي ڀروسي ڪرڻ جي ضرورت ئي نه ٿئي. بس ان ۾ ئي اوهان جي لاءِ حفاظت جو بهترين راز سمايل آهي. ان جو مطلب اهو وٺڻ نه گهرجي ته اسان ڪنهن جي خلاف بدخواهي ۽ دشمني پيدا ڪريون.

اوهان پنهنجن حقن ۽ مفادن جي حفاظت لاءِ اهڙي طاقت پيدا ڪيو، جنهن سان اوهان پنهنجي مدافعت به ڪري سگهو.

آل انڊيا مسلم ليگ اجلاس- لاهور، 23 - مارچ 1940ع

- اوهان هندستان جي مسلمان شاگردن ۾ اهڙي ته تنظيم پيدا ڪريو، جو هو پنهنجي مفادن جي حفاظت لاءِ هڪ مرڪز تي گڏ ٿي سگهن ۽ مسلم عوام جي معاشرتي اقتصادي ۽ تعليمي ترقيءَ لاءِ تعمير پسند نظام پيدا ڪري  سگهن.

اسلامي ثقافت ۽ حضرت محمد صلي الله عليہ وسلم جي تعليم کي زندهه ڪري سگهن، ان سان گڏ هندستان جي سڀني مختلف قومن، نسلن ۽ گروهن لاءِ ڀائيپيءَ ۽ برادريءَ جا جذبات پيدا ڪن.

آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن کي خطاب - جالنڌر 15 - نومبر 1942ع

- مسلمان قوم هڪ خدا، هڪ رسول ۽ هڪ ڪتاب تي ايمان ۽ يقين رکي ٿي.

اسان جي اها ڪوشش آهي ته انهن کي هڪ پليٽ فارم تي، هڪ جهنڊي هيٺيان جمع ڪريون، اهو جهنڊو، پاڪستان جو جهنڊو آهي.

مسلم ليگ ڪانفرنس- پشاور 21 - نومبر 1945ع

- جيڪڏهن قوم پرست (نيشنلسٽ) مسلمان واقعي سچار ۽ ايماندار آهن ته مسلمانن جي حريف جماعت، ڪانگريس جي پناهه گاهه کي گهٽ ۾ گهٽ ڇڏي ڏين.

کين مسلمانن جي قومي تنظيم ۾ شريڪ ٿيڻ گهرجي ۽ مسلمانن جي رهنمائيءَ ڪرڻ لاءِ مسلمانن سان شريڪ ٿيڻ گهرجي.

کين جيڪڏهن مسلمانن جي واحد تنظيم جي پاليسيءَ ۽ پروگرام سان ڪو اختلاف آهي، ته پوءِ ان حالت ۾ کين گهرجي ته هو مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿي، ان جي پاليسيءَ ۽ پروگرام جي اصلاح ڪن، پر هيءَ خودڪشيءَ واري پاليسي ترڪ ڪن.

مسلم چيمبر آف ڪامرس بمبئي 21 - ڊسمبر 1945ع

- مان اهو محسوس ڪري رهيو آهيان ته مسلم ليگ جي لاءِ اهڙو وقت اچي چڪو آهي، جڏهن اسان جو نعرو هئڻ گهرجي: اتحاد، ايمان ۽ تنظيم.

جيڪڏهن اسان جي قوم ۾ ڪافي طاقت موجود ناهي ته پوءِ اهڙي طاقت اسان کي ئي پيدا ڪرڻي آهي.

مسلم ليگ- ڪائونسل بمبئي 27 - جون 1946ع

- رمضان جو مبارڪ مهينو، اسلاميان هند کي نظم ۽ ضبط جو هڪ زبردست سبق سيکاري ٿو. هاڻ اسان کي حقيقتن تي نگاهه رکڻ گهرجي. مان مسلمانن کي التجا ڪندس ته هو هڪ منظم، باعظمت، باوقار ۽ تربيت يافته قوم وانگر پنهنجن سڀني قوتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪن. مصيبتن کي برداشت ڪري پنهنجي راهه ۾ آيل سڀني رڪاوٽن کي دور ڪن. ان کان سواءِ آزاديءَ جي لڳ تي هلڻ جو ٻيو ڪو به وسيلو ڪونه آهي.

مان چاهيان ٿو ته اڄ هن مبارڪ موقعي تي هندستان جا سڀ مسلمان، مرد، عورتون، پوڙها، جوان ۽ ٻار سڀ هڪ تربيت يافته سپاهيءَ وانگر حوصلي سان زندگيءَ جي سڀني تعليمي معاشرتي، سياسي ۽ اقتصادي شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جو عهد ڪن. جيئن ڏهن ڪروڙن جي زندهه جاويد مسلمان قوم کي پنهنجي تابناڪ ماضيءَ ۽ تاريخي روايات جي مطابق عظمت ۽ سربلندي حاصل ٿئي .

عيد جو پيغام 29 - آگسٽ 1946ع

- مسلمانن جو ڇوٽڪارو، سندن اتحاد، ايمان ۽ تنظيم ۾ لڪل آهي. ان سان گڏ، پنهنجي مقصد، نصب العين، اجتماعي نظام ۽ جماعت جي قائد تي ڪامل اعتماد، جو گذريل ڏهن سالن کان مسلمانن جي بي لوث خدمت ڪري رهيو آهيان.

اخباري بيان 25 - جون 1947ع

- پاڪستان بنجي چڪو آهي، ان جو ٻيو ثبوت ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ اڄ اوهان حصول پاڪستان جي خوشيءَ ۾ هڪ ضيافت ڪري رهيا آهيو  ۽ ان ۾ مون کي به دعوت ڏني اَٿو.

هن وقت اسان جي سامهون، پاڪستان جي تعميري ترقيءَ جو اهم ۽ مشڪل ڪم آهي، جو اسان جي قوت ۽ توانائيءَ جي ذري ذري جي تقاضا ڪري رهيو آهي.

انشاءَ الله تعاليٰ. اسان هن نئين ۽ سڀ کان وڏي اسلامي مملڪت کي مڪمل اتحاد، ايمان ۽ تنظيم سان دنيا جي هڪ عظيم ۽ مثالي مملڪت بنائي ڏيکارينداسون.

لنڊن مسلم ليگ جي دعوت جي جواب ۾ تار

7- جولائي 1947ع

- هڪ ٻئي تي مڪمل اعتماد پيدا ڪريو، هڪ ٻئي سان تعاون ڪرڻ شروع ڪريو.

پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ خوشحال، صحيح معنيٰ ۾ طاقتور بنائڻ جي لاءِ، جيڪڏهن ضرورت پوي ته رات ڏينهن ڪم ڪريو، ڏينهن جو به ڪم ڪريو ۽ رات جو به ڪم ڪريو، بلڪ ٻيڻي ۽ ٽيڻي محنت ڪريو.

ڪراچي ڪلب ۾ تقرير 9 - آگسٽ 1947ع

- جڏهن افق تي تاريڪيءَ جا بادل ڇانيا بيٺا آهن، پر مان اوهان کي اپيل ٿو ڪريان ۽ قوم جي نالي پيغام ٿو ڏيان ته پنهنجي دل ۾ جذبو ۽ جوش وخروش پيدا ڪريو ۽ حوصلي ۽ اميد سان پنهنجي ڪم کي لڳي وڃو. انشاءَالله ڪاميابي اسان جا قدم چمندي. مايوس ٿي ويهي رهون؟ هرگز نه!

اسلام جي تاريخ عزم، حوصلي ۽ استقلال جي مثالن سان ڀري پئي آهي. بس مشڪلاتن، رڪاوٽن ۽ مصيبتن جي هوندي به اڳتي وڌندا رهو.

مون کي يقين آهي ته ستن ڪروڙن جي اهڙي متحد قوم، جا عظيم ارادن جي مالڪ هجي، عظيم تهذيب رکندي هجي، عظيم تاريخ جي وارث هجي، ان کي ڪنهن به قسم جو خوف محسوس نه ڪرڻ گهرجي. هاڻي اهو اوهان جي ذمي آهي ته ڪم ڪريو، ڪم، ڪم، ڪم. ڪاميابي اسان جو مقدر آهي. ۽ پنهنجو نعرو ڪڏهن به نه وساريو اتحاد، ايمان ۽ تنظيم.“

نشرياتي تقرير- لاهور 30- آڪٽوبر 1947ع

- اسان اڄ ڪلهه نهايت ڏکئي دؤر مان گذري رهيا آهيون، مستقبل جو روشن سج اڃا تائين نه اُڀريو آهي، پر مون کي يقين آهي ته اتحاد، ايمان ۽ تنظيم جي اصولن تي عمل ڪرڻ سان نه فقط دنيا جي پنجين وڏي مملڪت ٿي رهنداسون، بلڪ هر قوم سان برابري ڪري سگهنداسون. ڇا، اوهان آزمائش جي ان باهه مان لنگهڻ لاءِ تيار آهيو؟ عوام جي خدمت، ديانت ۽ تندهي سان ڪم ڪرڻ جو ارادو پيدا ڪرڻ گهرجي.

اسان خوف، خطري، پريشانيءَ ۽ انتشار جي دؤر مان گذري رهيا آهيون، ان ڪري اتحاد، ايمان ۽ تنظيم اسان جا بنيادي اوصاف هئڻ گهرجن.

ريلوي آفيسرن کي خطاب 27 - ڊسمبر 1947ع

- متحد ٿي رهو، قوم جي مجموعي بهبوديءَ جي خاطر. جي ڏک ۽ ڏولاوا اچن ته انهن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. انفرادي توڙي اجتماعي طرح سان پنهنجي قوم ۽ مملڪت جي فلاح جي خاطر، وڏي ۾ وڏي  قرباني ڏيڻ کان به قدم نه هٽايو. صرف ان طريقي سان اوهان پاڪستان کي دنيا جي عظيم ترين سلطنت بنائي سگهو ٿا. نه صرف آباديءَ جي لحاظ سان، جيئن اڄ به آهي بلڪ طاقت جي لحاظ سان به، تان ته دنيا جون سڀ قومون اوهان جي عزت ڪن.

جلسه عام- ڍاڪا 21 - مارچ 1948ع

- نهايت مختصر مدت ۾ ايڏا وڏا وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا ويا آهن، جن مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته انسان جو عزم ۽ ارادو ڇا ڇا نه ڪري سگهي ٿو.

ترقيءَ جي لاءِ بيشڪ سيڙپ جي ضرورت ٿئي ٿي، پر ماڻهن جي اصلي ۽ سچي خوشحاليءَ جي ضمانت ته انساني محنت ۾ آهي. مون کي ان تي فخر آهي ته پاڪستان ۾ هڪ اهڙي قوم آباد آهي، جنهن جا ماڻهو نهايت محنتي، ارادي جا صاحب ۽ با حوصله آهن، ۽ جن جي روايتن مان ظاهر آهي ته انهن شاندار ڪارناما انجام ڏنا آهن ۽ ان قوم منفرد ۽ ممتاز مقام حاصل ڪيو آهي.

چٽگانگ جي هڪ آجياڻي جي خطاب ۾ 26 - مارچ 1948ع

- اسان صرف پنهنجي متحد ڪوشش ۽ تقدير تي ايمان رکڻ جي ڪري ئي، پنهنجن خوابن ۾ آباد پاڪستان کي حقيقي روپ ڏيئي سگهون ٿا.

اوهان ٽيهن ڏينهن جي روزن رکڻ کان پوءِ اڄ عيد جون خوشيون ملهائي رهيا آهيو. مسلمانن تي روزا فرض ڪيا ويا، محض منجهن نظم، ضبط ۽ تنظيم جي عادت پيدا ڪرڻ لاءِ.

۽ هي اهي اوصاف آهن جن جي وڌ ۾ وڌ پاڻ ۾ پرورش هئڻ گهرجي. هي اهي اوصاف آهن، جن ۾ اوهان جو ڇوٽڪارو ۽ قومي ترقيءَ جو راز سمايل آهي.

عيد جو پيغام  27 - آگسٽ 1948ع

 

 

اسلام - ان جا قدر ۽ اصول

 اسلام جي تعليم جي روشن روايتن ۽ ادبي خزانن کي مطالع ڪرڻ کان پوءِ واضح ٿو ٿئي ته دنيا جي ڪا به ٻي قوم، جمهوريت ۾ مسلمانن جو مقابلو ڪري نه ٿي سگهي. ڇالاءِ ته مسلمان پنهنجي مذهبي عبادت ۽ روايت ۾ به جمهوري نقطي نظر رکن ٿا.

اجلاس مسلم ليگ- لکنؤ - 31 - ڊسمبر 1916ع

- مان فلسطين جي مسئلي متعلق ڪجهه چوڻ گهران ٿو، ان جو هند جي مسلمانن تي نهايت گهرو اثر پوي ٿو.

حڪومت برطانيه، جي پوري پاليسي اها رهي آهي ته برطانيه منڍ کان وٺي اڄ تائين عربن کي دوکو ڏيندي آئي آهي. عربن جي سادگيءَ ۽ اعتبار ڪرڻ واري فطرت مان برطانيه پورو پورو فائدو ورتو آهي. برطانيه، ان واعدي کي پورو نه ڪيو آهي، جو هن جنگ عظيم جي دٻاءَ جي ماتحت ڪيو هو، جنهن ۾ اهو چيو ويو هو ته عربن کي مڪمل آزادي جي ضمانت ڏيون ٿا، ان واعدي کي عرب وفاق جي تشڪيل جو اعلان چيو وڃي ٿو. عربن سان ڪوڙو واعدو ڪري انهن مان فائدو وٺي برطانيه پاران بدنام اعلان باسفور جي ذريعي پاڻ کي عربن تي مسلط ڪيو ويو ۽ يهودين لاءِ هڪ قومي وطن بنائڻ واري پاليسي ٺاهڻ کان پوءِ، هاڻي برطانيه پاران فلسطين کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ان طرح رائل ڪميشن جي سفارشن يعني ان ڏک ڀري داستان جو آخري باب به لکي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ان کي عملي طرح سان لاڳو ڪيو ويو ته پوءِ ائين ڪرڻ سان ڄڻ عربن جو پنهنجي وطن ۾ خون هاريو ويندو.

اسان کي ٻڌايو ٿو وڃي ته اسان اصل واقعن تي غور ڪريون. پر سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته اهي حالتون پيدا ڪنهن ڪيون آهن؟ اهي ته برطانوي مدبرن  جون پيدا ڪيل آهن. اهو به معلوم ٿو ٿئي ته ليگ  آف نيشنز پاران، رائل ڪميشن جي سفارشن جي تائيد نه ڪئي ويندي، خدا ڪري ته ائين ئي ٿئي، ۽ اصل  مسئلن جو نئين سر جائزو ورتو وڃي. پر سوال هي آهي ته ڇا اهو سڀ ڪجهه عربن کي ڪنهن انعام ڏيڻ جي ديانتدارانه ڪوشش جو نتيجو آهي؟ مان حڪومت برطانيه کي اهو ٻڌائڻ ٿو گهران ته جيڪڏهن ان فلسطين جي مسئلي جو جرات، دليري ۽ انصاف سان ڪو فيصلو نه ڪيو ته پوءِ اهو مسئلو، برطانيه حڪومت جي تاريخ ۾ هڪ تازي انقلاب جو دروازو کولي ڇڏيندو. مان ائين چوندي. رڳو برصغير جي نه، پر پوري عالم اسلام جي ترجماني ڪري رهيو آهيان، ۽ اميد آهي ته انصاف پسند ۽ فڪرمند اصحاب ان ڳالهه جي تائيد ڪندا.

جڏهن مان چوندس ته اگر برطانيه پاران پنهنجن انهن واعدن، ارادن ۽ اعلانن کي نه پاڙيو ويو جيڪي عربن سان جنگ کان اڳ ۽ پوءِ ڪيا ويا هئا ۽ اهي سڀ دنيا جي روبرو بلڪل غير مشروط طور ڪيا ويا هئا، ته پوءِ ان جو لازمي نتيجو اهو نڪرندو ته برطانيه پنهنجي قبر کي پاڻ پنهنجن هٿن سان کوٽي رهيو آهي.

مان اهو به محسوس ڪري رهيو آهيان ته عربن ۾ نهايت شديد احساس پيدا ٿي چڪو آهي، جنهن جي ردعمل ۾، برطانيه ڪاوڙجي ۽ مڇرجي، جوش ۾ اچي، فلسطيني عربن جي خلاف تشدد پسند ٿي چڪو  آهي.

ياد رکڻ گهرجي ته هند جا مسلمان، عربن جي ان منصفاڻه ۽ جرات منداڻه جهاد ۾ سندن هر ممڪن امداد ڪندا.

ان سلسلي ۾ اسان جي پاران اهڙو پيغام، فلسطيني عربن کي پهچي چڪو آهي.

ساليانو اجلاس مسلم ليگ، لکنؤ 15 - آڪٽوبر 1937ع

- مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته پوءِ مسلمان، فلسطيني عربن جي مدد ڪندي ڪابه ڪسر نه ڇڏيندا، جي پنهنجي قومي آزاديءَ لاءِ جنگ ڪري رهيا آهن.

اوهان کي خبر هوندي ته برطانيه پاران، عربن سان نهايت بي شرميءَ وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي ۽ آزاديءَ جي مجاهدن کي چور ۽ ڌاڙيل سڏيو ويو آهي، ۽ مٿن هر طرح سان ظلم ۽ تشدد کي جائز قرار ڏنو ويو آهي.

پر دنيا جي ڪا به قوم، جا زنده رهڻ جي حقدار آهي، ڪو به وڏو ڪم قربانيءَ کان سواءِ انجام ڏيئي نه ٿي سگهي. جهڙو فلسطيني عرب ڪري رهيا آهن. اسان جون دلي همدرديون، انهن بهادر غازين ۽ مجاهدن سان گڏ آهن جي ظالمن ۽ غاصبن سان آزاديءَ جي جنگ لڙي رهيا آهن.

اجلاس مسلم ليگ پاٽنا - 26 - ڊسمبر 1938ع

- اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته فلسطيني عربن جي معقول ۽ جائز قومي مطالبن کي منظور ڪرڻ لاءِ نهايت سرگرميءَ سان ڪوشش جاري ڪئي وئي آهي.

اسان چئون ٿا ته اسان اوهان جي مخلصاڻين ۽ بهترين ڪوششن کان مطمئن ناهيون.اسان چاهيون ٿا ته برطانيه عملي طور، تي فلسطيني عربن جي مطالبن کي فوراً منظور ڪري.

اجلاس مسلم ليگ- لاهور، 23 - مارچ 1940ع

- ڇوت ڇات فقط هندو ڌرم ۽ فلسفي ۾ جائز آهي، اسان وٽ اهڙي قسم جي ڪا به ڳالهه ناهي.

اسلام، انصاف، مساوات، معقوليت ۽ رواداريءَ جو دين آهي، بلڪ جي غير مسلمان اسان جي حفاظت ۾ ايندا، تن سان به رواداريءَ ۽ فياضيءَ سان هلڻ جو حڪم ٿو ڏئي.

اهي ماڻهو اسان جا ڀائر آهن ۽ هن رياست ۾ هو معزز شهرين وانگر آباد ٿي رهندا.

مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه - 2 - نومبر1940ع

- ڀلا اهو ڪهڙو رشتو آهي، جنهن سان وابسته ٿيڻ کان پوءِ، سڀ مسلمان هڪ بدن وانگر ٿي وڃن ٿا. اهو ڪهڙو پهاڙ آهي. جنهن تي مسلمانن جي ملت جي عمارت تعمير ٿيل موجود آهي. اهو ڪهڙو لنگر آهي جنهن سان هن اُمت جي ٻيڙيءَ کي محفوظ ڪيو ويو آهي؟

اهو رشتو ۽ اها پهاڙي ۽ اهو لنگر آهي، خدا جو آخري ڪتاب قرآن ڪريم.

مون کي يقين آهي ته اسان جيئن جيئن اڳتي وڌندا رهنداسون تيئن تيئن اسان ۾ وڌيڪ اتحاد پيدا ٿيندو رهندو.

هڪ خدا، هڪ رسول صلي لله عليه وسلم ، هڪ ڪتاب ۽ هڪ اُمت!

مسلم ليگ جو اجلاس - ڪراچي، 1943ع

- هر مسلمان ڄاڻي ٿو ته قرآن شريف جا احڪام رڳو مذهبي ۽ اخلاقي فرضن تائين محدود ناهن، جيئن گبن تسليم ڪندي چيو آهي:

ائٽلانٽڪ سمنڊ کان وٺي گنگا تائين، قرآن شريف کي دينيات ئي نه پر شهري ۽ تعزيري قانون جو به بنياد تسليم ڪيو ويو آهي ۽ اهي قانونَ، جن سان بني نوع انسان جي عملن ۽ حقن جي حد بندي قائم ٿئي ٿي ۽ اهي سڀ ڪجهه خدا جي غير متبدل حڪمن جي روشنيءَ ۾ مقرر ٿين ٿا.

جاهلن جي ڳالهه الڳ آهي، نه ته هر سمجهه وارو ماڻهو ڄاڻي ٿو ته قرآن شريف، مسلمانن جو سڀ طرفو ضابطه حيات آهي، مذهبي، سماجي، شهري، ڪاروباري، عدالتي، تعزيري ۽ قانوني ضابطه حيات، جو مذهبي تقريبن کان وٺي روزمره جي معاملن تائين، ۽ جو روح جي چوٽڪاري کان ويندي جسم جي صحت تائين اجتماعيت کان وٺي، هڪ فرد جي حقن تائين، اخلاق کان وٺي جرم ۽ ڏوهه تائين، هن دنيا ۾ جزا سزا کان وٺي، آخرت جي سزا ۽ جزا سميت حد بندي ڪري ٿو.

عيد جو پيغام - 1940ع

- اينگلو آمريڪي ڪميشن پاران، هڪ لک يهودين کي فلسطين ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ متعلق سفارش ڪئي ويئي آهي. سفارش لعنت ۽ مذمت جي قابل آهي.

ڇا اوهان هن کان سواءِ ڪنهن ٻئي فيصلي تي پهچي سگهو ٿا ته، هي نهايت ئي بي ايمانيءَ جو فيصلو آهي ۽ ان ۾ انصاف جو قتل ڪيو ويو آهي. عربن کي گهرجي ته هو ان سفارش جو مقابلو ڪن ۽ هڪ يهوديءَ کي به فلسطين ۾ داخل ٿيڻ نه ڏين. اسان هند جا مسلمان سندن هر ضروري امداد ڪنداسون. مان برطانيه کي خبردار ڪرڻ ٿو گهران ته تو خود اهو اعلان ڪيو آهي ته شهنشاهت مردو ٿي چڪي آهي. حقيقت اها آهي ته وزارتي مشن، ان جي ڪفن دفن لاءِ ئي دهليءَ ۾ آئي هئي. ڇا اوهان ان ڪفن دفن جي رسم کي لنڊن ۾ انجام نه ڏيندؤ؟ ۽ هالنڊ جي باشندن کي ائين نه چوندؤ ته هو انڊونيشيا کي فوراً خالي ڪري وڃن.

جي واعدا لبيا ۽ سريلنڪا سان ڪيا ويا هئا ته کين اٽليءَ کي واپس نه ڏنو ويندو، انهن واعدن کي پورو ڪيو وڃي، بشرطيڪ برطانيه هڪ دوست قوم جي حيثيت سان رهڻ گهري ٿو ۽ اهو چاهي ٿو ته دهليءَ کان وٺي لبيا ۽ سريلنڪا تائين سڀ سندس دوست ٿي رهن. پر جي تون ائين ئي ڪندي آئينءَ جهڙو هن وقت فلسطين، لبيا، شام ۽ انڊونيشيا ۾ ڪيو پيو وڃي، ته پوءِ توکي اهو سمجهڻ گهرجي ته تون ڪمزورن ۽ مسلمانن جي جذبات کي مجروح ڪري رهي آهين ۽ ان قسم جي جذبات جو نهايت اگرو نتيجو نڪرندو ۽ انهن جذبن جو وڌڻ نهايت خطرناڪ  ثابت ٿيندو.

اجلاس مسلم ليگ ڪائونسل 5 - جون 1946ع

- هن وقت سياسي ميدان ۾ هندن ۽ مسلمانن جي جنگ هلي رهي آهي، ماڻهو پڇي رهيا آهن ته فتحياب ڪير ٿيندو؟ غيب جو علم ته الله تعاليٰ کي آهي، پر مان هڪ مسلمان جي حيثيت سان علي الاعلان چئي سگهان ٿو ته جيڪڏهن اسان قرآن ڪريم کي پنهنجو آخري ۽ قطعي رهبر تسليم ڪري صبر ۽ رضا جي راهه تي هلڻ شروع ڪيو، ۽ ان ارشاد خداونديءَ کي ڪڏهن به نه وساريوسون، ته سڀ مسلمان پاڻ ۾ ڀائرن وانگر آهن، ته پوءِ اسان کي دنيا جي ڪابه طاقت يا طاقتون مغلوب ڪري نه ٿيون سگهن. اسان تعداد ۾ گهٽ هجڻ جي باوجود فتحياب ٿينداسون ۽ بلڪل ان وانگر فتحياب ٿينداسون، جيئن تمام ٿورن مسلمانن هٿان روم ۽ ايران جون سلطنتون فتح ڪيون ويون.

جلسه عام- حيدرآباد دکن 11 - جولاءِ 1946ع

- جيڪڏهن هندو شهنشاهيت قائم ٿي ويئي، ته پوءِ سڀ مسلمان هندن جا غلام ٿي ويندا ۽ آخرڪار برطانيه  جي ملوڪيت جا غلام ٿي ويندا.

اسان لاءِ پاڪستان، موت ۽ حياتيءَ جو مسئلو آهي. جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته پنهنجن گهرن ۾ آزاد ۽ خوشحال رهي سگهو ته پوءِ ان لاءِ اوهان کي اسان سان عمل ۾ شريڪ ٿيڻ گهرجي.

هن وقت ڪابه اهڙي مسلم حڪومت موجود ناهي جا صحيح معنيٰ ۾ آزاد هجي، ايران، جو صدين کان آزاد هو سو غلام ٿي چڪو آهي. ان وقت تائين مسلمان ۽ عرب حڪومتون حقيقي معنيٰ ۾ آزاد نه ٿيندا، جيستائين پاڪستان نه قائم ٿيندو. ڇا لاءِ ته، جو هندستان تي اقتدار ٿو رکي اهوئي مشرق وسطيٰ تي به اقتدار ٿو رکي.

جيڪڏهن هندستان ۾ هندو شهنشاهيت قائم ٿي ويئي ته پوءِ ان جو مطلب اهو ٿيندو ته هندستان مان اسلام ختم ٿي چڪو، بلڪ هندستان ته ڇڏيو پر ساري دنيا مان اسلام ختم ٿي ويندو.

ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته مذهبي ۽ روحاني رشتا، اسان کي ۽ مصرين کي هڪ ئي رشتي ۾ ٻڌيو ٿا اچن، جي اسان ترنداسون ته پوءِ سڀ گڏ ترنداسون ۽ ٻڏنداسون ته پوءِ گڏ ٻڏنداسون.

قاهره ۾ تقرير 20 - ڊسمبر، 1946ع

- منهنجو ايمان آهي ته اسان جو ڇوٽڪارو ان اسوه حسنه ۽ طريق حيات تي عمل ڪرڻ ۾ آهي، جي اسان کي اسان جي قانون ساز، پيغمبر اسلام صلي الله عليہ وسلم کان عطا ٿيل آهن.

اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي جمهوريت جا بنياد صحيح معنيٰ ۾ اسلامي اصولن ۽ پيغمبر اسلام رسول صلي لله عليه وسلم جن جي عملن تي رکون ۽ مضبوط ڪيون.

شاهي دربار - سبي - بلوچستان 24 - فيبروري 1947ع

- جيڪڏهن ڪا شيءِ عمدي ۽ مفيد آهي ته پوءِ اها عين اسلام آهي، جي ڪا شيءِ عمدي ناهي ته پوءِ اها اسلام ناهي ڇا لاءِ ته  اسلام جو مطلب ئي آهي، عمدگي، امن ۽ انصاف.

ميمڻ چيمبر آف ڪامرس بمبئي 27 - مارچ 1947ع

- شهنشاهه اڪبر غير مسلمانن سان جنهن همدرديءَ ۽ رواداريءَ جو ناتو ڳنڍيو سو ڪو نئون مثال ناهي. ان جي ابتدا اڄ کان چوڏهن سو سال اڳ اسان جي رسول ڪريم صلي لله عليه وسلم کان شروع ٿي هئي. پاڻ سڳورن رڳو زبان سان ئي نه پر عمل سان به يهودين ۽ نصارن سان سهڻو سلوڪ ڪيو. انهن سان رواداريءَ سان هليا، انهن جي مذهبي عقيدن جو احترام ڪيائون، ان طرح سان مسلمان جتي به حڪمران رهيا، ان سُنت تي ڪاربند رهندا آيا. مسلمانن جي تاريخ کي مطالع ڪيو وڃي. اوهان ڏسندا ته ساري تاريخ اهڙن انسانيت نواز ۽ عظيم اصولن سان ڀري پئي آهي. جن جي اسان سڀني کي پيروي ڪرڻ گهرجي.

لارڊ مائونٽ بيٽن جي تقرير جي جواب ۾، ڪراچي -

14 - آگسٽ 1947ع

- هر قسم جي محتاجي کي دور ڪرڻ ۽ هر طرح جي خوف کي ختم ڪرڻ ئي اسان جو واحد مقصد نه هئڻ گهرجي، بلڪ ان سان گڏ آزادي، اخوت ۽ مساوات تي به عمل ڪرڻ گهرجي، جنهن جي تعليم اسان کي اسلام ڏئي چڪو آهي.

ڪراچي ڪارپوريشن، 25 - آگسٽ 1947ع

- اڄوڪي مبارڪ ڏينهن جي موقعي تي مان پوري دنيا جي مسلمان ڀائرن کي پنهنجي ۽ پاڪستان جي باشندن طرفان عيد مبارڪ پيش ٿو ڪريان.

پاڪستان ۾ اسان جو هي شڪر گذاريءَ ۽ خوشيءَ وارو ڏينهن تڪليفن، اذيتن ۽ زخمن  سان خون آلود آهي. اهي زخم جي مشرقي پنجاب ۽ ٻين علائقن ۾ پنجاهه لک مسلمانن کي پهچايا ويا آهن، مون کي اميد آهي ته اڄوڪي مبارڪ ڏينهن تي جتي به مسلمان مرد عورتون گڏجي خداوند ڪريم جي حضور ۾ شڪر جو سجدو ادا ڪندا، اتي هو پنهنجن پرخلوص دعائن ۾ انهن بدنصيب مردن، عورتن ۽ ٻارن کي ضرور ياد رکندا، جن پنهنجن پيارن عزيزن جي قرباني ڏني. گهر کان بي گهر ٿيا، ۽ اڄ اهي تباهه ۽ برباد، پريشان ۽ سرگردان ظالمانه عقوبتون اذيتون ۽ تڪليفون برداشت ڪري رهيا آهن. اهڙيون اذيتون اڄ تائين انسانيت ڪٿي به نه ڏٺيون آهن. پريشان حال ۽ بي گهر مجبور، ۽ مظلوم مسلمانن جي نالي تي مان سڄي دنيا جي مسلمانن کي اپيل ٿو ڪريان ته هو خطري ۽ ضرورت جي هن وقت تي برادرانه همدرديءَ، تعاون ۽ امداد جو هٿ اسان ڏانهن وڌائين.

مان وري به چوان ٿو ته دنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان کي ختم ڪري نه ٿي سگهي.

عيدالاضحيٰ جو پيغام 24 - آڪٽوبر 1947ع

- خدا جن انسانن سان محبت ٿو ڪري تن کي آزمائش ۽ امتحان سان به آزمائي ٿو. الله تعاليٰ حضرت ابراهيم عليہ السلام کي حڪم ڏنو ته جا شيءِ توکي گهڻي پياري آهي، ان جي قرباني ڏي. حضرت ابراهيم عليه السلام خداوندي حڪم جي اڳيان سر جهڪايو ۽ پنهنجي پياري پٽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي قرباني پيش ڪئي.

اڄ به خداوند ڪريم پاڪستان ۽ هندستان جي مسلمانن جو امتحان وٺي رهيو آهي. الله تعاليٰ اسان کان تمام وڏين قربانين جي طلب ڪئي آهي. اسان جي نئين پيدا ٿيل مملڪت، دشمن جي لڳايل زخمن ۽ گهاون سان چور  ٿي  چڪي آهي. هندستان جي مسلمانن تي ظلم جي بازار گرم ڪئي وئي آهي. انهن کان انتقام ورتو پيو وڃي. محض ان سبب  جي ڪري ته هو مسلمان آهن ۽ انهن پاڪستان جي قيام ۾ مدد ڏني آهي ۽ پاڪستان سان همدردي ڪئي آهي. چئني طرفن کان ڪارا ڪڪر ڇانئجي چڪا آهن. پر اسان انهن مشڪلاتن کان مرعوب ٿيڻ وارا ناهيون. ڇا لاءِ ته مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن اسان قربانيءَ جي جذبي سان جدوجهد ڪئي، جا قرباني حضرت ابراهيم عليه السلام طرفان پيش ڪئي وئي هئي، ته پوءِ الله تعاليٰ اسان تي به حضرت ابراهيم عليه السلام وانگر رحمتن جي بارش ڪندو.

اچو، اڄوڪي عيدالاضحيٰ جي ڏينهن تي جو جذبه ايثار جو مظهر آهي، اسان عهد ۽ اقرار ڪريون ته اسان پنهنجي تصورات جي مطابق هن نئين مملڪت جي تخليق ۾ وڏي ۾ وڏي قرباني ڏيئي سگهون ٿا ۽ مشڪلاتن جو مقابلو ڪندي هڪ قدم به پوئتي نه هٽائينداسون. اسان پنهنجون سموريون قوتون ۽ سڀ وسيلا مقصد سڄي کي حاصل ڪرڻ لاءِ صرف ڪري ڇڏينداسون.

هي دور جڏهن ته اسان لاءِ ڏاڍو نازڪ آهي، پر مون کي پڪو يقين حاصل آهي ته اسان ئي غالب رهنداسون. ڇا لاءِ ته اسان پنهنجي تاريخ جي زماني ۾ اهڙن گهڻن طوفانن سان مقابلو ڪري چڪا آهيون.

دشمن اڄ به پنهنجين سازشي ڪوششن ۾ مشغول آهي، پر ان جي باوجود اسان مشڪلاتن ۽ مصيبتن جي هن اونداهي رات مان ڪاميابيءَ سان نڪري وينداسون ۽ دنيا کي ڏيکارينداسون ته هيءَ مملڪت رڳو زندگيءَ لاءِ نه پر آسوده ۽ خوشحال زندگي گذارڻ لاءِ وجود ۾ آئي آهي.

عيد جو پيغام، 24 - آڪٽوبر 1947ع

- فسلطين جي باري ۾ اسان جي موقف جي وضاحت گڏيل قومن ۾ پاڪستاني وفد جي سربراهه محمد ظفر الله خان ڪري چڪو آهي. مون کي هاڻي به اها اميد آهي ته فلسطين کي ورهائڻ جي تجويز کي رد ڪيو ويندو، نه ته هڪ خوفناڪ ترين ڪشمڪش جو پيدا ٿيڻ لازمي امر آهي. اها ڪشمڪش رڳو عربن ۽ فلسطين جي ٽڪرن ۾ ورهائڻ واري بااختيار قوت جي وچ ۾ محدود نه  رهندي، بلڪ پوري اسلامي دنيا ان فيصلي ۽ سازش جي خلاف عملي طرح سان بغاوت ڪندي، ڇالاءِ ته ان فيصلي جي حمايت نه ڪو تاريخي اعتبار سان ڪري سگهجي ٿي ۽ نه ڪو سياسي ۽ اخلاقي لحاظ سان.

اهڙيءَ صورت ۾ پاڪستان وٽ ان کان سواءِ ٻي ڪا به راهه ناهي ته، هو عربن جي مڪمل ۽ غير مشروط حمايت ڪري ۽ خواه مخواه جي پيدا ڪيل اشتعال ۽ ناجائز هٿ ٽنگڻ کي روڪڻ لاءِ پنهنجي طاقت کي نهايت جوش وخروش سان استعمال ڪري.

رائٽر جي نمائندي کي انٽرويو

25 - آڪٽوبر 1947ع

- پاڪستان دنيا جي نقشي  تي، جو اڳ ئي بي انداز ملڪن سان ڀريل آهي. فقط هڪ  نالي جو اضافو ناهي.

حقيقت هيءَ آهي ته پاڪستان اسلامي ملڪن جي طول طويل صف ۾ هڪ نهايت اهم اضافو آهي. آسٽريليا جا پيغام ۽ مراسلا يورپ تائين اسلامي دنيا مان ئي گذري پهچن ٿا.

پاڪستان قدرتي طرح سان اسلامي ملڪن جي تمام ويجهو آهي.

آسٽريليا جي هڪ نمائندي کي انٽرويو

30 - آڪٽوبر 1947ع

- پاڻ ۾ حوصلو پيدا ڪرڻ گهرجي. موت جو خوف دلين مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. اسان کي اسان جي دين اهو واضح انداز ۾ سمجهايو آهي، ته هميشه موت لاءِ تيار رهڻ گهرجي. پاڪستان ۽ اسلام جي عزت کي بچائڻ لاءِ اسان کي بهادريءَ سان موت جو مقابلو ڪرڻ گهرجي.

مسلمان جي لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو به وسيله نجات ڪونه آهي ته هو حق جي راهه ۾ شهيد ٿي وڃي.

جلسه عام لاهور- 30 - آڪٽوبر 1947ع

- هن برصغير جا مسلمان فلسطين جي ورهاڱي متعلق گڏيل قومن جو ظالماڻو ناجائز ۽ غير منصفاڻي فيصلي جي خلاف، نهايت سخت ترين انداز ۾، شديد ترين احتجاج ڪندا آيا آهن.

ظاهر آهي ته برصغير جا مسلمان، آمريڪا يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي مخالفت کي خواه مخواه پيدا ڪرڻ نٿا گهرن، پر اسان کي اسان جي حق تي هجڻ جو احساس ائين راضي ۽ مجبور ڪري رهيو آهي ته اسان هر حال ۾ فلسطين جي مظلوم عرب ڀائرن جي هرممڪن طريقي سان مدد ڪندا رهون.

بي. بي. سي جي نمائندي کي انٽرويو

19 - ڊسمبر 1947ع

- اسلام، اسان جي زندگيءَ ۽ اسان جي وجود جو بنيادي سرچشمو آهي. اسلام اسان جي ثقافتي ۽ تهذيبي ماضي ۽ اسان جي گذريل روايتن کي عرب دنيا سان ايڏو ته وابسته ڪري ڇڏيو آهي، جو ان حقيقت متعلق ڪنهن به شڪ شبهي جي گنجائش  ئي نه رهي آهي، ته اسان عربن سان سندن مسئلن ۽ مقصدن ۾ مڪمل همدردي ۽ محبت رکون ٿا.

شرق اردن جي سفير جي آجياڻي جي موقعي تي

24 - ڊسمبر 1947ع

- اسان پاڪستان جو مطالبو رڳو هڪ زمين جي ٽڪري حاصل ڪرڻ لاءِ نه ڪيو هو، بلڪ اسان هڪ اهڙو تجربه گاهه حاصل ڪرڻ ٿي گهريو، جتي اسلام جي اصولن کي عملي طرح سان آزمائي سگهون.

اسلاميه ڪاليج پشاور- 13 - جنوري 1948ع

- اڄ اسان دنيا جي عظيم ترين هستيءَ جي حضور ۾ نذرانه عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هت گڏ  ٿيا آهيون. حضورصلي الله عليہ وسلم جن جي عزت ۽ تڪريم ڪروڙين بلڪ اربين عام انسان ئي نه ڪري رهيا آهن پر دنيا جون سڀ عظيم شخصيتون سندس عظمت جي اڳيان سر جهڪائي چڪيون آهن.

مان هڪ عاجز ترين انتهائي خاڪسار بنده ناچيز ايڏي عظيم بلڪ عظيم ترين شخصيتن کان به عظيم ترين هستيءَ لاءِ ڇا ٿو چئي سگهان؟ مان ڪهڙن لفظن ۾ نذرانه عقيدت پيش ڪري سگهان ٿو.

رسول ڪريم  صلي لله عليه وسلم جن عظيم مصلح هئا. عظيم قانون ساز هئا، عظيم سياستدان هئا ۽ عظيم حڪمران هئا.

ڪراچي بار ايسوسيئيشن - 25 - جنوري 1948ع

- مان انهن ماڻهن جي ڳالهه کي نه ٿو سمجهي سگهان، جي ڄاڻي واڻي ۽ ڏسي واسي شرارت وچان غلط پروپيگنڊا ڪندي چئي رهيا آهن ته، پاڪستان جو دستور اسلامي شريعت جي بنياد تي نه بنايو ويندو.

ياد رکڻ گهرجي ته اسلام جا اصول اڄ به عام زندگيءَ لاءِ اهڙا ئي نفاذ جي قابل آهن، جهڙا چوڏهن سو سال اڳ هئا.

مان اهڙن ماڻهن کي، جي بدقستميءَ سببان گمراهه ٿي چڪا آهن، اهو صاف صاف ٻڌائڻ ٿو گهران ته نه صرف مسلمانن کي بلڪ هت غير مسلمانن کي به ڪو خوف محسوس ڪرڻ نه گهرجي.

اسلام ۽ ان جي نظريات مان اسان کي جمهوريت جو سبق مليو آهي. هر شخص سان انصاف، رواداري ۽ ڀائيپيءَ وارو ورتاءُ ڪرڻ اسلام جو بنيادي اصول آهي. ان حالت ۾ ڪنهن کي اهڙي جمهوريت، مساوات ۽ آزاديءَ کان خوف ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، جا جمهوريت “انصاف” تي قائم ڪيو آهي. انهن کي چوڻ ڏيو. اسان پاڪستان جو دستور بنائينداسون، جو اعليٰ آئين جو نمونو هوندو.

بار ايسوسيئشن ڪراچي. 25 - جنوري 1948ع

- رسول ڪريم صلي لله عليه وسلم جن جي زندگي نهايت صاف ۽ سادي هوندي هئي. پاڻ سڳورن جنهن به ڪم ۾ هٿ وڌو ڪاميابي اچي سندن قدم چمندي هئي. تجارت کان وٺي، حڪمرانيءَ  جي هر شعبه حيات تائين، پاڻ سڳورا نهايت ڪامياب رهيا.

رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن پوري انساني تاريخ جا عظيم انسان آهن. پاڻ ئي جمهوريت جا باني آهن.

ڪراچي - بار ايسوسيئشن 25 - جنوري 1948ع

- اسلام رڳو رسمن، روايتن ۽ اخلاقي نظرين جو مجموعو ناهي، اسلام هر مسلمان لاءِ قانوني حيات به آهي. جنهن جي مطابق مسلمان روزمره جي زندگيءَ ۾ پنهنجن عملن ۽ ڪمن ايستائين جو سياست ۽ معاشيات ۽ ٻين اهم شعبن ۾ به عمل پيرا رهي ٿو.

اسلام سڀني انسانن لاءِ انصاف رواداري، شرافت، ديانت ۽ عزت جي اعليٰ ترين اصولن تي مشتمل آهي.

اسلام ۾ خدا جو تصور هڪ اهڙو بنيادي اصول آهي، جنهن جي ڪري انسان انسان ۾ ڪوبه فرق ۽ امتياز نه ٿو رهي. مساوات، اخوت ۽ آزادي اسلام جا بنيادي اصول آهن.

ڪراچي - بار ايسوسيئشن 25 - جنوري 1948ع

- اسلام ۽ ان جي عاليٰ ظرفيءَ اسان کي جمهوريت جو سبق ڏنو آهي. اسلام اسان کي مساوات ۽ آزاديءَ جو درس ڏنو آهي. اسلام اسان کي حڪم ڪيو آهي، ته هر انسان سان انصاف ۽ رواداريءَ سان پيش اچون.

آخر ڪنهن شخص وٽ ان لاءِ ڪهڙو جواز موجود آهي، ته هو عوام الناس لاءِ اسلام جي سوال، پيدا ڪيل انصاف ۽ ديانت، مساوات ۽ آزاديءَ واري اعليٰ ۽ معياري جمهوريت کان خوف محسوس ڪري.

ڪراچي - بار ايسوسيئشن 25 - جنوري 1948ع

- پاڪستان جو دستور تيار ٿيڻو آهي. اهو دستور پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي ٺاهيندي مون کي معلوم ناهي، ته ان دستور جي شڪل ۽ هيئت ڪهڙي هوندي. پر ايترو ته بلڪل يقين سان چئي سگهان ٿو، ته اهو دستور جمهوري انداز جو هوندو ۽ اسلام جي بنيادي اصولن تي مشتمل هوندو. انهن اصولن جو اطلاق اڄڪلهه  جي زندگيءَ تي به ان طرح سان ئي ٿي سگهي ٿو، جهڙو اڄ کان تيرنهن سؤ سال اڳ ٿي چڪو هو.

اسلام ۽ ان جي نظريات مان اسان جمهوريت جو سبق سکيو آهي. اسلام اسان کي انساني مساوات، انصاف ۽ هر هڪ انسان سان رواداريءَ سان هلڻ جو حڪم ڏنو آهي.

اسان اهڙين عظيم الشان روايتن جا وارث ۽ امين آهيون ۽ پاڪستان جي آئنده ٺهندڙ دستور جي معمار ۽ بانيءَ جي حيثيت سان اسان پنهنجين ذميدارين ۽ فرضن کي چڱيءَ طرح سان سمجهي چڪا آهيون.

آمريڪي نمائندن کي انٽرويو

فيبروري 1948ع

- منهنجو ايمان آهي ته اسان جي ڇوٽڪاري جو واحد ذريعو ان سونهري اصولن واري ضابطه حيات تي عمل ڪرڻ ۾ موجود آهي، جو اسان جي عظيم قانون ساز پيغمبر صلي الله عليہ وسلم جن اسان لاءِ قائم ڪيو آهي. اسان کي پنهنجي جمهوريت جا بنياد، اسلام جي سچن اصولن تي رکڻ گهرجن.

اسلام جو سبق آهي: مملڪت جا سڀ امور ۽ مسئلا پاڻ ۾ ويهي، گڏيل مشوري، غور فڪر ۽ بحث مباحثي کان پوءِ حل ڪرڻ گهرجن.

سبي دربار- بلوچستان 14 - فيبروري 1948ع

- اسلامي حڪومت جي تصور جو هي امتياز هميشه پيش نظر رکڻ گهرجي ته ان ۾ اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ جو مرڪز فقط خدا جي ذات آهي، جنهن جي تعميل جو عملي ذريعو قرآن شريف جي اصولن ۽ حڪمن ۾ موجود آهي.

اسلام ۾ اصول موجب نه ڪنهن بادشاهه جي اطاعت ڪرڻي آهي ۽ نه ڪنهن پارليامينٽ جي ۽ نه ڪنهن شخص جي ۽ نه ڪنهن اداري جي.

قرآن ڪريم جا حڪم ئي آهن، جي سياست ۽ معاشرت ۾ اسان لاءِ آزاديءَ ۽ پابنديءَ جي حدن کي قائم ڪري سگهن ٿا. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اسلامي حڪومت قرآن شريف جي اصولن ۽ حڪمن جي حڪومت آهي.

بار ايسوسئيشن ڪراچي کي خطاب جنوري 1948ع

- سڀني اسلامي مملڪتن کي عيد مبارڪ يا منهنجي پاران عيد جو پيغام، سواءِ دوستيءَ ۽ ڀائيپيءَ جي ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟

اسان سڀ هڪ ئي نموني ۾، خطرناڪ ۽ مشڪل دور مان گذري رهيا آهيون.

سياسي اقتدار جو جيڪو ڊرامو فلسطين، انڊونيشيا ۽ ڪشمير ۾ اسٽيج ٿي رهيو آهي، اهو اسان جي اکين کي کولڻ لاءِ ڪافي هئڻ گهرجي.

اسان پنهنجي اسلامي اتحاد جي ئي ذريعي دنيا جي قانون ساز ادارن کي پنهنجي آواز جي قوت محسوس ڪرائي سگهون ٿا.

عيدالفطر جو پيغام 27 - آگسٽ 1948ع

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org