سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: قائدِاعظم جون تقريرون

باب: --

صفحو : 3

آل انڊيا ريڊيو دهليءَ تان قائداعظم جي نشري تقرير

3 - جون 1947ع - دهلي

 نوٽ: 3 - جون 1947ع جو ڏينهن برصغير پاڪ و هند جي تاريخ ۾ خاص اهميت وارو ڏينهن آهي. ان ڏينهن تي هندستان جي آخري وائسراءِ لارڊ مائونٽ بيٽن برطانوي حڪومت  جي پاران هندستان جي عوام جي نالي، اختيارات کي منتقل ڪرڻ واري تجويز جو اعلان ڪيو.

پنڊت جواهر لال نهرو، ته ڪانگريس جي طرفان ۽ سردار بلديوسنگ مشهور سک ليڊر سکن جي نمائندي جي حيثيت سان ان تجويز جو خيرمقدم ڪيو.

قائداعظم محمد علي جناح، مسلم ليگ جي صدر جي حيثيت سان ، ان تجويز جي باري ۾ پنهنجي خيالات جو اظهار ڪيو.

لارڊمائونٽ بيٽن، وائسريگل لاج ۾ پنهنجي تقرير ڪئي هئي جنهن کي ٽيليفون  جي ذريعي براڊ ڪاسٽنگ هائوس، نئين دهليءَ کان نشر ڪيو ويو.

پنڊت نهرو، قائداعظم ۽ سردار بلديو سنگ، پنهنجي پنهنجي تقرير کي نشر ڪرڻ لاءِ پاڻ براڊ ڪاسٽنگ هائوس (پارليامينٽ اسٽريٽ) نئين دهليءَ تي پهتا.

قائداعظم جي تقرير انگريزيءَ ۾ هئي، جنهن کي فوراً اردو ۾ ترجمو ڪري، انگريزي تقرير کان پوءِ نشر ڪيو ويو.

قائداعظم پنهنجي لکيل تقريرکي پڙهڻ کان اڳ ڪجهه زباني جملا چيا، جي في البديهه هئا. انهن جملن کي به اردوءَ ۾ ترجمو ڪري اصل تقرير جي منڍ ۾ نشر ڪيو ويو.

ابتدائي جملا: تقرير ۾ في البديهه جملا هن ريت آهن:

مون کي خوشي حاصل ٿي آهي جو اڄ مون کي دهليءَ جي هن ريڊيو جي ذريعي، اوهان سان سنئين سڌي نموني ۾ گفتگو ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي. منهنجي خيال ۾ شايد هي پهريون موقعو آهي جو ڪنهن غير سرڪاري فرد کي هن قسم جي طاقتور اسٽيشن جي ذريعي، سياسي مسئلن تي  عوام کي خطاب ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي. هي آغاز سهڻو آهي. مون کي اميد آهي ته  مستقبل ۾ به مون کي هن قسم جون سهوليتون ڏنيون وينديون، تان ته منهنجا خيال ۽ نظريا، اوهان تائين اخبارن جي سرد ۽ جامد لفظن جي بجاءِ سنئون سڌو زندگيءَ جي حرارت سان ڀرپور انداز ۾ پهچي سگهن.

ان کان پوءِ قائداعظم جي اصل تقرير جو متن پيش ڪجي ٿو: (مترجم)

تقرير جو متن: بادشاهه سلامت جي حڪومت جو بيان جنهن ۾ حڪومت جا اختيارات، هندستان جي عوام کي منتقل ڪرڻ جي تجويز شامل ڪيل آهي، سو نشر ٿي چڪو آهي ۽ پريسن لاءِ به جاري ڪيو ويندو. جيئن سڀاڻي صبح جو شايع ٿيندڙ هندستاني توڙي ٻاهرين اخبارن ۾ شايع ٿي سگهي. ان بيان ۾ تجويز جي بنيادي ڳالهين کي وضاحت سان پيش ڪيو ويو آهي، جيئن اسان ان تجويز کي چڱيءَ  طرح سان غور ۽ فڪر ڪري سگهون. ٻيو ته هن تجويز تي اسان کي نهايت غير جذباتي انداز ۾ ۽ ٿڌيءَ دل سان غور ڪرڻو آهي.

اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اسان کي نهايت ڪي اهم فيصلا ڪرڻا آهن ۽ هن برصغير جي چاليهن ڪروڙ باشندن جي پيچيده مسئلن  کي حل ڪندي، جي انتهائي نازڪ حقيقتون درپيش آهن، انهن کي بلند حوصلي سان سلجهائڻو آهي.

هن وقت جيڪي انتهائي ڏکيا ۽ اوکا فريضا اسان کي سرانجام ڏيڻا آهن، انهن جهڙو مثال دنيا جي تاريخ ۾ ڪٿي به ملي نٿو سگهي. اسان سڀني تي ۽ خاص طرح سان هندستان جي سياسي ليڊرن تي، هن وقت نهايت سنگين ذميواريون عائد ٿي چڪيون آهن، انڪري اسان کي گهرجي ته اسان پاڻ ۾ متحد ٿي، پنهنجين سڀني قوتن ۽ صلاحيتن کي جمع ڪريون ته جيئن اختيارات جي منتقليءَ جو ڪم نهايت پر امن ۽ منظم طريقي سان تڪميل تي پهچي سگهي. مان هر فرقي جي ماڻهن کي خاص طرح سان مسلمانن کي پرزور اپيل ٿو ڪريان ته هو هر هنڌ امن ۽ امان کي برقرار رکن.

اسان کي ان تجويز جي هڪ هڪ لفظ ۽ ان سان گڏ ان جي مفهوم ۽ مطلب تي چڱيءَ طرح سان غور ڪرڻو آهي. ان مان پنهنجي لاءِ مفيد نتيجا اخذ ڪرڻا آهن ۽ پوءِ انهن جي موجودگي ۾ ڪي اهم فيصلا ڪرڻا آهن. مان الله تعاليٰ کان دعا ٿو ڪريان ته شال حق تعاليٰ هن نازڪ وقت تي اسان جي رهنمائي ڪرڻ فرمائي ۽ اسان کي انهن اهم ذميدارين کي تدبر ۽ دانشمنديءَ سان حل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

هي ته ظاهر آهي، ته برطانوي تجويز، ڪن اهم معاملات ۾ اسان جي نقطه نظر جي عين مطابق ناهي، ان ڪري اسان اهو چئي نه ٿا سگهون ته اسان ڪو  ان تجويز کان پوريءَ طرح مطمئن آهيون. يا ڪن فقرن سان جي هن تجويز ۾ بيان ڪيا ويا آهن.  اسان متفق آهيون: اهو هاڻي اسان تي ڇڏيل آهي، ته اسان پوريءَ سنجيدگيءَ سان ان تي غور ڪريون ۽ جائزو وٺي اهو ڏسو، ته بادشاهه سلامت جي حڪومت جي پاران جا تجويز اسان جي اڳيان رکي وئي آهي، اسان ان کي هڪ مصالحت يا ٺاهه جي نموني ۾ قبول ڪريون يا رد ڪري ڇڏيون؟

مان ان سلسلي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي ڪائونسل جي فيصلي  جي پيش بندي ڪرڻ نه ٿو چاهيان جنهن جو اجلاس 8- جون تي گهرايو ويو آهي.

اها ڪائونسل ئي آهي جا اسان جي دستور اسان جي گذريل روايتن ۽ طريقه ڪار مطابق، آخري فيصلي ڪرڻ جو حق رکي ٿي، پر جيستائين مان مجموعي طور تي اندازو لڳائي سگهيو آهيان ۽ دهليءَ جي مسلم ليگي حلقن ۾ ان تجويز متعلق جو تاثر ورتو ويو آهي، سو نهايت اميد افزا معلوم ٿي رهيو آهي. بهرحال ڪنهن آخري فيصلي ڪرڻ کان اڳ ان تجويز جي خوبين ۽ خامين سميت ٻين سڀني جزئياتي مسئلن تي به پوري احتياط سان غور ۽ فڪر ڪرڻ ضروري آهي.

مان ايترو ضرور چوندس، ته مان محسوس ڪري رهيو آهيان ته وائسراءِ هند پاران، هن سلسلي ۾ بي شمار مخالف قوتن جو نهايت جرئت سان مقابلو ڪيو ويو آهي لهـٰـذا سندس اهڙين ڪوششن منهنجي ذهن تي اهو تاثر پيدا ڪيو آهي ته ان جو محرڪ انصاف پسنديءَ ۽ غير جانبداري ءَ جو اعليٰ احساس رهندو آيو آهي. هاڻي اهو اسان جو فرض آهي ته اسان هن اهم ترين ڪم ۾ سندس لاءِ سهولتون پيدا ڪريون ۽ جيتري قدر اسان کان ممڪن ٿي سگهي، کيس تعاون ڏيندا رهون. تان ته کيس پنهنجن مقصدن ۾ ڪاميابي حاصل ٿي سگهي ۽ هندستان جي عوام کي اختيارات جي منتقل ڪرڻ وارو مرحلو خير ۽ خوبيءَ سان امن ۽ امان جي ماحول ۾ گذري وڃي.

جا تجويز هن وقت نشر ٿي چڪي آهي، ان جي يارهين (11) پيراگراف مان واضح ٿو ٿئي ته اتر-اولهه سرحدي صوبي ۾ راءِ شماري ڪرائي ويندي. ان جي ذريعي سان اتر-اولهه سرحدي صوبي جي قانون ساز اسيمبليءَ جا نمائندا، ان مسئلي متعلق  فيصلو ڏيندا ته پيراگراف چوٿين (4) ۾ جي ٻه متبادل تجويزون موجود آهن هو انهن مان ڪهڙيءَ تجويز کي چونڊ ڪن ٿا. اها راءِ شماري گورنر جنرل جي نگرانيءَ هيٺ، صوبائي حڪومت جي مشوري سان ڪئي ويندي.

ڇا ان طرح سان اهو واضح ٿي چڪو آهي ته سرحدي صوبي جي عوام جي متفقه فيصلي سان ئي هيءَ ڳالهه طئه ٿيڻي آهي، ته هو پاڪستان جي دستور ساز اسيمبليءَ ۾ شريڪ ٿيڻ گهرن ٿا يا هندستان جي دستور ساز جي اسيمبليءَ ۾.

انهن حالتن ۾ مان سرحد جي صوبائي مسلم ليگ کي درخواست ٿو ڪريان ته هو پنهنجيءَ پر امن سول نافرمانيءَ واري شروع ڪيل تحريڪ کي هاڻي ختم ڪري ڇڏين، جا انهن نهايت مشڪل حالات کان مجبور ٿي شروع ڪئي آهي.

مان مسلم ليگ جي سڀني ليڊرن کي پڻ گذارش ٿو ڪريان ته هو اسان جي عوام کي منظم ڪن، جيئن هو هن راءِ شماريءَ ۾ محبت ۽ حوصلي سان پراميد ٿي دل کولي حصو وٺي سگهن.

مون کي پورو ڀروسو آهي ته سرحد جا غيرتمند باشندا، عوام سان متفق ٿي هڪ ئي زبان ۾ گڏجي، پاڪستان جي ئي دستور ساز اسيمبليءَ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڏيندا.

اسان جي شهري آزاديءَ واري جدوجهد ۽ جنگ ۾، مسلمانن جي سڀني طبقن جهڙيون مصيبتون برداشت ڪيون آهن ۽ جيڪي قربانيون ڏنيون آهن، خاص طرح سان سرحد جي خواتين ۽ مستورات جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن تن سڀني لاءِ مان شڪر گذاري ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهان. ڪنهن به فرد يا ڌر تي الزام ڌرڻ کان سواءِ جنهن لاءِ هي موقعو به مناسب ناهي، مون کي انهن سڀني سان دلي همدردي آهي، جن هن جدوجهد ۾ نهايت سخت تڪليفن کي برداشت  ڪيو آهي ۽ جن جون جائدادون ۽ ملڪيتون تباهه ۽ برباد ٿي چڪيون آهن ۽ جن سعادتمند فردن، هن راهه ۾ شهادت حاصل ڪئي آهي، منهنجي دل ۾ انهن سڀني لاءِ قرب ۽ احترام وارا جذبا موجزن آهن.

مون کي پوري پوري اميد آهي ته سرحدي صوبي ۾ راءِ شماري نهايت پر امن طريقي سان تڪميل تي پهچندي.

هر شخص کي اها ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن سرحدي صوبي جي عوام جي آزادانه، سچي ۽ منصفاڻي راءِ کي حاصل ڪيو وڃي.

آخر ۾ وري به سڀني باشندن کي امن و امان قائم رکڻ لاءِ پرزور اپيل ٿو ڪريان . پاڪستان زنده باد

نوٽ: پاڪستان زنده آباد جو نعرو قائداعظم جي تقرير ۾ اڳ لکيل نه هو. قائداعظم جي هيءَ تقرير سندس مخصوص آئيني ۽ قانوني انداز جي آئيندار هئي. عوام الناس ان تقرير جي معنيٰ خيز حيثيت کي سمجهي سگهيو هجي يا نه، پر قائداعظم جي نعري پاڪستان زنده باد سان هندستان جي ڏهن ڪروڙن مسلمانن جي دلين ۾ ولوله انگيز جذبات ضرور پيدا ٿيا هوندا ۽ کين اهو يقين ٿي ويو ته قيام پاڪستان جو فيصلو ٿي چڪو آهي. ان ڪري مترجم جي حيثيت سان ان نعري جو ترجمو ان کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو ٿي سگهي، ته “پاڪستان زنده آباد” ئي لکيو وڃي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org