سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:شاهه جي غم جو فلسفو

 

صفحو :7

حصو ٻيو

 

سورٺ راءِ ڏياچ: مقدر جو ڊرامون

 

سورٺ ۽ راءِ ڏياچ وارو لوڪ داستان پڙھندي مون کي ائين لڳندو آھي ڄڻ مان ڪو يوناني الميھ ڊرامو پيو پڙھان، جنھن ۾ ڊرامي جا ڪردار پنھنجي مقدر جي فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ٿا ڪن ۽ مقدر سان ٽڪرائجڻ لاءِ تيار ٿا ٿين ۽ مقدر جي فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪندي ان کان بچڻ لاءِ ھو جيڪي بھ اپاءُ ٿا وٺن، جيڪي بھ قدم ٿا کئن ۽ جيڪي بھ ڪوششون ٿا ڪن انھن سان سندن مقدر جو فيصلو ٽري تھ نٿو پر سندن ڪوششن ۽ اپائن سان پاڻ اھو پورو ٿو ٿئي. اھو ئي انسان جو الميو ۽ عظمت آھي تھ ھو مقدر سان ٽڪرائجي ٿو ۽ ڀڄي ڀورا ٿو ٿئي پر مات نٿو مڃي.

الميھ ڊرامي جو ھيرو ھميشھ ڪو عظيم انسان ھوندو آھي، جيئن ڪو سٺو ۽ نيڪ طاقتور بادشاھھ، ڪو وڏو بھادر سپھھ سالار، ڪو غير معمولي انسان جنھن ۾ وڏا ڳڻ ھوندا آھن ۽ ھر لحاظ کان ھو عام ماڻھن کان مٿانھون ھوندو آھي پر انھن ڳڻن ۽ چڱائن ھوندي بھ ھن جو ڏاڍو المناڪ زوال ۽ انجام ٿيندو آھي. الميھ ڊرامي جي ھيرو لاءِ چوندا آھن تھ ھن جو زوال خارجي قوتن جي ڪري نھ پر ھن جي پنھنجي اندر جي قوتن ۽ پنھنجي ڪنھن غلطيءَ جي ڪري ٿيندو آھي. ھو ڪا غلطي ڪندو آھي جيڪا اخلاقي غلطي نھ ھوندي آھي پر اھڙي غلطي ھوندي آھي جو ھو حالتن جي صحيح اندازو لڳائي نھ سگھندو آھي، يا جيڪي فيصلا ڪندو آھي انھن جي نتيجن جي صحيح ڪٿ ڪري نھ سگھندو آھي. ڏياچ بھ ڪنھن عظيم الميھ ڊرامي جي ھيرو جھڙو آھي. ھن ۾ الميھ ڊرامي جي ھيرو وارا سڀ ڳڻ آھن. ھو ايڏو تھ بھادر آھي جو انيراءِ کيس شڪست ڏيئي نھ سگھيو، ايڏو تھ سخي آھي جو ھو پنھنجو سر بھ دان ۾ ڏيئي ٿو ڇڏي، وعدي جو ايڏو پڪو جو سر جو سانگو لاھي بھ پنھنجو وعدو پورو ٿو ڪري. ھو بھ الميھ ڊرامي جي ھيرو وانگر صورتحال جي ڪٿ ڪري نٿو سگھي. ٻيجل کي وچن ڏيڻ کان اڳ اندازو لڳائي نٿو سگھي تھ ٻيجل کيس سندس وچن ۾ وڪوڙي سگھي ٿو ۽ اھڙيءَ طرح ھو پاڻ ئي پنھنجي موت جو سبب ٿو بڻجي.

سترھين صديءَ جي اوائل جي ھڪڙي الميھ نگار Cyral Tourneur الميھ ڊرامي جي باري ۾ چيو آھي تھ الميھ ڊرامون تڏھن اعليٰ بڻبو آھي، جڏھن ڪنھن خراب ماڻھوءَ جو رت وھندو آھي. ھن جي خيال ۾ الميھ ھيرو اھو آھي جيڪو ڪا برائي ڪري ۽ جنھن جي نتيجي ۾ کيس ڀوڳڻو پوي ۽ سور سھڻا پون ۽ نيٺ سندس زوال ٿئي. اھڙيءَ طرح قدرت ھن کي ھن جي خراب عملن جو نتيجو ڏيئي انصاف ڪندي آھي. Cyral جي ڳالھھ صحيح نھ آھي ڇاڪاڻ جو جڏھن ڪو ماڻھو خراب آھي ۽ قدرت کيس سندس اعمالن جي سزا ڏيئي انصاف ٿي ڪري تھ قدرت جي اھڙي انصاف سان ان خراب ماڻھوءَ کي ڀوڳيندو ڏسي ماڻھن کي ڏک جي بدران خوشي ٿيندي. ڏک تڏھن ٿيندو جڏھن قدرت ڪنھن چڱي ماڻھو کي ھن جي نيڪ نيتيءَ سان ڪيل ڪنھن غلطيءَ جي ڪري کيس سزا ٿي ڏئي ۽ کيس سور سھڻا ٿا پون. ان جو مثال يونان جي مشھور الميھ ڊراما نويس Sophocles جو ڊرامون Oedipus rex جو ھيرو اوڊيپس آھي. ھو ڪنھن بھ لحاظ کان خراب ماڻھو نھ آھي. ھن ۾ عظيم انسان وارا سڀئي ڳڻ آھن.  ھن کان بنھھ بيخياليءَ ۽ اڻ ڄاڻائي ۾ اھڙو گناھھ ٿو ٿئي، جنھن جي تصور سان ئي لونءَ ڪانڊارجي ٿي وڃي. ھن ھڪري بادشاھھ کي قتل ڪيو ۽ بادشاھھ جي راڻيءَ سان شادي ڪئي. ھن کي خبر ئي ڪانھ ھئي تھ جنھن بادشاھھ کي ھو قتل پيو ڪري اھو ھن جو پنھنجو پيءُ آھي ۽ جنھن راڻيءَ سان شادي پيو ڪري سا سندس پنھنجي ماءُ آھي. اھڙيءَ طرح ھن ان ڪک، ۾ ٻج پوکيو جنھن مان ھو پاڻ ڦٽو ھو. اھو بيشڪ عظيم گناھھ آھي پر اھو گناھھ ھن ڄاڻي واڻي تھ ڪونھ ڪيو ھو جو ان گناھھ جي کيس سزا ملي. اھو گناھھ ھن کان ديوتائن ڪرايو ھو ۽ ان جا گنھگار ديوتا ھئا.

سترھين صديءَ جي ھڪڙي الميھ ڊراما نگار Anouith پنھنجي ڊرامي Antigony ۾ ڊرامي جي ڪورس جي واتان الميھ ڊرامي بابت چورايو آھي تھ الميھ ڊرامي ۾ گھڻي ڀاڱي مايوسي ھوندي آھي ۽ ڊرامي جو ھر واقعو اڻ ٽر ھوندو آھي. ھر ڳالھھ واضح ھوندي آھي ۽ ان ڳالھھ جو ذري جيترو بھ امڪان ڪونھ ھوندو آھي تھ اھو واقعو ٽري ويندو ۽ ڊرامو ڏسڻ وارو اميد جي فريب ۾ نھ ايندو آھي. سورٺ راءِ ڏياچ ڪھاڻيءَ ۾ بھ ڪا ڳالھھ لڪل ۽ اڻ چٽي ڪانھي. ڏياچ جي انجام جي اسان سڀني کي خبر آھي پر پوءِ بھ اسين اميد جي دوکي ۾ اچي ٿا وڃون ۽ اميد ٿا ڪيون تھ ٻيجل جي ڄمڻ وقت نجوميءَ جيڪا اڳڪٿي ڪئي ھئي تھ ٻيجل وڏو ٿي ڏياچ جو ڪنڌ ڪپيندو اھا اڳڪٿي شايد غلط ثابت ٿئي ۽ ڏياچ بچي وڃي. نجوميءَ مقدر جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. پر ڪھاڻيءَ جو ھڪڙو ڪردار، ٻيجل جي ماءُ، مقدر جي ان فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ٿو ڪري، تقدير جي لکئي کي ٽارڻ لاءِ تدبير ٿي ڪري پر ھوءَ جيڪا بھ تدبير ٿي ڪري اھا تقدير جي لکئي کي پورو ڪرڻ ۾ مددگار ٿي ثابت ٿئي. ٻيجل جيئن ئي پئدا ٿيو تھ سندس ماءُ کيس درياه ۾ اڇلائي ڇڏيو ۽ سمجھيائين تھ سندس ٻار جي مرڻ سان تقدير جو لکيو پورو نھ ٿيندو پر تقدير جي لکئي کي پورو ٿيڻو ھو ان ڪري ٻار بچي ٿو وڃي.

Anouith، جنھن جو مان مٿي حوالو ڏيئي آيو آھيان، الميھ ڊرامي جي ھيرو ۽ ولئن جي باري ۾ رايو ڏيندي چيو آھي تھ الميھ ڊرامي جي ڪردارن ۾ ھڪ ٻئي لاءِ ڀائپيءَ وارا جذبا ھوندا آھن. ڊرامي ۾ جيڪو قتل ڪندو آھي اھو ايترو ئي معصوم ھوندو آھي جيترو قتل ٿيڻ وارو. ھن ڊرامي جي ڪھاڻيءَ ۾ بھ جيتوڻيڪ ٻيجل ڏياچ جو سر ٿو وڍي پر تنھن ھوندي بھ ھو ڏياچ جھڙو ئي بي ڏوھي آھي. اصل قاتل انيراءِ آھي.  پر ان ھوندي بھ ٻيجل ڏياچ جي قتل جي ڏوھھ کان آجو ٿي نٿو سگھي. ھن قتل ڪيو آھي ۽ انصاف جي اھا ئي تقاضا آھي تھ ان جي ھن کي سزا ملڻ گھرجي جيڪا ھن کي ملي ٿي ۽ ڪھاڻيءَ جي آخر ۾ ھو باھھ ۾ ٽپو ڏيئي پاڻ ٿو ساڙي. ھن جي زال بھ ھن جي ان ڏوھھ ۾ ھن سان شامل آھي. ھن کي بھ سزا ٿي ملي ۽ ھوءَ بھ باھھ ۾ ٽپو ڏيئي پاڻ ٿي ساڙي ۽ اھڙي طرح ڏياچ جي سر وڍڻ جي ڪري ھنن ٻنھي ڪردارن لاءِ پڙھندڙ جي دل ۾ جيڪا ڪاوڙ پئدا ٿي ھئي اھا ختم ٿي ٿي وڃي.

 

ھن ڪھاڻيءَ جي انجام جي باري ۾ آخر تائين غير يقينيءَ واري حالت ٿي رھي. شروع کان وٺي آخر تائين پڙھندڙ کي اھا ھورا کورا ٿي رھي تھ الائجي نجوميءَ جي اڳڪٿي پوري ٿيندي يا نھ ٿيندي. ڊرامي جا ڪردار ان ڄاڻائي ۾ ٿا رھن پر پڙھندڙ ھر صورتحال کان باخبر ٿو رھي. انيراءِ کي خبر ڪانھي تھ سورٺ، جنھن کي ھو رتڻي جي ڌيءَ سمجھي ساڻس شادي ڪرڻ ٿو گھري سا ھن جي پنھنجي ڌيءَ آھي، پر پڙھڻ واري کي خبر آھي. پڙھندڙ جو انديشو تڏھن ختم ٿو ٿئي جڏھن ڏياچ سورٺ سان شادي ٿو ڪري ۽ پيءُ جي ڌيءُ سان شادي ڪرڻ وارو واقعو ٽري ٿو وڃي.

ڏياچ جي ڀيڻ کي خبر نھ آھي تھ ھن جو پٽ، جنھن کي ھن درياھھ ۾ ڦٽو ڪرايو ھو، سو بچي ويو آھي ۽ وڏو موسيقار آھي ۽ نجوميءَ جي اڳڪٿي پوري ڪرڻ آيو آھي.

ڏياچ کي خبر ڪانھي تھ جنھن چارڻ جي چنگ ھن جو چت چريو ڪيو آھي ۽ جيڪو ھن کان ھن جي سر جو دان ٿو گھري اھو ھن جو پنھنجو ڀاڻيجو آھي ۽ ٻيجل کي بھ خبر ڪانھي تھ جنھن ڏاتار جو ھو ڪنڌ ڪپڻ آيو آھي اھو ھن جو پنھنجو مامو آھي جڏھن تھ پڙھڻ وارن کي سڀ خبر آھي.

مون جڏھن سوفو ڪليس جو اوڊيپس ڊرامو پڙھيو ھو تھ ان ڊرامي ۽ سورٺ راءِ ڏياچ لوڪ ڪھاڻيءَ جي واقعن ۾ ھڪ جھڙائي ڏسي ڏاڍي حيرت ٿي ھيم. اوڊيپس ڊرامي ۾ Appolo ديوتا اڳڪٿي ٿو ڪري تھ Thebes جي بادشاھھ Laios جو پٽ پنھنجي پيءُ کي قتل ڪندو. لوڪ ڪھاڻيءَ ۾ بھ نجومي اڳڪٿي ٿو ڪري تھ ٻيجل پنھنجي مامي ڏياچ جو سر وڍيندو.

* ٿيبز جي بادساھھ کي پٽ ڄاؤ تھ ھن ٻار جا پير چيرايا ۽ ھڪڙي چارڻ کي ڏنائين تھ کيس جبل ۾ ڪنھن اھڙي ھنڌ اڇلي اچ جتي جابلو جانور کيس کائي ڇڏن، ٻيجل ڄائو تھ ماڻس کيس نوڪرن کي ڏنو تھ ھن کي درياھھ ۾ لوڙھي اچو.

* اوڊيپس ڄائو تھ اڃا سندس نالو نھ رکيو ويو ھو ۽ جيئن تھ ھن جا پير چيريل ھئا ان ڪري ھن تي اوڊيپس يعني چيريل پيرن وارو، نالو رکيو ويو. ٻيجل تي بھ اڃا نالو نھ رکيو ويو ھو جو کيس درياھھ ۾ اڇلايو ويو، ھو پاڻيءَ مان مليو ھو ان ڪري چارڻ جنھن ھن کي پاليو کيس ٻيجل سڏڻ لڳو.

* ٻنھي کي ننڍي لاءِ مارڻ جو حڪم ڏنو ويو ھو پر ٻنھي تي نوڪرن کي رحم آيو ۽ ٻئي بچي ويا.

* ٻنھي کي چارڻن پاليو جن کي پنھنجو اولاد نھ ھو.

* ٻنھي جي مائن کي پڪ ھئي تھ جيئن تھ ھنن جا ٻار مري ويا آھن ان ڪري ھاڻي اڳڪٿي پوري ٿي نھ سگھندي. اوڊيپس جي ماءُ locaste اپولو جي اڳڪٿيءَ تي ٺٺولي ڪندي چئي ٿي:

۽ اھڙي طرح اپولو پٽ ھٿان پيءُ کي مارائي نھ سگھيو اھا اليئوس بادشاھھ جي قسمت ھئي تھ ھو پنھنجي پٽ ھٿان نھ مري جنھن جو کيس ڊپ ھو

اڳڪٿيون ڪرڻ وارن ۽ سندن اڳڪٿين جي حيثيت اجھا اھا آھي.

ھن جي ان ڳالھھ تي اپولو ديوتا مرڪيو ٿي جو ھن کي خبر ھئي تھ ٻار مئو نھ آھي ۽ ھو وڏو ٿي پنھنجي پيءُ کي قتل ڪندو.

Arthur Millers چيو آھي تھ الميھ ڊرامي جو ھيرو اسان کان گھڻو ڪجھھ گھرندو آھي ۽ الميھ ڊرامو ڏسڻ کان پوءِ مايوسيءَ جي بدران اسان کي عجيب طرح جي فتحيابيءَ جو احساس ٿيندو آھي تھ اسان انساني عظمت جو ھڪ نئون رخ ڏٺو.

آرٿرملر جو اھو رايو شايدجوليئس سيزر، مئڪبيٿ، ھيمليٽ جھڙن الميھ ھيروز سان نھ ٺھڪندو ھجي پر ڏياچ جھڙي الميھ ڪردار سان پوريءَ طرح ٺھڪي ٿو اچي. ھو پنھنجن آدرشن مطابق زندھھ رھيو ۽ ھن جي ڪھاڻي پڙھي اسان کي واقعي محسوس ٿو ٿئي تھ اسان انسان جي عظمت ڏٺي.

 

صوفيءَ جو عورت وارو روپ ۽ سندس احساس گناھھ

 

گھڻو ڪري دنيا جي سڀني وڏين توڙي ننڍين ٻولين جي شاعريءَ ۾ مرد عاشق ۽ عورت محبوب ھوندي آھي، پر ڪن ڪن ٻولين ۾ اھڙي شاعريءِ جا مثال بھ آھن جن ۾ عورت ئي عاشق ۽ عورت ئي محبوب آھي. اھڙي شاعريءَ جو وڏو مثال يونان جي قبل از مسيح دور جي شاعره سيفو جي شاعري آھي جنھن پنھنجي محبوب عورتن لاءِ عشقيھ گيت لکيا ۽ جيڪي اڄ بھ دنيا جي اعليٰ عشقيھ شاعريءَ ۾ ليکيا وڃن ٿا. افلاطون ھن جي باري ۾ چيو ھو تھ:

ڪي سمجھن ٿا تھ فن جون نو ديويون آھن. ائين چوڻ وارا ڪيڏا نھ اڻ ڄاڻ آھن. ھنن کي گھرجي تھ ھو ليزباس جي سيفو کي ڏسن جيڪا ڏھين ديوي آھي.

دنيا جي شاعراڻي روايت جي ابتڙ ايران ۾ وري مرد عاشق ۽ مرد ئي محبوب آھي. ان جو سبب ھم جنس پرستي نھ آھي پر خدا جو مذڪر ھجڻ آھي. جنھن جي ڪري فارسي شاعريءَ ۾ حقيقي ۽ مجازي محبوب مرد ھوندو آھي. اسان جي ھن ننڍي کنڊ ۾ وري عورت عاشق ۽ مرد محبوب آھي. عورت ئي پنھنجي محبوب جي ھجر ۾ آھون ڀريندي، ڪانگ اڏائيندي، باسون باسيندي ۽ کيس ڳولھيندي آھي. ھندي شاعري تھ گھڻي ڀاڱي اھي ئي عورت جي عشق جي شاعري، راڌا ڪرشن ئي عاسق ھئي ۽ ھندي شاعرن راڌا جي روپ ۾ پنھنجي پنھنجي ڪرشن سان عشق ڪيو آھي. سنڌيءَ جي مسلمان صوفي شاعرن بھ ھندي شاعريءَ جي ان روايت کي قائم رکي ۽ عورت بڻجي پنھنجي محبوب سان عشق ڪيو. گجرات جي مشھور صوفي شاعر حضرت محمود دريائي عورت جي روپ ۾ پنھنجي پير جي آجيان ٿو ڪري:

نينن ڪاجل، مک تيولا، ناڪ موتي، گل ھار

سيس نواؤن، نيھا پاؤن، اپني پير ڪرون جھار

(اکين ۾ ڪجل وجھان، منھن تي تِر ٺاھيان، نڪ ۾ موتي ڳچيءَ ۾ ھار پايان

ڪنڌ جھڪايان تھ پيار ملي ۽ پنھنجي پِير جي آجيان ڪيان)

ان ساڳئي شاعر جو الله جي وحدانيت جي لاءِ شعر آھي تھ:

ڪاجل ڊارون ڪر ڪرا، سر ما سھيونھ جاءِ،

جن نينن ۾ پي بسي، دوجا اور نھ سماءِ.

(ڪامل وجھان ٿي تھ چڀي ٿو، سرمون سھي نٿي سگھان

جن نيڻن ۾ پرين ٿو رھي انھن نيڻن ۾ ٻئي ڪنھن جي جاءِ ڪانھي)

حضرت محمد جونپوري، جنھن جو سنڌ تي وڏو اثر رھيو آھي، ۽ سنڌ جو مشھور ھيرو، دولھھ درياھھ خان بھ سندس پوئلڳ ٿي ويو ھو، ڪلھوڙا بھ سندس مريد ھئا، ان جو دوھو آھي تھ:

ھون بلھاري سجنان، ھون بلھار

ھون سر سجن سھرا، ساجن مجھھ گل ھار

(مان پنھنجي سجن تان قربان ٿيان

مان سجن جي مٿي جو سھرو آھيان ۽ سجن منھنجي ڳچيءَ جو ھار آھي)

حضرت  شيخ عبدالقدوس گنگوھيءَ پنھنجو تخلص الک داس رکيو ھو. ھن جو ھڪڙو دوھو آھي تھ:

جڌر ديکون ھي سکي! ديکون ھور نھ ڪوئي

ديکا بوجھھ وچار ۾، بسين آپي سوئي

(اي سرتي، مان جيڏانھن نھاريان ٿي ٻئي ڪنھن کي نھ ڏسان

مون پنھنجي سمجھھ ۾ سوچ ۾ ۽ ھر ھنڌ کيس ئي ڏٺو)

سنڌي شاعرن بھ عورت جي زبانيءَ پنھنجن احساسن، پنھنجي مجازي عشق ۽ روحانيت جو اظھار ڪيو آھي جنھن جو بھ وڏو مثال شاھھ جي شاعري آھي. مشھور روايت آھي تھ جڏھن سندس اندر ۾ عشق آرس ڀڳا تھ ھو پنھنجو پاڻ کي بھ وساري ويٺو ايستائين جو ھڪ ھنڌ ويٺي ويٺي واريءَ سان سندس لڱ ڍڪجي ويا. سندس والد حبيب شاھھ ھن کي ان حالت ۾ ڏسي چيو:

لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي

تنھن جي جواب ۾ شاھھ پنھنجي ڪيفيت عورت جي زبانيءَ بيان ڪئي:

پئي کڻي پساھھ، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي،

سوال آھي تھ آخر ڇو ھندي ۽ سنڌيءَ جي شاعرن عورت بڻجي پنھنجي احساسن جو اظھار ڪيو آھي ۽ ان جا ڪھڙا سماجي ۽ مذھبي سبب آھن. مذھبي سبب اھو آھي تھ ھندو ڌرم جيتوڻيڪ ديويون بھ آھن پر برھما، وشنو ۽ شو ديوتا مذڪر آھن ۽ شاعرن، انھن جي عورت عاشق بڻجي، پنھنجي عقيدت ۽ عشق جو اظھار ڪيو آھي. سماجي سبب اھو آھي تھ جنھن دور ۾ اھا شاعري ڪئي ويندي ھئي اھو جاگيراڻو دور ھو. عورت مرد جي ملڪيت ھئي، ھو ھن جي ائين حفاظت ڪندو ھو، جيئن ھو پنھنجي چوپائي مال، جائيداد، ملڪيت ۽ ٻني ٻاري جي حفاظت ڪندو ھو. سنڌيءَ ۾ اڄ بھ چوڻي آھي تھ مرد زر، زمين ۽ زن لاءِ مرندا آھن يا مڙس ٻني ۽ ونيءَ تي سر ڏيندا اھن. ٻنھي چوڻين مان خبر پوي ٿي تھ عورت جي حيثيت ٻنيءَ واري ھئي. قبائلي قانون موجب، مڙس سان بي وفائي ڪرڻ واري عورت واجب القتل ھئي. اھو قبائلي قانون اڄ بھ ڪاروڪاريءَ جي خوفناڪ رسم جي صورت ۾ سنڌي سماج ۾ موجود آھي. عورت جي وفاداري غير مشروط ھئي. مڙس ڪھڙو بھ ھجي زال کي ساڻس وفادار رھڻو آھي ۽ ساڻس محبت ڪرڻي آھي. قديم دور جي سماجي سائنس جي ھڪڙي ڪتاب ارٿ شاستر ۾ لکيل آھي تھ:

مرد بيشڪ تھ جھنگلي ۽ عياش ھجي،

ھن ۾ ڪي بھ چڱايون نھ ھجن،

پر بااخلاق عورت جو فرض آھي تھ

ھوءَ کيس ديوتا سمجھي سندس پوڄا ڪري.

عورت ۾ اھڙي غلاماڻي ذھنيت پيدا ڪرڻ لاءِ ھٿرادو ڪھاڻيون گھڙيون ويون. اھڙين ڪھاڻين مان ھڪڙي مشھور ڪھاڻي آھي تھ ھڪڙي زال باھھ جي ڀرسان ويٺي ھئي. ھن جو مڙس ھن جي ڪڇ ۾ مٿو رکي ستو پيو ھو ۽ سندس ٻار ڀرسان راند ٿي کيڏي، راند کيڏندي ٻار باھھ ڏانھن وڌڻ لڳو. ماءُ کيس روڪڻ گھريو پر روڪي نھ ٿي سگھي جو آواز ڪڍڻ يا چرپر ڪرڻ سان سندس مڙس جاڳي ٿي پيو. ٻار جڏھن وڌيڪ باھھ جي ويجھو ويو ۽ ماڳھين باھھ ۾ وڃي ٿي پيو تڏھن ھن جي مامتا بي تاب ٿي ٻار کي بچائڻ لاءِ اگني ديويءَ کي ٻاڏايو. اگني ديوي ھن جي پنھنجي مڙس سان ايڏي وفاداري ڏسي ڏاڍي متاثر ٿي. انھيءَ وچ ۾ ٻار وڃي باھھ ۾ پيو ۽ ماءُ ڏٺو تھ ٻار باھھ جي الن جي وچ ۾ ويھي راند ٿو کيڏي. ٻار تيستائين الن ۾ راند کيڏندو رھيو جيستائين سندس مڙس ننڊ مان نھ اٿيو..... اھڙين مذھبي ڪھاڻين ۽ پتي (معنيٰ مالڪ) ورتا جي مذھبي تصور زال جي دل ۾ مڙس لاءِ غلاماڻي وفاداري پئدا ڪئي، ايستائين جو مڙس جي مرڻ کان پوءِ زال کي چکيا تي چڙھڻو پوندو ھو. اھا عورت جي سماجي مجبوري ھئي. پر شاعرن ھن جي ان سماجي مجبوريءَ کي مڙس سان انڌي وفاداري ۽ محبت جو رنگ ڏنو، ھڪڙي شاعر چيو:

نينھا سگا، سوئي سگا، اور سگا نھ ڪوءِ،

مان بيٺي تريا جلي، اِچرج سب ڪو ھوءِ،

(نينھن جو ناتو ئي سڳو ناتو آھي ۽ نينھن کان سواءِ ٻيو ڪو ناتو سڳو نھ آھي

ماءُ ويٺي آھي ۽ پرائي عورت پئي سڙي، اھو ڏسي سڀ اچرج ۾ آھن)

مسلمان شاعر ٽھ زال جي ھھڙي وفاداري کي ڏسي حيران ٿي ويا. خسرو چيو:

خسرو، در عاشقي، ڪمتر ز ھندو زن م باش،

سو ختن بر شمع ڪشتھ، ڪار ھر پروانھ نيست،

(اي خسرو، عاشقيءَ ۾ ھندو عورت کان گھٽ نھ ٿي،

وساڻيل شمع تي پاڻ ساڙڻ ھر پرواني جو ڪم نھ آھي)

مڙس زال سان پيار ۽ سندس عزت ڪندو ھو، پنھنجي ڪمائيءَ آھر ھن جون ضرورتون پوريون ڪندو ۽ ھن کي سھولتون ڏيندو ۽ کيس سٺا ڪپڙا ۽ زيور وٺي ڏيندو ھو. ننھن جي حيثيت ۾ گھر ڌياڻي ۽ ماءُ جي حيثيت ۾ کيس ديوي مڃيو ويندو ھو. زال جي حيثيت ۾ ھن جي وفاداريءَ جو مثال نھ ھو. انھن سڀني ڳڻن ۽ چڱائين ھوندي بھ ھن کي بي وفا، دوکي باز، جھيڙاگر، فتني باز، ڪنن جي ڪچي ۽ جلدي ھرکي پوڻ واري سمجھيو ويندو ھو. اھا عورت ھئي جيڪا شيطان جي برغلائڻ ۾ آئي ۽ آدم کي جنت مان نيڪالي ڏياريائين. ھندن جي مذھبي ڪتابن ۾ بھ آدم ۽ حوا جھڙي ڪھاڻي آھي. شو ديوتا آسمان مان انجير جو وڻ ھيٺ اڇلايو ۽ عورت کي چيائين تھ مرد کي ان جو ميوو کائڻ لاءِ ھرکاءِ جوان جي کائڻ سان ھو امر ٿي ويندا ۽ موت کين ماري نھ سگھندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com