سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:شاهه جو غم جو فلسفو

 

صفحو :9

حصو ٽيون


 

ڪوه نھ جھارئين جکرو

 

شاھھ جي شاعراڻي شخصيت جا گھڻا ئي رخ آھن انھن مان سندس ھڪڙو رخ اھو بھ آھي تھ شاھھ رومانوي شاعر آھي. اسان وٽ عام طرح رومانيت جي معنيٰ عشق ۽ محبت سمجھي ويندي آھي جڏھن تھ رومانيت جون گھڻيئي معانئون آھن. J.A. Cuddon پنھنجي ادبي اکرن ۽ نظرين جي ڊڪشنري ۾ رومانيت جي باري ۾ آمريڪي دانشور A.O. lovejoy جو قول ڏنو آھي. ھن چيو آھي تھ رومانيت جون ايڏيون تھ معنائون ڪيون ويون آھن جو ان لفظ جي پنھنجي ليکي ڪا معنيٰ ڪانھ رھي آھي. ھن F.L. lucas جي ڪتاب The Decline and Fall of the Romanic Ideals مان حوالو ڏنو آھي تھ ليوڪس جي ڳڻپ موجب رومانيت جون ١١،٣٩٦ تشريحون ڪيل آھن. ان ۾ ھن مھم جوئي، غير معمولي بھادري، ميلو ڊرامائيت جا تصور بھ شامل ڪيا آھن. ماضي پرستي، فطرت پرستي، تاريخي ۽ لوڪ ڪردارن جي ڪن ڳڻن کي وڌاءَ سان پيش ڪرڻ بھ رومانيت آھي. شاھھ جي شاعريءَ ۾ رومانيت جا اھي سڀ عنصر ملن ٿا ۽ اسين شاھھ کي رومانوي شاعر چئي سگھون ٿا. ھن جي رومانيت جو ھڪڙو مثال سر ڏھر جي چوٿين داستان جي اڪويھين بيت کان پوءِ وارا بيت ۽ سر بلاول جا ٽي داستان آھن جن ۾ شاھھ ماضيءَ جي ڪن تاريخي ڪردارن جي سورھيائي ۽ سخا کي ساراھيو آھي. سر ڏھر ۾ شاھھ لاکي جي ڌاڙن کي ڏاڍو رومانوي رنگ ڏنو آھي. جاگيرداراڻي دور ۾ ڌاڙيل انگريزي ادب جي مشھور ڌاڙيل ڪردار Robim Hood جھڙا ھوندا ھئا جيڪي ڪنھن جاگيردار جي ظلم خلاف بغاوت ڪري اميرن کي ڦري اھو مال غريبن کي ڏيندا ھئا ۽ وڏا عوام دوست سمجھيا ويندا ھئا ۽ پنھنجي زندگي ۽ موت کان پوءِ ھو legend بنجي ويندا ھئا، ماڻھو پنھنجي پاران ۾ ھنن جي بھادري ۽ سخا جي باري ۾ ڪي ڪارناما  گھڙي ماڻھو محفلن ۾ انھن گھڙيل ڪارنامن جا داستان ٻڌائيندا ھئا. ھنن جو عشق بھ ڏاڍو رومانوي ھوندوھو. سر سڙيءَ تي رکي محبوبھ سان ملڻ ايندا ھئا، پوليس سندن محبوبھ جي گھر تي ڪڙو چاڙھيندي ھئي تھ ھو وڏي جانداري ۽ ان تعويذ جي ڪرامت سان جيڪو کين ڪنھن پھتل شخص وٽان مليل ھوندو ھو، پوليس جو ڪڙو ڀڃي ٻھ چار سپاھي ماري، نعرا ھڻندا نڪري ويندا ھئا ۽ گھڻو ڪري ايئن ٿيندو ھو تھ سندن محبوبھ پوليس سان ملي ويندي ھئي ۽ ھو محبوبھ جي بيوفائيءَ جي ڪري مارجي ويندا ھئا. سر ڏھر ۾ شاھھ لاکي جي ڌاڙن جو وڏو رومانوي نقشو چٽيو آھي. لاکو ۽ سندس ساٿي جسو ۽ جسراج گھوڙن کي کرکرا پيا ھڻن ۽ انھن تي زينون پيا رکن:

ٽاٽونڪين پلاڻ، سدا ھڻن کرکرا

لاکي لوڙائڻ جا، اھڙائي اھڃاڻ،

ڏيئي تنگڻ تاڻ، ڪوڪ ڪاريندا ڪاڇڙي.

لاکي جي گھوڙي کي بھ ڄڻ تھ ڪردار آھي. ھو لکيءَ تي لانگ ورائي سواري ٿوڪري ۽ ڌاڙا ٿو ھڻي. لاکي جا دشمن جن جي دلين تي ھن جي دھشت ويٺل آھي سي لاکي سان گڏ لکيءَجي موت تي سرھا ٿا ٿين:

لاکو لکيءَ تي چڙھي، لکي لاکي ھيٺ،

--

لکي ۽ لاکو، ٻئي مڻا، ٻاجھھ ٿي.

لاکو غريب پر ور ننگلپال آھي. ھن سونھارين جي ننگ جي حفاظت لاءِ سندرو ٻڌو آھي:

لاکو لکيءَ تي چڙھي، لکي لاکي ھيٺ،

سونھاريون سر ڪيو، ڀِيڙي ٻڌي بيٺ،

ڪندو ڏھر ڏيٺِ، صباح ساڻ سب ڪنھن.

 

سندس ڏھڪاءُ اھڙو جو وڏا وڏا راجا جن وٽ پنھنجي فوج آھي ۽ ڪوٽن ۾ محفوظ ويٺا آھن اھي بھ لاکي جي ڊپ کان ڪوٽن ۾ ٿا ڪنبن:

لاکا لک سڄڻ، ڦلاڻيءَ ڦير ٻيو،

جنھن پر راڻا راڄيا، ڪوٽن منجھھ ڪنبن،

جنھين جاڙيجن، ستي سنچو نھ لھي.

لاکو بھ روايتي ڌاڙيلن وانگر مھم سنديءَ جي ڪري ڌاڙيل نٿو ٿئي پر جاڙيجا ۽ ريٻاري ھن جي ماڻھن کي مارن ٿا ۽ ھو قبائلي روايت موجب انھن جو پلئھ وٺڻ لاءِ ڌاڙا ٿو ھڻي. لاکو جاڙيجن، سمن ۽ ريٻارن تي حملا ٿو ڪري ۽ چوڌاري دانھن ٿي پئي تھ:

جاڳو جاڙيجا! سما! سک م سمھو،

پسو، آن پاريا، لاکو ٿو لوڙيون ڪري.

--

ڀچيان ڀلي پير، وڌو راءَ رڪاب ۾

ڪڇ رھندو ڪير، لاکو لوڙائن سين.

--

پر شاھھ ڪٿي بھ ھن کي ماڻھو ماريندي نھ ڏيکاريو آھي. ريٻارڻ جيڪا راءِ گنھگار جي سريت آھي، اھا راءِ گنگھار کي لاکي جي دانھن ٿي ڏي تھ اھا بھ سندن ماڻھن کي مارڻ جي دانھن نٿي ڏي، پر سندن مال ڪاھي وڄڻ جي دانھن ٿي ڏي:

رڙي ريٻارڻ روءِ، واڙي پايو وڇڙا،

کرا ويڻ گنھگار کي، چينچل اتي چوءِ

واڙي وڄ ُ نھ ڪوءِ، لاکو لوڙائن سين

--

رڙي ريٻارن روءِ، اڀي ڊنگر ڍار،

وڃن اڄ وڳ ھيئو، سئم جي سوار

ڪاڇي ٻنين پار، ڌاڪو ھن جو ديسين.

--

لاکي جي ڪردار جو ھڪڙو رومانوي عنصر اھوبھ آھي تھ جيئن سنڌ جي رومانوي حاڪم، ڄام تماچي، نوري مھاڻيءَ سان عشق ڪري ھن کي پنھنجي پٽ راڻي بڻايو ۽ ڍنڍ سندس پيءُ ڪينجھر کي انعام ۾ ڏني ۽ پوءِ اھا ڍنڍ ھن جي نالي پٺيان ڪينجھر ڍنڍ سڏجڻ ۾ آئي، ايئن لاکو اوڏاڻ سان پيار ڪري ھن کي پنھنجي پٽ راڻي تو بڻائي. ھن جي پيءُ بيلي جي نالي تي تلاءَ ٿو کوٽائي، جيڪي بيلي جي نالي تي سڏجڻ ۾ ٿا اچن ۽ جيئن نوريءَ ڏن ڇڏائڻ جي ڳالھھ ٿي ڪري تھ:

تون تماچي تڙ ڌڻي، آئون گندري غريب،

توسين ڄام قريب، ڪي ڏن ڇڏائي ڏيج مون.

ايئن اوڏڻ پنھنجن اوڏن جي بکن جي پارت ٿي ڪري:

لاکا! لڄ سندياءِ، اوڏ اگلي آھيان

پکا سي پرتاءِ، جي اجھي تنھنجي اڏيا.

--

لاکي لڄ کڻين، اسان اوڏيئن جي،

ڪندو ڪانھ ٻي، اڳ وسوڙي آھيان.

اوڏن بابت بيت پڙھندي اھڙيءَ مھل مونجھارو ٿوپئدا ٿئي جڏھن شاھھ چئي ٿو تھ:

اوڏيو جو اوڏن، سو ڍنگر ڍلو م ٽئي،

جنھن پر ويھي ڪن، ليکو لاکي ڄام سين.

پر پوءِ اھو سااڳيو لاکو جيڪو اوڏن جو نگھبان ۽ ننگ پال آھي ھنن جي مٿان ٿو اچي ڪڙڪي:

اڏيندي اوڏن، لڏڻ جي ڪانھ ڪئي،

لاکو مٿان تن، اوچتو ٿي آئيو.

لاکي جي اوڏن مٿان اچڻ ۽ سندس غارتگريءَ جي ڪري اوڏن جي وسنديءَ جو ھاڻي ھي عالم آھي جو:

اڏي اڏي اوڏ، ڇڏي ويا ڀيڻون،

ٽڪاڻا ۽ ٽول، پيا آھن پٽ ۾.

پر پوءِ خبر ٿي پوي تھ لاکي جي غارتگري اصل ۾ موت جي غارتگريءَ آھي ۽ ھن بيت ۾ لاکو موت جي علامت آھي. اھو منظر موت جي غارتگريءَ جو منظر آھي. شاھھ سر جي پڄاڻيءَ ۾ فنا جي تصوير سان ڪئي آھي:

ڪڏھن مڙه مقام ۾، ڪڏھن ڳاڙھو گھوٽ،

سندو واريءَ ڪوٽ، اڏيو اڏبو ڪيترو.

۽ سر جي آخري وائي تھ آھي ئي موت جي باري ۾.

 

ڏھر جي ھن داستان ۾ شاھھ مالوند سنگھارن جي جيئڻ جي چراگاھي انداز کي رومانوي ڪري پيش ڪيو آھي. ادب ۾ چراگاھي دور ۽ فطرت ڏانھن موٽڻ جو رويو پراڻو آھي. مشھور انگريزي شاعر ورڊز ورٿ قدرتي نظارن ۽ ڳوٺاڻن جي سادي فطري زندگيءَ کي پنھنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو. ھن جي فطرت پرستيءَ کي چوندا ئي فطرت جو تصوف آھن. ولئم بليڪ مالوندن کي فطري معصوميت جي علامت سمجھيو. مشھور فرانسيسي فلاسافر روسيو وڏو فطرت پرست ھو. ھن فطرت پرستيءَ کي پنھنجي ڪتاب (I762) Emile ۾ باقاعده مسلڪ جي شڪل ڏني. ھن جو مشھور قول آھي تھ جيڪا بھ شيءِ خالق وٽان اچي ٿي اھا اعليٰ ھجي ٿي پر ماڻھن جي ھٿن ۾ خراب ٿي وڃي ٿي. جڏھن تھ ڳالھھ روسيو جي سوچ جي ابتڙ آھي. ماڻھوءَ پنھنجن پورھيت ۽ سون سريڪن ھٿن سان دنيا کي گھڙيو، ڇليو ۽ رھڻ لائق بڻايو آھي. ماڻھوءَ جي ھڪڙي تشريح اھا بھ ڪئي ويندي آھي تھ ماڻھو Manipulator آھي يعني تھ ماڻھو شين کي انھن جي اصلي حالت مان بدلائي نئين حالت ۾ آڻي ٿو ۽ انھن کي نيون شڪليون ڏي ٿو. انسان جي ساري تھذيب ھن جي شين کي بدلائقن ۽ نيون شڪليون ڏيڻ واري ان وصف مان جنم ورتو آھي. اقبال خدا کي چيو ھو تھ:

تؤ شب آفريدي، من چراغ آفريدم

پر روسيو ان ساري تھذيب کي رد ٿو ڪري ۽ انسان کي فطرت جي ھنج ۾ وٺي وڃڻ ٿو گھري. روسيو جڏھن پنھنجو ڪتاب Discourse on the origin of inequality پنھنجي ھمعصر فلاسافر Voltaire کي موڪليو تھ ان ڪتاب ۾ روسيو جا تھذيب، علميت ۽ سائنس جي خلاف دليل ۽ ان باري ۾ دليل تھ ماڻھوءَ کي فطرت ڏانھن موٽي ان حالت ۾ زندگيءَ گذارڻ گھرجي جنھن حالت ۾ ٻيا جاندار ۽ اڻ سڌريل انسان ٿا رھن پڙھي ھن روسيو ڏانھن لکيو تھ:

سائين اوھان جو انساني نسل جي خلاف لکيل ڪتاب مليو، وڏي مھرباني. اوھان جھڙو ذھين ماڻھو ٻيو ڪونھ ھوندو جيڪو اسان کي جانور بڻائڻ ٿو چاھي. اوھان جو ڪتاب پڙھي دل ٿي چوي تھ چئن ڄنگھن تي ھلڻ شروع ڪيان پر افسوس جو چئن ڄنگھن تي ھلڻ جي عادت کي ڇڏي مون کي سٺ سال ٿي ويا آھن. مون کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي تھ بدقسمتيءَ سان مون لاءِ ھاڻي اھو محال آھي تھ مان اھا ڇڏيل عادت وري اختيار ڪيان.

ھن روسيو کي اھو بھ چيو تھ فطريءَ طرح انسان شڪار جو جانور آھي ۽ مھذب سوسائٽي معنيٰ ان جانور کي زنجير وجھڻ. ماڻھوءَ مان حيوانيت کي گھٽائڻ ۽ سماجي جوڙجڪ ۽ قانون سان ھن جي ترقيءَ جو امڪان پئدا ڪرڻ، ھن جي ذھني اوسر ڪرڻ تھ جيئن ھو ذھني اوسر جا مزا حاصل ڪري سگھي.

والٽيئر جا دليل پنھنجيءَ جاءِ تي پر سوسائٽيءَ جيڪا انسان دشمنيءَ واري شڪل اختيار ڪئي آھي ۽ ماڻھوءَ ترقي ۽ تھذيب جا جيڪي سور ٿو سھي ان کي ڏسي اديبن جو فطرت ڏانھن موٽ کائڻ وارو رويو ڪنھن حد تائين صحيح ھو.

شاھھ بھ پنھنجي دور ۾ عظيم انسان جي اڻاٺ ڏسي تاريخ مان مثالي انسان ڳولھي آيو ۽ پنھنجي سماج کي ڏسي ھن چراگاھي انداز سان جيئڻ کي وڌيڪ پرسڪون سمجھيو. سندس ڀِٽ تي سڪونت اختيار ڪرڻ جو سبب بھ شايد اھو ھو. شاھھ سر مارئيءَ ۾ بھ جيئڻ جي ان انداز کي ساراھيو آھي:

تن ونجھين ويڙيجن ۾، سدائين سڪار

چنڊيو آڻيو چاڙھيون، سندو ڏؤنرئن ڏار،

جن جو ويڙن سان واپار، سي ڏوٿي ھون نھ ڏٻرا.

--

ٿوري قوت قراريا، رھن سٻر ستّ

کٿيءَ ۾ کھھ ڀڪليا، ڀوڻن اھڙيءَ ڀتّ

پنوھار ڪي پتّ، پيھي پڇ ملير ۾.

--

نھ ڪا جھل نھ پل، نھ ڪو رائر ڏيھھ ۾،

آڻيو وجھن آھرين، روڙيو رتا گل،

مارو پاڻ امل، مليرون مرڪڻو.

سر مارئيءَ جا اھي مارو سر ڏھر ۾ سنگھار آھن:

ڪير ڪريندي ريس، آيل، سنگھارن سين،

جنين جي خميس، واريون واري ڇڏيون.

--

جھٻان پسيو جھوڪ، آيل! سنگھارن جا،

جن ٿي پِي پياريا، منجھان مٿن موڪ،

لڏي ويا لوڪ، اٿي ويا اڪري،

--

منڌيون مٽ گڙن، جھوڪ بھ سونھن پھيڙا

سندي سنگھارن، جوءِ جيئاري جڏڙين.

--

ڀورين پاند ٽمن، جھنگ جھاڳي آئيون،

ڪاڇو مينھڙين، مندائتو ماڻيو.

--

سر بلاول جا پھريان ٽي داستان موضوع ۽ ڪردار نگاريءَ جي لحاظ کان سر ڏھر جي چوٿين باب جي اڪويھين بيت کانپوءِ وارن بيتن ۽ سر پرڀاتيءَ جو ڄڻ تھ تسلسل آھن. سر بلاول جا ڪردار سنڌ جي سورھيائي، سخا ۽ ٽنگ پروري جي اجتماعي Vision آھن ۽ شاھھ ھنن کي رومانوي انداز سان چٽيو آھي. ڪنھن زماني ۾ فرانس جي مشھور اديب رومن رولان ۽ روس جي ڪنھن اديب جي پاڻ ۾ خط و ڪتابت ٿي ھئي. ٻنھي انھيءَ ڳالھھ تي زور ڏنو ھو تھ اديب کي گھرجي تھ ھو پنھنجي نئين نسل کي اعليٰ آدرش ڏي، اعليٰ ۽ آدرشي انسانن کي آدرش ڪري پيش ڪري ۽ قومي تاريخ ۾ آدرشي انسانن جو فقدان ھجي تھ نوان آدرش تخليق ڪري. شاھھ اسان کي تاريخ مان مثالي ڪردار ڳولھي آڻي ڏنا آھن. ڄام جادم جکري جو ڪردار ڪنھن الف ليلوي داستان جو ڪردار ٿو لڳي. جنھن جو لوڪ سطح تي تصور بھ ڏاڍو رومانوي آھي. لوڪ روايت آھي تھ جڏھن ابڙو شھيد ٿيو تھ علاؤالدين سک جو ساھھ کنيو جو ابڙي کان پوءِ ساڻس جنگ ڪرڻ وارو ڪو ڪونھ ھو ۽ ھاڻي ھو سومرين کي سولائيءَ سان حاصل ڪري سگھندو. ابڙيءَ سان جنگ ۾ ھن جي فوج جو کاڌي پيتي جو سامان بھ ختم ٿي ويو. پر اوچتو جادم جکري ساڻس جنگ ڪرڻ جو اعلان ڪيو. جنگ جي ان نئين اعلان ھن کي پريشان ڪري ڇڏيو. ھن جادم جکري کان مھلت گھري تھ جيئن ھو لشڪر جي کاڌ خوراڪ جو سامان گڏ ڪري سگھي. جادم جکري ھن جي لشڪر جي کاڌ خوراڪ جو زمون پاڻ تي کنيون ۽ پوءِ جيترا ڏينھن جنگ ھلي علاؤالدين جي لشڪر جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست جادم جکرو ڪندو رھيو. سارو ڏينھن جنگ ھلندي ھئي، ٻنھي ڌرين جا فوجي ھڪ ٻئي کي ماريندا ھئا. رات جو جادم جکرو ان ساڳي دشمن جي دعوت ڪندو ھو. لوڪ روايت مطابق ابڙي ۽ جادم جکري سان جنگ ۾ علاؤالدين وٽ رڳو اٺ سپاھي بچيا ۽ جادم جکرو وڙھندي شھيد ٿيو. ڪيڏو نھ رومانوي ڪردار! شاھھ ھن جي سخاکي ڳايو آھي:

ڪوه نھ جھارين جکرو، جنھن ڏيھھ ڍياڏيئي

جي لڏيا ٿي لنگھن ۾، شالن ۾ سيئي

سمي سڀيئي، طاماعو تار ڪيا.

--

پانڊپ سين نھ پاڙيان، سوين ٻيا سردار،

آھي مثل مينھن جي، سخي! تنھنجي سار

حاتم ھرده ھزار، جھڙ تنھنجي جھپيا.

--

ھٿان جادم جکري، وٿي پوءِ م وچ

آيو، آيا نچ، سمي وائي وات ۾.

رزميھ شاعريءَ جي مثالي رومانوي ڪردار ابڙو آھي جيڪو اھو ڄاڻندي بھ تھ ھو پنھنجي ٿوري لشڪر سان علاؤالدين جي ھيڏي وڏي لشڪر سان وڙھي نھ سگھندو، پناه ۾ آيل عورتن جي لڄ لاءِ جنگ جي باه ۾ ٽپي ٿو پوي. رزميھ شاعريءَ جي ھيرو وانگر ھن جي ڪردار نگاريءَ ۾ بھ مبالغي جو عنصر شامل آھي.

سرڻين جا سوٺا سھي، وسيلو ولھن،

لڏي ڪين، لطيف چئي، اڳيان لال لکن

جت ڪوڙين ڪين ڪڇن، ات پاٻوھي پڌرو

--

جو ڇليون پسي ڇڪوءَ تنھن واکاڻيون وک

لڏي ڪين لطيف چئي، لکن اڳيان لک،

پير نھ موڙي پنھنجو، تکي پئج تِک

سرڻين ڏي سک، ھڪل سين ھالار ڌڻي.

--

اروڙ جي اٿيو، ديمن وڌائين دانھن،

پاٻوھيو پير کڻي، سمون سرڻين ڏانھن.

مٿان مٿي ٻانھن، اڀو آڇي سلطان کي.

--

سنڌ جي انھن سامون جھلڻ ۽ سامن لاءِ سر ڏيڻ وارن سورمن ۽ ڏاتارن جي تاريخي ڪردارن جا ڳڻ ڳائي شاھھ پنھنجي ممدوح جا ڳڻ ڳائيا آھن ۽ پوءِ شاھھ جي ممدوح کي اسين جکري جي Persona ۾ ان وقت سڄاڻي ٿا وٺون جڏھن شاھھ چوي ٿو:

جکري جيھو جوان، ڏسان ڪونھ ڏيه ۾،

مھڙ مڙني مرسلين، سرس سندس شان،

فڪان قاب توسين او ادني، اِي ميسر ٿيس مڪان،

اِي اڳي جو احسان، جنھن ھادي ميڙيم ھھڙو.

--

 

بي انت بحر

 

شاھھ وحدت الوجودي صوفي ھو. ھن کي جر ٿر، وڻ ٽڻ مان منصور جي ان الحق جي صدا ٻڌڻ ۾ ٿي آئي ۽ لھرن جي لک لباس ۾ ھن ھڪڙو ڀاڻي ٿي پسيو. رسالي جي پھرين سر جي پھرين داستان ۾ ئي ھو خدا جي عظمت، وحدانيت واري مدحت، رسول ڪريم جي نعت کان پوءِ خدا جو وحدة الوجودي تصور ٿو پيش ڪري:

پاڻھين جل جلال، پاڻھين جان جمال،

پاڻھين صورت پرينءَ جي، پاڻھين حسن ڪمال،

پاڻھين پير مريد ٿئي، پاڻھيڻ پاڻ خيال،

سڀ سڀوئي حال، منجھان ئي معلوم ٿئي.

--

وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل

حق حقيقي ھيڪڙو، ٻولي ٻي رک

ھي ھلايو جو ھل، بالله سندو سڄڻين.

خدا جي اھڙي تصور کي سرائيت وارو نظريو چوندا آھن. دنيا جي مذھبن ۾ خدا جا ٻھ تصور آھن. ھڪ سرائيت ۽ ٻيو ماورائيت وارو تصور. Mg. Giffert ھڪڙي عالم Encyclopedia of Religion and Ethies واري پنھنجي ليک ۾ لکيو آھي تھ:

جديد دينيات ۾ سرائيت (Immenenea) لفظ ان مفھوم ۾ استعمال ٿيندو آھي تھ خدا ۽ ھن ڪائنات ۾ ظھور ٿيل آھي (يعني ھن ڪائنات جي ٻانھن ۾ خدا جاري ۽ ساري آھي) خدا جي ان تصور جي خلاف Trancdence ماورائيت وارو تصور آھي جنھن موجب خدا ڪائنات کان مٿاھون آھي. خدا جا اھي ٻئي تصور ھڪ ھنڌ بھ ٿي گھن ٿا تھ ھڪ ٻئي کان الڳ الڳ بھ ٿي سگھن ٿا.

Dr. Mechanze خدا جي مادرائيت واري تصور لاءِ چيو آھي تھ:

عام طرح مذھب خدا جو ذڪر عام ماڻھن جي ٻوليءَ ۾ ڪندا آھن. خدا کي انساني صفتن کان ماورا مڃيندي بھ خدا ڏانھن انساني صفتون جيئن انساني عضويٰ، چرپر، ارادو، تبديلي وغيره منسوب ڪندا آھن.

خدا جي اھڙي تصور کي فلسفي ۽ علم الانسان جي اصطلاح ۾ تشبيھي Anthropomosphic چوندا آھن يعني خدا کي پنھنجي شڪل صورت تي تصور ڪرڻ، امام فخر الدين رازيءَ جو چوڻ آھي تھ قرآن مجيد جو پيغام جيئن تھ ھر طبقي جي اعليٰ توڙي ادنيٰ ماڻھن تائين پھچائڻو ھو انڪري قرآن مجيد جو انداز عام ماڻھن کي سمجھائڻ وارو آھي. ان سلسلي ۾ حضور پاڪ جن جي حديث بھ ٻڌائي ويندي آھي تھ پاڻ سڳورن فرمايو تھ اسان نبين کي خدا جو حڪم آھي تھ اسان ماڻھن سان سندن سمجھھ مطابق ڳالھايون. اھوئي سبب آھي جو خدا کي سمجھڻ لاءِ خدا سان ڳالھائڻ ٻڌڻ جھڙيون انساني خصلتون منسوب ڪيون وينديون آھن.

عالمن جو چوڻ آھي تھ خدا جو مادرائيت وارو تصور بھ سامي نسلجي مذھبن يھوديت، عيسائيت ۽ اسلام جو اھي جڏھن تھ سرائيت وارو تصور سريائي ۽ آريائي نسل جي مذھبن جي پوئلڳن ھندن ۽ ديوتائين وغيره جو آھي. ٻنھي تصورن ۾ ھيٺيون فرق ٻڌايوويندو آھي.

مادراتي تصور:

١. خدا ڪائنات کي عدم مان وجود ۾ آندو.

سرائيت وارو تصور:

١. ڪائنات جي تخليق خد اجي تجلي سان ٿي.

٢. خدا قديم ۽ (غير مخلوق) ڪائنات حادث (مخلوق) آھي.

٣. خدا ۽ مادر ٻئي قديم آھن انھن ۾ روح ۽ مادي وارو تعلق آھي.

٤. مادرائي تصور وارا وحدة الوجود جا قائل اھن. سندن چوڻ آھي تھ انسان ڪيتري بھ ترقي ڪري ھو خدا جي ذات سان متحد ٿي نٿو سگھي.

٥. خدا الھام ۽ وحي وسيلي پنھنجن پيارن سان ھم ڪلام ٿيندو آھي ۽ فرشتن ذريعي کين پنھنجا احڪام موڪليندو آھي.

٦. بندو خدا سان سڌو سنئون تعلق پيدا ڪندو آھي. ھنن جي اکين ۽ دل تان جڏھن پردا ھٽي ويندا آھن تڏھن ھو خدا جي ذات ۾ فنا ٿي ھڪ ٿي ويندو آھي.

 

اسلام ۾ خدا جو مادريت وارو جو تصور آھي. اسلام ۾ خدا جي وحدانيت اھي پر وجود جي وحدانيت ڪانھي. صوفين خد اجي سرائيت واري تصور کي اسلام ۾ رائج ڪيو ۽ ائين وحدة الوجود ۽ ھمھ اوست جا نظريا اسلام ۾ داخل ٿيا. صوفين چيو تھ خدا جي ذات ڪائنات کان الڳ نھ آھي پر ڪائنات ۾ جاري ۽ ساري آھي. انسان جي روح جو ماخذ ۽ منبع خدا آھي. وجود جي وحدت حقيقي آھي. ڪثرت ۽ ٻيائي نظر جو فريب آھي. انسان جو روح پنھنجي مصدر ۾ وري جذبن ٿين لاءِ بيتاب ھوندو آھي. قاضي الله جو مقام سالڪ لاءِ آخري منزل آھي جيڪا ماڻي ھو ابدي نجات ماڻيندوآھي ۽ حق ۾ جذب ٿي حق ٿي ويندو آھي.

مسلمان عالمن ۾ فقيھن وحدة الوجود جي ان نظريي جي سخت مخالفت ڪئي ۽ ان جي پوئلڳن کي ڪافر ڪوٺيو. ابن عربي کي ڪافر قرار ڏنو ويو. منصور حلاج ۽ شيخ شھاب الدين سھروردي مقتول کي قتل ڪيو ويو.

اسلام ۾ جيتوڻيڪ خدا جو ماورائت واروتصور آھي پر امام غزالي خدا جي سرائيت واري تصور کي ماورائيت واري تصور جي خلاف نٿي سمجھيو. سندس چوڻ ھو تھ قرآن جو ھڪ ظاھر ۽ ھڪ باطن آھي ۽ انھن ٻنھي ۾ ڪو تضاد ڪونھي. ماڻھن کي سمجھائڻ لاءِ ضروري آھي تھ خد اجي صفتن کي انساني صفتن ۾ بيان ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ ڪيتريون ڳالھيون ماڻھن جي سمجھھ کان رھجي وينديون.

ڪيترن عالمن جو چوڻ آھي تھ اسلام ۾ خدا جا ماورائيت ۽ سرائيت وارا ٻئي تصور آھي. قرآن مجيد ۾ خدا کي آسمانن ۽ زمين جو نور سڏيو ويو آھي جنھن جي معنيٰ تھ خدا نور جي صورت ۾ ڪائنات ۾ جاري ۽ ساري آھي.

 

شاھھ جي ڪلام ۾ خدا جا ٻئي تصور ملن ٿا. سسئيءَ جي سرن ۾ سسئيءَ پنھنجو پاڻ ۾ ٻڏي پنھنجو پاڻ ۾ خدا کي ڳولھي لڌو. سر مومل راڻو ۾ مومل کي ھر طرف پرينءَ جو جلوو نظر آيو. سر آسا ۾ شاھھ ھمھ اوست نظريي جي تشريح ڪئي آھي. پر ڪن سرن ۾ شاھھ جو خدا جو تصور ماورائيت وارو آھي. ان پسمنظر ۾ اسين شاھھ جي سر سريراڳ تي نظر ٿا وجھون.

بندر جان پئي:

شاھھ جي ڪلام ۾ سمنڊ ٽن سرن ۾ نظر اچي ٿو. سر سريراڳ، سر سامونڊي ۽ سر گھاتو. ٽنھي سرن ۾ سمنڊ جو جدا تشخص، جدا منظرنامو ۽ جدا معنيٰ ۽ مفھوم آھي. سريراڳ م سمنڊ ڄڻ تھ جيئرو ڪردار آھي ۽ ٻيا سڀ ڪردار مانجھي، معلم، سوداگر، صراف، ناکڻا ۽ غواص ٿانوي ڪردار آھن. سر سامونڊي ۾ سمنڊ رڳو پسمنظر ۾ آھي ۽ پيش منظر ۾ وڻجارا آھن ۽ ھنن جي ھجر ۾ ٽڙپندڙ ۽ سندن موٽڻ لاءِ ڪانگ اڏائيندڙ وڻجاريون آھن. ايئن ئي سر گھاٽو ۾ بھ سمنڊ پسمنظر ۾ آھي ۽ گھاتو ۾ سندن ونيون پيشمنظر ۾ آھن.

سر سريراڳ جي شروعات صوفيءَ جي ان احساس گناھھ سان ٿي ٿئي جنھن جي باري ۾ مان ھن ڪتاب جي ان موضوع واري باب ۾ ذڪر ڪري آيو آھيان. شاھھ ھن سر جي ڪردار تون لاءِ انديشو ٿو ڏيکاري تھ متان پرينءَ تو کان پڇاڻو ڪري سو تون خيا رک، ماڻھو ڪيترا بھ چڱا ڪم ڪري پر تھ بھ جي خدا عدل ڪيو تھ ڇوٽڪارو ملي نھ سگھندو پر جي فضل ڪيائين تھ ڇوٽڪارو ملي ويندو.

مان پڇنئي سپرين، چِتان لاءِ م  چر

انين جا امر، کڻ تھ خالي نھ ٿئين.

--

ڪڇ ُ ڪمايوم ڪوڙ، ڀڳم عھد الله جا،

پڃرو جو پاپن جو، سو چوڻيءَ ٿانين چور،

معلوم اٿئي مور، ڳوڙھا! انھيءَ ڳالھھ جو.

--

جيڪي منجھھ جھان، سو تاريءَ تڳي تنھنجي،

لطف جي لطيف چئي، تو وٽ ڪمي ڪانھ،

عدل چٽان آئون نھ، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو.

 

اسين جڏھن سر جي منظرنامي جي ابتدا سمنڊ سان ٿي ٿئي جيڪو موت جي علامت آھي. زندگيءَ جو اھڃاڻ آھي ۽ موت کان پوءِ جو اسرار آھي. فطرت جي انڌي ۽ بيرحم قوتن جو مظھر آھي جن جي آڏو انسان اڪيلو بيٺو آھي، ڊنل ۽ حراسيل ۽ لامحدوديت ۽ ابديت جو عڪس Image آھي جنھن لاءِ بائرن چيو آھي:

اونداھو، لامحدود، بي انت، ابديت جو عڪس!

ان سمنڊ ۾ زندگيءَ جي ٻيڙي ترندي ٿي وڃي ۽ سمنڊ جي حالت اھا آھي جو:

وه تِک وھڪرا، جت لنگر نھ ٺھرن،

وڏاندريون وه سامھيون، جھجھي زور جنبين،

نيڊوءَ ۾ ناتاريون، وڻجارا وجھن،

ملان معلمن، مون ڳري سڻي ڳالھڙي.

--

لڙ، لھريون، لس ليٽ، جت انت نھ آب جو.

--

لھرين ليکو ناه ڪو، جِت ڪپر ڪن ڪارا،

آچاڙا عميق جا، اچن اوڀارا.

ھي سر شاھھ جي مذھبيت Religiosity جو سر آھي. ڪانٽ چيو آھي تھ انسان جو انساني وقار ان ۾ آھي تھ انسان جو ذھن ڊپ وارن خيالن کان مٿانھون ٿئي. شاھھ پھرين پڙھندڙ جي دل ۾ ان ھيبتناڪ سمنڊ جو خوف ٿو جاڳائي ۽ پوءِ ان خوف کي مذھبيت جي شڪل ٿو ڏئي.

ڪير جي ڪنن، عميق جي آڇاڙن، لکين لھرن، پرئين ڪپر جي ڪارونڀار مان ڪنھن معلم جي رھبري ۽ رھنمائيءَ سان ئي ٻيڙي پار پھچي سگھندي.

نيه نيکاري نت، ملاح! گڏ معلم سين

--

ري ھمراھي ھاديءَجي، مور نھ مڙي ماءِ

--

وڻجارا! ويٺي، تو نھ سرندي شاھھ ري

--

سيد! ساٿ سندوءِ، پر بندر پھچائيين

--

جن جي سيد لڄ کنئي، سي سڀ لنگھندا لڪيون.

علامتن ۾ ڳالھائيندي ڳالھائيندي پوءِ شاھھ سڌي سنئين پنھنجي عقيدي جي ڳالھھ ٿو ڪري:

م ڪي ھيجِ م ھوج، ترس م، تاڻ جھاز کي،

چوءَ ڪلمو محمد تي، تھ اڳيان اچيئي اوج،

سھکيءَ ڀتِ سٻوجھھ، تنھنجي مڪي ڍڪندي مڪڙي.

ھن سر جا سارا اشارا، ڪنايا ۽ علامتون ظاھريءَ طرح غير مذھبي آھن پر باطنيءَ طرح مذھبي آھن:

ويٺو تن تنيس، مک ڏيھائي مڪڙي،

سنباھي سيد چئي، سسئي نيڍءَ نيس

وٽائي وڏاندرا، لاڄو لڳائينس

آخر اھرائينس، تھ جوکو ٿئي نھ جھاز کي

--

وکر سو وھاءِ، جو پئي پراڻو نھ ٿئي،

ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿئي نھ ضاءِ،

سا ڪا ھڙ ھلاءِ، آڳه جنھن جي ابھين.

شاھھ ننڊ نھ ڪرڻ، ويسرو ٿي نھ ويھڻ ۽ جاڳڻ جي جيڪا ڳالھھ ٿو ڪري تھ ان جا اشارا بھ مذھبي آھن پر جيئن تھ ويسري نھ ويھڻ جي ڳالھھ شاھھ علامتن ۾ ڪئي آھي ان ڪري شاھھ جو ھي بيت پڙھڻ سان ايئن ٿو لڳي ڄڻ شاھھ سنڌ جي موجوده سياسي ۽ سماجي صورتحال جو نقشو چٽيو آھي:

بندر جان ڀئي، تھ سکاڻيا! م سمھو،

ڪپر ٿو ڪن ڪري، جئن ماٽيءَ منجھھ مھي،

ايڏو سور سھي، ننڊ نھ ڪجي ناکڻا!

پر ان کان اڳئين بيت ۾ پنھنجي عقيدي جي حوالي سان ناکڻن کي چئي ٿو:

ستاسڀ پئي، سندي معلم آسري،

ائين پڻ سمھو ناکڻا! بندر ناه ڀئي،

جن جي سيد لڄ کنئي، سي سڀ لنگھندا لڪيون.

ڪٿي ڪٿي تھ شاھھ سڀ ڪم سبحان جي حوالي ڪرڻ جي صلاح ٿو ڏي جو ايئن ڪرڻ سان حاج حاصل ٿي ٿئي.

سڀئي سبحان جي، ڪر حوالي ڪم،

ٿِي تحقيق تسليم ۾، لاھي غم وھم

قادر ساڻ ڪرم، حاصل ڪري حاج ٿو.

ھن ھيبتناڪ سمنڊ مان پار، اڪرڻ وارا اھي ھئاجن:

سيويو جن سبحان، وير نھ وڙھي تن سين،

توبه جي تاثير سين، تري ويا طوفان،

ڏيئي توڪل تڪيو، آر لنگھيا آسان،

ڪامل ڪشتيبان، و چ ۾ گڏين واھرو.

 

ھي ئي جوڀن ڏينھن:

سر سريراڳ جو locale سمنڊ آھي. سر سامونڊي جو locale سمنڊ جي بندرگاھھ آھي جتي وڻجارن جون وايون پيون ٻڌجن، ٻيڙيون پيون اچن وڃن، ٻيڙا پيا لنگر ھڻن ۽ کڻن. ڪي وڻجارا ٻيڙا ڪاھي ڏيسارون مان موٽيا آھن، ڪي پرديس پلاڻڻ جون ڳالھيون پيا ڪن، لاڄو بَند پيا وٽين، ٻيڙيون پيا مکين ۽ سڙھھ پيا سبين. ڪي سڙھھ ساڄا ڪري کوھا ٿا کڻن جو واءُ سواءُ لڳو آھي ۽ ھنن بيرقون کولي ڇڏيون آھن .....

ان بندر تي ئي وڻجارن جون ونيون بھ آھن. ڪي روئي ٿيون وڻجارن کي روڪين تھ ايڏي جاڙ نھ ڪر ۽ جوڀن ڏينھن ۾ پرديس نھ اسھھ. ڪي ونجھھ کي ور ُ وجھي وڻجاري کي الوڙڻ نھ ٿيون ڏين تھ رڳو اڄوڪي رات رھي وڃ. ڪي اڀي تڙ سمنڊ پيون پوڄين ۽ کٿوريءَ جا آکا پيون ڏين تھ سندن وڻجارا ور وري اچن جن کان وڇڙي ڄڻ تھ کين جڳن جا جڳ ٿي ويا آھن، ڪي جر ٿر ڏيا پيون ڏين ۽ وڻ ٽڻ وانئٽيون پيون ٻڌن:

جر تـــڙ ڏيا ڏي، وڻ ٽڻ ٻڌي وانئٽيون،

الا! ڪانڌ اچي، آسائتي آھيان.

--

جا جر جاٽون نھ ڏئي، ڏيا نھ موھي

سڌون ڪوه ڪري، سا پنھنجي ڪانڌ جون.

پتڻ تي پچار پئي پئي، وڻجاريون ور ور ڪري ڏيساورن مان آيل سامونڊين کان پيون پڇن آن ڪي سڙھھ ويندا گڏيا؟ ھڪڙي وني پنھنجي ور جا مھانڊا پئي ٻڌائي:

سنھي لڪ، نڪ سنئين ڪجل ڀنن نيڻ،

سامونڊي!مون سيڻ، ڪ تو ڪالھھ لنگھائيا.

شاھھ جو ھي سر وڻجارن جي ونين جي ھجر جي درد، وڇڙيل ور سان وري ملڻ جي خوشي ۽ سندس وري سفر تي اسڻ جي اڊڪي ۽ انديشي جو سر آھي ۽ شاھھ وڻجارين جي انھن ڪيفيتن کي جدا جدا ۽ نھايت ئي شاعراڻي پيراين ۾ بيان ڪيو آھي. منھنجي خيال ۾ سموري ڪلام ۾ رڳو سر پورب جي پھريون داستان ۽ سر سامونڊي ۾ شاھھ عورت جي احساسن، انديشن ۽ اڊڪن جي مابعد الطبعياي حوالن جي بدران سڌي سنئين انساني احساسن جي حوالي سان تشريح ڪئي آھي. مثال ھنن بيتن ۾ عورت پنھنجن جن احساسن جو اظھار ٿي ڪري اھي نج نسواني آھن ۽ نسواني لھجي ۽ انداز ۾ بيان ڪيل آھن:

وڃيئي وسري شال، تو جو سودو سکيو،

اڃا آئين ڪال، پڻ تو سفر سنبھين.

--

ڳريو جھليو روءِ، مٿي مھري ھٿڙا،

کوءِ سودو سندوءِ، جو تو ڍوليا سکيو.

--

آيل! ڍولي ساڻ، اچي تھ جھيڙيان،

لايء ڏينھن گھڻا، مون سين ڪيءِ ٿورڙا.

--

جي تون وڻجارو ڪانڌ، مون ھڏ م لائون لڌيون،

پر ڏيه مٿي سانگ، اٺئي پھر جنھن ڪيو.

--

وڻجاري جي ماءِ! وڻجار نھ پلئين،

آيو ٻارنھين ماه، پڻ ٿو سفر سنبھي.

ھجر جي انديشي ۽ اڊڪي کان پوءِ وڻجاريءَ جي ھجر جي ڪيفيت جا بيت شروع ٿا ٿين. بندر تي ۽ بازارين ۾ ھاڻي بھ وڻجارن جي گھماگھمي، ھل چل ۽ چوٻول آھي پر وڻجاريءَ جو وڻجارو لنگر، ناڙيون ۽ پڳه کڻي روانو ٿي ويو آھي، ان ڪري:

بندر بازاريون، سچا سامونڊين ري.

--

وني جڏھن سياري ۾ سرتين کي پنھنجن ورن سان ڏسي ٿي تھ سندس تن مان سيسراٽ ٿا نڪرن ۽ شوڪارا ٿي ڀري:

اسان اڌارا، آڻي اونگ چاڙھيا،

منھن ڏيئي مون آئيا، سمھان سيارا،

اڀرن سيڪارا، پسيو ور ٻين جا.

--

نھ سي تڙ ھوڙاڪ، نھ وايون وڻجارن جون،

سرتيون! سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ،

مارينم فراق، پاڙيچيون! پرينءَ جا.

وڇوڙي جا ڏينھن جوڀن جا ڏينھن آھن جن ۾ امنگ آرس ٿا ڀڃن ۽ پرين پرديس پيو وڃي:

سئي جوڀن ڏينھن، جڏھن سڄڻ سفر ھليا،

رئان رھن نھ سپرين، آيل! ڪرپان ڪئين،

مون کي چاڙھي چيئن، ويو وڻجارو اوھري.

موسم بدلجي ٿي ۽ موسم سان گڏ محبوب جي طلب جي نوعيت بھ بدلجي ٿي. اڳ وڻجاريءَ پرين سان روح رچنديون ڪرڻ جي ڳالھھ ٿي ڪئي:

جيڪر اچي ھاڻ، تھ ڪريان روح رچنديون،

آيل! ڍولئي ساڻ، ھوندڳر لڳي ڳالھيون ڪريان.

ھاڻي سيء جي موسم آئي آھي ۽ ونيءَ جي تن ۾ ور جي تن جي تپش جي طلب جاڳي آھي:

ڍولو ويڙو ڏور، تي ٿي سيءَ گذاريان،

مادر! مون م چور، نات پدر پوندي پرينءَ ري.

ھاڻي ڦوٽھڙي جي مند آئي آھي، اتر ٿا لڳن، سر ٿا نسرن ۽ ڳاڙھا گل جھليندڙ لوھيڙا ئا ڳپن، ونيءَ جي اندر ۾ بھ اتر لڳا آھن ۽ ڦوٽھڙو ٿيو آھي:

سر نريا پاند، اتر لڳا، آءَ پرين!

مون تو ڪارڻ ڪانڌ! سھسين سکائون ڪيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com