سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:شاهه جو غم جو فلسفو

 

صفحو :11

سر ۾ جيتوڻيڪ اصل قصي وارا واقعا وڏي تمثيل سان بيان ڪيل آھن پر تنھن ھوندي بھ پڙھڻ وارو انھن تفصيلن ۾ لڪل تمثيلي معنيٰ سمجھي وڃي ٿو. ڪن نقادن اھڙيءَ تمثيل کي China lamp جھڙو سڏيو آھي جيڪا جڏھن ٻريل نھ ھوندي آھي تھ ان تي لنڊن جو نقشو نظر ايندو اھي پر جڏھن ٻريل ھوندي آھي تڏھن لنڊن ۾ جيڪا باھھ لڳي ھئي ۽ جنھن ۾ ذري گھٽ سارو شھر سڙي ويو ھو، اھا باھھ بھ نظر ايندي آھي. ھن سر جي تمثيل ۽ علامتن جي جدا جدا ماڻھن جدا جدا معنيٰ ڪڍي آھي. ڪن ان کي انسان جي اندر جي ان جنگ جي علامت سڏيو آھي. جيڪا نيڪي ۽ بديءَ جي انساني قوتن ۾ لڳل آھي ۽ انسان جي روحاني سفر ۾ ڏاڍائين، ڏکن ۽ لالچ وغيره جا جيڪي مرحلا اچن ٿا انھن مان لنگھي پارپون جي تمثيل آھي. وڏو ادب ھميشھ گھڻ- پاسائون ھوندو آھي ۽ ھر دور جا ماڻھو پنھنجن سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتن مطابق ان جي تشريح ڪندا آھن. اھو ادب ئي زنده رھي سگھندو آھي. جيڪو ايندڙ دور جي مسئلن جو حوالو ۽ نون سوالن جا جواب ھوندو آھي. جنھن ادب ۾ اھا ڳالھھ نھ ھوندي آھي اھو لئبريرن ۾ دفن ٿي ويندو آھي. اڄڪلھھ جي دور ۾ مارئيءَ جي ڪردار جي ايئن بھ تشريح ڪئي ٿي وڃي تھ مارئي سنڌ آھي، جنھن کي اغوا ڪري باندي بڻايو ويو آھي. اھا سنڌ آھي جيڪا مارئيءَ جي روپ ۾ پنھنجا ڏک ڏولاوا ٿي بيان ڪري.

سر ڪاموڏ کان پوءِ ھن سر ۾ شاھھ مفلس ۽ نادار مارن جي زندگيءَ کي نھايت ڀرپور انداز سان پيش ڪيو آھي. سر ڪاموڏ ۾ مھاڻن جي زندگيءَ جو رخ بدصورتي وارو ھو پر سر مارئي ۾ شاھھ ھنن جي مفلسي ۽ ناداريءَ ۾ گذرندڙ زندگيءَ کي روحانيت جو رنگ ڏيئي آدرشي ڪري پيش ڪيو آھي. ھنن جي زندگيءَ جا عڪس ڪڏھن شاھھ پاڻ ٿو چٽي تھ ڪڏھن وري مارئيءَ جي واتان بيان ٿو ڪرائي. ائين ٿو لڳي تھ ڪلن جي اڄوڪي ڪلچر کان اڳ زرعي ڪلچر واري دور ۾ بھ شھري زندگي، نفعي، ڏيتي ليتي، خود غرضي ۽ لالچ واري ھئي جو شاھھ ٿر جي مارن کي فطرت جا فرزند ۽ مثالي انسان ڪري پيش ڪيو آھي. ٿر ۾ ھنن جي زندگي گذارڻ جي انداز کي ڏسي ائين ٿو لڳي ڄڻ ٿر فطرت پرست انارڪسٽن جي خوابن جي سرزمين آھي. ھنن جي سماج ۾ ڪنھن وٽ ڪا ذاتي ملڪيت ڪانھي. ڪو حاڪم ڪو محڪوم ڪونھي. ڪو محصول ڪونھي. ذاتي ملڪيت نھ ھجڻ جي ڪري فصل کي لوڙھي ڏيڻ ۽ ان جي رکوالي ڪرڻ جي ضرورت ڪانھي.

پاڻھي پچي پيئيون، ريءَ واھيت، ريءَ واڙ،

جوءِ ڪشادي جيڏيين، ملير موڪ مھاڙ،

اتي اباڻا جنھن جا، سا ماڙيءَ مور نھ چاڙه،

جي اڪنڊيون آ راڙ، لوه تنين کي لاھئين.

ھر ڪو پنھنجي ضرورت آھر پوک ڪري ٿو يا جھنگ مان ميوو ۽ ڀاڄيون پٽي آڻي پنھنجون ضرورتون پوريون ڪري ٿو:

نھ ڪا جھل نھ پل، نھ ڪو رائڙ ڏيھھ ۾،

آڻيو وجھن آھرين، روڙيو رتا گل،

مارو پاڻ امل، مليرون مــرڪڻو.

ان حالت کي جنھن ۾ ماڻھو سڌو سنئون جھنگ مان ميوا ۽ ڀاڄيون پٽي کائي، شاھھ ويڙن سين واپار ٿو چئي:

تن وھين ويڙيچن ۾، سدائين سڪار،

چونڊيو، آڻيو چاڙھين، سندو ڏؤنرن ڏار،

جن جو ويڙن سين واپار، سي ڏوٿي ھون نھ ڏٻرا.

افلاطون طبقاتي سماج جو وڏو علمبردار ھو ۽ اھڙي سماج واري جمھوريت جو تصور پيش ڪيائين جنھن جو حاڪم فلاسفرن جو طبقو ھو. يونان جي ٻئي فلاسفر Zeno جيڪو ٽين صدي قبل مسيح ۾ پئدا ٿيو ھو، تنھن افلاطون جي جمھوريت جي مخالفت ڪئي ۽ ھن رياست ۽ رياستي ادارن ۽ قانون کان انڪار ڪيو. چيائين تھ جيڪڏھن ماڻھوءَ کي پنھنجن جبلتن مطابق زندگي گذارڻ جو موقعو ڏجي تھ پوءِ پوليس، جيل، عدالت، عبادتگاھن ۽ فوج جي ضرورت ئي ڪانھ رھندي. انارڪسٽ رياست ۽ گرجا جي خلاف ھئا ۽ چيائون ٿي تھ رياست ماڻھوءَ جي جسم کي زنجيرن ۾ جڪڙيو آھي جڏھن تھ گرجا ھن جو روح کي قيد ڪري ھن کان ھن جي روح جي آزادي ۽ اظھار جي قوت کسي ڇڏي آھي. شاھھ جي مارن جي زندگيءَ ۾ بھ ڪٿي بھ مذھب جو حوالو نھ ٿو ملي جو مارن لاءِ سارو جھان مسجد آھي ۽ ھو پاڻ اھڙا ئي نيڪ انسان آھن جنھن جو مذھب تصور پيش ڪيو آھي.

ھن سر ۾ ايڏي تھ وسعت، ھمھ گيري ۽ بلندي آھي ۽ ھن جي مرڪزي خيال ايڏو تھ شان شوڪت ۽ عظمت وارو آھي جو اسين ھن سر کي Epic چئي سگھون ٿا. انسان جي جنگجوئيءَ جو ايپڪ نھ پر انسان جي عظمت جو ايپڪ!

 

رند پروڙين راز

 

شاھھ جي سر ڪيڏارو جي باري ۾ شاھھ شناسن ۾ وڏو اختلاف آھي. ھڪڙن جو چوڻ آھي تھ ھي سر شاھھ جو نھ آھي ۽ جيئن ٻيا ڌاريا سر شاھھ جي رسالي ۾ شامل ٿي ويا آھن ايئن ھي سر بھ شامل ٿي ويو آھي. علامھ آءِ آءِ قاضي ٽھ رسالو ترتيب ڏيندي ھن سر کي رسالي ۾ شامل ئي ڪونھ ڪيو. ٻين جو چوڻ آھي تھ ھي سر شاھھ جو آھي. ھن سر کي شاھھ جو سر نھ مڃڻ ۽ مڃڻ وارن وٽ پنھنجي پنھنجي راءِ لاءِ ڪي بھ دليل ڪونھن ان ڪري چئي نٿو سگھجي تھ انھن مان ڪنھن جي راءِ صحيح آھي ۽ ڪنھن جي راءِ صحيح ناھي.

منھنجي خيال ۾ شاھھ جي ڪنھن بھ سر کي جاچڻ لاءِ تھ اھو سر شاھھ جو آھي يا نھ ان سر جي بيتن ۾ ئي دليل ۽ شاھدي ڳولھڻ گھرجي جو شاھھ جا بيت پاڻ پنھنجو دليل ھوندا آھن ۽ ان ڳالھھ جي شاھدي ڏيندا آھن تھ ھي بيت شاھھ جا آھن ۽ شاھھ کان سواءِ ٻيو ڪوبھ ھھڙا بيت چئي نٿو سگھي ۽ پوءِ ان شاھديءَ جي بنياد تي نتيجو ڪڍڻ گھرجي تھ انھن بيتن وارو سر شاھھ جو آھي يا نھ. مان سر ڪيڏارو جي بيتن جي شاھديءَ تي مان چئي سگھان ٿو تھ ڪن ٿورن بيتن ۽ ھڪ ٻن وائين کان سواءِ سر ڪيڏارو جا سمورا بيت شاھھ جا آھن ۽ اھڙا بيت نھ ماضيءَ ۾ ڪو شاعر لکي سگھيو آھي، نھ حال ۾ ڪو لکي سگھيو آھي ۽ نھ مستقبل ۾ ڪو لکي سگھندو. ان بنياد تي مان چئي سگھان ٿو تھ سر ڪيڏارو شاھھ جو ئي سر آھي.

شاھھ ھڪ وڏي منفرد انداز ۽ اسٽائيل وارو شاعر آھي. ھن جو ھڪڙو انداز ھي آھي تھ ھر سلسليوار ڪنھن بھ قصي يا واقعي کي تسلسل سان بيان ڪرڻ جي بدران ان جا تصوراتي عڪس Images چٽيندو آھي. جيڪي ظاھريءَ طرح بي ربط لڳندا آھن پر انھن ۾ اندريون ربط ھوندو آھي ۽ ھو انھن عڪسن جا Montes ٺاھي ان قصي يا واقعي جي تصوير چٽيندو آھي. مثال ڪربلا جي ميدان ۾ جنگ جو نقشو شاھھ ھيئن ٿو عڪسن ۾ چٽي:

ڏٺو ڪالھھ ڪنھين، جھونجھارڪو جھڳڙو،

ھاٿِين ھڏ مڇائيا، ريلو رت نئين،

ڀانئن سا سنئين، جِتان جيءَ جوکو ٿئي.

--

ڪاري ڪڪر ھيٺ، مون جھيڙيندي ڇڏيا،

ڪارا ڪنڌ ھٿن ۾، اڙل وڇيڙا ھيٺِ

ٿي تنين سين ڏيٺِ، موٽڻ جنين ميھڻو.

--

آيا، اجارين، تنڪ، تراريون، تئرا،

سانگيون سائن ھٿ ۾، ڪلھنئون نھ لاھين،

اڀائي آھين، مھائي مرڻ تي.

ھر ھڻن ٿا، ھاڪارين ٿا، تراريون ٿيون ترارن سان ٽڪرائجن، ڌڙ تا ڌڙن تي ڪرن، ڪنڌ ٿا نچن، رڻ ٿو ڳجھي ۽ راڙو ٿو ٿئي.... ايئن شاھھ جنگ جي انھن عڪسن جي مانٽيجز سان جنگ جو نقشو چٽيو آھي ۽ اھو شاھھ جوئي انداز آھي.

مان سر ڪيڏارو کي ڪلاسيڪي راڳ ڪيڏارا ۽ ڪيڏارو لفظ کي ڪيڏارا جو سنڌيءَ اچار سمجھندو ھيس. راڳ ڪيڏارا ڪلاسيڪي راڳن ۾ عشق، محبت ۽ خوشيءَ جو راڳ آھي. ڪيدار ھندو ديومالا جي ديوتا شو جو نالو آھي جنھن سان ڪيترئي راڳ منسوب آھن. شيو ديوتا بنياديءَ طرح مھن جي دڙي جو دراوڙي ديوتا آھي ان ڪري چئي سگھجي ٿو تھ شيو سان منسوب سڀئي ڪلاسيڪي راڳ اصل سنڌي راڳ آھن. پر مون کي ھڪڙي ڳالھھ سمجھھ ۾ نھ ٿي آئي تھ راڳ ڪيڏارا تھ عشق، محبت ۽ خوشيءَ جو راڳ آھي پوءِ سنڌي ڪيڏارو اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن ڪربلاجي قضيي جي باري ۾ ڇو لکيو آھي ۽ سنڌي ڪيڏاري جو مزاج مرثيي ۽ نوحي کان وڌيڪ جنگجوئاڻو ۽ رزم وارو ھوندو آھي. خليفي نبي بخش ان روايت کان ھٽي کرڙيءَ جي جنگ جو ڪيڏارو لکيو ۽ ورھاڱي کان پوءِ سنڌي قومپرستيءَ جي تحريڪ جي اوسر ۽ عروج جي دور ۾ سنڌي شاعرن قومپرستن جي آزاديءَ جي جدوجھد جا ڪيڏارا لکيا. خود شاھھ جو سر ڪيڏارو بھ نوحھ گريءَ کان وڌيڪ جنگجوئيءَ وارو سر آھي. جنھن ۾ امامن تي ٿيل سختيءَ کان وڌيڪ اھل بيت جي سورھيائي ۽ بھادري بيان ڪيل آھي. اھل بيت مديني مان نڪري ڪربلا ۾ خيما کوڙي پنھنجن مصري تلوارن سان ڪافرن کي ڪنبائي ٿا ڇڏين:

ڪامل ڪربلا ۾، اھل بيت آئيا،

ماري مصرين سين، تن ڪافر ڪنبايا،

سچ ڪھ بيبيءَ ڄايا، ھھڙا سوره سپرين؟

--

ڪامل ڪربلا ۾، آيا سيد شير،

ماري مصرين سين، ڍونڍ ڪيائون ڍير

دھليا اتِ دلير، پسي حملو مير حسين جو.

۽ پوءِ امام حسين ٿو پڙ ۾ لھي:

پاؤنگ آيو پِڙ ۾، ھڻي ھزارين ھول،

جوھر ۽ جواھر سين، ڪامل سر ڪنگول،

رتو رت رتول، مولھيو مير حسين جو.

--

ڪربلا ڪڪوري، دلدل رتا پير،

سٽون ڏيندي شير، مٿان سڄ مرڪيو.

--

چار ترارون چيلھھ سين، ٻڌي ٻھ پاڳون،

اڳين جون آڳون، ڪؤنر ڪليءَ م موکيون.

--

ڪربلا جي پِڙ مان جڏھن پِره جو پکي پيغام کڻي ٿو اچي ۽ رسول پاڪ ' جي روضي تي ھاڪ ٿو ھڻين تھ انھن بيتن جو مزاج بھ ماتمي نھ پر رزميھ آھي:

پِره پکي آئيو، ڪربلا مان ڪھي،

روضي پاڪ رسول ' جي، تنھن ھلي ھاڪ ھنئين،

ڏٺيم رڪ رئي، چڙه مير محمد عربي.

--

پره پکي آئيو، صبح سوارو

روضي پاڪ رسول ' جي، ھنيائين ھاڪارو،

مانھين ڪيو مارو، چڙھھ مير محمد عربي.

ان مان معلوم ٿو ٿئي تھ سنڌي ڪيڏارو ڪلاسيڪي راڳ ڪيڏارا ناھي پر جنگ جو ڪو مقامي سنڌي سر آھي. شاھھ خود لفظ ڪيڏارو جنگ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آھي:

ڳجھڙين ڳارو، راتو ڏينھان رڻ ۾،

ڀڻيو جن پاڻ ۾، ڪنھن منھن ڪيڏارو،

کائن کڳمارو، ڪانئر پيو ڪنو ٿئي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنھنجي ڪتاب سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ ۾ لکيو آھي تھ ڪيڏارو عربي لفظ ڪيد مان نڪتل آھي جنھن جي معنيٰ جنگ آھي ۽ اصطلاحي طور سنڌيءَ ۾ ڪيڏارو جنگ ۽ جنگ جي سر جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آھي.

ھن سر ۾ شاھھ سورھن جي سورھيائي بيان ڪرڻ سان گڏ سورھيائيءَ جو پنھنجو انوکو تصور پيش ڪيو آھي. شاھھ جي خيال ۾ سورھن جي ڀيٽ ۾ ڪانئر جي حالت اھا ٿيندي آھي جو ميدان ۾ مرڻ کان پوءِ ڳجھون بھ سندس ماس نھ کائينديون آھن. ھن جو لاش ميدان ۾ ڪنو پيو ٿيندو آھي ۽ ڳجھون ان جي ويجھو نھ وينديون آھن، ھو نھ ڪانئر جو ماس ٿيون کائن ۽ نھ ئي ڳئون يا مينھن جو ڍونڍ کائڻ جون عادي آھن. ھو انھن جو ماس کائڻ لاءِ واجھائينديون آھن.

جن جي ڪاپار م ڪلنگيون ھونديون آھن (ڪلنگيون جن ڪاپار ۾) ۽ جيڪي کڳ مار يعني تلوار سان مارو ڪرڻ وارا ھوندا آھن. ۽ پوءِ شاھھ ھو سورھھ کي مخاطب ٿي چوي ٿو تھ ڳجھن کي ڪنھن سورھھ جو ماس کائڻ جي آسري ۾ ويٺي وره ٿي ويا آھن ھاڻي سورھن جي جنگ لڳي آھي ۽ وڃ وڃي جنگ ۾ ڳجھن جو ڳاه ٿي:

ڳجھڙين ڳارو، راتو ڏينھان رڻ ۾،

ڀڻيو پڇن پاڻ ۾، ڪنھن منھن ڪيڏارو،

کائن کڳ مارو، ڪانئر پيو ڪنو ٿئي.

--

ڳاؤ ڳجھھ نھ کاءِ، ميھي ماس نھ ھيرئين،

تنين لئھ واجھاءِ، ڪلنگيون جن ڪاپار ۾.

--

ڳجھن ويٺي ڳاڙيا، ڏجھا ڏک گھڻا،

تنگي لئن توڻي، سوره ساماڻا،

ڪندا را ماڻا، ڪؤنر ڪليءَ جا ڪوڏيا.

--

ڪؤنر ڪليءَ جا ڪوڏيا، جانڪي تائين جِي،

مٿان آڙن اسري، رڪ پيالو پِي،

ڳاه ڳجھن جو ٿِي، ويٺي جن وره ٿيا.

 

شاھھ جو بھادريءَ جو ٻيو تصور اھو آھي تھ جنگ ۾ جيڪو زره ٿو پائي ان کي سرويچ چئي نٿو سگھجي جو ھن کي ساھھ پيارو آھي. سورھھ رڳو اھو ٿو چورائي سگھي جيڪو رڳو ئي رڻ گھري ۽ پوءِ سوره کي زره پائڻ جھڙا وھم ۽ آڏي ڍال نھ ڍارڻ جي صلاح ٿو ڏي:

ڪليءَ وير ڪٽڪ ۾، پاکر جو پائي،

اڃا ان کي جئڻ جو، آسانگو آھي،

سوره سو چائي، جو رڳوئي رڻ گھري.

--

سوره! مرين سوڀ کي، تھ دل جا وھم وسار،

ھڻ ڀالا، وڙه ڀاڪرين، آڏي ڍال م ڍار،

مٿان تيغ ترار، مار تھ متارو ٿئين.

رزميھ شاعريءَ جي ھڪڙي روايت اھا بھ آھي تھ وني پنھنجي محبوب ور کي جنگ ۾ وڃڻ ۽ وڙھي سر ڏيڻ لاءِ اتساھيندي آھي. سندس ور ھوندو تھ بھادر آھي پر پنھنجي ونيءَ جي محبت ۾ اھڙو گرفتار ٿي ويندو آھي جو ھن جي زلفن جا زنجير کيس جڪڙي ڇڏيندا آھن. اھڙي ئي ھڪڙي راجار جو قصو مشھور آھي تھ ھن کي پنھنجي زال سان ڏاڍو پيار ھو ۽ جڏھن جنگ لڳي تھ ھو زال جي محبت جي ڪري ميدان ۾ لھڻ کان نٽائڻ لڳو. اھا ھن جي زال لاءِ وڏي شرمساريءَ جي ڳالھھ ھئي. ھن جي سڀني سرتين جا ور سر تريءَ تي رکي وڙھڻ لاءِ ٿي ويا پر ھن جو ور ُ گھران نٿي نڪتو. ھن پنھنجي ور کي گھڻو ئي سمجھايو پر ھن تي ڪو اثر نھ ٿيو. مڙس جي اھا حالت ڏسي ھوءَ محل ۾ اندر وئي ۽ ٿوري دير کان پوءِ محل جون ٻانھيون ھڪڙو طشت کڻي آيون جنھن ۾ ھن جي زال جي چنيءَ سان ڍڪيل سندس لاءِ ڪا سوکڙي ھئي. ھن چني ھٽائي تھ طشت ۾ سندس زال جي وڍيل سسي رکي ھئي. ھن جي زال ھن ڏانھن پنھنجي سسي موڪلي کيس پيغام ڏنو ھو تھ جنھن زال جي پيار جي ڪري ميدان ۾ نٿي لھين ۽ ڪانئر ھجڻ جو مھڻو کڻي پنھنجي زال کي سندس سرتين ۾ ٿو لڄائين اھا دنيا ۾ ڪانھ رھي آھي. ھاڻي تھ وڙھي سورھن وانگر سر ڏيئي پنھنجي زال جو منھن مٿاھون ڪر .... ان قصي جو اھو ڪردار اسان کي شاھھ جي ھن سر ۾ ونيءَ جي ڪردار جي شڪل ۾ نظر اچي ٿو جيڪا ڄڻء۾  پنھنجي ور جي منھن ۾ گھاو ڏسڻ ٿي گھري، جن کي سيڪيندي ھوءَ سھڻي لڳي ۽ جي کيس پٺيءَ ۾ گھاو ھوندا تھ شرم ۾ مري ويندي:

ڀڳو آئون نھ چوان، ماريو تھ وسھان،

ڪانڌ منھن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونھان،

تھ پڻ لڄ مران، جي ھونس پٺِ ۾.

جيڪي جوڌا جنگ ۾ مرن ٿا انھن جون ونيون منھن مٿاھان ڪري ٿيون پٽن ۽ پار ڪڍن جو ھنن جي ورن جنگ ۾ وڙھندي مري، ھنن جا منھن مٿاھان ڪيا ۽ کين اجاري اڇو ڪري ڇڏيو:

منھن مٿاھان جن جا، سي پٽيو ڪڍن پار،

جيڏيون! ھن جھونجھار، اجاري سڀ اڇا ڪيا.

ونيون جيڪي ورن جي حياتيءَ جون دعائون گھرنديون آھن اڄ ورن جي جنگ ۾ وڙھي مرڻ جون دعائون ٿيون گھرن جو ماڻھوءَ جي حياتي ٿوري آھي پر بزدليءَ جا مھڻا ماڻھوءَ جي مرڻ کان پوءِ بھ ملندا ٿا رھن:

مر ُ مرين، آئون رئان، موٽي ڪانڌ م آءُ،

مڇڻ تو پناءُ، ڪچا ڪينم جيڏيون.

--

مر ُ مرين، آئون رئان، موٽي آءُ م ڪانڌ!

ڪچن وڏا پاند، جيئڻ ٿورا ڏينھڙا.

شاھھ لاءِ اھي ماڻھو جيڪي ڪنھن مقصد لاءِ وڙھي ٿا مرن ۽ سوريءَ تي ٿا چڙھن اھي ڄڻ تھ گھوٽ ٿي سيج تي ٿا ويھن. ھن بيت ۾ وني پنھنجي ور کي گھوٽ وارو ويس ڪري اتي وک وڌائڻ لاءِ ٿي چئي جتي وڙھندي مرڻ ڄڻ تھ گھوٽ جو نوڌين چڙھڻ آھي.

ڪانڌ ُ! ڪلارين ڪپڙين، ور! وناھيو آءُ،

جِتِ سانگين جي سٽِ وھي، ات وک وڌندي پا،

تان تان ڀؤ م پاء، جان جان نوڌين نھ چڙھين.

ھي تھ لوڪ لڄا جي ڪري ٿيون پنھنجن ورن جي مرڻ جون ڳالھيون ڪن پر جڏھن ھنن جي ورن جا لاش جھولين ۾ جھلندا ٿا اچن تڏھن ٻھار جا ٻڪ وجھي واڪا ڪيو ٿيون پار ڪڍن:

جھمنديون اچن، جھوليون جھونجھارن جون،

پاٻو ٻڪ ٻھار جا، ان جون وھون واڪا ڪن،

پٽين پار ڪڍن، رڻ گجيو ٻاڙو ٿيو.

جنگ ختم ٿي، سوره شھيد ٿيا. پِڙ ۾ ھڪڙو لاش پيو آھي:

ڏاڙھي رت رتياس، ڏند تھ ڏاڙھونءَ گل جئن،

چوڏھينءَ ماه چنڊ جئن، پِڙ ۾ ياڳڙياس،

ميڙي ۾ محمد جي، مر ُ مرڪي ماس،

تنھن سوره کي شاباس، جو مٿي پِڙ پرزا ٿئي.

لاش جا ڏاڙھونءَ گل جھڙا ڏند، رت رتل ڏاڙھي ۽ چوڏھينءَ جي چنڊ جئن پڙ ۾ پيل سندس دستار ڏسي سارو وجود ڌڏي ٿو وڃي ۽ سراپا سوال بڻجي ٿو پوي تھ زندگيءَ ۾ آخر ھھڙو ظلم ۽ انڌير ھھڙي ڏاڍي ۽ ناانصافي ڇو آھي. نيڪ ۽ اعليٰ انسانن لاءِ ھيڏا ايذاءَ ڇو آھن. ننڍي لاءِ کان ماڻھو ٻڌندو ۽ پڙھندو ٿو اچي تھ نيڪيءَ جو ڦل ٿو ملي. بدي ڪيڏي بھ طاقتور ڇو نھ ھجي نيڪيءَ کي شڪست ڏيئي نٿي سگھي. پر پوءِ جڏھن ھو نيڪيءَ کي ايئن رت ۾ ريٽو ۽ پِڙ ۾ پرزا ٿيل ۽ بديءَ کي فتحياب ٿيندو ٿو ڏسي تڏھن ھن جا نيڪيءَ جي باري ۾ سارا تصور ٽٽي ٿا پون ۽ زندگي سورن ۽ ايذائن جو اسرار بڻجي ھن جي سامھون ٿي اچي بيھي. انگريزي شاعر Wordsworth چيو ھو تھ زندگيءَ جا سور سمجھھ ۾ نھ ايندڙ آھن اونداھا اھو ۽ ڪڏھن بھ ختم نھ ٿيندر آھن. شايد اھائي زندگيءَ جي سورن ۽ ايذائن جي تشريح آھي! شاھھ وٽ ان ساري صورتحال جو جواز آھي تھ:

ھئي اِي تقدير، امامن جي اڳھين

خدا جي پرواه بي نياز آھي ۽ خدا جي محبت جو انداز اھو آھي جو:

دوست ڪھائي دادلا، محب مارائي،

خاص خليلن کي، سختيون سھائي،

الله الصمد بي نياز، سا ڪري، جا چاھي،

انھين منجھھ آھي، ڪا اونھي ڳالھھ اسرار جي.

دادلن دوستن کي ڪھائڻ، محبن کي مارائڻ ۽ خاص خليلن کي سختيون سھائڻ واري ان خدائي صفت جي حوالي سان شاھھ شھادت جي سختيءَ کي شاديءَ جو ڏينھن نسورو ئي نينھن مڙوئي ملار، نسور وئي ناز ۽ مرگ آھي نينھن ٿو چئي:

سختي شھادت جي، سڻ شاديءَ جو ڏينھن،

ذرو ناه يزيد کي، نسورو ئي نينھن،

مرگ آھي مينھن، عليءَ جي اولاد کي.

--

سختي شھادت جي، مڙوئي ملار،

ذرو ناه يزيد کي، اي عشق جو آثار ُ،

ڪسڻ جو قرار، اصل امامن سين.

--

سختي شھادت جي، ملار ُ مڙوئي،

ذرو ناه يزيد کي، آثار اھو ئي،

ڪسڻ ھو ڪوئي، اصل امامن سين.

--

سختي شھادت جي، نسورو ئي ناز،

رند پروڙين راز، قضيي ڪربلا جو.

جيڪڏھن شاھھ جي ھھڙي انسانيت سوز قضيھ جي مٿين تشريح Interpretetion  مڃون تھ پوءِ ان واقعي لاءِ ماتم ڪرڻ بھ ڄڻ تھ خدا جي دوستن ۽ دادلن کي ڪھائڻ، محبن کي مارائڻ ۽ خاص خليلن کي سختيون سھائڻ واري صفت ۽ خدا جي محبت جي اظھار جي ان انداز جي خلاف ڄڻ تھ احتجاج آھي. پر شاھھ پاڻ ماتم ڪرڻ جي ڳالھھ ٿو ڪري:

اڄ نھ  آيو امام، واويلا! مومنا! ماتاما! واويلا!

--

ماتام امامن جو ڪريو، ماتام شھيدن جو ڪريو،

روئي روئي اکيون، رت سين ڇو نھ ڀريو.

منھنجي آڏو ڪربلا جي قضيي جي رڳو ھڪڙي تشريح آھي ۽ اھا اِھا آھي تھ نيڪي ۽ بديءَ جي جنگ ازل کان جاري آھي ۽ ابد تائين رھندي. اھو نيڪيءَ جي فطرت آھي تھ اھا بديءَ سان وڙھي ۽ اِمام سڳوري جي شھادت جي صورت ۾ مثال قائم ڪري. اھڙن مثالن جي ڪري ئي انسان تڪميل حاصل ڪندو ان اعليٰ انسان ٿيڻ واري منزل ڏانھن وڌندو ٿو وڃي جنھن لاءِ ول ڊيورينٽ چيو آھي تھ اھو  اعليٰ انسان اسان جي اونداھن روحن مان پئدا ٿيندو، اسان تھذيب جو خام مال آھيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com